; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر، ابو سلمان، شاهجهانپوري، سنڌ، مختيار، ملاح،
Showing posts with label ڊاڪٽر، ابو سلمان، شاهجهانپوري، سنڌ، مختيار، ملاح،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر، ابو سلمان، شاهجهانپوري، سنڌ، مختيار، ملاح،. Show all posts

04 April, 2016

ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري - مختيار ملاح

ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري
مختيار ملاح
تاريخ پاڪستان ۾ سنڌ جو تمام وڏو حصوآهي، بلڪ ڪيتريون ئي تحريڪون سنڌ مان شروع ٿيون، جن سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پوري هندستان ۾ انهن تحريڪن کي واڌيو ۽ فعال بنايو. انهن جي ڊگهي فهرست آهي. مسلم ليگ جي ٺهڻ کان وٺي پاڪستان جي گهر ۽ اسيمبلي تائين ۽  پاڪستان جي ٺهراءَ تائين سنڌ جو ڪردار تمام ڀرپور رهيو. خلافت تحريڪ ۽ ريشمي رومال تحريڪن ۾ به سنڌ جي اڳواڻن جو اهم ڪردار رهيو هو. انهن تحريڪن جي تاريخ تي ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجا ڪتاب لکيا آهن، مگر جنهن دل لڳيءَ ۽ جستجو سان ڊاڪٽر ابو سلمان لکيو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي.