; سنڌي شخصيتون: طفيل سنجراڻي - صغير چانڊيو

31 August, 2013

طفيل سنجراڻي - صغير چانڊيو

طفيل سنجراڻي
مشهور لوڪ راڳي سان ڳالهه ٻولهه
انٽرويو صغير چانڊيو
سوال: اوهان کي ڳائڻ جو شوق ڪيئن جاڳيو ۽ هن فن جي باقاعدي سکيا ڪنهن کان ورتي؟
جواب: پنهنجي والد کي ٻڌي، مون کي ڳائڻ جو شوق ٿيو. منهنجي والد جو پهريون استاد، مرحوم استاد جمن هو. مون پهريان سکيا، پنهنجي والد صاحب کان ئي ورتي.
سوال: ڪهڙي ڪلام ڳائڻ تي شهرت ۾ اضافو ٿيو؟
جواب: ملنگ دي گل سڻ جا، ان کان پوءِ صوفي گاني من ۾ الله، تن ۾ الله ڳائڻ تي شهرت ۾ اضافو ٿيو.

سوال: ڳائڻ وارو فن، ڏکيو آهي يا سولو؟
جواب: ڳائڻ وارو فن، تمام گهڻو ڏکيو آهي. ان لاءِ سکيا ضروري هجي ٿي.
سوال: ڪهڙن شاعرن جي شاعري ڳائي آهي؟
جواب: لطيف سرڪار، حضرت سچل سرمست، بابا بلهي شاهه، بابا فريد، لال شهباز، وحيد هڪڙو، ساگر شاهه، ذوالفقار منگي، ظفر ڏيٿو، غلام قادر گهايل، دانش آرائين ۽ اقبال جويو.
سوال: اوهان ڪهڙين ڪهڙين ٻولين ۾، روانيءَ سان ڳائي سگهو ٿا؟
جواب: سنڌي، پنجابي، سرائيڪي، اردو، گجراتي، بلوچي ڳائي چڪو آهيان.
سوال: اوهان ڪٿي ڪٿي، پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي؟
جواب: پاڪستان کان ٻاهر دبئي، انڊيا، مسقط، ڏکڻ آفريڪا.
سوال: اوهان کي ڪهڙا ايوارڊ مليا آهن؟
جواب: حضرت لال شهباز شيلڊ، حضرت سچل سر مست ايوارڊ مليا آهن.
سوال: توهان جي ڪا اهڙي خواهش جيڪا پوري نه ٿي هجي؟
جواب: پنهنجي پوري فيملي سان گڏ، حج ۽ عمري جي خواهش، اڃا تائين پوري نه ٿي سگهي آهي.
سوال: سنڌي موسيقيءَ ۾ هن وقت جيڪو ڪجهه هلي رهيو آهي، ان بابت اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
جواب: هتي موسيقي ۾ استادن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، جيڪي ڌنون ڪمپوز ڪندا هيا. جيڪڏهن اسان انهن جي وري سار لڌي ۽ انهن کان ڪم ورتو وڃي ته سنڌي موسيقي کي بچائي وري ان کي اوج ڏياري سگهجي ٿو.
سوال: سنڌي فنڪارن کي جيڪا موٽ ملي رهي آهي، توهان ان مان ڪيترو مطمئن آهيو؟
جواب: جيڪا موٽ ورلڊ ليول تي ملڻ کپي، اها سنڌي فنڪارن کي نه ٿي ملي.
سوال: اسان جا فنڪار، باقاعده راڳ سکڻ واري عمل کي، ترجيح ڇو نه ٿا ڏين؟
جواب: هي رستو ڏاڍو مشڪل آهي، جنهن ۾ سال لڳي وڃن ٿا. هڙ فنڪار، شارٽ ڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪر ٿا.
سوال: راڳ جو، سکيا دوران ۽ هينئر، ڪيترو رياض ڪندا آهيو؟
جواب: جيترو ٽائيم ملندو آهي، اوترو رياض ڪندو آهيان.
سوال: شادي پسند جي آهي يا مائٽن جي مرضي سان ۽ اولاد ڪيترو آهي
جواب: شادي پسند جي آهي. ٻه پٽ آهن.
سوال: نئين نسل لاءِ، ڪو پيغام ڏيڻ پسند ڪندئو؟
جواب: سڀني نون دوستن کي منهنجو ھڪ ننڍڙو پيغام آهي؛ والدين وانگر پنهنجي استاد جو ادب ڪن. ان سان هر جاءِ تي کين ڪاميابي ٿيندي. وڏي ڳالھ ته؛ استادن کي نظر انداز ڪرڻ سان، سنڌي سنگيت کي هاڃو رسيو آهي.


No comments:

راءِ ڏيندا