; سنڌي شخصيتون: خانصاحب امانت علي خان - ناصر قاضي

29 September, 2013

خانصاحب امانت علي خان - ناصر قاضي

خانصاحب امانت علي خان
ڪلاسيڪل راڳي
ناصر قاضي
خانصاحب استاد امانت علي خان جي نانءِ
خوشبو ڪي زباني تيرا پيغام هي آئي ...!!!
ننڍي کنڊ جي وڏن موسيقار گھراڻن مان پٽيالا گھراڻو پنهنجو هڪ الڳ ۽ منفرد مقام رکي ٿو. هن گھراڻي سان وابسته موسيقارن توڙي گلوڪارن جون ڪيل فني خدمتون نه صرف ننڍي کنڊ، پر پوري دنيا ۾ کيرون لهڻن ٿيون. هن گھراڻي تي ’پٽيالا‘ نالو رياست ’پٽيالا‘ سان وابستگيءَ جي ڪري پيو، جنهن گھراڻي جا باني خانصاحب جرنيل علي بخش خان ۽ خانصاحب ڪرنيل فتح علي خان هئا، جيتوڻيڪ هي ٻئي موسيقار پاڻ ۾ ڪي ويجھا رشتيدار به نه هئا، پر هميشه سڳن ڀائرن وانگر رهندا هئا، ايتريقدر جو جتي به ڳائڻ جي لاءِ کين دعوت ملندي هئي ته هي ٻئي گڏجي ويندا هئا.

خانصاحب استاد علي بخش خان ۽ خانصاحب استاد فتح علي خان راڳ جي تعليم به گڏجي ورتي، هي سڀ کان پهريان ’گوگي ٻائي‘ جا شاگرد ٿيا، جنهن کان پوءِ استاد بهرام خان، خانصاحب استاد مبارڪ علي خان ۽ خانصاحب استاد تان رس خان جن جي رهنمائيءَ ۾ راڳ جي رمزن کان آشنا ٿيا. رياست پٽيالا جي مهاراجا جڏهن کين سامهون ٻڌو، تڏهن سندن فن کان متاثر ٿي کين ’جرنيل‘ ۽ ’ڪرنيل‘ جي خطاب سان نوازيو.
خانصاحب استاد جرنيل علي بخش خان جو فرزند خانصاحب استاد اختر حسين هو، جنهن ۱۸۹۶ع ۾ جنم ورتو، خانصاحب استاد اختر حسين خان موسيقيءَ جي تربيت پنهنجي باڪمال والد کان حاصل ڪئي ۽ ساڳئي ورثي جي ورهاست پنهنجي لائق فرزندن خانصاحب استاد امانت علي خان، خانصاحب استاد فتح علي خان، خانصاحب استاد حامد علي خان ۽ پنهنجي مرادوند پوٽي استاد اسد امانت علي خان تائين منتقل ڪيو.
ساڳئي گھراڻي جي چشم و چراغ استاد اختر حسين جي وڏ-ور فرزند خانصاحب استاد امانت علي خان جي نالي ۽ حوالي کان ڀلا ڪهڙو ڪلا-ڌڻي ۽ قلم-ڌڻي اڻ واقف هوندو، جنهن پنهنجي وڏڙن پاران مليل ورثي کي آفاقي امانت سمجھندي، پنهنجي پونئرن تائين تمام سهڻي انداز ۾ منتقل ڪئي.
ناليواري ڪلاسيڪل ۽ غزل جي سريلي گلوڪار استاد امانت علي خان ۱۹۲۸ع ڌاري استاد اختر حسين جي گھر رياست پٽيالا ۾ اکيون کوليون، سندس تعلق ننڍي کنڊ جي موسيقار گهراڻي پٽيالا سان هو، ان حوالي سان پٽيالا گهراڻي جو باني جرنيل علي بخش خان سندس رشتي ۾ ڏاڏو هو.
استاد امانت علي خان گھر ۾ ئي راڳ جون روحاني لوليون ٻڌندي جڏهن جوانيءَ طرف وکون چورڻ لڳو، تڏهن موسيقيءَ جي تعليم پنهنجي والد اختر حسين خان کان حاصل ڪيائين. هن پنهنجي والد محترم جي شفقت جي سايي ۾ ايتري ته محنت ۽ رياض ڪيو، جو هو اڳتي هلي ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي هر هڪ صنف جو ڄاڻو ۽ تجربيڪار فنڪار ثابت ٿيو، هو اڪثر پنهنجي ننڍي ڀاءُ خانصاحب استاد فتح علي خان سان گڏجي ڳائيندو هو، ريڊيو پاڪستان توڙي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي بنيادي فنڪارن ۾ هنن ٻنهي ڀائرن جو نالو سرِ فهرست آهي. خانصاحب استاد امانت علي خان، پاڪستان ٽيليويزن تي ان دؤر ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جڏهن پي ٽي وي جي بليڪ ائنڊ وائيٽ نشريات هلندي هئي. هنن ٻنهي ڀائرن استاد امانت علي خان ۽ استاد فتح علي خان جي گائيڪ جوڙيءَ جي هڪ خوبصورتي اها به هوندي هئي جو سندن سريليون تانون ۽ پلٽا محفل ۾ ٻڌندڙن جي دلين تي سحر طاري ڪري ڇڏيندا هئا. سندن آواز ۾ ڳايل راڳ ”ڀيروي“ جو خيال ”ڪب آئو گي“ تمام گهڻو مقبول ٿيو. استاد امانت علي خان نج ڪلاسيڪل راڳ کانسواءِ غزل جي گائيڪي توڙي ادائيگيءَ ۾ به تمام مهارت سان پنهنجو پاڻ مڃايو، سندس ڳايل غزلن مان حيدر علي آتش جو غزل ”ِيه آرزو ٿي تجهي گل ڪي روبرو ڪرتي“، ادا جعفريءَ جو غزل ”هونٽون په ڪڀي ان ڪي ميرا نام هي آئي“، ظهير ڪاشميري جو غزل ”موسم بدلا رت“، تمام گهڻا مقبول ٿيا. نه صرف ايترو، پر استاد امانت علي خان پنهنجي علم ۽ تجربي جي اڌار تي ملي نغمن ۾ به غزل جو رنگ ڏئي هڪ نئين ۽ جدا سڃاڻپ ٺاهي، سندس ڳايل ملي نغمو ”اي وطن پاڪ وطن“ تمام گهڻو مشهور ٿيو، جيڪو راڳ ”ڪرواني“ ۾ هو، ان کانسواءِ ”چاند ميري زمين، ڦول ميرا چمن“ سندس لاجواب ملي نغما هئا.

استاد امانت علي خان پنهنجي فني ورثي جا وارث پنهنجي پٽ اسد امانت علي خان، پنهنجي ڀاءُ حامد علي خان جي روپ ۾ پيدا ڪيا، جن جون به ڪلاسيڪل توڙي نيم ڪلاسيڪل موسيقيءَ ۾ اڻوسرندڙ خدمتون آهن. استاد امانت علي خان ۱۸ سيپٽمبر ۱۹۷۴ع تي پنهنجي والد خانصاحب استاد اختر حسين جي وفات کان ٺيڪ اٺَن مهينن ۽ سترهن ڏينهن کان پوءِ وفات ڪئي، کيس لاهور جي مؤمن پور قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

No comments:

راءِ ڏيندا