; سنڌي شخصيتون: فقير محمد سنڌي

23 March, 2022

فقير محمد سنڌي

فقير محمد سنڌي

وڻندڙ نثر جو ليکڪ، شاعر جي روپ ۾

حسيب ناياب منگي



سنڌي ادب جي موجوده دور ۾ تاريخ ۽ ڪردارن جي تذڪرن سان جن قلمڪارن جوانيءَ ۾ ئي پاڻ ملهايو آهي، انهن ۾ فقير محمد سنڌي به شامل آهي، جنهن کي آئون بنيادي طور تي نثر نويس سمجهندو آهيان، ڇو جو ڏيهي توڙي پرڏيهي شخصيتن جا خاڪا ۽ تاريخ جا ورق لکندو ۽ سهيڙيندو نظر ايندو آهي. هن جي محنت ۽ ڪوشش کي ڏسي ان ڳالهه جو اظهار ڪرڻو پوندو آهي ته نثر جي پاسي ڏي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن جو تعلق اگر ايترو ئي مضبوط ۽ تيزي سان رهندو آيو ته نثر جي بلندي نظم کان به وڌي ويندي. فقير محمد سنڌي جنهن سان منهنجو تعلق پڙهڻ جي حد تائين ته پراڻو آهي پر هڪ ٻئي جي ويجهو تمام ٿورڙي وقت کان ٿيا آهيون. مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته هن جي شخصيت ۾ اهڙو اثر آهي جو جلدي ۾ غير کي پنهنجو بڻائي ڇڏيندو آهي. پاڻ ته آهي ئي سڀني جو! صرف شاعرن سان ئي نٿو نڀائي، هو ته اديبن، گلوڪارن، صحافين ۽ سياستدانن جا به خاڪا لکي چڪو آهي. وقت نه هوندي به وقت ڪڍي لفظن سان راند کيڏڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي. پر مون کي هتي اهو لکندي خوشي پئي ٿئي ته اسان جا ليکڪ تاريخ ۾ دلچسپي وٺندي تحقيق ڪري ڪي ٺوس ثبوت ۽ مستند حوالا ورقن جي زينت بڻائي ادبي فرض ادا ڪرڻ ۾ جيڪو وس نٿا گهٽائن سا اسان جي ادبي حصي جي ڪاميابي آهي. فقير محمد سنڌي ته ان حوالي سان پنهنجي همعصرن ۾ تمام گهڻو نڀاهيو آهي. هڪ قلمڪار جي اها ڪوشش ڪامياب ويندي آهي ته هو پنهنجي دور جي نوجوانن کي معلومات پيش ڪري، مون کي اها پڪ آهي ته فقير محمد جي پورهئي مان اسان جي پڙهندڙن گهڻو لاڀ حاصل ڪيو هوندو، ڇو جو فقير محمد سنڌي جاکوڙي قلمڪار آهي ۽ گهڻي محنت سان پنهنجو پيار جو پورهيو سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ شامل ڪندو رهي ٿو.


فقير محمد سنڌي نثر نويس سان گڏ بهترين طبعيت جو مالڪ آهي. سٺو دوست ۽ ڌرتي سان وفادار آهي. هن جي شخصيت جو هڪ پهلو صحافت سان به ڳنڍيل آهي. پنهنجي ڪم سان سچو ۽ مخلص رهي ڪري هن جيڪا عزت حاصل ڪئي آهي ۽ محبت جا موتي ميڙيا آهن تن جو حقدار به آهي. ڪهاڻيون به لکندو رهي ٿو. سندس ڪهاڻين جو موضوع به سماج جا اهي ماڻهو آهن جيڪي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جا شڪار ٿيا آهن. مظلومن جي فرياد ۽ ظلم توڙي ظالم لاءِ للڪار ثابت ٿيڻ جا مثال سندس ادبي پورهئي ۾ نظر اچي رهيا آهن. اها قدرت جي خاص عطا آهي يا ڏات جي رضامندي جو هو هڪ ئي وقت مختلف ادبي حصن ۾ پنهنجو تخليقي پورهيو شامل به ڪري ٿو ۽ ڪامياب به ٿي ڏيکاري ٿو.

فقير محمد سنڌي جو پورهيو صرف اخبارن ۽ رسالن ۾ ئي ڇپيل نٿو ملي سندس تخليقي ۽ ترتيب ڏنل ادبي پورهيو ڪتابن جي صورت ۾ به پڌرو ٿيو آهي. هو پنهنجي ڪم سان سچو آهي ۽ سچائي سان پنهنجو ادبي پورهيو ڪري رهيو آهي.

فقير محمد سنڌي شاعر به آهي. هن جي شاعريءَ ۾ خلوص، وفاداري، ويجهڙائپ، پنهنجائپ، عملي سجاڳي، محبت، محبوب جي ساراهه، پيار ۾ دغا، ڌرتيءَ سان وفا ۽ ٻيا گهڻا ئي سبق ملن ٿا. فقير محمد سنڌي غزل ۽ نظم ته خوب لکي ٿو پر واين ۾ ته ڪمال جي گهرائي ۽ واه جي بياني آهي. هن جي اندر جو آواز مون کي پرين کي ڏنل دعائن ۽ بلبلين جي نغمن جهڙو ٿو لڳي. هن جي شاعري بيضميرن لاءِ ڪنڊو ۽ وطن جي وفادارن لاءِ موتين جي دٻلي مثل آهي.

فقير محمد سنڌي جي شاعري احساسن جا اولڙا ۽ انسان جي اندر ۾ اڌمن جا عڪس سمايل آهن. هن جي شاعري ۾ اوندهه کانپوءِ روشني ۽ ماٺ کانپوءِ گونج جڏهن پيش پئي ٿئي ته شاعريءَ جو مقصد واضح ٿي اسان جي سامهون ٿو اچي ته شاعر حقيقت جو حوالو پيش ڪندو آهي ته اميد جي روشني به ڏيکاريندو آهي. پنهنجي اجرن خيالن سان بيجان لفظن ۾ روح وجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. فقير محمد سنڌيءَ جون وايون به اهڙي طرز جون سرجيل ٿيون محسوس ٿين:

ديپ ٻاري هلو،

يار جي پار ڏي.

يار ساري هلو،

واڳ واري هلو.

يار جي پار ڏي.

واري واري هلو،

پر پڪاري هلو.

يار جي پار ڏي .

ڌن ڌڪاري هلو،

غم وساري هلو.

يار جي پار ڏي

دل ڌتاري هلو،

سڀ قطاري هلو.

يار جي پار ڏي.

يار جي پار ڏي.

فقير محمد سنڌي جي غزلن ۾ محبت جا رنگ پنهنجا عڪس چٽا ٿا ڏيکارين. هو واعدن، اقرارن، وفائن ۽ چوٽ لڳڻ جي حالتن کي خوبصورتي سان بيان ٿو ڪري. هن وٽ درد ۾ به دلاسو آهي ۽ پنهنجي ارادن ۾ پختگي ۽ حوصلي جي بلندي جو ڏس ٿو ڏيئي:

ملن کڻي جي سوين سزائون وچن وفا جا،

نڀائبا، ساڻ ولولا سڀ بلند آهن.

فقير محمد سنڌي جي ڪلام ۾ محبت جي ڳالهه سان گڏ ديس جي ڳالهه ۽ ديس وارن کي همت ۽ حوصلي جي سبق ڏيڻ جو مثال به ملي ٿو:

تون ڪيل پنهنجا وچن واري نه ڇڏ،

ڏي اچي پاڻي پرين اقرار کي.

سنڌ ۾ ڇو نفرتن جو ڄار آ،

آءُ ٽوڙيون پاڻ “سنڌي” ڄار کي.

فقير محمد سنڌي جا چوسٽا به لاڀائتا ۽ اثرائتا آهن. هن محنت ۽ محبت سان پنهنجي پورهئي کي پيش ڪيو آهي. سندس نثري جاکوڙ کيس تاريخ جي صفحن ۾ محنتي ثابت ڪندي جڏهن ته شاعري وارو پورهيو کيس لفظن جو ڪاريگر شاعر بڻائيندو ڇو جو هن وٽ شعر ۾ رومانويت سان گڏ سماج جي عڪاسي پيش ڪرڻ جو به ڏانءُ آهي.

پرين پيار وارو گهٽين ۾ ائين،

پيم يار ڇرڪي، اويلو ڏسي،

نهاري قدم تيز کڻندي وئي،

پئي ڌڙڪي دلڙي اڪيلو ڏسي.

ـــــــ

وڏي ڪري دل، قدم وڌايو،

جفا جي بدلي وفا ڪندو ڪر،

ڏسو نه ماڻهو جي ذات ڇاهي،

خطا جي بدلي عطا ڪندو ڪر.

اسان جو پيارو ساٿي فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي ۾ ۷ جنوري ۱۹۸۳ع تي پنهنجي والد دين محمد جي گهر ۾ پيدا ٿيو، ديني علم سان گڏ دنياوي سندون به حاصل ڪيون اٿائين. ريڊيو پاڪستان سان به وابسته آهي. ادبي تنظيمن ۾ به پنهنجون لياقتون پڌريون ڪندو رهي ٿو. خدا کيس خوش رکي ۽ صحت عطا فرمائي. آمين.

 

(ڏھاڙي ڪوشش سکر ۾ ۸ جنوري ۲۰۲۲۲ع تي ڇپيل)


 

فقير محمد سنڌي

ناميارو صحافي، شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر

ساجد مسڻ

لاڙڪاڻي ضلعي کي ليکڪن، شاعرن، اديبن، دانشورن تاريخدانن ۽ محققن جو آستانو چيو ويندو آهي، جن هر دور ۾ پاڻ ملهايو آهي. لاڙڪاڻي جي چيڪي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ فقير محمد سنڌي به هڪ آهي، جنهن ٿورڙي ئي عرصي ۾ وڏو نانءُ ڪمايو آهي.

سندس جنم ۰۷ جنوري ۱۹۸۳ ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.

فقير محمد سنڌي پرائمري جي تعليم شاهه محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻي مان پرائي جڏهن ته مئٽرڪ ۱۹۹۸ ع تي گورنمينٽ پائلٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪئي وري انٽر ۲۰۰۰ ع ۾ ڪيائين، انٽر ڪرڻ کانپوءِ بي-اي ۲۰۰۳ع ۾ سچل سرمست اوريئنٽل ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائين.

کيس ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق هيو، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ماسٽر جي ڊگري سنڌي ادب ۾ ۲۰۰۵ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي، دنوي تعليم کان علاوه سندس ديني تعليم واري قابليت به ڏسڻ وٽان آھي ،جنهن ۾ پاڻ مولوي، عالم ۽ فاضل جو ڪورس ۱۹۹۸ع پاس ڪيو آهي،ان کان علاوه پاڻ درس نظامي جو ڪورس ۱۹۹۵ع کان ۲۰۰۱ع تائين مدرسه جامعيه عربيه جيلاني مان ڪيو آهي، جنهن مان هن سندالفراغ سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري مڃتا پڻ ماڻي آهي.

فقير محمد سنڌي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق پڻ آهي، پاڻ هر موضوع تي قلم آزمائي ڪندو رهيو آهي، سندس سڃاڻپ جو خاص حوالو دوستن جي نون آيل ڪتابن تي سڀ کان پهرين ڪيل بهترين تبصرا آهن. ان کان علاوه پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو پڻ وڏو خيال رکندڙ آهي، جتي به کيس ڌاري ٻوليءَ جا لفظ سامهون ايندا آهن ته انهن کي هٽائي، ان جي جاءِ تي ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ڪتب آڻيندو آهي.

جيڪڏهن سندس علمي خدمتن تي نظر ڦيرائينداسين تي اسان کي معلوم ٿيندو ته سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ،شعري مجموعو، وچن وفا جا ۲۰۰۴ ع تي ڏاهپ پبليڪيشن قنبر شايع ڪيو، ٻيو شعري مجموعو، جاني جيون جوڙ، ۲۰۰۸ع ۾ قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو شايع ڪيو ،گڏيل شاعري جو مجموعو، قلمڪار ڪوي ۲۰۰۹ ع۾، عظيم هستين جا عظيم قول ۲۰۱۲ع تي قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو طرفان شايع ٿيو، سنڌ جي تاريخ( سهيڙيل تاريخ وار) آڪٽوبر ۲۰۱۳ ع تي قلمڪار پبليڪيشن شايع ڪيو، گڻ جنهن جا ڳائن ماڻھو، حفيظ کوهاري جي شخصيت ءِ فن تي، قلمڪار پبليڪيشن پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا.

ان کان علاوه سهيڙ ۾ سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق. جيڪو سينيئر اديب سائين جي ايم رئيساڻي جي زندگيءَ بابت تاثرات لکيل آهن، سونهن سمبارا( ريڊيو اسڪرپٽ ) ۲۰۱۶ع ۾ شايع ٿيو ۽ اهڙي طرح ۲۰۲۰ع تي قلمڪار پبليڪِشن پاران ڪتاب، "تاريخ جو منظر ۽پس منظر” شايع ڪيو آهي . سندس پوکيل هيترا سارا گل سنڌي ادب جي باغيچي ۾ خوشبو پکيڙي ذھنن جي ذرخيزي ڪري رهيا آھن.

سندس ڪيل ادبي خدمتن ۾ نوجوان ادبي فورم، لاڙڪاڻي جو رابطه سيڪريٽري ،اياز ادبي اوطاق جو سنڌ جو سيڪريٽري جنرل،قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو جو نگران،ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو ۲۰۰۶ع کان ،ايڊيٽر ٻه ماهي قلمڪار مئگزين لاڙڪاڻو، ايڊيٽر سجاڳ مئگزين لاڙڪاڻو، ايڊيٽر سلسليوار اخبار قلمڪار لاڙڪاڻو ۽ ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر روزاني ”ارادو “ لاڙڪاڻو شامل آهن.

سندس ڪيل خدمتن ۾ سائين فقير محمد سنڌي جون ڪاوشون ظاهر آھن، فقير محمد سنڌي جي ادبي سڃاڻپ، شاعر، اديب، ڪالم نگار، ايڊيٽر، صحافي ۽ ڪمپيئر طور اسان سڀني وٽ مشهور آهي.

فقير محمد سنڌي طبيعت ۾ خوددار ۽ باضمير هجڻ ڪري ڪنهن جي به آڏو هٿ نه ٿو ٽنگي، نه ئي ڪنهن سرڪاري ڪاموري آڏو پنهنجو پاڻ کي پيش ڪري ٿو، سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جي ڊگهي لسٽ آهي، جنهن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.

اڻ ڇپيل ڪتاب.

* ڏات جو ڏيھ. (خاڪا ۽ ڪتابن تي تبصرا)

* هر ڏينهن صليب تي. (روزانو ارادو لاڙڪاڻو جا لکيل ايڊيٽوريل )

* تاريخ جو منظر ۽ پسمنظر (سهيڙيل تاريخ وار )

* منهنجو لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو. (ريڊيو اسڪرپٽ)

* ڏات جرڪي ٿي ڏيھ ۾ (ڏاهپ اخلاقيات )

*لاڙڪاڻو موتين مالها . (شخصي خاڪا )

* لاڙڪاڻي جا صاحب ڪتاب . (ڪتابن جو مشاهدو)

*سڏڪا سڏڪا سنڌ (شعري مجموعو )

* سائي ڌرتي. (زرعي ۽ سماجي خاڪا)

* نڪ ۾ ناڪيلي. (ڪهاڻين جو مجموعو)

هاڻي ڏسجي ته ڪهڙو قدردان سندس ڪتابن کي شايع ڪرائي سندس علمي و ادبي حوصلا افزائي ڪري ٿو.

هتي جيڪڏهن سندس شاعري جو ذڪر ڪيون ته اها به اسان کي منفرد محسوس ٿيندي.

پنهنجي محبوب جي ياد کي ساريندي چوي ٿو ته :

ھر رات يار تو کي ساري سمهي پوان ٿو

محبوب مون کي تنهنجي سپنن سان دوستي آ.

ٻئي هنڌ انتظار جي ڪيفيت کي هئين بيان ڪيو اٿائين.

مڃان ٿو ته اسان ڏي تون اچڻو نه آھين،

پر پوءِ به رستا نهاريندا آھيون .

ڪڏهن ڪڏهن کرو سچ ٻڌائيندي چوي ٿو ته:

مفادن تي وڪامي ٿو،

بڻيو بدڪار آھين تون .

ڪارو ڪاري واري ڪنڌي رسم تي خيال پيش ڪيو اٿائين:

ناحق جو واپار،

ڪارو ڪاري ڪار ،

آھِ تکي تلوار ـ

ريتن رسمن کي.

سنڌ جي سهڻي سرزمين جو ذڪر هن طرح سان ڪيو اٿائين.

سنڌوءَ ڪناري سهڻي ٿي ساري،

مومل جي ڌرتي امن جي ڌرتي،

ڌرتي آ ڌرتي آ ڌرتي آ !

فقير محمد سنڌي جي ٻي قابلِ ذڪر خوبي دوستن کي جنم ڏينهن تي شاندار ڀيٽا پيش ڪرڻ پڻ آهي، پاڻ انهن سمورن دوستن کي جنم ڏينهن تي ياد ڪندو آهي، جن جون علمي و ادبي خدمتون ٿيل آهن، جيڪو عمل پڻ حقيقي طور حوصلا افزائي، عزت افزائي ۽ همٿ افزائي واري زمري ۾ اچي ٿو.

فقير محمد سنڌي زنده دل انسان، خوش مزاج ۽ خوش طبع، يارن جو يار ۽ نيڪ نيت ۽ نيڪ سيرت انسان آهي.

شروع وارن ڏينهن ۾ مونکي ائين محسوس ٿيندو هيو ڄڻ ته پاڻ سنجيده، موڊي ۽ ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻهو هجي، پر وقت جي نزاڪت سان گڏوگڏ پاڻ ائين ثابت ٿيو آهي ڄڻ پاڻ مزاحيه ڪرادر ۽ ٻين کي کلائڻ وارو ڪم ڪندو هجي.

پاڻ پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻهو ۽ پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ وارو ماڻهو آهي.

اڄ هن پياري انسان جو جنم ڏينهن آهي، جنم ڏينهن جي موقعي تي سندس لاءِ کوڙ سارين دعائن ۽ نيڪ تمنائن جو دلي اظهار ڪجي ٿو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 


 

فقير محمد سنڌي

ادبي کيتر جو نامور اديب، شاعر، ليکڪ

پروفيسر ابراهيم لاشاري

پنهنجي سونهن ڀري سر زمين سنڌ منجهه اديبن جي ڪا به کوٽ محسوس نٿي ٿئي هن ڌرتي جو هر ڳوٺ شهر ڪنهن نه ڪنهن ادبي زوق واري شخصيت سان سرشار نظر اچي ٿو مڙني شهرن ،ڳوٺن منجهان وري لاڙڪاڻي شهر جي فضيلت ادبي ،توڙي سياسي ٻين شهرن کان نرالي محسوس ٿئي ٿي هن ادبي، سياسي شهر ۾ جنم وٺندڙ شخصيتن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري پنهنجو پنهنجي ديس ،شهر جو نالو نروار ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪمي محسوس ناهي ڪرائي اهڙين شخصيتن منجهان سنڌي ادبي کيتر جو بهترين مقام ماڻيندڙ سنڌ جو سرموڙ اديب، محقق، شاعر، صحافي، براڊڪاسٽر، ليکڪ،ڪالم نگار گهڻ رخي شخصيت جو ڏات ڌڻي فقير محمد سنڌي پڻ هڪ آهي فقير محمد سنڌي تهه سياري پاري واري مند منجهه پنهنجي ناناڻي گهر ترسيل امڙ جي گود منجهه سخت سئ ۷ جنوري ۱۹۸۳ع جمعي جي ڀلاري صبح باک ڦٽي مهل دين محمد جي گهر لاڙڪاڻي ۾ پهريون ساهه کڻي پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو، پاڻ ننڍي هوندي ذهين طبعيت جا مالڪ هئا سندس والدين غريب هوندي تربيت به نهايت سهڻي نموني جي ڪري هن کي نصابي علم حاصل ڪرڻ واسطي رواجي طور گورنميت پرائمري اسڪول شاهه محمد سنڌي لاڙڪاڻي منجهه ڦرهي هٿ ۾ ڏئي ويهاريو، جتان هن وڏي شوق سان سنڌي پنج درجا پاس ڪيا بعد ۾ فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي مشهور تعليمي اداري گورنمينٽ پائليٽ هايرسيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي منجهان مئٽرڪ جو امتحان امتيازي نمبر ۾ سال ۱۹۹۸ع ڌاري پاس ڪيو، پاڻ ساڳئي سال منجهه ديني تعليم سان پڻ آرستا ٿيندي مولوي، عالم ،فاضل جو امتحان پڻ سال ۱۹۹۸ع ڌاري پاس ڪري سند حاصل ڪيائين فقير محمد سنڌي تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي سال ۲۰۰۰ع نئين صدي جي شروعات ۾ ئي انٽر جي ڊگري سچل سرمت ڪاليج منجهان ڪري فارغ ٿيو ستت ئي گريجوئيشن جو امتحان پاس ڪري هو فقير محمد سنڌي پوسٽ گريجوئيٽ (ايم _ اي سنڌي ادب) جي ڊگري سچل سرمت ڪاليج لاڙڪاڻي منجهان سال ۲۰۰۶ع ڌاري حاصل ڪيائين، پاڻ تعليم جي سلسلي ۾ پنهنجي ڪلاس فيلو منجهان جست ۽ ذهين هوندي هن درسي نظامي جو ڪورس سال ۱۹۹۵ع کان ۲۰۰۱ع وڏي سخت محنت کان پوءِ مدرسه (جامعه عربيه جيلاني) مان ديني تعليم جي سند سندالفراغ سان فارغ التحصيل پڻ ٿيو،هن صاحب کي ننڍي وهي م ئي ادبي سرگرمين سان نهايت ئي دلي دلچسپي هوندي هئي ،پاڻ ڪيترن ئي ادبي، سياسي، سماجي ميڙاڪن ۾ بهرو وٺندو رهيو نيٺ وڃي پنهنجي من جو آواز دل منجهان ڪڍي عام خلق اڳيان نروار ٿيو سندس جي پهرين لکڻي (شاعري) ميرپور بٺوري منجهان شايع ٿيندڙ رسالي ( باک )جي زينت بڻي

هي پنهنجي ڏات وسيلي پرين جي آسري کي ڪهڙو نه عجيب رنگ ڏئي ٻڌائي ٿو

سج لٿو چاندنيءَ آ ڏنوآسرو

پيار جو کيچليءَ آ ڏنو آسرو

بيقراري ڏنئي، انتظارون اڃا

اڄ وري ڪاهلي ءَ آ ڏنو آسرو

بار دل تان لٿا، پيار جي سڌپئي

آس جو بزدليءَآ ڏنو آسرو

پيار وارو سنيهو سنڌي جو ٻڌي

دل وري ويسليءَ، آ ڏنو آسرو.

فقير محمد سنڌي ادبي دنيا منجهه سال ۱۹۹۵ع کان وٺي سلهاڙيل آهي پاڻ ٿورڙي عرصي ۾ سنڌي ادب کي ڪيترن ئي موضوعن تي ڪتاب لکي پنهنجي ڏات وسيلي هڪ بهترين مقام حاصل ڪري چڪو آهي هو اڄ ڏينهن تائين پنهنجي قلم جي نب سان سنڌي ادب کي آسودو ڪندي ڪڏهن ۾ ٿڪاوٽ محسوس ناهي ڪرائي سنڌي ادب جو هو ڏاهو اديب صوفي مشن، انسانيت جو پيروڪار پاڻ هڪ ادراري جهڙي حيثيت پڻ رکي ٿو سندس جي زندگي جا رنگ ئي نرالا نظر اچن ٿا پاڻ هڪ ئي وقت ڪيترن تمام گهڻو مشهور ڪمپئر پڻ آهي فقير محمد سنڌي ريڊيوپاڪستان لاڙڪاڻي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترا ئي ڀيرا در کڙڪايو مڱر وقت جي مغرور پروڊيوسرس سندس هر آڊيشن منجهه ناڪام پئي ڪيو مڱر هن ڏاهي سلڇڻي، سيبتي اديب همت نه هاري ان وقت جي اڳوڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر محترم محمد علي ٻانڀڻ جي زماني ڀاڳ جي ديوي ساٿ ڏنو پوءِ ته فقير محمد سنڌي پنهنجي من موهيندڙ انداز ۽ فن سان سال ۲۰۰۵ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندي نظر اچي ٿو سندس ريڊيو ٻڌندڙ ۾ وڏي پزيرائي پڻ حاصل ڪري ورتي آهي فقير محمد سنڌي صاحب ريڊيو تي جيڪي به اسڪرپٽ پڙهيا آهن پاڻ انهن اسڪرپٽن کي سهڻي نموني سهيڙي انهن کي( سونهن سمبار) نالي ڪتاب جي شڪل ڏئي ڇپرائي عام خلاق آڏو پيش ڪيو آهي هن جو هي ڪتاب ريڊيو لاءِ نهايت لاڀائتو ڪتاب پڻ ثابت ٿيو آهي سندس ڪتاب ۾سنڌي ادب سان سلهاڙيل ۽ ريڊيو جي براڊڪاسٽر دوستن جهڙوڪ محترم خليل احمد ڪاڪيپوٽو، علي مراد ٽانوري صاحب، مير بهادر علي مهر، محترم وسند علي مهر، محترم پروڊيوسر مشهد اوٺي صاحب، خالدحسين چانڊيو صاحب، مشتاق تنيو، سهراب گوپانگ، خاور قبولائي، حاجي حسين جلباڻي، عبدالجبار آزاد منگي، شرف الدين مغيري، ۽ محمد ايوب شيخ صاحب جا سيلف انٽريو وڏي اهميت جا حامل پڻ آهن ،هن ڪتاب ۾ فقير محمد سنڌي لوڪ ادب جي تمام سهڻي نموني پچار ڪري نصحيت ڀرين ڳالهين کان وٺي تمام شاندار مختلف شاعرن جي شاعري جي اپٽار پڻ ڪئي آهي ،انسانيت جو درس، امن ڀائيچاري جو پيغام مختلف شخصيتن جا قول پڻ هن ڪتاب جي زينت بڻيل آهن فقير محمد سنڌي جي ڪتاب (سونهن سمبارا ) منجهه قرآن پاڪ جا حوالا ،حديثون ،انکان علاوه جديد دور سائنسي علمي بحث لاجواب نموني پيش ڪري سنڌي ادب کي آسودو ڪري ڇڏيو آهي، فقير محمد سنڌي( سونهن سمبارا ) ڪتاب منجهه دنيا جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح، شيخ اياز، استاد بخاري، جي من جي آواز کي ڪتاب ۾ ظاهر ڪري شاعري کي نروار ڪيو آهي سنڌ جو هي برجستو اديب قلم ڪار پنهنجي ادبي پورهي وسيلي پنهنجو نالو ادبي لڏي جي ساٿين ۾ مشهور ڪرائڻ ۾ ڪامي ناهي ڇڏي سندس ادبي پورهيو به لاجواب نموني جو آهي سنڌي ادب جي جهول ۾ فقير محمد سنڌي ڪافي ڪتاب وچن وفا جا ۲۰۰۴ ع ،جاني جيون جوڙ ۲۰۰۸ع ،قلمڪار قوي، عظيم هستين جا عظيم قول، سنڌ جي تاريخ، گڻ جنهن جا ڳائڻ ماڻهو، سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق، سونهن سمبارا ڪتاب ڏئي سنڌي ادب جي سونهن ۾ مسلسل قلم جي نب سان اڄ ڏينهن تائين اضافو ڪندي نظر اچي ٿو فقير محمد سنڌي ادبي خدمتن ۾ ٻين اديبن کان پڻ پوئتي ڪين ناهي سندس خدمتن ۾ پاڻ روزاني ارادو اخبار لاڙڪاڻو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر ۲۰۱۷ع کان هن وقت تائين، پاڻ ٻه ماهي قلمڪار جو ايڊيٽر، ماهوار سجاڳ لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر، نوجوان ادبي فورم لاڙڪاڻي جو (رابطه سيڪريٽري ) اياز ادبي اوطاق سنڌ جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل، قلمڪار پبليڪشن ،لاڙڪاڻو جو نگران، ان کان علاوه ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو ڪمپئير جا فرض سرانجام ڏيندو رهي ٿو ان کان علاوه فقير محمد سنڌي جا سنڌ جي مختلف اخبارن، رسالن، ميگزين، منجهه مختلف موضوعن تي لکڻويون ڇپجنديون رهن ٿيو فقير محمد سنڌي جو هڪ بهترين موضوع ( ڇا ڏنو ڇا ورتو) روزاني عوامي آواز منجهه لکڻي زينت بڻجندو رهي ٿو، سندس هي موضوع پڙهندڙن ۾ نهايت مقبوليت ماڻي چڪو آهي ،هن نوجوان اديب فقير محمد سنڌي جي قلمي پورهي لاجواب نموني جو ڪوٺيو وڃي ٿو اڄ ۷ جنوري ۲۰۲۲جمعي ڏينهن ۳۹ ورهين جي ڄمار جي وهي کي پهتو آهي ادبي کيتر جو سرموڙ اديب اڄ ۳۹ هين سالگرهه پنهنجي گهر وارن۽ ادبي لڏي جي ساٿين سان ملهائيندو، منهنجي هن نماڻي طبعيت جي اديب ۽ ڏات ڌڻي لاءِ دعا آهي ته الله تعالي کيس وڌيڪ لکڻ جي صلاحيت عطا ڪري جئين هو سنڌي ادب کي پنهنجي ڏات سان نوازيندو رهي سندس جو ڪلام عرض ڪجي ٿو

نيڻن کي سمجهاءِ کيچل يار نه ڪن

محفل ۾ ئي تنگ، پنهنجو وار نه ڪن

ماري ٿو انداز تنهنجو مونکي يار

ڏيئي پنهنجو پيار دلبر ڌار نه ڪن

سهڻو تنهنجو حسن ماکي مرڪ مثل

ٻيئي تو انداز ٻي ڏي لار نه ڪن

آهن تو کان ڪي مليا تحفا سي،

ٻئي کي ظاهر ٿي تو اظهار نه ڪن.

سنڌي عاشق آ تنهنجو يار الا!

دل ۾ تنهنجي سار ٻي جي سار نه ڪن.

 

(ڏھاڙي عدالت لاڙڪاڻو ۾ ۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

فقير محمد سنڌي

جنھن جون تخليقون امر آهن....!

ڪوڙل قربدار

پنهنجي ٻوليءَ ۽ لوليءَ جي خدمت ۽ واڌ ويجهه لاءِ جن قلم کي گهوڙن جي ٽاپن جان تاريخن جي سينن تي ڊوڙايو آهي انهن آدرشي انسانن جي قابليت مڃتا لائق آهي. اهي آدرشي انسانن قومي شعور ۽ جاڳرتا جي مناسبت سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. جن حق ۽ سچ جي علم کي قلم جي چهنب سان رت جا ڏيئا روشن ڪري پيار ۽ محبت جا ٻج ڇٽيا آهن. ان جو نانءُ تاريخ جي سونهري ورقن ۾ پڙهيو ۽ ڳڻيو وڃي ٿو.

انهن انسانن مان فقير محمد سنڌي به جاکوڙي ۽ جستجو ڪندڙ آهي. جنھن جو جنم پنهنجي ناني جي گھر ۾ نانو پڌر لاڙڪاڻي ۾۰۷ جنوري ۱۹۸۳ع تي ٿيو . فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي محلي مراد واهڻ ۾ هن وقت رهائش پذير آهي.

فقير محمد سنڌي گورنمينٽ پرائمري اسڪول شاهه محمد سنڌي ۾ پنج درجا سنڌي پڙهيو ان کان پوءِ مئٽرڪ ۱۹۹۸ع تي گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪندري اسڪول مان پاس ڪيائين انٽر ۲۰۰۰ع ۾ سچل سرمست اورينٽيئل ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ بي اي ۲۰۰۳ ۾ ساڳي اورينٽيئل ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين، مولوي، عالم ۽ فاضل جو امتحان ۱۹۹۸ ۾ پاس ڪيائين، اهڙي طرح درسِ نظامي جو ڪورس ۱۹۹۵ کان ۲۰۰۱ع تائين مدرسه جامعه عربيه جيلاني لاڙڪاڻي مان سند الفراغ سان فارغ التحصيل ٿيو. فقير محمد سنڌي شاعريءَ جي ابتدا ۱۹۹۵ع کان ڪئي. جنهن جو پهريون استاد شاعر جمشيد رضوي مولوي فاروق احمد خاصخيلي، استاد شاعر جي ايم رئيساڻي مدئجوي، ان کان پوءِ سنڌ ڌرتيءَ جو دادلو شاعر اديب، گيتڪار محقق، مرتب ۽ ڇند وديا جو استاد سرمد چانڊيو کان مڪمل سکيا ورتائين. فقير محمد سنڌي ڌرتيءَ جو لائق شاعر ۽ نثر نويس آهي. جنهن جي لکڻين ۾ رومانيت، سماجيات ۽ مزاحمت جو سنگم شامل آهي.

منهنجي ملاقات ساڻس شاعر ۽ اديب سرمد چانڊيو جي بيٺڪ لاڙڪاڻي ميراڻي محلي ۾ ۲۰۰۶ع ۾ ٿي. هي کل مک ۽ مخلص جنهن جي ڪچهريءَ ۽ گفتگي ۾ ادب جي حوالي سان ڪجهه نه ڪجهه حاصل ٿيو. ان ادبي ڪچهريءَ کان پوءِ تمام ويجهڙا دوست ٿي وياسي. ادبي محفل يا نجي ڪچهرين ۾ ملندا آهيون ته پيار ۽ پنهنجائپ وارو رويو اختيار ڪندا آهيون.

فقير محمد سنڌي ادبي دنيا جو متحرڪ خدمتگار آهي. جيڪو مسلسل ادبي خدمتون نڀائي ٿو. پاڻ نوجوان ادبي فورم لاڙڪاڻي جو رابطا سيڪريٽري، اياز ادبي اوطاق جو سيڪريٽري جنرل، قلمڪار پبليڪيشن جو نگران، ارادو اخبار جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر ۽ ريڊيو پاڪستان جو ڪمپيئر آهي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان ڪافي پروگرام ميزباني نشر ٿين ٿا . اها هن جي خوش قسمتي چئجي ڇو ته اها سنڌي ادب ۽ ٻولي جي هڪ ڄاڻ به آهي جيڪا دل و جان سان پيش ڪري ٿو. سندس پروگرام هي آهن. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، سائي ڌرتي، سونهن سمبارا، سنڌ سرهاڻ انهن پروگرامن کي ٻڌڻ سان اسان کي ٻولي ۽ ادب جو ذخيرو ملي ٿو.

فقير محمد سنڌي جا ڪتاب جيڪي مارڪيٽ ۾ آيل آهن. سندن نالا هيٺ ڏجن ٿا:

وچن وفا جا ۲۰۰۴ع شاعري، جاني جيون جوڙ۲۰۰۸ع شاعري، قلمڪار ڪوي گڏيل شاعري، عظيم هستين جا عظيم قول، سنڌ جي تاريخ سلسليوار تاريخ، گڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو، فن ۽شخصيت حفيظ کوھارو، سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق ،جي ايم رئيساڻي زندگيءَ بابت ۽ سونهن سمبارا، ۲۰۱۶ع ريڊيو اسڪرپٽ ڪتاب جيڪي ادبي حلقن ۾ شهرت ماڻي چڪا آهن.

فقير محمد سنڌي جو ذريعه معاش ڪچي منڊيءَ ۾ ننڍڙو پرچون جو (هول سيل جو دڪان) پڻ آهي. جنهن تي ڪيترا ئي ادب دوست ۽ عام ماڻهو ايندا ويندا آهن. اتي هي ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهندو آهي. ڪڏهن ڪنهن فنڪار تي مضمون، ڪڏهن ڪنهن شاعر تي تاثراتي مضمون، ڪڏهن ڪنهن شاعر يا فنڪار جو جنم ڏينهن يا غزل گيت لکندي نظر ايندو آهي. فقير محمد جي طبيعت يگاني، قلندرانه، مجاز ۽ مزاج واري پسجي ٿي. سندس لکڻين تي پڙهندڙن جي طرفان چڱي سٺي موٽ ملي ٿي. فقير محمد سنڌيءَ جي مختلف ڪتابن مان سٺي ڄاڻ ملي ٿي. سندس شاعري ۽ نثر هڪ گلدستو آهي. جنهن ۾ سرخ ۽ سفيد گلن جي سڳنڌ موجود آهي. هن جي شعرن ۾ ٻهراڙيءَ جا ٻول عام جام ملن ٿا. سندس شعرن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ سولو آهي. جنهن وٽ سونهن جو سبب ۽ پنهنجو هڳاءُ هجي ٿو. اهو ڪنهن به تعريف يا تعارف جو محتاج ناهي. اهائي شاعري آهي جيڪا حقيقتن جي عڪسن کي انقلابي رخ ڏئي ٿي ۽ انا جي خول کان آجو ڪري ٿي.

ڏکن جون ڳالهيون لڪائي دل ۾،

کلي ٻين کي کلائڻو آهي،

شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو هڪ بيت آهي ته:

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،

متان ٿئي اونڌاهه، پير نه لهين پرينءَ جو،

ساڳئي پيرائي ۾ پنهنجي ڳالهه کي فن ۽ فڪر جي تارازيءَ ۾ تڪي ۽ توري انهيءَ پس منظر ۾ فقير محمد سنڌي چوي ٿو ته:

تتيءَ ٿڌيءَ کي ڏسي نه ڏسبو،

اگر جي چرخو هلائڻو آهي،

هن وٽ سنڌ ڌرتيءَ جو درد ۽ پيڙاهه آهي. جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ ڌڻين سان شاعريءَ ۽ نثر ذريعي گفتگو ڪندي ڏسجي ٿو ۽ درديلي دانهن ڪري عوام جي عدالت ۾ ڪهڙي طرح قطعي ۾ پيش اچي ٿو.

آدمي جي لاش کي چچريل ڏسي،

هي حشر انسان جو آ ڇو ٿيو،

ڪير سمجهي ڪنهن جو هي نقصان آ،

ها مگر رحمان جو آهي ٿيو،

فقير محمد سنڌي مطالعي ۽ مشاهدي جو شاعر آهي جيڪو ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو اهو ئي تاريخ جي پني تي لکي ٿو. جڳ مشهور روسي شاعر “يووتي شنڪو” پنهنجي هڪ مضمون ۾ متوجهه ڪرايو آهي ته جدوجهد شاعر جو ڪم ناهي هوندي پر جيستائين نا انصافي رهي هڪ عظيم شاعر ان خلاف جدوجهد کان پاڻ کي ڌار نٿو سمجهي سگهي. پر انساني ۽ روحاني قدرن جو تحفظ شاعر ۽ دانشور جو اولين فرض بڻجي وڃي ٿو. فقير محمد سنڌي جي هن غزل ۾ به سڏ ۽ پڪار ڪري پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن کي زماني جي ظالمانه روش کي چٽو ڪري مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته:

جبر جهالت جاري آهي،

ڀيڻ ڪئي ڪنهن ڪاري آهي،

يا

نياڻي ڪا ناحق ٿئي ٿي ڪاري،

انهيءَ لاءِ ڪوئي مددگار ناهي،

فقير محمد سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ پاڻ مڃرايو آهي. جنهن جون لکڻيون ڪيترين ئي دلين جون ترجمان آهن. هي احساس ڀريو تخليق ڪار آهي. جنهن جون تخليقون امر آهن.

دل ۾ درد ويهارڻ خاطر،

مٽ مئي جا هاري ڇڏيا ٿم،

هن جي غزل جو اڀياس دلچسپ ۽ من موهيندڙ آهي. جنهن جي لفظن ۾ ڌرتيءَ جي مسئلن جي اپٽار نهايت سهڻي طريقي سان ملي ٿي.

ساري ٻولي ٻاجهه ٻيلاٽي،

جيجل جهڙي جهولي آهي،

شاعر جي لفظن جي چونڊ بهترين آهي اها چونڊ شاعر جي شعر جي حسن ۾ اظافو ڪري ٿي. اچو ته تخيل وائي ۾ پڙهون:

مان ڌرتيءَ جو،

رول نه منهنجو ساهه،

او سنگتراش.

يا

ماڻهن ۾ ماڻهپو،

اڄ رهيو ڪو نه آ،

دنيا جي حوس ۾.

مشهور ادبي نقاد ٽي-ايس ايليٽ جو چوڻ آهي ته شعر ادب جي دنيا ۾ جيڪڏهن اوهين جدتڪار انوينٽر ڪاوشن کي تاريخ وار ويهي جاچيندا ته اوهين سندس من جي اجهل ڌن ۾ مصروف قدم به قدم ان جي پورائي اڳتي وڌندي ڏسندا.

فقير محمد سنڌي پنهنجي دلي لڳاءُ سان سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو ۽ هميشه ڏسبو ته هي پنهنجي شاعريءَ ۾ مست مگن هوندو آهي. هو شعر و ادب جي دنيا ۾ منفرد آهي ۽ شاعري ۽ ادبي ڪاوشون ساراهڻ جوڳيون آهن. فقير محمد سنڌيءَ جو شاعريءَ سان عشق ۽ سندس شاعري محبوبه آهي. جنهن جو هر هڪ شعر حسناڪي خوشبو نما احساسن ۽ جذبن جي اڻٿڪ ۽ عجيب دلڪشي آهي جنهنجو لڳاءُ دل لڳي جهڙو آهي. هي فن ۽ فڪر جو سگهارو شاعر آهي. جنهنجو پنهنجي ٽهي ۾ انداز ئي پنهنجو آهي. فقير محمد جا قطعا اوهان جي اڳيان رکان ٿو.

ڏکيو ڏاڍو آهي گذر زندگيءَ جو،

اڪيلو ڪيان پيو سفر زندگيءَ جو،

لڳائي تو الزام باغي ڪيو آ،

مليو تو وٽان هي اثر زندگيءَ جو.

يا

تو سهاري يار جيان ٿو پيو،

دلربا سنسار آ تنهنجي ڪري،

تنهنجي نالي سان پيو سڏجان هتي،

زندگيءَ سان پيار آ تنهنجي ڪري،

فقير محمد سنڌي جي ٻوليءَ جو مزاج به ڌيان لهي ٿو اها ٻولي پنهنجي شعر ۾ استعمال ڪري ٿو جنهن ۾ سڪ سوز ڀريون سواد موجود آهي. اها ٻولي سراپا سون ۽ سونهن آهي. جيڪا شاعريءَ جي شعور کي اظهاريندي آهي ۽ قومن جي امانت هوندي آهي.

 

(ڏھاڙي عدالت لاڙڪاڻو ۾ ۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 


 

فقير محمد سنڌي

(شخصيت ۽ فن)

غفار عباسي

سنڌي ادب جي دنيا ۾ ڪيترا ئي ناليوارا اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن ته ڪي جديد دؤر ۾ پنهنجي فن ۽ فڪر جي ڏات سان ڪائنات ۾ علم جا روشن ڏيئا ٻارن پيا. اهڙن نامور اديبن شاعرن ۽ ڪمپيئرن ۽ ڪيترن ئي اخبارن ۽ مئگزين جي سنواريندڙن مان ففير محمد سنڌي به هڪ آهي. پاڻ هڪ سٺو شاعر به آهي ته ليکڪ به پڻ، سندس خدمتن جو دامن وسيع آهي.

تعليم:

فقير محمد سنڌي ۷ جنوري ۱۹۸۳ع تي شهيدن جي شهر لاڙڪاڻي ۾ جنم ٿيو. ٻاراڻي دنيا کان ڪتابي دنيا سان واڳيل رهيو جنهن اسڪولي تعليم پرائمري شاھ محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهيو. ميٽرڪ ۱۹۹۸ع ۾ گورنمينٽ پائليٽ هاء اسڪول لاڙڪاڻي مان. انٽر ۲۰۰۰ع ۾، ۽ بي اي ۲۰۰۳ع ۾ سچل سرمست ڪاليج لاڙڪاڻو مان ۽ ايم اي سنڌي ادب ۲۰۰۵ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪيائون. ان کان علاوه فقير محمد سنڌي صاحب انگريزي تعليم سان گڏ ديني تعليم به پرايائين جنهن ۾ مولوي عالم فاضل جو امتحان ۱۹۹۸ع ۾ پاس ڪيائين ۽ درس نظامي جو ڪورس ۱۹۹۵ع کان ۲۰۰۱ تائين مدرسه جامعيه عربيه جيلاني مان سند الفراغ سان فارغ التحصيل ڪيائين.

پاڻ جيترو گھڻين ڊگرين جي نالن ۾ ورهايل آهي ايتروئي مختلف رخن ۾ لکڻ جي دنيا ۾ ڪيترين ئي صنفن تي لکي چڪو آهي. جنهن ۾ شاعر، محقق، مضمون نگار، ڪالم نگار، سنوانح نگار ۽ سهيڙيندڙن ۾ به شمار آهي. پاڻ هڪ ئي وقت ليکڪ به آهي ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو تي خوبصورت لفظن جو جوڙيندڙ ڪمپيئر به رهيو آهي ۽ لاڙڪاڻي مان نڪرندڙ ڪيترن ئي روزاني ۽ سلسليوار اخبارن جو ايڊيٽر ۽ ڪاميٽي ميميبر رهيو آهي. فقير محمد سنڌي روزانه قلمڪار ۽ ارادو اخبار ۾ هر روز شاعرن، اديبن ۽ نامور انسانن جي جنم ڏينهن ۽ وفات جي ڏهاڙن تي تحقيق ڪري روزانو سھڻي معلومات پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو. جيڪا هر روز ڪيترن ئي علمي ادبي ماڻھن کي ڪارائتي ڄاڻ ملي ٿي.

هر سٺو ماڻهو پنهنجي، پنهنجي شوق جي صلاحيتن مطابق پنهنجي پسڪردائيء ۽ قوم ۾ پنهنجا پوئلڳ پيدا ڪندو آهي. مثلا؛ هڪ ٻڪرار وڌيڪ ٻڪرار ئي پيدا ڪندو آ، هڪ چور وڌيڪ چور ماڻهو پيدا ڪندو آ، ۽ هڪ نشائي گھڻا نشائي پيدا ڪندو آ، ائين ئي هڪ سٺو علم شناس ۽ ليکڪ ماڻهو گھڻا علم جا ڏيئا ٻاريندو آهي. ۽ انهن علم جي روشن ڏيئن مان فقير محمد سنڌي به علم ادب جي راھ ڏسيندڙن رهبرن مان هڪ آهي.

جيڪو مون جهڙن ڪيترن ئي ادب جي شاگردن ۾ اتساھ پيدا ڪري وڌيڪ پڙھڻ ۽ لکڻ لاءِ آمانده ڪندو آهي. تحقيق جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو اٿائين مٺي طبيعت جو مالڪ فقير محمد سنڌي هر هڪ سان سهڻي نموني پيش اچڻ حال احوال وٺڻ سندس سھڻو اخلاق سڀني لاءِ پيار پيدا ڪندڙ آهي. پاڻ روزانه ارادو ۽ ٻين سنڌ جي ڪيترن ئي اخبارن ۾ مختلف ادبي سياسي ۽ سماجي شخصيتن تي سهڻي نموني سان سوانح سهيڙي پيو. پاڻ نه صرف رڳو تحقيق ۽ سنوانح تي ڪم ڪيو آهي، پر فقير محمد سنڌي سٺو شاعر به پڻ آهي. جنهن جي قلم مان ڪيترا ئي سهڻا شعر سرجيا آهن. جن ۾ ڪيٿرائي آس پاس جي ماحول کان متاثر ٿي ڪمال جا احساس اميج ڪري قلم بند ڪيا اٿائين. فقير محمد جي قلم مان جيڪي لفظ جنم وٺن ٿا اهي آفاقي تخلي (Divine Creation ) ۽ لطيفي احساسن جو سرچشمو آهن.

هر تخليقار پنهنجي تخليق جي پاڻيء سان نفرت جي باھ کي وسائيندو آهي. نفرت کي تير جهڙي تشبيھ ڏيندي چوي ٿو۔

جاني جيون جوڙ،

مون کان منهن نه موڙ.

نفرت آ ڇا لاء،

من ۾ تير نه کوڙ.

پيارن جي ڌار ٿيڻ سان دل به يتيم ٻار جيان پنهنجن کان پري بي سهار هوندي آهي. پوءِ ايندڙ ڏک به اڳيان رڙيون ڪري سڏيندا آهن، اهڙي سمي پيار ڏيڻ جي تند ٽٽڻ جي ايزاء کي نظم کي هنن لفظن ۾ تصوير ورتي اٿائين

جن پيار ڏنو ٿي دوست سڏي

سي يار ويا ڇو مون کي ڇڏي

مون ساھ ڏنو ويساھ ڪري

يارن نه نڀايو هائو ڪري

دل مون کان وٺي ويا غم گڏي.

پرچڻ ۽ رسڻ به حياتيء جا حصا رهيا آهن، رسڻ ڪڏهن دوست جو رسڻ ڪڏهن گھر ڀاتين سان رسڻ ته ڪڏهن ويجھن پيارن سان رسڻ ڏکيو هوندو آهي. جن کانسواء اسان کي ساھ کڻڻ به اوکو محسوس ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته انهن جون جايون جيء ۾ جڙيل هونديون آهن. ۽ پوءِ اهڙي ئي ڪيفيت ۾ فقير محمد سنڌي جي نظم جون سٽون آهن.

تون بن دلڙييار ٻي آ

دانهن به دل جي ڪنهن نه ٻڌي آ

مايوسي پئي نسري جانا

اسري ويا ٽھڪ سڀئي

پن پن ٿي ويا سپنا سي ئي

وهم پيا هن اسري جانا

تخليقار پنهنجي آرٽ ۾ زندگيء جي هر ڏک ۽ سک، سميت اک جي دري مان نظر ايندڙ اڪيلائي جي ڪائنات کي جو چٽو عڪس ڪڍندو آهي، جنهن ۾ سندس يادن ۽ سنڀارن جي هڪ ننڍڙي تاريخ جڙندي آهي. ۽ بلڪل ائين ئي اڪيلائي جي گھڙيء کي فقير محمد پنهنجي پيار کان وڇڙي سهاري لاءِ پنهنجي وائي ۾ سهاري جو سڏ هيئن ڪيو آهي

تتل رڻ تي راڻا مران ٿو اڪيلو

مران ٿو اڪيلو

ٿي اچي واهرو

مئا بک ۾ مارون

ڪٺو ڪنهن نه ڇلهيو

ٿي اچي واهرو

ڪهڙو ته درد ۽ درمانن جو سهڻو اميج ڪري آندو اٿائين جنهن ۾ مارن جي بک ۽ بي سهاري جا، ساٿ لاءِ سڏ ئي سڏ آهن. فقير محمد سنڌي جا شاعري، تاريخ، ريڊيو اسڪرپٽ ۽ مضمونن ۽ مقالن تي سندس ست ۷ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جن جا نالا هن ريت آهن. جن ۾ شاعري جا مجموعا ”وچن وفا جا“ ۲۰۰۴ع ۾ ٻيو ”جاتي جيون جوڙ“ ۲۰۰۸ع ۾ ۽ ٽيون گڏيل شاعري جو ڪتاب ”قلمڪار قوي“ ۲۰۰۹ع ۾ ۽ چوٿون دنيا جي عظيم ڏاهن جي سهڻن قولن جو سهيڙيل ڪتاب ”عظيم هستين جا عظيم قول“ ۲۰۱۲ع ۾ قلمڪار پبليڪيشن پاران شيع ٿيو. ۽ سندس پنجون ڪتاب تاريخ تي ”سنڌ جي تاريخ“ (سهيڙيل تاريخ وارا) آڪٽوبر ۲۰۱۳ع ۾ شايع ٿيو. ڇهون ڪتاب شخصيت تي لکيل ”حفيظ کوهارو فن ۽ شخصيت“ ستون ريڊيو اسڪرپٽ تي لکيل ڪتاب ”سونهن سنبارا“ ۲۰۱۶ع ۾ شايع ۽ سندس تاريخ جو ڪتاب ”سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق“ (جي ايم رئيساڻي جي زندگي بابت ترتيب هيٺ آهي.

علمي ادبي خدمتون:

فقير محمد سنڌي نه صرف سنڌي ادب کي ۶ ڪتاب ڏنا آهن، پر پاڻ ٻين ڪيترين ئي علمي ادبي تنظيمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. جنهن ۾ پاڻ مختلف عهدن تي رهي علم ادب جي خدمتن ۾ پاڻ ملهايو آهي. جيڪي خدمتون سندس زندگي جو هڪ سهڻو باب آهن.

جن ۾؛

۱.نوجوان ادبي فورم لاڙڪاڻو جو (رابطه سيڪريٽري).

۲.اياز ادبي اوطاق، سنڌ )سيڪريٽري جنرل).

۳.قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو (نگران).

۴. ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو ۲۰۰۶ع.

۵. ايڊيٽر قلمڪار مئگزين (لاڙڪاڻو).

۶. ايڊيٽر سجاڳ مئگزين (لاڙڪاڻو).

۷. ايڊيٽر سلسليوار قلمڪار اخبار (لاڙڪاڻو).

۸. ايگزيڪيوٽر روزاني ارادو اخبار (لاڙڪاڻو).

هي گھڻ رخن تي قلمي ۽ علمي خدمتگار فقير محمد سنڌي پنهنجي فن فڪر جي ڏات جي ذريعي ڪيترن ئي پڙهندڙن ۽ سندس ٻڌندڙن ڪيترن ئي مداهن جي دلين ۾ جاء ورتي آهي. اڄ هن سهڻي آرٽيسٽ ۽ پياري شخص سائين فقير محمد جو جنم ڏينهن آهي. سندس جنم ڏڻ جون اڻڳڻيون وڌايون هجن. ۽ پاڻ سدائين جيان پنهنجي قلم سان سهڻا ليک لکندو رهي.

 

(ڏھاڙي ارادو لاڙڪاڻو ۾ ۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



فقير محمد سنڌي

آدرشي انسان

جي ايم رئيساڻي

الله جَل شانه لاءِ سڀئي تعريفون آهن جنهن پنهنجي ڪل تخليقات مان ڪائنات ۾ انسان کي مرڪزي حيثيت ڏيئي مٽيءَ مان پيدا ڪري کيس نوراني روح ڦوڪي گويائي سان جنت ۾ رهائي، خليفو بڻائي، شعور جو عظيم تحفو ڏيئي ڌرتيءَ ڏانهن موڪليو، ان شعور سان انسان آدم عليه السلام نالي پهريون پيغمبر بڻيو، وحدت مان ڪثرت ٿي، ڪثرت مان نبي، صديق، شهيد، ولي صالع، عالم، فاضل، حڪيم، ڏاها، سگهڙ، اديب، شاعر، معلم، متعلم، حاڪم، محڪوم، ظالم، مظلوم، قاتل، مقتول، فاسق، زنديق وغيره پيدا ٿيا. هر ڪنهن جي پنهنجي صلاحيت ۽ ڪردار رهيو آهي ليڪن انهن مان شاعر جي ذريعي شعوري طور سڀني جو ترجمان آهي، سو شاعر پنهنجي شعور مان مشق شعر جي ذريعي شعوري انقلاب، خيال، موضوع جي اعتبار کان حمد، نعت، غزل، قصيدو، مرثيو، شهر آشوب، واسوخت، گيت، پيروڊي، ۽ ريختي، اهڙيءَ طرح هيئت جي اعتبار کان مثنوي، رباعي، قطعو، مسمط، ترڪيب بند، ترجيح بند، مستزاد، مُعري' نظم، آزاد نظم، ترائيل، ٽيڙو، هائيڪو، ماهيو، ۽ سانيٽ وغيره لکي شعور جي دنيا ۾ شاعريءَ جي وسيلي ادب جي ايوان ۾ قلم جي قعوت سان پنهنجي ديوان، ملفوظات، ڪليات يا رسالي ۾ قومي، شخصي، ادبي، فني ۽ اھڃاڻ ۽ علم کان معلومات ڏيندو رهي ٿو، ٻي طرف شاعر انقلابي، اجتهادي، اصلاحي ۽ مزاحمتي مجاهد، غازي، سورهيه، سرويچ، وطن جو محافظ، قوم جو وڪيل، ادب جو ضامن، عشق جو علمبردار، سونهن جو فدائي ۽ شوق جو شيدائي رهيو آهي. شاعر شعور طور خود شناس، ماحول جو عڪاس، بين الاقوامي حالتن ۽ واقعن، ريتن، رسمن،وحدت الوجود، وحدت الشهود، واجب الوجود، علم اليقين، عين اليقين، حق اليقين، شريعت، طريقت، معارفت، حقيقت، تحقيق، تصديق، ناسخ، منسوخ، جزئيات، ڪليات، معدومات، ممڪنات، جمادات، نباتات، حياتيات، ڪيميات، محالات،موجودات، مخلوقات، حرڪات، سڪنات، اثبات، ونفي، قومي ايڪتا، ادب واتهاس ۽ ڪائنات جو جيترو وڌيڪ گهرو مطالعو ڪندو آهي، اوترو زياده سندس شاعريءَ ۾ آفاقيت پيدا ٿيندي آهي. شاعريءَ لاءِ علم، حلم، فڪر ونظر سان گڏ فصاعت، بلاغت، سلاست ۽ تخيل جو هجڻ نهايت ضروري آهي، پر شاعري وسعت ۽ گهرائي گهري ٿي. شاعر لفظن جي سندر سجاوٽ ۽ اعلي' آدرش ۽ نادر ڪاوش جي آڌار منفرد، مايه ناز وقت جو مهان ڪوي ۽ پنهنجي سر ٻين لاءِ مڪتب فڪر ونظر جي اعلي' قدر و قيمت جو صاحب بڻجي ويندو آهي.

ادبي کيتر ۾ روز بروز نئون ادب، مصنف، مولف يا شاعر پنهنجي نالي سان نروار ٿي گهر ۽ تر کان وٺي پوري ملڪ ۾ مشهور ٿيندو رهي ٿو. اڄ به هڪ نئين چهري قدامت پسند ۽ رجعت پسند ماحول جي اندر قلمي ڪاوش سان شخصي ۽ ملڪي حالتن ۽ واقعن کي پنهنجي ادراڪ سان اظهاريو آهي. سندس ڪلام ۾ فضاحت، بلاغت، سلاست، سچ، سڪ، سونهن، سرهاڻ، مزاحمت، سنڌ جي تڙپ، آئيندي جو الڪو، عزم، ارادو ۽ حوصلو ڏسڻ وٽان آهي. اهو بيباڪ، بيدار ذهن، شاعر فقير محمد سنڌي ولد دين محمد سنڌ ڌرتي جي مايه ناز شهر لاڙڪاڻي ۾ ۷جنوري ۱۹۸۳ع تي پيدا ٿيو. پرائمري تعليم شاھ محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ پائلٽ هاير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻي مان ۱۹۹۸ع ۾ پاس ڪيائين، انٽر ڪلاس ۲۰۰۰ع ۾ پاس ڪري ورتائين ۽ B. A سچل سرمست ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۲۰۰۳ع تي ڪيائين، .فقير محمد سنڌي نه فقط دنيائي تعليم حاصل ڪئي آهي پر شرائع شريعت ۽ ديني احڪام جو مڪمل درس نظامي جو ڪورس پايه تڪمل پهچايو آهي. موصوف مولوي، عالم، فاضل جو امتحان ۱۹۹۸ع ۾ ڏنو. درس نظامي مدرسه عربيه جيلاني مدرسي لاڙڪاڻو مان ۲۰۰۱ع ۾ سندالفراغ سان فارغ التحصيل ٿيو آهي. سندس تفصيل هن ريت آهي : فارسيءَ جو درس حضرت علامه مولانا عبدالقادر بروهي ۽ حضرت علامه مولانا مفتي اعظم الله ڏنو جماراڻي نقشبندي غفاري وٽان پرايائين. صرف ۽ نحو جو درس حضرت علامه مولانا عبدالڪريم عباسي صاحب وٽان ورتائين ۽ درس نظاميءَ جو عربي ڪورس حضرت علامه مولانا مفتي عبدالرحمان پنهور عفي عنه وٽان حاصل ڪيائين. پاڻ ڌنڌي جي لحاظ کان خانگي ملازمت ڪري ٿو. فقير محمد سنڌيءَ جي شاعري ۾ موجوده حالات و واقعات جو بلند آواز پڙاڏو ٿو گونجي، سو قوم جي اصلاح وتربيت ۽ تفريح لاءِ ڪاغذي ڪئنواس تي نظم جي صورت ۾ انهيءَ اميد سان اوتيل آهي ته معاشرتي اصلاح جو انقلاب برپا ٿئي.

 

(ڏھاڙي عوامي احتساب لاڙڪاڻو ۾ ۱۷ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

فقير محمد سنڌي

ناميارو صحافي، شاعر ۽ براڊ ڪاسٽر

ساجد مسڻ

فقير محمد سنڌيءَ، ۰۷ جنوري ۱۹۸۳ ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن پرائمري جي تعليم شاھ محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻي مان پرائي جڏهن ته مئٽرڪ ۱۹۹۸ ع تي گورنمينٽ پائلٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪئي وري انٽر ۲۰۰۰ ع ۾ ڪيائين، انٽر ڪرڻ کانپوءِ بي-اي ۲۰۰۳ع ۾ سچل سرمست اوريئنٽل ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائين.

کيس ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق هيو، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ماسٽر جي ڊگري سنڌي ادب ۾ ۲۰۰۵ع ۾ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي، دنوي تعليم کان علاوه سندس ديني تعليم واري قابليت به ڏسڻ وٽان آھي، جنهن ۾ پاڻ مولوي، عالم ۽ فاضل جو ڪورس ۱۹۹۸ع پاس ڪئي آهي، ان کان علاوه پاڻ درس نظامي جو ڪورس ۱۹۹۵ع کان ۲۰۰۱ع تائين مدرسه جامعيه عربيه جيلاني مان ڪيو آهي، جنهن مان هن سندالفراغ سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري مڃتا پڻ ماڻي آهي.

فقير محمد سنڌي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق پڻ آهي، پاڻ هر موضوع تي قلم آزمائي ڪندو رهيو آهي، سندس سڃاڻپ جو خاص حوالو دوستن جي نون آيل ڪتابن تي سڀ کان پهرين ڪيل بهترين تبصرا آهن. ان کان علاوه پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو پڻ وڏو خيال رکندڙ آهي، جتي به کيس ڌاري ٻوليءَ جا لفظ سامهون ايندا آهن ته انهن کي هٽائي، ان جي جاءِ تي ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ڪتب آڻيندو آهي.

جيڪڏهن سندس علمي خدمتن تي نظر ڦيرائينداسين تي اسان کي معلوم ٿيندو ته سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾، شعري مجموعو، وچن وفا جا ۲۰۰۴ ع تي ڏاهپ پبليڪيشن قنبر شايع ڪيو، ٻيو شعري مجموعو، جاني جيون جوڙ، ۲۰۰۸ع ۾قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو شايع ڪيو، گڏيل شاعري جو مجموعو، قلمڪار ڪوي ۲۰۰۹ ع۾، عظيم هستين جا عظيم قول ۲۰۱۲ع تي قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو طرفان شايع ٿيو، سنڌ جي تاريخ( سهيڙيل تاريخ وار) آڪٽوبر ۲۰۱۳ ع تي قلمڪار پبليڪيشن شايع ڪيو، گڻ جنهن جا ڳائن ماڻھو ...حفيظ کوهاري جي شخصيت ءِ فن تي، قلمڪار پبليڪيشن پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا.

ان کان علاوه سهيڙ ۾ سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق. جيڪو سينيئر اديب سائين جي ايم رئيساڻي جي زندگيءَ بابت تاثرات لکيل آهن، سونهن سمبارا( ريڊيو اسڪرپٽ ) ۲۰۱۶ع ۾ شايع ٿيو ۽ اهڙي طرح ۲۰۲۰ع تي قلمڪار پبليڪِشن پاران ڪتاب، "تاريخ جو منظر ۽پس منظر” شايع ڪيو آهي. سندس پوکيل هيترا سارا گل سنڌي ادب جي باغيچي ۾ خوشبو پکيڙي ذھنن جي ذرخيزي ڪري رهيا آھن.

سندس ڪيل ادبي خدمتن ۾ نوجوان ادبي فورم، لاڙڪاڻي جو رابطه سيڪريٽري، اياز ادبي اوطاق جو سنڌ جو سيڪريٽري جنرل، ، قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو جو نگران، ، ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو ۲۰۰۶ع کان، ايڊيٽر ٻه ماهي قلمڪار مئگزين لاڙڪاڻو، ايڊيٽر سجاڳ مئگزين لاڙڪاڻو، ايڊيٽر سلسليوار اخبار قلمڪار لاڙڪاڻو ۽ ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر روزاني ”ارادو“ لاڙڪاڻو شامل آهن.سندس ڪيل خدمتن ۾ سائين فقير محمد سنڌي جون ڪاوشون ظاهر آھن، فقير محمد سنڌي جي ادبي سڃاڻپ، شاعر، اديب، ڪالم نگار، ايڊيٽر، صحافي ۽ ڪمپيئر طور اسان سڀني وٽ مشهور آهي. فقير محمد سنڌي طبيعت ۾ خوددار ۽ باضمير هجڻ ڪري ڪنهن جي به آڏو هٿ نه ٿو ٽنگي، نه ئي ڪنهن سرڪاري ڪاموري آڏو پنهنجو پاڻ کي پيش ڪري ٿو.

فقير محمد سنڌي جي ٻي قابلِ ذڪر خوبي دوستن کي جنم ڏينهن تي شاندار ڀيٽا پيش ڪرڻ پڻ آهي، پاڻ انهن سمورن دوستن کي جنم ڏينهن تي ياد ڪندو آهي، جن جون علمي و ادبي خدمتون ٿيل آهن، جيڪو عمل پڻ حقيقي طور حوصلا افزائي، عزت افزائي ۽ همٿ افزائي واري ذمري ۾ اچي ٿو. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۷ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



فقير محمد سنڌي

ٻالڪ ادب بابت ڳالھ ٻولھ

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

فقير محمد سنڌي ۷ جنوري ۱۹۸۳ع تي لاڙڪاڻي ۾ دين محمد جي گهر جنم ورتو. ايم اي سنڌي ادب ۲۰۰۶ع ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. بنيادي تعليم لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. ديني تعليم ۾ مولوي، عالم ۽ فاضل جو امتحان ۱۹۹۸ع تي پاس ڪيائين ۽ درس نظاميءَ جو ڪورس ۱۹۹۵ع کان ۲۰۰۱ع تائين مدرسه عربيه جيلاني لاڙڪاڻي مان فارغ التحصيل سان ڪيو. سنڌي شاعريءَ سان رغبت هئڻ ڪري لکڻ جي ابتدائي شروعات ۱۹۹۵ع ۾ ڪيائين. شاعريءَ جي بنيادي سکيا، غلام فاروق خاصخيلي، جي ايم رئيساڻي ۽ سرمد چانڊيو کان حاصل ڪيائين. فقير محمد سنڌي نثر ۾ به پاڻ ملهايو آهي. نظم ۽ نثر ۾ ڪيترائي ڪتاب ترتيب، تاليف ۽ تصنيف ڪيا اٿائين. صحافت ۾ خدمتون مڃڻ جوڳيون آهن ته ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي پڻ ڪمپيئر جي حيثيت ۾ پاڻ ملهائي رهيو آهي. ٻالڪ ادب سان محبت رکندي ڪيترن ڪتابن جي اوک ڊوک ڪندي هڪ شاندار ڪتاب “ٻاراڻي ادب جو تجزيو” لکي پاڻ موکيو اٿائين. اچو ته کانئس ٻارن جي ادب بابت ڳالھ ٻولهه ڪريون.

۱ سوال: پنهنجو تعارف، ننڍپڻ، تعليم ۽ ادب ۾ شموليت بابت ڄاڻ ڏيندا؟

جواب: منهنجو تعارف ادب جي دنيا ۾ فقير محمد سنڌي چوندا آهن. گهر ۽ مٽن مائٽن ۾ محمد سليم سان سڏيندا آهن. ننڍپڻ ۾ ڪافي رانديون کيڏيون ۽ هر راند جو فاتح رهيس. پکين سان محبت ڪري ڪافي پکي به پاليم، ننڍي هوندي ڊراما، ڪارٽون ۽ فلمون ڏسڻ جو شوق هو، جيڪو ڪافي حد تائين پورو ٿيو. ننڍپڻ جو دور انتهائي ڏکيو گذريو جنهن جا اثر اڃان تائين منهنجي زندگيءَ ۾ شامل آهن. مون انتهائي ڏکي دور سان منهن ڏنو آهي. تعليم پرائڻ ۾ ڪنهن جو سهارو نه مليو، سواءِ پنهنجي استادن جو. ادب ۾ اچڻ جو سبب به منهنجا استاد ئي آهن. ٽئين درجي ۾ سائين قادر بخش ڪلھوڙي جو اهم ڪردار آهي جيڪو موڪل ۾ ويھ منٽ هوندا هئا ته ڪهاڻي، آکاڻي يا نظم جهونگاري سڄي ڏينهن جو ٿڪ لاهي ڇڏيندو هو. منهنجي پالنا منهنجي نانيءَ ڪئي جيڪا مُلياڻي به هئي ته ٻارن کي قرآن پاڪ جو سبق به ڏيندي هئي ۽ رات جو مون کي آکاڻيون ٻڌائي سڪون جي ننڊ سمهاريندي هئي. انهن محنتن جو نتيجو اوهان جي سامهون آهي.

۲ سوال: پهرين تحرير ڪهڙي ڇپي ۽ ان وقت توهان جا تاثر ڪهڙا هئا؟

جواب: پهرين لکڻي ٻاراڻي رسالي باک ۾ نظم جي صورت ۾ ڇپي جيڪو ميرپوربٺوري مان شايع ٿيندو هو. پهرين لکڻي شايع ٿيڻ وقت جيڪي احساس (تاثر) مون محسوس ڪيا، شاديءَ جي ڏينهن جو احساس ۽ پهرين اولاد ۾ جڏهن پٽ غلام مرتضيٰ جو جنم ٿيو ته سڀئي احساس (تاثر) ساڳيا هئا.

۳ سوال: انهيءَ پهرين تحرير کانپوءِ توهان ادب جي ڪهڙين صنفن ۾ ڪم ڪيو، ٻارن لاءِ لکڻ جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي، ڪهڙو ٻالڪ ادب جو ڪم ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل آهي؟

جواب: پهرين لکڻي شايع ٿيڻ کانپوءِ مون ڪافي نظم جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي ۽ آهستي آهستي نثر نويسي کي به وقت ڏنو، پر مون ٻاراڻي ادب کي وڌيڪ ترجيح ڏني. مون ٻارن لاءِ ڪافي نظم لکيا آهن، اميد ته نظمن جو ڪتاب به منظر عام تي ايندو. باقي “ٻاراڻي ادب جو تجزيو” ۲۰۲۴ع تي قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻي طرفان اوهان جي هٿن تائين پهچي چڪو آهي. مون لکڻ جي شروعات ئي ٻارن جي ادب کان ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين اهو عمل جاري آهي.

۴ سوال: توهان سنڌي ٻالڪ ادب جي ڪهڙي قلمڪار کان متاثر آهيو؟ ڪتابن ۾ يا تحريرن ۾ ڪهڙي خاص خوبي آهي؟

جواب: مون کي ڪشنچند بيوس جي نظمن گهڻو متاثر ڪيو، اڪبر جسڪاڻي ۽ اسرار شام جي لکڻين ۽ ادارت ۾ شايع ٿيندڙ ٻاراڻا مئگزين مددگار ثابت ٿيا.

۵ سوال: توهان ٻالڪ ادب جا تجزيا نگار آهيو ڇا توھان جي نظر ۾ هن وقت جيڪو ٻالڪ ادب سرجي رهيو آهي اهو وقتائتو شمار ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا اسان پاڪستان جي ٻين ٻولين جي جوڙ جو ٻارن جو ادب لکي رهيا آهيو؟

جواب: مان هڪ ننڍڙو ماڻهو آهيان، پر ٻاراڻي ادب تي پنهنجي مختصر راءِ ضرور رکندو آهيان. تجزيا نگار جي منهنجي حيثيت ڪونھي، ادب جي پهرين درجي جو شاگرد آهيان. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارڙن لاءِ جيڪو ادب اشاعت ٿئي پيو اهو نالي ماتر آهي. ليکڪ پنهنجي وس ۽ وت آهر ٻاراڻو ادب شايع ڪرائي رهيا آهن جيڪو ڪجهه بهتر آهي. باقي سرڪاري ادارا الائي ڪهڙي سُتي پي سمهي پيا آهن. ملڪي ليول تي سنڌي ٻاراڻو ادب سست رفتاريءَ جو شڪار آهي. اهو ان لاءِ ته ادارن جا دروازا سنڌي ماڻهن لاءِ بند آهن. جيڪو ڪم ٿئي ٿو اهو سفارش کان بغير ممڪن ڪونھي.

۶ سوال: ڇا اڄ جو ٻار مطالعي کان پري نظر نٿو اچي، انهيءَ جا ڪهڙا سبب آهن. ٻاراڻي ادب جي کوٽ؟ استادن جي عدم توجهه، والدين جي نظرداريءَ جو فقدان؟ اسان جو تعليمي سرشتو، اليڪٽرانڪ ميڊيا؟ يا ڪي ٻيا سبب توهان تفصيلي تجزيو ڏيو؟

جواب: سڄو دارومدار نظام تي آهي جيڪڏهن نظام ۾ بهتري آهي ته سڀ پاسا بهتر کان بهتر ٿي سگهن ٿا. نظام ئي مڏو آهي ته پوءِ جديد کان جديد دور به اسان جي معاشري ۾ بهتري آڻي نٿو سگهي. جيئن سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: “ڏٻري ڍور تي مڇر به گهڻا” اهو ئي وڏو فقدان آهي اسان جي نظام ۾. فقدان ان صورت ۾ ختم ٿيندو جڏهن اسان جو نظام بهتر هوندو. نوجوان هن وقت به پنهنجي ٻلهه تي پڙهي ٿو، صبح جي وقت اوهان لائبريرين ۾ وڃو اوھان کي ويهڻ لاءِ جڳھ نه ملندي. ان مان ظاهر آهي ته اسان جو ٻار ۽ نوجوان پڙهڻ گهري ٿو، پر ان کي پليٽ فام ڪير مهيا ڪندو. ها ڪجھ ٻارن تي اليڪٽرڪ ميڊيا ۽ موبائل ڊوائس ضرور پنهنجا اثر ڇڏيا آهن. وري به اها ئي ڳالهه ڪندس ته نظام کي بهتر ڪيو وڃي هر شيءِ پاڻمرادو ٺيڪ ٿي ويندي.

۷ سوال: ٻارن لاءِ ڪو پيغام ڏيو؟

جواب: ٻارن کي پهريان پنهنجي مادري ٻولي سکڻ گهرجي ۽ ٻارن کي اهو ذهن نشين ڪرڻ گهرجي جيڪو اوهان کي ڪجھ به سيکاري ٿو اهو اوهان جو استاد آهي جن قومن استادن جو قدر ڪيو اُهي دنيا جون مهذب قومون آهن.

 

(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آن لائين ۾ ۱۲ جولاءِ ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا