نثار احمد هَڪڙو
سنڌ جو سچو عاشق
حسيب ناياب منگي
سنڌ سان
پيار ڪندڙ ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ جا خواب ڏسندڙ، سنڌ مان ناانصافيءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ
وقت به وقت پنهنجي اعليٰ صلاحيتن جو استعمال ڪندڙ توڙي پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن
وسيلي نوجوانن جي سيرتن جو ٺاهيندڙ سائين نثار هڪڙو پنهنجي خدا داد صلاحيتن جي ڪري
پنهنجي اباڻي شهر شڪارپور ۾ ئي نه پر سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر به نالو ڪڍندڙ توڙي پاڻ
مڃرائيندڙ شخص هو. هن جون ڪچهريون ۽ هن جون ڳالهيون ڪنهن درس کان گهٽ نه هيون. هن
پنهنجي آدرشن کي جنهن شخصيت جي پوئلڳي تي پنهنجي جيون جو حصو بڻايو هو، سو هو
سائين جي ايم سيد! سيد جي وائيءَ کي وات رکي هو سرهو ٿيندو هو. سندس فڪر مان به ته
ڏات جا ڏهه ڏهه ڏيئا روشن ٿيندا هئا. سيد جا پيروڪار ڪتاب ۽ اخلاق کان پري هجن اهو
ممڪن ئي نه هو. سائين نثار هڪڙو به ان راهه جو راهي هو. فضيلت وارو، خوش اخلاق ۽
خوش لباس! ڳالهائڻ جو پيارو ۽ محبت ڪرڻ وارو هو. صلاحن جو گهر، منجهيل کي رستو
ڏيکاريندڙ ۽ هٿ جو سخي هو. محتاجن جي مدد ڪرڻ ۽ غريبن جي واهر ڪرڻ سان گڏوگڏ کين
هٿ پير هڻڻ جي تلقين به ڪندو هو. وس پڄندي کين روزيءَ سان به رسائيندو هو. سچ ته
هو عبدالواحد آريسر ۽ شهيد قيوم منگيءَ وانگر سياسي، سماجي ۽ ادبي طور تي سائين جي
ايم سيد جو سچو ۽ پڪو مقلد هو. سائينءَ جيان آزاديءَ جا خواب هن جي سوچ جو محور
هئا. هُو انسانن جي ظالمن قوتن آڏو قيدي هئڻ جو مخالف هو. پوءِ اها قيد ضمير جي
هجي يا خيالن جي هجي. هو پنهنجي بلند خيالن سان ڪيترائي ذهن صاف ڪري ويو ۽ گهڻا
مئل ضمير سندس سجاڳ لفظن توڙي سهڻي سمجهاڻيءَ سان بيدار ٿيا. جيئي سنڌ محاذ جي
آئين سازيءَ کان تحريڪ جي ڪاميابي تائين سائين نثار هڪڙي جون بي انت خدمتون
سرانجام ڏنل آهن، تن کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي.
هن
انسانيت جو جيڪو درس ورتو هو تنهن ڪري ڪڏهن به انسانيت کان هٽي ڪا سوچ نه رکيائين.
علم ادب جي واڌاري لاءِ گهڻي مطالعي مان ڪي ٿورڙيون تحريرون ڇڏي ويو آهي، جيڪي
تاريخ، تهذيب، ادب ۽ سماج کان سياست ۽ زراعت جي موضوع تي لکيل آهن. پاڻ هڪ ڪتاب “آڌيءَ
رات آزادي” ترجمو ڪيائين جنهن جو پهريون ڀاڱو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي جڏهن ته ٻيو ڀاڱو
به ڇپجڻ وارو آهي.
سائين
نثار هڪڙي جي خدمت ايتري ئي ناهي جو هو هڪ سماج سڌارڪ، سياسي ڪارڪن ۽ علم ادب جو
شيدائي هو پر هو اداڪار به هو. اسٽيج ڊرامن جي روايت کي جاري رکندي هن شڪارپور ۾
اسٽيج تي اداڪاريءَ سان گڏ ميڪ اپ ۽ هدايتڪاريءَ ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هو. قادر کيس
جيڪي صلاحيتون ڏنيون هيون تن جو بهترين استعمال ڪندي هن پنهنجو پاڻ کي اهڙو ته
پڌرو ڪيو جو شڪارپور ۾ ئي نه پر سموري سنڌ ۾ چمڪي اٿيو.
سائين
نثار هڪڙو زراعت سان به وابسته هو، ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ ۾ اعليٰ عهدي تي رهندي بنا
ڪنهن تڪبر ۽ وڌائيءَ جي هو پنهنجي شعبي ۾ ايمانداريءَ سان ڪم ڪندو رهيو. سندس
تجربا ۽ نظريا زراعت کاتي جي لاءِ سراسر سون ثابت ٿيا.
فرض شناس
پيءُ کان فرض شناس رهبر تائين هن جون اڻٿڪ محنتون ۽ لازوال خدمتون وسارڻ جون نه
آهن. هن جي زندگي جدوجهد جي نانءُ هئي. سماج جو متحرڪ ڪردار بڻجي ويو ته سندس لائق
ٿيڻ، فاضل هئڻ، شيرين گفتگو ڪرڻ ۽ اعليٰ ڪردار تي سندس عزيز ناز ڪرڻ لڳا.
سائين نثار احمد هڪڙو معاشري جو ڪارائتو شخص هو سندس ڪچهريءَ ۾ ويهي ننڍ وڏائيءَ جو فرق ختم ٿي ويندو هو، هُو پاڻ به ننڍن سان ننڍو ۽ وڏن سان وڏو پيو لڳندو هو. کلمک ۽ سچو شخص هو. اهڙي طبيعت وارا انسان ڌرتيءَ تي ڪڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. هو ۱۲ اپريل ۱۹۴۳ع تي پنهنجي والد ارباب علي هڪڙو جي گهر پيدا ٿيو. شڪارپور کان ٽنڊو ڄام تائين مختلف علمي ادارن مان مختلف سندون حاصل ڪيائين. ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڃي زراعت جي شعبي ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايائين. علمي، ادبي، سماجي ۽ سياسي توڙي فني خدمتون سرانجام ڏيندي ۳۱ جنوري ۲۰۰۴ع تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو. خدا سندس درجات کي بلند فرمائي. آمين
No comments:
راءِ ڏيندا