وينا شرنگي
ريڊيو کان سنڌي ادب ۽ ثقافت تائين
مير اعظم علي ٽالپر
سنڌ ڄائي شهدادڪوٽ جي شهزاديءَ وينا
شرنگي جو نالو اڄڪلهه سنڌ ۽ هنڌ جي ادب، ثقافت ۽ فن جي دنيا ۾ هڪ ڄاتل سڃاتل سمجهيو
وڃي ٿو. پر آئون نومبر ۱۹۷۱ع کان ان
وقت واقف ٿيس جڏهن هندستان سرڪار ۱۹۷۱ع جي جنگ
جي خبرن لاءِ اولهه پاڪستان ۾ رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ ان وقت اردو، بنگالي، سنڌي ريڊيو
جي نشريات لاءِ ايڪسٽرنل سروس جي شروعات ڪئي. جڏهن روزانه شام ۵
بجي کان ۶ بجي تائين هڪ سنڌي پروگرام خاص سنڌ واسين لاءِ نشر ٿيڻ لڳو، بنگالين لاءِ ڪلڪتو،
اگر تلا، ڪشميرين لاءِ وادي ڪي آواز (سري نگر)، پنجاب لاءِ امرتسر ريڊيو اسٽيشن اڳ
۾ ڪم ڪندڙ هنيون. ان وقت آل انڊيا ورلڊ جي سنڌي سروس ۾ نارائڻ پارواڻي اول نمبر تي
هوندي هئي، جنهن ۾ نوان آواز شاليني هاڻ شالني ساگر آهي ۽ وينا شرنگي ٻئي ڀينرون پڻ
سنڌي سروس ۾ شامل ٿي ويون.
ان بعد ۱۹۷۳ع ۾ ئي منهنجي وينا شرنگي ۽ نارائڻ پارواڻي سان وابستگي ٿي وئي. ليڪن ڀيڻ وينا
سان ته اهڙو واسطو ٿي ويو جو اسان ٻئي گهر جا ڀاتي ٿي وياسين ۽ ان منهنجي پٽ جو نالو
خود رکيو، وينا شرنگي ريڊيو جي دنيا ۾ هوندي به ڪافي يادگار ڳالهيون ٻڌايون آهن. هڪ
ڳالهه اها پاڪستان مان ايندڙ اردو ليڊرن کان اردو سروس وارا انٽرويو ڪرڻ چاهيندا آهن
ته کين اهي ليڊر خوشي سان وقت ڏيندا آهن. ليڪن سنڌي ليڊر اصل گم ٿي ويندا آهن، اهڙي
عمل تي اردو سروس وارا اسان سنڌي سيڪشن وارن تي کلندا آهن. هن پنهنجي لکڻين ۾ عورتن،
ٻارن جي شاعري مطلب ته هر طرح سان قلم کي آزمايو آهي. دنيا شرنگي ريڊيو سان گڏوگڏ ادبي
حلقن ۾ به پاڻ مڃايو آهي جنهن لاءِ هن عورتن جي مارئي تنظيم ٺاهي ۽ ان لاءِ هند ۾ سيمينار
دهلي ۾ ڪرايا ۽ سنڌ واسين کي دعوت ناما موڪليا ان ۾ آئون به شامل هوس، وينا شرنگي جي
گهڻ رخي شخصيت جي انداز ۾ هندستان جي پراڻي سنڌي ادبي ڊائجسٽ ڪونج طرفان نومبر ۽ ڊسمبر
جي ايڊيشن کي ويناشرنگي جي نالي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ شايع ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪونج ڊائجسٽ
کي هري موٽواڻي ۵۳ سال اڳ
۱۹۶۰ع ۾ شروع ڪيو هو. هري موٽواڻي سنڌي
صحافت جو هندستان ۾ وڏو نالو ڏنو آهي. ڪونج جي ويناشرنگي ايڊيشن ۾ سنڌ جي ليکڪن جا
ڪيترائي ليک پڻ شايع ٿيل آهن جن ۾ پهرين عنايت بلوچ جو مضمون آهي، جنهن بطور وينا شرنگي
”تيز تر ليکڪا ۽ مارئي سمان شخصيت“ لکيو آهي، ان بعد يادگيري طور فتاح ملڪ جو هڪ مختصر
ليک آهي ان کانپوءِ سنڌي لينگيويج اٿارٽي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين جو پڻ ”ڪيئن
وساياريان ويڙهيچن“ ڪتاب لاءِ ننڍو مضمون آهي. ان بعد مٺڙي شخصيت نصير مرزا وينا جيڪا
شرنگي آهي هڪ دلچسپ آرٽيڪل لکيو آهي.
جنهن بعد ”وينا وري تون ورجاءِ“
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ تجزيو ڪيو آهي، ياد رهي ته در محمد پٺاڻ ۽ منهنجي ملاقات وينا شرنگي
سان سندس والد جي ديهانت تي ٿي هئي. سنڌ جي شاعر ادل سومرو جي شاعري پڻ ڀيڻ وينا تي
ڏنل آهي. اياز گل جو مضمون“ هڪڙي اُجري صبح جيان“ شايع ٿيل آهي سنڌ جي سگهاري قلمڪار
شمشيرالحيدري جو وينا تي هڪ زبردست ليک ”شاعره ڪمپيئر وينا“ تي آهي، جيڪو پارس ۾ ڇپيل
آهي. وينا جو خاص انٽرويو خاڪي جويو جو آهي شير همايون، ڊاڪٽر سليمان شيخ، الطاف شيخ،
مهر النساءِ لاڙڪ، امين لاکو، نذير ناز، طارق اشرف جا ڪيترا ئي مضمون تحرير ٿيل آهن.
پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڊائجسٽ جي نالي تي شايع ٿيندڙ ڪونج سنڌي زبان ۾ هاڻ واحد مئگزين
وڃي بچيو آهي ور نه سنڌ ۾ ڪيترائي ڊائجسٽ مختلف نالن سان شايع ٿيندا هئا پر هاڻ ڪو
به ڊائجسٽ ناهي. اها هند وارن سنڌين لاءِ خوش نصيبي آهي، جو سنڌي ڌرتي جا اصلي وارث
سنڌ ڇڏي سنڌي زبان کي زنده رکندي ڊائجسٽ کي شايع ڪندا اچن.
وينا شرنگي نمبر ڪونج جو ايڊيٽوريل
نند ڇڳاڻي لکيو آهي. ان بعد لال هرداساڻي جو وينا نالي مضمون آهي، جنهن بعد ڊاڪر رام
بخشاڻي، لڇمڻ ڪومل، ڊاڪٽر ڪملا گوڪلا، وملا دنواڻي، نالي واري شخصيت سائين ڪيرت ٻاٻاڻي،
واسديو موهي، ايل ڊي رچنداڻي، ٺاڪر چاولا، هوند راج ٻلواڻي وينا جي ڀيڻ شالني ساگر،
جا دل کي موهيندڙ مضمون ڪونج کي واقعي ڪونج بڻائي ڇڏيو آهي. حالانڪه ڪونج آسمان ۾ اڏامي
ٿي. پر سنڌ ڌرتي جي ڪونج وينا شرنگي جي روپ ۾ زمين تي هلي ٿي، هوءَ هندن جي هڪ وڏي
ذات جي ڇوڪريءَ هوندي. ريڊيو تي آئي ۽ زبردست آواز سان زبردست ڪم ڪيو. حالانڪه وينا
بطور هڪ فنڪار ۽ ڊراما آرٽسٽ طور دهلي ۾ ڪنهن سنڌي اسٽيج ناٽڪ ۾ ڪم نه ڪيو، البته دوردرشن
دهلي تي سنڌي پروگرام ۾ حصو ورتو آهي. ليڪن وينا شرنگي آواز جي دنيا ۽ هڪ ڪهاڻيڪار
طور سڄي هندستان سان گڏ سنڌ ۾ به سڃاتي وڃي ٿي ان ڪري سنڌي زبان ۾ گولڊن جوبلي ڪندڙ
سنڌي ڊائجسٽ سندس عزت ۽ مان ۾ ڪونج مئگزين کي نومبر ۽ ڊسمبر وينا شرنگي جي اعزاز طور
شايع ڪيو آهي. جيڪو هڪ نهايت بهترين مئگزين آهي. ۽ سانڍڻ لائق آهي ڪاش اهو هت سنڌ
۾ سنڌ جي بڪ اسٽالن تي وڪامڻ لاءِ دستياب هجي ها ته سنڌ جا پڙهندڙ هڪ اهڙي ڊائجسٽ مان
يقينن لطف اندزو ٿين ها.
اڄڪلهه ممبئي، دهلي، ڀوپال وغيره
۾ مارئي تنظيم پاران سيمينار ٿي رهيا آهن، ان کانسواءِ وينا شرنگي مختلف ادبي محفلن
۽ شعر و شاعري جي پروگرامن ۾ حصو وٺي رهي آهي. هن وقت آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس
تان هوءَ رٽائر ٿي چڪي آهي، ان جي باوجود ترجمو ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ سنڌي ۾ تبصرو شام
ساڍي ۶ وڳي پڙهڻ
سندس اعزازي ذميواري آهي. بهرحال وينا شرنگي هندستان ۾ عربي لپي واري سنڌيءَ جي ليکڪا
۽ ڄاڻو طور زبردست ڪم ڪري رهي آهي. هن جا ڪجهه ڪتاب هت سنڌ ۾ به شايع ٿيا آهن. هن وقت
سندس طبيعت به خراب رهي ٿي ۽ گذريل سال سندس ٽنگ کي به ڌڪ لڳو هو. ان جي باوجود سنڌي
زبان جي خدمت ڪندڙ آهي.
وينا شرنگي کان انٽرويو
ڊاڪٽر پروين
موسيٰ ميمڻ
پروين موسيٰ: وينا سڀ کان پهرين
توهان اسان کي پنهنجي شروعاتي زندگيءَ بابت متعارف ڪرايو.
وينا: جيئي لطيف، مانواري زاهده
ابڙو ۽ ڊاڪٽر پروين موسيٰ اول ته اوهان جي شڪرگذار آهيان جو توهان مون کي جيون جي
اوائلي دور جي يادن کي ونڊڻ لاءِ چيو. يادن جي ساگر مان ڪي ڳالهيون ضرور ونڊڻ
چاهينديس. ماضيءَ ۾ ڪي خوشگوار لحما خوبصورت يادون ته آهن ساڻ ڪي ڏکوئيندڙ واقعا
به آهن. منهنجو ٻالڪپڻ شهدادڪوٽ ۾ گذريو، جتي وڏن جون زمينون، مال، ملڪيت ۽ پنهنجو
مندر به هو. شهدادڪوٽ جي پهرين پڪي عمارت پوسٽ آفيس جيڪا سرڪار کي مسواڙ تي ڏنل
هئي. ڏاڏو حڪيم هو پي. ڊي. جي سنڌ ڪاليج جو گريجوئيٽ ۽ اڳتي هلي ايل ايل بي ڪئي،
چاچو لاڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ پيءُ شهدادڪوٽ ميونسپالٽي جو پهريون چونڊيل پريزيڊنٽ،
ماءُ ڪراچيءَ جي پڙهيل لکيل خاندان جي جنهن ديش جي آزادي جي هلچل ۾ بهرو ورتو. ڪراچي
جي اولڊ ٽائون جي يوٿ ونگ جي ڪئپٽن هئي. اسان پاڻ ۾ پنج ڀائر ۽ ٽي ڀينرون آهيون.
ورهاڱي ڪري چاچو لڏي ويو، پر اسان جي والد سنڌ ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ماءُ جا پيڪا
به لڏي ويا. امڙ پيڪن وٽ اچ وڃ ڪندي رهي ان ڪري اسان جي شروعاتي تعليم تي اثر پيو
ماءُ گهر ۾ سنڌي، هندي ۽ انگريزي سيکاريندي هئي، هند سنڌ ۾ اچ وڃ جاري رهي، ڪجهه
دهلي ۾ تعليم پرائي ڪجھ سنڌ ۾. ۱۹۶۵ع واري
جنگ ۾ اسان جي پيءُ کي ڊفينس آف پاڪستان رولز تحت نظر بند ڪيو ويو ٽي مهينا سکر
جيل ۾ هئا. انهن تي الزام مڙهيو ته توهان هند سان مليل آهيو. اسان جي ماءُ ان ڏکئي
وقت ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيندي، ٻارن کي سنڀاليو.
پروين موسيٰ: سنڌ يونيورسٽي مان
توهان گريجوئيشن ڪئي ۽ ۱۹۷۱ع تي
هتان لڏي هليا ويا، اتي وڌيڪ حاصل ڪيل تعليم ۽ عملي زندگيءَ بابت ڄاڻ ڏيندا.
وينا: جيتري قدر وڌيڪ تعليم
حاصل ڪرڻ جو سوال آهي، ڪن دشوارين ڪري اڳتي تعليم جاري نه ڪري سگهياسين. خالي ويهڻ
بدران دهليءَ ۾ شارٽ هينڊ ۽ ٽائپنگ جو انسٽيٽيوٽ جوائن ڪيو. منهنجي وڏي ڀيڻ جي پڙهائي
۽ نوڪريءَ ۾ دلچسپي نه هئي، پر منهنجي اندر جو فنڪار بي چين هو. مون آل انڊيا ريڊيو
جي يوٿ پروگرام لاءِ آڊيشن ڏني ۽ پاس ٿيس ۽ اتي پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي.
پهريون ناٽڪ هندي ۾ ڪيو ريڊيو تي ڪيترن ئي ماڊلنگ ۽ فلمن ۾ شرڪت ڪرڻ پئسي ڪمائڻ جي
ڪشش ۽ لالچ به ڏني، پر زمينداري، ڪٽنب ۽ سنڌ جي اخلاقي قدرن وارين روايتن مون کي
گليمر واري دنيا کان ڪنارو ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. ان بعد آل انڊيا ريڊيو جي پرڏيهي
نشريات جي سنڌي سروس شروع ٿي ان ۾ پهرين ڪئجوئل آرٽسٽ طور بعد ۽ ٽرانسليٽر
انائونسر پروگرامر، پروڊيوسر ۽ انچارج طور واڳ سنڀالي ۽ يادگار پروگرام پروڊيوس ڪيا.
هند سنڌ جي برک شخصيتن ۽ ولايت جي ڪن شخصيتن جا انٽرويو به ڪيا.
پروين موسيٰ: ادب ۾ِ لکڻ جي
شروعات ڪڏهن کان ڪئي؟
وينا: ريڊيو ۾ نوڪري دوران ۱۹۸۴ع ۾ خواب ڏٺو ۽ ان خواب جي حادثي زندگيءَ ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو. سنڌ جون
يادگيريون قلمبند ڪيون، هڪ مهيني اندر ”ڪيئن وساريان ويڙهيچن“ پهريون ڪتاب قلمبند ڪيو،
ڪا از غيبي طاقت هئي جنهن رهنمائي ڪئي ڄڻ ڪو الهام ٿيو جنهن جو ٻيو ايڊيشن سنڌ ۾
ناري پبليڪيشن ٻيهر ڇپايو. ان ڪتاب تي آڌارت پنج ايپيسوڊ پنهنجي نئون نياپو چئنل
تي اپلوڊ به ڪيا آهن، پهرين ڪتاب تي ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان ايوارڊ به مليو ۽
اهو ڪتاب ورلڊ بڪ فيئر ۾ نيشنل بڪ ٽرسٽ اين بي ٽي طرفان موڪليو ويو، ان بعد به
تخليقي سفر جاري رهيو. ڪهاڻين جا ڪتاب به پبلش ٿيا ته شاعري، مضمون ۽ سفر ناما به
قلمبند ڪيا. سنڌ جو سفر نامو ”پکا ۽ پنهوار ڏٺي مون ڏينهن ٿيا“ ۽ سچل انٽر نيشنل ڪانگريس
تي آڌارت ڪتاب ”ڪڇان تان ڪافر“ سگا طرفان ٻيهر ڇپايو ويو آهي.
پروين موسيٰ: توهان جا اڄ تائين
ٽيهارو کن ڪتاب جن ۾ گهڻي ڀاڱي ڪهاڻيون ۽ سفر ناما آهن ڇا توهان کي ناول لکڻ جو
خيال نه آيو؟
وينا: ناول ته لکڻ جو خيال نه
آيو، پر مونولاگ لکيو ”منهنجا معصوم سڄڻ“ جنهن ۾ پنهنجي انتر آتما ۽ منهنجي ٻاهرين
شخصيت جي پاڻ ۾ گفتگو آهي.
پروين موسيٰ: توهان جي مضمونن
جو ڪتاب ”تون ڇپر تون ڇانو“ مون پڙهيو آهي، مون کي پسند آهي. اٺ ڪتاب توهان مضمون
نويسي ۾ لکيا آهن ايترا سهڻا پڪا اصطلاح، چوڻيون ۽ شعر توهان مضمونن ۾ آڻيو ٿا؟
پنهنجي مضمون نويسيءَ جي باري ۾ پڙهندڙن کي ڄاڻ ڏيندا.
وينا: ڊاڪٽر پروين صاحبه قلم کڻڻ
وقت از خود اندر جو تخليقڪار قلم سان هم قدم بڻجي واٽون گهڙي ٿو، سيمينارن جا
مقالا ته پلاننگ اسڪوپ جي دائري اندر لکڻ ڪري وڌيڪ دشواري سان منهن مقابل ٿيڻو ٿو
پوي، سوچي سمجهي لکڻ مشڪل ڪم آهي.
پروين موسيٰ: توهان جي گهڻن ڪتابن
جا مضمونن جا عنوان شاھه لطيف جي رسالي مان چونڊيل آهن، انهيءَ جو ڪو خاص ڪارڻ؟
وينا: لطيف سائين جي عقيدتمند
آهيان، زندگيءَ جي جستجو ۽ مشڪلاتن مان لنگهي پار پوڻ ۽ شاهه سائين جي بيتن منهنجي
هميشه رهنمائي پئي ڪئي آهي، اهي سوچي سمجهي به بلڪ از خود لبن تي اچي ويندا آهن.
پروين موسيٰ: لطيف سائين جي
سورميءَ مارئي جي نالي تي توهان عورتن جي تنظيم ٺاهي ان معرفت لطيف سيمينار ۽ ڪانفرنسون
به ڪرايون ڇا اها تنظيم اڄ به فعال آهي؟
وينا: سيمينارن خاص طور سرڪاري ادارن جي سيمينارن ۾ِ عورتن کي پليٽ فارم نه ڏيڻ ۽
نظر انداز ڪرڻ تي مون کي عورتن سان ٿيندڙ ٻه اکيائي واري سلوڪ تي افسوس ٿيندو هو،
من ۾ ويچار آيو ته ڇو نه ليکڪائن کي پنهنجو ٽئلنٽ ڏيکارڻ لاءِ ڪو پليٽ فارم هجي ڪا
تنظيم هجي. حالانڪه مون وٽ ريڊيو ذريعي پنهنجي فن ۽ تخليقڪار کي اظهارڻ لاءِ
سگهارو پليٽ فارم هو. مان مرتبو، سٺي پگهار جڏهن پهرين ميٽنگ ڪوٺائي ته ڪيترا
گليمرس نالا سجهيا، پر مون کي ڪو نالو پسند ئي نه پيو پوي مارئي جي بااخلاق ڪردار
۽ وطن جي حب جو جذبو مون لاءِ اتساهه رهيو. ڪن طرفان چيو ويو ڪٿي پارٽي ۽ هار
سينگار جون ڳالهيون ڪنديون، کين اهو خواب خيال ئي نه هو ته مارئي علم، ادب، سنڌيت
جي هلچل کي ايڏي عرصي تائين جاري رکندي. ڪي چوڻ لڳا مارئي ته مري وئي، مارئي جو ڪردار
ته امر آهي اها ڪين مرندي؟ دهلي سنڌي اڪادمي بورڊ جي زير سائي ڪنوينر ۽ ڊائريڪٽر
جي حيثيت ۾ ڪيئي قومي سيمينار منعقد ڪيا، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ عورت ليکڪائن کي شرڪت
ڪرڻ جو موقعو مليو. انهن ادارن جي صلاحڪار بورڊن تي ڪم ڪيو آهي. مارئي جي هلچل ۾ رڪاوٽ
وجهڻ لاءِ مردن پنهنجي گهر جي ٽن چئن زالن کي کڻي سهڻي نالي تنظيم جوڙي، جنهن ۾ جهيڙا
جهٽا ته ٿيا، پر تنظيم جي بانيڪار خاتون اين. آر. آءِ جا پئسا کائڻ تي ان تنظيم جي
مکيه عهديدار خاتون کي جيل جي سزا به ٿي. منهنجو ڀاءُ چوڻ لڳو سوشل ورڪر آهين
عورتن جي تنظيم ٺاهي اٿئي وڃ جيل ۾ وڃي سندس خير خبر وٺ ۽ صلح ڪرائي. مون اها به ڪوشش
ڪئي، پر لڳو ته ڏاچي ڏهه ته توڏو تيرنهن آهي. اهڙن ڪردارن کان ڪنارو ڪرڻ بهتر آهي.
مارئي جي زير سائي ڇهه عالمي لطيف سيمينار ڪيا جنهن ۾ هند سنڌ ولايت مان وفدن شرڪت
ڪئي. سنڌ مان ۱۰۰ کان مٿي اديبن، شاعرن، ڳائيندڙ
فنڪارن شرڪت ڪئي، جيڪو هڪ عورت تنظيم مارئي جو تاريخي رڪارڊ آهي. سرڪاري ادارن تي
رهندڙن ۽ ٻين ليکڪن کي چئلينج آهي ته عورت تنظيم مارئي ڇهه سيمينار ڪيا توهان ٻارنهن
نه ته اٺ ڏهه ته ڪيو. توهان مارئي جي باري ۾ اهو به سوال ڪيو ته اڃان ڪجهه ڪيو
پيا؟ ڪورونا سوشل ڊسٽنس پابندين ڪري ڪجھ عرصي لاءِ سيمينار وغيره نه ڪيا آهن.
مارئي تنظيم طرفان ڪتاب ڇپايا آهن، ضرورتمند عورتن جي مدد لاءِ ڪن ادارن کان عورتن
کي ڪجهه مدد وٺي ڏني آهي.
پروين موسيٰ: سنڌي ادب ۾ ٻالڪ
ادب جي کوٽ آهي. توهان ٻالڪ ادب ۾ ٻه ڪتاب ”مٺڙي مرڪ ۽ کيل ختم پئسا هضم“ اٺ سال اڳ
لکيا وڌيڪ ٻالڪ ادب ۾ لکڻ جو ڪو نه سوچيو اٿو ڇا؟
وينا: ٻالڪ ادب سان اڄ به جڙيل
آهيان، منهنجون ڪهاڻيون، شاعري ۽ مضمون درسي ڪتابن ۾ شامل آهن. گجرات ٽيڪسٽ بُڪ
لاءِ ۽ مختلف ٻاراڻن ادبي رسالن لاءِ لکندي پئي اچان. ان کان علاوه اسڪولي ٻارن
لاءِ ننڍڙا خاڪا ۽ اسڪرپٽ به لکيون آهن. ٻالڪ ادب ۾ مون لکڻ جي شروعات هندي مئگزين
لاءِ ڪهاڻيون مضمون وغيره سان ڪيو. ان بعد ريڊيو تي ٻارن جو پروگرام ”گل گلاب جا“
عنوان سان هڪ پروگرام متعارف ڪرايو، هر پندرهين ڏينهن ٻارن کي اسٽوڊيو ۾ سڏي
پروگرام ڪندس هئس ۽ اسڪولي ٻارن جي گروپن ۾ِ ڪوئيز پروگرام ۽ چٽاڀيٽيون به ڪرايون.
ٻالڪ ادب ۾ منهنجي ڪارڪردگيءَ کي ڏسندي ساهتيه اڪادمي طرفان ۵۰ هزار رپين جو ايوارڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ لائف ٽائيم اچيوومينٽ ايوارڊ سان به
نوازيو ويو آهي.
پروين موسيٰ: بنيادي طور توهان ڪهاڻيڪار
آهيو عورت ڪهاڻيڪار ۽ مرد ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين ۾ هڪ ئي موضوع تي نقطهءِ نظر ۾ فرق ڇو
آهي؟
وينا: ان سلسلي ۾ عرض ڪنديس ته
مرد ۽ عورت ته ڇا گهر جي هر ڀاتي جي سوچ ۽ ڏسڻ جو نظريو ۽ پنهنجي پنهنجي سوچ رهي ٿي،
پر تخليقڪار جي حيثيت ۾ ڪير ڪيتري شدت سان محسوس ڪري ٿو ان تي مدار آهي.
پروين موسيٰ: ڇا سماج ۾ عورت
سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ ناانصافين تي مردن جي لکڻين ۾ ساڳيو احساس ۽ درد موجود آهي جو ڪنهن
عورت قلمڪار جي لکڻين ۾ هجي ٿو؟
وينا: اندر جو تخليقڪار جيڪڏهن
پنهنجي انتر آتما سان سچو آهي ته ساڳيو درد محسوس ڪندو، پر جي چهري تي چهرو هجي ته
پوءِ انصاف جي تارازي جو پلڙو سندس (نظرئي) طرف ئي جهڪندو، هتي مان امر جليل جو
مثال ڏيڻ چاهينديس، اقليتي طبقي يا عام عورت هجي ساڳئي شدت سان اظهاريندو جهڙي طرح
نورالهديٰ شاھ.
پروين موسيٰ: هندستان ۾ هن وقت ڪهڙيون
عورتون سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ لکي رهيون آهن؟
وينا: جيتري قدر سنڌي ٻولي ۽
ادب ۾ عورتن جو سوال آهي ته عورتون ته ڇڏيو، پر مرد ليکڪ به طبقن ۾ ورهائجي ويا
آهن، ڪي سنڌي ۾، ڪي ديو ناگري ته ڪي هندي ۾ پيا لکن. مرد چاهي عورتون هڪٻئي جي لکڻين
کان مڪمل طور واقف نه آهيون اهڙي حالت ۾ تڪ تور ڪرڻ مشڪل آهي. ورهاڱي بعد جيئن سئو
کان به وڌيڪ اديب ۽ اديبائون جيڪي سنڌي ۾ ئي لکندا هئا، هن وقت ديوي ناگراڻي،
ناديه مسند، شوڀا لالچنداڻي، شوڀا مالهي، آشا رنگواڻي ڪي ٻيون آڱرين تي ڳڻڻ
جيتريون ليکڪائون آهن جيڪي سنڌي ۾ لکن پيون.
پروين موسيٰ: توهان جي ڀيڻ
شالني ساگر جو ادبي ڪم منهنجي نظر مان گذريو آهي ڇا ٻيا ڀائر ڀينر سنڌي ادب ۾
دلچسپي رکن ٿا؟
وينا: نه ايترو نه ولايت وارو ڀاءُ
ڪانتيش جيڪو ٻه سال اڳ اسپين ۾ گذاري ويو ان کي ادب سان بيحد لڳاءُ هو. ان کان
علاوه ٻي ڀاءُ راجيندر جو سنڌي ٻولي ۽ ادب طرف لاڙو آهي، پر جيترو منهنجو ادب سان
لڳاءُ ۽ دلچسپي آهي اوترو ٻئي ڪنهن جو ناهي. در اصل منهنجي ماءُ دانشور ۽ ذهين
خاتون هئي کيس سنڌي اردو، انگريزي، هندي، گجراتي، گرمکي اهي سڀ ڀاشائون (زبانون)
اينديون هيون، دنيا جي مختلف زبانن جو ادب پڙهندي رهندي هئي. فني صلاحيتن سان مالا
مال هئي، هوءَ پينٽنگ به ڪندي هئي. ڪجهه منظر ۽ پورٽريٽ به ٺاهيا جن مان ڪجھ مون وٽ
محفوظ آهن: سوئيٽر جون نيون نيون ڊزائينون مئگزين جي تصويرن کي ڏسي ٺاهي وٺندي
هئي. هوءَ باجو وڄائي ۽ ان سان سُر ملائي گنگنائيندي ڳائيندي به هئي، جيڪو باجو
اسين هند ۾ اچڻ وقت فلائيٽ ۾ هتي کڻي آياسين، اهو ورهاڱي کان اڳ جو جرمني جو اوُچو
باجو آهي. ڪراچي ۾ ڪنعيا ناري منڊلي جي جنرل سيڪريٽري هئي ۽ بئنڪ اڪائونٽ به ان
تنظيم جو هو جيڪو ورهاڱيِ ڪري بئنڪ وارن ختم ڪري ڇڏيو. منهنجي ماءُ سياسي طور به
سجاڳ عورت هئي. بيگم نسيم ولي خان اسان جي ڳوٺ شهدادڪوٽ گهر ساڻس ملڻ آئي ۽ اها
يادگار تصوير مون وٽ محفوظ آهي. ذوالفقار علي ڀٽي، ممتاز ڀٽي، پير بخش ڀٽي جي اليڪشن
دوران عورتن جي ووٽنگ جو ڪم سنڀاليو. قاضي فيض الله ۽ ٻيا اڳواڻ جڏهن گهر اوطاق تي
اسان جي والد سان ملڻ ايندا هئا ته امڙ جي قابليت کان سي بخوبي واقف هئا. اسان جي
والد مهراج گوپي ڪرشن بئسڪ ڊيمو ڪريسي جي چونڊن دوران ڪم به سنڀاليو، اهي هڪ تڪ
هيرآباد جا چيئرمين به هئا. ان کان اڳ لاڙڪاڻي لوڪل بورڊ جا ميمبر به رهيا. شهدادڪوٽ
شهر ۽ ميونسپالٽي تي لاڙڪاڻي جي خاص پرچي ۾ سندن آرٽيڪل ڇپيل آهي.
پروين موسيٰ: هندستان ۾ سنڌي ٻولي
۽ ادب جي ترقي لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتا پيا وڃن؟
وينا: ڀارت سرڪار سنڌي ٻوليءَ
کي آئيني طور تسليم ڪيو آهي. ان جي واڌاري لاءِ ڪيترن صوبن ۾ اڪادميون قائم ڪيون
ويون آهن، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ان سلسلي ۾ ڏينهن پوءِ پٺتي پئجي رهيا
آهيون. ادارن تي ٿاڦجڻ لاءِ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ کان اڻ واقف ڪيترن کي سفارش تي ٿاڦڻ
ڪري جيڪو ڪم ٿيڻ کپي اوترو نٿو ٿئي. ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪن کان ڪتاب لکرائي سبمٽ
ڪرايا پيا وڃن. اهڙي حالت ۾ ٻولي ۽ ادب جو ڪيترو واڌارو ٿيندو ان جو اندازو اسين لڳائي
سگهون ٿا. سنڌي اسڪول بند ٿيندا پيا وڃن، ماستر نٿا ملن، جي ملن ٿا ته انهن جو
معيار تسلي بخش نه هئڻ ڪري به پريشانيون درپيش اچن ٿيون. الڳ الڳ صوبن جي مڪاني ٻولين
جو ادب تي اثر ۽ سنڌي ديو ناگري جي ڇڪتاڻ مٿان وري هاڻي رومن اسڪرپٽ جي صلاحن ڪري ڪاپاري
ڌڪ لڳو آهي.
پروين موسيٰ: موجوده وقت بلڪ ۱۹۴۷ع کانپوءِ ئي سنڌ ۾ رهندڙ هندو جاتيءَ جون عورتون سنڌي ادب ۾ بلڪل ڏسڻ ۾ نٿيون
اچن، سواءِ چند شاعرائن جي ان جو ڪهڙو سبب آهي؟
وينا: ورهاڱي کان اڳ سنڌي هندو
زالن ترجما به ڪيا، ڪهاڻين جا ڪتاب به لکيا ته ناول به، لاگر جيوٽ به هيون ته
اخبار نويسيءَ سان به جڙيل رهيون ته آزاديءَ جي هلچل ۾ سرگرم طور بهرو به ورتو،
جنهن جو رڪارڊ موجود آهي. ۱۹۴۷ع بعد
ادب تي اثر ته پيو آهي روزي روٽي ڪمائڻ جي چڪر ۾ مرد ۽ عورتون جنبجي ويا اهڙي
ماحول ۾ ادب تي اثر پوڻ لازم آهي. رهي ڳالهه سنڌ جي ته اتي اقليتي طبقي ڪري انهن
جي برابري تي اثر پيو آهي. تعليم لاءِ ٻاهر نڪرندڙ ڇوڪرين جي مائٽن کي اغوا ۽ جبري
دين مٽائڻ جو خوف به ستائي ٿو. اڄ به سنڌ مان ڪيترا هندو سنڌي ڪٽنب لڏي هند ۾ اچي
رهيا آهن.
پروين موسيٰ: توهان سنڌ توڻي
هند ۾ علمي ادبي سماجي طور سرگرم عمل رهيا آهيو ڇا توهان جي خيال ۾ سنڌي عورت جي
سماجي علمي ۽ ادبي حيثيت ۾ ڪا خوش آئيند تبديلي آئي آهي؟
وينا: سنڌ جي باري ۾ ته مان نٿي
چئي سگهان، پر هند ۾ سنڌي عورت قومي سطح تي مختلف کيترن ۾ پاڻ موکيو آهي سياست کي ڇڏي.
پوءِ چاهي انجنيئرنگ کيتر هجي، فضائي، اليڪٽرانڪ ميڊيا، بزنس، فلمي دنيا اسپورٽس ۾
قومي سطح جي لحاظ کان وڏي ترقي ڪئي آهي.
پروين موسيٰ: وينا توهان جو
شاعريءَ سان شغف هوندي به فقط هڪ ڪتاب اجنتا جي مورت آيو آهي. ڇا وڌيڪ ڪتاب شايع
نه ٿيا آهن؟ يا توهان شعر کان وڌيڪ نثر طرف راعب ٿي ويا آهيو.
وينا: ڪافي تعداد ۾ ڪويتائون ڇڙوڇڙ
پيون آهن. هڪ ٻيو ڪتاب پبلش ٿي سگهي ٿو. شاعري ۽ نثر ۾ فرق آهي، جڏهن اندر وارو
تخليقڪار شدت سان محسوس ڪندو آهي تڏهن ئي اظهاري سگهجي ٿو. اجنتا جي مورت ڪتاب ۾
پروف جون غلطيون ٻه ٽي ڀيرا چيڪ ڪرڻ جي باوجود رهجي ويون آهن، ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽
پروف ريڊنگ جو وڏو مسئلو آهي.
پروين موسيٰ: توهان جو واسطو
صحافت سان رهيو آهي بطور براڊ ڪاسٽر طور ڪم ڪيو آهي، انهيءَ بابت ٻڌائيندا؟
وينا: ريڊيو جو جاب مون لاءِ
چئلينجن ۽ مشڪلاتن ڀريو رهيو، زندگيءَ جو وڏو عرصو جستجو وارو رهيو، جنهن عمر ۾
منهنجا ڪليگس ساٿي گليميئر دعوتن ۽ پارٽين ۾ مصروف هوندا هئا، اهڙي وقت مان ڪڏهن
اسٽوڊيو جي بند ڪمري ۾ ڪڏهن او. بي رڪارڊنگ بنا موڪلن جي نشريات جي ڪمن ۾ مصروف
رهيس. ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ او. بي رڪارڊنگ ارينج ڪرڻ ۾ مصروف احمد آباد، راجڪوٽ، ڄام
ننگر، گانڌيڌام بڙودا، ممبئي، پونا، پمپري، جئيپور، اجمير الڳ الڳ شهرن ۾ اسٽوريز
جي تلاش ۾ ۽ انٽرويوز ڪري ريڊيو ٻڌنڌڙن تائين پهچائيندي هئس. برک شخصيتن، فلم اسٽارن،
سياسي اڳواڻن، فنڪارن، راندگيرن جا انٽرويو ڪيا جيڪو وڏو رڪارڊ آهي. نيوي چيف ائڊمرل
ٽهلياڻي، دادا جشن واسواڻي، ماهري ديوي پي. واسواڻي ڀڳونتي ناواڻي شانتي، هيرانند،
موسيقار بلو، سي. راڻي، ڪملا ڪيسواڻي، بينظير ڀٽو صاحبه، عابده پروين، حميد سنڌي،
الحج سيد غلام مصطفيٰ شاهه صادق فقير جن جا انٽرويو ڪيا. ڪئي فيچر ۽ ناٽڪ به پروڊيوس
ڪيا، دنيا جي واءُ سواءُ تي ڪمينٽري پريس رويو، منظر پسمنظر، اڄ جي ڳالهه روزاني
ساڍا ٽي ڪلاڪ پروگرام، وڏو پريشر رهيو. موڪلون نه ملڻ، اردو پروگرامن ۾ به شرڪت ڪندي
هئس. ڀارت جي الڳ الڳ ريڊيو اسٽيشنن تي وڃي سنڌي سروس لاءِ رڪارڊنگ ڪيون. ايشن
گيمز، نيئم ڪانفرنس، فلم فيسٽيول به ڪور ڪيا.
پروين موسيٰ: آل انڊيا ريڊيو تي
نوڪري ڪندي جيڪي تجربا ٿيا ڪتاب منهنجي پيشي جا گل و خار ۾ آندا آهن، هتي پڙهندڙن
لاءِ ڪو اهم واقعو بيان ڪيو.
وينا: نشرياتي زندگي دوران ڪي
دکدائي تجربا به رهيا، پروفيشنل جيلسي ڀوڳيم ۽ ڪليگس جي پوليٽڪس ڪري جنهن دک دائي
دور مان گذرڻو پيو ان لاءِ مان کين ڪڏهن به معاف ڪونه ڪنديس. منهنجي ماءُ بيمار
هئي، مان شام جو لائيو پروگرام ڪيو، منهنجي ماءُ جون نظرون منهنجي اچڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ
لڳيون. انهيءَ رات منهنجي امڙ منهنجي بازوئن ۾ اکيون ٻوٽيون ۽ سندس پراڻ پکيئڙو
پرواز ڪري ويو. گانڌيوادي اڳواڻ شيري سنڌ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي جي، او. بي رڪارڊنگ
دوران صدريه هند ڊاڪٽر شنڪر ديال شرما ڏک ظاهر ڪندي چيو اهڙي قدآور شخصيت جي جنم
واري فنڪشن ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا سنڌي... افسوس آهي، ڪئي واقعا آهن ڪي دک دائي ته ڪي
مزيدار، پاڻ تي کلڻ جهڙا آل انڊيا ريڊيو انوائيٽيڊ آڊينس اڳيان مشاعرو هو ان تي آڌارت
ريڊيو رپورٽ پيش ڪرڻي هئي، تنهن کان اڳ سامعين سان پبلسٽي انائونسمينٽ ڪرڻي هئي.
پروگرام ۾ اوپنگ لائيو انائونسمينٽ ڪندي پهرين ميٽر ٻڌائيندي پوءِ شاعرن جي وڏي
فهرست هئي نالا ٻڌائيندي جناب هرو مل سدا رنگاڻي، جناب نارائڻ شيام، جناب ڪرشن
راهي، جناب جناب نالو وٺندي آخر ۾ چيو، هينئر جناب ڀڳت ڪنور رام جي سدا بهار آواز
۾ ڪلام پيش خدمت آهي. مائيڪ جو فيڊر بند ڪري ڀڳت ڪنور رام جي رڪارڊنگ هلائيندي
پنهنجي مٿي تي ڌڪ هڻندي پاڻ کي چيم ڳهيلي درويش فقير کي جناب ٿي چئين پاڻ تي
شرمسار ٿيس هاڻي کل ٿي اچي.
پروين موسيٰ: وينا جي اسان جا پڙهندڙ
ڄاڻڻ چاهين ٿا ته اوهان جا ايندڙ ڪتاب ڪهڙا ۽ ڪهڙن موضوعن تي آهن.
وينا: مونو گراف، مضمون جا مڪمل
آهن ۽ شاعري جو مواد آهي خبر نه آهي ڪڏهن پبلش ڪري سکنديس، اهو چئي نٿي سگهان.
پروين موسيٰ: سنڌ ۾ توهان جا سڀ
ڪتاب موجود نه آهن ڇا توهان پنهنجو لکيل مواد انٽرنيٽ تي رکيو آهي؟ جيئن گهڻا پڙهندڙ
فيضياب ٿين.
وينا: سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران
“وايون وڻجارن جون“، ”ولايت جو سفر نامون“، يادگيرن جو ڪتاب ”ڪيئن وساريان ويڙهچين“
وارو ڪتاب جنهن تي آڌارت پنج ايپيسوڊ مون يوٽيوب تي پنهنجي چئنل ”نئون نياپو“ تي
اپلوڊ ڪيا آهن. ان کان علاوه ڪهاڻين جو ڪتاب هو، ٻه ٽي ٻيا ڪتاب موجود آهن. ايمزان
تي ٻه انگريزيءَ ۾ ڪتاب موجود آهن، هڪ ڪهاڻين جو ڪتاب ”لاسٽ وش اينڊ اڌر اسٽوريز“
۽ شاعريءَ جو ڪتاب ”سائيلينٽ پاٿ“ ۳۰ کن ڪتاب
پبلش ٿيل آهن، جن ۾ ڪي گيئسٽ ايڊيٽر طور ايڊٽ به ڪيا آهن، پر سڀ ڪونه وڌا آهن، ڪوشش
ڪري وجهندس.
پروين موسيٰ: موجوده وقت توهان
جو ”نئون نياپو“ جو سلسلو سرگرم عمل آهي انهيءَ بابت پنهنجي پاٺڪن کي معلومات ڏيندا؟
وينا: دل ۾ خيال آيو ڪيترن فنڪارن،
اديبن سان ملاقاتون رڪارڊ ڪيون آهن. ان کان علاوه مارئي تنظيم جي پليٽ فارم تان به
سنڌيت جي هلچل سان جڙيل آهيان، اهو رڪارڊ اگر محفوظ ڪريان ته بهتر ٿيندو. اهو
ويچار وڏي ڀيڻ پروميلا ۽ شالني سان به ونڊيم ۽ کيس چيم ڪو نالو سوچي ٻڌائي ته
پروگرام جو سلسلو شروع ڪريان، ٻه ٽي مهينا گذري ويا. هن وٽان ڪو سجهاءَ ڪونه مليو.
اوچتو هڪ ڏهاڙي ليطف سائين جو بيت لبن تي اچي ويو، ”نئون نياپو آيو راڻي ملان رات“...
ڄڻ ڪو الهام ٿيو سوچيم نئون نياپو نالو ڇو نه رکان” نارائڻ شيام جو جنم ڏينهن اچڻ
وارو هو هند سنڌ جي عظيم شاعر نارائڻ شيام تي پروگرام، ايپيسوڊ تيار ڪيو ۽ يوٽيوب
تي اپلوڊ ڪيو. ازخود الڳ الڳ شخصيتن جا نالا ۽ موضوع ذهن ۾ اڀرڻ لڳا، ايئن اوچتو
ان جي شروعات ڪئي. ان پٺيان اهو به مقصد ۽ سوچ هئي ته سوشل ميڊيا تي هلڪا ڦلڪا
لطيفا ۽ ٻيا پروگرام پيا گروپن ۾ اچن. هند سنڌ جون ڪيتريون شخصيتون آهن جن جي وڏي
ساهته آهي انهن جي فن ۽ شخصيت تي ادبي پروگرام ڪريان. شيخ اياز، عبدالقادر جوڻيجو،
شمشيرالحيدري، عابده پروين، تاجل بيوس، پروفيسر پوپٽي هيراننداڻي ۽ ٻين ڪيترين
ادبي شخصيتن تي پروگرام اپلوڊ ڪيا آهن، جنهن ۾ هند سنڌ جون اديبائون شامل آهن. هيل
تائين ۱۰۸ ايپيسوڊ اپلوڊ ڪيا آهن، ڪوشش
اها رهندي تي ڊيئزرونگ وومين رائيٽرس جي پورهئي تي خاص پروگرام ڪريان ائين ته انٽرنيشنل
وومينس ڊي تي هند سنڌ جي عورت ليکڪائن تي پروگرام ترتيب ڪيا آهن. ”نئون نياپو“ جو
مقصد هند سنڌ وچ ۾ فاصلن کي گهٽائڻو آهي. ادب جو ورهاڱو ٿي نٿو سگهي. اميد ڪريان ٿي
ته هند سنڌ جي خيرخواهن طرفان ساٿ ۽ سهڪار ملندو. مان اوهان سان هڪ ڳالهه شيئر ڪرڻ
چاهينديس. مون ريڊيو وائس آف لنڊن لاءِ ٻه سال ڪم ڪيو آهي. لنڊن مان امداد اوڍي
صاحب جو فون آيو ته توهان اسان لاءِ پروگرام ڪريو. سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا
آهيون ان ۾ تعاون ڪريو اسين رضاڪاراڻي طور ڪجھ خير خواھ ملي قافلي سان جڙيل آهيون.
پئسا خرچ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيون، هڙان خرچ ڪري ڪم ڪري رهيا آهيون. مون امداد
صاحب کي چيو فڪر نه ڪيو منهنجو ساٿ سهڪار اوهان سان رهندو ”پنهنجي هڙان ڊبنگ رڪارڊنگ
ايڊٽنگ ۽ اسٽوڊيو بڪنگ ڪري مون وقت سر ٻن سالن کان به مٿي ريڊيو وائس آف سنڌ لاءِ
پروگرام پروڊيوس ڪري باقاعدي پهچايا. امداد اوڍو صاحب تمام ڊيسينٽ ماڻهو آهي، سندس
لاءِ منهنجي دل ۾ عزت آهي. سنڌي ٻولي ۽ سنڌيت سان سر لڳي اسان جي پيءُ ۽ ماءُ سڄي
عمر عام جي خدمت ڪئي، ڪنهن کي خالي ڪونه موٽايائون، اهي منهنجي پريڻا آهن.
پروين موسيٰ: توهان کي سنڌ هند،
آمريڪا (سانا)، يو ڪي ۽ ٻين هنڌن تان ڪيترائي ڪيش پرائيز گولڊ ميڊل، مئرٽ سرٽيفڪيٽ
۽ ايوارڊ مڃتا طور مليا آهن، جيڪا هڪ تما سٺي اچيوومينٽ آهي، هر مڃتا تي يقينن
خوشي ٿي هوندي، پر خاص ڪهڙي ايوارڊ تي توهان کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي.
وينا: پهرين ڪتاب ڪيئن وسارين
ويڙهيچن تي ايڊيوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان جڏهن ايوارڊ مليو ته راتون رات ادبي حلقن ۾
الڳ الڳ ردِ عمل مليا. مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪيئن ريئڪٽ ڪيان، جو ريڊيو ۾
ته ان کان وڌيڪ پورهيو سالن تائين ڪيو، ان جي برعڪس هڪ ڪتاب جي انعام ۽ ان ڪتاب جي
ورلڊ بُڪ فيئر ۾ نمائش لاءِ نيشنل بُڪ ٽرسٽ طرفان موڪلڻ پهريون ڪتاب اطلاعات
نشريات کاتي جي وزير طرفان رليز ڪرڻ جنهن جي پهرين ڪاپي منهنجي امڙ کي وزير صاحب ڀيٽ
ڪئي انهيءَ ڪتاب جي نيوز ٽيليويزن تي نشر ٿي هڪ ساٿ خوشين سان جهول ڀرجڻ تي غرور
بدران ڪم ڪرڻ جي جذبي ۾ وڌيڪ جذبو پيدا ٿيو، مون مڙي واپس نه ڏٺو جستجو جاري آهي. ڊاڪٽر
سدا رنگاڻي گولڊ ميڊل ايورڊ، رام پنجواڻي ٽرسٽ گولڊ ميڊل، شاھ لطيف گولڊ ميڊل
ايوارڊ ۽ ڊاڪٽر رام بخشاڻي، وومين آف ته ايئر ايوارڊ، هند سنڌ کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ لاءِ
سائين جي. ايم سيد ايوارڊ ۽ ٻيا ايوارڊ شامل آهن. دنيا جي الڳ الڳ ملڪن ۾ عالمي ڪانفرنسن
۾ پيپر پيش ڪرڻ جو به موقعو مليو.
پروين موسيٰ: هن انٽرويو لاءِ
توهان جي تعاون جي وڏي مهرباني پنهنجن پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
وينا: صوفي سنتن ۽ لطيف سائين
جي پريم ڀائيچاري جي پيغام کي اڳيان رکي مذهب، ذات پات جي ڀيد ڀاءُ کي پاسيرو رکي
پريم، ڀائيچاري ۽ ميل ميلاپ سان سڏ ۾ سڏ ڏيون. مان مئگزين جي ايڊيٽر زاهده ابڙو
صاحبه ۽ ڊاڪٽر پروين موسيٰ صاحبه اوهان جي دل جي گهرائين سان شڪرگذار آهيان جو
توهان پڙهندڙن سان روبرو ڪرايو.
تتيءَ ٿڌيءَ
ڪاھ، ڪا نه ويل ويهڻ جي.
پنهنجي ادبي سفر ۽ زندگي جي سفر
تي نظر وجهڻ جو موقعو ڏنو، ساٿ سلامت.
(ماھوار ھمسري حيدرآباد ۾ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا