شيخ ارباب علي مسافر
حسيب ناياب منگي
شيخ ارباب
علي جو تعلق شڪارپور سان آهي، هو پنهنجي دور جو ناليوارو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس
ڪلام نه صرف مشاعرن ۾ شوق سان ٻڌو ويندو هو پر اخبارن ۽ رسالن جي زينت بڻبو هو ته
ذوق سان پڙهيو ويندو هو. جڏهن ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنس تان سندس غزل ۽
ڪافيون نشر ٿينديون هيون ته چاهه سان ٻڌيون وينديون هيون. جنهن ۾ پرين جي ناز ادا
سان گڏ ڪن عاشقن جا سور به پڌرا ٿيل هوندا هئا. عشق جون ڳالهيون هونديون هيون ۽
پرين جي اچڻ جو انتظار هوندو هو. سنڌ جا سريلا فنڪار جڏهن سندس ڪلام ڳائيندا هئا
ته خوب داد ماڻيندا هئا.
شيخ ارباب
علي جا وڏا رڪ اسٽيشن ڀرسان سهڪجي جا ويٺل هئا جي بعد ۾ شڪارپور لڏي آيا هئا. شيخ
ارباب علي جو والد الهڏنو شيخ سٺي طبعيت جو انسان ۽ شريف شخص هو. شڪارپور ۾، شيخ
ارباب علي جو جنم
۱۱ اپريل ۱۹۲۵ع تي ٿيو. سندس والد تربيت ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ابتدائي
تعليم سان گڏوگڏ مذهبي تعليم حاصل ڪرڻ جو پابند بڻايو. شڪارپور مان ڇهن درجن تائين
تعليم پرائي پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ ملازمت ڪرڻ لڳو. اڳتي هلي ڪري شيخ ارباب علي اها
نوڪري ڇڏي ڏني ۽ شڪارپور جي مشهور وڪيل سڪندر علي شيخ وٽ اسسٽنٽ طور ڪم ڪرڻ لڳو.
پنهنجي لاءِ ان روزگار کي بهتر ڄاڻيندي آخري دم تائين اسسٽنٽ ٿي گذاريائين.
شاعريءَ جو شوق کيس ننڍپڻ کان
تڏهن پيو جو شڪارپور جي ڀلوڙ استاد، شاعر ۽ ليکڪ سائين حبيب الله ڀٽو سان ويجهڙائي
هئس ۽ سائين سندس مڪتبي معلم پڻ هو. ان جي صحبت ۾ آيو ته مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو هو.
ان دور ۾ شڪارپور اندر ادبي محفلون سکيا جو اهم ذريعو سمجهيو وينديون هيون. جن ۾
وري آغا عبدالنبي خان “عليگ”، “نياز” رجباڻي، رحمت الله “شوق”، صوفي جھامنداس “عاشق”،
مولوي امان الله “مفلح” وغيره جي شرڪت نون شاعرن جي لاءِ غنيمت مڃي ويندي هئي.
انهن علمي ادبي ساٿين کي ٻڌندي ۽ انهن جي صحبت ۾ رهندي شيخ ارباب علي لکڻ شروع ڪيو
۽ “مسافر” تخلص سان شعر لکي نه صرف مشاعرن ۾ پنهنجو ڪلام پيش ڪندو هو پر مختلف
اخبارن ۽ رسالن ۾ به پنهنجو ڪلام ڇپرائيندو هو.
سڄڻ سهڻا ڏٺو ڇا ٿي ڀلا تو
بيوفائيءَ ۾
بقا ناهي حسن جوڀن نه رهه سهڻا وڏائيءَ ۾
نه ٿي تون سخت دل سهڻا، ڏئي ٿو
لوڪُ سَو مِهڻا
پيا سر تي سڀئي سهڻا، وَرئي ڇا ٿو مدائيءَ ۾
مٺا تون ٿو وسين جاٿي، پڇاڻا ٿو
ڪيان تاٿي
نه تو جهڙو ڏٺم ڪاٿي، سڄڻ ساري خدائيءَ ۾
ڪڍان نه ڪاڻ ٻئي ڪنهنجي، فقط ڳڻتي
اٿم تنهنجي
گذاري مون عمر پنهنجي بڻي جوڳي گدائيءَ ۾
ارباب علي
“مسافر” جي ڪلام ۾ حمد، نعت، غزل ۽ ڪافي شامل آهن. سندس ڪلام سنڌي. سرائڪي ۽ اردو
زبانن ۾ چيل ملي ٿو. سندس حياتي ۾ ٽي ڪتاب به ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. غزل کانسواءِ
سندس ڪافين جو رس چس به چڱو ۽ قابل ذڪر آهي. جيوڻي ٻائي، غفور گل، روبينه حيدري،
منظور سخيراڻي، احمد ابراهيم، شفيع محمد، ڪليم سرور سميت گهڻن ئي فنڪارن سندس ڪلام
کي ڳايو آهي ۽ وقت به وقت ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنس تان سندس ڪافيون ٻڌيون
وينديون آهن.
اڱڻ
منهنجي ڪڏهن ايندا جنين روز ساريان ٿي،
ڀري سڏڪا
ڪري سڏڙا اکين مان آب هاريان ٿي،
ڪري ڪوڪان
مون ڪوٽن ۾ اڪيلي هيانءُ ڏاريان ٿي.
ڏکن سورن
سندي سڌڙي لهڻ وارا ڪڏهن ايندا،
ملڻ جي
لاءِ ماندي آن ملڻ وارا ڪڏهن ايندا.
مري جي
مان وڃان هتڙي ته مارن ڏي ڪجانءِ ماڻهون،
اٿئي سادا
سِڌا سڀئي نٿي هن ديس جا ڄاڻون.
اداسي “شيخ”
ٻاجهارا عمر منهنجا اٿئي مارون،
منهنجي دک
درد جا ساٿي سلڻ وارا ڪڏهن ايندا،
“مسافر”
لاش منهنجي تي روئڻ وارا ڪڏهن ايندا.
شڪارپور
مان اڃان مشاعرن جي روايت موڪلايو نه هو، اڃان ادبي تنظيمون ۽ ڪي مڻيادار مرڪڻ
شڪارپور ۾ موجود هئا. طرحي ۽ غير طرحي مشاعره ٿيندا هئا ۽ شاعرن سان رهاڻيون رچائي
يا سندس ڪلام ڳائي کيس مڃتا ڏيڻ واري عمل تي اڃان ڪي پَڙ نه پيا هئا. گهڻين مان ڪي ٿورڙيون ئي اخبارون شڪارپور مان
ڇپبيون هيون. ڪچهريون ٿينديون هيون ۽ شاعرن جا ميلا پيا متل هوندا هئا، تن ڏينهن ۾
۱۸ مارچ ۱۹۹۱ع تي شيخ ارباب علي “مسافر” پنهنجن
۽ ادبي سٿ جي ساٿين کان موڪلائي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. خدا کيس جنت ۾ جڳهه عطا
فرمائي (آمين)
هت “مسافر” شيخ تنهنجي آهي منزل
دم گھڙي،
وڃ گذاري وقت پنهنجو خوش کلي
روئي رڙي.
مرحوم ارباب علي “مسافر” شيخ جو
پٽ محترم اقبال شيخ جيڪو پڻ شاعر آهي ۽ اڄ ڪلهه ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو تنهن وٽ پنهنجي
والد جو ڪليات موجود آهي. مون کي اميد آهي ته اقبال احمد شيخ پنهنجي والد جو ڪليات
منظر عام تي آڻائڻ ۾ پنهنجو خوب ڪردار ادا ڪندو. اهڙي روايت مان ٻيا به عمل ڪرڻ
شروع ڪندا ته گهڻن ئي شاعرن جو ڪلام منظر عام تي اچي ويندو.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا