شهيد مولوي سعد الله
ميمڻ
حسيب ناياب منگي
ڪنهن فلمي سين جيان
گولي جو آواز ٿيو، ڪجهه رڙيون ٿيون ۽ پوءِ هر طرف خوف ڇائنجي ويو، هڪ دوڪان تي
ويٺل پاڪستان پيپلز پارٽي شڪارپور جو نائب صدر گولي جو نشانو بڻجي پنهنجون سموريون
مصروفيتون، پارٽي جون ذميداريون، غريبن جون دانهون، يتيمن جا ڪم ڪاريون، دوستن سان
ڪچهريون۽ گهر وارن جون ضرورتون سڀ اتي ئي ڇڏي پنهنجي جان پنهنجي رب جي حوالي ڪري
هي جهان ڇڏي چڪو هو. ڪنهن کي به يقين نه آيو ته هي غريبن جو همدرد ۽ خير خواه ائين
ڪنهن نامعلوم ماڻهو جي گولي لڳڻ ڪري هن زمين تان هليو ويندو. وٺ وٺان ٿي ويئي، قتل
ڪرڻ وارو ڀڄي چڪو هو، سندس گهر ۾ ئي نه پر خيرخواهن ۽ دوستن وٽ به ڪهرام مچي ويو.
ٻي ڏينهن اخبارن ۾ هيءَ خبر شايع ٿي ته :
“شڪارپور ۳۰ (ن.هه) اڄ منجهند جو پيپلز پارٽي شڪارپور
جي نائب صدر مولوي سعد الله کي وچ شهر ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو. چيو وڃي ٿو ته
منجهند جو اٽڪل ڏيڊ بجي هو پنهنجي بوٽن جي دوڪان تي ويٺو هو ته نيري قميص پاتل، هڪ
منهن ڍڪيل نامعلوم شخص سندس ويجهو آيو ۽ بندوق مان گولي هلائي کيس قتل ڪري ڇڏيو.
بندوق جي گولي مرحوم کي ڳچيءَ ۾ لڳي ۽ هن ٿڏي تي دم ڏنو. سندس ڄمار اٽڪل ۴۵ ورهيه هئي. ياد رهي ته مرحوم جي پٽ ۽ ڌيءَ
جي سڀاڻي شادي ٿيڻي هئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اڄ هن شادين جا دعوت ناما به ورهايا هئا.
ملزم، جنهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. سو ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ٻي طرف ايس
پي سکر واقعي جي جاچ لاءِ شڪارپور پهتو آهي. مولوي صاحب پيپلز پارٽي شڪارپور جو هڪ
بنيادي ميمبر ۽ سرگرم ڪارڪن هو، هن پارٽي لاءِ وڏيون خدمتون انجام ڏنيون هيون. هن
جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي”.
مولوي صاحب جي
شهادت تي شڪارپور ۾ سوڳ جو ماحول ٿي ويو، ڪافي ڏينهن تائين ته پارٽي جا ناليوارا
اڳواڻ سرگرم ڪارڪن سندس پوين وٽ تعزيت لاءِ ايندا رهيا. هو سچ تي قائم رهڻ وارو
شخص هو، سادگي ۽ ايمانداري سان پنهنجي حياتي جو سفر گذاري ويو. سندس زندگي تي
روشني وجهڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته شڪارپور جي رهواسي خليفي عبدالرحمان ولد خليفي
مرحوم محمد اسماعيل ميمڻ جو ننڍڙو پٽ ھيو.
خليفو مرحوم عبدالرحمان
قرآن پاڪ جو حافظ ۽ عالم هو. هن پنهنجي علم سان شڪارپور ۾ لاتعداد شاگردن جو حلقو
تيار ڪيو هو. خليفي مرحوم عبدالرحمان جو شمار شڪارپور جي حڪيمن ۾ به ٿئي ٿو. سعد
الله ميمڻ جو جنم ۱۹۲۰ع ۾ ٿيو. پاڻ ننڍپڻ کان ذهين هو، پيءُ پٽ جي طبعيت کي سمجهندي علم حاصل ڪرڻ
لاءِ ڪرن ڳوٺ جي ويجهو ناليواري عالم مرحوم مولانا محمد عثمان نورنگ زادي وٽ
موڪليو. جتي هن قرآن پاڪ جي حفظ ۽ تعليم سان گڏ عربي زبان، تفسير، سيرت النبي صه ۽
حديث سميت ڪيترن ئي ٻين ديني علمن کي حاصل ڪيو ۽ دستاربندي کانپوءِ واپس وريو ته
سندس والد ۽ وڏن ڀائرن چاهيو ٿي ته ڪاروبار ۾ سندن ٻانهن ٻيلي ٿئي، سو ۱۹۴۵ع کان مولوي سعد الله ميمڻ شڪارپور ۾ پنهنجي
ڀائرن سان گڏ ڪاروبار ڪندو رهيو. ۱۹۶۵ع ۾ گهراڻي جو بوٽن وارو ڪاروبار سندس حصي ۾ آيو. پاڻ
مسلم بوٽ هائوس شڪارپور نالي دوڪان سنڀالڻ لڳو.
اهو دور به آيو جو
ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان پيپلز پارٽي جو قيام وڌو ته سنڌ جي ماڻهن کيس مان ڏنو،
انهن ئي ڏينهن ۾ ڀٽو صاحب پنهنجي ڳالهين توڙي عملي جدوجهد جي حوالي سان عوام جي
دلين ۾ گهر ڪري ورتو هو، سنڌ جي ماڻهن کي ذوالفقار علي ڀٽي سان بي انتها پيار ٿي
ويو هو، هر شهر جا ماڻهو ڀٽي صاحب جي شخصيت کان ماڻهو تمام گهڻا متاثر ٿيا هئا، تن
ڏينهن ۾ ته سندس مخالفن جون وايون بتال نظر اينديون هيون. مولوي صاحب به ذوالفقار
علي ڀٽي جي شخصيت کان متاثر ٿيو هو سو ۱۹۶۹ع ۾ قاضي عبدالقادر جي مشوري سان سياست ۾ آيو ۽ پ پ پ ۾
شامل ٿيو، پارٽي قيادت قاضي عبدالقادر کي صدر جڏهن ته مولوي سعد الله ميمڻ کي
شڪارپور جو نائب صدر مقرر ڪيو. مولوي صاحب شڪارپور ۾ پارٽي کي منظم ڪرڻ لاءِ
بهترين ڪردار ادا ڪيو. ان وقت جي صدر پاڪستان جنرل يحيٰ خان جڏهن ملڪ ۾ چونڊن جو
اعلان ڪيو ته پ پ پ جي نامزد اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ مولوي صاحب ڪارڪنن ۽ پارٽي
اڳواڻن سان گڏ ورڪ شروع ڪئي. مارشلا جي دور ۾ ورڪ دوران ڪيل تقريرن تي حڪومت ڏمري
۽ کيس آڪٽوبر ۱۹۷۰ع کان ڊسمبر ۱۹۷۰ع تائين سينٽرل جيل سکر ۾ قيدي بڻائي سزا ڏني ويئي.
پ پ پ کي شڪارپور ۾
مضبوط ڪرڻ جي لاءِ جن ماڻهن نيڪ نيتيءَ سان پاڻ ملهائي ڏيکاريو تن ۾ مولوي سعد
الله جو نالو به شامل آهي. ڏينهن هجي يا رات پارٽي جي ڪمن ڪارين ۾ رڌل رهندو هو.
پارٽي لاءِ قربانيون ڏيندڙ ئي نه پر هو غريبن، مسڪينن ۽ بي سهارن جي لاءِ شڪارپور
۾ اميد هو. شهرين جو به کيس اعتماد حاصل هو. بي پهچ ماڻهو وٽس اچي پنهنجا جائز مطالبا
رکندا هئا يا ڪڏهن ڪنهن ڪم نه ٿيڻ جي شڪايت ڪندا هئا ته پنهنجون ذاتي مصروفيتون
ڇڏي انهن ماڻهن کي آفيسن ڏانهن وٺي ويندو هو ۽ انهن جو جائز مسئلو حل ڪرائي غريبن
جي دعا حاصل ڪندو هو. هن وٽ خدمت ڪرڻ جو جذبو هو. اڄوڪي دور ۾ اهڙا خدمتگار ماڻهو
ڳولڻ کانپوءِ به مشڪل سان ملندا جيڪي شهرين جي لاءِ لاطمع ٻانهن ٻيلي ٿي بيهن.
سادو کاڌو کائيندڙ
عام زندگي گذاريندڙ مولوي سعد الله ميمڻ ۳۰ اپريل ۱۹۷۵ع تي منجھند جو ڏيڊ بجي شڪارپور ۾ ڪنھن شقي القب شخص جي
گولي جو نشانو بڻجي شهادت جي رتبي کي حاصل ڪيو. شهيد پنهنجي پٺيان ٻن پٽن جي اولاد
ڇڏي آهي. مان سندس فرزند انجنيئر گلزار احمد ميمڻ جو ٿورائتو آهيان، جنهن پنهنجي
والد تي پهريون ڀيرو مضمون لکڻ لاءِ معلومات ڏني.
(روزانه آجيان شڪارپور ۾ ۲۵ جولاءِ ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا