; سنڌي شخصيتون: رحمت الله شوق

23 March, 2022

رحمت الله شوق

رحمت الله شوق

فن، فڪر ۽ شاعرانه حسن

حسيب ناياب منگي



سنڌ جي شاعرن جي شاعري جو جيڪڏهن ڳوڙهو اڀياس ڪجي ته تخليقڪار پنهنجي وت ۽ وس آهر پنهنجي ڪلام ۾ امن سان گڏ پيار ۽ پريت جو پيغام ڏنو آهي. هنن وٽ جيڪي به حالتن ۽ ماحول کي ڏسندي خيال آيا آهن تن کي وقت جي وهندڙ تيز وهڪري ۾ لُڙي وڃڻ کان بچائيندي شعر لکي محفوظ ڪري ويا آهن. شاعري جو اهو سفر ته تمام گهڻو پراڻو آهي پر ان ۾ ڏنل پيغام هر هر نئون ۽ هر دور جي ترجماني ڪندڙ محسوس ٿئي ٿو. رحمت الله “شوق” جو نالو سنڌي ادب ۾ نه ته تمام گهڻو پراڻو آهي نه ئي وري ڪو نئون! هن وچ واري دور ۾ شاعري سکي ۽ فن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ کانپو سيکڙاٽ شاعرن جي مٿي تي پنهنجا شفقت ڀريا هٿ رکي نه صرف نوان شاعر بڻائي ڏيکاريا پر ان علم جي سکيا لاءِ هن اڪيڊمي قائم ڪئي. سنڌ اندر رائج طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن جي روايت کي هن به قائم رکي هر دفعي ٻڌندڙن کي تخليقڪارن جا نوان خيال ۽ سوچون ٻڌڻ جو موقعو فراهم ڪيو هو. رحمت الله “شوق” پنهنجي نوجواني واري دور کان شاعري ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پڇاڙي تائين “شوق” جو اهو شوق جوان ئي جوان رهيو. رحمت الله “شوق” جي شاعري جا ڏهه مجموعا ته سندس حياتي ۾ ئي ڇپجي پڌرا ٿيا هئا پويان ٻه ڪتاب “دعائيه نظم” سندس اولاد يا “ٻاراڻي شاعري” جو ڪتاب سندس وفات کانپو سينئر اديب عبدالجبار “عبد” ترتيب ڏئي ڇپرائي اهو ثابت ڪيو ته “شوق” جو شوق نه ته رڪڻو آهي نه ئي زماني جي لاهه چاڙهه ۾ اچي پورو ٿيڻو آهي. اهو به سچ آهي ته رحمت الله “شوق” جو ڪلام اڃان به گهڻي تعداد ۾ اڻڇپيل پوين وٽ محفوظ آهي.


رحمت الله “شوق” جو ڪلام گهڻين خوبين سان ٽمٽار نظر اچي ٿو. مون کي هو بنيادي طور تي نعت ۽ غزل جو شاعر محسوس ٿي رهيو آهي. ان ۾ به شڪ ناهي ته سندس چوسٽن جو رس به وڻندڙ آهي. هن جا نظم به انساني اندر جي جذبن ۽ جوش جا عڪس اڀاري پيش ڪن ٿا. اهڙي طرح هن جا سرجيل غزل سونهن جي ساراه ۽ محبت جي احساس سان ڀريل نظر اچن ٿا. معاشي توڙي سماجي حالتن جو به سندس ڪلام ۾ ذڪر ڪيل آهي. سندس ڇپيل ڪلام ۾ ڪٿي ڪٿي چوڻيون، پهاڪا ۽ ورجيسون به اچي وڃن ٿيون. هو پنهنجي ڪلام ۾ انهن جو استعمال بهتر انداز ۾ ڪرڻ ڄاڻي ٿو:

چوڏهين صدي جا ساٿي “جهڙا ٻڌا ڏٺاسي”،

“هن حال بي ڪسي ۾ پنهنجا به پرکياسي.

ڪهڙيون اڃا ميارون، ور ور ڏجن انهن کي،

“ڪانڌي به ڪين ٿيا هو، جن لئه ميان! مئاسي”.

رحمت الله “شوق” جو اسلوب پنهنجو آهي. هو جيڪو خيال پيش ڪري ٿو سو عام ۽ سندس تصوراتي خيال جو سنئون سڌو عڪس پيش ڪري ثابت ڪري ٿو ته سندس راهه ۽ رستو ڀلي ته ٻين شاعرن کان الڳ آهي پر هن جي آرزو ۽ امنگ اها ئي ساڳي  آهي جيڪا سنڌ جي ٻين رواجي شاعرن جي آهي. هن جو تصور به اهو ئي آهي جيڪو ديس جو درد رکندڙ ڪنهن ڏاهي قومپرست يا وطن دوستي جو پيغام ڏيندڙ شاعر جو آهي. رحمت الله “شوق” وطن جي ساراه ڪندي لکي ٿو ته:

ايڏو ته ديس پيارو قابل وقار آهي،

خاڪ وطن تان منهنجي، هي جان نثار آهي.

ڪو سنڌ ملڪ پنهنجي جو ڀاڳ آه انوکو،

گلشن چمن گلستان ڪل مشڪبار آهي.

هن سنڌ ملڪ جو ٿو دشمن به شان ڳائي،

قادر ڪيو ته ڪيڏو! هي شاندار آهي.

رحمت الله “شوق” پنهنجي شاعري ۾ دردن جو ذڪر ڪيو آهي ته ڏهڪا تي به لُڇي ٿو. ڀلي ته سندس شاعري طوفان برپا ڪندڙ نه هجي پر هو آواز اٿارڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. جنهن دور ۾ هن شعر لکيا ۽ مشاعرن ۾ پيش ڪيا تن ڏينهن ۾ اهي محبوبه جي مرڪ وانگر وکريا ۽ مايوسي ۾ پريم جو شعلو بڻجي شمع جيان روشن ٿيا. هن کي به رواجي شاعرن وانگر آس ۽ اميد هئي هو به انتظار ۾ هو:

تنهنجي اچڻ جو دلبر بس انتظار آهي،

ملندين ڪڏهن تون مون سان دل بيقرار آهي.

 رحمت الله “شوق” جي غزلن ۾ جدوجهد ۽ مقصد جي رسائي آهي. هو افسرده دلين ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪري ٿو ته زندگي ۾ پيش ايندڙ ڪن اوکن سفرن کي منهن ڏيڻ جو پيغام به ڏيئي ٿو. هو پنهنجي دور جي تقاضائن مطابق حالتن تي روشني وجهندڙ شاعر آهي. سندس فڪري اڏام مسلسل داخلي جذبن جي اڇل کائيندي نظر اچي ٿي. عشق ۽ عاشقي تي لکندي، پرين جي پيار کي ساراهيندي، محبوب جي ماڻن جو ذڪر ڪندي توڙي عشق جي آڙاهه ۾ گهڙڻ جي ڳالهه ڪري ٿو:

سر ڏئي عاشق ٿي سرهو عاشقي جي راه ۾،

لا سانگو ساه جو، گهڙ عشق جي آڙاه ۾.

منتظر آهن سدا معشوق جا، عاشق مدام،

سڀ لٽائي ٿا ڇڏن، سهڻل جي سڪ ۽ چاه ۾.

رحمت الله “شوق” جي شاعري عشق جي راه ۾ ڇوليون ماريندي نظر ٿي اچي، هن وٽ لفظن جي ادائگي ۾ سادگي آهي. پنهنجي شاعري ۾ اڪثر طوالت کان ڪم وٺندي نظر اچي ٿو ته به مفهوم کي ظاهر ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪري. ڪٿي ڪٿي هڪ مضمون تي جي قائم نٿو رهي ۽ ٻين ٻولين جي لفظن کي به پنهنجي شاعري ۾ استعمال ڪري ٿو پو به “شوق” جو انداز بيان نرالو نظر اچي ٿو. غزل سان جدت ۾ ڪا ٿورڙي روح رهاڻ ڪري ٿو ته روايتن جي تسلسل کي برقرار رکڻ ۾ “شوق” جي ڳالهه ئي ٻي آهي.

حال ڏسي آهن ته ڇا ! تو لئه ڪيا روئي رڙي،

جيءَ جيارا جان ــ من توسان اٿم جيءَ جي جڙي.

هُن کي هِن زندان مان مشڪل ڇڏائي مان سگهان،

هي جا تنهنجي زلف ِ پيچان ۾ اچي دلڙي اڙي.

رحمت الله “شوق” جي شاعريءَ ترنم ۽ نغمگيءَ سان جيءُ جوڙيندي نظر اچي ٿي. هن جا اشارا سڪ، پريت ۽ پنهنجائپ سان گڏ احساس کي به ظاهر ڪن ٿا. سادن، اٻوجهن ماڻهن لاءِ، بي يارو مددگار ماروئڙن لاءِ، ڌرتيءَ جي رهواسين جي ڏک ۽ سک لاءِ محبوب جي مرڪ ۽ عاشقن جي هار ۽ جيت جي لاءِ سوچ ــــ لوچ ۽ انساني مزاج مطابق رحمت الله “شوق” گهڻو لکيو آهي. مون سندس ڪلام کي جيترو به پڙهيو آهي، تنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهان ٿو ته “شوق” فڪري طور تي گهڻ رخو شاعر آهي. سندس شاعريءَ مان پريت جا پيغام ۽ محبت جا درس ملن ٿا. شاعريءَ ۾ فني پختگيءَ جو ته هو بهترين شاعر ڏسجي ٿو. مون کي اميد آهي ته سندس فن ۽ فڪر توڙي شاعرانه حسن ۽ سندس ڪلام ۾ انسانن لاءِ سمايل سبق توڙي حقيقتن تي گهڻا ئي قلمڪار لکندا ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪندا رهندا. هو ۱۸ جون ۱۹۲۶ع تي پيدا ٿيو هو جڏهن ته سندس انتقال ۱۷ جنوري ۲۰۰۱ع تي ٿيو هو.

No comments:

راءِ ڏيندا