امان الله “مفلح”
مهر
شخصيت ۽ شاعري
حسيب ناياب منگي
امان الله “مفلح” مهر جو شمار
سنڌ جي انهن شاعرن جي ٽولي ۾ ٿئي ٿو جيڪي سنڌ اندر مشاعرن ۾ شعر پڙهڻ واري روايت
کي قائم رکندا آيا. هنن غزل ۽ نظم پڙهي خوب داد حاصل ڪيو. ڪڏهن مولودن جي محفل
سجائي، ڪڏهن عيد مشاعرن ۾ پنهنجي جذبات جو اظهار ڪندي سپرين جي تعريف ڪندا ته ڪي
وري پرين کي ڏوراپا ڏيڻ وارا ڪلام لکي ايندا. ڪافين ۽ واين جي محفل الڳ لڳندي هئي
تنهن جو ته ماحول ئي نرالو هوندو هو. ڪڏهن “شاهه سائين” ته ڪڏهن “سچل سائين” ۽ “بيدل
سائين” توڙي ٻين شاعرن جي تتبع ڪندي لکندا، پڙهندا ۽ مقامي راڳي سندن ڪلام کي ڳائي
کين خوش ڪندا هئا. محرم جي مهيني ۾ محفل مسالمه جو انتظام ڪري ان ۾ حصو وٺندا هئا.
هندستاني گيتن جي طرز تي به ڪلام لکي وٺندا هئا. پنهنجي بياض جي صفحن مان ڪن ڪلامن
جي چونڊ ڪري ننڍڙيون چوپڙيون ڇپائي سرها ٿيندا هئا. انهن چوپڙين جو اڄ جي دور ۾ هڪ
خاص مقام آهي. ماضي جي محنت اڄ جي دور ۾ اهميت حاصل ڪري ورتي آهي.
امان الله “مفلح” مهر سنڌي ٻولي
جو گهڻ رخو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس ڪلام تي نظر وجهڻ کانپو معلوم ٿئي ٿو ته هو
غزل جي صنف کي محبوب رکندڙ شاعر هو. جيتوڻيڪ هن حمد، نعت، مولود، مرثيه، منقبت،
گيت، نظم ۽ چوسٽا به لکيا آهن پر غزل جي صنف ۾ هن کي خاص ملڪو حاصل هو. هجر ۽ وصال
دلڪشي ۽ عشق کي سادگي سان بيان ڪري ويو آهي. جيتوڻيڪ سندس خيال به عام رواجي شاعرن
وانگر آهن پر “مفلح” وٽ خيالن جي ڏي وٺ محبت جي پاڪيزگي ۽ جذبات جي فراواني الڳ
آهي.
يار منهنجي کي سدائي دل کسڻ جو شوق آ،
مونکي ڀي محبوب اڳيان دل ڏيڻ جو شوق آ.
ساهه کي صدقي ڪري سهڻي ٻڏي درياه ۾،
پنهنجي ميهر لا مونکي ڀي ٻڏڻ جو شوق آ
مثل سسئي جي ٿو سمجهان مون به سڃ سارو شهر،
هن جدائي کان مونکي “مفلح” مرڻ جو شوق آ.
امان الله “مفلح” مهر جي زندگي
مفلسي ۾ گذري، هُن جي شعرن ۾ ڪٿي ڪٿي ان جو نه صرف اظهار ملي ٿو پر ناسازگارحالات
کي منهن ڏيڻ جا مثال به پيش ڪري ٿو. ڏکن ڏوجهرن کي سماج آڏو ظاهر ڪرڻ لا به چوي ٿو
۽ پڻ ٻڌائي ٿو ته هڪ گهڙي به سک جي گذاري ناهي. اهڙن جذباتن جو اظهار هيٺين ڪويتا
۾ پڙهي سگهجي ٿو:
چوي ٿي دل ڪيان ظاهر اندر جو دک عيان پنهنجو،
زبان صبر روڪي ٿي بيان ڪر تون نهان پنهنجو.
لڪي ٿو نا لڪائڻ سان ڍڪڻ سان ڪيئن ڀلا ڍڪجي،
سندم قاتل جي دامن تي لکيل آ داستان پنهنجو.
گهڙي سک جي نه گهاري ڪا دنيا دير فاني ۾،
پرائي ديس تي دعوي ڪريان ڪيئن آ جهان پنهنجو.
حوادث مون ڏٺا ڏاڍا چڪر ڪيئي فڪر ڪيئي،
اڃان ڀي ڇا چوان آهي زمين ۽ آسمان پنهنجو.
اڃان ڇو خواب غفلت ۾ مدهوش تون “مفلح”،
پرائي ديس ڌاريئي کي ٿو سمجهين تون مڪان پنهنجو.
اها حقيقت آهي ته امان الله “مفلح”
مهر کان گهڻا ئي اڻواقف هوندا. هو ته انهن سڀني کان وسري چڪو آهي جن کيس ڏٺو يا
ٻڌو هو. مون جڏهن هن جو ڪلام ڪٺو ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ سندس ڇپيل ڪتابچن جي ڳولا شروع
ڪئي تڏهن نه ته “مفلح” کين ياد هو نه ئي “مفلح” جون ڇپيل چوپڙيون ڪن وٽ دستياب
هيون. گهڻي ڳولا ۽ حيلن وسيلن کانپو مون کي جيڪي چار ڪڻا سندس ڪلام جا مليا آهن تن
کي ڏسي سندس پورهئي تي داد ڏئي سگهجي ٿو.
غزل ۾ لذيذ زبان ۽ شيرين انداز بيان سان گڏوگڏ رواني به سندس ڪلام جي
خصوصيتن ۾ شامل آهي:
عشق آخر عشق آهي ڇا حقيقت ڇا مجاز،
عشق شاهن شاهه آهي عشق ۾ قدرت جو راز.
عشق جاتي رسي ات نا رسي وهم و گمان،
اعلي منزل ماڻي ٿو هي عشق جو جهونو جهاز.
عشق آيو عشق مان ايجاد ٿيا جمله جهان،
عشق اول عشق آخر عشق جي عمردراز.
امان الله “مفلح” مهر جي شاعري
روايتن جي راهه تان گذرندي ٿي رهي ۽ هو قديم رنگ ۾ جيڪي ڪجهه لکي ويو آهي سو فن ۽
مقصد کان خالي نه آهي. پهاڪن ۽ چوڻين جي استعمال سان گڏوگڏ هن فارسي ۽ عربي شعرن
جون سٽون به پنهنجي تخليق ۾ شامل ڪيون آهن:
مرسل رسيو اڄ لامڪان بلخ العلي بڪماله،
روشن ٿيا هر دوجهان ڪشف الدجي بجماله.
خلق عظيم خلق آن حسنت جميع خصالحه،
دل سان پڙهو اي مومنان صلو عليه وآله.
امان الله “مفلح” به سنڌ جي
انهن شاعرن منجهان هو جن جو فن شاعري جي هر صنف تي حاوي هو. مختلف صنفن جي آسان
توڙي سنگلاخ زمين تي “مفلح” جي طبع آزمائي دلڪش نقش ڇٽيا آهن. شاعر جا اهڙا تجربا
سندس ذوق جو مظهر آهن. نعتيه ڪلام هجي يا عشقيه هو پنهنجي ذوق کي تڪميل تي پهچائڻ
۾ ڪامياب نظر اچي ٿو
دين دنيا ۾ ڌڻي مشڪل مڙئي آسان ڪر،
حيدر ڪرار حضرت علي جي واسطي.
دعا ڌڻي مقبول ڪر محنت سجائي ٿي سڀئي،
شاهزادي شه حسن اهل دعا جي واسطي.
ماءُ پيءُ منهنجي کي مولا جنت الفردوس ڏي،
لخت پيغمبر شهيد ڪربلا جي واسطي.
تنهنجي رحمت کي ڏسي “مفلح” سڏايان ٿو سدا،
ٿو رکان هي آسرو روز جزا جي واسطي.
امان الله “مفلح” مهر جي ڪلام
جو چڱو حصو حضرت امام حسين عليه السلام ۽ ڪربلا واري واقعي جي پس منظر ۾ لکيل آهي.
هو بي خوفي سان حق جو نعرو لڳائڻ وارو ۽ اهلبيت رسول صه جو حبدار هو.
هرقدم تي صبر جو جوهر ڏيکارڻ ياد آ،
تير کائي تنهنجو اهو مسڪرائڻ ياد آ.
ياد آ پاڪن جو گريو بعد تنهنجي اي امام،
دين لا تنهنجو اهو سڀ ڪجهه لٽائڻ ياد آ.
جيتوڻيڪ امان الله “مفلح” مهر
جو فن قديم قدرن جو حامل آهي پو به ڪلام جي دلڪشي رنگيني ۽ سلاست توڙي رواني ڏسڻ
ٻڌڻ ۽ پڙهڻ وٽان آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس شخصيت ۽ فن جو اڀياس ٿيڻ گهرجي ۽
سندس ڪلام جو مجموعو ڇپجي ظاهر ٿيڻ گهرجي. امان الله “مفلح” مهر ۱۵
جنوري ۱۹۱۶ع تي پيدا ٿيو ۽ ۲۸
جنوري ۱۹۸۶ع تي شڪارپور ۾ وفات ڪري ويو. هن هيٺ سندس ڪلام جو نمونو
پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو:
جڏهن ديد سان ديدان اٽڪن ٿيون،
تڏهن دوست دليون ٻئي ڦتڪن ٿيون.
هڪ گهور سان دل کي گهاو ڪرن،
لنگهي سيني مان هن پار پـــــــــون.
“مفلح” پيار ڪرڻ کان ڪين رهن،
ڏس لاءِ مـــحـــبــــت لــــــٽــجن ٿيون.
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــ
No comments:
راءِ ڏيندا