; سنڌي شخصيتون: گوبند مالهي

06 August, 2013

گوبند مالهي


گوبند مالهي
سنڌي ناول ۾ اعليٰ مرتبو رکندڙ ليکڪ
رکيل مورائي
هند ۽ سنڌ جو هاڪارو اديب، دانشور ۽ ٻين ڪيترين خوبين جو مالڪ گوبند مالهي، ۵ آگسٽ ۱۹۲۱ع تي ساهتي پرڳڻي جي نهايت اهم، پران وقت جي ننڍي شهر ٺاروشاهه ۾ جنم ورتو. هن سنڌ ۾ رهڻ دوران ئي ادبي ۽ سياسي حوالي سان لکڻ شروع ڪيو ۽ هند ۾ وڃي آخري عمر تائين لکندو رهيو. ”ناول سمراٽ“ جو خطاب ماڻيندڙ گوبند مالهي، هند ۾ رهندڙ سنڌي جاتي ۽ سنڌي اديبن جي مستقبل کي ٺاهيندڙ شخصيتن مان هڪ اهم شخصيت آهي، هن ڪيترا ناول لکيا، ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ مختلف موضوعن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ ڪيترائي نوجوان اديب، ادب جي ميدان ۾ پنهنجي رهبريءَ هيٺ آندا.


گوبند مالهيءَ سنڌي ”آوازي ڪلچر“ کي هند ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪيترن هنڌن جا چڪر لڳايا ۽ ڀارت ۾ وسندڙ سنڌين کي وسائڻ ۽ سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي قائم ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي ارپي  ڇڏي ۽ ساڳئي وقت تخليقي ڪم به ڪندو رهيو.
گوبند مالهي هند جي سنڌين جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جو اڏيندڙ به آهي ته وڏو ناٽڪ نگار ۽ ناٽڪ ڊائريڪٽر به رهيو آهي. کيس سندس ناول ”پيار  جي پياس“ تي  هند سرڪار جي وڏي ۾ وڏي ادبي اداري مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ ۱۹۷۳ع سال لاءِ انعام سان نوازيو ويو. هن ڪيترين ڪهاڻين، ناولن ناٽڪن ۽ ٻين موضوعن کان سواءِ پنهنجي، آتم ڪٿا به پنجن جلدن ۾ لکي آهي. جيڪا وڏي مڃتا ماڻي چڪي آهي ۽ ٻيهر سنڌ ۾ پڻ شايع ٿي آهي.
گوبند مالهي شايد پهريون سنڌي اديب آهي، جنهن تي ”ڪونج“ ۽ ”سپون“ رسالن، خاص نمبر ڪڍيا. ان کان سواءِ سندس شخصيت ۽ ادبي ڪارج تي ممبئيءَ جي هڪ اديب، هولارام هنس هڪ ڪتاب ”گوبند مالهيءَ جي سنڌي ناول ۾ يگاني دين“ نالي ليکو آهي. شايد هيءُ ئي اڪيلو اديب آهي، جنهن تي ممبئي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي وئي آهي ۽ ان ڪتاب کي ممبئي يونيورسٽيءَ پاران ۲۰۰۲ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي: ”گوبند مالهي، شخص ۽ اديب“. هن ڪتاب جو ليکڪ آهي، ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي. اهو ممڪن آهي ته مون جهڙي ٿوري علم رکڻ واري پاٺڪ کان گوبند مالهيءَ جا ڪي ڪتاب ذڪر ڪرڻ کان رهجي ويا هجن، تنهن هوندي به سندس جيڪي ڪتاب مون کي ميسر ٿي سگهيا آهن، انهن جو تعداد ۵۱ آهي.
هن سنڌي ٻوليءَ ۾ الڳ الڳ ٻولين جا ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀري آهي. ورهاڱي کان اڳ هو پنهنجي ڳوٺ ٺارو شاهه مان  پڙهڻ لاءِ ڪراچي آيو جتي سندس ملاقات گوبند پنجابيءَ سان ٿي، جيڪو ان وقت ترقي پسند ادب کي ڇاپڻ لاءِ پريس قائم ڪري چڪو هو ۽ اتان ئي ”نئين دنيا“ نالي پبليڪيشن جاري ڪري چڪو هو، جنهن پاران سنڌيءَ ۾ ڪي اصلوڪا ڪتاب ۽ ڪي ترجمو ڪري ڇاپي چڪو هو، ڪراچي ۾ گوبند مالهيءَ جي دوستن ۾ شيخ اياز، نارايڻ شيام، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، اي ڪي هينگل، موهن پنجاپي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي جي اتم ۽ ٻيا ڪيترائي ترقي پسند شامل آهن، جيتوڻيڪ حشو ڪيولراماڻي کائنس عمر ۾ وڏو هئو تڏهن به سندن دوست ڪوٺي سگهجي ٿو. هي سڀ اهي شخص هئا جن سنڌي ٻوليءَ ۾ ترقي پسند ادب جي آبياري ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ حشو ڪيولراماڻي، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي جي اتم ۽ ٻيا ڪيترائي ترقي پسند سنڌي اديب هند لڏي ويا، پر ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سنڌ نه ڇڏي ۽ هتي ئي رهي پيو، هند ۾ وڃي گوبند مالهي، اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ٽمورتيءَ ”نئين دنيا“ جاري ڪئي جيڪا آخر تائين اي جي اتم جي سمپادڪيءَ هيٺ ڪتاب ڇاپيندي رهي، نئين دنيا پبليڪيشن جا ڪيترائي ڪتاب ترقي پسند ادب جا شاهڪار ڪتاب آهن، جيڪي وري وري ڇپائڻ جهڙا آهن.
گوبند مالهيءَ لکڻ کان سواءِ هند ۾ جيڪا سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوشش ڪئي اها پڻ هاراهڻ جوڳي آهي پر هن جيڪي پنهنجون لکڻيون ايڪونجاهه ڪتابن ۾ ڏنيون آهن اهي سنڌي ادب جو اهڙو حصو آهن، جنهن کي سدائين ياد رکيو ويندو. گوبند مالهيءَ هند ۾ آوازي ڪلچر کي ڦهلائڻ لاءِ ڪيترائي فورم جوڙيا، جن سڀني کي هو ڪاميابيءَ سان هلائي سگهيو. هڪ طرف تخليقي ڪم ڪرڻ ۽ ٻئي طرف سنڌيت جي ڦهلاءَ لاءِ جيڪا هن تبليغ ڪئي، اها خود هڪ تاريخ ۾ لکڻ جهڙي آهي. ڪوئل جهڙي مٺڙي آواز واري ڀڳونتي ناواڻي، مالهي صاحب جي دريافت هئي، جنهن پنهنجي مٺڙي آواز سان هند جهڙي وڏي ملڪ ۾ ڇڙ وڇڙ ٿي رهندڙ سنڌين کي ته پاڻ ۾ جوڙيو پر سنڌ جي سنڌين کي به هند جي سنڌين سان ڳنڍيو.
گوبند مالهيءَ هند ۾ سنڌي ناٽڪ کي جيڪو اوڄ ڏياريو اهو پڻ مثالي اهميت رکي ٿو. ان سڀ جي باوجود گوبند مالهي، هڪ عظيم سنڌي ناول نويس طور سنڌي ادب ۾ هڪ خاص مقام تي رهندو، ان مقام لاءِ سرحدي حد بنديون ڪا به معني نه رکنديون، جڏهن به سندس ذڪر نڪرندو ته سندس نالو احترام سان کنيو ويندو اهڙي پڪ آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي لکڻين وسيلي پنهنجو اهڙو مقام ٺاهي ويو آهي. هو اول ۽ آخر سنڌي ناول جو اهڙو ليکڪ آهي جنهن جو مثال سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۾ ٻيو ڪو به نه آهي.
گوبند مالهي سڄي زندگي سنڌ پرست ڪميونسٽ رهيو پر آخري عمر ۾ هو سڀني ترقي پسند دوستن کي چوندو هئو ته ”هاڻ مون ڪميونزم کي تصوف ۾ وهنجاريو آهي“ ان ڳالهه مان ڀلي ڀت سمجهي سگهجي ٿو ته هو آخري عمر ۾ تصوف ڏانهن لاڙو رکندو هئو. ٻئي طرح سندس ڪهاڻين توڻي گهڻن ئي ناولن مان اهڙو اشارو ملي ٿو، جنهن مان سندس لاڙو يا مزاج تصوف يا ويدانت ڏانهن محسوس ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ اهو به سچ آهي ته جيڪي شخص/اديب/شاعر ساڻس مليا آهن انهن سڀني هن کي صوفي طبعيت رکندڙ ڪوٺيو آهي. هو پنهنجي طبعيت ۾ بنهه سادو سودو، کاڌيءَ جي پهراڻ ۽ پاجامي ۾ هڪ ساڌو يا سنت وڌيڪ لڳندو هئو هڪ ليکڪ يا دانشور گهٽ.
گوبند مالهيءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ خوش نصيبي اها آئي جو هو پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ ۱۹۸۹ع ۾ هڪ ڀيرو سنڌ ڏسي سگهيو، جيڪا ورهاڱي کان پوءِ سندس زندگيءَ جي آخري رهجي ويل خواهش هئي. ساڻس سنڌ اچڻ واري وفد ۾ ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي، ڪرشن کٽواڻي، قيمت هريسنگهاڻي، ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي ۽ وينا شرنگي گڏ آيل هئا، پر وفد ۾ جيڪا آجيان گوبند مالهيءَ جي ٿي اها مثالي هئي. هو سنڌ ڏسي ويو سنڌ جي سفر بابت هڪ ڏکوئيندڙ سفر نامو لکيائين، جنهن هند ۽ سنڌ ۾ ڪافي پذيرائي ماڻي. پنهنجي آتم ڪٿا جا پنج جلد لکيائين ۽ ڏهين فيبروري ۲۰۰۱ع تي ممبئيءَ ۾ دهانت ڪيائين. سندس وڇوڙي جو ڏک هند توڻي سنڌ ۾ هڪ جيترو محسوس ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته سندس وڇوڙو ٻنهي ملڪن جي سنڌين لاءِ هڪ جهڙو ڏکوئيندڙ هيو سندس وڇوڙي سان سنڌي ادب کان هڪ عظيم ناول نويس موڪلائي ويو، جنهن جو پوراءُ هند توڻي سنڌ اڄ جي تاريخ تائين نه ڪري سگهي آهي ۽ بس.



دادا گوبند مالهي
سنڌي ادبي سنگت جو باني
 شاهد چنه
جتي سنڌ جي عظيم هستين جو ذڪر اچي ٿو اتي ڏات جا ڏيئا ٻاريندڙ گوبند مالهي به هڪ اهڙي عظيم شخصيت آهي جنهن علم ۽ ادب، سياست ۽ پورهيت سماج لاءِ، اهڙي جدوجهد ڪئي جو صدي گذرڻ باوجود به سندس نانءُ سڀني مورچن تي سپهه سالار جي حيثيت ۾ اڄ به موجود آهي.
گوبند مالهي، ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺارو شاهه ۾ ۸ آگسٽ ۱۹۲۱ع ۾ جنم ورتو. هن علمي ادبي حوالي سان ايڏو ته مان ماڻيو جو اڄ به ادبي کيتر ۾ نمايان نظر اچي ٿو.
هن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ۽ سنڌي ادب، سياست، ناٽڪ، ڊراما، ڪهاڻيون ۽ تنقيدي ادب تي ۳۶ ڪتاب لکيائين. جنهن ۾ ”ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون“، ”شرم ٻوٽي“، ان کان علاوه ”سنڌوءَ ڪناري“ فلم به جوڙيائين پر وقت جي بيرحم وهڪري جڏهن کيس ماتر ڀومي کان ڇني ڌار ڪيو ته وطن جي سرحد ڳوڙها ڳاڙيندي پار ڪري ڀارت پهتو. ان اتي به سنڌ ۽ سنڌي ادب لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اتان جي ٽه-مورتي؛ ڪيرت، اتم ۽ مالهي ايتري ته جدوجهد ڪئي جو نتيجي ۾ هندستان اندر سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو. مالهي جڏهن پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ گهمڻ لاءِ ۱۹۸۴ع ۾ هتي آيو ته ڪراچيءَ جي آرٽ ڪائونسل ۾ سگا پاران ڏنل آجياڻي دوران سنڌ جي ڏات ڌڻين سان مخاطب ٿيندي نيڻن مان نير وهائيندي چيو ھيائين ته؛ ”جنهن مالهي ۱۳ آڪٽوبر ۱۹۴۶ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ننڍڙو ٻوٽو پوکيو هجي ۽ اهو ٻوٽو جڏهن وڏو ٿي خوشبو جو رس ڦهلائي ۽ ان وقت ان مالهيءَ کي ان وڻ کان ڌار ڪيو وڃي، اوهان ٻڌايو ته ان وقت ان مالهيءَ جي ڪهڙي حالت ٿي هوندي؟“
واقعي به مالهي سنڌي ادب جي حوالي سان جيڪو ٻوٽو پوکيو، ان جي خوشبوءِ جڏهن ڦهلجڻ لڳي ته کيس ڌڪي ڌار ڪيو ويو. مالهي ممتا جي هنج ڇڏڻ بعد به الهاس ننگر جي اداس گهٽين ۾ خاموش ٿي نه ويٺو. لطيف جي ان سٽ وانگي؛ ”جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي.“
واقعي به مالهي پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين خاموش ٿي نه ويٺو.
هن سڄي زندگي سنڌي ادب ۽ پورهيت جدوجهد لاءِ ڪم ڪيو. انهيءَ جاکوڙ ۾ ۱۰ فيبروري ۹۰ واري ڏهاڪي ۾ وڇڙي ويو، جنهن کي اڄ به دادا گوبند مالهي جي حوالي سان سنڌ توڙي هند ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو ۽ جيستائين سنڌي ٻوليءَ ۽ ان کي چاهيندڙ رهندا، گوبند مالهي جو نانءُ امر رهندو.



گوبند مالهي
سنڌي ادبي سنگت جو باني
گل مورو
هيءُ ۴۵ ۽ ۴۶ جو زمانو هو سڄي برصغير ۾ انگريز سامراج خلاف نفرت چوٽ چڙهيل هئي، بنگال جي ڌرتيءَ تي ٽئگور جي گيتن جي گونجار هئي ته ٻولي بچايو، ڌرتي بچايو اهو ئي منظر نامو ڏسي ڪري سنڌ ۽ هند جي عظيم سپوت داد گوبند مالهي سنڌي ٻولي وطن ۽ ڌرتيءَ کي بچائڻ لاءِ ممتا جو مالهي بڻجي سنڌي ادبي سنگت جي نالي سان اهڙو ته ٻوٽو پوکيو جو سموري برصغير ۾ ڀٽائيءَ جي بيتن، سچل جي تصوف عنايت جي، جو کيڙي سو کائي جي فڪر کان وٺي هاري هلچل واري اهڙي ته لهر اُٿي پئي جو سنڌ جا فڪرمند ماڻهو ميدان تي نڪري پيا ٽئگور جي گيتن جيان سنڌ جا شاعر، اديب ۽ قلمڪار نارائڻ شام کان وٺي ڪيرت ٻاٻاڻي تائين کوڙ سارا قلمڪار پنهنجو قلم کڻي ڌرتيءَ جي بقا جي جنگ وڙهڻ شروع ڪري ڇڏي
ان زماني ۾ ساهتي پرڳڻي ۾ جنم وٺندڙ گوبند مالهي پنهنجي ئي جنم ڀومي ٺاروشاهه ۾ مهاتما گانڌي کي گهرائي ڪري کيس مڃتا ڏني ته فڪر ۽ نظريا مذهب جي بنياد تي ناهن ٿيندا قومن جو بنياد فطري ٻولين تهذيبن ۽ ثقافت جي بنياد تي ٿيندو آهي
ان زماني ۾ سنڌ توڙي هند اندر سنڌي ادب، سنڌي ٻولي ۽ تهذيب جي حوالي سان ۳ عظيم شخصيتون جن کي ٽي مورتي جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ اڄ به انهن ئي ٽنهي شخصيتن کي ادبي حوالي سان هند توڙي سنڌ ۾ وڏي مڃتا ملي ٿي جن ۾ گوبند، اُتم ۽ ڪيرت اهي ٽئي شخصيتون ئي هيون جن ڀٽائيءَ جي فڪر کي کڻي جهرجهنگ پهچايو ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي ايتري قدر جو جڏهن ۱۹۳۰ع ڌاري جمشيد مهتا سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو بنياد وڌو ته ان وقت به هي ٽئي شخصيتون ئي هيون جن رت ست ڏئي پوري برصغير ۾ پورهيتن جي راڄ کي قائم ڪرڻ لاءِ ۽ انهن جي وارثي لاءِ ميدان ۾ نڪري عملي قدم کنيا ۽ جڏهن سائين جي ايم سيد  ۽ شيخ اياز جي استاد حشو ڪيول راماڻي ڀريا جهڙي قديمي شهر ۾ ديوان ڪوڙو مل جي اڪيڊمي ۾ ناٽڪ منڊلين جو بنياد وڌو ته ان وقت اها علمي درسگاهه جنهن سڄي سنڌ کي شعور ڏنو پئي ته نياڻيون پڙهايو ڌرتي بچايو، انهيءَ تحريڪ ۾ به گوبند مالهي انهن سان گڏجي هر هنڌ هر جدوجهد ۾ شامل رهيو، اڄ به سنڌ جو اهو جهونڙو سيد فتح علي شاهه جنهن ديوان ڪوڙل مل جي ناٽڪ منڊلين ۾ خوبصورت نوجوان نينگري جو ڪردار ادا ڪندو هو ان جي اندر ۾ اهي ئي سمايل ڳالهيون بر زباني ياد آهن ۽ اهو ماسٽر چندر جيڪو مالهي جي گهر ڀرسان رهندو هو ۽ جتي پنهنجي پٽ منسک جي ياد ۾ منسک محل جوڙائي روزانو رات جو رياض ڪندو هو ۽ ڀڳت وجهندو هو ان وقت به هي گوبند مالهي هيو جنهن ڀڳت ڪنور رام کي گهرائي هن ئي نارنگين واري شهر ٺاروشاهه ۾ سڄي راڄ کي گڏ ڪري اهي درد ڀريا گيت ۽ وڇوڙي جا آواز سڻائيندو هو، ان سڄي عمل ۾ گوبند مالهيءَ جو ڪردار سنڌي ادب کي نوان رنگ ڏيڻ ۽ هند توڙي سنڌ ۾ پنهنجي سنڌي ٻولي جي بقا جي جنگ وڙهڻ لاءِ جيترو ڪردار ادا ڪيو اهو شايد ڪنهن ماڻهوءَ گهٽ ادا ڪيو هجي، اها پوهوءَ ماءُ جيڪا سمورين ڀڳتين کي ديس جي دردوندن کي ممتا جا گيت ٻڌائيندي هئي لوريون ڏيندي هئي ۽ نارائڻ شام جون سٽون ورجائيندي هئي ته:
الا ائين م ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي
ته هُئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي.
ته ڪيترن ئي دردوندن جي نيڻن ۾ لڙڪ لڙي پوندا هئا پر بي رحم ورهاڱي مالهيءَ کي وطن کان جڏهن ڌڪي ڌار ڪيو ته هن هند ۾ وڃي ساهتيا اڪيڊمي کولي اتي به پنهنجي ٽه مورتي واري ساٿين ڪيرت، اتم، نارائڻ شام کان وٺي حشو ڪيول راماڻي تائين گڏجي سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي تحريڪ هلائي ۽ هندوستان ۾ سنڌي ٻولي کي نيٺ هندوستاني سرڪار قومي ٻولي جو درجو ڏنو پر جهڙي طرح گوبند مالهي جو روح پنهنجي جنم ڀومي لاءِ آخري گهڙيءَ تائين هڏڪيون کائيندو ۽ تڙپندو رهيو ائين ئي سنڌي ٻولي قومي ٻولي بڻجڻ لاءِ پنهنجي ئي ڌرتي تي مالهي جي روح جيان تڙپي رهي آهي. اچو ته گوبند مالهي جي روح سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ کي بچايون.



گوبند مالھي
سنڌ تو کي ياد ڪري ٿي
رکيل مورائي
گوبند مالهي، سنڌ ۾ ڄائو ۽ هند ۾ وفات ڪيائين. دراصل اھو هڪ ئي کنڊ هئو، جنهن کي ۱۹۴۷ع ۾ ورهايو ويو. کنڊ کي ڇا ورهايو ويو، ماڻهن کي ورهايو ويو. انهن جي مذهبن کي ورهايو ويو. انهن جي خوابن کي ورهايو ويو. وڏي ڳالهه ته هن کنڊ جي سموري روشن مستقبل کي ورهايو ويو.  ائين گوبند مالهيءَ ۽ ٺارو شاهه کي به ورهايو ويو. ٺارو شاهه، ساهتي پرڳڻي جو اهو ننڍڙو شهر آهي، جنهن ادب ۽ ٻين فنن سان لاڳاپيل ڪيترين ئي اهم شخصيتن کي جنم ڏنو. جن مان ٻه شخصيتون هن کنڊ جي لاءِ گهڻيون اهم آهن. انهن مان هڪ آهي، هند جهڙي وڏي ۽ گهڻيون ٻوليون ڳالهايون ويندڙ ۽ لکيون ويندڙ ملڪ ۾ ”ناول سمراٽ“ جو اعزاز ماڻيندڙ گوبند مالهي ۾ ٻيو آهي ”سنگيت آچاريه“ جو اعزاز ماڻيندڙ ماسٽر چندر!
سنڌ وچين دور کان وٺي الڳ الڳ پرڳڻن جي حوالن ۾ به سڃاتي ويندي هئي. جن مان هڪ پرڳڻو ”ساهتي پرڳڻو“ جي نالي سان به آهي. جنهن ۾ نوابشاهه، سڪرنڊ، مورو، نوشهروفيروز ۽ ڪنڊيارو شهر اچي وڃن ٿا. هيءُ پرڳڻو، سنڌي ادب جي حوالي سان نهايت ئي اهم رهيو آهي ۽ ان اهم هجڻ جو هڪ اهڃاڻ گوبند مالهي به آهي.
گوبند مالهي نوشهري فيروز تعلقي جي هڪ ننڍڙي شهر ٺارو شاهه ۾، پنجين آگسٽ ۱۹۲۱ع تي ڄائو ۽ ۲۶ سالن جي عمر تائين سنڌ ۾ رهيو. هو سنڌي ادبي سنگت جو پهريون جنرل سيڪريٽري رهيو.
ڪراچي ۾ گوبند پنجابيءَ جي نئين دنيا پريس کي مرڪز بڻائي، هن سنڌي ترقي پسند لٽريچر ڇپائڻ جي شروعات ڪئي. ساڳئي وقت، ترقي پسند تحريڪ کي به زور وٺايو. گوبند پنجابي، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪيرت ٻاٻاڻِي، اي جي اتم ۽ ٻيا ڪيترا ئي ترقي پسند، سنڌ ۾ سندس ساٿي رهيا. سندس پهريان چار ڪتاب به ڪراچيءَ ۾ ئي ڇپيا، جيڪي هيٺ ڏنل آهن.
۱ . ساٿي (ترجمو) ۱۹۴۱ع
۲ . انقلابي سپاهي ۱۹۴۱ع
۳ . چتر ليکا (ترجمو)  ۱۹۴۶ع
۴ . انقلابي شاهراهه ۱۹۴۷ع
هن مٿيان سڀ ڪتاب، ترقي پسند سوچ ۽ نظريي جي اثر هيٺ لکيا. ائين ورهاڱو آيو ۽ هن کي اڏائي کڻي ويو.
پر هو جتي پهتو، اتي يڪدم هڪ ٽمورتي جوڙي ورتائين. جيڪا ترقي پسند ادب جي جڳ مشهور ٽمورتي جي نالي سان اڄ تائين پنهنجي هڪ خاص سڃاڻپ رکي ٿي. اها ٽمورتي آهي؛ گوبند مالهي، اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي. هن ٽمورتيءَ، سنڌ مان جلا وطن ٿيل/ ڪيل سنڌين کي، هندستان جهڙي وڏي ملڪ ۾ ڪيئن ٿانئيڪو ڪيو ۽ انهن کي پاڻ ۾ جوڙيو، اهو تاريخ جو هڪ ڊگهو داستان آهي، جيڪو گوبند مالهيءَ جي چئن جلدن ۾ لکيل آتم ڪهاڻيءَ، ”ادب ۽ اديب“ ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي جي چئن جلدن ۾ لکيل آتم ڪهاڻي ”ڪجهه ٻڌايم، ڪجهه لڪايم“ ۽ سنڌيت جي هلچل بابت سندس لکيل بيمثال ڪتاب ”سنڌيت جو سفر“ ۾ پڙهي سگهجي ٿي.
هت فقط ايترو چوڻو آهي ته هن پنهنجي لکڻين جي معرفت، ناٽڪ منڊلين جي معرفت ۽ ڪماري ڀڳونتي ناواڻيءَ جي ڪوئل جهڙي مٺڙي آواز جي معرفت، جيڪا هند ۾ سنڌين کي جوڙڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، اها هڪ بيمثال جدوجهد هئي. جنهن ۾ اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جو به هڪ اهم حصو آهي. سنڌ سان اڻميو پيار ڪندڙ گوبند مالهي، انهن ٿورڙن خوشنصيب اديبن مان هئو، جن کي ورهاڱي کان پوءِ هڪ ڀيرو وري سنڌ ڏسڻ نصيب ٿي. هو ۱۹۸۹ع ۾ سگا پاران ملهايل سچل امن ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، نارايڻ ڀارتي، ڪرشن کٽواڻي، قيمت هريسنگهاڻي ۽ وينا شرنگيءَ سميت شامل ٿيو. ائين هن کي هڪ ڀيرو سنڌ سان گڏ پنهنجي جنم هنڌ وارو ڳوٺ ٺارو شاهه به ڏسڻ نصيب ٿيو. ان وقت هن ڇا محسوس ڪيو هوندو، ان جو بيان سنڌ جي اديب عظيم سنڌي صاحب جي لفظ ۾ اهو هو ته ”هو جيترو وقت به ٺارو شاهه ۾ هئو، سندس اکين مان پاڻي نه بيٺو، پر هن اتي ڪو به اظهار نه ڪيو ۽ روشن تارا اسڪول موري ۾ اچي، هن پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي چيو هو ته ”مان مالهي آهيان، مون جيڪي گل ننڍپڻ ۾ ٺارو شاهه ۾ پوکيا هئا، انهن جي خوشبوءِ اڄ به مونکي اچي رهي آهي، جنهن ڪري منهنجو روح تازو توانو ٿي ويو آهي.“
گوبند مالهي هڪ نظرياتي ۽ تخيلقي اديب طور، سنڌ ۾ ئي پنهنجي آبرو دار جڳهه جوڙي ورتي هئي. پر هن هند ۾ وڃي سنڌين ۾ جيڪو مرتبو حاصل ڪيو، ان جو مثال نه ٿو ملي. هن پنهنجي ڄمار جيئندڙ سالن جيترا ئي ڪتاب لکيا. هن تي جيئري ئي رسالن خاص نمبر شايع ڪيا. سندس وفات کان پوءِ، مٿس ٻيا ته ڪي اهم ڪتاب لکيا ويا آهن، پر ممبئي يونيورسٽيءَ جهڙي اداري مٿس پي ايڇ ڊي جي ٿيسز قبول ڪندي، اسان جي دوست ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي کي اهڙو اعزاز ڏنو، جنهن هڪ لاجواب ڪتاب ”گوبند مالهي: شخص ۽ اديب“ نالي لکي، ممبئي يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪئي. ساڳئي وقت ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي اهو لاجواب ڪتاب پڻ شايع ڪيو آهي.
گوبند مالهي، الڳ الڳ موضوعن تي، مٿس ڪيل تحقييق موجب ۶۹ ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا آهن. جيڪو هڪ تمام وڏو تخليقي پورهيو آهي. هند جي ادبي/ حلقي ۾ ”ٺاهه گرو“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندڙ گوبند مالهي، هاڻ نه رهيو آهي. پر سندس سمورا ڪتاب سنڌي ادب جو اهڙو سرمايو آهن، جنهن تي سنڌي ادب فخر ڪندي ۽ هو سنڌي ادب ۾ سدائين ياد ڪيو ويندو.



گوبند مالھي کان به ٺاروشاھ نه وسريو ھيو
علي رضا قاضي
ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺارو شاهه ۾ ۵ آگسٽ۱۹۲۱ع ڌاري جنم وٺندڙ گوبند مالهي، جديد سنڌي ادب جو وڏو نالو آهي ۽ هميشه رهندو. دادا گوبند مالهي هڪ سؤ کان مٿي ڪهاڻيون، ۲ سئو کان مٿي مضمون، ۳۵ ناٽڪ ۽ ۲۸ ناول لکيا، ان ڪري ئي هن کي هند توڙي سنڌ ۾ سڀ کان گهڻا ناول لکڻ ڪري “ناول سمراٽ” (ناول جو شهزادو) سڏيو ويو.
گوبند مالهي کي ۱۲- ۱۳ سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي لکڻ جو شوق جاڳيو، اهو زمانو ۳۵-۱۹۳۴ع وارو هو. هن جي شروعاتي لکڻي مشهور جرمن شاعر گوئٽي جي ڪنهن نظم جو ترجمو هو، جيڪو سناتن ڌرم جي پرچارڪ ماهوار سنڌي رسالي “شڪارپور” ۾ ڇپيو.
گوبند مالهي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ۴۲-۱۹۴۱ع ۾ سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ڌارا جو بنياد وڌو، جڏهن ته سياسي حوالي سان ڪانگريس جو اثر قبول ڪيائين. هن ان عرصي ۾ ئي شاگرد سياست جي پيڙهه جو پٿر به رکيو، جنهن دوران هن جو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي سان تعلق پيدا ٿيو، جنهن کان هن مارڪسزم ۽ ڪميونزم جو سائنسي طريقي سان اڀياس سکيو ۽ گڏوگڏ ٻنهي ڄڻن ڪامريڊ محمد امين کوسي سان واسطو وڌايو.
دادا گوبند ۱۹۴۲ع ۾ ۳ مهينا جيل ۾ به رهيو، جيل مان نڪرڻ بعد ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو. ۱۹۴۴ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڪراچي جو سيڪريٽري پڻ ٿيو. ساڳي ئي سال هن ايل ايل بي جو امتحان به پاس ڪيو. نامياري اديب ڪيرت ٻاٻاڻي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته “۱۹۴۲ع جي جنگ آزادي وقت مون ۲ ترقي پسند شخصن جو نالو ٻڌو هو. هڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ٻيو دادا گوبند مالهي”. ان مان مالهي جي حيثيت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. دادا گوبند مالهي، ۱۹۴۲ع جي تحريڪ دوران سنڌ ۾ هڪ نئين تنظيم ٺاهڻ ڏانهن راغب ٿيو. سنڌي سرڪل کان سنڌي ادبي سنگت تائين جو سفر ان دور ۾ ٿيو. گوبند مالهيءَ کي ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادبي سنگت جو پهريون سڪريٽري هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي.
گوبند مالهي صحافت به ڪئي ۽ اسٽيج ناٽڪن، توڻي فلم جي هدايت ڪاري ۽ اداڪاري ۾ به حصو ورتو. مالهي جا پنج ناول “پکيئڙا”، “ولر کان وڇڙي”، “ڏيهي پرڏيهي”، “پيار جي شڪست” ۽ “پيار جي پياس” تمام مشهور رهيا آهن. مالهي، ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ کان جدا ٿي هندستان ڏانهن اڻ ڏٺي منزل ڏانهن روانو ٿيو. هو، جنهن جو ساهه سنڌ هئي، انهي کان وڇڙڻ وقت هن جي حالت ڪهڙي هوندي سا بيان کان ٻاهر آهي! سنڌ جي دل ٺارو شاهه شهر واسين کان اهو ڏينهن به ناهي وسريو، جڏهن ۳۰ نومبر ۱۹۸۹ع تي اسان جو دادا گوبند مالهي، ٺارو شاهه ۾ آيو هو. گوبند جو ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون” شاهد آهي ته گوبند کي سنڌ ۽ ٺارو شاهه سان ڪيڏي محبت هئي. ڀلا ڪيئن نه محبت هجي، جنهن جڳهه تي انسان ڄمي، نپني، وڏو ٿئي، اتي لاتعداد محبتون ڪري، اهو خطو هن کان ڪيئن وسري سگهندو. اڄ جڏهن گوبند جي اوڻويهين ورسي آهي ته هن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ هن جي ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون” مان هڪ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:
“مان پنهنجي پاڙي واري ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيس، هوءَ ڏاڍي سندر هئي پر هڪ مسئلو هو ته اسان ٻنهي جو مذهب الڳ هو. ان سهڻي ڇوڪريءَ سان سرعام عشق ڪرڻ جو مطلب هٿ وٺي مذهبي فساد ڪرائڻ هو، جيڪا ڳالهه مان ڪڏهن به نه پيو چاهيان، پر هن نادان دل کي ڇا ڪجي، جيڪا ڪنهن به صورت قابو نه اچي رهي هئي. آخر وڏي دليري ڏيکاريندي، اکين سان انهي من موهڻي صورت ڏانهن محبت جو پيغام موڪليم، جيڪو قبول پيو. هاڻي زبان سان همٿ ڪري شام جي ويل پنهنجي گهر جي پويان ٺهيل چوپائي مال جي واڙي ۾ ملڻ جو وچن ٿيو.
شام ٿي اسان لڪي لڪي اتي پهتاسين، تنهن زماني ۾ ٺارو شاهه ۾ بجلي نه آئي هئي، انهي ڪري شام به رات ٿي ويندي هئي. منهنجو من عشق جي آتش ۾ سر پور هو، ڪجهه دير ويهي رهاڻ ڪئي سين انهي کانپوءِ خوف جو عالم ۽ موڪلاڻي! موڪلائڻ مهل اسان ٻنهي کي الائي ڇا ٿيو جو بي اختيار ڳراٺڙيءَ ۾ پئجي وياسين! خبر ناهي ته اسان جو ڀاڪر ڪيستائين جاري رهيو؟ پر مون کي پنهنجي جسم ۾ هڪ عجيب ڪيفيت معلوم ٿي، جيڪا لفظن ۾ بيان ڪرڻ کان ٻاهر هئي!؟
ڪجهه مهينن اندر انهي مسلمان ڇوڪري سان ته منهنجي عشق جو ڊراپ سين ٿي ويو پر هن سان پاتل ڀاڪر جي ڪيفيت سمجهي نه سگهيم، تان جو ٺارو شاهه ۾ بجلي به اچي وئي. هڪ ڏينهن امان گهر ۾ بجلي جي تار ٺاهڻ جو چيو، مان به بجلي جي ڪم کان اڻواقف سو نه ڪيم هم نه تم سڌو هٿ بجلي جي تار ۾ ڪجهه سيڪنڊن اندر جسم ۾ ڪرنٽ ڊوڙي ويو. ڪجهه وقت لاءِ ته جسم ڄڻ سن ٿي ويو. انهي وقت پنهنجي يادداشت تي زور ڏنم ته بجليءَ جو هي ڪرنٽ اهو ساڳيو معلوم ٿيو، جيڪو ڪجهه سال اڳ مينهن جي واڙي ۾ انهيءَ چنچل ڇوڪريءَ سان ڀاڪر ۾ محسوس ٿيو هو.”
اهو شوخ ۽ چنچل ڳالهين وارو گوبند ۱۰ فيبروري ۲۰۰۱ع ۾ اسان سڀني کان موڪلائي ڪٿي ڏور سنڌ جي آسمان ۾ گم ٿي ويو. هن جي وڇوڙي تي جتي سڄي سنڌ رنجيده هئي، اتي ٺارو شاهه جي به ڪيترن ئي گهرن مان سڏڪن ۽ آهن جا آواز اٿيا هئا. روئڻ وارن ۾ هن جا اهي دوست هئا، جن سان هن شهر جي شاهي بازار ۾ ويهي نوري مشڪري سان ڀوڳ ڪيا هئا.
گوبند جي مرتيي تي سڏڪا انهن به ڀريا هئا جن ڪتاب “ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون” پڙهي پنهنجي سيني ۾ فخر جي لهر اٿندي محسوس ڪئي هئي ته گوبند کان پنهنجو محبوب شهر ٺاروشاهه اڃان به وسريو ناهي.


گوبند مالھي
تون وڇڙيو آهين، وسريو ناهين
رکيل مورائي
هند ۽ سنڌ جو هاڪارو اديب، دانشور ۽ ٻين ڪيترين خوبين جو مالڪ گوبند مالهي، ۵ آگسٽ ۱۹۲۱ع تي ساهتي پرڳڻي جي نهايت اهم، پران وقت جي ننڍي شهر ٺاروشاهه ۾ جنم ورتو. هن سنڌ ۾ رهڻ دوران ئي ادبي ۽ سياسي حوالي سان لکڻ شروع ڪيو ۽ هند ۾ وڃي آخري عمر تائين لکندو رهيو. ”ناول سمراٽ“ جو خطاب ماڻيندڙ گوبند مالهي، هند ۾ رهندڙ سنڌي جاتي ۽ سنڌي اديبن جي مستقبل کي ٺاهيندڙ شخصيتن مان هڪ اهم شخصيت آهي، هن ڪيترا ناول لکيا، ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکيون آهن.
گوبند مالهيءَ سنڌي ”آوازي ڪلچر“ کي هند ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪيترن هنڌن جا چڪر لڳايا ۽ ڀارت ۾ وسندڙ سنڌين کي وسائڻ ۽ سنڌي ٻولي ۽ ڪلچر کي قائم ڪرڻ لاءِ سڄي زندگي ارپي  ڇڏي ۽ ساڳئي وقت تخليقي ڪم به ڪندو رهيو.
گوبند مالهي هند جي سنڌين جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جو اڏيندڙ به آهي ته وڏو ناٽڪ نگار ۽ ناٽڪ ڊائريڪٽر به رهيو آهي. کيس سندس ناول ”پيار  جي پياس“ تي  هند سرڪار جي وڏي ۾ وڏي ادبي اداري مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ ۱۹۷۳ع سال لاءِ انعام سان نوازيو ويو. هن ڪيترين ڪهاڻين، ناولن ناٽڪن ۽ ٻين موضوعن کان سواءِ پنهنجي، آتم ڪٿا به پنجن جلدن ۾ لکي آهي. جيڪا وڏي مڃتا ماڻي چڪي آهي ۽ ٻيهر سنڌ ۾ پڻ شايع ٿي آهي.
گوبند مالهي شايد پهريون سنڌي اديب آهي، جنهن تي ”ڪونج“ ۽ ”سپون“ رسالن، خاص نمبر ڪڍيا. ان کان سواءِ سندس شخصيت ۽ ادبي ڪارج تي ممبئيءَ جي هڪ اديب، هولارام هنس هڪ ڪتاب ”گوبند مالهيءَ جي سنڌي ناول ۾ يگاني دين“ نالي ليکو آهي. شايد هيءُ ئي اڪيلو اديب آهي، جنهن تي ممبئي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي وئي آهي ۽ ان ڪتاب کي ممبئي يونيورسٽيءَ پاران ۲۰۰۲ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنهن جو نالو آهي: ”گوبند مالهي، شخص ۽ اديب“. هن ڪتاب جو ليکڪ آهي، ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي. اهو ممڪن آهي ته مون جهڙي ٿوري علم رکڻ واري پاٺڪ کان گوبند مالهيءَ جا ڪي ڪتاب ذڪر ڪرڻ کان رهجي ويا هجن، تنهن هوندي به سندس جيڪي ڪتاب مون کي ميسر ٿي سگهيا آهن، انهن جو تعداد ۵۱ آهي.
هن سنڌي ٻوليءَ ۾ الڳ الڳ ٻولين جا ڪيترائي ڪتاب ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀري آهي. ورهاڱي کان اڳ هو پنهنجي ڳوٺ ٺارو شاهه مان  پڙهڻ لاءِ ڪراچي آيو جتي سندس ملاقات گوبند پنجابيءَ سان ٿي، جيڪو ان وقت ترقي پسند ادب کي ڇاپڻ لاءِ پريس قائم ڪري چڪو هو ۽ اتان ئي ”نئين دنيا“ نالي پبليڪيشن جاري ڪري چڪو هو، جنهن پاران سنڌيءَ ۾ ڪي اصلوڪا ڪتاب ۽ ڪي ترجمو ڪري ڇاپي چڪو هو، ڪراچي ۾ گوبند مالهيءَ جي دوستن ۾ شيخ اياز، نارايڻ شيام، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، اي ڪي هينگل، موهن پنجاپي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي جي اتم ۽ ٻيا ڪيترائي ترقي پسند شامل آهن، جيتوڻيڪ حشو ڪيولراماڻي کائنس عمر ۾ وڏو هئو تڏهن به سندن دوست ڪوٺي سگهجي ٿو. هي سڀ اهي شخص هئا جن سنڌي ٻوليءَ ۾ ترقي پسند ادب جي آبياري ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ حشو ڪيولراماڻي، گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي جي اتم ۽ ٻيا ڪيترائي ترقي پسند سنڌي اديب هند لڏي ويا، پر ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سنڌ نه ڇڏي ۽ هتي ئي رهي پيو، هند ۾ وڃي گوبند مالهي، اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻيءَ جي ٽمورتيءَ ”نئين دنيا“ جاري ڪئي جيڪا آخر تائين اي جي اتم جي سمپادڪيءَ هيٺ ڪتاب ڇاپيندي رهي، نئين دنيا پبليڪيشن جا ڪيترائي ڪتاب ترقي پسند ادب جا شاهڪار ڪتاب آهن، جيڪي وري وري ڇپائڻ جهڙا آهن.
گوبند مالهيءَ لکڻ کان سواءِ هند ۾ جيڪا سنڌي ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوشش ڪئي اها پڻ هاراهڻ جوڳي آهي پر هن جيڪي پنهنجون لکڻيون ايڪونجاهه ڪتابن ۾ ڏنيون آهن اهي سنڌي ادب جو اهڙو حصو آهن، جنهن کي سدائين ياد رکيو ويندو. گوبند مالهيءَ هند ۾ آوازي ڪلچر کي ڦهلائڻ لاءِ ڪيترائي فورم جوڙيا، جن سڀني کي هو ڪاميابيءَ سان هلائي سگهيو. هڪ طرف تخليقي ڪم ڪرڻ ۽ ٻئي طرف سنڌيت جي ڦهلاءَ لاءِ جيڪا هن تبليغ ڪئي، اها خود هڪ تاريخ ۾ لکڻ جهڙي آهي. ڪوئل جهڙي مٺڙي آواز واري ڀڳونتي ناواڻي، مالهي صاحب جي دريافت هئي، جنهن پنهنجي مٺڙي آواز سان هند جهڙي وڏي ملڪ ۾ ڇڙ وڇڙ ٿي رهندڙ سنڌين کي ته پاڻ ۾ جوڙيو پر سنڌ جي سنڌين کي به هند جي سنڌين سان ڳنڍيو.
گوبند مالهي سڄي زندگي سنڌ پرست ڪميونسٽ رهيو پر آخري عمر ۾ هو سڀني ترقي پسند دوستن کي چوندو هئو ته ”هاڻ مون ڪميونزم کي تصوف ۾ وهنجاريو آهي“ ان ڳالهه مان ڀلي ڀت سمجهي سگهجي ٿو ته هو آخري عمر ۾ تصوف ڏانهن لاڙو رکندو هئو.
گوبند مالهيءَ جي زندگيءَ ۾ هڪ خوش نصيبي اها آئي جو هو پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ ۱۹۸۹ع ۾ هڪ ڀيرو سنڌ ڏسي سگهيو، جيڪا ورهاڱي کان پوءِ سندس زندگيءَ جي آخري رهجي ويل خواهش هئي. ساڻس سنڌ اچڻ واري وفد ۾ ڊاڪٽر مرلي ڌر جيٽلي، ڪرشن کٽواڻي، قيمت هريسنگهاڻي، ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي ۽ وينا شرنگي گڏ آيل هئا، پر وفد ۾ جيڪا آجيان گوبند مالهيءَ جي ٿي اها مثالي هئي. هو سنڌ ڏسي ويو سنڌ جي سفر بابت هڪ ڏکوئيندڙ سفر نامو لکيائين، جنهن هند ۽ سنڌ ۾ ڪافي پذيرائي ماڻي. پنهنجي آتم ڪٿا جا پنج جلد لکيائين ۽ ڏهين فيبروري ۲۰۰۱ع تي ممبئيءَ ۾ ديهانت ڪيائين.




گوبند مالهي
ترقي پسند تحريڪ جو اڏيندڙ
سجاد ظهير
ترقي پسند سياست سنڌ جي سڃاڻپ رهي آهي، هن سياست سنڌ ۾ ادب ۽ سماج جا جيڪي ڳانڍاپا جوڙيا اهي ترقي پسند فڪر جا تمام وڏا اهڃاڻ آهن. اهڙو ادب جيڪو سماج ۾ مظلوم جي ڏکن ۽ ڏوجهرن جي ترجماني ڪري، انهي جي عملي شروعات انساني تاريخ جي شروع ٿيڻ کانپوءِ، انساني جاکوڙ سان جڙيل نظر اچي ٿي. ننڍي کنڊ ۾ ترقي پسندي جي نالي هيٺ انهي ادب جو بنياد پيو. هي ادبي تحريڪ انهي سامرج دشمني جو بنياد هئي جيڪا برصغير ۾ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ شروع ٿي. هن ادب تاريخ ۾ جيڪا سوڀ حاصل ڪئي، اها پنهنجي دور جي تاريخ سمجهي وڃي ٿي. سنڌي سماج تي ان ادب ۽ سياست جا تمام چٽا ۽ پختا اثر نظر اچن ٿا. کوڙ نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. هڪ ڊگهي قطار آهي جنهن تي تحقيقي طور لکڻ جي ضرورت آهي. هيءَ اها عوامي تاريخ آهي جنهن جا بنياد تاريخ جي جديد تاريخدانن مرتب ڪيا. انهن ترقي پسند سياست کي نه رڳو هٿي ڏني پر انهي کي تمام مضبوط لاڙا ڏنا. اڄوڪو ڏينهن انهي تحريڪ جي هڪڙي سرواڻ جي وڇوڙي جو ڏهاڙو آهي. اسان جي تاريخ کيس گوبند مالهي جي نالي سان ياد ڪري ٿي. هو هڪ ئي وقت سياست ڪار سان گڏ هڪڙو اهڙو ليکڪ هئو جنهن هڪ نئين ترقي پسند سنڌ جو بنياد پئي وڌو. سندس قلم ناول، ڪهاڻي، ناٽڪ، ترجمي، مضمون، سهيڙ ۽ آتم ڪٿا تي تاريخي ليک لکندو رهيو.
سندس جنم ۵ آگسٽ ۱۹۲۱ع موجودهه ضلعي نوشهري فيروز جي شهر ٺاروشاهه (ان وقت ضلعي نواب شاهه) ۾ ٿيو. سندس خاندان جو پيشو زمينداري هو. ميٽرڪ تائين پاڻ اباڻي شهر۾ پڙهيو. جڏهن ته ميٽرڪ جا اهي امتحان سنڌ جي ٽن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ ٿيندا هُئا. گوبند اهي امتحان ڪراچي ۾ ڏنا هُئا. انهي دروان هن پنهنجي ويجهي مختلف سياسي تبديلي ۽ خيالن کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. هيءُ سماج هندو مسلم فرقن ورهايل هو، انساني رويا ڏاڍا سخت ٿيندا پئي ويا. هيءُ هندستان جي سياسي اُٿل پُٿل جو دور هيو جنهن ۾ هڪ طرف ڪانگريس جي انگريزن سان ڳٺ جوڙ واري پاليسي جي سياست جاري هئي ته ٻئي طرف مسلم ليگ مسلمانن کي هروڀرو قوم جي قطار ۾ بيهاريو بيٺي هئي. ٽئين طرف اهڙا محاذ هئا جيڪي انگريزن جي تڏا ويڙهه کان سواءِ ٻئي ڪنهن به فارمولي جي حق ۾ ڪين هئا. ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا اهڙي ڌڙي جي سرواڻي ڪري رهي جنهن ۾ مزاحمت ڪندڙ جٿا به سندن ڪردار ۽ عمل کان متاثر ٿي جدجهد ۾ اڳ ڀرا هئا. گوبند مالهيءَ به اهڙي دور ۾ اک کولي سندس شعور ان سموري ماحول کي پرکڻ شروع ڪيو. هو ننڍپڻ ۾ پيار جي ٻنڌڻن ٻڌجڻ شروع ٿي ويو. زينو(زينت) نالي ڇوڪرِيءَ جو ذڪر سندس ياد جي پنن ۾ ملي ٿو. ڀوڳن ۾ کيس زينو پاران شيطان سڏيو ويو. هِن اُن نالي کي پنهنجو تخلص بڻائي ڇڏيو. سندس پهريان شعر انهي نالي سان “سنسار سماچار” ۽ “هندو” ۾ ڇپيا.
سندس وڌيڪ تعليم لاءِ شڪار پور جي سي ائنڊ ڪاليج جي چونڊ ڪئي وئي. انهي جا ٻه سب ڄاڻايا ويا آهن، سندس گهرڀاتين مطابق ته اتي ڪراچي جهڙو ماحول آزاد خيالي ۽ بري سنگت جو نه هجڻ هو، ٻيو ته شڪارپور ۾ ڪجهھ ڄاڻ سڃاڻ وارا سندس مائٽ هُئا. ڪاليج شڪار پور شهر کان ٻاهر هو، آزادي جي تحريڪ جو مرڪز هو. وچولي طبقي جا شاگرد تعيلم هيٺ هُئا. سي ائند ڪاليج جو ماحول مالهي صاحب تي اثرانداز ٿيو. هن اتي سياست جا مختلف پاسا ڏٺا ۽ پرکيا. ۳۱ آڪٽوبر تي جڏهن سنڌ جي درويش صوفي راڳي سائين ڀڳت ڪنور رام کي رُڪ اسٽيشن وٽ شهيد ڪيو ويو، گوبند مالهي انهي وقت پنهنجي ڳوٺ ٺارو شاهه ۾ هو. هيءُ سموري سنڌ ۾ تمام وڏو واقعو هو، جنهن امن کي ڦاهي تي چاڙهي ڇڏيو هو. سموري سنڌ ٻري اٿي هُئي، هڪ طرف اهو بنياد پرستي جو ماحول هو ته ٻئي پاسي ترقي پسند سياست جا نعرا انقلاب زندهه باد، سامراج مردهه باد تحت گونجي رهيا هُئا. مالهي صاحب وڏي تيز نظر سان ڏسي رهيو هو، سموري عالمي توڙي ڏيهي تبديلي کي محسوس ڪري رهيو هو.
مالهي صاحب جي اڳيان سنڌ جو هڪ ٻيو نقشو گردش ڪري رهيو هو، جيڪو فقط بنياد پرستي جي برساتي تباهي کانسواءِ ڪجهھ به نه هو، سندس ذهن تي ٻيو بم تڏهن ڪريو، جڏهن سکر ۾ هندو مسلم تڪرار شروع ٿيو، جنهن کي تاريخ  مسجد – منزل گاهه جي سانحي طور ياد ڪري ٿي. انهن واقعن سنڌي سماج تي تمام گهرو اثر ڇڏيو، ڀڳت ڪنور رام جنهن اڪثر مسلمانن جا گيت ۽ ڪافيون ڳايون، پري پري تائين سندس راڳ ۾ ڪو مذهبي فرق اڄ تائين نظر ڪونه ٿواچي. انهن واقعن سنڌ جي هندن کي جهوري وڌو هو. گوبند جو جيءُ جهري پيو هو. سندس والد کيس ڀڳت ڪنور جي ڏکوئيندڙ شهادت کان پوءِ شڪارپور ڪاليج بجاءِ ڪراچي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيو.
گوبند ٻيو ٽرم ڏيڻ لاءِ ڪراچي پهتو. مٺارام هاسٽل شاگردن سان ڀريل هجڻ ڪري گوبند پنهنجي رهائش دولت آهوجا وٽ ڪئي، جيڪو سندس ڪنهن وقت ۾ پاڙيسري هو. ڪراچي ۾ سندس ڪچهرين جا مرڪز ايراني ريسٽورنٽ، مٺارام هاسٽل، ڊي جي سنڌ ڪاليج ۽ مزدور يونيون رهيون. هو سياست ۽ سماج کان واقف ٿيڻ لاءِ “سنڌ آبزرور” ۽ “ڊيلي گزيٽ” پڙهندو رهيو. هندو مسلم جهيڙن کان پوءِ ڳوٺ ۾ سندس مسلمان دوستن جا لاڙا تبديل ٿيڻ لڳا. سندس ننڍپڻ جا ساٿاري هندن بجاءِ مسلمان کي ترجيع ڏيڻ لڳا. ڪانگريس ۽ ليگ مخالف فقط مذهبي نقطو وڃي بچي هُئي. ٻئي ڌريون آزادي ۽ مفاد پرستي جي چڪر ۾ عظيم تهذيب کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ لاءِ سندرو ٻڌيو بيٺيون هيون.
گوبند مالهي لاءِ اهڙي ٻُوسٽ ۽ گھُٽ واري ماحول ۾ ڪراچي هڪ نئون جيئدان ثابت ٿي. ڊي جي سنڌ ڪاليج ان وقت سنڌ جي انقلابين ۽ وطن پرستن جو ڳڙهه هو، شاگردن جي تحريڪ کيس تمام گهڻو متاثر ڪيو. “فيون گهٽايو قسطن ۾ وٺو” نعري واري جدوجهد سندس زندگي جي پهرين سياسي تحريڪ هوئي جنهن کي هن پنهنجي اکين سان ڏٺو. ان سموري تحريڪ جو سرواڻ حشو ڪيولراماڻي هئو، جيڪو ڪاليج جو شاگرد نه هجڻ باجود شاگرد سياست ڪري رهيو هو، سندس علمي ڇاپ  ڏاهپ جي ذريعي شاگردن تي قائم هُئي. گوبند مالهي جي شخصيت تي سندس اثر وڌندو ويو. سندس سياسي ڏاهپ ترقي پسند سياست ۾ گوبند کي سرگرم بڻايو. حشو جي تقرير ۽ تحريرگوبند کي متاثر ڪندي رهي. اتي سندس ملاقاتون نارائڻ داس بيچر، قاضي غلام مجتبيٰ، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي ڪي هنگل ۽ امين کوسي سان ٿيون. جن ملاقاتن کان پوءِ سندس ذهن تبديل ٿيڻ لڳو.
مالهي جي بقول ته کيس راڌو تلسياڻي مختلف ننڍين وڏين تقريبن ۾ وٺي وڃڻ لڳو، گانڌي گارڊن پٺيان رام مشن ۾ سندس ملاقات سوامي رنگا ناٿا سان ٿي، مالهي تي انهي جي فڪري ۽ علمي ڄاڻ جو سٺو اثر ٿيو. رنگا ناٿا مارڪسزم ۽ سماج واد تي بهترين انداز سان ويچار ونڊيندو هو، رنگا ناٿا سوشلزم کي هندو ازم جي اثر هيٺ ڏسڻ جو ورد ڪندو، هن جو مقصد هو ته Socialism Through to Geeta سمجهجي، جنهن مالهي کي انهي عنوان وارو سوامي شوانند جو ڪتاب ڏنو. سوامي جي خيال پرست نظرين مالهي جي ذهن ۾ ڌرم جي لاءِ سافٽ ڪارنر جڏهن ته سياست لاءِ تنقدي خيالن جو اثر وڌايو.
گوبند مالهي جي بقول ته سندس مائٽ ليکي کيس ايل ايل بي ڪرڻ جو مشهورو ڏنو، رهائش لاءِ شهاڻي ڪاليج ڀرسان کيس هڪ فليٽ جي افر ڪيائين، ليکي کيس ٻڌايو ته اتي سندس هڪڙو دوست به گڏ رهندو، ليکي کيس ان دوست جا قصا ٻڌائڻ شروع ڪيا، اهو شانتي نڪيتن مان پڙهي ايندڙ سوڀو گيان چنداڻي هو، گوبند جي بقول اتي سوڀو ۽ آئون ساهتي ڪلب ۾ ماني کائيندا هئاسين، هفتي جي اندر سوڀي ۽ گوبند ۾ اهڙي گهرائي ٿي وئي ڄڻ ورهين جا وڇڙيل هُئا. کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ ادب ۽ سياسي فڪري ڪتاب به گوبند کي سوڀي پڙهايا. سويت جنگ جا اثر اسان جي خطي تي جيئن وڌڻ لڳا. تيئن ڪراچي جي شاگرد هلچل ۾ تيزي آئي. هڪڙو ڏينهن اهڙو به آيو جو ڪاليج منجهان ۱۴ شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن ۾ گوبند مالهي به شامل هو. مالهي صاحب جي بقول ته جيل سندن لاءِ ناناڻو گهر هئو. ساڻن ملاقات لاءِ هڪ ڏينهن ڪاليج جو پرنسپال به آيو.
ٽن مهينن جو قيد ڪاٽي جڏهن گوبند آزاد ٿيو ته سوشلسٽ خيالن جو پختو ڪامريڊ ٿي موٽيو. جڏهن “نئين دنيا” جاري ٿيو ته گوبند کي ان جو ايڊيٽر بڻايو ويو. گوبند ان دوران خواجه احمد عباس جي ڪهاڻين جو مجموعو “رقاصه” ترجمو ڪيو. جڏهن ته ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا ڪراچي جي سيڪريٽري طور ذميواريون به سنڀاليائين. سنڌي ادبي سنگت جو بنياد پڻ عمل ۾ آندائين. پاڻ پهريون سيڪريٽري بڻيو.
ورهاڱي کان پوءِ هندستان ۾ هن آرٽ ۽ ادب کي موضوع بڻايو. ڪميونسٽ پارٽي جي ساٿي تنظيم آل انڊيا پيپلز ٿيٽر ايسوسيئيشن جو صدر پڻ رهيو. هو ترقي پسند فڪر تي قائم رهيو، سندس سٿ ”ٽه مورتي“ جنهن ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ اي جي اتم شامل رهيا. گوبند انهن سان گڏجي ترقي پسند ادب جي آبياري ڪندو رهيو. سندس آتم ڪٿا پنجن ڀاڱن ۾ ڇپي جيڪا سنڌ ۾ “سنڌڙي منهنجي جندڙي” جي نالي سان هڪ ئي ڪتاب جي شڪل ۾ ڇپجي چڪي آهي. جنهن کي سنڌي ادب ۽ ترقي پسند ادب جو ڊاڪيومينٽ چئي سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي هن عظيم ترقي پسند ليکڪ جو وڇوڙو ۱۰ فيبروري ۲۰۰۱ع تي بمبئي ۾ ٿيو، سندس جسم جدا ٿيو پر سندس فن ۽ فڪر جنهن هڪ نئين سماج جي ويڙهه جي شروعات پنهنجي جنم ڀومي کان ڪئي هُئي، اها فڪري ويڙهه مرڻ گهڙي تائين هن قلم جي جي صورت جاري رکي. جيڪا اڃا تائين ڪتابن جي صورت حيات آهي. حيات رهندي.


گوبند مالهي
ترقي پسند اديب
رڪ سنڌي
ساڻيهه اشاعت گهر طرفان اسان اهڙو مواد پيش ڪندا رهنداسين، جيڪو سنڌ ۾ انقلابي ماحول ۽ سياسي سجاڳي پيدا ڪري سگهي. اسان جي پـٺتي پيل سماج ۾ نئون روح ڦوڪي، ان کي تازو توانو رکڻ سان گڏ ان جو آئيندو به روشن ڪري سگهي. جيئن سنڌي قوم غفلت جي ننڍ ڇڏي سجاڳ ٿي، پنهنجو وڃايل قومي وقار بحال ڪرائي ۽ ٻيهر دنيا جي آزاد قومن سان گڏ ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ شريڪ ٿي سگهي.
ان مقصد تحت اسان هند ۽ سنڌ جي ترقي پسند اديب سائين گوبند مالهيءَ جو ورهاڱي کان اڳ ڇپيل اصلوڪو ناول ”انقلابي سپاهي“ ٻيهر ڇپائي رهيا آهيون. گوبند مالهيءَ جو هيءُ ناول سنڌي زبان جي انهن ٿورڙن اصلوڪن ناولن منجهان هڪ آهي، جيڪي برصغير ۾ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ توڙي طبقاتي سماج خلاف ٿيندڙ جدوجهد جي پس منظر ۾ لکيا ويا آهن ۽ خاصي شهرت حاصل ڪري چڪا آهن.
گوبند جون لکڻيون، هند سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جون آئينيدار آهن. سندس لکڻيون سماجي حقيقت نگاريءَ تي ٻڌل هجڻ سان گڏ، انقلابي عمل کي تيز ڪرڻ جون سموريون گهرجون پوريون ڪن ٿيون. هن جون لکڻيون اڄ به اسان جي لاءِ ايتريون ئي سودمند آهن، جيتريون اهي لکڻ وقت هيون.
هن ناول ڇپجڻ کان ٿورو اڳ (جولاءِ ۱۹۸۴ع ۾) سنڌ ۾ ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ طرفان گوبند جو هڪ ٻيو اصلوڪو ناول ”شرم ٻوٽي“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جيڪو سنڌ ۾ غير طبقاتي سماج لاءِ جدوجهد جي پس منظر ۾ لکيل آهي ۽ سنڌ جي ڀرندڙ جاگيرداري سماج جي قدرن جي تصوير ڪشي ڪري رهيو آهي. جڏهن ته هيءُ ناول ”انقلابي سپاهي“ برصغير، هند سنڌ ۾ انگريزن خلاف ڏيهي ماڻهن جي هلايل آزاديءَ جي تحريڪ جي پس منظر ۾ لکيل آهي. اهي ٻئي ناول اسان جي هن دور جي حالتن مطابق آهن. هن وقت سنڌ ۾ سنڌي ماڻهو ٻه طرفي ويڙهه وڙهڻ ۾ مشغول آهن. هڪ طرف هو مادر وطن کي پرڏيهي پرمارن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ جي جنگ جوٽي چڪو آهي ته ٻئي طرف ڏيهي ڦورن ۽ لٽيرن جي ستيا ناس ڪري غير طبقاتي سماج قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ۾ مصروف آهي. ان ڪري گوبند مالهيءَ جا هيءُ ٻئي ناول اسان جي ضرورتن جو پورائو ڪندڙ آهن ۽ انهن جو عملي اڀياس ڪرڻ ۽ انهن ۾ ڏسيل واٽ تي عمل ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو.

(رڪ سنڌي طرفان گوبند مالهيءَ جي ڪتاب ”انقلابي سپاهي“ جا ٻه اکر، ڇپيل، آگسٽ ۱۹۸۴ع)



دادا گوبند مالهي ۽ پڊعيدن جي مائي پٺاڻي

گل مورو

مرد ڀل ڪيترو طاقتور ۽ بهادر ڇونه هجي پر جيڪڏهن ڪا عورت مڙس ماڻهو بڻجي ميدان تي نڪري پوي ته گهڻن ئي مردن کي مات ڏئي سگهي ٿي. عيدن مل جي پٽ تي جوڙيل شهر پڊعيدن جي پهلوان مائي پٺاڻي ايتري ته طاقتور هئي جو سڄي ڏيهه ۾ مشهور هئي، جو اوچتو ئي اوچتو پڊعيدن ۾ رهندڙ ”ڀتلي“ پٺاڻي ۽ سنڌي ادب جي مالهي گوبند مالهيءَ جي وچ ۾ پريت جو پيچ جڙي پيو. جنهن جو ذڪر گوبند مالهيءَ پنهنجي جيون ڪهاڻيءَ ۾ ساڻس ٿيل پهرئين ملاقات جو ذڪر ڪجهه هن ريت ڪيو آهي ته:

”مان اسڪول جي وئڪيشن ۾ ڪيڏانهن وڃان نه وڃان پر ڀاءُ جي ساهرن ڏي ضرور ويندو هئس. هڪڙي دفعي ڀاءُ جي ساهرن جي پاڙي ۾ اوچتو مائي پٺاڻي ڇوڪريءَ جي هاڪ ٻڌم ته ڇوڪرن کان چالاڪ به آهي ته بهادر به. مجال آ جو ڪو به هن سان سينو ساهي سگهي. هوءَ هر ڪنهن جا ور لاهي ڇڏيندي آهي. زبان سان به ته، مُڪن سان به. مون ڀاڄائيءَ جي سؤٽ ”هرگن“ کان پڇيو گهڻي عمر اٿس؟ هرگن جواب ڏنو ته تو کان مون کان سال ٻه وڏي ٿيندي. مان بي اختيار چئي ويٺس ته جي مردن جو مٽ آهي ته شڪل صورت ۾ ضرور موچاري هوندي؟

اوچتو هوءَ ڪمري اندر گهڙي آئي، وڄ جيان چوندي آئي، موچاري ٿي لڳان مان توکي!؟ منهنجو وات اتي ئي گودو ٿي ويو. الائي ڪيئن مون کان وسري ويو ته، جنهن کي پٺاڻي ٿا چون سا سانوري ڪيئن هوندي؟ هن نالي جي ٻنهي وصفن سان نڀايو هو. هن جي فلڪ به پٺاڻڪي هئي ته ڳلن مان به ڄڻ رت ٿي ٽپڪيس. مان هن ڏانهن ئي نهاري گم ٿي ويس، هن منهنجو هٿ پڪڙي ورتو، للڪاريائين ”ڇڏاءِ پنجو“ وڌاءُ نٿو ڪريان جو زور ڏنائين ته مون کان دانهن نڪري وئي. هن ٽهڪ ڏنو ۽ هُن منهنجو هٿ ڇڏي ڏنو. چيائين وٺ معاف ڪيو مانءِ. مهمان آهين، پهريون دفعو آيو آهين. هوءَ منهن ڦيري هلي وئي. چوندي وئي ”موچاري نه چئج“ هرگن ٺٺول ڪندي، چيو ته ڏٺئي نه پڊعيدن جي پٺاڻي.“

پٺاڻي ۽ مالهي جي ٻي ملاقات ڪراچي گارڊن واري علائقي ۾ اتي ٿي، جڏهن پٺاڻي پرڻجي ڪراچيءَ ۾ رهندي هئي. جڏهن مالهي ساڻس ملڻ لاءِ سندس گهر پهتو ته پٺاڻيءَ جو مڙس جيڪو منارڪي دڪان جو ڌنڌو ڪندو هو، اتي پهچڻ سان ئي پٺاڻي پڻ پهچي وئي. هن جي مڙس پٺاڻيءَ کي چيو کيس مٿي گهر وٺي هلينس. پٺاڻي پنهنجي ور کي چيو هي آهي منهنجي ڌرم جو ڀاءُ ”گوبند“ مون ڏانهن نهاريندي چوڻ لڳي ٿيندين نه منهنجو ڀاءُ! ٻيو ڪجهه نه کپي مون کي پنهنجي شاديءَ ۾ گهرائجانءِ. منهنجي دل جي خواهش آهي ڀاءُ جي شادي ڏسڻ جي! پر افسوس جو پويتر پيار پٺاڻيءَ جو ئي رهيو. جڏهن مالهي انقلابي سرگرمين جي ڪري ٽي مهينا جيل ويو ته پٺاڻي جيل وڃي پهتي. گوبند جي سرد مهري هوندي به سندس لاءِ راهون پئي نهاريون. پر مالهيءَ شادي ڪئي ته کيس دعوت ئي نه ڏنائين. پر جڏهن ٻچا وٺي ڪراچيءَ آيو ته پٺاڻي ڳولهي وڃي سندس گهر هٿ ڪيو. اٺين پندرهين ڏينهن سندس گهر ۾ ڀيرو ضرور ڀڃندي هئي. گوبند جي (پتني) گهرواري ديوي پڻ کيس نڻان سمجهي جهجهو قرب ڏيندي هئي. جڏهن گوبند گهر کان ٻاهر هوندو هو. پٺاڻيءَ جو خطن ذريعي گوبند جي ماءُ پيءُ ۽ ڀيڻ سان رابطو رهندو هو.

نيٺ اهو اڀاڳو ورهاڱي جو واءُ وريو، جنهن ٻنهي کي سنڌ ڌرتيءَ تان ڌڪي ڌار ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. آگري واري اسٽيشن تي اوچتو گوبند کي سڏ ٿيو. پٺاڻي تون هتي؟ ڇرڪ نڪري ويو! مان توکي واقعي پٺاڻي ٿي لڳان؟ هن جو آواز ورهاڱي جي واچوڙي اداس ڪري ڇڏيو هو. سنڌ ڇڏڻ جي سربستي ڪهاڻي ٻڌائي چوڻ لڳي: ”منهنجو پتي“ سنڌ ڇڏڻ وقت دڪان ۽ گهر جي (نيڪال) ڪنهن هڪ ڪنڌيءَ تي ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ ئي رهيو. مونکي ٻارن سميت اجمير ڏانهن موڪلي ڇڏيائين. ۲ فيبروري وارن فسادن ۾ منهنجو ور موت جو بک بڻجي ويو! هي درد ٻڌي مون سچ پچ هن کي ڀاءُ جو سهارو ڏنو. چيائين مان توکي ڳولي لهنديس. پر دعا ڪر ته اهڙي شامت وري نه اچي. پوءِ وقت جي وهڪري ۾ ڪٽجي سال پاڻيءَ جيان وهي ويا. گهڻي وقت کان پوءِ اچي ڳلي ملي. چيائين آيس ڪر توکي گڏ وٺي يا خط لکڻ تي دل نه ٿئي، چڱو آسرو نام جو هوءَ مڙي هلي ويئي ۽ اوندهه ۾ گم ٿي ويئي.“

جڏهن گوبند جي (پتني) ديوي ديهانت ٿي وئي ته آمريڪا مان پٺاڻي فون ڪري پنهنجو ڀاءُ سڏيندي مالهيءَ کي آٿت ڏني ته تنهنجي ڀيڻ پٺاڻي! ساڻس ان وقت ڌيءَ به گڏ رهندي هئي، ان کان پوءِ مالهي هنن ويچارن سان سوچيندو رهيو ”هي رشتا ناتا، عجيب رشتا ناتا“ مرندا ناهن. ٽُٽندا به نه آهن ۽ بس.... ڪيئن ته پٺاڻي جي پريت ۽ مالهيءَ جي مالها پنهنجي وطن کان جدا ٿي وئي، پر سندن يادون اڄ به زنده آهن.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۱ فيبروري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


گوبند مالهي

سنڌيت جو مالهي

ڊاڪٽر سليمان شيخ

سيپٽمبر ۱۹۸۹ع جو سال سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن لاءِ نوجوانيءَ جو سال هو. ڊسمبر ۱۹۸۸ع ۾ سگا جي ميمبرشپ تان پابندي سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ وسيلي لٿي هئي ۽ اسان وري سرگرم ٿي ويا هئاسون. انهن ڏينهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو جو دور هو،  هوءَ ملڪ جي وزيراعظم هئي. سگا هن سال کي سچل جو سال ڪري ملهائڻ جو وچن ڪيو. ان سلسلي ۾ سيپٽمبر ۱۹۸۹ع ۾ بين الاقوامي سچل ڪانفرنس ڪوٺائي وئي ان لاءِ ضروري هو ته ڏيساور ۾ رهندڙ سنڌي اديبن ۽ دانشورن کي به ڪوٺ ڏجي پر اهو ڪم ايترو سولو ڪو نه هو ان لاءِ وڏا اڻانگا رستا جهاڳڻا هئا، اسان همٿ ڪا نه هاري ۽ دعوت ناما موڪلياسين. سرڪاري ڪاغذ پٽ به تيار ڪراياسين. سيد غلام مصطفيٰ شاهه ان وقت وزير تعليم هو کين مدد لاءِ وينتي ڪيم پاڻ خوشيءَ سان مدد ڪيائون ۽ پهريون ڀيرو سنڌي اديبن جو وفد هن ڪانگريس ۾ ڀارت مان اچي شامل ٿيو. ورهاڱي کانپوءِ اهو پهريون ڀيرو هو جو اسان جا سنڌي پنهنجي سنڌ ڏانهن موٽڻ لڳا هئا. دوستن کي ويزا ملي پر صرف ۶ ساٿي هن يادگار ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي سگهيا. هيءَ ڪانفرنس يادگار ڪيترن ئي حوالن سان هئي.

۱. ته سگا ۶ سالن جي پابنديءَ واري پردي کي هٽائي روز روشن وانگر پنهنجو وجود ياد ڏياريو.

۲. ته هيءَ پهرين ڪانفرنس هئي جنهن ۾ هند کان سنڌي اديبن جو پهريون وفد شامل ٿي سگهيو هو.

هيءَ ڪانفرنس وزيراعظم پاڪستان کي کولڻي هئي پر وقت جي جاسوسي کاتي کين ايئن ڪرڻ کان روڪيو پر ڪانفرنس پنهنجي وقت تي ٿي ۽ وزيراعظم جي ماءُ بيگم نصرت ڀٽو هن ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو.

هن ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي مک يونيورسٽين جا وفد شامل ٿيا.

ڪانفرنس جي وفدن کي سڄي سنڌ جي زيارت ڪرائي وئي. اسان جا ساٿي جيڪي ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ ڇڏي ويا انهن لاءِ پنهنجا ماڳ ڏسڻ هڪ وڏو عظيم تجربو هو.

هن ڪانفرنس ۾ پهريون عالمي سنڌي مشاعرو ٿيو. ان کانپوءِ اڃان تائين وري ان قسم جو ادبي ميڙاڪو نه ٿي سگهيو آهي. هن اهم عالمي مشاعري جي صدارت شيخ اياز ڪئي ۽ منچ تي مالهي صاحب براجمان هو جيڪا ڳالهه وڏي فخر جي آهي. ان کانسواءِ ادبي ڪانفرنس جي هڪ سيشن جي صدارت گوبند مالهي صاحب جن ڪري اسان کي عزت بخشي.

هن ڪانفرنس ۾ سنڌي ادبي سنگت جو پايو وجهندڙ جناب گوبند مالهي سنڌي ٻوليءَ جو برک شاعر پڻ شريڪ ٿيو.

گوبند مالهي اديبن جي سٿ ۾ هڪ قداور اديب ۽ شاعر هو. پاڻ هن يادگار سفر متعلق پنهنجو سفرنامو ”سنڌ ياترا“ پڻ لکيو اٿن هن چند دوستن سان گڏجي سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ان ڪري به هن جو نالو سنڌي ادبي جي مهنداري ۾ ليکجي ٿو.

گوبند مالهي ۵ آگسٽ ۱۹۲۱ع تي ٺاروشاهه سنڌ ۾ جنم ورتو. سندن ننڍپڻ اتي گذريو پر وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچيءَ ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتائون.

ان دور ۾ ترقي پسند ادب طرف سندن لاڙو ٿيو ۽ سنڌي ادبي سنگت ۱۹۴۶ع ۾ قائم ٿي. ۱۹۴۷ع ۾ هن عظيم ترقي پسند ليکڪ ۽ امن پسند سياسي ڪارڪن کي هڪ ٻاهران ايندڙ سندس دفتر ۾ اچي ڌمڪايو ته هو وطن ڇڏي وڃي.

اها ڏکوئيندڙ صورتحال هئي. انگريزن جي ڊگهي غلامي کانپوءِ هڪ آزاد وطن جو آسرو ٿيو هو ته هي فرقيوار فساد هن ملڪ جي نصيب ۾ آيا ڪيترا ئي سڄاڻ اديب عالم دانشور واپاري ۽ زميندار پنهنجو ديس آلين اکين سان ڇڏي هڪ نئين ملڪ ڏانهن راهي ٿيا جتي هو ڏکين حالتن مان گذرندا رهيا.

گوبند مالهي همٿ نه هاري سنڌي ٻولي کي عام ڪرڻ لاءِ هو لاڳيتو جدوجهد ڪندو رهيو هن اکل سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا جو بنياد رکيو.

هن اتم ۽ ڪيرت سان گڏجي نئين دنيا رسالي جو بنياد رکيو. ان رسالي جو ايڊيٽر پڻ رهيو. گوبند سنڌي ادب کي ۵۱ ڪتابن سان نوازيو هن سڀ کان وڌيڪ سنڌي ناول لکيا ان ڪري هن کي سنڌي ناولن جو سمرٽ (شهزادو) سڏيو وڃي ٿو.

جيتوڻيڪ پاڻ فيبروري ۲۰۰۱ع ۾ اسان کان جدا ٿي ويا پر سندن ڪتاب اسان کي سدائين هڪ عظيم انسان جي ياد ڏياريندا رهندا.

مالهي جي شخصيت:

هڪ انٽرويو ۾ پاڻ چيائون ته؛ ”ساهت، سياست ۽ انقلاب کان وڌيڪ منهنجي لاءِ اهميت رکندڙ آهي. انساني زندگي،“ بنيادي طور منهنجي رُچي انساني زندگيءَ ۽ ان کي بهتر بنائڻ ۾ رهي آهي. ان ئي مقصد کي اڳيان رکي شروعاتي دور ۾ ڌرم ۾ دلچسپي هيم. پوءِ صوفي ازم ۾ رهي جا اڄ به سلامت آهي. جوانيءَ ۾ مارڪسواد ڏانهن مائل ٿيس. سدائين ساهت ۽ سياست وچ ۾ پل جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. مقصد اهو ئي هو ته طبقن جو تفاوت مٽجي اميري غريبيءَ جو فرق ختم ٿئي ۽ هر انسان کي لائقيءَ موجب اسرڻ جا وجهه ۽ مناسب معاوضو ملي. لٿي پٿي تحرير کي تقدير مٿان ترجيح ڏني اٿم ۽ سچ اهو آهي ته ساهت ۽ ڪلا سان وڌيڪ نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.

سنڌيت جو مالهي:

پاڻ هڪ انٽرويو ۾ چيائون ته ”منهنجي زندگي اتفاقن جي ڪهاڻي رهي آهي. گڏوگڏ سنڌيت بچائڻ جو جنون به سر تي سدائين سوار رهيو آهي اها چاهنا هر دم ڀريل رهي آهي ته جي تنهن جي ڄاڻ ۾ وقت ڏيڻ سان سنڌي ٻولي ساهت سنسڪرتيءَ جو ڀلو ٿيڻو آهي ته مون کي ان ۾ ايندڙ تڪليفون برسر آهن.

گوبند مالهي صاحب سنڌي ناٽڪ وسيلي به ڀارت جي مختلف شهرن ۾ ناٽڪ منڊليون مچايون ۽ سنڌيت جو پرچار ڪيو. هن وقت سنڌي ٻولي ڏيها ڏيهي ٻولي بڻجي وئي آهي اسان سنڌي گڏجي سنڌيت کي مضبوط ڪريون. اهوئي سبق مالهي پڙهايو آهي. اچو ته ان ڏياٽيءَ کي روشن ڪريون.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



دادا گوبند مالهي

اسان شرمسار آهيون

ساحل سڪندر جروار

سنڌ اندر ترقي پسند سوچ رکندڙ اديبن جو ڪم هر دور ۾ اسان لاءِ اتساهه جو سبب بڻجندو رهيو آهي. ورهاڱي کان اڳ اديبن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ واڌ ويجهه لاءِ تمام گهڻو ساراهيندڙ ۽ اتساهيندڙ ڪم ڪيو آهي. ورهاڱي کان اڳ توڙي پوءِ به جن اديبن سنڌ جي عاشقي جو ثبوت ڏنو، انهن ۾ گوبند مالهي جو نالو به نمايان نظر ايندو آهي. ڏات جا ڏيئا ٻاريندڙ گوبند مالهي سنڌ ۽ سنڌ ٻولي جي ترقي لاءِ عملي ڪم ڪيو. گوبند مالهي وٽ علم ۽ ادب جو وڏو خزانو هو جنهن جي جدوجهد اڄ به اسان لاءِ اتساهه جو سبب بڻيل آهي. ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺارو شاهه ۾ جنم وٺندڙ گوبند مالهي سنڌي ادبي سنگت جو باني هو. هن سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو ۽ پهرين سيڪريٽري هئڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو. هن سنڌي ادب، سياست، ڊراما، ڪهاڻيون ۽ تنقيدي ادب تي ڪيترائي ڪتاب لکيا.

ورهاڱي کانپوءِ سنڌي جي ڪيترن ئي اديبن کي جلاوطن ڪيو ويو جنهن ۾ گوبند مالهي حشو ڪيولراماڻي ۽ موهن ڪلپنا سميت ڪيترائي سنڌي اديب وطن جي سرحد مان ڳوڙها ڳاڙيندي روانا ٿيا هئا. انهن جي درد جو ڪاٿو اسان لڳائي نٿا سگهون ڇو جو وڇوڙي جا وڍ تڪليف ڏيندڙ آهن، جلاوطن ٿيل سنڌي اديبن جي سيني تي آيل زخمن کي پاڻ بيان نٿا ڪري سگهون.

جيئن حشو ڪيولراماڻي سنڌ سنڌ ڪندي الهاس نگر مان گم ٿي ويو هو ايئن ئي ڪيترن ئي اديبن کي ورهاڱي وڍي ڇڏيو هو. گوبند مالهي به انهي ورهاڱي جا وڍ سهندڙ شخص هو. گوبند مالهي جديد سنڌي ادب جو وڏو نالو هو

دادا گوبند مالهي ۴۲-۱۹۴۱ع ڌاري سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ڌارا جو بنياد وجهي چڪو هو. هن سياسي حوالي سان ڪانگريس جو اثر قبول ڪيو هو ۽ انهي عرصي ۾ هن شاگرد سياست جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو هو.

گوبند مالهي جيل جون سختيون پڻ برداشت ڪيون، ۱۹۴۲ع۾ جيل مان نڪرڻ بعد هو ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿيو ۽ ڪراچي جو سيڪريٽري پڻ رهيو.

گوبند مالهي ترقي پسند اديبن ۽ سنڌي ٻولي جي بقا لاءِ سنڌي ادبي سنگت جو بنياد وڌو هن سنڌي ادب جي حوالي سان جيڪو ٻوٽو پوکيو اهو ٻوٽو وڌي وڻ ٿيو پر وقت ۽ حالتن جي حساب سان انهي وڻ جي حفاظت نه ٿي سگهي ۽ اهو وڻ هن وقت اديبن جي اناپرست ۽ هٺ ڌرمي سبب سڪي رهيو آهي.

گوبند مالهي کي جڏهن ڌرتي کان ڌار ڪيو ويو تڏهن به هن الهاس نگر جي اداس گهٽين ۾ خاموشي اختيار نه ڪئي هئي. هو هندوستان ۾ رهي ڪري به ڌرتي ۽ ٻولي جي بقا لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو هو. لطيف جي هنن سٽن وانگي رهيو ته

جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي

وڃي ڀونءَ پيٺي ساريندي کي سڄڻين

اهي قومون عظيم هونديون آهن جيڪي قومون ثقافت ۽ ورثي کي ياد ڪرڻ سان گڏ عظيم اڳواڻن کي وسارينديون ناهن.

ٻه ڏينهن اڳ گوبند مالهي جو جنم ڏينهن هو پر افسوس سان گڏ حيرت ٿي رهي آهي ته ايشيا جي عظيم ۽ اديبن جي نمائنده تنظيم سڏرائيندڙ سنڌي ادبي سنگت دادا گوبند جي جنم ڏينهن جو ڏهاڙو ملهائي نه سگهي، سنگت پاران ڪا ننڍڙي تقريب به منعقد نه ٿي سگهي آهي.

سنگت جي باني کي ياد نه ڪرڻ افسوس جو مقام آهي. دادا گوبند اسان تنهنجا مياري آهيون جو نه ادبي سنگت کي بچائي سگهياسين نه وري تنهنجي پڄاڻان ڪجهه ڪري سگهياسين ۽ دادا اڄ لاءِ به معافي جا طلبگار آهيون جو تنهنجو عظيم ڏهاڙو به ملهائي نه سگهياسين، دادا اسان شرمسار آهيون.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۸ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

گوبند مالهي

جيڪو ٺاروشاه وارن کان ڪڏهن نه وسرندو

علي رضا قاضي

هند سنڌ جي نامياري اديب ڪيرت ٻاٻاڻيءَ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو: “۱۹۴۲ع جي جنگ آزادي وقت مون ٻن ترقي پسند شخصن جو نالو ٻڌو هو. هڪ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ٻيو دادا گوبند مالهي.” ان ڳالهه مان دادا گوبند مالهيءَ جي حيثيت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. دادا، ۱۹۴۲ع جي تحريڪ دوران سنڌ ۾ هڪ نئين تنظيم ٺاهڻ ڏانهن راغب ٿيو.سنڌي سرڪل کان سنڌي ادبي سنگت تائين جو سفر ان دور ۾ ٿيو. گوبند مالهيءَ کي ورهاڱي کان اڳ سنڌي ادبي سنگت جو پهريون سيڪريٽري هجڻ جو اعزاز به حاصل آهي.

دادا گوبند مالهيءَ جو جنم ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺاروشاهه ۾ ۵ آگسٽ ۱۹۲۱ع ڌاري ٿيو.گوبند مالهيءَ کي ٻارنهن تيرهن سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي لکڻ جوشوق جاڳيو، اهو زمانو ۳۵-۱۹۳۴ع وارو هو. هن جي شروعاتي لکڻي سناتن ڌرم جي پرچارڪ ماهوار سنڌي رسالي ’شڪارپور‘ ۾ مشهور جرمن شاعر گوئٽي جي ڪنهن نظم جو ترجمو ڇپي.مالهيءَ کيءَ اهو اعزاز حاصل آهي ته ۴۲-۱۹۴۱ع ۾ سنڌي ادب ۾ ترقي پسند ڌارا جو بنياد وڌو؛ جڏهن ته سياسي حوالي سان ڪانگريس جو اثر قبول ڪيائين. هن انهيءَ عرصي ۾ ئي شاگرد سياست جي پيڙهه جو پٿر به رکيو، جنهن دوران هن جو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان تعلق پيدا ٿيو، جنهن کان هن مارڪسزم ۽ ڪميونزم جو سائنسي طريقي سان اڀياس ڪيو، گڏوگڏ ٻنهي ڄڻن ڪامريڊ محمد امين کوسي سان واسطو وڌايو.دادا گوبند ۱۹۴۲ع ۾ ٽي مهينا جيل ۾ به رهيو. جيل مان نڪرڻ بعد ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي ۱۹۴۴ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي ڪراچيءَ جو سيڪريٽري پڻ ٿيو. ساڳي ئي سال هن ايل ايل بي جو امتحان به پاس ڪيو. گوبند مالهي صحافت به ڪئي ۽ اسٽيج ناٽڪن، توڻي فلم جي هدايت ڪاريءَ ۽ اداڪاريءَ ۾ به حصو ورتو. هن هڪ سؤ کان مٿي ڪهاڻيون، ٻه سؤ کان مٿي مضمون، پنجٽيهه ناٽڪ ۽ اٺاويهه ناول لکيا، ان ڪري ئي هن کي هند توڻي سنڌ ۾ سڀ کان گهڻا ناول لکڻ ڪري ’ناول سمراٽ‘ (ناول جو شهزادو) سڏيو ويو.مالهيءَ جا پنج ناول ’پکيئڙا، ولر کان وڇڙي، ڏيهي پرڏيهي، پيار جي شڪست ۽ پيار جي پياس‘ تمام مشهور رهيا آهن.

مالهي، ورهاڱي بعد سنڌ کان جدا ٿي هڪ اڻ ڏٺي منزل ڏانهن روانو ٿيو. هو، جنهن جو ساهه سنڌ هئي، انهيءَ کان وڇڙڻ وقت هن جي حالت ڪهڙي هوندي سا بيان کان ٻاهر آهي!سنڌ جي دل ٺاروشاهه شهر واسين کان اهو ڏينهن به ناهي وسريو جڏهن ۳۰ نومبر ۱۹۸۹ع تي اسانجو داد گوبند مالهي، ٺاروشاهه ۾ آيو هو.گوبند جو ڪتاب ’ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون‘ شاهد آهي ته گوبند کي سنڌ ۽ ٺاروشاهه سان ڪيڏو پيار هو. ڀلا ڪيئن نه پيار هجي، جنهن جڳهه تي انسان ڄمي، نپني، وڏو ٿئي، اتي لاتعداد محبتون ڪري اهو خطو ان کان ڪيئن وسري سگهندو. اڄ جڏهن گوبند جي ٻاويهين ورسي آهي ته هن کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ هن جي ڪتاب ’ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون‘ مان هڪ ٽڪرو پيش ڪجي ٿو:”مان پنهنجي پاڙي واري ڇوڪريءَ تي عاشق ٿي پيس، هوءَ ڏاڍي سندر هئي پر هڪ مسئلو هو ته اسان ٻنهي جو مذهب الڳ هو. ان سهڻي ڇوڪريءَ سان سرعام عشق ڪرڻ جو مطلب هٿ وٺي مذهبي فساد ڪرائڻ هو، جيڪا ڳالهه مان ڪڏهن به نه پيو چاهيان، پر هن نادان دل کي ڇا ڪجي، جيڪا ڪنهن به صورت قابو نه اچي رهي هئي. آخر وڏي دليري ڏيکاريندي، اکين سان انهيءَ من موهڻي صورت ڏانهن محبت جو پيغام موڪليم، جيڪو قبول پيو، هاڻي زبان سان همٿ ڪري شام جي ويل پنهنجي گهر جي پويان ٺهيل چوپائي مال جي واڙي ۾ ملڻ جو وچن ٿيو.

شام ٿي اسان لڪي لڪي اتي پهتا سين، تنهن زماني ۾ ٺاروشاهه ۾ بجلي نه آئي هئي، انهي ڪري شام به رات ٿي ويندي هئي، منهنجو من عشق جي آتش ۾ سر پور هو، ڪجهه دير ويهي رهاڻ ڪئيسين انهي کانپوءِ خوف جو عالم ۽ موڪلاڻي!موڪلائڻ مهل اسان ٻنهي کي الائي ڇا ٿيو جو بي اختيار ڀاڪر ۾ پئجي وياسين! خبر ناهي ته اسان جو ايئن چنبڙڻ ڪيستائين جاري رهيو؟ پر مونکي پنهنجي جسم ۾ هڪ عجيب ڪيفيت معلوم ٿي، جيڪا لفظن ۾بيان ڪرڻ کان ٻاهر هئي!؟ ڪافي سمو گذري ويو. گهڻي ڪوشش جي باوجود ان اپسرا سان پاتل ڀاڪر جي ڪيفيت کي سمجهي نه سگهيس! ڪجهه وقت اندرٺاروشاهه ۾ بجلي به اچي وئي. هڪ ڏينهن امان گهر ۾ بجلي ٺاهڻ جو چيو، مان به بجلي جي ڪم کان اڻواقف سو نه ڪيم هم نه تم سڌو هٿ بجلي جي تار ۾ ڪجهه سيڪنڊن اندر جسم ۾ ڪرنٽ ڊوڙي ويو. ڪجهه وقت لاءِ ته جسم سُن ٿي ويو. انهي وقت پنهنجي ياداشت تي زور ڏنم ته بجليءَ جو هي ڪرنٽ اهو ساڳيو معلوم ٿيو، جيڪو ڪجهه سال اڳ مينهن جي واڙي ۾ انهيءَ چنچل ڇوڪري سان ڀاڪر ۾ محسوس ٿيو هو.”

ياد رهي ته ٺاروشاهه ۾ سال ۱۹۴۴ع ۾ بجلي اچي وئي هئي. مسٽر گياني جي ڪوشش سان شهر ۾ بجليءَ جو پهريون جنريشن پلانٽ لڳو. پلانٽ مان پيدا ٿيندڙ واڌو بجليءَ کي ’ساهتي اليڪٽرڪ ڪمپني‘ جو نالو ڏئي ڀر وارن شهرن مورو، ڪنڊيارو، درٻيلو، نوشهروفيروز، ڀريا ۽ ٻين ننڍن ڳوٺن کي به سپلاءِ ڪيو ويو هو. ٺاروشاهه جو اهو عروج هو جڏهن هتي پيدا ٿيندڙ بجلي، موري ۽ ڪنڊياري کي فراهم ٿيندي هئي. فرنيس آئل تي تيار ٿيندڙ هيءَ بجلي تنهن زماني ۾ انهن ماڻهن جي ڪمال جو مظهر هئي. بعد ۾ جڏهن پاڪستان وجود ۾آيو ته به ۱۹۵۵ تائين ٺاروشاهه انهن شهرن کي بجلي مهيا ڪندو رهيو. اهي ڀاڳ وارا سال هئا، ان ڪري به جو ٺاروشاهه ۾ هڪ پاسي موسيقيءَ جي دنيا ۾ ماسٽر چندر فڪشن ۾ ڪرشن کٽواڻي، ادبي، سياسي ۽ سماجي دنيا ۾ گوبند مالهيءَ جا نالا آسمان تي چمڪي رهيا هئا ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هو هتان هليا ويا. هنن هي دنيا پرديس ۾ ڇڏي. گوبند به ۱۰ فيبروري ۲۰۰۱ع ۾ اسان سڀني کان موڪلائي ڪٿي ڏور آسمان ۾ گم ٿي ويو هن جي وڇوڙي تي جتي سڄي سنڌ رنجيده هئي اتي ٺاروشاهه جي به ڪيترن ئي گهرن مان سڏڪن ۽ آهن جا آواز اٿيا هئا. روئڻ وارن ۾ هن جا اهي دوست هئا، جن سان هن شهر جي شاهي بازار ۾ ويهي نوري مشڪري سان ڀوڳ ڪيا هئا ۽ انهن به سڏڪا ڀريا هئا جن ڪتاب ’ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون‘ پڙهي پنهنجي سيني ۾ فخر جي لهر اٿندي محسوس ڪئي هئي ته گوبند کان پنهنجو محبوب شهر ٺاروشاهه اڃا به وسريو ناهي. هاڻي جڏهن گوبند ناهي ته ٺاروشاهه وارا به هن کي ڪونه وساريندا آهن. هي جي وڇوڙي جي ڏينهن تي شهر ۾ ضرور پروگرام رٿيو ويندو آهي. ان لاءِ چئي سگهجي ٿو ته ٺاروشاهه وارن کان داد گوبند مالهي، ڪڏهن به نه وسرندو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

دادا گوبند مالهي!

