ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ
ناميارو تعليمدان
قادر بخش طالباڻي/حيدرآباد
سنڌ جي سونهري سونهن مان ڪيتريون اهڙيون شخصيتون ڦُٽي نڪتيون آهن. جن
اُنهن گهرن ۾ جنم ورتو، جتي تعليم جي اَڻاٺ هئي، پر ان باوجود به انهن شخصيتن علم جو
فيض وٺي، پنهنجن پيرن تي بيهڻ سکيو، اهڙن ماڻهن جي ڊگهي فهرست ۾ هڪ نالو ڊاڪٽر محمد
صالح گوپانگ جو پڻ آهي. ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ ۱۱
نومبر ۱۹۳۲ع تي هڪ غريب انسان حاجي خان گوپانگ جي گهر ۾ جنم ورتو.
حاجي خان جو گُذر سفر مال تي هو. مالوند هئڻ ڪري، سندس آستانو ڪچي جي علائقي ۾ هوندو
هو. جتي مال جي چاري ۽ پنهنجي پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ هو ڪجهه زمين هارپي تي به ڪندو
هو. مالوند ماڻهوءَ وٽ گهر جي ڀاتين ۾ وڏا خواهه ننڍا سڀ مال جي سار سنڀال جي ڪم ۾
هوندا هئا. خاص ڪري ٻارڙن کي تعليم ڏيارڻ جو ڪو تصور نه هوندو هو. سندن سڄو جهان پنهنجي
مال جي خدمت چاڪريءَ ۾ محفوظ هوندو هو. ان ڪري ٻارڙن کي مال سان پهرائي ڇڏيندا هئا
۽ علم کان اوجهل رهندا هئا.
محمد صالح کي پيءُ ۷-۸ سالن جي عمر ۾ اسڪول ۾ پرائمري
تعليم لاءِ داخل ڪرايو، پنج درجا هن پڙهيا، پر هن کي انگريزي پڙهائڻ جي طاقت نه هئي.
ان ڪري هو انگريزي پڙهڻ بجاءِ سنڌي پڙهي پوري ڪرڻ لڳو. ۱۶
سالن جي عمر ۾ هن ان وقت جي
سنڌي فائينل جو امتحان سٺن نمبرن سان پاس ڪيو، هِيءَ تمام وڏي اهم ڳالهه بڻجي ويئي،
ڇاڪاڻ ته ڪچي جي گوپانگ خواهه ٻين ذاتين جي گهر ۾ هي ئي هڪ فرد هو. جنهن سنڌي فائنل
جو امتحان پاس ڪيو.
سال ۱۹۴۸ع ۾ هن کي نوابشاهه ضلعي ۾ پرائمري ماستريءَ جي نوڪري
ملي ويئي. جنهن ڪچي جي علائقي ۾ وڏي هلچل مچائي ڇڏي. ڇو ته تر جي ڳوٺن ۾ هي ئي هڪ نوجوان
ماستر ٿي ويو، ماستريءَ جي نوڪري ان وقت شرافت جو وڏو اعزاز پڻ سمجهي ويندي هئي. نوجوان
صالح گوپانگ هاڻ استاد ٿي ويو ۽ ننڍڙن ٻارڙن کي تعليم ڏيڻ لڳو. کيس خيال آيو ته، پنهنجي
لياقت ۾ واڌارو آڻيان. هن خانگي طور انگريزي پڙهڻ تي شوق رکيو ۽ مئٽرڪ کان امتحان ڏيڻ
شروع ڪيائين. بي اي ۽ بي ايڊ تائين پنهنجي قابليت وڌائڻ ۾ وڏي محنت سان اُڪري پار پيو.
سال ۱۹۷۳ع ۾ هن ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، سکر ايجوڪيشن ڪاليج
۾ ليڪچراري حاصل ڪئي. ان دوران ايم اي (انگريزي اديب) به پاس ڪيائين. ڪافي عرصي بعد
کيس ويهين گريڊ ۾ ترقي ملي ۽ کيس ائڊيشنل سيڪريٽري تعليم سنڌ مقرر ڪيو ويو. جتان بعد
۾ چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ڊائريڪٽر ادارو توسيع نصاب، ڊائريڪٽر اسڪول ايجوڪيشن
لاڙڪاڻو، چيئرمين انٽرميڊئيٽ، سيڪنڊري بورڊ سکر ۽ ڪراچيءَ ۾ پڻ نوڪري ڪيائين. ان ۾
ڪجهه عرصو سيڪريٽري تعليم جي اضافي چارج پڻ وٽس رهي.
اهڙيءَ ريت هڪ مالوند مارو ماڻهو اڻپڙهيل جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد صالح
گوپانگ پرائمري ماستريءَ کان سفر ڪندو، سيڪريٽري تعليم جي ڪرسيءَ تي پهتو ۽ ڊاڪٽر محمد
صالح سڏجڻ لڳو. هن وڪالت جو امتحان به پاس ڪيو ۽ آخر ۾ پي ايڇ ڊي جي به سَندَ به حاصل
ڪيائين. سندس مضمون هو ”پرائمري درسي ڪتابن جو تحقيقي جائزو“ (۱۸۴۳ع کان ۱۹۶۰ع) ۽ سندس رهبري ڪندڙ جناب علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب هو.
پاڻ جِگر جي بيماريءَ سبب ۲۴
فيبروري ۲۰۰۵ع تي وفات ڪيائين.
سائين گوپانگ صاحب ڏسڻ ۾ ته ڏاڍو سخت مزاج ايندو هو، پر اندر ۾ هو ميڻ
جهڙي نرم طبيعت جو مالڪ هوندو هو. سندس سُڃاڻپ معزز هستين جهڙوڪ، مخدوم طالب الموليٰ،
پير پاڳارو، سيد ظفر شاهه ڊڀرو، غلام محمد وساڻ، خير محمد ڀرڳڙي وغيره سان هئي. انگريزي
ادب ته پاڻيءَ وانگر پيتل هُئس. شيڪسپيئر، شيلي، ملٽن ۽ انگريزي ادب جي ٻين ليکڪن جي
ڪتابن يا مضمونن جو وڏو مطالعو ڪندو هو. اردو ادب ۾ غالب، فيض ۽ فردوسي، سنڌي ادب
۾ شاهه لطيف، سچل، شيخ اياز ۽ بُخاري سندس پسنديده شاعر هئا.
سندس ناراضگي به غضب جي هوندي هئي، پر سخت ناراضگيءَ ۾ به سندن مسڪراهٽ
نروار ٿي نڪرندي هُئي. پاڻ چوندو هو ته منهنجي اڻپڙهيل والد مالوند هوندي زمين خريد
ڪئي، مون سيڪريٽري تعليم جي عهدي هوندي به پنهنجو گهر آخر ۾ حاصل ڪيو. هن نوڪريءَ دوران
هزارين سڃاڻن ۽ اڻ سڃاڻن کي روزگار ڏنو.
No comments:
راءِ ڏيندا