; سنڌي شخصيتون: مخدوم بلاول

10 August, 2013

مخدوم بلاول

شهيد مخدوم بلاول رحه

سنڌ جو نامور عالم ۽ درويش

صوفي جي ايم ڪانڌڙو



هر دور ۾ حق پرستن تي امتحان ۽ آزمائشون اينديون رهنديون آهن، حق ۽ باطل جي پرک ڪا ڏکي ڳالهه نه آهي پر لالچ انسان کي اهڙو ته انڌو بنائي ڇڏي ٿي جو هن کي نه دين جي خبر رهي ٿي نه ڌرم جي، نه چڱي جي نه ئي بري جي تميز رهي ٿي. تاريخون پڙهي ڏسبيون ته هر دور ۾ علماءِ سوءِ دين جو غلط استعمال ڪندي، ڪيترن نيڪ دل درويشن تي واجب القتل جون فتوائون جاري ڪيون ۽ اهي حق جا راهي شريعت محمدي جو پاس رکندي جام شهادت نوش ڪندا ويا، منصور، شمس، تبريزي، شاهه عنايت شهيد ۽ مخدوم بلاول رحه اهڙين سازشن جو نشانو بنيا. مخدوم بلاول رحه جي زندگي تي هڪ نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن بزرگ جو خون ناحق وهايو ويو هو. 


مخدم بلاول ذات جو سمون هو سندس والد جو نالو مخدوم حسن هو. مخدوم بلاول دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ ٽلٽي ۾ ۴ ربيع الال ۸۵۶ هه مطابق ۱۶ جون ۱۴۵۱ع تي پيدا ٿيو. مخدوم بلاول جو ڏاڏو مخدوم محمد ادريس سمون لس ٻيلي جو حاڪم هو، مخدوم بلاول بادشاهي ماحول ۾ نپجڻ جي باوجود سادو هو، دنياوي معاملن ڏانهن سندس توجهه گهٽ رهندي هئي، ديني تعليم ۽ عبادت جو شوق گهڻو هوندو هيس. شروعاتي تعليم سيد شهاب الدين شاهه جي مدرسي ۾ سيد نور حسين شاهه بخاري وٽ حاصل ڪيائين، جنهن ۾ ناظره قرآن ۽ فقهه جا ڪتاب پڙهڻ سان گڏ عربي، فارسي، علم جي تعليم حاصل ڪيائين، سندس ذهانت جي ڪري مخدوم بلاول ڪافي ڪتاب بر زبان ياد ڪري ويو ان ڪري سندس استاد ۽ سمورا طالب علم کيس عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسندا هئا. پاڻ جڏهن وڏو ٿيو ته ڪورڪو ڪم اختيار ڪيائين ان زماني ۾ انهيءَ ڪم جو وڏو قدر هو، خدا جو سڀ ڪجهه هوندي به هڏن جي پورهئي کي ترجيح ڏنائين ۽ پنهنجي ڪورڪي پورهئي مان گذان ڪندو هو. انهيءَ نيڪ ڪرت کي ڀلاري ڀٽ ڌڻي به ساراهيو آهي. ”هلو هلو ڪورئين نازڪ جن جو نينهن“ مخدوم صاحب جا وڏا اصل ٺٽي جا رهواسي هئا پر پوءِ باغبان لڳ سيوهڻ ۾ اچي رهيا، ان وقت مخدوم دانيال نالي هڪ الله لوڪ درويش باغبان ۾ رهندو هو، مخدوم دانيال مخدوم صاحب جي صحبت ۾ گهڻو ايندو هو ۽ مخدوم جو معتقد بڻجي چڪو هو، هڪ ڏينهن مخدوم صاحب پنهنجي ڪم ۾ مشغول هيو ۽ مخدوم دانيال به سندس ڀرسان ويٺو هو ته سيد حيدر شاهه نالي هڪ سائل قافلي سميت اچي نڪتو. مخدوم صاحب آڏاڻي مان نڪري سندس استقبال ڪيو ۽ مخدوم دانيال کي مهمانن جي رهائش لاءِ الڳ جاءِ ٺاهڻ جو حڪم ڪيو ۽ مهمانن کي رهڻ لاءِ ۽ رهائش گاهه تي وٺي ويو. کاڌي جو به انتظام ڪيائون، مخدوم صاحب ٻه وڏيون ديڳون تيار ڪرائي کڻائي آيو، هڪ ۾ طاهري ۽ ٻي ۾ ڪڻڪ جو ڏارو هيو. چون ٿا ته جن طاهري کاڌي انهن جي قسمت ۾ به خدا پرستي ۽ دنياداري لکجي وئي ۽ جن ڏارو کاڌو تن کي ڪماليت ۽ بزرگي حاصل ٿي. ان وقت مخدوم دانيال شيخ ڀرڪڻ ۽ حيدر شاهه ڏارو کاڌو ۽ صاحب ڪرامت بڻجي ويا. اها خبر ٺٽي جي ميران محمد جونپوري کي پئي، سو ساڙ وچان اچي مخدوم صاحب جي خلاف ڳالهائڻ لڳو، آخر مخدوم صاحب سان ملاقات ڪرڻ جي خيال سان درياهي سفر ڪيائين ۽ ٻيڙي تي چڙهي روانو ٿيو. ٻيڙي تي رهندو عبادت جي ناز تي هيئن چوندي ٿي آيو اي بزرگو منهنجي ٻيڙي جي رسي ڇڪيندا هلو. اهو ٻڌي هر بزرگ پنهنجي حد ۾ رسي ڇڪي کيس اڳڀرو ڪندا آيا، سن وٽ حيدر شاهه جي حد هئي ۽ مخدوم صاحب جو مريد هيو ان رسي ڇڪڻ گوارا نه ڪئي، ان تي ڪاوڙ مان ميران محمد جونپوري لهي اڳتي وڌيو ته شاهه حيدر هڪ جتي جو پادر لاهي ٻيڙي ۾ اڇلايو ۽ چيائين هي منهنجي پير جو جوتو آهي جي ٻيڙي ۾ اونڌو پيو ته اوهان غرق ٿي ويندو ۽ سنئون پيو ته ٻيڙي غرق ٿي ويندي ان تي ميران محمد واپس موٽي آيو. هاڻي ميران محمد پڪو ارادو ڪيو  ته مخدوم بلاول کي مارائي ڇڏجي. ٺٽي جا حڪمران ميران محمد جي اثر ۾ هيا ان کان اڳ هڪ تاريخي تذڪرو هن ريت آهي ته ڄام فيروز جي زماني ۾ ۹۱۴هه ۽ ۹۲۷هه ۾ جڏهن مرزا شاهه بيگ ارغون ۹۲۸، ۹۲۷هه سنڌ تي ڪاهه دوران باغبان وٽان لنگهائو ٿيو ته مخدوم بلاول رحه ۽ سندس مريدن قومي غيرت وچان مٿس حملو ڪيو پر شاهه بيگ سر بچائي ڀڄي ويو ۽ ٺٽي ۾ وڃي ڄام فيروز کان هڪ معاهدي تحت سيوهڻ جو علائقو هٿ ڪيو ۽ ٽلٽي ويجهو اچي سرندي وارن ماڻهن کي سڏائي پنهنجي بيعت وٺڻ شروع ڪيائين. ماڻهن بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪن ماڻهن شاهه بيگ کي ٻڌايو ته مخدوم بلاول ماڻهن کي منع ڪري رهيو آهي شايد اهي سبب آهن جن جي ڪري مخدوم صاحب تي مختلف الزام لڳايا ويا ۽ هڪ موچي کان جتي تيار ڪرائي وئي جنهن ۾ پاڪ ورق اندر رکيا ويا ۽ اها جتي مخدوم صاحب کي نذراني طور ڏني وئي پر مخدوم صاحب اها جتي پيرن ۾ ڪڏهن به نه پاتي هئي آخر ڪوڙا گواهه ڪري مخدوم صاحب تي الزام هنيو ويو ۽ عالمن کان بي حرمتي جي ڏوهه ۾ موت جي سزا جي فتويٰ صادر ڪرائي وئي ۽ کيس گهاڻي ۾ پيڙائڻ جو حڪم ڏنو ويو. مخدوم صاحب کي وقت جي قاضي صفائي ۾ ڪجهه چوڻ لاءِ چيو ته مخدوم صاحب چيو ته مان ڪجهه چوڻ نه ٿو چاهيان ۽ رضا الاهي تي راضي آهيان ان بعد جسم کي لوهي گهاڻي ۾ پيرن کان وٺي پيڙهي ڪباب مثل ڪيو ويو. سندس مريدن ۽ معتقدن سندس خون ۽ گوشت کي هڪ مٽي ۾ وجهي موجوده جاءِ تي دفن ڪيو. اها شهادت تاريخ پهرين محروم ۹۲۹هه تي ٿي. شهيد مخدوم بلاول امر بڻجي ويو ۽ دشمن نيست و نابود ٿي ويا. مخدوم جي اڄ به روحاني حڪمراني قائم ۽ دائم آهي ۽ ماهه پهريون جمعو احترام سان ملهايو ويندو آهي. هڪ روايت آهي جڏهن مخدوم بلاول رحه کي شهيد ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي ۽ موچي کي اهڙي جُتي تيار ڪرڻ لاءِ چيو ويو جنهن ۾ پاڪ ورق رکيا ويا هئا اهو ڪمبخت موچي جڏهن جتي کڻي مخدوم صاحب جن کي تحفي ۾ ڏيڻ لاءِ اچي رهيو هو ته مخدوم صاحب اٿي ان جو استقبال ڪيو. ماڻهن ڏٺو ته هڪ موچي اچي رهيو هو ان جي هٿ ۾ جتي هئي. اها سائين جن کي پيش ڪئي. مخدوم صاحب جن ان موچي کي اوزار کڻي اچڻ جو چيو. موچي اوزار کڻي آيو. مخدوم صاحب جن انهن اوزارن کي غسل ڏيڻ لاءِ چيو. اوزار پاڻي سان پاڪ ڪيا ويا ۽ ان جتي کي کولرائي ورق ڪڍيا ويا ۽ ان چمڙي مان ٽوپي ٺهرائي وئي جيڪا مخدوم صاحب جن مخدوم ساهڙ جيڪو سندس خليفن مان هيو ان کي ڏني. هن واقعي کان اڳ ڪجهه ملان مخدوم صاحب وٽ آيا ته جيڪو شخص پاڪ ورق جتي ۾ رکي ۽ جتي پائي ته ان کي ڪهڙي سزا ڏجي. مخدوم صاحب جن فرمايو ته اهڙي گستاخ کي لوهي گهاڻي ۾ پيڙهائجي. ملن اصرار ڪيو ته اها فتويٰ پنهنجي هٿن مبارڪن سان لکي ڏيو. مخدوم صاحب جن لکي ڏني اڳيان هلي جڏهن سندس خلاف فتويٰ جاري ڪئي وئي ته مخدوم صاحب جن خدا جي رضا سمجهندي پنهنجي بچاءُ ۾ ڪجهه به نه چيو ۽ شهادت قبول ڪيائون ۽ کين قاضي قازن جي حڪم تي لوهي گهاڻي ۾ پيڙايو ويو. جڏهن کين پيڙيو پئي ويو ته اول پاڻ رنائون پوءِ مسڪرايائون. حاضرين پڇيو ته ڇا ڳالهه آهي ان تي پاڻ فرمايائون ته اول غيب جا پردا هيا سوچيم هي جان جو نذرانو خداوند ڪريم جي درٻار ۾ پيش ڪيو اٿم قبول پيو يا نه، جڏهن پڪ پئي ته قبول ٿي ويو ته خوشي محسوس ٿي. مخدوم صاحب سنڌ تي ڌارين جي حڪمراني جو مخالف هو، ميران محمد جونپوري فتنو برپا ڪرڻ پي چاهيو ليڪن علماءِ ان وقت مخدوم بلاول رحه جو ساٿ نه ڏنو ۽ حڪمرانن جي دٻدٻي کان ڊڄي ويا. مخدوم بلاول رحه جي قرباني عشق جي قرباني هئي.


 

مخدوم بلاول رحه

حافظ ممتاز احمد ابڙو

ساري رات سبحان، جن جاڳي ياد ڪيو،

اُنهن جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،

ڪوڙئين ڪن سَلام، اچيو آسڻ ان جي. (شاھ)

حضرت مخدوم بلاول شهيد رحه جي ولادت باسعادت ۴ ربيع الاول ماهِه مبارڪ ۸۵۴ هجري بمطابق ۱۶ جون ۱۴۵۱ع ۾ ٿي. شجره عاليه حضرت مخدوم بلاول بن ڄام حسن بن ڄام ادريس بن صدرالدين ڄام سنجر بن ڄام صلاح الدين ڄام انڙ اول بن ڄام رڪن الدين ڄام تماچي بن فيروزالدين ڄام بابينو. بادشاهي خاندان کيس ٻيلي جي حاڪم ڄام نظام الدين جا ڀائٽيا ۽ ڄام حسن جا فرزند ارجمند هئا. اهو زمانو ارغونن جو هو، ارغون ترخان يا بيگ، اُهي ڪو نه ڪو فريب يا چال بازي ڪري پنهنجون ذاتيون مٽائيندا رهندا هئا، شاهه بيگ جي مرڻ کانپوءِ ان جو پٽ مرزا سڏائي حسن بيگ حڪومت ڪئي ۽ ٻارهين صديءَ جي قريب، صوفي حضرت شاهه عنايت کي به انهن مڪر ۽ فريب سان شهيد ڪرايو، ان کانپوءِ مغل سڏائي اڪبر بادشاهه مُغل سان ملي بادشاهي ڪئي ۽ ٻارهين صدي جي صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه کي سخت تڪليفون ڏنيون.

سَما دور لاءِ مُورخ ۽ محقق لکن ٿا ته سنڌ جو ڪو اهڙو ڳوٺ يا شهر نظر نه پئي آيو، جنهن ۾ هن زماني وانگر ڪاليج يا اسڪول تمام گهڻا موجود هئا، سمن جو دور به تعليم جي لحاظ کان سڀني کان مٿانهون هو، ايتري قدر جو ٻاهرن سياحن جو چوڻ هو ته صرف ٺٽي جي شهر ۾ تقريبن ۲۰۰ جي لڳ ڀڳ ديني علومن جا مدرسا ۽ مرڪز موجود هئا ۽ ان وقت عالم سڳورا يا مفتي صاحب يا صوفي فقراءَ به في سبيل الله اسلام جي تعليم ۾ همه وقت مصروف هوندا هئا. حضرت مخدوم بلاول رحه وارو زمانو به تمام خوشحال هو. هر هڪ ڳوٺ ۽ شهر ۾ هڪ يا ان کان وڌيڪ ڪپڙي ۽ چمڙي جي تياري جا ڪافي مرڪز موجود هئا.

حضرت مخدوم بلاول رحه نور حسين شاهه بخاري المعروف شهاب الدين رحه جو نالو ٻڌي ٺٽي کي ڇڏي سيوهڻ شريف ويجهو ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ آيا، رڳو ديني علمي اُڃ اُجهائڻ لاءِ دور دراز سفر ڪري ٽلٽيءَ ۾ حضرت شاهه بخاري صاحب جن وٽ حاضر ٿيا ۽ شاهي منصب ۽ بادشاهي جو سلسلو ڇڏي فقيريءَ کي پسند ڪيائون، جتي ڀڳڙن جي کلن کي پاڻ لاءِ غذا بڻايائون ۽ سنت نبوي ﷺ مطابق وري انهيءَ ماڳ ڏانهن موٽڻ جي ڪانه ڪيائون، باقي پوري زندگي معرفت خداوندي ۽ سنت نبوي مطابق هٿ جي پورهئي کي پنهنجو ذريعو معاش بڻايائون، حضرت نبي ڪريم رحمت اللعالمين جي ان حديث مبارڪ تي عمل ڪري ڏيکاريائون ته پورهيت الله تعاليٰ جو دوست آهي. روايت آهي ته آڏاڻي کي عشق الاهيءَ جي ڏاڪڻ سمجهي ڪپڙو ٺاهڻ وقت حضرت نبي ڪريم ﷺ جن جي اسمن مبارڪن جو به ورد ڪندا رهندا هئا. اهڙي طرح وڏي پاڻيءَ جي ڪونار ۾ ويهي ذڪر الاهي ۾ پوري رات گذاريندا هئا، پاڻ جرئتمندانا انداز ۾ ارغونن ترخانن بيگن دلالن ۽ ظالمن جي فيصلن خلاف اسلامي شريعت مطابق فتويٰ جاري فرمايائون ۽ جهادِ اڪبر في سبيل الله جو اعلان فرمايائون.

حضرت مخدوم بلاول شهيد رحه واحد ۽ پنهنجي وقت ۽ زماني جا بي باڪ يگانه عالم دين سان گڏ تصوف ۽ روحانيت ۾ مڪمل طرح رنڱيل هئا، جنهن هميشه پنهنجي پوري زندگي حق، سچ ۽ سڌي راهه ۽ ديني اسلامي شرعي حقيقت جي تعليم ۽ تميز سيکاري، پاڻ سنڌ ۾ بي راهه روي ۽ ظلم ۽ تشدد کي ڏسي هن مردِ مجاهد ۽ غيور مسلمانن جي حيثيت سان سڄي سنڌي قوم کي متحد ڪرڻ ۽ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ بلاولي تحريڪ جي شروعات ڪئي. ميران محمد جونپوري جيڪو اصل ۾ هندستان جي تاريخي شهر جونپور جو هو، جنهن جا ٺٽي ۽ ان جي آس پاس ڪيترائي مريد هئا، پر ان جي دعويٰ بلڪل ڪوڙي ۽ بي بنياد هئي، هن پاڻ کي امام مهدي مڃائڻ جي بي انتها ڪوشش ڪئي، هو ۹۰۹ ۾ سنڌ جي قديمي شهر نصرپور پهتو، فساد پکڙجڻ بعد حاڪم سنڌ ڄام نظام الدين دولها دريا خان جي مشوري تي مهدي جونپوري کي سنڌ کان ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو ۽ اهو قنڌار وڃي شاهه بيگ ارغون کي پهتو ۽ تفصيل هن کي ٻڌايو. جنهن بعد وري شاهه بيگ ارغون ٻيو دفعو تياري ڪري سنڌ تي حملو ڪيو. ان وقت قاضي قادن جي قيادت ۾ مخدوم بلاول جي خدمت ۾ هڪ وفد پهتو ۽ پيغام ڏنو ته اوهين شاهه بيگ ارغون سان ملو يا ان جي بيعت ڪريو ته اوهان کي آسائشون فراهم ڪيون وڃن، پر مخدوم صاحب ان ڳالهه کي ٺڪرائي ڇڏيو، جنهن تي ارغون بيگ، مخدوم صاحب جي انڪار تي کيس تڪليف ڏيڻ جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. ٽلٽي شهر ويجهو لڙائي شروع ٿي وئي، جنهن ۾ مخدوم صاحب جو پٽ، سارنگ نالي ۽ سپهه سالار محمود خان ۽ مٺڻ خان به شهيد ٿي ويا.

ٺٽي مڪلي ۾ به جنگ ڪرائي وئي هئي، جنهن ۾ ۵ هزار جي قريب عالم حافظ ۽ ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو، اهو قبرستان اڄ تائين گواهي ڏئي رهيو آهي. ارغون يا ترخان هڪ سازش تحت مخدوم صاحب کي ڦاسائڻ چاهيو ٿي. هڪ لالچي موچيءَ خوبصورت جتي ٺهرائي وئي، جنهن ۾ قرآن پاڪ جون آيتون به وجهرايون ويون، لالچي موچيءَ مخدوم صاحب کي وڃي جتي سوکڙي طور ڏئي آيو. پاڻ موچيءَ کان جتي وٺرائي پنهنجي طالبن کي چيو ته؛ ان کي مٿي ڪنهن پاڪ جڳهه تي رکو، هيءَ عام جتي نه آهي، هيءَ خاص جتي مبارڪ آهي.“ فقيرن مريدن طالبن عرض ڪيو ته؛ سائين هن جتي مبارڪ جو ڇا راز آهي؟“ پاڻ چيائون ته؛ اوهان کي خبر پئجي ويندي.“ ان کانپوءِ اهو لالچي موچي ۽ چند ڇاڙتا ۽ دلال شاهه بيگ ارغون جي چوڻ تي وڃي مخدوم صاحب کان فتويٰ پڇيائون. جنهن جو متن هن طرح هو ته؛ جيڪو به شخص يا ڪو به ماڻهو جُتي جي اندر قرآن پاڪ جا لفظ يا آيت سڳوري يا ان جو ڪجهه حصو وجهي پيرن ۾ پائي گهمي ته ان جي شريعت موجب سزا لوهي گهاڻي ۾ پيڙهائڻ هوندو.

اهڙي فتويٰ وٺڻ بعد مخدوم بلاول کي گرفتار ڪرائي، کيس مجرم ۽ ڏوهي قرار ڏنو ويو. جنهن بعد ڪوڙ تي مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهائي شهيد ڪرايو ويو.


 

مخدوم بلاول

تاريخ ڪنھن کي نه ٿي وساري

طارق عزيز شيخ

سنڌ ڌرتيءَ اھرين شخصيتن کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ جو سر اونچو رکڻ لاءِ پنهنجو سِر قربان ڪيو آهي. اهڙن سپوتن ۾ مخدوم بلاول جو نالو سدائين بلند رهندو. پاڻ سمون هو ۽ ٺٽي جي شاهي خاندان سان سندس شجرو وڃي ٿو ملي. ڊگهو عرصو ٺٽي ۾ رهڻ بعد سندن خاندان ٽلٽيءَ ۽ پوءِ دادو جي باغبان علائقي ۾ وڃي رهائش پذير ٿيو.

علم جي حوالي سان وڏي شهرت رکندڙ هو خاص طور تي تفسير ۽ حديث جو وڏو عالم مڃيو ويندو هو. سنڌ کان علاوه ٻاهر جا عالم پڻ مخدوم صاحب جي علم کان متاثر هئا جيڪي ڪهي اچي ملندا هئس. مخدوم بلاول جي شاگردن جو ڪثير تعداد هوندو هو جن کي ليکڪن ۽ عالمن سندن مريد به چيو آهي. هو وڏي پائي جو عالم هو جيڪڏهن سندن معتقد مرشد ڪوٺيندا هئا ته ان ۾ ڪو عار ناهي. ڪنهن عالم ته مخدوم بلاول بابت لکيو آهي ته ”سنڌ ۾ فقط ٽي شخصيتون آهن جيڪي مرشد جي رتبي تي آهن. مخدوم عثمان مروندي، مخدوم نوح ۽ مخدوم بلاول“

مخدوم بلاول جو دور ارغونن جو بڻجي ٿو. سمن جي اثر هيٺ آيل علائقن تي ارغون پنهنجو غلبو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا پر دولهه درياهه خان جا جٿا ارغونن جي اک ۾ ڪنڊا هئا. دولهه درياهه خان جي شهادت کي ڪجهه عرصو ٿي گذريو هو جنهن بعد ارغونن سڄي سنڌ ۾ ظلم ٻاري ڏنو هو. سنڌ جي هر گليءَ هر گام تي قتل عام ئي قتل عام جو قهر مچائي ڏنو هئائون. اهڙي موقعي تي مخدوم بلاول جا قومي ليڪچر جيڪي اسلامي دليلن سان ڀريل هوندا هئا، سنڌي قوم ۾ روح ڦوڪڻ برابر هوندا هئا. افسوس انهي ڳالهه جو آهي ته اهڙي زماني ۾ اسان جا پنهنجا عذار بڻجي پيا. ڪيترائي اهڙا قبيلا هئا جيڪي سمن جي دشمنيءَ ۾ سنڌ کي نقصان ڏئي رهيا هئا. ارغونن جو ساٿ فقط ان بنياد تي ڏنو ويو هو جو سندن سمن سان مخالفت هئي ان کان علاوه اهڙا گروهه پڻ هئا جيڪي مسلط ٿيندڙ حڪمرانن کان رعايت وٺڻ جي لالچ ۾ پنهنجي قوم جو سودو ڪندا هئا. ارغونن جي راڄ جو چيف جسٽس قاضي قادن هو. پاڻ به سخت مذهبي ذهن جو مالڪ هو پر وڏي عهدي ملڻ سبب سنڌي قوم سان وڏي ۾ وڏي غداري به انهيءَ ڪئي. ارغونن کي چيائين ته ”سنڌي قوم ائين آهي جيئن جهنگلي ڪنڊن واري زمين ۽ اهڙي زمين کي سهڻو بنائڻ لاءِ ڪنڊا صاف ڪرڻا پوندا“

سنڌي قوم درياهه خان جهڙي جوڌي سان خودمختيار سنڌ ڏٺي هئي جنهن کي پنهنجي دفاعي قوت، حڪمراني، ناڻو ۽ آزادي هئي. جڏهن حمله آور ارغوني فوجون پرامن سنڌ ڌرتي تي قابض تڏهن سنڌي قوم به سخت مقابلا ڪيا. تڏهن دشمن سان گڏ اسان جا پنهنجا به ملي ويا جن غداري ڪري پنهنجي ڌرتي ۽ قوم کي ڌارين حوالي ڪيو ۽ پاڻ به هٿ مهٽيندا رهجي ويا. جنهن قاضي قادن کي ارغونن چيف جسٽس بڻايو هو ان کي به نشانو بڻايائون. سندس خاندان جي ٻچي ٻچي کي ارغوني سپاهين قتل ڪيو ۽ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي هئي. اهو ئي قاضي قادن ٺٽي جي گلين ۾ چرين جيان رڙيون ڪندو ڊڪندو رهيو. اهو ئي اهو ماڻهو هو جنهن مخدوم بلاول مٿان ڪوڙي تهمت کي فتويٰ جي آڙ ۾ سزاءِ موت ٻڌائي هئي. قاضي قادن سدائين وڏا عهدا ماڻيا ۽ اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويٺو رهيو. هن مختلف دور ڏٺا پر سنڌ تي قابض ٽولن سان حڪومت ۾ ئي رهيو. کيس ڪڏهن به سنڌي قوم تي نه قياس آيو نه رحم آيو. هن لاتعداد موت جون سزائون ٻڌايون متان حڪمرانن کي نرم سزا ٻڌائڻ تي ساڻن وفاداريءَ تي شڪ شبهو پوي.

قاضي قادن جي چوڻ تي ارغونن ڪيترن ئي ڳوٺن کي باهيون ڏئي ساڙائي ڇڏيو. مرزا شاهه بيگ جيڪو قهري راڄ قائم ڪيو هو، انهي دهشت ۽ نفرت کانسواءِ ڪجهه به نه ڪمايو. سندس موجودگيءَ ۾ ڪيترائي عالم فاضل جڏهن مخدوم بلاول جي ساراهه ڪرڻ لڳندا هئا ته هن کي اندر ۾ ساڙ ۽ منهن تي مُرڪ تري ايندي هئي. مخدوم صاحب جي رتبي کان هو تڏهن کان ئي واقف هو جڏهن قنڌار ۾ سنڌ مٿان قبضو ڪرڻ جون سازشون سٽيندو هو. ميران محمد جونپوري سنڌ ۾ پنهنجو نظريو بيان ڪري، زبردستي اهو نظام قائم ڪرڻ ٿي چاهيو جيڪو هن ڌرتيءَ جي مزاج جي بنهه ابتڙ هو. صوفي منش مزاج رکندڙ سنڌي ماڻهو امن ۽ محبت کانسواءِ ڪجهه به نه ڏسندو آهي. ميران محمد جونپوري رجعت پرست فلسفو مڙهيو تنهن جي مخالفت ۾ سيد حيدر شاهه سنائيءَ رد عمل ظاهر ڪيو.

سن ۾ ان حوالي سان تاريخي ويڙهه به ثبوت طور مثالي آهي جنهن ويڙهه ۾ سن لڳ درياهه ۾ جونپوريءَ جي لشڪر جون ٻيڙيون به ٻوڙائي ڇڏيون هيون ۽ هو پنهنجو سِر بچائي ڪابل وڃي پهتو هو، جتي ڪجهه ڏينهن رهي قنڌار ۾ مرزا شاهه بيگ ارغون سان ملي سنڌ مٿان چڙهائي جون سازشون سٽيون هئائين. سيد حيدر شاهه سنائي جو درياهه خان سان ويجهو لاڳاپو هو ۽ مخدوم بلاول جو وري ٻنهي شخصيتن سان تعلق هو.

ٽڪراءُ هن طرح ٿو نظر اچي: مخدوم جونپوريءَ جو مريد قاضي قادن هو جنهن جي سڏ تي جونپوري سنڌ اچي رجعت پرست فلسفو پکيڙيو پئي. ٻئي طرف درياهه خان، حيدر شاهه سنائي ۽ مخدوم بلاول اهڙي رجحان کي رد ڪرڻ لاءِ سنڌي سماج کي پنهنجي اصلي روپ ۾ رهڻ ڏنو. قاضي قادن جو نيٽ ورڪ هڪ جاسوس ۽ سنڌ دشمن پاليسي تي ٻڌل هو جنهن سان ڌارين کي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ۾ وڏي مدد ملي. غداري ۽ نفاق جي زهر سنڌ جي خودمختياري ۽ آزاديءَ کي ماري وڌو. قاضي قادن کي انهي ڪردار نڀائڻ کانپوءِ شاهه بيگ ارغون کان ڪيترائي انعام پڻ مليا جيڪي بعد ۾ ارغونن هٿان ئي لٽيا به ويا.

شاهه بيگ ارغون جڏهن مخدوم بلاول جي عملي تحريڪ بابت ٻڌو تڏهن پريشان ٿي ويو. هن کي معلوم هو ته نظرياتي نموني تيار ڪيل شاگرد هٿيار کان به خطرناڪ هوندو آهي. ارغون ويڙهاڪ جٿن هر هنڌ غلبو حاصل ڪري ڇڏيو هو پر مخدوم بلاول ۾ هٿ نه وجهي سگهيا هئا. هنن جي خلاف مخدوم صاحب پنهنجا پُراثر خطاب جاري رکندو آيو پئي، جنهن جي رپورٽ قاضي قادن باقاعدگي سان رکيو ويٺو هو. قاضي قادن، ارغونن جي مدد سان ڪيترن ئي مُلن مولوين کي پاڻ سان ملائي ڪيتريون ئي ننڍڙيون ننڍڙيون ٽوليون ٺاهرائي ڇڏيون جن کي ارغونن پاران رعايتون ۽ انعام ڏنا ويندا هئا. ائين غدارن جو ڊگهو سلسلو جڙڻ لڳو هو ائين ڄڻ جسم کي ناسُور ٿيڻ سان زخم وڌندو ويندو آهي ۽ اهو حصو بيڪار بڻجندو ويندو آهي. ان دوران مرزا شاهه بيگ ارغون مري ويو ۽ سندس جڳهه تي شاهه حسن ارغون اچي ويو. انهيءَ اها سازش ڪامياب ڪئي، جنهن ۾ موچيءَ کان جتيءَ جي تري ۾ قرآن پاڪ جو ورق وجهرايو ويو ۽ مخدوم بلاول کي تحفي ۾ ڏئي مٿس اهڙي گستاخي جو الزام مڙهيو ويو. مخدوم صاحب سڄي ڪارروائي ۾ موچيءَ کان فقط اهو پڇيو هو ته ”ڇا مون تنهنجي ٺاهيل جتي پيرن ۾ پاتي؟“ جنهن تي موچي هائوڪار ڪئي ۽ مخدوم صاحب چيو: ”مون خدا جي رضا تي معاملو ڇڏيو.“ مفتين کان اهڙي ڏوهه جي سزا پڇي وئي جنهن تي هنن گهاڻي ۾ پيڙائڻ جو چيو ۽ مخدوم صاحب وراڻيو ”مون کي پيرن کان پيڙايو وڃي ته جيئن پنهنجي هڏين جا آواز ٻڌي سگهان“ هو نيڪ انسان ڌوڪي سان جنهن کي ويرين گهيريو هو. پنهنجن جي سازش جو نشانو بڻيو.

تاريخ جي ورقن ۾ قاضي قادن جهڙا غدار ڀريا پيا آهن جن صدين کان وٺي سنڌ سان غداري ڪئي ورهين کان وٺي اهو سلسلو هلندو پيو اچي ۽ انهن جا پوئلڳ اڄ به اسان جي وچ ۾ هوندا. سنڌ ڌرتي اهڙن ماڻهن کي اڄ نه ته سڀاڻي قاضي قادن جيان ئي ڳڻيندي ۽ باشعور نسل چوندو:

”مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا

ڪي ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾.“

 


 

مخدوم بلاول

عبدالجبار آزاد منگي

حضرت مخدوم بلاول (پيدائش: ۸۵۶ھ بمطابق ۱۴۵۱ع، وفات: ۹۲۹ھ بمطابق ۱۵۲۲ع) المعروف شهيد مخدوم بلاول، سنڌ-پاڪستان جو عظيم محب وطن صوفي بزرگ، فقيه ۽ جيد عالم هو.

زندگيءَ جو احوال

حضرت مخدوم بلاول شهيد، سن ۸۵۶ ھ بمطابق ۱۴۵۱ع ۾ حسن سمو جي گهر ۾، هاڻوڪي ڄامشورو ضلعو جي ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق، سنڌ جي سمه حڪمران گهراڻي سان هو. سندس وڏا اصل ۾ لسٻيلو جا رهاڪو هئا ۽ سومرن جي دور حڪومت ۾ اتي حاڪم طور مقرر هئا. مخدوم بلاول جو ننڍپڻ ۾ ديني ۽ اسلامي تعليم ڏانهن گهڻو لاڙو رهيو. شروعاتي تعليم، سيد شهاب الدين شاهه بخاري پاران قائم مدرسي ۾ سيد نور حسين شاهه بخاريءَ وٽان حاصل ڪيائين. ناظره قرآن ۽ فقهه جي ڪتابن سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسي علم پرايائين. ديني تعليم پرائي، پنهنجي وقت جو وڏو شرعي علم جو ماهر ۽ فقيه بڻيو. سدائين عبادت، زهد ۽ تقوى ۾ گذاريائين. سندس ناماچار، سڄي هندستان ۾ ڦهلي. ان وقت دهليءَ جو مشهور مصنف ۽ شاعر، مخدوم جمالي حج تي ويندي، هتان گذريو هو. اھو لکي ٿو ته؛ سنڌ ۾ ٽي روحاني رهبر ۽ عالم آهن، پهريون لال شهباز قلندر، ٻيو مخدوم بلاول ۽ ٽيون مخدوم نوح.

بعد ۾ مخدوم بلاول، ٽلٽيءَ مان لڏي هاڻوڪي دادو ضلعو ۾، ڳوٺ باغبان ۾ رهائش اختيار ڪئي. باغبان، هاڻوڪي ڳوٺ مخدوم بلاول جو پراڻو نالو آهي. هت وڏي مسجد تعمير ڪرائي، مدرسو قائم ڪري، درس تدريس شروع ڪيائين. مدرسي جي ڀرسان آڏاڻو قائم ڪيائين، جيڪو پاڻ ۽ سندس شاگرد هلائيندا ۽ ڪپڙو ٺاهيندا هئا. آڏاڻي جي اپت تي سندس، مدرسي ۽ شاگردن جو گذران ٿيندو هو. سندس ڪيئي شاگرد ۽ پوئلڳ هئا. مخدوم صاحب جي فارسي ۾ صوفياڻي ڪلام جو به ذڪر ملي ٿو. [۱][۲]

شهادت

ڪن تاريخي تذڪرن ۾ لکيل آهي ته ميران محمد جونپوري سنڌ ۾ مهدوي تحريڪ ڦهلائڻ چاهي پئي جيڪا ڳالهه محب وطن عالم ۽ فقيه مخدوبزم بلاول کي نه ٿي آئڙي. ميران محمد جونپوري سنڌو درياھ وسيلي سن وٽان گذريو ته مخدوم بلاول جو پوئلڳ حيدر سنائي سندس راھ ۾ رڪاوٽ بڻيو ۽ جونپوري واپس موٽي ويو. مخدوم بلاول کان وير ميران محمد جونپوري مرزا شاه بيگ ارغون معرفت ورتو ۽ کيس سازش سان شهيد ڪرايائين. ڪن تاريخن ۾ اهو به ذڪر آهي ته جڏهن مرزا شاھ بيگ ارغون سنڌ تي حملو ڪيو ته مخدوم بلاول ۽ سندس شاگردن ۽ بلاولي تحريڪ جي پوئلڳن شديد مزاحمت ڪئي جنهنڪري کيس شاھ بيگ ارغون سازش سان شهيد ڪرائي ڇڏيو. مخدوم صاحب کي ۹۲۹ ھ بمطابق ۱۵۲۲ع ۾ شهيد ڪيو ويو.

مزار

مخدوم بلاول شهيد جي مزار دادو ضلعي جي ڳوٺ مخدوم بلاول ۾ آهي جيڪو دادو کان اٽڪل ۱۰ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر طرف انڊس هاءِ وي سان واقع آهي. سندس مزار تي هر مهيني ماھ پيرو جمعو لڳندو آهي.


 

شھيد مخدوم بلاول

ھڪ انقلابي، عالم ۽ درويش

پاويل جوڻيجو

مخدوم بلاول ذات جو سمون هو، سندس والد جو نالو مخدوم حسن هو، مخدوم بلاول دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ ٽلٽي ۾ ۴ ربيع الاول ۸۵۶ ھ مطابق ۱۶ جون ۱۴۵۱ع تي پيدا ٿيو، مخدوم بلاول جو ڏاڏو مخدوم محمد ادريس سمون لس ٻيلي جو حاڪم هو، مخدوم بلاول بادشاهي ماحول ۾ نپجڻ جي باوجود سادو هو، دنياوي معاملن ڏانهن سندس توجھ گهٽ رهندي هئي، ديني تعليم ۽ عبادت جو شوق گهڻو هوندو هئس، شروعاتي تعليم سيد شهاب الدين شاھ جي مدرسي ۾ سيد نور حسين شاھ بخاري وٽ حاصل ڪيائين، جنهن ۾ ناظره قرآني ۽ فقہ جا ڪتاب پڙهڻ سان گڏ عربي، فارسي علم جي تعليم حاصل ڪيائين. ذهانت جي ڪري مخدوم بلاول ڪافي ڪتاب بر زبان ياد ڪري ويو، ان ڪري سندس استاد ۽ سمورا طالب علم کيس عزت ۽ قدر جي نگاھ سان ڏسندا هئا، پاڻ جڏهن وڏو ٿيو ته ڪورڪو ڪم اختيار ڪيائين، ان زماني ۾ انهيءَ ڪم جو وڏو قدر هو، خدا جو سڀ ڪجھ هوندي به هڏن جي پورهئي کي ترجيح ڏنائين ۽ پنهنجي ڪورڪي پورهئي مان گذران ڪندو هو، انهيءَ نيڪ ڪرت کي ڀلاري ڀٽ ڌڻي به ساراهيو آهي. “هلو هلو ڪورئين نازڪ جن جو نينهن، ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا”. مخدوم صاحب جا وڏا اصل ٺٽي جا رهواسي هئا، پر پوءِ باغبان لڳ سيوهڻ ۾ اچي رهيا.

ان وقت مخدوم دانيال نالي هڪ الله لوڪ درويش باغبان ۾ رهندو هو، مخدوم دانيال مخدوم صاحب جي صحبت ۾ گهڻو ايندو هو ۽ مخدوم جو معتقد بڻجي چڪو هو، هڪ ڏينهن مخدوم صاحب پنهنجي ڪم ۾ مشغول هو ۽ مخدوم دانيال به سندس ڀرسان ويٺو هو ته سيد حيدر شاھ نالي هڪ سائل قافلي سميت اچي نڪتو، مخدوم صاحب آڏاڻي مان نڪري سندس استقبال ڪيو ۽ مخدوم دانيال کي مهمانن جي رهائش لاءِ الڳ جاءِ ٺاهڻ جو حڪم ڪيو ۽ مهمانن کي رهائشگاھ تي وٺي ويو، کاڌي جو به انتظام ڪيائون، مخدوم صاحب ۲ وڏيون ديڳيون تيار ڪرائي کڻائي آيو، هڪ ۾ طاهري ۽ ٻي ۾ ڪڻڪ جو ڏارو هو، چون ٿا ته جن طاهري کاڌي انهن جي قسمت ۾ به خدا پرستي ۽ دنياداري لکجي وئي ۽ جن ڏارو کاڌو تن کي ڪماليت ۽ بزرگي حاصل ٿي. ان وقت مخدوم دانيال شيخ ڀرڪڻ ۽ حيدر شاھ ڏارو کاڌو ۽ صاحب ڪرامت بڻجي ويا. اها خبر ٺٽي جي ميران محمد جونپوري کي پئي، سو ساڙ وچان مخدوم صاحب جي خلاف ڳالهائڻ لڳو. ميران محمد پڪو ارادو ڪيو ته مخدوم بلاول کي مارائي ڇڏجي، ٺٽي جا حڪمران ميران محمد جي اثر ۾ هئا. ان کان اڳ هڪ تاريخي تذڪرو هن ريت آهي ته ڄام فيروز جي زماني ۾ جڏهن مرزا شاھ بيگ ارغون سنڌ تي ڪاھ دوران باغبان وٽان لنگهائو ٿيو ته مخدوم بلاول رح ۽ سندس مريدن قومي غيرت وچان مٿس حملو ڪيو، پر شاھ بيگ سر بچائي ڀڄي ويو ۽ ٺٽي ۾ وڃي ڄام فيروز کان هڪ معاهدي تحت سيوهڻ جو علائقو هٿ ڪيو ۽ ٽلٽي ويجهو اچي سرندي وارن ماڻهن کي سڏائي پنهنجي بيعت وٺڻ شروع ڪيائين، ماڻهن بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڪن ماڻهن شاھ بيگ کي ٻڌايو ته مخدوم بلاول ماڻهن کي منع ڪري رهيو آهي، شايد اهي سبب آهن، جن جي ڪري مخدوم صاحب تي مختلف الزام لڳايا ويا ۽ ڪوڙا شاهد ڪري مخدوم صاحب تي الزام هنيو ويو، ان ئي ڏوھ ۾ موت جي سزا جي فتويٰ صادر ڪرائي وئي ۽ کيس گهاڻي ۾ پيڙائڻ جو حڪم ڏنو ويو.

مخدوم صاحب کي وقت جي قاضي صفائي ۾ ڪجھ چوڻ لاءِ چيو ته مخدوم صاحب چيو ته مان ڪجھ چوڻ نه ٿو چاهيان ۽ رضا الاهي تي راضي آهيان، ان بعد جسم کي لوهي گهاڻي ۾ پيرن کان وٺي پيڙهي ڪباب مثل ڪيو ويو، سندس مريدن ۽ معتقدن سندس خون ۽ گوشت کي هڪ مٽ ۾ وجهي موجوده جاءِ تي دفن ڪيو، اها شهادت تاريخ پهرين محرم ۹۲۹ ھ تي ٿي، شهيد مخدوم بلاول امر بڻجي ويو ۽ دشمن نيست ۽ نابود ٿي ويا، مخدوم جي اڄ به روحاني حڪمراني قائم ۽ دائم آهي ۽ ماھ پهريون جمعو احترام سان ملهايو ويندو آهي.

چون ٿا ته شهادت وقت مخدوم صاحب خدا جي رضا سمجهندي پنهنجي بچاءُ ۾ ڪجھ به نه چيو ۽ شهادت قبول ڪئي. جڏهن کيس پيڙهيو پئي ويو ته اول پاڻ رنائون پوءِ مسڪرايائون، حاضرين پڇيو ته ڇا ڳالھ آهي، ان تي پاڻ فرمايائون ته اول غيب جا پردا هئا، سوچيم هي جان جو نذرانو خداوند ڪريم جي درٻار ۾ پيش ڪيو اٿم قبول پيو يا نه، جڏهن پڪ پئي ته قبول ٿي ويو ته خوشي محسوس ٿي.

مخدوم بلاول جي وصيت تي سندس مڙھ آخري آرامگاھ واري جاءِ ڏانهن نيو پئي ويو ته انهن ماڻهن جو تعداد ۵۰ کن هو، جڏهن ڏولي کي ڪلهو ڏنو پئي ويو، تڏهن جهنگ مان نامعلوم ماڻهن جو وڏو تعداد نڪرندو آيو ۽ انهن ڏولي کي ڪلها ڏنا ۽ باغبان تائين جنهن اول ڪلهو ڏنو هو ته وري ان جو ٻيهر وارو نه آيو، اهي ايترا ماڻهو ڪير هئا، ڪا خبر ناهي، انهن کي تر جا ماڻهو سڃاڻي به نه پيا سگهن.

 

No comments:

راءِ ڏيندا