; سنڌي شخصيتون: استاد خان محمد سمون - ناصر قاضي

01 September, 2013

استاد خان محمد سمون - ناصر قاضي

استاد خان محمد سمون
شرناءِ جي زبان سان سر ونڊيندڙ
ناصر قاضي
شرناءِ سنڌ جو تمام پراڻو ساز آهي، جنهن لاءِ ڪجھه روايتن ۾ ملي ٿو ته محمد بن قاسم جڏهن سنڌ فتح ڪئي ته ماڻهن سندس استقبال دهل ۽ شرناءِ سان نچندي ڪيو هو. اهو واقعو اٺين صدي عيسوي جي شروعات جو آهي. ان کان اڳ شرناءِ جو وجود سنڌ ۾ نه هو، چون ٿا هيءُ هڪ ايراني ساز آهي. شرناءِ ٻٻر جي پراڻي ڪاٺ مان ٺاهجي ٿي ۽ ڪنگور جي پتي سان وڄائبي آهي. هن ۾ سڌا اٺ سوراخ مٿان ۽ نائون سوراخ هيٺ ٿئي، جنهن کي ٻاٻيهو چون. ٻاٻيهو پکي به سنڌ ۾ ٿئي. پراڻي زماني ۾ شرناءِ کي ڪرنائي به چوندا هئا.

ضلعي لاڙڪاڻي جي شهر رتيديري جي موسيقيءَ جو جڏهن به ذڪر نڪرندو تڏهن اهو ذڪر استاد خان محمد جي ذڪر کانسواءِ اڌورو رهجي ويندو، ڇاڪاڻ ته استاد خان محمد پنهنجي اولاد سميت موسيقيءَ جي فن جي تمام گھڻي آبياري ڪئي آهي، پاڻ توڙي سندس ٻچڙا سنڌ جو ناميارو فنڪار غلام شبير سمون، غلام مصطفى ’مشتاق‘، عاشق علي سمون ۽ زاهد علي سمون پنهنجي فنڪارانه صلاحيتن سان هن خطي جو نالو پوري سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهر مشهور ڪندا رهيا آهن. خاص ڪري رتيديري شهر توڙي پس گردائيءَ ۾ موسيقيءَ جي ميدان ۾ سندن ڪيل خدمتون وساري نه ٿيون سگھجن.  استاد خان محمد اهو سريلو شرناءِ نواز ۽ طبلا نواز ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجي فن وسيلي پوري سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاهرين سرحدن تائين به  ناماچاري حاصل ڪئي. استاد خان محمد ڳوٺ ڇتي منگي، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ پنهنجي وقت جي سريلي شرناءِ نواز رسول بخش سمي جي گھر ۾ جنم ورتو ۽ اڳتي هلي هي خاندان رتيديري ۾ وڏي ٽڪاڻي واري محلي ۾ اچي آباد ٿيو. پاڻ نصابي تعليم پنج درجا حاصل ڪيائين. شرناءِ جي فن جي شروعاتي تعليم پنهنجي والد رسول بخش سمي کان ورتائين، جنهن بعد سندس باقاعده استاد قلندر بخش سمون (وڏو) رتيديري وارو ثابت ٿيو. استاد خان محمد شرناءِ جي فن کي صحيح ڪتب آڻڻ ۽ شرناءِ ذريعي ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل واڄي جي لاءِ ڪلاسيڪل موسيقيءَ کي سکڻ ۽ سمجھڻ ضروري عمل سمجھيو ۽ ڪلاسيڪل جي علم جي حاصلات جي لاءِ جڳ مشهور گويي خانصاحب استاد گلزار علي خان جي استادي قبول ڪيائين، جڏهن ته طبلي جي فن ۾ سندس استاد حاجي خان دوداپور وارو هو.
استاد خان محمد ۱۹۷۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪوئيٽا ۾ ڪلاسيڪل واڄي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪري پنهنجي ميڊيا جي سفر جي شروعات ڪئي، جنهن بعد ريڊيو توڙي ٽي. وي ڪوئيٽا تي ڪافي سارن ڪلاسيڪل توڙي لوڪ موسيقيءَ جي پروگرمن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين، جڏهن ته پي ٽي وي ڪراچيءَ تي کيس پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ متعارف ڪرايو. استاد خان محمد پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي به ڳچ پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. پاڻ هونئن ته سنڌ جي ڪيترن ئي ڪلاسيڪل فنڪارن سان طبلي ۽ ڍولڪ تي سنگت ڪئي، پر استاد گلزار علي خان سان تمام گھڻو وقت طبلي تي ساٿ ڏنائين.
استاد خان محمد کي سنڌ ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلاسيڪل ڇنن ۾ به دعوت ڏئي گھرايو ويندو هو، پاڻ قلندر لعل شهباز ۽ لطيف سرڪار جي ميلن جي ڇني ۾ وڃي به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. استاد خان محمد سمي رتيديري شهر ۾ موسيقيءَ جي فن جي ڦهلاءَ لاءِ قابلِ قدر ڪوششون  ڪيون، شهر جي مين بازار ۾ سندس ئي همعمر ۽ دل گھرئي دوست شمس الدين سومري جي ٻيڙين ۽ سگريٽن جي ڪيبن نما دڪان جو پٺيون پاسو استاد خان محمد سمي ۽ ان جي شاگردن جي بيٺڪ طور مشهور هوندو هو، جتي پاڻ سنگيت جي فن سان ڪيترن ئي شاگردن کي فيضياب ڪيائين، جنهن کانپوءِ هن پنهنجي الڳ ’استاد گلزار علي خان سنگيت ڪلب، رتوديرو‘ جو بنياد رکيو. ان حوالي سان هن پنهنجو فن پنهنجي اولاد ۽ پنهنجن کوڙ سارن شاگردن تائين منتقل ڪيو، سندس شاگردن ۾ غلام مصطفى (پٽ)، محمد پريل ميراثي، اعجاز علي ميراثي، سونو خان، بدرالدين سمون، اقبال سمون، حاجي نثار بزمي، اشوڪ ڪمار ۽ ٻيا ڪيترائي نالا اچي وڃن ٿا. استاد خان محمد ۲۴ ڊسمبر ۲۰۰۴ع تي وفات ڪئي، سندس سنگيت واري فيض جو سلسلو اڄ ڏينهن تائين جاري آهي، اڄ به سندس قائم ڪيل ’استاد گلزار علي خان سنگيت ڪلب رتيديري‘ ۾ سندس فرزند غلام مصطفى ’مشتاق‘ ۽ غلام شبير سمون سر جو سفر جاري رکندا اچن ٿا.

No comments:

راءِ ڏيندا