قاضي علي محمد ڏيپلائي
ڪجئين نروار نالو هن جهان ۾ جا بجا منهنجو
آفتاب ابڙو
سنڌ ۾ جديد تعليم جي روشني ڦهلائڻ جي حوالي سان ’ڏيپلي‘
کي خاص اهميت حاصل آهي. ڏيپلي جي لفظي معني: ديپ/ڏيئن يا روشني جو شهر آهي. ون يونٽ
کانپوءِ، سنڌ ۾ پيش آيل نئين صورتحال ۽ ڪاموراشاهيءَ جي سخت اڻاٺ کي ڏيپلي واسين منهن
ڏنو. اهو ڪهڙو ڊپارٽمينٽ هو، جنهن ۾ ڏيپلي جا ميمڻ موجود نه هئا. ۷۰ ۽ ۸۰ وارن
ڏهاڪن ۾ ته هنن ڏيساور ۾ به وارا وڄايا.
روشنيءَ جو اهو ’ديپ‘ ٻارڻ وارو ڪير هو؟ ان ڏس ۾ ڏيپلي
جو هڪ ڪامورو ليکڪ غلام محمد ميمڻ پنهنجي ڪتاب ’وارتا‘ ۾ لکي ٿو ته: ’اڄ الله جي فضل
و ڪرم سان اسان ڏيپلي جي ميمڻ جو مان مٿاهون آهي. اسان جي گهر گهر ۾ ڊاڪٽر ۽ آفيسر
آهن، جي نه صرف سنڌ، پاڪستان پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ خلق خدا جي خدمت ڪري رهيا آهن.
انهن ۾ سوين ڊاڪٽرن، انجنيئرن، ڊپٽي ڪمشنرن، سيڪريٽرين، بينڪ مينيجرن ۾ ڏيپلي جا نه صرف ميمڻ پر ٻين ذاتين جا فرد به
شامل آهن. هاڻي ته هڪ مينگهواڙ به آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهي رهيو آهي ۽ بلاول ڀٽو
زرداري جو سٺو دوست آهي. ڏيپلي ۾ تعليم جو باني سائين ابوطالب ڪمتاڻي هو، جنهن کي عزت
وچان سڀ ’سائين‘ چوندا هئا. سائين سان گڏ، ڏيپلي ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ
جناب قاضي علي محمد ميمڻ به هو، جيڪو نه صرف سٺو شاعر، ڊرامه نويس ۽ محبتي مڙس هو،
پر پوري تر ۾ وڏو عقلمند، سگهڙ ۽ سالڪ هو. سندس ڏاهپ، سچائي ۽ ايمانداري جا ڪيترائي
قصا مشهور آهن. جڏهن سائين ابوطالب جو لائق فرزند ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ لنڊن مان تعليم
حاصل ڪري ۱۹۵۷ ۾ ڏيپلي ڏانهن واپس وريو ته سندس شاندار آڌر ڀاءُ
ڪيو ويو هو. ان موقعي تي قاضي علي محمد هڪ شعر چيو، جنهن محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا:
اڄ ته البت انجمن ۾، گرم گفتاري لڳي،
ٿي وصل جي ويل واه واه، مهل موچاري لڳي.
اي ابو طالب ادا، توکي مُبارڪ هوءِ مدام،
تنهنجي’صالح‘ جي سڀن کان سرس ڏس ساري لڳي.
اي علي محمد عجز سان، ڪر صفت سبحان جي،
تنهنجي سڪ سائين پڄائي، دک کي دلداري لڳي.
عزيزن، دوستن، پاڙيوارن ته ڇڏيو ٻين ذاتين جي مسلمان
خواهه هندن به سائين کي ڪونه وساريو. مٿئين بيت ۽ مبارڪن جي گونج ۾ صالح سائين گهر
۾ داخل ٿيو. (وارتا-ٽو- ص: ۹۵-
۹۴)
تاريخي حقيقت اها آهي، ته سائين ابو طالب ڏيپلي ۾ علم
جو ٻوٽو پوکيو ۽ پرائمري تعليم کي اوج تي رسايو. سائين لڳاتار ۴۰-۴۵ سال
پرائمري استاد رهيو. کيس مٿين درجن پڙهائڻ جو موقعو به مليو، پر پاڻ پرائمري کي ترجيح
ڏيندو هو. مختلف پاڙن توڙي ڳوٺن مان زوريءَ ٻار وٺي اچڻ ۽ کين تعليم لاءِ آماده ڪرڻ،
سندن والدين کي تعليم جي اهميت کان آگاهه ڪرڻ واري نيڪ ڪم ۾، ’سائين‘ سان قاضي علي
محمد به هميشھ ٻِٽُ هوندو هو. بلڪه حقيقت اها آهي ته ڏيپلي شهر ۾، مڊل توڙي سيڪنڊري
بوائز ۽ گرلس تعليم جي بنياد وجهندڙن ۾ قاضي صاحب جو وڏو ڪردار آهي. جيڪڏهن ڪن موقعن
تي هو پنهنجي هڙان گُهربل سرڪاري رقم مهيا نه ڪري ها ته شايد اهي اسڪول قائم به نه
ٿي سگهن ها.
ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم:
سال ۱۹۳۱
ڌاري ڏيپلي جي پرائمري اسڪول
۾ هڪ جلسو ٿيو. مسٽر فتح محمد قريشي جو ان وقت ٿرپارڪر ضلعي جي تعليم کاتي جو سپروائيزر
هو. ان جي صدارت هيٺ جلسي جي ڪارروائي ٿي. اهو انتظام پنچائت پاران ڪيو ويو هو. پنچائت
پاران تقرير قاضي علي محمد ڪئي. جنهن ۾ هن شهر ۾ انگريزي تعليم جي ضرورت تي روشني وڌي.
ڪجهه وقت کان پوءِ ٿرپارڪر جي ائڊمنسٽريٽو آفيسر جي ڏيپلي ۾ منزل ٿي. جنهن ۾ شهر جي
معززن ۽ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شهر جي پنچائت پاران اي-وي ڪلاسن کولڻ جو مطالبو
ڪيو ويو. ان موقعي تي به قاضي صاحب پنچائت پاران هڪ پُرزور تقرير ڪئي ۽ علم جي اهميت
تي روشني وڌي. تعليم جي ڪري يورپ ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي، ان جا به مثال ڏنا. نه صرف ايترو
بلڪه اي-وي ڪلاسن جي اهميت ۽ ضرورت بابت قاضي صاحب هڪ ڊرامو پڻ پيش ڪيو، جنهن تي صاحب
صدر سان گڏ حاضرين به متاثر ٿيا.
اي-وي اسڪول جي منظوري کان پوءِ، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ
پئنچائت کان ۲ هزار
رپيا طالب ڪيا. پنچائت سرگرمي ڏيکاري. آخر ڪل چندو ۱۵۰۰ رپيا ٿيو. لوڪل بورڊ طرفان
تار آئي ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ رقم جمع ڪرايو. ٻي
صورت ۾ اي. وي ڪلاس ختم ڪيا ويندا. وري مشڪل سان ۱۷۵ رپيا گڏ ٿيا. خزاني ۾ رقم
جمع ڪرائڻ ۾ باقي وڃي ڪلاڪ بچيو. بقول قاضي
صاحب جي ”آخر شهر جا معزز ماڻهو ۽ ٻيا علم دوست گڏ ٿيا. ۲
هزار رقم پوري ڪرڻ لاءِ هٿوراڙيون
هيون، مگر ڪنهن صاحب کوٽ واري رقم پنهنجي گهران پيارڻ لاءِ رضامُندي نه ڏيکاري. اهو
وقت نازڪ هو، جو هيڏي ڪوشش وارو ڪم صرف ۳۲۵ روپيا نه هجڻ جي حالت ۾ شايد
خراب ٿي پوي ها. گڏ ٿيل ماڻهو آهستي آهستي هڪ هڪ ٿي مجلس مان اٿڻ لڳا. اوچتو مونکي
جوش اچي ويو ۽ مون اعلان ڪيو ته اهي ۳۲۵
روپيا آ پنهنجي
گهران ڏيان ٿو. جيڪڏهن اوهان ڀائرن آهستگيءَ سان اها رقم مُونکي واپس ڏني ته واه نه
ته مون معاف ڪيا.“
اهڙي طرح ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم جي ابتدا ٿي. ماڻهن
۾ انگريزي تعليم طرف چاهه گهٽ هو. عام ماڻهو ديني تعليم کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا هئا، جنهن
جو هر شهر توڙي ڳوٺ ۾ خاطر خواهه بندوبست ٿيل هو. قاضي صاحب جديد تعليم طرف چاهه پيدا
ڪرڻ واسطي ۽ ماڻهن ۾ قرباني، ايثار ۽ اتحاد قائم ڪرڻ لاءِ چار ڊراما لکيا: ’ڪرشمه علم‘،
’خود قرباني‘، ’غلط رستو‘ ۽ ’عدل جهانگيري‘. انهن جو عام ماڻهن تي اثر تمام گهڻو پيو.
خود سائين محمد عثمان ڏيپلائي به اهو اثر قبولي ڊرامن طرف راغب ٿيو. شروع ۾ هن پنهنجا
ڊراما قاضي علي محمد کي اصلاح واسطي ڏنا.
قاضي صاحب ان ڏس ۾ لکي ٿو ته ”خاص طور ٻه ڊراما ’ڪرشمه
علم‘ ۽ ’غلط رستو‘ جيڪي خاص تعليم بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ لکيا ويا هئا. اهي ٻئي
ڊراما نهايت مقبول ٿيا ۽ انهن ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو، جو انگريزي تعليم جو چاهه تمام
وڌي ويو، ڏيپلي شهر جي نه رڳو ميمڻ بلڪه ٻين
قومن به پنهنجن ٻچن کي تعليم ڏيارڻ شروع ڪئي. ٻهراڙي کان به شاگرد جام اچڻ لڳا. جن
لاءِ هاسٽل جو بندوبست ڪيو ويو. انگريزي تعليم نهايت تيزي سان اڳتي وڌڻ لڳي.“
ڏيپلي ۾ هاءِ اسڪول جو قيام:
جيئن مٿي ٻڌايو ويو آهي، ته ڏيپلي کان علاوه ٻين ڳوٺن
۽ شهرن جا شاگرد به تعليم لاءِ ڏيپلي جو رخ ڪرڻ لڳا. انڪري مڊل کان پوءِ هاءِ اسڪول
جي سخت ضرورت محسوس ٿي. وري لوڪل بورڊ جا در کڙڪايا ويا. اعليٰ انتظاميا سان شهر جي
معززن جو وفد مليو، جنهن ۾ قاضي صاحب به شامل هو. ان موقعي تي به قاضي صاحب پنهنجي
مدلل تقرير سان بورڊ انتظاميا آڏو هاءِ اسڪول جي اهميت ۽ افاديت بيان ڪئي. جنهن کي
فوراً تسليم ڪيو ويو. بورڊ مطالبو مڃيندي، پنچائت کان پنج هزار روپين جي گُهر ڪئي.
بقول قاضي صاحب جي: ”جنهن لاءِ وري به هڪ واري چندي جي مد ۾ وصولي جو ڪم شروع ٿيو.
آخري وقت تائين ڪل ۴ هزار رپيا گڏ ٿيا. هڪ هزار جي کوٽ پيدا ٿي، جنهن جو ان مهل ملڻ ممڪن
نه هو. وري به ساڳي صورتحال پيدا ٿي،جيڪا مڊل اسڪول جي موقعي تي پيش آئي هئي. دوستن
عزيزن کي عرض ڪيو ويو، ته هي قومي ڪم آهي. ڪجهه اوڌر سوڌر جي مدد ڪريو. مگر ڪنهن به
هندان همت افزائي نه ٿي. مجبوراً ان وقت به مون باوجود مالي ضعيفيءَ جي اهو ذمو پنهنجي
سر تي کنيو. جامع مسجد ڏيپلي جا پئسا مون وٽ امانت پيل هئا، سي خرچ ڪيم. بعد ۾ ترت
اُهي مسجد جي فنڊ ۾ جمع ڪرايم. بعد ۾ ٿورا ڪي پئسا اسڪول جي مد ۾ گڏ ٿيا هئا، اهي مليا.
باقي رقم مون قومي ڪم ۾ سَجائي ڪئي.“ وڌيڪ لکي ٿو ته:
”هاءِ اسڪول جي کلڻ سان تعليم جو چاهه وڌندو رهيو.
هن مان ڏيپلي جي ميمڻ قوم سڀ کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪيو. انهيءَ گلشن جي آبياري لاءِ
وقتاً فوقتاً مون سان گڏ ٻيا به ڪافي دوست خير جو ڪم سمجهي ڪندا رهيا. جنهن ۾ غريب
شاگردن جي امداد ٿيندي رهي ۽ ڪم ڌڻي پاڪ جي فضل سان هر طرح ڪامياب رهيو. اڄ به ڏيپلي
جا ڪيترائي نونهال جن هن چمن مان پرورش پاتي، اهي سرزمين سنڌ تي ڪيترن ئي وڏن عهدن
تي فائز آهن ۽ ڪو به اهڙو کاتو نه ٿو سُجهي، جنهن ۾ اسان جي باغ جو ڪو به گل پنهنجي
خوشبوءِ نه ڏيکاريندو هُجي.“ (ذاتي ڊائري: ۲
مئي ۱۹۶۶)
ڏيپلي ۾ اسلامي تعليم پکيڙڻ لاءِ به قاضي صاحب تحرڪ
ورتو. اسلامي درسگاهه ۾ عربي، فارسي ۽ ديني تعليم ڏني ويندي هُئي. مدرسي جو مُعلم مولوي حاجي احمد ميمڻ
هو. مدرسي ۾ ڏيپلي کان سواءِ ٻين ڳوٺن جا طالب به اچي پڙهندا هئا. ان کان پوءِ ساڳي
طرز جو ڇوڪرين لاءِ به قاضي صاحب جي ڪاوشن
سان هڪ مدرسو قائم ڪيو ويو. جيڪو پوءِ ”گرلس مُلا اسڪول“ ۾ تبديل ٿي ويو. سرڪار ان
جو مينيجر قاضي صاحب کي مقرر ڪيو ۽ گرانٽ جا پيسا سندس نالي ايندا هئا. آخر سندس ڪوشش
سان گورنمينٽ پرائمري اسڪول قائم ٿيو ۽ سڀ ڇوڪريون ان ۾ داخل ڪرايون ويون. اهو اسڪول
اڃا تائين قائم آهي.
نئين دور جي گُهرجن کي سمجهڻ، سماجي مسئلن کي گڏجي
حل ڪرڻ، پاڻ ۾ اتحاد ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ واسطي قاضي صاحب سال ۱۹۴۹ ۾ ڏيپلي ۾ ”ويلفيئر ميمڻ ايسوسيئيشن
ڏيپله“ جو وجود عمل ۾ آندو. جنهن ۾، شهر جي سڀني چڱن، مٺن توڙي مُکين
کي گڏ ڪيو ويو. ان موقعي تي قاضي صاحب برادريءَ آڏو تنظيم جي مول متن کي نهايت سهڻي
انداز ۾ پيش ڪيو. کيس تقرير ڪرڻ ۽ پنهنجي مدعا بيان ڪرڻ تي مڪمل دسترس حاصل هئي. کيس
عربي ۽ فارسي زبانن تي به عبور حاصل هو. ايتري قدر جو هڪ جيڏن سان هفتن جا هفتا فارسيءَ
۾ بيت بازي ڪندو هو ۽ اڪثر سندس ٽولي کٽي ايندي هئي. ان وقت سندس هم ڪلاسين ۾ محمد
عثمان ڏيپلائي به هو، جنهن لاءِ سندس چوڻ هو ته: ’ڪڏهن هو پهريون نمبر ايندو هو‘ ته
ڪڏهن وري مان کيس مات ڏئي ويندو هوس. بيت بازيءَ وارن مقابلن ۾ هڪٻئي جا مخالف ٿي ويهندا
هئاسون.‘
برادريءَ ۾ نهايت فصاحت سان تقرير ڪرڻ ۽ ايمانداري
واري ڪردار سبب سڀني جي راءِ اها بيٺي، ته کيس ايسوسيئيشن جو صدر مقرر ڪيو وڃي. ان
لاءِ مٿس زور بار به وڌو ويو، پر هن تنظيم کي پائدار بنيادن تي هلائڻ لاءِ پنهنجي قرباني
ڏني ۽ ڳوٺ جي جهونن ۽ مکي ماڻهن کي اڳتي آندو. ان ڏس ۾ هو لکي ٿو ته: ”سال ۱۹۴۹ جي شروع ۾ ڏيپلي جي ميمڻ قوم
کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ منهنجي دل ۾ خواهش پيدا ٿي. مون انهيءَ ڳالهه جو پرچار
شروع ڪيو ۽ پنهنجا هم خيال ساٿي پيدا ڪرڻ ۾ لڳس. اسان شهر جي نوجوانن جي هڪ ميٽنگ گهرائي
۽ مون ان ۾ مٿئين موضوع تي تقرير ڪئي. جنهن جو سٺو اثر پيو ۽ نوجوانن اسان جي سڏ کي
لبيڪ چيو. ٿوري ئي وقت ۾ چڱا ميمبر شامل ٿي ويا. ايسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ مسٽر غلام
حسين طاهراڻي مقرر ڪيو ويو. انهيءَ ڳالهه ۾ منهنجو خاص هٿ هو. مونکي ان وقت ڏيپلي شهر
جي عوام ۾ الحمدلله چڱي عزت حاصل هئي ۽ اڪثر ماڻهن تي منهنجي اخلاق۽ نيڪ نيتي جو چڱو
اثر هو. مونکي انهيءَ جماعت جو صدر مقرر ڪرڻ لاءِ گهڻن ماڻهن جو رايو آيو. مگر مون
انهن کي ٻڌايو، ته مون کان وڌيڪ موزون مسٽر طاهراڻي ثابت ٿيندو“.
ايسوسيئيشن جي ڪري، شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر
ٿي. شهر ڏانهن لچ لوفر جو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو.جماعت جي ميمبرن مان ٽوليون مقرر ڪري
شهر ۾ پهرو ڏنو ويندو هو.جنهن سبب رات جو به امن ۽ سڪون هوندو هو.
اولاد جي تعليم:
قاضي علي محمد کي جيئن ته تعليم سان بيحد پيار هو
۽ سندس ئي ڪوششن سان ڏيپلي ۾ مڊل بوائز ۽ گرلس اسڪول قائم ٿيا هئا، جيڪي اڳتي هلي سندس
ئي ڪوششن سان هاءِ اسڪول ٿيا. ان دور ۾ نياڻين کي انگريزي پڙهائڻ سٺو نه سمجهيو ويندو
هو. قاضي صاحب جيئن ته روشن خيال ۽ جديد فڪر وارو ماڻهو هو، کيس پهريون اولاد به نياڻين
جو هو. ان ڪري هن ابتدا پنهنجي ٻارن سان ڪئي. ۱۹۵۸ ۾ جئين ئي ڏيپلي ۾ گرلس اي وي ڪلاس شروع ٿيا ته هن پنهنجي وڏي نياڻي
کي ان ۾ داخلا وٺي ڏني. اهي ڪلاس اٺن درجن تائين هوندا هئا. وڌيڪ پڙهائڻ لاءِ خانگي
طور بندوبست ڪيو ويو. اهڙي طريقي سان قاضي صاحب پنهنجي پنجني نياڻين کي تعليم ڏياري.
نه صرف ايترو بلڪه جڏهن محسوس ڪيائين ته وڌيڪ تعليم لاءِ شهر ۾ ڪو بندوبست ٿيڻ گهرجي
ته ان لاءِ هن پنهنجي وڏي نياڻي کي B.Ed لاءِ حيدرآباد موڪليو. جنهن
سال ۱۹۶۹ ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ امتحان پاس ڪيو. ساڳئي سال ۾ ڏيپلي
۾ گرلس مڊل اسڪول قائم ٿيو، ته سائين جي نياڻي ان ۾ پهرين هيڊمسٽريس مقرر ٿي. ان کان
پوءِ قاضي صاحب جون وڌيڪ ٻه ٻيون نياڻيون به گرلس هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر مقرر ٿيون.
قاضي صاحب کي وڏي سِڪ ۽ اُڪير کان پوءِ پنجن ڌيئرن
مٿان پٽ جو اولاد ٿيو. جنهن جو نالو ’شاهد پرويز‘ رکيائين جنهن کي ابتدائي تعليم ڏيپلي
مان ڏياري ۽ اٺين جماعت ۾ داخلا لاءِ ۱۹۷۴
ڌاري ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾
داخل ڪرايو. شاهد پرويز انتهائي ذهين ۽ اخلاق وارو ڇوڪرو ثابت ٿيو. کيس نائين جماعت
۾ ۱۵۰ رپيا
اسڪالر شپ ملڻ لڳي. اڳتي هلي شاهد پرويز MBBS پاس ڪري،
ڊاڪٽر بڻيو. ان بعد CSS جو امتحان ۱۹۸۹ ۾ پاس ڪري، سول سروسز ۾ آيو. هن وقت سنڌ ۾ اعليٰ عهدي تي فائز آهي. سندس
ذاتي زندگيءَ تي پنهنجي والد صاحب جي تربيت ۽ عملي زندگيءَ جو اولڙو پسي سگهجي ٿو.
کيس پنهنجي والد صاحب جي عملي زندگي، ڪردار ۽ سماجي ڪمن تي فخر آهي.
۱۹۸۰ واري
ڏهاڪي ۾، قاضي صاحب جا ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون حيدرآباد ۾ تعليم لاءِ رهندا هئا، جيڪي هاسٽلن
۾ رهندا هئا. تن والد صاحب کي خط لکيو ته هاسٽل جي زندگي محدود آهي ۽ ماني ٽڪي به مزي
جي نه آهي، جيڪڏهن ٿي سگهيو ته حيدرآباد هليا
اچو. جيتوڻيڪ قاضي صاحب جي مالي حالت ڪمزور هئي، پر ٻارن جي تعليم خاطر ۱۵ مئي ۱۹۸۰ ڌاري لطيف آباد ۾ ۸۵۰ رپين جي مسواڙ تي ننڍڙي گهر
۾ اچي رهيا. صبر ۽ شڪر سان سندن وقت گذرندو رهيو.
سندس ٻيو پٽ قاضي مشهود به ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان پڙهي،
مهراڻ يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو. جتان ڪمپيوٽر سسٽم جي پهرين بئچ ۱۹۸۴ ڌاري پاس ڪيائين. هن وقت ڪينيڊا
۾ انفارميشن ٽئڪنالاجي (I.T) جو ڪنسلٽنٽ
آهي.
قاضي علي محمد ۸۰
ورهين جي ڄمار ۾ پهرين مارچ
۱۹۸۸ تي
وفات ڪئي، سندس تربت، سندس تعليمي دوست سائين ابوطالب جي ڀر ۾ بابن شاهه قبرستان حيدرآباد
۾ آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا