; سنڌي شخصيتون: حڪيمان عرف فوزيه سومرو

22 September, 2013

حڪيمان عرف فوزيه سومرو


فوزيه سومرو
سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره
سليمان وساڻ
”حال منهنجا ڪير پڇندو، ڪير آ منهنجو هتي.“
جهڙا ڪيئي لازوال ڪلام ڳائي، مشهوري ماڻيندڙ سنڌ جي ڀلوڙ گلوڪاره محترمه فوزيه سومرو جي اڄ ڏهين ورسي آهي. سندس جنم ۱۹۶۶ع ۾ ٿر جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ ويراواهه ۾ نٿو خان سومرو جي گهر ۾ ٿيو، جيڪو حمد ۽ نعت ڳائيندو هو. سندس ننڍپڻ ۽ جواني، ٽنڊو محمد خان ۾ گذريا. فوزيه سومرو کي گهروارن پاران، ڳائڻ جي اجازت ڪا نه ملندي هئي ۽ پرديدار هجڻ جي باوجود، فن ۽ ڳائڻ جو شوق کيس ريڊيو تي وٺي آيو. پهرين آڊيشن ۾ ئي هوءَ ناپاس ٿي پئي. جڏھن ته همت نه هاريائين ۽ نصير مرزا کيس ريڊيو تي متعارف ڪرايو. سندس ڳايل پهريون ڪلام؛


 بيقدرا قدر نه ڪيڙئي ڪو!
تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ سندس آواز سنڌ ۾ ڇانئجي ويو. ريڊيو تي سندس ملاقات استاد غلام حسين ڪليري سان ٿي ۽ هن کيس پنهنجو شاگرد بڻائي موسيقيءَ جي تربيت ڏني. پي ٽي وي تي کيس بيدل مسرور متعارف ڪرايو. فوزيه سومرو نه صرف پاڪستان پر سعودي عرب، ڀارت، دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ به ڳائي داد حاصل ڪيو.
فوزيه سومرو، ريڊيو ۽ ٽي وي سان گڏ اسٽيج ۽ ڪيسيٽ جي دنيا ۾ تمام گهڻا ڪلام ڳائي مشهوري ماڻي.
فوزيه سومرو سنڌيءَ سان گڏ مارواڙي، بلوچي، سرائيڪي، پنجابي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ به ڪلام ڳايا ۽ شهرت حاصل ڪئي. سندس مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته فوزيه سومرو جون ۱۱۰ ڪيسيٽون مارڪيٽ ۾ آيون.
موسيقيءَ ۾ فوزيه سومرو استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليري کي پنهنجو استاد مڃي ٿي.
سال ۱۹۹۳ع ۾ سندس شادي مصري سٺيو سان ٿي. کيس هڪ ڌيء سدره ڪرن آهي.
فوزيه سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري ڳاتي پر سڀ کان وڌيڪ شاهه لطيف، بلاول اوٺي، شيخ اياز، سائينداد ساند، غلام حسين ڪليري ۽ علي محمد اڏيرائي کي ڳاتائين.
فوزيه سومرو کي مڃتا عيوض، سندس حياتيءَ ۾ ئي ريڊيو پاڪستان تان ايڪسيلينٽ ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ، مصري شاهه ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ ملي چڪا آهن.
کيس گڙدن جي تڪليف گهڻي وقت کان رهي ۽ ۲۰۰۲ع ۾ بيمار رهڻ باوجود، هن پاڻ کي ويل چيئر تي کڻائي به شاهه لطيف جي عرس تي ڪلام ڳائي، پنهنجي مداحن کي مايوس نه ڪيو.
هوءَ ۴ سيپٽمبر ۲۰۰۲ تي ڪراچي جي سول اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪري، هن فاني دنيا کي ڇڏي وئي. پر سندس آواز، اڄ به سندس موجودگيءَ جو احساس ڏياريندو رهي ٿو.


فوزيه سومرو
بي قرار، قدر نه ڪيَڙئي ڪو!
ماڪن شاھ رضوي
جڏهن به ۽ جيئن به ساروڻين جي بند ڪتاب جا ورق کُليا آهن ته ايئن لڳو آهي، ڄڻ ڪنهن پوڙهي ماڻهو جي ڪُلهي تي رکيل هَڙ جي ڳنڍ ڇُڙي پئي هجي ۽ ان هَڙ ۾ سانڍيل سوين رنگين مَڻيا هيڏانهن هوڏانهن وکري ٽڙي پکڙجي وڃن ۽ پوءِ ٻيهر انهن کي چپٽين سان چونڊي گڏ ڪري ٻيهر ان هَڙ ۾ سانڍجي، پر انهن ساروڻين جي مڻين کي چونڊيندي چونڊيندي ذهن سمنڊ ۾ ياد ويرون ته وري به ورن ٿيون. جيئن اڄ چوٿين سيپٽمبر جي تاريخ کي ڪئلنڊر تي ڏسي، سنڌي سنگيت جي بي بها تاريخ ۾ لکيل هڪ ساڍن سورهن سالن واري دور جو پورو باب ذهن تي ايئن ترڻ لڳو آهي، جيئن باک ڦُٽي ويل سنڌوءَ جي سير تي ڦڙڪندڙ سڙهن واريون ٻيڙيون ترنديون آهن... هُن اک ته ننگرپارڪر جي ڳوٺ کارسر ۾ کولي هئي ۽ ڇهن ستن ورهين تائين ڪارونجهر جي جهوليءَ ۾ مورن سان گڏ رانديون ڪيون هيون، پر پوءِ اها ننڍڙي حڪيمان، ڪارونجهر جي ڪور ڇڏي، ٿر اُڪري اچي لاڙ جي لاڏلي شهر ٽنڊي محمد خان پهتي هئي، جتي سندس پيءُ ناٿي سومري کي کنڊ جي ڪارخاني ۾ ڪا ننڍڙي نوڪري ملي هئي. ديس بدليو ته نالو به بدليو ۽ هو حڪيمان مان فوزيه بڻجي وئي. هونئن ته هي ڪٽنب اصلي ڪڇي سومرن جو هو، پر کارسر ۾ ڪنڀارڪو ڪم ڪرڻ سبب کين ڪنڀار سمجهيو ويندو هو. ٽنڊي محمد خان جي شهري ماحول ۾ پهچي، فوزيه اسڪول به وڃڻ لڳي ته سرتين سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن ٿالهه وڄائي لوڪ گيت ۽ سهرا به ڳائڻ لڳي. هونئن عام ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ سندس آواز بنهه مختلف هو، پر جڏهن هن ڪو گيت ڳاتو ته اهو آواز اهڙو سُريلو ۽ درديلو بڻجي ويندو هو، ڄڻ ان آواز ۾ لاڙي ڪمند جو رس اوتجي ويو هجي. هن جي پيءُ حاجي ناٿي ۽ ماءُ حاجاڻي ستان فوزيه جو سنگيت طرف لاڙو ڏسي، کيس ڳائڻ جي موڪل ڏني. شروع شروع ۾ ته هو شادين مرادين ۾ عورتاڻي ڪاڄن تائين محدود رهي، پر پوءِ هن مشهور ڍولڪ نواز ۽ شاعر غلام حسين ڪليري کان باقاعده سُر ساڃاهه پرائڻ ۽ راڳ رمزون سکڻ شروع ڪيون. تن ڏينهن اڃا سنڌي ٽي وي چئنل ڪو نه آيا هئا ۽ پي ٽي وي تي پهچڻ هماليه سر ڪرڻ برابر هوندو هو ۽ اڄ جيئان تڏهن به ريڊيو حيدرآباد ئي سنڌ جي ترجمان اسٽيشن هئي، پر ريڊيو تائين پهچڻ به هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪو نه هئي. احسان زنئور جهڙا سخت سيڪيورٽي وارا اهلڪار، پروڊيوسر ۽ فنڪار جي وچ ۾ ديوار بڻيل هوندا هئا. تڏهن فوزيه ڪارو برقعو پائي ايندي هئي ۽ بند گيٽ تان موٽي ويندي هئي.
نيٺ هڪ ڏينهن غلام حسين ڪليري سندس باري ۾ مون سان ڳالهه ڪئي ۽ مون پياري دوست نصير مرزا تي زور ڀريو ته اهو هڪ ڀيرو ضرور فوزيه کي ٻُڌي ۽ پوءِ جڏهن نصير هن کي ٻُڌو ته هن جي انوکي آواز تي نه رڳو حيران، پر قربان ٿي ويو. آئون دعوى سان چوان ٿو ته هڪ راڳ جي ڄاڻو پروڊيوسر جي حيثيت ۾ نصير مرزا جيتري محنت ۽ ڌيان فوزيه لاءِ وقف ڪيو، شايد ئي ڪنهن ٻئي فنڪار تي هن ايتري محنت ۽ ايترو ڌيان ڏنو هجي. هونئن ته فوزيه ريڊيو لاءِ پهرين جيڪي ڪلام ڳايا هئا، تن ۾ ”جدائي جي غم ۾ گذرين متان“ ۽ ”بي قدرا قدر نه ڪيڙئي ڪو“ جهڙا ڪلام شامل هئا. پر پوءِ جُهڏي ۾ نئين ٽهي جي شاعر مشتاق راشدي سان رچايل رهاڻ ۾ مون پنهنجي دوست شاعر بلاول اوٺي جو فوزيه سان تعارف ڪرايو ته بلاول، فوزيه کي پنهنجي ڀيڻ بڻائي رَئو پارايو ۽ فوزيه کيس ڀاءُ چئي اجرڪ اوڍايو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ نصير مرزا، بلاول جو ڪلام ”ڪڏهن رُسين ٿو، ڪڏهن کِلين ٿو“ فوزيه جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيو ۽ شام 7 وڳي مون ان دور جي مقبول ترين ريڊيو پروگرام ”سُرهي سانجهه“۾ بلاول جي Live ڳالهه سان گڏ کانئس ساڳئي ڪلام جي جهونگار سان گڏ اهو ڪلام فوزيه جي آواز ۾ آن ايئر ڪيو. شايد اها مقبوليت جي گهڙي هئي، جيڪا فوزيه کي فوزيه ۽ بلاول کي بلاول بڻائي وئي. چند منٽن ۾ ڊيوٽي روم ۾ الائي ته ڪٿان ڪٿان ٻُڌندڙن جا فون آيا ۽ پوءِ فوزيه جو ڳايل هر ڪلام مقبول ٿيندو ويو. هوڏانهن اهو 1987ع وارو دور ڪئسيٽ جي به اوج جو هو. سنڌ جي وڏي ۾ وڏي معروف ڪئسيٽ ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو حسن شاهه به فوزيه جون هڪ ٻئي پويان ڪئسٽس رڪارڊ ڪري، رليز ڪيون ۽ فوزيه نه رڳو سنڌي ماڻهن جي مقبول فنڪاره بڻجي وئي، پر سنڌ جي مهانگي فنڪاره به ٿي وئي، پر اسان جي عام فنڪارن جي ڀيٽ ۾ هيڏي مقبوليت ۽ پئسي ملڻ جي باوجود به فوزيه ۾ ڪڏهن به تڪبر ۽ غرور نه آيو. پنهنجي ان اوج جي دور ۾ فوزيه ٽنڊي محمد خان جي زميندار حاجي مصري سٺيو سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ نياڻي ڪرن جو اولاد ٿيو. ان وچ ۾ ڪنهن دشمنيءَ سبب سندس گهر تي حملو به ٿيو، جنهن ۾ سندس هڪ ڀيڻ سڪينه مارجي وئي، جڏهن ته ٻي ڀيڻ آمنه ۽ ٽئي ڀائر حاجي، عبدالله ۽ اصغر اڄ به سلامت آهن.
فوزيه سومرو ساڍا سورهن سال، لڳاتار سنڌي سنگيت کيتر تي، باقاعده سانوڻي ڪڪرن جيئن ڇانيل رهي ۽ پوءِ الائي ته کيس ڪنهن جي بد نظر لڳي يا ڪاتب تقدير ائين لکيو هو، جو هوءَ لڳاتار بيمار رهڻ لڳي. پنهنجي ان اوج ۾ هن عام فنڪارن جيان پئسو اجايو ضايع ڪو نه ڪيو. پر ان مان سؤ مينهن جو واڙو به ٺاهيو ته حيدرآباد ۾ بنگلو به خريد ڪيو. پنهنجي شوڪت ڪالوني واري گهر کي به سنواريو سڌاريو ته ڪراچيءَ ۾ به فليٽ خريد ڪيا ۽ پنهنجي ڌيءَ لاءِ بئنڪ اڪائونٽ رکڻ سان گڏ، ماءُ پيءُ کي حج به ڪرايو. وڏو اخلاق ۽ ادب رکندڙ هيءَ فنڪاره، نيٺ گردن جي بيماريءَ ۾ وٺجي، اسپتالن حوالي ٿي وئي. هن ڊاڪٽرن سان گڏ حڪيم، طبيب ۽ دعا ڪندڙ درويش به آزمايا. حيدرآباد کان ٺٽي ويندڙ رستي تي، ساپا موري ويجهو، حاجي لال بخش جماري وٽ به آخري وقت ۾ دعا ۽ سُتي ڦڪي ڪاڻ حاضريون ڀريون. پر ڪنهن به ڦڪي فرق نه ڪيو. هوءَ اڳ ئي سنهڙي بدن واري فنڪاره هئي، پر هن بيماريءَ ته کيس صفا هڏين جي مُٺ بڻائي ڇڏيو هو. آخري ڀيرو کيس اسپتال ۾ ڏسڻ ويس ته وڏي اُڪير سان چيائين؛ ”سائين! سيد آهين، دُعا ڪر ته وري گيت ڳايان.“ پر سچ ته آئون سندس هيڻو حال ڏسي، کيس ڪوڙي تسلي به نه ڏئي سگهيو هئس. فوزيه پنهنجي حياتيءَ ۾ سڄي سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ڳائڻ کان سواءِ سعودي عرب، دبئي، انڊيا، شارجه ۽ قطر ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري، سنڌ جو نالو روشن ڪيو. سنڌي کان سواءِ هن ڍاٽڪي، سرائيڪي، اردو، بلوچي ۽ مارواڙي ٻولين ۾ ڳايو ۽ نيٺ ۴ سيپٽمبر ۲۰۰۲ع تي اسان جي ڌرتيءَ جي هي عظيم ۽ اُملهه فنڪاره جيون ڏينهن پورا ڪري هميشه لاءِ هلي وئي. ڪجهه سالن تائين شاعر جمن ابڙو مختلف شهرن ۾ هن جي ورسي وڏي پئماني تي ملهائيندو رهيو، پر پوءِ هو به سُست ٿي ويو. جڏهن ته ثقافت کاتي يا ٻئي ڪنھن اداري ڪڏهن به فوزيه سومرو کي ياد نه ڪيو. اها ٻي ڳالهه ته فوزيه سومرو سنڌ جي اها مقبول ترين فنڪاره هئي، جنهن جي وفات تي سنڌ جي ڪيترن ماڻهن پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ عذرخواهيءَ لاءِ تڏا وڇايا هئا، پر وقت جو واءُ سدائين ساروڻين تي ويسر جي دز چاڙهيندو رهيو آهي.


حڪيمان عرف فوزيه سومرو
منهنجيون ڳالهيون ساريندين...
شهاب نهڙيو/گونگيو (ٿرپارڪر)
صحراءِ ٿر جي سرزمين سُرن جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. ٿر جي ڪلاڪارن پنهنجي ڪَلا ذريعي سڄيءَ دُنيا ۾ سنڌ جو نانءُ روشن ڪيو آهي. موهن ڀڳت، مُراد فقير، مائي ڀاڳي، حُسين فقير، ٻُڍو فقير، موجوده دور ۾ صادق فقير، ڪريم فقير ۽ رجب فقير ٿر جي اها مهڪ آهن، جيڪا هميشه دلين جا گُلشن مهڪائيندي رهندي. لوڪ گائيڪيءَ ۾ مائي ڀاڳيءَ کانپوءِ فوزيه سومرو اهڙو نانءُ آهي، جنهن جي آواز ۾ مارئيءَ جي ملير ۽ ماروئڙن جي من آشائن جي اُها صدا آهي، جنهن ۾ پاري ننگر جي تهذيب جو پڙاڏو گونجي ٿو.
ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ کارسر ۾ حاجي ناٿو جي گهر جنم وٺندڙ حڪيمان ٻالڪپڻ کان جوانيءَ تائين ڳوٺ ۾ ئي وقت گذاريو ۽ بعد ۾ جڏهن سندس والدين بدترين ڏُڪاريل حالتن کان تنگ اچي بئراج پهتا ۽ ٽنڊو محمد خان وسايائون، اُنهن ڏينهن ۾ حڪيمان ڳوٺن جي ڪاڄن ۾ ڳائيندي، اسٽيج تائين رسائي حاصل ڪئي ۽ حڪيمان بدران فوزيه جي نانءَ سان سُڃاڻپ ڪرائي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان سندس گيتن جڏهن سنڌ جي هوائن آڌار واهڻ وستين جو رُخ ڪيو، هزارين دلين جي ڌڙڪنن ۾ فوزيه جا آلاپ رڌم بڻجي رقص ڪرڻ لڳا هُئا. اهو دور آڊيو ڪيسٽن جي عُروج جو دور هو.
سال ۱۹۹۰-۱۹۹۱ کان وٺي سندس وڇوڙي واري سال ۲۰۰۲ع تائين، فوزيه راڳ جي دُنيا تي راڄ ڪيو.
فوزيه سنڌيءَ سان گڏ ڍاٽڪي ۽ مارواڙيءَ ۾ به زبردست نموني گيت ڳائي داد حاصل ڪيو.
هن اردوءَ ۾ به گيت ڳايا پر سنڌي، ڍاٽڪي ۽ مارواڙي سندس سڃاڻپ جو سبب بڻيا.
هڪڙي پاسي هُن جي گيتن ۾ پيار، اقرار جون ڪٿائون آهن، ته انتظار ۽ اشڪبار اکين جا اوسيئڙا به آهن. محبوب سان حُجتون آهن ته سنجيده شڪايتون به آهن، مُحبتن جي محروميءَ جو ماٺيڪو ماتم به آهي، ته وصل جي سڻائي واءُ جا جمالا به آهن، ڌرتيءَ جي دردن جا سُڏڪا آهن، ته مانائتن ماروئڙن جي ثقافتي جهلڪ ۾ جرڪندڙ ادائون به آهن. هن جي ڍاٽڪي ۽ مارواڙي لهجي ۾ ڳايل گيتن مان مٺاس جي ماکي لارن ۾ پلٽيل جيڪي آلاپ آهن، اهي عام توڙي خاص جي دل تي گهرو اثر ڇڏين ٿا.
هن وٽ ڪلاسيڪل راڳ جي ڪا باقائده ڄاڻ به نه هُئي پر هن ديسي ڌُنن تي لوڪ گائيڪيءَ ۾ خوبصورت گيت ڳايا، جيڪي اڄ به وڏي شوق سان سنڌ جو هر ماڻهو ٻڌي ٿو.
فوزيه سومرو سنڌ جي مختلف شاعرن جي شاعري ڳائي پر جنهن انداز سان ٿر جي ٻن شاعرن بلاول اوٺو ۽ سائينداد ساند کي هن ڳايو، ان جو ڪو مٽ ئي ناهي.
”ڪو ته اهڙو هجي، حال منهنجا پُڇي“
يا
”ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا“
جي سرگم تي پٿر دليون به ميڻ ٿي پون ٿيون. روح جون تنها ڪيفيتون ماڻهوءَ کي ساروڻين جي صحرا ۾ رولي ڇڏين ٿيون.
فوزيه سومرو ٿر جهڙي پٺتي پيل علائقي جي هڪڙي ننڍي ڳوٺ مان اُڀري جيڪا ڪلا کيتر ۾ مڃتا حاصل ڪئي، اهڙي مڃتا قسمت وارن کي نصيب ٿيندي آهي. سندس مڃتا جو سج ڪڏهن به لهڻو ناهي، ڇو ته اڄ به سنڌ جي واهڻن ۽ وستين ۾ فوزيه جي گيتن جي گُونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
سنڌ جي هِيءَ پنهنجي انداز جي گائيڪا، زندگيءَ دوران ٻه ٽي ڀيرا بيمارين جي سخت پيڙائن مان گذرندي رهي.
آخرڪار ۴ سيپٽمبر ۲۰۰۲ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي.


فوزيه سومرو
ڀارومل امراڻي سوٽهڙ
مورن جي رقص ۽ چوڙن جي آلاپ ۾ ويڙهيل ٿر جي ٻانڌڻي، ٽيلڙي، مورئي، جهومر، نٿ ۽ والڙِن جهڙا خوبصورت رومانس ۾ ڀريل گيت “ڪارونجهر تي آئون اڪيلي آهيان، ڏات آ، رات آ، تات آ” “حال منهنجا پڇي ڳوڙها منهنجا اگهي ڪو ته اهڙو هجي” “آئي ري سرامڻ ري ٽيجڙي ٻائيجي همين تو موڪل ڏيو” “ڪڏهن رسين ٿو، ڪڏهن کلين ٿو، ڪڏهن ڪرين ٿو گلا مٺا منهنجي پارت تو کي آ،” “ ڪنهن هٿ هلايا ته ڳوڙها ڳڙي پيا“” خدا خير ڪر تون منهنجو مٺو ڇونه آيو” “اٺڙلو تو پلاڻي آ...” “حڪم ڪر حاضر آهيان جهڙو منهنجو حال آهي،” “چنڊ وڃين ٿو پرين جي پارڏي ياد جا گل گلاب کڻي وڃ _”۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي شاهڪار گيت ڪنهن به پابندي وقت کان سواءِ وڄندا رهن ٿا. ڪنهن ٿي ڄاتو اهي ٻول فوزيه سومرو جي آواز ۾ درد جو روپ ڌاري سڄي سنڌ جي ڌڙڪندڙ دلين تي ڇائنجي ويندا يا ٿر جي پراڻن لوڪ گيتن “ ڪانهوڙا ڪانڪري نه ماري ري..”.“ جائي امراڻي ري شهر ٻيلڙو مانرو نجر ماريو ري ...” ڀنوڙي ڌرتي پلر پاڌرو ري رائچند جي ري .... کي فوزيه سومرو هڪ ڀيرو ٻيهر ڳائي سفيد چوڙن جي چانڊوڪي ياد ڏياري ڇڌيندي. فوزيه سومرو جي ڳائڻ شروع ڪرڻ کان پوءِ ٿر ۾ شادي مُرادي ۾ ڌيئاري کي ساهرن ڏانهن رواني ڪرڻ مهل کاڏي تي هٿ ڏيئي ٻي هٿ سان چني جي پلي سان پاڻ کي ويڙهي ٿرياڻي کي ڏورو ڳائڻ جي ضرورت نه پئي رڳو فوزيه سومرو جي ڪيسٽ لڳائڻ جي تڪليف ڪرڻي پئي. موڪلاڻي جو منظر..... ٿر جي ڪيهر لنڪي گورين جا لڙڪ ......۽ فوزيه سومرو جو ڳايل لوڪ گيت ڏورو جيءُ جهوريندڙ لمحو بڻجي ويندو آهي. پارڪر جي هڪ ڇوڪري آلاپ جي لاءِ ڪارونجهر جي دامن مان واري جي ڀٽن سان جڙيل سُرتال جون سپون ميڙي اولڊ ڪئمپس جي ايس ايس پي چوڪ حيدراباد کان ٿيندي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ نصير مرزا وٽ پهتي ته هن سنگيت جي متوالي پروڊيوسر ريڊيو جي سائونڊ سسٽم جي آڏو آندو ته گهنڊيندار وارن واري هن ڇوڪري ڳايو سڄي سنڌ ۾ مائي ڀاڳي کان پوءِ ٿر جي ڪوئل سڏجڻ شروع ٿي ويئي.پوءِ هن فنڪاره جو سٺ تي ڪانٽو هن جي آواز ۾ درد جي لهر ويرا وير وڌي رهي هئي. سادي سودي شاعري فوزيه ڳاتي ته پورهيتن، هارين، نارين ۽ ڳوٺاڻن جي جذبن جي ترجمان بڻجي ويئي. هن جو آواز عشق ۽ آرٽ جو سرمايو هو. هو راڳ جي روپ ۾ٻڌندڙ جي دل تي ڪامڻ ڪري سگهندي هئي. هڪ دفعو ٻڌڻ کان پوءِ سادو سودو ڳوٺاڻو به چوندو هو ته ڪامڻ ڪر گئي ڙي......(جادو ڪري ويئي ڙي....) فوزيه سومرو ٿر جي لوڪ گيتن، سنڌ جي ڪلاسيڪل توڙي جديد شاعري سان گڏ ڪجهه روايتي شاعري پڻ ڳائي جنهن جي ڪري پڙهيل لکيل طبقي ۾ ڪجهه ٻولن تي غير معياري جا الزام پڻ لڳا پر عام ماڻهو جي دلين تي راڳ جي روپ ۾ راڄ ڪندي رهي. ۱۹۶۶ ۾ جنم وٺندڙ فوزيه سومرو جو اباڻو ڳوٺ پاري نگر جي پراڻي پڊ کان اوڀر اتر ڪنڊ تي پارڪر جي پهاڙي سلسلي ۾ هڪ ننڍڙي ٽڪري جي گود ۾ آباد کارسر هو. هن جي پيءُ نٿوخان جو ويڙهو اڄ به اتي موجود آهي. جنهن ۾نم جو جهونو وڻ فوريه سومرو جي ننڍپڻ جون سارون سنڀارون سنڀالي بيٺو آهي.کارسر مان فوزيه جا والدين ٽنڊومحمد خان لڏي ويا. هن جو والد ٽنڊي محمد لڳ هڪ شگر مل ۾ نوڪري ڪندو هو. فوزيه ذاتي زندگي ۾ هزارين ڏک ڏٺا، هن المياتي جيون گذاريو،رڻ جي اڃياري هرڻ جيان راڳ جي جهرڻي تائين پهچندي سوين پيڙائن مان گذري. شهرتن جي آڀي تي پهچڻ کان پوءِ به سورن هن جو ساٿ نه ڇڏيو. گهڙي گهڙي نئون گهاءِ ڏنو.مئٽرڪ جو امتحان ڏيڻ کان پوءِ هن ڳائڻ شروع ڪيو. ظاهري زماني جي حوالي سان هن جي ذات ڪنڀر هئي پر فوزيه پنهنجي نک جي بنياد تي سومرو سڏائيندي هئي.فوزيه جو اصل نالو حڪيمان هو. ۱۹۹۳ع ۾ مصري سيٺيو سان شادي ڪئي. کيس هڪ نياڻي جو اولاد ٿيو. فوريه کي ايڪسلينٽ ايوارڊ، شاه لطيف ايوارڊ، شهباز ايوارڊ ، مصري شاه ايوارڊ ۽ ٻيا ايوارڊ مليا. فوزيه ڳائڻ جي سکيا استاد نياز حسين،استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليري کان ورتي. فوزيه جي ٿري ڌنون چونڊ ڪرڻ ۽ ڳائڻ ۾ مٺي جي ميوي فقير وڏي مدد ڪئي. فوزيه ميوي فقير جو وڏو خيال رکندي هئي.فوزيه سومرو کي پي ٽي وي تي بيدل مسرور متعارف ڪرايو. فوزيه سومرو سنڌي سان گڏ مارواڙي، گجراتي، سرائيڪي، پنجابي، بلوچي ۽ اردو ٻولين ۾ دلڪش انداز ۾ڳايو. فوزيه جون ۱۱۰ ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ آيون. ۴ سيپٽمبر ۲۰۰۲ تي بيماري سبب فوزيه سومرو هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويئي. سندس موت جي خبر راڳ جي پياسي دلين کي ڏکارو ڪري ڇڏيو. ٿر جي مٽي سان فوزيه جي جذباتي وابستگي هئي. فوزيه سومرو کي ڳائڻ جي لاءِ پوري ملڪ توڙي پرڏيهه ۾ ڳائڻ جا موقعا فراهم ٿيا. پر دلي سڪون جيڪو ٿر جي ڌرتي تي ويهي ڳائڻ سان ملندو هو اهڙو ڪٿي به نه مليو. ٿر۾ ڳائڻ دوران راڳ جي ديوي خود اچي هن جي ڳلي ۾ ڪن رس جا پيالا اوتيندي هئي. هن جي من ۾ سانوڻ جي مينهن ۽ ٿر جي نيهن جي مهڪ هئي. وسڪاري جي ويل جا سونا سنگ هن جي اندر ۾ جهومندا هئا.هن جي آلاپ ۾ ڏڪاري ڏينهن ۾ آٿٿ به هئي.“ڀلين ِڪتا ئي پڙين ڏڪاڙ آپين ڪو ڇڏان گهر ڪکاڻا”( ڀل ڪيترا ڏڪار پون پر پاڻ گهر ڪکاڻا نه ڇڏيندا سين) فوزيه وانگر ڪير ڳائي سگهي ٿو!؟ فوزيه مينهن اوڙڪن ۾ سڏونت سارنگا کي سڏڻ جي لاءِ ڪارونجهر جي مورن کان ٽهوڪا اڌارا ورتا هئا. هن هوٿل پري ۽ ڪيهر اوڍي جي لوڪ ڪهاڻي روح ۾ اتارڻ جي لاءِ ٿر جي ڌنارن کان ڌرتي جون ڌنون چورايون هيون. هن بانسري ۽ چنگ جي چاهت جهڙا سُر ڳائي پارڪر جي پٽن کي راسوڙن جي نئين ريت ڏني هئي. ماضي جي ٿر ۾ عشق جي اڀ هيٺ پشم جو ڀرت، ريشمي رومال، لونگ سوپاريون محبتن جي تحفي ۾ ڏنيون وينديون هيون، هاڻوڪي ٿر ۾ فوزيه سومرو جون ڪيسٽون ۽ ميمري ڪارڊ ڏنا ويندا آهن.فوزيه سومرو جي آواز ۾ ٿر جو لوڪ گيت اٽوملهندي ٿرياڻي ٻڌندي آهي ته اٽو ڳوهڻ جي لاءِ پاڻي سان گڏ لڙڪ شامل ٿي ويندا آهن. فوزيه سومرو جو آواز ٻڌي ٻيلڙوکڻي لنگهندڙ ناري به گهونگهٽ کي سوري چني جو هڪ پلو وات ۾ ڏيئي آڏي ڏس بيهي اڪير مان ٻڌڻ بعد ئي رواني ٿيندي آهي. اسر ويلي ڪتابڙا هٿن ۾“ کڻي ٿر جي جديد ڪوچن ۽ کيکڙن ۾ ور وڪڙ ڀٽون اُڪري ايندڙ نوجوان به فوزيه سومرو جا مشهور ٿيل گيت گنگنائيندا درسگاهن ڏانهن ايندا آهن. فوزيه سومرو جي آواز جو جادو ٿر جي سگهڙ وٽ پيل ست سري ڳجهارت بڻجي ويو آهي. جنهن کي ڪير به اڄ ڏينهن تائين ڳولي نه سگهيو آهي. جڏهن به ٿر تي جڏهن ڪڪر ڪارونڀار ڪري ورندا آهن. تڏهن مورن جي ٽهوڪن سان گڏ فوريه سومرو جا ملهاري ۾ ڳايل سانوڻ من ڀاوڻ جا گيت ڀٽن ۾ گونجي پوندا آهن. ايئي رتڙي رو تون نه آيويو سرامڻ لونٻيو جائي.......... ( هن ميگهه ملار جي رت ۾ تون نه آئين، هي ساوڻ وسيو وڃي ٿو)


فوزيه سومرو
ٿر جو سدا بهار آواز
ابراهيم لاشاري
فوزيه سومرو سونهاري سنڌ جي اها فنڪاره آهي جيڪا ڏڪار ۽ خوشحالي واري ديس ٿر سان تعلق رکي ٿي، سڪاري واري حالت ۾ ٿر سرسبز هوندو آهي، ته گهمڻ ڦرڙڻ وٽان هوندو آهي. جڏهن قدرت جي سائي چادر سان ٿر ڍڪجي ويندو آهي. ته پري پري کان ماڻهن جا هجوم گهمندي پئي نظر ايندا آهن. مگر جڏهن ڏڪار ٿر تي نظر ايندو آهي، ته ماڻهڻ توڙي جانورن جو جئيڻ مشڪل ٿيو وڃي ۽ ٿر ڇڏڻ تي مجبور ٿئي پوندو آهي. ٿر جي خوشحالي جو سبب وسڪاري تي هوندو آهي تڏهن ئي ته سنڌي زبان ۾ چوندا آهن ته
وسي ته ٿر، نه ته بر ئي بر
انهي ٿر جي سڃاڻپ اتان جي تهذيب ، ثقافت ۽ تاريخ جا اهم ڪردار هوندا  آهن . اهڙن ڪردارن منجهان سر سنگيت جي ناليواري فنڪاره فوزيه سومرو جو به نالو اچي ٿو جيڪا سال ۱۹۶۶ع ڌاري ٿر جي شهر ويراواهه لڳ  تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ کارسر منجهه ناٿو خان سومري جي گهر ۾ اکيون کوليون. سندس اصل سچو نالو (حڪيمان) هو سندس مٺڙي امڙجو نالو (ستان )هو. سندس ور جو سچو اصل نالو (طالب حسين) آهي جنهن کي پيار منجهان عام ڳوٺ وارا وري (حاجي مصري خان سٺيو) ڪوٺين. فوزيه سومرو جو والد صاحب ان زماني ۾ ٽنڊي محمد خان شهر ۾ فوجي شگرمل ۾ ملازم هو. هو ٿر کان لڏي اچي اتي گهر اڏيائين. هن جي والد ناٿو خان کي پڻ سر سنگيت سان دلچسپي هوندي هئي، جيڪو سٺي سريلي آواز جو پڻ مالڪ هو ،هو پنهنجي آواز کي مسجدن منجهه مولود، حمد ۽ نعتن پڙهي پنهنجي من جو سرور پورو ڪندو هو. فوزيه سومرو کي به پنهنجي والد جو مٺڙي آواز جو ذهن تي وڏو اثر ٿيو. هن کي به سر سنگيت جو فنڪار اندر ۾ جاڳي پيو، فوزيه جو تعلق هڪ مذهبي گهراڻي سان هو جنهن سبب ڪري هن کي فن جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏي ڏکيائيون کي منهن ڏيڻو پيو، هو هڪ گهريلو ۽ پردي دار ڇوڪري هئي. مگر شوق کي پوري ڪرڻ لاءِ پنهنجي مٽن مائٽن کان لڪي ڇپي ننڍن ننڍن پروگرامن منجهه شادين ۾ سهرا ۽ خاص طور تي لوڪ گيت ڳائي پنهنجو شوق پورو ڪندي هئي. هڪ ڏينهن هن جي سهيلي گلزار زال انور سهتي صلاح ڏنس ته فوزيه توهان جو آواز تمام سريلو آهي وڃي ريڊيو پاڪستان تي ڳاءِ بعد ۾ فوزيه سومرو ان سهيلي کي ساڻ ڪري وڃي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي آڊيشن ڏيڻ لاءِ پهتي. ان زماني ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پروگرام مينجر محترم خواجه امداد علي ۽ موسيقي شعبي جو پروڊيوسر مرحوم انور بلوچ صاحب هو ان زماني ۾ فوزيه سومرو کي اهيو جواب ڏئي آڊيشن نه ورتائون ته (فوزيه توهان کي لئي سر تار جي ڪابه خبر ناهي، توهانکي مشورو ٿو ڏجي ته ڪنهن فن جي دنيا سان واسطو رکندڙ کان تربيت وٺي اچو) بعد ۾ فوزيه سومرو ان زماني جي ڍولڪ نواز ۽ سٺي شاعر غلام حسين ڪليري کان تربيت وٺي، زبردست ڳائڻ سکي وري ريڊيو پاڪستان تي پهتي جتي محترم خواجه امداد صاحب ۽ محترم انور بلوچ صاحب سندس آواز ۾ پهريون لوڪ گيت (پائلي ڙي الا، مون ڏي مارن مڪي پائلي) رڪارڊ ڪيو. تنهن بعد سال ۱۹۸۷ع ڌاري فوزيه سومرو کي سونهاري سنڌ جي عظيم انسان ناليواري براڊڪاسٽر ماکي کان به مٺڙي آواز جي مالڪ، ريڊيو جي آواز جي دنيا جي لفظن جو جادوگر سنڌ ڌرتي جو ڏاهو براڊڪاسٽر محترم نصير مرزا صاحب ڏاڍي همت افزائي ڪئي ،۽ سندس جي آواز منجهه ٻه ڪلام (بي قدرا قدر نه ڪيئي ڪو ،۽ ڇڏي ويا ساٿي سکن جا) رڪارڊ ڪيا. جيڪي سڄي سنڌ ۾ مقبول پڻ ٿيا  فوزيه سومرو کي راڳ جا سڀ گر استاد مجيد خان ۽ غلام حسين ڪليري صاحب سيکاريا. ريڊيو تي گهڻي ڀاڱي فوزيه سومرو کي محترم نصير مرزا صاحب رڪاڊ ڪيو، ۽ سندس ڪلامن سنڌ جي جهر جهنگ وڏي مقبوليت ماڻي .تنهن بعد فوزيه سومرو ٽيليويزن پاڪستان تي به ڳائڻ جو سوق ٿيو جتي سڀني کان پهريان بيدل مسرور صاحب ڪلام (جدائي جي غم ۾ گذارين متان) رڪارڊ ڪيو مگر فوزيه  سومرو کي ٽي وي تي ڳائڻ جو موقعو گهٽ مليو. فوزيه سومرو ڪجهه لوڪ گيت به رڪارڊ ڪرايا ڪيسٽ جي دنيا منجهه هن ٿر جي مختلف ٻولين مارواڙي، ڍاٽڪي ۽ گجراتي زبانن ۾ لوڪ گيت رڪارڊ ڪرائي بعد ۾ هن ٻه ٽي ڪيسٽون پڻ ان سلسلي جو ڪڍيون، فوزيه سومرو مائي ڀاڳي ٿر جي ڪوئل کان بعد ٻئي مشهور فنڪاره هئي جنهن ٿر جي لوڪ گيتن کي ٿر کان ٻاهر زبردست معتارف ڪرايو. تنهن هوندي به فوزيه سومرو جي سڃاڻپ لوڪ گيت نه پر عام ڪلام آهن .فوزيه سومرو سوين گيت ڳايا، سوين ڪيسٽون ڪڍيون هن ڏيه توڙي پرڏيه ۾ پنهنجو پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان سان گڏ سونهاري سنڌ جو نالو روشن ڪيو هن ڏيهه کانسواءِ پرڏيهه سعودي عرب، قطر، ڀارت، دبئي، شارجه، سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن کي اجاگر ڪيو ۽ جوهر ڏيکاريا. فوزيه سومرو مختلف ٻولين ۾ سرائڪي، اردو، بلوچي، مارواڙي ۽ ٻين ٻولين ۾ خوب ڳايو .فوزيه سومرو نون توڙي پراڻن شاعرن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، سچل سرمت رح، شيخ اياز، بلاول اوٺو، علي محمد اڏيرائي، سائينداد ساند ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شاعرن کي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو فوزيه سومرو سال ۱۹۹۳ع ڌاري ٽنڊي محمد خان جي مشهور زميندار طالب حسين (حاجي مصري خان سٺيو) سان شادي جي ٻڌڙن ۾ ٻڌ جي وئي. جنهن منجهان هڪ نياڻي صدره ڪرن نالي پيدا ٿي. فوزيه سومرو کي مڃتا طور ڪيترا ئي ايوارڊ جن ۾ شاهه لطيف ايوارڊ، شهباز ايوارڊ سميت لاتعداد ايوارڊن سان نوازيو ويو فوزيه سومرو بڪين گڙدن جي بيماري سان زندگي جا مسلسل ڏهه مهينا جنگ ڪئي مگر بيماري ست ئي نپوڙي ڇڏيو نيٺ هي سريلي سنڌ جي ڳائڻي ۴سيٽمبر ۲۰۰۲ع اربع جي ڏينهن ۳۶ سال ۸ مهينا ۽ ۳ ڏينهن زندگي جا گذاري، ڪراچي سول اسپتال (ايس آءِ يو ٽي) ۾ سر سنگيت جا سڀ ساز بند ڪري هزارين مداحن کي اڪيلو ڇڏي هميشه هميشه ابدي ننڊ آرامي ٿي. کيس ٽنڊي محمد خان جي سخي برهان شاهه قبرستان ۾ تربت قائم آهي، سندس گيتن ۽ سنڌي موسقي لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. فوزيا سومرو هي جهان ڇڏيندي ڪيترو عرصو گذري ويو آهي مڱر ڳايل سندس ڪلام ۽ گيت هر ننڍي وڏي شهر ۾ اڄ به ان ئي وقت جيان گونجي رهيا آهن. لاڙ جي ڪوئل فنڪاره فوزيا سومرو جي اڄ ۴ سيپٽمبر تي ۱۶ ورسي سڄي سنڌ ۾ ملهائي پئي وڃي.

No comments:

راءِ ڏيندا