دريا خان هيسباڻي
سنڌ جو مهان مهمان نواز
۽ صوفي فقير
اطهر هيسباڻي
مادر وطن سنڌ پنهنجي ڪُک مان ڪيئي املهه ماڻڪ موتي پيدا ڪيا آهن، جن
۾ سياستدان، دانشور، مفڪر، عالم دين، شاعر، فنڪار، صحافي، واپاري، مزدور، هاري، ڪمي
ڪاسبي وغيره شامل آهن. هڪ خاص ڳالهه، جنهن کان ڪو به انڪاري نه ٿيندو، اها آهي سنڌ
ڌرتيءَ جي مهمان نوازي. هن ڌرتيءَ تي علم، عقل، ادب، فن سڀني کان مهمان نوازي گوءِ
کڻي وئي، ڇو ته اسين هر ميڙاڪي ۾ پنهنجي مهمان نوازي جي شان کي اُتاهون ڪري پيش ڪندا
آهيون. هيءَ ڌرتي پيار جي وستي آهي، هتان جا ماڻهو هر دلعزيز، مهمان نواز، امن ۽ آشتيءَ
جا ديوانا ۽ پريت جا پروانا آهن. هو هر آيل جي مهمان نوازي دل کولي ڪندا آهن ۽ آيل
مهمان تان ٻلهار پيا ٿيندا آهن ۽ رب پاڪ جا احسان ۽ ڳڻ ڳائيندا آهن، جڏهن ته پوري دنيا
۾ ائين ناهي. سو مهمان نوازي جي ڳالهه پي ڪئي سين ته هن ڌرتيءَ تي ڪيتريون ئي وڏيون
وڏيون ڪشاديون اوطاقون قائم ۽ دائم آهن.
ضلعي لاڙڪاڻي تعلقي ڏوڪري جو مشهور و معروف هر دلعزيز، محفل جو مور، مير
مجلس صوفي فقير درياءَ خان هيسباڻي به نالي وارو مهمان نواز ٿي گذريو آهي. سندس ذاتي
۽ وڏي ڪشادي اوطاق جيڪا ڳوٺ گل محمد هيسباڻي جو دادو ڪئنال جي ڪڙ تي واقع آهي، مهمان
نوازي جو عظيم شاهڪار پيش ڪري رهي آهي. دريا خان هيسباڻي ۱۸۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ موسم بهار
۾ جنم ورتو. گل محمد هيسباڻيءَ جي وڏي پٽ هئڻ
ڪري ڳوٺ جي پڳ به کيس ٻڌائي وئي. دريا خان هيسباڻي جي اوطاق ۽ مهمان نوازي سنڌ،
بلوچستان، پنجاب ۽ سرحد توڙي هندستان تائين مشهور و معروف آهي. سندس مهمان نوازيءَ
جو انوکو انداز هوندو هو. درياءَ خان هيسباڻي، جڏهن اوطاق ۾ موجود هوندو هو ته اوطاق،
مهمانن ۽ ڳوٺاڻن سان ڀريل هوندي هئي. اتي ويٺل ڪچهرين جا ڪوڏيا، ويٺلن کي کلائي کلائي
کيرو ڪندا هئا. ٻاهران آيل مهمانن کي ماني وغيره کارائي، رات جو رسمي حال احوال ٿيندا
هئا. آيل مهمانن سان جي ڪو جانور؛ اٺ، ٻڪريون، رڍون وغيره گڏ هونديون هيون، ته بنا
لب ڪشائي جي انهن کي به ضرورت جو چارو ملي ويندو هو. آيل مهمان اهو منظر ڏسي پاڻ ۾
سُسُ پُس ڪندا هئا ته بنا چوڻ جي جانورن جي مهماني به ٿي ويئي. هاري ناري ڪم ڪار تان
واندا ٿي، رات جو اوطاق تي ويهي ڏور، بيت، ڳجهارتون ڏيندا هئا ۽ راڳ رنگ جي محفل به
روزانو رات جو ٿيندي هئي، جنهن ۾ دريا خان هيسباڻي جو ننڍو ڀاءُ عرض محمد هيسباڻي پنهنجي
پٽن سان گڏ حصو وٺندو هو. دريا خان هيسباڻي جا ڀائر به ڀائر هئا. ڪڏهن به سندس سامهون
نه ٿيا، ڪڏهن به سندس جي کٽ تي نه ويٺا. سندس ڀائٽيا به کيس پنهنجي والد جيتري عزت
ڏيندا هئا. وڏو منڊل متل هو. پاڙي جي ڳوٺن جا ماڻهو به هتان جي ڪچهري لاءِ سڪندا هئا.
درياءَ خان هيسباڻي غريبن جو همدرد ۽ ڀرجهلو هو. وڏائي منجهس بنهه به نه هئي. ’الله
منهنجو مالڪ آهي، جو مڙيو سو جڙيو‘ جا لفظ سندس زبان تي هوندا هئا. زمين تان اناج کڻندا هئا ته سڀ کان پهرين اناج غريبن، مسڪينن،
۽ محتاجن کي ڏيندو هو ۽ شاهه جو هي بيت ته:
جنين ڏاند نه ٻج، تنين تنهنجو آسرو،
پوءِ اوڀارين سج، اول ڏين انهن کي!
سندس زبان تي رهندو هو. ڪنهن به اڙيل انسان کي اڙيو نه ڇڏيندو هو. ان
وقت ئي مهل ڪندو هو. درياهه خان هيسباڻي جا ننڍا ڀائر، جن ۾ محمد قاسم، عرض محمد ۽
محمد هاشم هيسباڻي کانئس اڳ ئي هن فاني جهان مان موڪلائي ويا. سندس ٻه فرزند حال حيات
آهن. الله تبارڪ و تعالى کين وڏي ڄمار بخشي، آمين. هيڏي وڏي عمر جي انسان ڪڏهن به دانهن
نه ڪئي ته مان ڪمزور آهيان، جيڪڏهن ڪنهن نوجوان جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ قابو ٿي ڪيائين ته
ان کان رڙيون نڪري وينديون هيون. آخري ڏينهن ۾ بيمار ٿيو ته پنهنجي ننڍي پٽ وٽ ميهڙ
۾ رهيو. آخر ۳ سيپٽمبر ۱۹۹۴ع جي ڏهاڙي هن فاني دنيا مان هي قلندر موڪلائي مالڪ حقيقي
سان وڃي مليو. سندس جدائي ڳوٺاڻن ۽ تر جي ٻين ڳوٺ وارن لاءِ تمام دکائڪ ثابت ٿي. درياءَ
خان هيسباڻي کي شاعرن ۾ سنڌ جو سدا حيات شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، سچل سرمست،
فقير ”خوش“ خير محمد هيسباڻي، دادن فقير ۽ سندس پوٽو ذوالفقار هيسباڻي بي حد وڻندا
هئا.
No comments:
راءِ ڏيندا