; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري - مختيار ملاح

04 April, 2016

ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري - مختيار ملاح

ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري
مختيار ملاح
تاريخ پاڪستان ۾ سنڌ جو تمام وڏو حصوآهي، بلڪ ڪيتريون ئي تحريڪون سنڌ مان شروع ٿيون، جن سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پوري هندستان ۾ انهن تحريڪن کي واڌيو ۽ فعال بنايو. انهن جي ڊگهي فهرست آهي. مسلم ليگ جي ٺهڻ کان وٺي پاڪستان جي گهر ۽ اسيمبلي تائين ۽  پاڪستان جي ٺهراءَ تائين سنڌ جو ڪردار تمام ڀرپور رهيو. خلافت تحريڪ ۽ ريشمي رومال تحريڪن ۾ به سنڌ جي اڳواڻن جو اهم ڪردار رهيو هو. انهن تحريڪن جي تاريخ تي ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجا ڪتاب لکيا آهن، مگر جنهن دل لڳيءَ ۽ جستجو سان ڊاڪٽر ابو سلمان لکيو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي.


ڊاڪٽر ابو سلمان جو شمار پاڪ ۽ هند جي نالي وارن اديبن ۽ مؤرخن ۾ ٿئي ٿو. خاص طور تي ابوالڪلام آزاد جي هڪ هڪ لکڻيءُ هڪ هڪ پهلوءَ تي هن ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. سيد ابو سلمان جهان پوريءَ جو اصل نالو تصدق حسين خان آهي. سندس جنم هندستان جي شهر جهان پور ۾ 30 جنوري 1940ع ۾ ٿيو. پرائمري تعليم هندستان مان حاصل ڪيائين. بعد ۾ هجرت ڪري پاڪستان آيو ۽ ڪراچي ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. ميٽرڪ کان ايم اي اردو تائين تعليم ڪراچي مان حاصل ڪئي اٿائين. البته سرسيد احمد خان تي پي ايڇ ڊي سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان ڪيل اٿس. هو علم ۽ تدريس جي شعبي سان سلهاڙيل رهيو، جتان 29 جنوري 2000ع ۾ رٽائرمينٽ ڪيائين. ڊاڪٽر ابو سلمان ڪيترا ئي ادارا قائم ڪرڻ جو شرف رکي ٿو، جن ۾ ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا عبدالله سنڌي بابت اهم ادارا  شامل آهن. سندس لکڻين جو مرڪز هندستان ۾ مسلم قوم ۽ تحريڪون ۽ انهن سان وابسته شخصيتون آهن. ڊاڪٽر ابو سلمان جي ڪتابن جو تعداد ڏيڍ سؤ کان به مٿي ٿيندو. ذاتي زندگيءَ هو انتهائي سادگي پسند، غرور کان پاڪ ۽ دلڪش شخصيت جو مالڪ آهي. هو پنهنجي شايع ٿيل لکڻين جي باري ۾ لکي ٿو ته “مونکي اڄ تائين پنهنجي تاليفات جي ڳڻڻ ۽ مضمونن کي شمار ڪرڻ جي فرصت ئي نه ملي آهي. مون کي يقين آهي ته منهنجون سڀ تاليفون ۽ مضمون منهنجي لائبريري ۾ به موجود نه هوندا.“ ان بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان ڪيترو نه گهڻو لکيو آهي جو وٽس لکيتن جو حساب ۽ ڪتاب ئي ڪو نه آهي.
ڊاڪٽر سيد ابو سليمان سنڌ يونيورسٽيءَ سان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ورتي، هن سنڌ ۾ رهي سنڌ جو جيڪو ڪردار پاڪستان جي تحريڪ ۾ رهيو آهي، ۽ جن سنڌ جي شخصيتن تحريڪ پاڪستان ۾ ڪم ڪيو، انهن سڀني کي هن پنهنجي ڪتابن ۽ مضمونن ۾ اجاگر ڪيو آهي. پاڪستان جي تحريڪ ۾ مولانا عبدالله سنڌي جو هڪ وڏو نالو آهي. هو پاڪستان جي سلسلي ۾ سياسي، سماجي ۽ مذهبي جماعتن ۽ تحريڪن ۾ اڳواڻي  ڪندڙ رهنما هو. ڊاڪٽر ابو سلمان، مولانا عبدالله سنڌي تي ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيا آهن. ان سلسلي ۾ هن مولانا سنڌيءَ سان گڏوگڏ سندس انهن همعصر عالمن، اديبن ۽ اڳواڻن جي خدمتن جو جائزو ورتو آهي، جيڪي مولانا صاحب سان تحريڪن ۾ گڏ هئا.
مولانا عبيدالله سنڌي جي پنجاھ ساله يوم وفات (آگسٽ 1994ع) جي موقعي تي، ابو سلمان شاهجهانپوري ڪراچي ۾ هڪ سيمينار آڪٽوبر 1994ع ۾ ڪرايو هو، جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جي مختلف خدمتن تي هڪ درجن ترتيب ۽ تاليف ڪيل ڪتابن شايع ڪرايا هئا، جن ۾ ”مولانا عبيدالله سنڌي ڪا انقلابي منصوبه“ (1994ع)، ”مڪاتب مولانا عبيدالله سنڌي (1994ع)“ مقالات سيمينار- مولانا عبيدالله سنڌي (1994)، امام انقلاب مولانا عبدالله سنڌي، شخصيت ۽ سيرت (سنڌي زبان ۾ 1994ع) وغيره اهم آهن.
سنڌ جي تاريخ ساز شخصيت ۾ هڪ ٻيو اهم نالو سردار محمد امين کوسي جو آهي هو تحريڪ پاڪستان جو هڪ وڏو نالو آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به سنڌ جي سياست ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو. سنڌ جون ڪيتريون سياسي تحريڪون سردار محمد امين کوسي وٽان شروع ٿيون. سندس خدمتن کي ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري شاندار نموني اجاگر ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب ايڪ شخص سوني جيسا (ترتيب 1995ع) ۽ سردار محمد امين کوسو، سنڌ ڪا ايڪ مدبر“ اهم آهن. هنن ڪتابن ۾ مانواري ليکڪ سندس سياسي، سماجي ۽ علمي خدمتن جو جائزو ورتو آهي.
ڊاڪٽر ابو سلمان جو سنڌ جي هڪ اهم شخصيت مولانا دين محمد وفائي تي به ڪافي ڪم ڪيل آهي. مولانا دين محمد وفائي جو پڻ تحريڪ پاڪستان ۾ وڏو نالو آهي. هو عالم اديب، صحافي ۽ سياسي اڳواڻ هو. هن خاص طور تي پاڪستان جي تحريڪ ۾ صحافتي، خدمتن جو نالو ڪمايو، مولانا وفائي ڪيتريون اخبارون ۽ رسالا جاري ڪيا، جن ۾ آزاد“ ۽ ”توحيد“ جو وڏو نالو آهي. ان سان گڏوگڏ، مولانا دين محمد وفائي جون اديب ۾ خدمتون به وسيع آهن. ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوريءَ سنڌي ۽ اردو زبانن ۾ وفائي صاحب بابت نه صرف ڪتاب مرتب ڪيا آهن پر لکيا به آهن ان سلسلي ۾ سندس هڪ ڪتاب ”سنڌ ڪي نامور عالم دين، اديب اور صحافي، مولانا دين محمد وفائي“ ۽  ڪي ٻيا به ڪتاب شامل آهن. وفائي صاحب بابت لکيل سڀني ڪتابن ۾ سندس حالات زندگيءَ کان وٺي، تعليم، تربيت، استاد واري زندگي ڳوٺاڻي زندگي، ڪراچي ۽ اتي سياست، صحافت، رسالا، اخبارون، خاص نمبر ۽ سندس ذاتي زندگيءَ جي معلومات ملي ٿي.
سنڌ جي سياسي ۽ سماجي شخصيتن کان علاوه، ڊاڪٽر ابو سلمان جي تحقيق جو مرڪز سياسي ۽ سماجي تحريڪون آهن، ان ڏس ۾ هن هر ان سياسي تحريڪ تي ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ خاص طور تي مذهبي عالمن جو حصو هو، مثال طور تحريڪان ملي، تحريڪ هجرت افعانستان، تحريڪ نظم، (جماعت، تحريڪ ريشمي رومال وغيره. انهن تحريڪن جي اندر سنڌ جي جن عالمن حصو ورتو، انهن سڀني کي هن اجاگر ڪيو آهي. پر ان سلسلي ۾ سندس ڪتاب ”تحريڪ ريشمي رومال اور سنڌ (1997ع) انتهائي اهم تاريخي ڪتاب آهي. هي ڪتاب 1997ع لاهور مان شايع ٿيو آهي.
ريشمي رومال تحريڪ هندستان جي مسلمانن برطانوي حڪمرانن جي خلاف شروع ڪئي هئي. 20 صدي دوران مولانا محمود ۽ سندس دوستن برطانوي حڪومت جو هندستان ۾ تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ هي تحريڪ هلائي. هن تحريڪ ۾ خاص پيغام ريشمي رومال تي لکي موڪليا ويندا هئا. ريشمي رومال جي خاص اڳواڻن ۾ حسين احمد مدني، مولانا شاھ رحيم، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ مولانا محمد ميان منصور انصاري شامل هئا. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اڳواڻن جيڪو ڪم ڪيو، جيڪي سخيتون برداشت ڪيون، جيڪي قربانيون ڏنيون، اهي سڀ درج ٿيل آهن.

مطلب ته سون جي تعداد ۾ لکيل ڪتاب ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن مان معلوم ٿيندو ته ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري جي علمي ۽ ادبي شخصيت انتهائي بلند آهي. هن سنڌ جي تاريخ کي پڻ پنهنجي تحقيق ۾ خاص جڳهه ڏني آهي. ڊاڪٽر خليق انجم ۽ پروفيسر اختر الواسع، ڊاڪٽر ابو سلمان جي علمي ۽ ادبي خدمتن تي هڪ خاص شمارو ترتيب ڏنو آهي، جنهن جو نالو آهي مولانا ابوڪلام آزاد کي محقق ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري (شخصيت اور ادبي خدمات). هي ڪتاب ماهانا ڪتاب نما جامع نگر نئين دهليءَ مان 2004ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ مختلف عالمن ۽ اديبن جا ڊاڪٽر سلمان جي باري ۾ مضمون شايع ٿيل آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا