شهيد عثمان غني
مزدور اڳواڻ
حبيب الدين جنيدي
هڪ دور هيو جو پاڪستان
۾ بينڪنگ انڊسٽري جون ٽريڊ يونينز ملڪ ۾ مزدور تحريڪ جو هر اول جٿو هيون. نواز
شريف جي حڪومتي دور ۾ شروع ڪيل نجڪاري، ڊائون سائزنگ ۽ چانٽين انهن ٽريڊ يونينز جو
زور ٽوڙڻ ۽ ملازمن کي بي يارو مددگار ڪرڻ جي لاءِ ان تي حملا ڪيا. بينڪن جي ٽريڊ يونينز
کي ڀت سان لڳائڻ وارن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ مزدور دشمن قانون سازيون
انهيءَ دور ۾ ڪيون ويون، جنهن ۾ بينڪنگ ڪمپنيز آرڊيننس مجريه ۱۹۶۲ جي شق B۲۷ آهي جنهن ان صنعت جي ٽريڊ يونين جي لاءِ زهر وارو ڪم ڪيو. نواز شريف حڪومتي
دور ۾ پنهنجي انجام کي پهچايو پر ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل پرويز مشرف جي امپورٽيڊ وزير
اعظم شوڪت ترين به اِهو سلسلو جاري رکيو. ان زماني ۾ بينڪنگ انڊسٽري جي ليبر يونينز
کي اِهو فخر حاصل آهي ته هن ڪيترا ئي ناليوارا مزدور اڳواڻ هن ملڪ کي ڏنا جنهن ۾
پهرين نمبر تي سنڌ جي موجوده محنت واري وزير جي پيءُ محترم شهيد عثمان غني جو نالو
اچي ٿو.
شهيد عثمان غني ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ مسلم ڪمرشل بينڪ ۾ ملازمت اختيار
ڪئي. هو ۱۹۴۸ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو هو جڏهن ته ميٽرڪ NVJ هاءِ اسڪول ۽
گريجويشن ڪراچي يونيورسٽي مان ڪئي هئي. هو هڪ پڙهيل لکيل باڪردار انسان هو ۽ مزدور
طبقي تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف هن جي سوچ کيس ٽريڊ يونين تحريڪ ۾ وٺي وئي. هو مسلم ڪمرشل
بينڪ ايمپلائر يونين سي بي اي جو ۱۹۷۲ع ۾ صدر چونڊيو هو ۽ هن جي اِها وابستگي سندس حياتيءَ جي
آخري ساهه تائين جاري رهي.
اسان جي ملڪ ۾ بينڪاري
صنعت هن وقت تائين ٽي دور ڏٺا آهن. پهريون دور ۱۹۴۷ع کان ۱۹۷۴ع تائين جو آهي جڏهن سموريون ڪمرشل بينڪون پرائيويٽ
سيڪٽر ۾ هيون. ٻيو دور جنوري ۱۹۷۴ع کان شروع ٿئي ٿو جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي هڪ انقلابي
قدم کڻندي سمورين ڪمرشل بينڪن کي قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ائين ملڪ جو بينڪنگ سيڪٽر
سرڪاري ڪنٽرول ۾ اچي ويو. ٽئين دور جو آغاز ۱۹۹۱ کان نواز شريف جي حڪومتي دور کان شروع ٿيو
آهي، جڏهن قومي ملڪيتي بينڪس کي پرائيويٽ سيڪٽر جي هٿان وڪڻڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽
شهيد عثمان غني جي مسلم ڪمرشل بينڪ سڀ کان پهرين ان جي ور چڙهي.
شهيد عثمان غني مٿين
دورن ۾ بينڪن جي ٽريڊ يونين سرگرمين ۽ مزدور تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو پاڪستان جي
بينڪنگ انڊسٽري جي ٽريڊ يونين جو پهريون اڳواڻ هو جنهن کي مزدور دشمن قوتن ڏينهن ڏٺي
جو شهيد ڪيو. شهيد عثمان غني هڪ اهڙو مزدور اڳواڻ هو جنهن کي تاريخ ۾ هڪ فائٽر ٽريڊ
يونينسٽ جي نالي سان ياد رکڻ گهرجي. هن جي سموري حياتي مزدورن جي حقن ۽ پاڪستان پيپلز
پارٽي جي جهنڊي هيٺان جمهوريت جي بحالي جي جدوجهد ۾ گذري. هو هڪ انتهائي فعال سياسي
اڳواڻ ۽ پ پ پ سان به تعلق رکندو هو. هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽو
جي قيادت ۾ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ اُن جي استحڪام جي جدوجهد ۾ هميشه ڀرپور نموني
حصو ورتو ۽ ان ڏس ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل ياترا به ڪئي.
هن ڏانهن اِهو ڪريڊٽ
به وڃي ٿو ته هن ٻين ترقي پسند ساٿين سان گڏ شهيد بينظير ڀٽو کي ان امر تي قائل ڪيو
ته پارٽيءَ جو ليبر ونگ قائم ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي طرح پيپلز ليبر بيورو جو قيام عمل ۾
آيو. شهيد عثمان غني جي پهرين گرفتاري ۱۹۴۷ع ۾ اُن وقت عمل ۾ آئي جڏهن هو مسلم ڪمرشل بينڪ جي ملازمن
لاءِ پرافٽ بونس جاري ڪرائڻ واري احتجاجي جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو، پوليس هن کي عام
جلسي مان گرفتار ڪيو ۽ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ منتقل ڪري ڇڏيو ۽ ائين شهيد جي قربانين
جو سلسلو شروع ٿيو. قيد جي عقوبتن کيس عزت بخشي ۽ هن کي ڪمرشل بينڪن جي ٽريڊ يونينز
۾ احتجاجي تحريڪن ۽ ملازمن جو هيرو تصور ڪيو ويندو هو.
شهيد عثمان غني جي
مزدور دوست ۽ سامراجي سرمائيداراڻي نظام جي دشمن رويي جتي هن کي محنت ڪشن ۾ مقبوليت
جي بلندين تي پهچايو ته ٻئي پاسي عوام دشمن قوتون هن جي سر جون دشمن به بڻجي ويون.
شهيد عثمان غني ڪراچيءَ جي
قدم علائقي چنيسر ڳوٺ
جو رهواسي هو ۽ هن پنهنجي ڀرپور سياسي زندگي به انهيءَ علائقي ۾ گذاري. پ پ جي پليٽ
فارم تان هن انهيءَ تڪ مان اسيمبلي جي اليڪشن به وڙهي ۽ مخالف جو ڄمي مقابلو ڪيو.
هو ان تڪ جي چڱن سياسي اڳواڻن ۾ شمار ٿيندو هو جتي کيس انتهائي عزت ۽ احترام سان ڏٺو
ويندو هو. هي اُهو ئي تڪ آهي جتي هن جي شهادت کان پوءِ هن جي سڀ کان وڏي پٽ سعيد
غني به سياست جو آغاز ڪيو ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ کٽي ۽ اڄ محنت ۽ تعليم واري
صوبائي وزير جي عهدي تي فائز آهي.
سيپمٽبر جو مهينو اتفاق
۽ بدقسمتيءَ سان هڪ اهڙي مهيني ۾ شمار ٿيندو آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي سانحن جنم ورتو.
قائد اعظم محمد علي جناح انهيءَ مهيني اسان کان ڌار ٿيو، علي انٽر پرائزز گارمنٽ
فيڪٽري بلديا ڪراچيءَ جو خوفناڪ حادثو جنهن ۾ ۲۶۰ غريب بي قصور مزدور سڙي رک ٿيا، نائن اليون
جو واقعو سيپٽمبر ۾ پيش آيو، جڏهن ته ناليوارو مزدور اڳواڻ شهيد عثمان غني به انهيءَ
مهيني ۾ شهيد ٿي ويو.
۱۹۹۵ع ۾ سيپمٽبر جي ۱۷ تاريخ تي شهيد عثمان غني چنيسر ڳوٺ ۾ موجود
پنهنجي گهر کان هيڊ آفيس مسلم ڪمرشل بينڪ جي لاءِ روانو ٿيو ته هن جي ڪار ڪالا پُل
تي پهتي ته سندس تاڙ ۾ ويٺل هٿياربند قاتل سندس چئو طرف ڦري ويا ۽ هن کي اسان کان
کسيو ويو.
اِهو درست آهي ته شهيد
عثمان غني اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ناهي پر اِها به هڪ حقيقت آهي ته جدوجهد ۽ قربانين
جي جنهن شمع کي هن روشن ڪيو هو اُها به پوري رفتار سان روشن آهي ۽ اڄ به هزارين
محنت ڪشن جي اکين ۾ هن جي ياد باقي آهي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز، ۱۷ سيپٽمبر ۲۰۲۰ع)
عثمان غني شهيد
پورهيت اڳواڻ -
ورسيءَ جي مناسبت سان
حبيب الدين جنيدي
ملڪ ۾ ٽريڊ يونين
تحريڪ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان زوال جو شڪار آهي ۽ اهو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آهي. ان
تحريڪ جي حوالي سان جيڪڏهن ڳالهه ڪئي وڃي ته زوال پذيري جي باوجود ڪيترن ئي شخصيتن
ان حوالي سان نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون، ايتري قدر جو ڪجهه ماڻهن پنهنجي جان جو
نذرانو به ڏنو. انهن مان هڪ شهيد عثمان غني به هو، جنهن جو بنيادي طور تعلق مسلم
ڪمرشل بينڪ لميٽڊ سان هو پر هن پنهنجي جدوجهد ۽ قربانين جي حوالي سان نه رڳو اهو پر
بينڪنگ انڊسٽريز جي ٽريڊ يونين تحريڪ ۾ هڪ نمايان مقام حاصل ڪيو بلڪه مجموعي طور
هن پاڪستان جي پورهيت تحريڪ ۾ به پنهنجي قربانين ۽ جدوجهد جي ڪري هڪ اعليٰ مقام
حاصل ڪيو. عثمان غني هڪ نظرياتي سياسي ڪارڪن به هو ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پليٽ
فارم تان فوجي آمريت خلاف جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ ۾ پرائيويٽائزيشن جي عمل جي
سخت نقادن ۽ مخالفن مان هو، اهو سبب هو ته جڏهن ڪنهن به نجڪاري جي خلاف تحريڪ هلي
ته هن ڀرپور حصو ورتو. هن کي پورهيت دشمن ۽ ڏوهاري ماڻهن ۱۷ سيپٽمبر ۱۹۹۵ع جي صبح جو سندس رهائشگاهه چنيسر ڳوٺ (ڪراچي)
ويجهو ڪالا پل جي علائقي ۾ اُن وقت شهيد ڪيو جڏهن هو ايم سي بي جي هيڊ آفيس واقع
آءِ آءِ چندريگر روڊ جي لاءِ روانو ٿيو هو.
عثمان غني ۱۹۷۰ع جي ڏهاڪي جي شروعات ۾ مسلم ڪمرشل بينڪ لميٽڊ
۾ ملازمت اختيار ڪئي ۽ پنهنجي شهادت تائين هو انهيءَ اداري سان لاڳاپيل رهيو. هن
انهيءَ بينڪ ۾ اجتماعي سوديڪار يونين جي تعين جي لاءِ منعقد ٿيل سمورين چونڊن ۽
ريفرنڊم ۾ حصو ورتو ۽ سدائين ڪامياب ٿيو. هن پنهنجي زندگي جي آخري ڏينهن تائين ملڪ
جي هن مالياتي اداري جي هڪ انتهائي فعال ٽريڊ يونين “مسلم ڪمرشل بينڪ اسٽاف يونين
آف پاڪستان” جي صدارت تي هو. ۱۹۷۴ع ۽ خاص ڪري پاڪستان جي ڪمرشل بئنڪن جي قوميائي وڃڻ کانپوءِ انهن ادارن ۾ ٽريڊ
يونين تحريڪ گهڻي بهتر انداز ۾ منظم ٿي ۽ گڏيل تحريڪون هلايون. انهن مان هڪ ۱۹۷۵ع جي ڪمرشل بئنڪن ۽ مالياتي اداري جي لڳ ڀڳ ۸۰ هزار ملازمن جي اها گڏيل جدوجهد هئي جو هنن Wage Commission Award جي نامنصفاڻن فيصلن جي خلاف “پاڪستان بينڪ ايمپلائيز فيڊريشن” جي
جهنڊي هيٺ هلائي. ان تحريڪ جي عروج تي پاڪستان ۾ بينڪنگ جو ڪاروبار ڪيترن ئي ڏينهن
لاءِ معطل ٿي ويو، جڏهن ته بينڪن جي انتظاميا ان کي ڪچلڻ جي لاءِ وڏي پيماني تي
ٽريڊ يونين جي قيادت تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ۽ سوَن جي انگ ۾ پورهيت اڳواڻ ۽ سرگرم
ڪارڪن گرفتار ڪري جيلن ۾ واڙيا ويا. شهيد عثمان غني ان تحريڪ ۾ سڀ کان پهرين
گرفتار ٿيل مرڪزي اڳواڻن مان هو، جن کي ڪيترن ئي مهينن تائين قيد کانپوءِ آزادي
نصيب ٿي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي جو بينڪ ملازمن جي ٽريڊ يونين جا اجتماعي سوداگر
حقن جي بحالي ۽ Wage Commission جي نامنصفاڻن فيصلن جي خلاف پاڪستان ۾ هي سڀ کان وڏي تحريڪ هئي.
گڏيل تحريڪن کانسواءِ عثمان غني پنهنجي اداري جي ملازمن جي لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا
زبردست جدوجهد ڪئي ۽ اُنهن جي حقن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. مزدور تحريڪ ۾
قربانين کانسواءِ هن پاڪستان پيپلزپارٽي پاران جمهوريت جي بحالي جي لاءِ هلائي
ويندڙ سمورين تحريڪن ۾ به ڀرپور شهيد بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ حصو ورتو. فوجي آمر
ضياءُ الحق ۽ نوازشريف جي حڪومتي دورن ۽ پنهنجي پارٽي پاڪستان پيپلزپارٽي جي
حڪومتي دور ۾ به ڪيترا ئي ڀيرا جيل ۽ قيد ڀوڳيا. شهيد عثمان غني جي زندگي جي آخري
گرفتاري ۱۹۹۱ع ۾ نوازشريف
جي مزدور دشمن حڪومتي دور ۾ ان وقت عمل ۾ آئي، جڏهن وفاقي حڪومت نجڪاري جي هڪ تمام
وڏي منصوبي جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ سوين صنعتون بشمول مسلم ڪمرشل بينڪ جي
پرائيويٽائيزيشن جو منصوبو به شامل هو. نجڪاري جي ان منصوبي جي خلاف پوري ملڪ جي ۱۶۰ سي بي اي ٽريڊ يونينز جو هڪ ملڪ گير اتحاد
جڙيو، جنهن کي آل پاڪستان اسٽيٽ انٽرپرائيز ورڪرز ايڪشن ڪميٽي (APSEWAC) جو نالو ڏنو ويو. لاهور جي هڪ
اجلاس ۾ اهو اتحاد جڙيو جنهن جي هڪ سپريم ڪائونسل چونڊي وئي، جنهن ۾ ملڪ جا سينيئر
پورهيت اڳواڻ شامل هئا. ان ايڪشن ڪميٽي نوازشريف جي نجڪاري جي منصوبن خلاف اپريل ۱۹۹۱ع ۾ هڪ ڏينهن واري ملڪگير هڙتال جي ڪال ڏني ۽
چئني صوبن ۾ احتجاجي جلسا ۽ جلوس ڪڍيا ويا. اها هڙتال انتهائي اثرائتي ۽ نجڪاري
خلاف پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي هڙتال هئي، جنهن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ نواز شريف حڪومت
رڳو سنڌ صوبي ۾ چار پورهيت اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، جن ۾ شهيد عثمان غني ۽ راقم
الحروف شامل هئا. قيد دوران عثمان غني سان جڏهن ڳالهه ٿي تڏهن منهنجو اندازو هو ته
حڪومت اسان کي ان وقت تائين آزاد نه ڪندي جيستائين مسلم ڪمرشل بينڪ کي وڪرو نٿو
ڪيو وڃي ۽ ائين ئي ٿيو، اسان جي قيد جو دور ان وقت ختم ٿيو، جڏهن ايم سي بي کي
پرائيويٽ سيڪٽر کي وڪرو ڪيو ويو. پرائيويٽائيزيشن ۽ ان کانپوءِ جي دور ۾ بينڪنگ
انڊسٽري جي ٽريڊ يونيز ۽ ملازمن جا حق ڦٻائڻ جا سانباهه ڪيا ويا، جيڪو سلسلو اڄ به
جاري آهي پر اها هڪ حقيقت آهي ته شهيد عثمان غني ان دور ۾ به انتهائي دليري ۽
قائداڻي صلاحيت جو مظاهرو ڪيو، پنهنجي اداري جي ٽريڊ يونين کي ڇڙوڇڙ ٿيڻ نه ڏنو ۽
کيس متحد ڪري رکيو، نيٺ نئين انتظاميا به ٽريڊ يونين جي افاديت ۽ ان جي قوت کي
تسليم ڪري ورتو ۽ ان ريت اسان اهو چئي سگهون ٿا ته شهيد عثمان غني بينڪنگ انڊسٽري
جي انهن ٽريڊ يونين اڳواڻن ۾ سر فهرست هئاسين، جن هر دور ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽
وڪٽري اسٽينڊ ۾ نمبر ون جا حقدار بڻيا.
اڄ بينڪنگ انڊسٽري ۾ ٽريڊ يونين تحريڪ جا بکيا اُڊڙي چڪا آهن، مختلف ادارن جي ٽريڊ يونينز کي منظم ڪرڻ لاءِ ڪا ٽريڊ يونين فيڊريشن موجود نه آهي. هر اداري جي ٽريڊ يونين پنهنجي بقا جي جدوجهد ۾ الڳ الڳ مصروف ۽ انتهائي بدترين حالتن جي ور چڙهيل آهي. نجڪاري جي فوري بعد پاڪستاني ڪمرشل بينڪن ۾ انتهائي مهارت ۽ چالاڪي سان انهن ادارن جي انتظاميا ٽريڊ يونين کي ديوار سان لڳائڻ ۽ اُن جي طاقت جو خاتمو آڻڻ لاءِ منظم منصوبو شروع ڪيو. سمورين خانگايل بينڪن ۾ ڊائون سائيزنگ جو عمل انتهائي جابراڻي طريقي سان شروع ڪيو ويو. جنهن جو هڪ مثال اهو آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ قديم واپاري بينڪ ملازمن کي روزگار کان محروم ڪرڻ جو عالمي ڪارڊ قائم ڪيو، جڏهن هڪ ئي ڏينهن ۾ ورڪ مين ڪيڊر جي اٽڪل اڍائي هزار ماڻهن کي ۲۰۰۶ع ۾ روزگار مان ڪڍيو ويو. ڊائون سائيزنگ ۽ ٿرڊ پارٽي ڪنٽريڪٽ ايمپلائمينٽ سسٽم لاڳو ٿيڻ جي نتيجي ۾ ان انڊسٽري ۾ ٽريڊ يونين جي ميمبرشپ هاڻ ڪل افرادي قوت جي ۱۰ سيڪڙو کان به گهٽ وڃي بچي آهي، جڏهن ته نجڪاري کان اڳ اهو تناسب ۷۰ سيڪڙو کان وڌيڪ هو. سمورين بينڪن خاص ڪري ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ قديم چئي ويندڙ بينڪ ۾ ٽريڊ يونين سرگرمين تي اڻ اعلانيل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ انهن جون آفيسون بند ڪيون ويون آهن. گذريل ۲۷ سالن کان ورڪ مين ڪيٽيگري سان واسطو رکندڙ ملازمن جي ڪيڊر ۾ ڀرتين جو سلسلو بند آهي. جڏهن ته آفيسر ڪيڊر ۾ ڀرتيون جاري آهن. آئوٽ سورسنگ جي صورتحال اها آهي جو طبي سهولتن کي نجي انشورنس ڪمپني جي حوالي ڪيو ويو آهي. نوبت هاڻ ايستائين پهچي چڪي آهي جو يوٽيليٽي بلز وصولي جا ڪيش ڊپارٽمينٽ به خانگي ڪمپني کي آئوٽ سورس ڪيا پيا وڃن. حالتن جو جبر اهو آهي ته ملازمن کي اُنهن جي سماجي زندگي کان به محروم ڪيو پيو وڃي، ڇنڇر ۽ آچر جي گزيٽيڊ هفتيوار موڪل تي به خاص اختيارن تحت انهن بينڪن ۾ حاضر ٿيڻ ۽ دفتري معاملن کي ڏسڻ جو حڪم ڏنو وڃي ٿو ۽ ان حوالي سان ڪا تنظيم سوال اُٿارڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي. انهن بدترين ۽ مزدورڪش حالتن ۾ اسان کي شهيد عثمان غني جهڙين شخصيتن جي انتهائي ڪمي محسوس ٿئي ٿي. اهڙين شخصيتن جن پنهنجو تن، من، ڌن سڀ ڪجهه پورهيتن جي حالتن ۽ اُنهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ قربان ڪري ڇڏيو. اهو درست آهي ته سرمائيداراڻي نظام جي جبر پنهنجي پوري قوت سان انهن ادارن تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ هو پنهنجي ظالماڻي ۽ غير قانوني قدمن کي پنهنجي خواهش موجب اُنهن کي قانوني طور استعمال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا آهن پر اها صورتحال سدائين برقرار رهڻ واري نه آهي. شهادت جي چووهين ورسي جي موقعي تي اسين شهيد عثمان غني جي خدمتن ۽ اُن جي قربانين کي پورهيتن پاران خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ۽ اسان کي يقين آهي ته شهيد جي فرزند ارجمند هن جي سڀ کان وڏي پٽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻ صوبائي وزير سعيد غني پنهنجي عظيم والد جي نقش قدم تي هلندي پورهيتن ۽ مظلوم غريب طبقي جي حالتن ۾ مثبت تبديليون آڻڻ لاءِ هميشه جيان پنهنجي جدوجهد جاري رکندو.
عثمان غني
شهيد
مزدور اڳواڻ
حبيب الدين جنيدي
مزدور تحريڪ ۽ ان جي حوالي سان جدوجهد ۽ جيل جون اذيتون
برداشت ڪندڙ اڳواڻن جو وڏو انگ اڄ به اسان جي معاشري ۾ موجود آهي، پر ان جدوجهد ۾
پنهنجو سِر جو نذرانو پيش ڪندڙ بينڪنگ ڊسٽري جي واحد اڳواڻ شهيد عثمان غنيءَ جي اڄ
ڇويهين ورسي آهي. عثمان غني ۱۹۴۸ع ۾ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن اين
جي وي هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ڪئي، جڏهن ته گريجوئيشن ڪراچي يونيورسٽي مان ڪئي ۽
مسلم ڪمرشل بينڪ ۾ ملازمت اختيار ڪئي. هو شروع کان ئي انقلابي ۽ مظلوم مزدور طبقي
جي حمايت ۾ انتهائي پرجوش خيال رکندڙ هو. ساڳيءَ سوچ کيس مزدور تحريڪ ۽ پيپلز پارٽيءَ
ڏانهن آندو ۽ هو ۱۹۷۶ع ۾ مسلم ڪمرشل بينڪ لميٽڊ جو سي
بي اي يونين جو مرڪزي صدر چونڊجي ويو ۽ اهڙيءَ ريت ڏسندي ئي ڏسندي سندس شمار ملڪ ۽
پ پ پ جي ممتاز اڳواڻن ۾ ٿيڻ لڳو.
مزدور تحريڪ ۾ عثمان غني شهيد کي هڪ فائيٽر ۽ قربانيون ڏيندڙ
اڳواڻن ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ به هُن شهيد بينظير
ڀٽو جي قيادت ۾ جدوجهد ڪئي ۽ قيد و بند جون اذيتون خوش دليءَ سان برداشت ڪيون. ڄاڻ
موجب عثمان غنيءَ جو شمار انهن مزدور اڳواڻن ۾ ٿيندو آهي، جن محنت ڪشن جي حقن جي
تحفظ لاءِ ڪيترائي ڀيرا جيل ڪاٽيو ۽ هو ان تحريڪ جو غالبن واحد اڳواڻ هو جنهن کي
قتل به ڪيو ويو. عثمان غني مسلم ڪمرشل بينڪ ۽ ٻين بينڪن جي ملازمن جي حقن لاءِ به
مثالي جدوجهد ڪئي ۽ ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سمجهوتو نه ڪيو ۽ اِهو ئي سبب آهي جو
بينڪ ملازم اڄ به کيس پنهنجو هيرو قرار ڏيندا آهن.
شهيد عثمان غني کي آخري ڀيرو نواز شريف جي دورِ حڪومت ۾
نجڪاري پاليسي ۽ مسلم ڪمرشل بينڪ جي پرائيويٽائزيشن جي خلاف تحريڪ ۾ کيس ۱۹۹۱ع جي
شروعات ۾ گرفتار ڪيو ويو. ان گرفتاري ۽ جيل ۽ قيد دوران هي ڪالم لکندڙ کي به ساڻس
گڏ رهڻ جو شرف حاصل ٿيو. مزدورن جي چيڀاٽيل طبقي جي لاءِ پنهنجي حياتي قربان ڪندڙ
هن عظيم مزدور اڳواڻ کي عوام دشمن ۽ ڏوهارين ۱۸ سيپٽمبر ۱۹۹۵ع
جي صبح جو هڪ منحوس وقت ۾ کيس شهيد ڪري ڇڏيو، جڏهن هو پنهنجي اباڻي گهر کان پنهنجي
دفتر واقع هيڊ آفيس ايم سي بي جي لاءِ روانو ٿيو هو ته چنيسر ڳوٺ ڪالا پل مٿان
سندس ڪار تي فائرنگ ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو.
عثمان غني کي اسان کان وڇڙئي ڇويهه سال گذري چڪا آهن پر
هن جي ياد اڄ به لکين دلين ۾ تازي آهي. جڏهن ته شهيد هاڻ اسان جي وچ ۾ موجود ناهي
پر هن جو پٽ سعيد غني پنهنجي عظيم پيءُ جي نقشِ قدم تي هلندي اڄ به مظلوم طبقي جي
حقن جي تحفظ لاءِ عمل واري ميدان ۾ موجود آهي. هُو هن وقت محنت واري صوبائي ۽ پ پ
پ ڪراچي ڊويزن جي صدر جي حيثيت سان فرض انجام ڏئي رهيو آهي ۽ حڪومتي ريڪارڊ شاهد
آهي ته هن پنهنجي وزارت واري دور ۾ محنت ڪش طبقي جي مفادن جي تحفظ لاءِ مثالي
قانون سازي ڪرائي، جنهن جو سلسلو اڃا به جاري آهي. اسان هن نوجوان سياستدان جي
روشن مستقبل لاءِ دعاڳو آهيون.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۷ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا