; سنڌي شخصيتون: شازيه خشڪ - وزير فرهاد سولنگي

22 September, 2013

شازيه خشڪ - وزير فرهاد سولنگي

شازيه خشڪ
ثقافتي رنگن جهڙي
وزير فرهاد سولنگي
سنڌي موسيقيءَ ۾ منفرد گائيڪي جو انداز رکندڙ خوبصورت گلوڪاره شازيه خشڪ جو تعلق هڪ پڙهيل ڳڙهيل خاندان سان آهي. پاڻ ۱۶ سيپٽمبر ۱۹۷۰ع ڌاري پروفيسر فاروق احمد مرزا جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد صاحب سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليم کاتي سان لاڳاپيل هيو. شازيه خشڪ شروعاتي تعليم به اُتي ئي پرائي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي اردو ادب ۾ ڪيائين سنڌ جي هيءَ پڙهي لکي فنڪاره سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهران پنهنجي آواز ۽ ثقافتي لباس سبب تمام سٺو نالو ڪمايو. شازيه خشڪ ۱۹۸۶ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي علم سياست جي پروفيسر محمد ابراهيم خشڪ سان شادي ڪئي. شازيه خشڪ کي فن موسيقيءَ جو شوق ننڍپڻ کان هوندو هيو. پر بحيثيت گلوڪاره جي هن پهريو ڀيرو سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران منقعد ڪيل بين الاقوامي سنڌي ڪانفرنس ۾ ابراهيم منشي جو ڪلام ڳايو ته ”سهڻي کائي پئي سور ورو وانجهو، ساوڻ سير درياھ جي“ ان کان پوءِ ۱۹۹۲ع ڌاري پروفيسر ابراهيم خشڪ سان پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي سينٽر تي سميع بلوچ جي ادبي پروگرام ۾ پاڻ بطور مهمان جي حيثيت ۾ شرڪت ڪئي ۽ شازيه خشڪ هن سان گڏ ڪراچي ٽي وي سينٽر گهمڻ آئي هئي ۽ انهيءَ دوران هن کي پروفيسر خشڪ سينئر پروڊيوسر سلطانه صديقي سان ملايو جيڪا ان وقت ڪراچي ٽي وي سينٽر تان ماروي سيريل جي تياري ڪري رهي هئي. اهڙي طرح سلطانه صديقي کيس ماروي ڊرامي ۾ اداڪاري ڪرڻ جي آڇ ڪئي. جنهن تي شازيه خشڪ چيو ته مونکي اداڪاري سان دلچسپي ناهي بلڪه مونکي ڳائڻ جو موقعو ڏنو وڃي ۽ ڪجھ عرصي کان پوءِ کيس سلطانه صديقي ڳائڻ لاءِ گهرايو ۽ هن کان هڪ ٿري لوڪ گيت ” مارا اڏ تان پکيئڙا ڪڏهين آ نه ماري ديس“ ڳارايو.

شازيه جي انهيءَ ڳايل گيت کي ڏسندڙن طرفان تمام وڏي موٽ ملي. جنهن کان پوءَ هن لاکيڻي لطيف جي عرس تي محفل موسيقيءَ جي پروگرام شرڪت ڪئي. جتي به هن کي تمام بهتر موٽ ملي. ان کان پوءِ شازيه خشڪ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ سرڪار طرفان ڪيل ثقافتي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ لڳي. شازيه خشڪ کي ريڊيو پاڪستان تان به ڳائڻ جو موقعو مليو هن ۱۹۹۲ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙي متعارف ڪرايو. شازيه خشڪ جي مادري زبان ڪشميري آهي پر پاڻ ملڪ جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ گيت ڳايا آهن. جن ۾ سنڌي، سرائڪي، ٿري، اردو، بلوچي، براهوي، گجراتي، پنجابي،ڍاٽڪي، گوجري، ميمڻي، پهاڙي، ڪشميري ۽ انگريزي اچي وڃن ٿيون. شازيه خشڪ فن موسيقيءَ جي باقائده تربيت ڪنهن استاد کان نه ورتي آهي پر سندس شوق ۽ لڳاتار محنت جي نتيجي ۾ هن اهو مقام حاصل ڪيو آهي. تنهن هوندي به هن سنڌي موسيقار کان ڪجھه پرايو جن ۾ استاد فتح علي خان حيدرآباد وارو، استاد نياز حسين ۽ موسيقار رجب علي رضا مرحوم شامل آهن. هن پاڪستان ٽيليوزن جي سڀني سينٽرن تان پروگرام ڪيا آهن. جنهن ۾ اسلام آباد سينٽر تي خواجه نجم الحسن، ڪوئيٽا سينٽر تان آصف قاضي، لاهور سينٽر تان فرخ بشير ۽ منيزه هاشمي هن کان ڪلام ريڪارڊ ڪرايا آهن.

شازيه خشڪ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي ثقافت جا رنگ نروار ڪيا آهن جن ۾ آمريڪا، ڪيناڊا، آسٽيرليا، جاپان، عرب امارات، هائلينڊ، برطانيه، مالديپ، ٿائلينڊ، ترڪمانستان، ازبڪستان، سريلنڪا ۽ قطر وغيره اچي وڃن ٿا، ان کان علاوه هن ملڪ جي نجي ٽيليوزن چينلن تي پڻ ڪم ڪيو آهي، سندس آواز ۾ ڳايل بلوچي گيت ”دانا په دانا“ ۽ باري ابڙي جي شاعري ”ٻڌان ٻڌان پئي سنڌوءَ جي ڇولين منجهه“ ۽ ” آئون جي سانول توکان نينهن ڇنيان، شل سک سان ڪين سمهان“ کي سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو آهي. شازيه خشڪ کي فني مڃتا طور ڪيترا ئي ايوارڊ مليا آهن جنهن ۾ آرٽسٽ آف دي ورلڊ ايوارڊ، يونيڪ پرفارمنس ايوارڊ، قلندر لال شهباز ايوارڊ ۽ ٻيا لاتعداد انعام ماڻيا آهن. شازيه خشڪ کي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو طرفان ۱۹۹۸ع ۾ موسيقيءَ ۾ فيلو شپ جي ڊگري ملي، جيڪا ملڪ جي ڳائڻن ۾ هن کي پهريون اعزاز حاصل آهي. شازيه خشڪ هن وقت تائين ڳائڻ کان علاوه پنهنجي گهر ۾ هڪ ننڍڙي آئڊيو لائبريري ٺاهي آهي جنهن ۾ هوءَ دنيا جي مختلف راڳين جون سيڊيون ۽ ائڊيو ڪيسٽون محفوظ ڪيون آهن. جيڪي هوءَ واندڪائي ۾ ٻڌندي آهي هن وقت تائين سندس پنج ويڊيو ڪيسٽون، پنج سيڊيون ۽ ٻارنهن آئڊيو ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ اچي چڪيون آهن، پاڻ ڪتابن پڙهڻ جو شوق پڻ رکي ٿي ۽ فن موسيقيءَ تي لکيل ڪتابن ۾ گهڻي دلچسپي وٺندي آهي. 

No comments:

راءِ ڏيندا