سنڌي ادب جو مالهي

مظھر خاصخيلي

اڄ ۱۰ فيبروريءَ جو ڏينهن آهي. اڄوڪي ڏينهن تي اسان سنڌ واسين کان سال ۲۰۰۱ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻوٽو پوکيندڙ سنڌي ادب جو مالهي دادا گوبند مالهي جسماني طور وڇڙي ويو. اڄ سندس ورسيءَ جي موقعي تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جا مون سميت هزارين ڪارڪن کيس احترام سان ياد ڪندي سلام پيش ڪيون ٿا، باقي دنيا جهان ۾ اها عام ڪهاوت آهي ته هر صديءَ ۾ ڪو نه ڪو تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ماڻهو پيدا ٿيندو آهي. جئين ۱۹ع صديءَ جي شروعاتي ڏهاڪي ۾ ۵ آگسٽ ۱۹۲۱ع ۾ سنڌو ماٿر جي ڌرتيءَ تي ساهتي پرڳڻي جي قديمي شهر ٺاروشاهه ۾ گوبند مالهيءَ جنم ورتو. گوبند مالهيءَ جو ننڍپڻ به عجيب و غريب ڪيفيتن مان گذريو آهي. هيءَ پهريون ٻارڙو هو جڏهن برطانوي سرڪار جي جوڙيل ريلوي لائين تي ٺاروشاهه ۾ ريل گاڏي پهتي هئي ته سوين ماڻهن جي هجوم ۾ هن ٻارڙي ريل جي ڊرائيور جي ڳچيءَ ۾ هار وڌو هو. هيءَ خوشنصيب ٻارڙو چئجي جو جڏهن سندس ۱۲ سالن جي عمر هئي ته سڄي سنڌ ۾ ۱۹۲۹ع ڌاري مها ٻوڏ آئي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪکاون گهرڙن کي بي پرواهه سنڌو درياه ٻوڙي تباهه ڪري ڇڏيو هو. ان ٻوڏ متاثرين جي مالي سهائتا لاءِ مهاتما گانڌي پنهنجي وفد سميت جڏهن ٺاروشاه پهتو ته ان جي آجيان ڪندڙ به هيءَ گوبند ئي هيو. گوبند شاعري به ڪئي ۽ هن ننڍپڻ ۾ ڪيترا ئي تخلص اختيار ڪيا. شاعري دوران بي بقا، مخلص ۽ شيطان پڻ تخلص اختيار ڪيو. هن جي زندگيءَ ۾ ان وقت تبديلي آئي جڏهن کيس ساهتي جي شهر نوشهري جي رهواسي ڀٽائي جي پارکو جيوت رام مٽاڻي جيڪو ٽنڊو جهانيان جي صوفي شاعر سائين قطب الدين شاهه جو عقيدتمند هيو. ان کيس ڀٽائي جو رسالو، ساميءَ جا سلوڪ، سچل جوسچ کيس ڏنو. جڏهن گوبند ان جو مطالعو ڪيو ته کيس گهڻو ئي سمجهه ۾ اچي ويو ته اصل ۾ علم ئي ماڻهو کي مهان بڻائيندو آهي.

وري جڏهن سندس ملاقات ڀٽائيءَ جي پارکو لالو جوتواڻي سان ٿي ته ان کيس چيو ته گوبند ماڻهوءَ جي زندگيءَ تي تخلص به اثر انداز ٿيندو آهي، ان ڪري توتي شيطان تخلص نه ٿو ٺهي، تو آخر ڀٽائي جو ڪيتري قدر مطالعو ڪيو آهي جنهن تي گوبند کيس چيو ته مان اڃان تائين ڀٽائي جي اها سٽ “ جي تو بيت ڀانيان، سي آيتون آهن” آئون انهيءَ فلسفي کي سمجهي ناهيان سگهيو. جنهن تي لالو جوتواڻي کيس چيو ته ڀٽائيءَ کي صرف ڀٽائي نه چئو، هيءَ دنيا جو وڏو مفڪر آهي، ان کي عزت احترام سان حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي چئو ۽ کيس اهو به چيو ته توتي شيطان تخلص ٺهي ئي نه ٿو تون اڄ کان وٺي نه رڳي هنن ليمن، انبن، زيتونن جي باغن جو مالهي آهين پر تون هڪ ڏينهن علم ادب جو به مالهي بڻجندي سو مالهي ٿي شيطان نه ٿي. ائين ئي گوبند علم ادب جو مالهي بڻجي ويو. ٺاروشاهه جي لوڪي مل واري اسڪول مان پرائمري ۽ ميٽرڪ پاس ڪري کيس والد شڪارپور جي ڪاليج سي اينڊ سي ۾ موڪليو اتي سندس ملاقات ڪامريڊ سوڀي، شيخ اياز، هري دلگير ۽ ٻين سان ٿي اتي به هن شاعري ڪرڻ کي اهميت ڏني ڇو ته هن جو عشق “زينوءَ” سان اهڙو جڙي چڪو هو جو سندس ننڊ ئي ڦٽي وئي هئي. هن شاعريءَ جي شوق ۾ ان وقت جي عظيم شاعر نارائڻ شيام ڏانهن خط لکيو ته آئون شاعريءَ جا سبق سکڻ چاهيان ٿو جنهن تي نارائڻ شيام کيس خط لکيو ته شاعري اندر جي عشق جو آواز هوندي آهي اها خطن وسيلي ناهي سکي سگهبي.

جڏهن مالهيءَ کي سندس والد ڊي جي لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ته ان جي اندر ۾ نواڻ اچي وئي ڇو ته اتي انهيءَ وقت دوران ڪامريڊ حشو ڪيول راماڻي برطانيا مان بئريسٽري جي ڊگري حاصل ڪري ڪراچي پهتو هو، جنهن اچي شاگرد جدوجهد جو بنياد رکيو هو ۽ ان سوچيو ته ڇو نه ڊي جي ڪاليج کي تحريڪ جو مرڪز بڻائجي. ائين سندس گوبند مالهي، ڪامريڊ سوڀي ۽ شيخ اياز سان ملاقات ٿي. انهيءَ ملاقات سبب مالهي شاگرد تحريڪ ۾ به برطانوي سامراج خلاف جدوجهد ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ پاڻ ۳ مهينا جيل به ويو. انهيءَ ڪاليج ۾ هڪ عجيب واقعو پيش آيو شهيد الهه بخش سومري جو ڀاڻج رحيم بخش سومرو جيڪو پڻ انهيءَ ڪاليج ۾ پڙهندو هو هڪڙي مسڪين پارسي شاگرد “يڪيشب” کي چماٽ وهائي ڪڍي هئي جنهن تي ڪاليج جي پرنسپال پنهنجي شاگرد کي وٺي روئي اچي مالهي، اياز ۽ ڪامريڊ سوڀي کي دانهن ڏني انهيءَ دانهن تي مالهيءَ فيصلو ڪيو ته جيستائين رحيم بخش سومرو انهيءَ شاگرد کان معافي نه وٺندو اوستائين ڪاليج بند رهندو. الهه بخش سومري ان وقت جي اسپيڪر سائين جي ايم سيد جي لاڏلي ڄيٺ مل پرسرام يعني ڄيٺي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر هئي ان کي هنن ڏانهن موڪليو ته آئون هن جي پاران معافي وٺڻ لاءِ تيار آهيان پر هنن ضد نه ڇڏيو، نيٺ مجبور ٿي امن پسند انسان ۽ ڌرتي جي عاشق هندو مسلم اتحاد جي باني الهه بخش سومري رحيم بخش سومري کي وٺي اچي انهيءَ شاگرد کان ۽ پرنسپال کان معافي وٺرائي. ڏٺو وڃي ته گوبند مالهي بنيادي طور تي سوشلسٽ يعني پورهيت انقلاب جو حامي هو جيڪو سنڌ جو پهريون ڪميونسٽ پارٽي جو جنرل سيڪرِيٽري پڻ ٿي گذريو. انهيءَ زماني ۾ جمال بخاري، زيڊ اي بخاري تمام وڏي ۾ وڏا سوشلسٽ ليڊر ليکيا ويندا هيا. مالهي هر جدوجهد ۾ پاڻ ملهايو. ڪجهه وقت کان پوءِ مالهي فيصلو ڪيو ته ڇو نه اهڙو ڪم ڪجي جو سڄي زندگي ياد رهي. ڪميونسٽ پارٽيءَ تان استعيفيٰ ڏئي اپريل ۱۹۴۷ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سرڪل جيڪا بعد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ٿي وئي جو بنياد رکيو، ان جو پهريون صدر آسانند ماموترا، جنرل سيڪريٽري گوبند مالهي، جوائنٽ سيڪريٽري شيخ اياز، خزانچي بهاري لال ڇابڙيا کي چونڊيو ويو. انهيءَ دور ۾ سنڌي ادب جي حوالي سان سنڌي ادب جي ٽمورتي مالهي، اي جي اتم ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي کي سڏيو ويندو هو. جڏهن ورهاڱي جو وقت آيو ۽ ۴۷ع ۾ مالهي سميت ڌرتيءَ جي ٻين ڌرتي ڌڻين کي ڌڪي ڌار ڪيو پئي ويو ته ڪامريڊ حشو جيان مالهي به ڌرتي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ۽ مالهي هتان وڃڻ کان پوءِ چند مهينن کان پوءِ يعني ۴۸ع جي شروعات ۾ واپس ڪراچي ڌرتي تي موٽي آيو پر کيس هڪ پٺاڻ سندس آفيس “نئين دنيا” ۾ گهڙي آيو ۽ کيس پٿر کڻي اُلاري چيو ته گوبند هاڻ اسان مسلمانن جو راڄ آهي، تون هندو آهين، توکي هتي رهڻ جو ڪو به حق ناهي. نيٺ مجبور ٿي مالهي ڌرتي ڇڏي ويو ۽ هن پرديس وڃي وسايو. انهيءَ ورهاڱي واري دردناڪ ڪٿا تي خوبصورت پهريون ناول آنسو لکيو جيڪو اڄ به يادگار ليکيو وڃي ٿو. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته مرزا قليچ بيگ کان پوءِ سنڌي ناول ۾ مالهيءَ ناول نگار بڻجي شاهڪار ۲۶ ناول لکيا، ۴ ڪهاڻيون، ۳۵ ناٽڪ، سنڌو ڪناري فلم، ورهاڱي تي مشتمل اباڻا فلم ۾ پڻ اهم رول ادا ڪيو. مالهيءَ اتي وڃي ڀارت جي ۲۲ صوبن ۾ ٽڙيل پکڙيل دردوند سنڌين کي گڏ ڪرڻ لاءِ سنڌي ساهت منڊل جوڙيو جنهن اتي اهم ڪردار ادا ڪيو ان جي طفيلي هن ۱۰ اپريل ۱۹۶۷ع تي سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو بل پاس ڪرايو، انهيءَ ڪردار ۾ ڪيرت، اي جي اُتم کان وٺي اندر ڪمار گجرال، رام ڏيٺ ملاڻي ۽ ان وقت جي تعليمي وزير مولانا ابوالڪلام آزاد جو به اهم ڪردار رهيو. مالهيءَ نه رڳو هند پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪلاڪار منڊل جوڙي ڀڳتي ناواڻي کي کڻي سنڌي سنگيت کي جنم ڏنو ۽ ڪيترائي ميڙ سڏايا، ڪيترائي عالم، اديب پيدا ڪيا. جڏهن هيءَ گوبند مالهي پنهنجي ماتر ڀومي سنڌ ڌرتي ۱۹۸۹ع ۾ گهمڻ آيو ته ساڻس گڏ ڀارتي ناواڻي، ڪرشن کٽواڻي هئا جن کي سگا جي سرواڻ ڊاڪٽر سلمان شيخ دعوت ڏئي ڪري گهرايو هو جن کي آجياڻو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نياڻي شهيد بينظير ڀٽو کي ڏيڻو هو پر ان کي منع ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ اهو آجياڻو بيگم نصرت ڀٽو کين ڏنو هو ۽ مالهيءَ سنڌ ياترا دوران ڀٽائي، سچل، بيدل، شهباز قلندر سنڌ جي وستي واهڻ کان ٿيندي جڏهن پنهنجي جنم ڀومي ٺاروشاهه پهتو هو ته سوين ڌرتي ڌڻين، عالمن، اديبن، شاعرن سندس ڀرپور آجيان ڪئي هئي، جتي هن تاريخي خطبو پيش ڪندي چيو هو ته “اوهان ٻڌايو ته جنهن مالهيءَ هڪ خوبصورت باغ ۾ خوبصورت ٻوٽيو پوکيو هجي ۽ اهو ڇانو ڏيندڙ وڻ بڻجي وڃي اوهين ٻڌايو ته ان کي ڇڏڻ وقت مالهيءَ جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي”. ائين هي ڌرتيءَ جو مالهي، ٻوليءَ جو مالهي پنهنجي وطن ۽ سنڌو ماٿر جي تهذيب ۽ تمدن جو مالهي سنڌي ادب جو مالهي پنهنجي ڌرتي ماءُ سان وڇوڙي تي ڳوڙها ڳاڙيندو هميشه لاءِ ۱۰ فيبروري ۲۰۰۱ تي علم جي عاشقن کان جسماني طور تي وڇڙي ويو. جنهن کي سنڌ اڄ به ساري ٿي

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۰ فيبروري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا