; سنڌي شخصيتون: March 2022

23 March, 2022

شيخ نظر محمد بسمل

شيخ نظر محمد بسمل

“بسمل” جي شاعري آ الفت ڀريو پيام...!

حسيب ناياب منگي



شاعري قدرتي ڏات آهي، جنهن به ڪوي جي حصي ۾ جيتري ڏات آئي آهي، تنهن پنهنجي حصي جو ڪم ڪري پنهنجو پاڻ ملهايو آهي. اسان جي سنڌ ڌرتي به اهڙن قلمڪارن سان سينگاريل آهي، جن هيرن ۽ موتين مثل لفظ پيش ڪيا ۽ پنهنجي حصي جو پورهيو ڪري پاڻ ملهايو. سندن علمي ۽ ادبي پورهئي عام ماڻهن کي جيون جا رنگ به پسايا ته ڀلائي جي واٽ به ڏيکاري. ڏکن جي راهه جو ڏس به ڏنو ته نصيحتون به بيان ڪري انساني زندگي جي مختلف پهلوئن کي ظاهر ڪرڻ جون گهڻيون ڪوششون ورتيون. اهڙن سنڌ جي ناليوارن شاعرن ۾ شيخ نظر محمد “بسمل” جو نالو به اچي وڃي ٿو، جنهن جي ڪلام جي گونج سنڌ جي هر هڪ علائقي ۾ ٻڌي وئي. “بسمل” جو ڪلام انسان دوستي جي پيغام سان گڏ ساڻيهه جي سڪ جو چٽو آئينو آهي. سندس ڪلام تي نظر ڪرڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته هن پنهنجو ڪلام انسان جي جذبن ۽ احساسن ۽ انساني زندگيءَ سان وابسته مختلف پهلوئن کي سامهون رکندي سرجيو آهي. سندس ڪلام ۾ پيار سان گڏ نفرت تي حيراني به آهي. غربت آهي ته صبر ۽ شڪر جي جهلڪ به سامهون اچي ٿي. دنيا جي لالچ کان بيزاري آهي ته نيڪي اختيار ڪرڻ جو ڏس به ڏيندو اچي ٿو. “بسمل” جو ڪلام گهڻن ئي رنگن کي نروار ڪري ٿو جيڪي رنگ سندس شاعريءَ جي خوبصورتيءَ جو حوالو بڻجي اڀرن ٿا.

شيخ ارباب علي مسافر

شيخ ارباب علي مسافر

حسيب ناياب منگي



شيخ ارباب علي جو تعلق شڪارپور سان آهي، هو پنهنجي دور جو ناليوارو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام نه صرف مشاعرن ۾ شوق سان ٻڌو ويندو هو پر اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻبو هو ته ذوق سان پڙهيو ويندو هو. جڏهن ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنس تان سندس غزل ۽ ڪافيون نشر ٿينديون هيون ته چاهه سان ٻڌيون وينديون هيون. جنهن ۾ پرين جي ناز ادا سان گڏ ڪن عاشقن جا سور به پڌرا ٿيل هوندا هئا. عشق جون ڳالهيون هونديون هيون ۽ پرين جي اچڻ جو انتظار هوندو هو. سنڌ جا سريلا فنڪار جڏهن سندس ڪلام ڳائيندا هئا ته خوب داد ماڻيندا هئا.

سيد شرف حسين شاهه شرف

سيد شرف حسين شاهه “شرف”

حسيب ناياب منگي



شڪارپور ۾ لکيدر تي سيدن جي حويليءَ اندر هونءَ ته گهڻيون ئي نامور شخصيتون پيدا ٿيون آهن انهن مان ٻن ماڻڪن کي شهر اندر پنهنجي علمي لياقتن عيوض تمام گهڻي مڃتا ملي. هڪ سيد منير شاهه جيڪو محرم الحرام جي ڏينهن ۾ مرڪزي امام بارگاهه ڪربلا معليٰ شڪارپور ۾ مجلس پڙهندو هو ۽ ٻيو هو سيد شرف حسين شاهه “شرف” جنهن کي قدرت طرفان اها ڏات عطا ٿيل هئي ته هو شاعري ڪندو هو. سندس لکيل مرثين ۽ نوحن کي شڪارپور ۾ ڪيترين ئي انجمنن وارا ساٿي محرم جي ڏهاڙن ۾ پڙهندا آهن. هو پاڻ به پنهنجو بياض کڻي مجلس کانپوءِ نوحه پڙهندو هو ۽ حضرت امام حسين عه، اهل بيت رسول عه ۽ اصحاب حسين عه جو غم بيان ڪندو هو. مون کي ياد ٿو اچي ته سائين سيد شرف حسين شاهه “شرف” سان ۲۰۰۷ع جي آخري ڏينهن ۾ لکيدر تي سائين نياز مسرور بدوي سان گڏ مليو هئس ۽ هن کان تفصيلي انٽرويو ڪيو هو. ان وقت سائين ٻڌايو هو ته “ورهاڱي کان اڳ پوسٽ آفيس شڪارپور ۾ ملازمت ڪندو هوس، مطالعي جو تمام گهڻو شوق هوندو هو، واندڪائيءَ ۾ مير انيس ۽ مرزا دبير جو ڪلام پڙهندو هوس، تڏهن مون مٿان هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽ مون به مرثيه، نوحه ۽ شعر لکڻ شروع ڪيا”. سندس شروعاتي ڏهاڙن جو ڪلام به پختو ۽ بلندي خيالي وارو آهي. سندس بياض جا ورق اها شاهدي ٿا ڏين ته ۱۲ جولاءِ ۱۹۴۴ع تي هي ڪلام سرجيائين:

غلام نبي مير

غلام نبي مير

حسيب ناياب منگي



شڪارپور ۾ سائين مير جي نالي کان ڀلا ڪير واقف نه هوندو، هر شعوري شخص کي ايتري پروڙ ته ضرور هوندي ته هو هڪ بهترين استاد ۽ شاعر هو. سائين مير شڪارپوري ان خاندان سان وابسته هو، جنهن جي ٻارن کان وڏڙن تائين هر هڪ جي آواز ۾ عجيب قسم جو درد سمايل هو. شڪارپور جو هڪ حوالو سندس سوز به آهي. سمون خاندان جي مير شاخ  جو هي چشم و چراغ شڪارپور ۾ ئي نه پر سنڌ ۾ ڪشمور تائين پنهنجي تعليمي خدمتن سبب مڃتا ماڻي چڪو هو. مٿان وري قدرت کيس اها ڏات به عطا ڪئي هئي جو سندس آواز ۾ عجيب ڪشش ۽ ڪمال جو سرور هو. مٿان وري جو پنهنجي پاڙي ۾ راڳ جي ڪا محفل مچائي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح يا حضرت سچل سر مست رح کي ڳائي ته درد مان ٻڌندڙ به ويٺا روئن! ٻيجل جي ساز تي جيئن پکي به موهت ٿي ويندا هئا سائين مير جي آواز جي ۾ به اهڙي ئي ڇڪ هئي. پر ٿيو ائين جو ورهاڱي وقت پنهنجي هڪ هندو دوست، جيڪو شڪارپور کي ڇڏي وڃي رهيو هو، تنهن کي ريلوي اسٽيشن شڪارپور تي آلين اکين سان الوداع چوڻ ڇا ويو ته ان پان ۾ سندر کارائي سندس آواز کي ڳائڻ جي قابليت کان وڃائي ڇڏيو. ڳائڻ ته ويو پر سائين مير ڳالهائي به نه سگهندو هو. شڪارپور جي حڪيمن جا ڪک هئا جن مٺي ڳلي کي ڳالهائڻ جي لائق بڻايو. نه ته اڳ سائين مير محرم جي مهيني ۾ ڏهين واري ڏينهن عزاداري ڪندي زاري چوندو هو ته خلق تي خاموشي طاري ٿي ويندي هئي ۽ ماڻهو زار و قطار روئڻ لڳندا هئا. جڏهن آواز هليو ويو ته سائين مير خطابت شروع ڪئي. “ڪربلا جو قضيو” سائين مير “شاهه جي رسالي” مان ٻڌائيندو هو. ڪير ٿو سندس ذهانت کان انڪار ڪري سگهي! يا وري جيڪي مثال ۽ سمجهاڻيون ڏيندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ته شاهه سائين کيس زيارت ڪرائي ٻڌائيندو هجي ته سر سامونڊي ۽ مومل راڻي ۾ شامل هي بيت مون ڪربلا جي پس منظر ۾ لکيو آهي. واه واه!! اهڙا قابل ماڻهو ڪنهن دور ۾ شڪارپور جي سڃاڻپ هئا.

نثار احمد هَڪڙو

نثار احمد هَڪڙو

سنڌ جو سچو عاشق

حسيب ناياب منگي



سنڌ سان پيار ڪندڙ ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب ڏسندڙ، سنڌ مان ناانصافيءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ وقت به وقت پنهنجي اعليٰ صلاحيتن جو استعمال ڪندڙ توڙي پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن وسيلي نوجوانن جي سيرتن جو ٺاهيندڙ سائين نثار هڪڙو پنهنجي خدا داد صلاحيتن جي ڪري پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور ۾ ئي نه پر سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر به نالو ڪڍندڙ توڙي پاڻ مڃرائيندڙ شخص هو. هن جون ڪچهريون ۽ هن جون ڳالهيون ڪنهن درس کان گهٽ نه هيون. هن پنهنجي آدرشن کي جنهن شخصيت جي پوئلڳي تي پنهنجي جيون جو حصو بڻايو هو، سو هو سائين جي ايم سيد! سيد جي وائيءَ کي وات رکي هو سرهو ٿيندو هو. سندس فڪر مان به ته ڏات جا ڏهه ڏهه ڏيئا روشن ٿيندا هئا. سيد جا پيروڪار ڪتاب ۽ اخلاق کان پري هجن اهو ممڪن ئي نه هو. سائين نثار هڪڙو به ان راهه جو راهي هو. فضيلت وارو، خوش اخلاق ۽ خوش لباس! ڳالهائڻ جو پيارو ۽ محبت ڪرڻ وارو هو. صلاحن جو گهر، منجهيل کي رستو ڏيکاريندڙ ۽ هٿ جو سخي هو. محتاجن جي مدد ڪرڻ ۽ غريبن جي واهر ڪرڻ سان گڏوگڏ کين هٿ پير هڻڻ جي تلقين به ڪندو هو. وس پڄندي کين روزيءَ سان به رسائيندو هو. سچ ته هو عبدالواحد آريسر ۽ شهيد قيوم منگيءَ وانگر سياسي، سماجي ۽ ادبي طور تي سائين جي ايم سيد جو سچو ۽ پڪو مقلد هو. سائينءَ جيان آزاديءَ جا خواب هن جي سوچ جو محور هئا. هُو انسانن جي ظالمن قوتن آڏو قيدي هئڻ جو مخالف هو. پوءِ اها قيد ضمير جي هجي يا خيالن جي هجي. هو پنهنجي بلند خيالن سان ڪيترائي ذهن صاف ڪري ويو ۽ گهڻا مئل ضمير سندس سجاڳ لفظن توڙي سهڻي سمجهاڻيءَ سان بيدار ٿيا. جيئي سنڌ محاذ جي آئين سازيءَ کان تحريڪ جي ڪاميابي تائين سائين نثار هڪڙي جون بي انت خدمتون سرانجام ڏنل آهن، تن کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي.

رحمت الله شوق

رحمت الله شوق

فن، فڪر ۽ شاعرانه حسن

حسيب ناياب منگي



سنڌ جي شاعرن جي شاعري جو جيڪڏهن ڳوڙهو اڀياس ڪجي ته تخليقڪار پنهنجي وت ۽ وس آهر پنهنجي ڪلام ۾ امن سان گڏ پيار ۽ پريت جو پيغام ڏنو آهي. هنن وٽ جيڪي به حالتن ۽ ماحول کي ڏسندي خيال آيا آهن تن کي وقت جي وهندڙ تيز وهڪري ۾ لُڙي وڃڻ کان بچائيندي شعر لکي محفوظ ڪري ويا آهن. شاعري جو اهو سفر ته تمام گهڻو پراڻو آهي پر ان ۾ ڏنل پيغام هر هر نئون ۽ هر دور جي ترجماني ڪندڙ محسوس ٿئي ٿو. رحمت الله “شوق” جو نالو سنڌي ادب ۾ نه ته تمام گهڻو پراڻو آهي نه ئي وري ڪو نئون! هن وچ واري دور ۾ شاعري سکي ۽ فن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کانپو سيکڙاٽ شاعرن جي مٿي تي پنهنجا شفقت ڀريا هٿ رکي نه صرف نوان شاعر بڻائي ڏيکاريا پر ان علم جي سکيا لاءِ هن اڪيڊمي قائم ڪئي. سنڌ اندر رائج طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن جي روايت کي هن به قائم رکي هر دفعي ٻڌندڙن کي تخليقڪارن جا نوان خيال ۽ سوچون ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪيو هو. رحمت الله “شوق” پنهنجي نوجواني واري دور کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پڇاڙي تائين “شوق” جو اهو شوق جوان ئي جوان رهيو. رحمت الله “شوق” جي شاعري جا ڏهه مجموعا ته سندس حياتي ۾ ئي ڇپجي پڌرا ٿيا هئا پويان ٻه ڪتاب “دعائيه نظم” سندس اولاد يا “ٻاراڻي شاعري” جو ڪتاب سندس وفات کانپو سينئر اديب عبدالجبار “عبد” ترتيب ڏئي ڇپرائي اهو ثابت ڪيو ته “شوق” جو شوق نه ته رڪڻو آهي نه ئي زماني جي لاهه چاڙهه ۾ اچي پورو ٿيڻو آهي. اهو به سچ آهي ته رحمت الله “شوق” جو ڪلام اڃان به گهڻي تعداد ۾ اڻڇپيل پوين وٽ محفوظ آهي.

بولچند وسومل راجپال

بولچند وسومل راجپال

حسيب ناياب منگي



سنڌي ادب جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ جن ماڻهن نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪري پاڻ ملهايو انهن ۾ مسٽر بولچند وسومل راجپال جو نالو به شامل آهي. هن جي لکڻ جي شروعات ته تڏهن کان ٿي جڏهن کان هو “هندو جاتي” اخبار ۾ وشنو شرما سان ڪم ڪرڻ لڳو هو ۽ بنا ڪنهن معاوضي وٺڻ جي سب ايڊيٽر ٿي پاڻ ملهايو هو. اڻٿڪ محنت ۽ مسلسل جدوجهد کيس ان منزل تي پهچايو ته هن جي سوچ “سنڌو” رسالو جاري ڪرڻ تي آماده ٿي. جنوري ۱۹۳۲ع ۾ هن جڏهن “سنڌو” رسالو جاري ڪيو ۽ شيام سندر پرنٽنگ پريس شڪارپور مان ڇپجي پڌرو ٿيو ته پرچو ٻين رسالن جي ڀيٽ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. پرچي ۾ ايڊيٽر جي حيثيت سان خوشيءَ خوشيءَ اظهار ڪندي لکيائين ته “سنڀرندي سال ٿيا، پي پور پچايم ته ڪو وڏي پئماني تي رسالو ڪڍان، . . . . انگريزي ۽ اردو رسالا پڙهندو هئس جن متاثر ڪيو ته سنڌي ۾ سنڌو رسالو جاري ڪريان ٿو. . . اهو صدورو ڏينهن اچي ويو جڏهن پنهنجي مراد ڏسي اندر پيو ڦولهارجي شاد ٿئي”.

لالا اسرار احمد علوي

لالا اسرار احمد علوي

ماڻهو مڻيادار هو - علمي ۽ ادبي خدمتون

حسيب ناياب منگي



عالِم جو موت عَالم جي موت جي برابر تسليم ڪيو ويندو آهي، عالم جي لاڏاڻي وارو خال ڀرجي ناهي ڀربو. سندس ڪچهري ته رس ڀري هوندي هئي پر هو جڏهن محفلين ۾ شعر، ادب ۽ ٻوليءَ جهڙن موضوعن تي ڳالهائيندو هو ته ٻڌندڙن جي دل چوندي هئي ته معلومات جي کاڻ مان اسان اڃا پيا ڄاڻ حاصل ڪندا رهون. قرآن مجيد، سيرت النبي صه ۽ حديث تي ڳالهائي ته دليل ۽ حوالا پيش ڪندو هو. سولي سمجهاڻي ڏيئي مطمئن ڪندڙ هو. سندس شخصيت به پُربهار هئي. چهري تي نه ته ڪڏهن غصي جا آثار نه ئي دل ۾ ڪنهن جي لاءِ ڪو زنگ! کلمک انسان هو. پيار ۽ پاٻوهه سان ملڻ ۽ ملي ڪري ماڻهو کي پنهنجو بڻائڻ اها سندس خوبي هئي. هن جي ذات ۾ عاجزي ۽ انڪساري هئي. وڏڙي عمر هوندي به جڏهن پاڻ کان وڏن جو ذڪر ڪندو هو ته احترام وچان سندن نالو کڻندو هو. ننڍڙن سان جڏهن ملندو هو ته شفقت جو هٿ ڊگهيري مسڪرائيندو هو ۽ دعائون ڏيندو هو. رستي تي نڪري ته ننڍي يا وڏي کي سلام ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو هو. ننڍا کيس “سائين” ۽ وڏڙا “لالا” ڪوٺيندا هئا. گلا ۽ ڪوڙ کان پرهيز شروعات کان سندس طبعيت ۾ شامل هئي. ايڏي ساري ڄاڻ هوندي به مجال آ جو تڪبر کڻي ڪري! خوش پوشاڪ، نيڪ سيرت، باعمل ۽ ديندار شخص جو هن فاني جهان مان ڪوچ ڪرڻ اسلامي ۽ سنڌي ادب، تاريخ ۽ زبان لاءِ وڏو نقصان آهي.

شهيد مولوي سعد الله ميمڻ

شهيد مولوي سعد الله ميمڻ

حسيب ناياب منگي



ڪنهن فلمي سين جيان گولي جو آواز ٿيو، ڪجهه رڙيون ٿيون ۽ پوءِ هر طرف خوف ڇائنجي ويو، هڪ دوڪان تي ويٺل پاڪستان پيپلز پارٽي شڪارپور جو نائب صدر گولي جو نشانو بڻجي پنهنجون سموريون مصروفيتون، پارٽي جون ذميداريون، غريبن جون دانهون، يتيمن جا ڪم ڪاريون، دوستن سان ڪچهريون۽ گهر وارن جون ضرورتون سڀ اتي ئي ڇڏي پنهنجي جان پنهنجي رب جي حوالي ڪري هي جهان ڇڏي چڪو هو. ڪنهن کي به يقين نه آيو ته هي غريبن جو همدرد ۽ خير خواه ائين ڪنهن نامعلوم ماڻهو جي گولي لڳڻ ڪري هن زمين تان هليو ويندو. وٺ وٺان ٿي ويئي، قتل ڪرڻ وارو ڀڄي چڪو هو، سندس گهر ۾ ئي نه پر خيرخواهن ۽ دوستن وٽ به ڪهرام مچي ويو. ٻي ڏينهن اخبارن ۾ هيءَ خبر شايع ٿي ته :

فقير محمد سنڌي

فقير محمد سنڌي

وڻندڙ نثر جو ليکڪ، شاعر جي روپ ۾

حسيب ناياب منگي



سنڌي ادب جي موجوده دور ۾ تاريخ ۽ ڪردارن جي تذڪرن سان جن قلمڪارن جوانيءَ ۾ ئي پاڻ ملهايو آهي، انهن ۾ فقير محمد سنڌي به شامل آهي، جنهن کي آئون بنيادي طور تي نثر نويس سمجهندو آهيان، ڇو جو ڏيهي توڙي پرڏيهي شخصيتن جا خاڪا ۽ تاريخ جا ورق لکندو ۽ سهيڙيندو نظر ايندو آهي. هن جي محنت ۽ ڪوشش کي ڏسي ان ڳالهه جو اظهار ڪرڻو پوندو آهي ته نثر جي پاسي ڏي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن جو تعلق اگر ايترو ئي مضبوط ۽ تيزي سان رهندو آيو ته نثر جي بلندي نظم کان به وڌي ويندي. فقير محمد سنڌي جنهن سان منهنجو تعلق پڙهڻ جي حد تائين ته پراڻو آهي پر هڪ ٻئي جي ويجهو تمام ٿورڙي وقت کان ٿيا آهيون. مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته هن جي شخصيت ۾ اهڙو اثر آهي جو جلدي ۾ غير کي پنهنجو بڻائي ڇڏيندو آهي. پاڻ ته آهي ئي سڀني جو! صرف شاعرن سان ئي نٿو نڀائي، هو ته اديبن، گلوڪارن، صحافين ۽ سياستدانن جا به خاڪا لکي چڪو آهي. وقت نه هوندي به وقت ڪڍي لفظن سان راند کيڏڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي. پر مون کي هتي اهو لکندي خوشي پئي ٿئي ته اسان جا ليکڪ تاريخ ۾ دلچسپي وٺندي تحقيق ڪري ڪي ٺوس ثبوت ۽ مستند حوالا ورقن جي زينت بڻائي ادبي فرض ادا ڪرڻ ۾ جيڪو وس نٿا گهٽائن سا اسان جي ادبي حصي جي ڪاميابي آهي. فقير محمد سنڌي ته ان حوالي سان پنهنجي همعصرن ۾ تمام گهڻو نڀاهيو آهي. هڪ قلمڪار جي اها ڪوشش ڪامياب ويندي آهي ته هو پنهنجي دور جي نوجوانن کي معلومات پيش ڪري، مون کي اها پڪ آهي ته فقير محمد جي پورهئي مان اسان جي پڙهندڙن گهڻو لاڀ حاصل ڪيو هوندو، ڇو جو فقير محمد سنڌي جاکوڙي قلمڪار آهي ۽ گهڻي محنت سان پنهنجو پيار جو پورهيو سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ شامل ڪندو رهي ٿو.

حافظ سنڌي

حافظ سنڌي

آديسين جي روئان ڪاڻ رهاڻ . . . .

حسيب ناياب منگي



ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج،

ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

سيدنا لطيف رح جي مٿين شعر جي عڪاسي مون کي شڪارپور جي سڻڀي مٽيءَ ۾ ڄاول استاد العلماءَ سائين حافظ سنڌي ۾ نظر ايندي هئي. هو شريف النفس، صاف دل، نيڪ سيرت ۽ سٺي طبيعت جو مالڪ هو. علم جو ڀنڊار ۽ ڀلوڙ سُخنور هئڻ ڪري ڏات جي ديوي هميشه مٿس مهربان رهي. هُن جڏهن چاهيو ٿي قلم کڻي شاعريءَ سان نينهن نڀائڻ لڳو. هُن جي شعرن ۾ عام طور تي سماجي احوال ۽ تذڪره ته موجود آهن، شخصيتن تي به خوب لکي ويو آهي. پر هن جي سوچ جو محور عشق رسول صه آهي. هن جو ڇا وڃي مساڳن ۽ چپٽن سان! نه نظرن جي وار جي پرواه نه محبوب جي رسڻ ۽ پرچڻ جي ڪا فڪر! هو ته بس هڪ نگاهه جو ئي طالب رهيو جيڪا نگاهه اگر ڪنهن تي پئجي وڃي ته  ان جي دنيا سان گڏ آخرت به سنورجي وڃي :

امان الله “مفلح” مهر

امان الله “مفلح” مهر

شخصيت ۽ شاعري

حسيب ناياب منگي



امان الله “مفلح” مهر جو شمار سنڌ جي انهن شاعرن جي ٽولي ۾ ٿئي ٿو جيڪي سنڌ اندر مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ واري روايت کي قائم رکندا آيا. هنن غزل ۽ نظم پڙهي خوب داد حاصل ڪيو. ڪڏهن مولودن جي محفل سجائي، ڪڏهن عيد مشاعرن ۾ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪندي سپرين جي تعريف ڪندا ته ڪي وري پرين کي ڏوراپا ڏيڻ وارا ڪلام لکي ايندا. ڪافين ۽ واين جي محفل الڳ لڳندي هئي تنهن جو ته ماحول ئي نرالو هوندو هو. ڪڏهن “شاهه سائين” ته ڪڏهن “سچل سائين” ۽ “بيدل سائين” توڙي ٻين شاعرن جي تتبع ڪندي لکندا، پڙهندا ۽ مقامي راڳي سندن ڪلام کي ڳائي کين خوش ڪندا هئا. محرم جي مهيني ۾ محفل مسالمه جو انتظام ڪري ان ۾ حصو وٺندا هئا. هندستاني گيتن جي طرز تي به ڪلام لکي وٺندا هئا. پنهنجي بياض جي صفحن مان ڪن ڪلامن جي چونڊ ڪري ننڍڙيون چوپڙيون ڇپائي سرها ٿيندا هئا. انهن چوپڙين جو اڄ جي دور ۾ هڪ خاص مقام آهي. ماضي جي محنت اڄ جي دور ۾ اهميت حاصل ڪري ورتي آهي.

20 March, 2022

مخدوم خليق الزمان

مخدوم خليق الزمان

(۱۳ فيبروري ۱۹۴۹ - ۱۴ مارچ ۲۰۲۲)

حميد ڏيپلائي



مخدوم خليق الزمان؛ مخدوم طالب الموليٰ جو ٻيون نمبر پُٽ اڄ ۱۴ مارچ ۲۰۲۲ تي ۷۲ ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

مخدوم خليق الزمان ۸۰ واري ڏھاڪي ۾ سنڌ جي سياسي نوجوان ڪارڪنن لاءِ وڏو اُتساھ ۽ “مڙس ماڻھو” طور سُڃاتو ويندو ھو. مخدوم خليق ضيائي آمريت سان مڙس ٿي مھاڏو اٽڪايو ۽ مچ جيل، ڪوٽ لکپت، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد جون سختيون برداشت ڪيائين.

01 March, 2022

مصري فقير

مصري فقير

سُريلي راڳي جي ياد ۾....

ابراهيم لاشاري



چوندا آهن ته موسيقي روح جي غذا هوندي آهي دنيا جي ٻين خطن کان علاوه سر زمين سنڌ ۾ به سرسنگيت جي فن کي اجاگر ڪرڻ وارن فنڪارن جي ڪا ڪمي ناهي رهي، جن راڳ جي فن کي اجاگر ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو هميشه جرڪايو، اهڙن فنڪارن ۾ سڪرنڊ تعلقي جي ڳوٺ بقاءَ پور جي مشهور مڱڻهار قبيلي سان واسطو رکندڙ فقير الله ڏني مڱڻهار جي گهر ۾ مصري فقير نالي نينگر سال ۱۹۲۹ع ڌاري  جنم ورتو يو. سندس پيءُ پڙهڻ لاءِ اسڪول ۾ ته داخل ڪرايو پر نصابي تعليم ۾ دلچسپي نه ورتائين، مين پرائمري اسڪول منجهان صرف چار درجا پڙهي اسڪول وڃڻ کان منهن ئي موڙي ڇڏيائين. اسڪول جي پڙهائي دوران به سندس استادن ۽ هم ڪلاسي شاگردن کي موسيقي جا سر الاپي ٻڌائيندو هو اسڪول جي  فنڪشنن ۽ اهم موقعن تي نغما، نعتون ۽ ترانا پوري چاهه سان پنهنجي سريلي من موهيندڙ آواز سان پيو ڳائيندو هو سندس ڳائڻ سان ڏينهنون ڏينهن دلچسپي وئي وڌندي پوءِ آهستي آهستي راڳ ڳائڻ سان وڃي  ناتو جوڙيائين پوءِ باقائدي راڳ سکڻ جي تربيت نوابشاهه جي قاضي احمد شهر جي ان زماني جي بهترين ۽ مشهور راڳي (پياري فقير ميراثي) کان شاگردي وارو ڳانو ٻڌرايائين، جتي مسلسل محنت ۽ رياض سان چار، پنج سال ڪلاسيڪي ۽ نيم ڪلاسڪي راڳ جي سکيا وٺي پنهنجو نالو فن جي دنيا ۾ نروار ڪرايائين. مصري فقير ڳائڻ کان سواءِ ساز وڄائڻ جو پڻ مهارت رکندو هو سازن منجهان هارمونيم، ڍولڪ، يڪتارو، پڻ بهترين نموني وڄائيندو هو.

عثمان غني شهيد - حبيب الدين جنيدي

شهيد عثمان غني

مزدور اڳواڻ

حبيب الدين جنيدي



هڪ دور هيو جو پاڪستان ۾ بينڪنگ انڊسٽري جون ٽريڊ يونينز ملڪ ۾ مزدور تحريڪ جو هر اول جٿو هيون. نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ شروع ڪيل نجڪاري، ڊائون سائزنگ ۽ چانٽين انهن ٽريڊ يونينز جو زور ٽوڙڻ ۽ ملازمن کي بي يارو مددگار ڪرڻ جي لاءِ ان تي حملا ڪيا. بينڪن جي ٽريڊ يونينز کي ڀت سان لڳائڻ وارن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ مزدور دشمن قانون سازيون انهيءَ دور ۾ ڪيون ويون، جنهن ۾ بينڪنگ ڪمپنيز آرڊيننس مجريه ۱۹۶۲ جي شق B۲۷ آهي جنهن ان صنعت جي ٽريڊ يونين جي لاءِ زهر وارو ڪم ڪيو. نواز شريف حڪومتي دور ۾ پنهنجي انجام کي پهچايو پر ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل پرويز مشرف جي امپورٽيڊ وزير اعظم شوڪت ترين به اِهو سلسلو جاري رکيو. ان زماني ۾ بينڪنگ انڊسٽري جي ليبر يونينز کي اِهو فخر حاصل آهي ته هن ڪيترا ئي ناليوارا مزدور اڳواڻ هن ملڪ کي ڏنا جنهن ۾ پهرين نمبر تي سنڌ جي موجوده محنت واري وزير جي پيءُ محترم شهيد عثمان غني جو نالو اچي ٿو.

صوفي صادق فقير

صوفي صادق فقير

سندس پيغام ۽ انتها پسندي جو خاتمو

عبدالرؤف سومرو



هن وقت جڏهن مذهبي انتها پسندي دنيا جي مٿي جو سور بنجي رهي آهي ته اتي اسان جو ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ آهستي آهستي اهڙي ئي قسم جا واقعا رونما ٿي رهيا آهن ڪڏهن قلندر جي نگري کي نشانو ٿو بنايو وڃي ته ڪٿي دائش جهڙي دهشتگرد تنظيم جا پيرا ٿا پسجن ته ان وقت انهي انتها پسندي ۽ ڪٽرپڻي کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ تصوف جي تبليغ ئي مؤثر علاج ثابت ٿي سگهي ٿي ان ڪري سنڌ ڌرتي کي اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته اها اوليائن ۽ درويشن جو آماجگاهه ۽ آستانو پئي رهي آهي جتي انهن عظيم صوفياءِ ڪرام “وحدت الوجود” ۽ “وحدت الشهود” جي واٽ ذريعي ڪيئي ڪٽيل دلين کي ذڪر ۽ فڪر جي روحاني رمزن سان رچائي ريٽو پئي ڪيو آهي. ان ڳالهه جي شاهدي شاعر مشرق علامه محمد اقبال پڻ پنهنجي هڪ شعر ۾ ڏيئي ڄڻ ته صوفيت جي سموري فلسفي کي هڪ ڪوزي ۾ بند ڪيو اٿس.

عبدالغفور چانڊيو

عبدالغفور چانڊيو

ٽڪي جي دُنيا، لکن جو ماڻهو

حفيظ چانڊيو



شاعرن جا ديس ۽ درياهه پنهنجا ٿيندا آهن، تيئن سندن ادبي ڪڙم قبيلي ۾ سڃاڻپ جو حوالو به پنهنجو هوندو آهي. اهڙيءَ طرح عبدالغفور چانڊئي جي ادبي ڪڙم قبيلي ۾ مصور واري سڃاڻپ به پنهنجي آهي. مصور حُسين دقيانوسي رسمن جي ور چڙهيل هڪ قبائلي ڳوٺ جوابپور چانڊيو ۾ ڊسمبر جي ۱۰ تاريخ تي ڪاڪي جانب چانڊئي جي گهر ۾ جنم ورتو، جتي سندس پرورش روايتي انداز ۾ ٿي. سندس والد هڪ نيڪ نمازي انسان آهي. مصور جي سندس شخيصت جي ڪاميابيءَ پُٺيان سندس امڙ زيبل ۽ والد جانب علي جو وڏو هٿ آهي. مصور اهو ليکڪ آهي جيڪو بيساکين تي هلڻ کي عيب سمجهندو آهي، جيتوڻيڪ سندس شخصيت جا ڪيترا ئي حوالا آهن، سندس ننڍڙي عمر ۾ ٽي ڪتاب ڇپجي آيا آهن، ان کان علاوه نامور ڪهاڻيڪار ماڻڪ تي تحقيقي اڀياس (ايم فل ٿيسز) پڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور مان مڪمل ڪئي آهي، سندس ٽن ڪتابن ۾ شاعري جو ڪتاب اي اکين جا انتظار، ڪهاڻين ۾ زندگي مرجهائجي ويل گُل جهڙي کان وٺي ناول سنڌي ادب ۾ خوبصورت اضافو آهن، هن کي ادبي دنيا ۾ ڪيترا ئي ادبي ايورڊن سان نوازيو ويو آهي، جن ۾ نسيم کرل ڪهاڻي ايوارڊ، سهڻي ايوارڊ، هالار ڊائجسٽ ايوارڊ، جگناٿ يادگار شيلڊ، ادبي سنگت مڃتا سرٽيفڪيٽ سندس حصي ۾ لاتعداد مڃتا ايوارڊ مليا آهن. تازو انڊيا مان نڪرندڙ ماهوار ڪونج ۾ سندس ڪهاڻيءَ جيڪا پذيرائي ماڻي آهي،سا شايد ڪنهن کان ڳُجهي هجي، ان کان علاوه مصور حسين سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي رسالن ۽ ادبي مخزن ۾ مسلسل لکندو ٿو رهي، هو ادبي توڙي وفا جي عملي تصوير اهي، سندس سچائي کان شايد ئي سنڌ جو اديب نا آشنا هجي. هن مختصر عمر ۾ جنهن نموني سان ادبي قبيلي ۾ آيو آهي ته ادبي محفلن تي سڀني کان اڳرو نظر آيو آهي، سندس اهڙيءَ همت ۽ سچيتائيءَ کيس منفرد حيثيت ڏياري آهي، جنهن کان انڪار ڪرڻ پنهنجي وجود کان انڪار ڪرڻ جي برابر آهي.