رخسانه پريت چنڙ
درد جي پنهنجي
دل ڪشي آهي
بخشل باغي
مون کي ياد ٿو اچي ته اهو سال ۸۹ يا ۹۰ جو هو جڏهن نواب شاھ ۾ پُراڻي ناڪي جي ڀر سان موجود
ميدان تي جيئي سنڌ جو جلسو ٿي رھيو ھو. جنهن ۾ ھڪ ننڍڙي ڪارڪن جي حيثيت سان مان به
شريڪ ٿيو ھُئس. جيئي سنڌ جي ان ڇوليون هڻندڙ جلسي ۾ هڪ عجيب و غريب اُتساھ جو ڀرپور
احساس، ڪُهاڙي وارن ڳاڙھن جھنڊن جي ڳاڙھاڻ ۾ ڪڪورجي ريٽو ٿي پيو ھو. وڏي آواز سان هلندڙ
سرمد سنڌي جي پُرجوش ۽ آفاقي آواز ۾ ڪُھاڙي وارا ڳاڙھا جھنڊا، روح ۾ کڻندڙانقلاب جي
آرزو کي اڃا به پُختو بڻائي رهيا هئا. اُن روح کي جهنجهوڙيندڙ ماحول ۾ پروگرام هلندي
هڪ خوبصورت ڇوڪري اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سر انجام ڏيندي پنهنجي پُر اعتماد آواز
۾ منهنجو نالو وٺي مون کي اسٽيج تي شعر پڙهڻ لاءِ سڏيو. پوءِ مون ڏٺو ته هي منهنجي
پاڙيسري، خوبصورت شاعره ۽ قومي تحريڪ جي متحرڪ ڪارڪن ڇوڪري رخسانه پريت آهي.
رخسانه پريت سنڌ جي عورت شاعرائن ۾ اها تخليقي شاعره آهي جنهن جي شاعري
جا موضوع پنهنجي ديس جي سُونهن کان وٺي هن سموري ڪائنات جي هر ذري جي جمال تائين پنهنجي
شاعراڻي نگاھ سان هِن انتھائي آرٽسٽڪ انداز سان پنهنجي شاعري ۾ فوڪس ڪيا آهن. اِهو
ئي ڪارڻ آهي جو رخسانه پريت سنڌ ۾ عورت شاعرائن جي پهرين قطار ۾ پنهنجو نالو تحرير
ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي سيني ۾ عورتاڻي حساس دل رکندڙ هي شاعره سنڌ جي بي باڪ ليکڪائن
۾ شمار ٿئي ٿي. هُوءَ پنهنجي مسيحائي پيشي ۾ هڪ ڊاڪٽر طور دُکي انسانن جي آهُن، دانهُن
۽ حالتن جو انتهائي انسان دوستي واري رويي تحت تدارڪ پڻ ڪندي رهي ٿي. اها مسيحائي واري
پيڙا، ڪرب ۽ اضطراب واري ڪيفيت پڻ هن جي تخليق لاءِ سراڻ جو ڪم ڏئي ٿي.
رخسانه پريت جي شاعريءَ ۾، شاعري متعلق ٽي ايس ايليٽ واري شاعري لاءِ
اُها بي ساختگي واري راءِ بلڪل ٺهڪي اچي ٿي. جيڪا بي ساختگي اڄ جي سنڌي شاعري ۾ ڏينهون
ڏينهن گهٽجي رهي آهي، جنهن جي ڪري سنڌي شاعريءَ ۾ سطحي پڻو به وڌندو پيو وڃي آهي. پر
رخسانه پريت جهڙين شاعرائن پنهنجي تخليقي جوت سان سنڌي شاعري جي ڇڙواڳي واري اوندھ
۾ سُهائيءَ جو سُهانو سفر جاري۽ساري رکيو آهي. رخسانه پريت جي شاعريءَ واري تخليقي
ڪائنات جي پنهنجي حُسناڪي ۽ ڇِڪ آهي جيڪا پڙهندڙ جي باذوق سماعتن ۾ پيهي، روح ۾ هڪ
رسيلي راحت کي جنمي ٿي. اهڙو تخليقي شاعري جو معراج ماڻڻ شاعري جي تپسيا جو انوکو ڪمال
ئي آهي. جنهن ڪمال جي ڪسوٽيءَ تي رخسانه پريت جي شاعري کي پرکبو ته ان ۾ تخليقيت وارو
اُهو پُر ڪيف تسلسل ٽُٽندي به محسوس ٿيندو. ڇاڪاڻ جو “پياسي ساڀيان جل ٿل خواب” واري
تڙپ ۽ اُڪير وارو اڙانگهو احساس پريت جي شاعريءَ جي آڱُر ڇڏائي، وقت جي مصروفيتن جي
تپندڙ صحرا ۾ اڪيلائي جو بنواس ڀوڳيندو رهجي ويو آهي. پر، پريت جي اُداس دل جي اڪيلي
ڪُنڊ ۾ شاعريءَ جو نفيس، مُلائم ۽ امرت نُما احساس اکيون پوري گوتم جيان گِيان ۾ گُم
ٿي پريت جي شاعريءَ جي گُلابي ڇڏائجي ويل آڱر جي حاصلاتِ جي آگهي لاءِ بي چين آهي.
۽ جنهن جو سنگم اوس ٿيڻو آهي. ڇاڪاڻ جو وقت ۽ حالتن جي بي رحم هٿن ۾ انسان رانديڪي
وانگر کيڏجندو رهي ٿو. پر انسان ۾ موجود اعليٰ صلاحيتون ڪڏهن به ختم نه ٿيون ٿين. بلڪ
اُهي ته اهڙين دل سوز حالتن جي ٻارڻ جُون مُنتظر هونديون آهن. جن ۾ اُهي پچي ڪُندن
ٿي پونديون آهن.رخسانه پريت جي شاعريءَ ۾ اجائي روايتن کان ڀرپور بغاوت ٿيندي نظر اچي
ٿي. جيڪو رويو هن جي شاعراڻي شعور جي ساک ڏئي ٿو.
وري آيا اُڀ تي ڪڪر هِن پرين.
وري آلا ٿي پيا ڇپر هِن پرين.
شاعريءَ جي حسين سوغات پنهنجي فڪر ۽ فهم ۾ اعليٰ شعور کي سلهاڙي ساڻ هلي
ٿي. ۽ هڪ مقصد جي محاذ تي اڏول بيٺل نظر اچي ٿي. جنهن جو اندازو هر ڪو پڙهندڙ پنهنجي،
پنهنجي شعوري سطح مُطابق ئي ڪري سگهي ٿو. رخسانه پريت پنهنجي سيني ۾ عورتاڻي دل رکندي
هن مردن جي جاگيرداراڻي سماج دور ۾ به بهادريءَ سان جيئي ٿي ۽ پنهنجي دلي اظهار کي
دٻائڻ بجاءِ کلم کلا اظهاري ڇڏي ٿي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو مون کي سنڌ جي هن بهادر ليکڪا
جو نالو ذهن تي اچڻ سان ئي بولڊ ۽ جينيئس ليکڪائون سارا شگفته، اجيت ڪور، خيرالنساءِ
جعفري منهنجي ذهن تي ڪونجن جيئن اُڏامي اچن ٿيون. ڇو ته گهڻا سال اڳ ڪينجهر رسالي جي
آتم ڪٿا نمبر ۾ رخسانه پريت پنهنجي ڪهاڻي ڏاڍي بهادري سان، خوبصورت، ۽ دل آويز ڪري
لکي هئي. جنهن کي پڙهي پڻ هن جي با شعور، ۽ انساني اظهار جي آزادي واري اُمنگ جي چڻنگ
ڀنڀٽ بڻجندي محسوس ٿي هئي.
هونءَ به ڏٺو وڃي ته رخسانه پريت جو گهراڻو پڙهيو لکيو، علمي، ادبي شعور
سان سرشار رهيو آهي. مان پريت جي والد محترم سان جڏهن به ملندو آهيان ته هي فقير منش
طبيعت رکندڙ ماڻهون مونسان بنا ڪنهن ننڍ وڏائيءَ جي ڏاڍي پنهنجائپ سان ملندو آهي ۽
آ به سندس بي انتها عزت ۽ احترام ڪندو آهيان. رخسانه جا ڀائر عزيز ۽ رحمان به منهنجا
دوست آهن. ۽ ٻئي علم ۽ ادب سان گهري رغبت رکن ٿا. عزيز۽ مان ته ۱۹۹۱ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ گڏ هوندا هئاسين. پريت جي ڀيڻ
ريحانه چنڙ پڻ سنڌي نظم جي نالي واري شاعره آهي. مطلب ته رخسانه پريت جو خانداني پس
منظر ڏاڍو زرخيز آهي. جنهن ۾ هن شاعره جي ڀرپور پرورش ٿي آهي. اهڙيون حالتون ۽
ماحول سنڌي سماج ۾ تمام گهٽ ڇوڪرين کي ميسر ٿئي ٿو. ۽ جنهن ڏينهن اهو اعلٰي شعور سنڌ
کي مُڪمل طور تي راس آيو ته يقينن اها سنڌ ڀٽائي ۽ سائين جي ايم سيد واري سنڌ بڻجي
پوندي.
رخسانه پريت
محنت سان مانائتي حيثيت
ماڻيندڙ شاعره
شاھ زمان ڀنگر
ھونئن ته سنڌي شاعري
جي آڪاس تي ڪيترا ئي ستارا جڳ مڳ ڪن ٿا پر رخسانه پريت پنهنجي ڊڪشن، اسلوب، موضوعن،
فني صلاحيتن ۽ سڀني کان وڌيڪ مستقل مزاجي سان پنهنجو هڪ ڌار مقام جوڙيو آ.
ڊاڪٽر رخسانه پريت
جي شاعري جو ٽيون ڪتاب “تون جو پاڇو چنڊ جو” پڙھندي سندس دلڪش نظمن سوچن کي پنهنجي
سگهاري حصار ۾ وٺي ڇڏيو. نظم “محبت اوتبي آھي”، پنهنجي عنوان جيان دل کي ڇهندڙ رومانوي
نظم آهي.
ڄڀن ۾ راز رهندا هن.
جي خوش ٿي ماڻڪي مرڪي
ڪري تنبيھ نيڻن کي
ڇنڀي ڇپرن کي ڪيرائي
مرڪ سا روڪبي آھي
محبت اوتبي آھي
نظم “عشق ديوانگي
جي حد آھي” جون سٽون ڏسو
عشق هوءَ ڇوڪري
بلوچي آ
جنهن پهاڙن پٺيان پڪاريو
آ
نيٺ نڪري پئي آ
راهن تي
پنڌ هن جو گهڻو پرانهون
آ
عشق ماما قدير جي پٻ
جو
لهو ٽمندڙ گهاءُ بڻجي
ويو.
ڊاڪٽري ۽ سرڪاري
ملازمت سان گڏ شاعري کيتر ۾ ھن مقام ۽ مرتبي پهچڻ لاءِ رخسانه پريت نه رڳو چئن ڏهاڪن
تائين پکڙيل ڏات جي سفر ۾ درجيوار فڪري اوسر ڪئي پر سگهاري نظرياتي موقف تي رهي پاڻ
مڃايو آھي.
هو ساري شاعري ته
ويو سمجهي مگر ڪٿي
سمجهيو، جو مون
انهي ۾ ھو سڏڪو رکي ڇڏيو.
فني اوسر جي حوالي
سان ڊاڪٽر رخسانه جا هي شعر ڏسو جنهن ۾ تڪرار لفظي ۽ معنوي جي سونهن موجود آ
هلڪو ڪرڻ لئه هانو
کي حلقا به کوڙ ھئا
پختو جهليو قلم هيو،
جذبا به کوڙ ھئا
ڏئي لت ماڻهپي تي
پئي ماڻھو لنگهي ويو
پئي ٿيون عبادتون ۽
سجدا به کوڙ ھئا
هي سٽون پڙھي لڳي ٿو
ڄڻ ته پريت پنجاب جي شھر پتوڪي جي شادي هال ۾ پاپڙ وڪرو ڪندڙ پورهيت جي چوري الزام
هيٺ تشدد ۾ فوت ٿيڻ بعد لاش تي ڪپڙو وجهي ڄاڃين جي ماني کائڻ واري واقعي بعد لکيو
آھي.
هڪ سچي ۽ سڄاڻ
تخليقڪار جي اها ئي خوبي کيس ممتاز بڻائيندي آهي ته سندس تخليق ڪنهن مخصوص وقت جي
قيد ۾ نه هوندي آهي.
ڏات ڌڻيءَ جو ديس
ته ڪهڙو به هجي پر سندس تعلق جنهن علائقي سان هوندو. اتان جي مسئلن، ٻولي، لهجي ۽ رسمن
جو اثر نظر ايندو ۽ اهو فطري عمل به آهي. هڪ عالمگير تخليقڪار جو ديس ته سڄي دنيا
آهي. جيتوڻيڪ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٿيندڙ انياءَ تي سندس دل ۽ ذهن ۾ مانڌاڻ مچندو. تنهن
هوندي به هو انهن مسئلن کان ڪٽجي نه ٿو سگهي جيڪي سندس آسپاس ڪر کڻن ٿا. ڇاڪاڻ ته
ان جا اثر Multiple
ٿين ٿا.
آجپو آھي روشني آھي
سنڌ آھي ته زندگي
آھي
جبر ايڏو هي ايڏيون
پيڙائون
ڪو نه تحريڪ ڪا ٿڪي
آهي
هن ۾ ڏسندي هان پاڻ
کي اڪثر
سنڌ ڄڻ منهنجي آرسي
آھي
ڊاڪٽر رخسانه جي شاعريءَ
۾ ڌرتي ۽ ڌرتي ڌڻين سان Attachment جو اثر لکڻين جو روپ وٺي نڪري ٿو. مان سمجهان
ٿو ته سڄاڻ شاعره طور رخسانه پريت عورتن جي مسئلن کي انساني اک يا مخصوص چشمي سان
نه پر ميگنيفائنگ گلاس سان ڏسي ٿي ۽ اهو ئي سبب آھي جو سندس احساس رڳو پيڙا تائين محدود
نه ٿو رهي پر هوءَ جبر ۽ ناانصافي خلاف ڪروڌ جو اظهار به للڪار سان ڪري ٿي.
سڀ ڏانوڻيون ڇنان
مان آزاد ٿي گذاريان
سرمست ٿي، اداس ٿي،
خوش ٿي کلي گذاريان.
ڇو منهنجي هر عمل لئه
ايڏي پڇا ۽ ڳاڇا
ڇا پنهنجي زندگي ڀي
توکان پڇي گذاريان.
هوءَ عورتن سان ٿيندڙ
ظلم ۽ زيادتين خلاف رڳو سڏڪا نه ٿي ڀري پر هيسيل ۽ حراسيل ناريءَ جي ڀرجهلو ٿي کين
پنهنجي حقن لاءِ اٿي بيهڻ سان گڏ پراميد رهڻ جو دڳ به ڏيکاري ٿي.
سوچيندي ته سگهاري ٿيندي
نيٺ سکي سوڀاري ٿيندي
يا وري پنهنجي
عورتاڻي وجود جي اهميت مڃرائڻ لاءِ چوي ٿي ته
زندگيءَ جو گيت ڳايان،
مان به آھيان
هر ڇني زنجير لاهيان.
مان به آهيان
رد سڀئي رسمون سڀئي
قانون ڪارا
ڇو جبين پنهنجي جهڪايان،
مان به آهيان
رخسانه جي شاعري ۾
عورت کي فرشتو بڻائي نه پر انسان بڻائي پيش ڪيو ويو آهي.
نيٺ جوڀن آ. ڪئي چڪون
ٿيون هونديون
نينهن نياري جي ساک
ڪيئن کڻجي
رخسانه پريت هڪ اهڙي
فيمينسٽ آھي جيڪا جنس جي بنياد تي مرد کان نفرت نه ٿي ڪري پر ان جي سماجي ۽ جذباتي
اهميت جو وڏي واڪ اظهار به ڪري ٿي
مند مٽي آ ساجن مون
تي وار نه ڪر. ايئن ڌار نه ڪر
شيشي جهڙا جذبا
منهنجا ڏار نه ڪر. ايئن ڌار نه ڪر
جهڙي ريت شيخ اياز
وهي گذرڻ جي ميار ڏيندي چيو هو ته “وار چاندي ڪيئه عمر ايڏي ٺڳي” رخسانه پريت به ڪجھ
اهڙن احساسن جو اظھار ڪرڻ کان نه ٿي ڪيٻائي.
اچ سڀئي پيار جون ڳنڍيون
کوليون
ويندا گذري بهار رهندا
ڇا؟
ڇو نه ٿي ويجهڙا
وهي ماڻيون
هي سدا ڪارا وار
رهندا ڇا؟
ھڪ هنڌ تي انساني
جذبن جي اظهار ۽ محسوسات کي هن خوبصورتي سان بيان ٿي ڪري ته
يادگيرين جيترا پاسا
مٽيا ها
مون رليءَ تي ايترا
پاسا مٽيا ها
ڪو به سچو تخليقڪار
خوابن کانسواءِ اڻپورو آهي. ان کي ئي خبر آهي ته خوابن جي ٽٽڻ جي اذيت ڇا ٿيندي آهي
پريت چوي ٿي ته
وار ايڏا هو اوچتا
نه ڪري
خواب منهنجا ڳڀا ڳڀا
نه ڪري
منهنجو جياپو انهن
آ نيڻن ۾
نيڻ مون لئه سي اوپرا
نه ڪري
اياز چيو هو ته “ٻه
لڙڪ آلا تڏهن به هوندا متان چوين آجيان نه ٿيندي” پريت چوي ٿي ته
دل ڇيد ڇيد ڏسندين،
دامن ۾ چاڪ ڏسندين
پوءِ ڀي کليل تون
دل جا، آجيان لئه تاڪ ڏسندين
رخسانه پريت جي ڪتاب
۾ شاندار نظمن ۽ دلفريب غزلن سان گڏ دل ۾ لهي ويندڙ وايون به شامل آهن جن جي
سندرتا تي ڌار مضمون لکي سگهجي ٿو پر هن ليک جي پڄاڻي تي رڳو هڪ نمونو پيش ڪريان ٿو.
رات آ سامان سهيڙيو
پرھ ڏس پئي ٿي
سنبرجي
هاڻ تون مون کي وڃڻ
ڏي
پيار جي جيڏي به
ورکا
روح پر ڪاٿي ٿو ڀرجي
هاڻ تون مون کي وڃڻ
ڏي
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱ اپريل ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
تمام سٺو
ReplyDelete