; سنڌي شخصيتون: مير صفي الله ”فدا“ علوي - حسيب ناياب منگي

28 March, 2016

مير صفي الله ”فدا“ علوي - حسيب ناياب منگي

مير صفي الله ”فدا“ علوي
حسيب ناياب منگي
شڪارپور جڏهن سنڌ جي سونهن هو، تڏهن علم ۽ ادب جي دنيا جو روشن ستارو به هو، سياست، تعليم، ادب ۽ واپار تائين هر شعبي ۾ هتان جو ماڻهو زور نڪتو، انهن ناميارن مان حضرت حاجي فقير الله علوي رحه جي خاندان جو چشم و چراغ جنهن جي علمي روشني ۽ اخلاق جا ڪرڻا نه صرف ٻارن جي رهبري ۽ رهنمائي لاءِ ڪم آيا، پر سخن طرازيءَ ۾ به جوهر ڏيکاري ويو. اسان وٽ اهڙن ماڻهن کي نظرانداز ڪري تاريخ سان ۽ انهن ڪردارن سان ڪيڏي نه ناانصافي ڪئي ويندي آهي، اهڙي سزا سالن تائين نسلون ڀوڳينديون آهن، اهڙي صورت ۾ جو ڪردارن جي ڪيل ادبي پورهئي مٿان مٽيءَ جا دز ڄمي ويندا آهن، نه اهو منظر عام تي اچي سگهبو آهي نه وري ان مان ڪو ڪجهه پرائي سگهندو آهي، يا سندن پورهيو چورائجي ويندو آهي يا وري اوڏهيءَ جي نظر ٿي ختم ٿي ويندو آهي. هن ڪردار سان به ڪجهه ائين ئي ٿيل آهي، ورقن جا ورق جيڪي لکي ويو، سي محفوظ به نه ٿي سگهيا نه ئي سندس ڪو ڪتاب ئي ڇپجي سگهيو. نانصافي اها به ته چئبي جو سنڌي ادب جو ابو شمس العلما مرزا قليچ بيگ شڪارپور جي ٻن صاحب ڪتاب شاعرن عبدالغفور مفتون همايوني ۽ مير علي نواز علوي لاءِ لکيو هو ته:


مٽ نه مفتون ۽ علوي جي ٿيندين تون قليچ،
ڪانهي حاصل سا تو کي طبع رواني جاني.
اهڙن ٻنهي ناليوارن شاعرن کي ئي اڄ تائين نصاب ۾ شامل نه ڪري الائجي ڇا ثابت ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن صفي الله فدا علوي جو ڪلام نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته هوند الائجي ڇا ٿي پوندو؟ ڪلام جي ظاهر نه ٿيڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن نظرانداز ٿيڻ سبب مير صفي الله فدا ۽ ان جهڙا ڪي ٻيا بزرگ شاعر اڻلڀ ٿي ويندا آهن. تاريخ جو ورق ورق گواهي ڏيندو ته شڪارپور جي علوي خاندان جون علم، ادب جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنل آهن، سي قابل داد آهن. هن خاندان جون ڪيتريون ئي شخصيتون، جڏهن سخن جي محفلن جو مور بڻبيون هيون ته پنهنجي لفظن جي ڪماليت سان سڀني کي موهي ڇڏينديون هيون. بياض کڻي جڏهن شعر پڙهندا هئا ته مجال آ جو ڪو سندن شعر تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري! هڙئي استاد شاعر! ان خاندان جون اُهي ته شخصيتون باقي ناهن رهيون، پر سندن علم جي جوت جهڙي طرح ڦهلي، تنهن جو مثال نٿو ملي ۽ هاڻي به سندن ڪتب خانو ۽ ڇڏيل ادبي نقش پنهنجو مٽ پاڻ آهن. اسان وٽ به ادبي تاريخن مان اهڙا نقش ڇڏي ويندڙ شخص گم ڪري سٺو انصاف ڪيو ويندو آهي!
شڪارپور جو هي ناميارو شاعر ۽ نثر نويس پنهنجي ذات ۾ هڪ ادارو هو، علم جي جوت کي جلائي ڪاغذن تي اکرن جي اُڪر ڪري وڃڻ سندن ادبي قد ڪاٺ کي ظاهر ڪري پئي. هو جڏهن زماني جي لاهن چاڙهن کان اڳتي اچي شڪارپور جي سنهين ۽ سوڙهين شاندار ڪاٺيءَ جي ڪم سان سينگاريل ڳلين يا وشال رستن تان گذر ڪندي شاعريءَ جي ديويءَ جي در تي دستڪيون ڏيندي اهڙا ته شعر لکندو هو جو واهه واهه ٿي ويندي هئي. هو پنهنجي دور جي انهن شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جن جي تخليق جي پرواز بلند هئي. درد کي بيان ڪرڻ ۾ جن لفظن جي چونڊ ڪئي اٿس سا سندس ڪلام ۾ روانيءَ جو سبب بڻي آهي ۽ اهڙي رواني سندس ڏات جي ڪاريگريءَ کي جڳ ۾ جرڪائي ٿي. سندس ڪلام ۾ سڪ ۽ ڇڪ جهجهي مقدار ۾ نظر اچي ٿي، بيت، ڪافي ۽ غزل جهڙين صنفن تي خوب طبع آزمائي ڪيائين، پر افسوس جو سندس سمورو ڪلام مجموعي جي شڪل وٺي نه ته نروار ٿيو ۽ نه ئي هٿيڪو رهيو، سندن پونئيرن وٽ به فقط هڪ ديوان محفوظ رهيو آهي، جنهن ۾ ڏنل ڪلام درد جو هڪ باب آهي، سندس ڪلام کي جڏهن به پڙهڻ جو موقعو ملي ٿو، تڏهن هڪ عجيب ڪيفيت مان گذرڻو پوي ٿو.
مٺا محبوب دل جاني اچي ڏس حال هيڻي جا،
هجر کان هوت عاجز جي اکيان نت آب جاري آ.
مير صفي الله فدا علوي 1887ع ڌاري شڪارپور ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم کان سنڌي فائنل تائين شڪارپور مان ئي پڙهي ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان تربيت حاصل ڪري 1909ع ۾ سنڌي استاد مقرر ٿيو. پنهنجي ڊيوٽيءَ جا فرائض سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سرانجام ڏيندي 1939ع ۾ هيڊ ماستر جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو، پنهنجي خاندان جي پڙهيل لکيل اڪابرن جا لکيل ۽ ڇڏيل ڪتاب پڙهي لکڻ جو شوق پيدا ٿيس، مير محمد اسلم علوي سندس ادبي رهبر بڻيو ته هي به ادب جي دنيا جو هڪ گوهر ثابت ٿيو. هو 21 مارچ 1941ع تي هي جڳ ڇڏي خالق ڪائنات جي حڪم سان وفات ڪري ويو. افسوس جو ههڙي ادب جي خدمتگار کي ڪڏهن به ياد ناهي ڪيو ويو، مٿس جيڪو اسرار احمد علوي ايم اي سنڌي لاءِ ورهيه اڳ تحقيقي مقالو لکيو هو سو پڻ ڇپجي ناهي سگهيو.


No comments:

راءِ ڏيندا