ارجن ”شاد“
معصوم مُرڪ وارو
رکيل مورائي
اُن ڏينهن شام ٿيندي ئي ”سيتا سنڌو ڀَون“ جو هال ماڻهن سان ڀرجڻ شروع
ٿي ويو هو. شايد آخري شخص مان ۽ دادا هري موٽواڻي هئاسين، جيڪي هال ۾ داخل ٿياسين
۽ اسين جيئن آياسين، ته اسان جي لاءِ اڳيان ڪرسيون رکيون ويون. منهنجي ساڄي پاسي سنڌي
ٻوليءَ جو نوجوان اسڪالر ٻلديو مٽلاڻي ويٺل هو ۽ ساڄي پاسي دادا هري موٽواڻي.
ڪجهه ئي گهڙين ۾ فُل سوٽ پهريل هڪ حسين شخص منهنجي آڏو اچي ٻن وکن جي
مفاصلي تي بيٺو. مون جيئن ئي هن جي چهري ڏي ڏٺو ته کيس سڃاڻڻ ۾ هڪ سيڪنڊ به نه لڳو.
منهنجي سامهون سنڌي ٻوليءَ جو باڪمال ترقي پسند شاعر، اسڪالر، سنڌي ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ
مان پهرين پي ايڇ ڊي ڪندڙ- ڊاڪٽر ارجن ”شاد“ بيٺو هو. مان ماڻهن جي رش کي الڳ ڪري جيئن
ئي ساڻس مليس ته منهنجو پير هن جي پير تي اچي ويو ۽ هن جي چهري تي سور جي لڪير اُڀري
آئي. مون کن ۾ ئي هيٺ ڏٺو. هن جا پير اگهاڙا هئا ۽ مون کي پيرن ۾ بوٽ پاتل هو. مون
کي اندر ئي اندر ندامت جو احساس ٿيو جو ڏٺم ته مون کان سواءِ سڀني جا پير اگهاڙا هئا.
اهو پهريون ڀيرو ۽ آخري ڀيرو هو جو مون هن سان ملي هڪ پراڻي خواهش جي تڪميل پاتي هئي.
اڄ جڏهن هن بابت ڪجهه لکڻ جو سبب بڻيو آهي ته سندس اهو سدابهار مرڪندڙ
حسين چهرو منهنجي اکين ۾ وري لهي آيو آهي. سماعتن ۾ مشاعري ۾ پڙهيل سندس شعر جي اها
سِٽ ٻُرڻ لڳي آهي، جيڪا تاڙين جي گونج ۾ هن بار بار پڙهي هئي:
”سرحد جي پار منهنجي نظر کي اُڏڻ ڏيو.“
سنڌ جي تاريخ ۾ اهم سڃاڻپ رکندڙ شهر سکر ۾ ۱۷- ڊسمبر ۱۹۲۴ع تي جنم وٺندڙ هيءُ حسين
۽ مرڪندڙ چهري وارو نفيس ترين سنڌي شاعر اڄ اسان وٽ نه رهيو آهي. پر هن جا شعر سرحدي
لڪيرن جا محتاج ڪٿي آهن؟
هن جي شاعريءَ جي پهرين ڪتاب ”آءٌ گهٽين جو ڳائيندڙ“ کان وٺي اڄ جي تاريخ
تائين سندس آخري ڪتاب ”ڌرتيءَ جو درد“ تائين سرحدون پار ڪري اسان تائين پڳا آهن. ارجن
شاد- جنهن پنهنجا نوجوانيءَ وارا ڏينهن لاڙڪاڻي جي ادبي وايومنڊل ۾ گهاريا ۽ کيس سنڌيءَ
جي استاد شاعرن جي صحبت حاصل ٿي، جن ۾ هوندراج ”دکايل“، هري ”دلگير“، رام پنجواڻي
۽ پرڀو ”وفا“ جهڙا آبرودار شاعر شامل آهن.
انگن اکرن ڏي ڌيان ڏجي ته ارجن”شد“ جي ڪتابن جي فهرست هيٺينءَ ريت بيهي
ٿي:
۱. آءٌ گهٽين جو ڳائيندڙ (شاعري)
۲. تپسيا جون روشنيون (شاعري)
۳. انڌو دونهون (شاعري)
۴. ڌرتيءَ جو درد (شاعري)
۵. سنڌي غزل (نثر)
۶. بيوس ۽ نئون دور (نثر)
نظم ۽ نثر ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جي رچيندڙ ارجن ”شاد“ ممبي يونيورسٽيءَ مان
”سنڌي غزل“ جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ اهو ڪتاب خود تنقيد جي حوالي سان سندس اهم
ترين ڪتاب ڳڻائي سگهجي ٿو.
”انڌو دونهون“ ڪتاب تي کيس مرڪزي ساهتيه اڪيڊميءَ ايوارڊ ڏنو، مون سندس
چهري ڏي ڏٺو. جنهن ۾ ڪابه وڏائي يا تڪبر جي لڪير ڏسڻ ۾ نه آئي. اڌ کان ڪجهه وڌيڪ اڇا
وار، سدا بهار شخصيت، منهن تي معصوم مرڪ، جيڪا ڪنهن جو به من موهي سگهڻ جي شڪتي رکندڙ!
جڏهن مون کيس ٻڌايو ته سندس سڀ ڪتاب مون وٽ آهن ته اچرج مان پڇيائين: ”تو کي ڪيئن مليا
منهنجا سڀ ڪتاب؟“ ۽ سندس چهريتي حيرت گاڏڙ مرڪ نظر آئي. مون چيو: ”دادا لڇمڻ ڪومل موڪليندو
رهندو آهي“، ته سندس مرڪ ٽهڪ ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن جو پڙاڏو اڄ به منهنجي ڪنن ۾ تازو
آهي.
مون سند لکيل ۽ مٿس لکيل ڪافي مواد پڙهيو آهي. ڪونج جو ارجن ”شاد“ نمبر
به مون وٽ موجود هو، پر سچ اهو آهي ته کيس ڏسڻ کان پوءِ، هو مون کي انهن سڀني لکڻين
(جيڪي سندس باري ۾ لکيون ويون آهن.) کان وڌيڪ باوقار ۽ نفيس شخص لڳو هو. سندس مرڪ ته
ڪمال جي هئي پر سندس ٽهڪ به ڪنهن ڪنهن اعليٰ موسيقار جي رومانوي ڌُن کان گهٽ نه هئا.
هن ان وقت ڳالهين ڳالهين ۾ هڪ ٻه ڀيرو ٽهڪ ڏنا هئا ۽ هن جي هر ٽهڪ مان مڌرتا ڦهلجي
ويئي هئي.
شاعري ۾ هن پنهنجو هڪ نظم ۽ ڪجهه غزل پڙهيا، جيڪي سندس ڪتابن ۾ ڇپيل آهن
۽ منهنجا اڳ ۾ ئي پڙهيل هئا، جن ۾ سنڌ جي خوشبو جو احساس ۽ ورهاڱي جي پيڙا جو درد شدت
سان محسوس ٿي ٿيو. هونئن هو ورهاڱي کان پوءِ هند جي سنڌي شاعرن جي پهرين ٽهيءَ جو اهم
شاعر آهي، هن وٽ نه رڳو شاعريءَ جي سموري فن جي ڄاڻ آهي پر تاريخي شعور پڻ.
هند ۾ رهندڙ سنڌين جاتيءَ کي جن شاعرن هڪ قوم هجڻ جو شعور شاعريءَ جي
معرفت ڏنو آهي، انهن ۾ ارجن”شاد“ جو نه وسرندڙ حصو آهي. هو پنهنجي روين ۾ اول- آخر
شاعر ئي هو. هن جا ٻيا پهلو الڳ آهن ۽ اهي به سڀ جا سڀ موهيندڙ آهن.
۳- نومبر ۲۰۰۶ع تي اسان کان جدا ٿيندڙ ارجن
”شاد“، مشاعري ختم ٿيڻ کان پوءِ مون کي چيو هو: ”صبحاڻي رات جي ماني منهنجي گهر تي
آهي“، ۽ مونچيو هو ”اهو ته بهتر ٿيو جو ڪچهري ٿي ويندي.“ مون ته چاهيو ئي اهو پئي.
پر ٻيءَ رات سندس مانيءَ تي وڃي نه سگهياسين، جنهن جو اڄ تائين افسوس اٿم.
مان آشاوادي رهيو آهيان ۽ وشواس هئم ته هڪ ڀيرو وري ساڻس گڏجڻ ٿيندو
۽ سندس رات جي ماني کائبي ۽ ساڻس دل کولي ڪچهري ڪبي ۽ وري سندس مڌر ٽهڪن جي لطافتن
سان گڏ سندس نوان تازا پيارا شعر به ٻُڌبا، پر اُها خواهش ۳- نومبر ۲۰۰۶ع تي اُن وقت ختم ٿي جڏهن
شام جو لڳ ڀڳ ستين وڳي ڌاري حيدرآباد مان ڀاءُ شوڪت شوري، تاج جويي کي ارجن ”شاد“ جي
سرڳواس ٿيڻ جي ڏکوئيندڙ خبر فون تي ٻڌائي، جيڪو ان رات مون وٽ ڪراچيءَ ۾ رهيل هو.
مون کي يقين آهي ته هن جو مرڪندڙ چهرو سڄي ڄمار منهنجي اکين ۾محفوظ رهندو
۽ اها پڻ خوشي اٿم ۽ ساڳئي وقت فخر پڻ ته مان سنڌي ٻوليءَ جي هن اهم ترين شاعر ۽ نقاد
شريمان ارجن”شاد“ سان زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو مليو هوس ۽ اها ملڻ جي خواهش مون ڀريا ويهه
سال اندر ۾ سانڍي رکي هئي. اڄ هونه آهي، پر سندس ذڪر اسان سنڌ وارن جي زبان تي آهي
۽ سدائين رهندو، ڇو ته محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته ڄڻ هو پاڻ ئي چوندو هجي:
”محفل ۾ پورو ذڪر اسان جو ٿيڻ
ڏيو.“
No comments:
راءِ ڏيندا