; سنڌي شخصيتون: لالا اسرار احمد علوي

23 March, 2022

لالا اسرار احمد علوي

لالا اسرار احمد علوي

ماڻهو مڻيادار هو - علمي ۽ ادبي خدمتون

حسيب ناياب منگي



عالِم جو موت عَالم جي موت جي برابر تسليم ڪيو ويندو آهي، عالم جي لاڏاڻي وارو خال ڀرجي ناهي ڀربو. سندس ڪچهري ته رس ڀري هوندي هئي پر هو جڏهن محفلين ۾ شعر، ادب ۽ ٻوليءَ جهڙن موضوعن تي ڳالهائيندو هو ته ٻڌندڙن جي دل چوندي هئي ته معلومات جي کاڻ مان اسان اڃا پيا ڄاڻ حاصل ڪندا رهون. قرآن مجيد، سيرت النبي صه ۽ حديث تي ڳالهائي ته دليل ۽ حوالا پيش ڪندو هو. سولي سمجهاڻي ڏيئي مطمئن ڪندڙ هو. سندس شخصيت به پُربهار هئي. چهري تي نه ته ڪڏهن غصي جا آثار نه ئي دل ۾ ڪنهن جي لاءِ ڪو زنگ! کلمک انسان هو. پيار ۽ پاٻوهه سان ملڻ ۽ ملي ڪري ماڻهو کي پنهنجو بڻائڻ اها سندس خوبي هئي. هن جي ذات ۾ عاجزي ۽ انڪساري هئي. وڏڙي عمر هوندي به جڏهن پاڻ کان وڏن جو ذڪر ڪندو هو ته احترام وچان سندن نالو کڻندو هو. ننڍڙن سان جڏهن ملندو هو ته شفقت جو هٿ ڊگهيري مسڪرائيندو هو ۽ دعائون ڏيندو هو. رستي تي نڪري ته ننڍي يا وڏي کي سلام ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو هو. ننڍا کيس “سائين” ۽ وڏڙا “لالا” ڪوٺيندا هئا. گلا ۽ ڪوڙ کان پرهيز شروعات کان سندس طبعيت ۾ شامل هئي. ايڏي ساري ڄاڻ هوندي به مجال آ جو تڪبر کڻي ڪري! خوش پوشاڪ، نيڪ سيرت، باعمل ۽ ديندار شخص جو هن فاني جهان مان ڪوچ ڪرڻ اسلامي ۽ سنڌي ادب، تاريخ ۽ زبان لاءِ وڏو نقصان آهي.


سنڌ اندر اها خبر تمام گهڻي ڏک سان ٻڌي ۽ پڙهي وئي ته شڪارپور ۾ سيرت رسول صه تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ڪندڙ، عالم، اديب، شاعر ۽ شاهه لطيف رح جو پارکو پروفيسر اسرار احمد علوي ستهتر ورهين جي ڄمار سان روزي جي حالت ۾ مالڪ حقيقي وٽ پهتو. مرحوم پنهنجي زندگيءَ ۾ روزي ۽ نماز هو پابند ۽ سخي هو. گهڻا ئي ماڻهو سندس قرب ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيندا هئا ۽ هو به الائجي ڪيترن ماڻهن کي علم جي روشني سان منور ڪندو رهندو هو.

مون کي ياد ٿو اچي ته سائين اسرار احمد علوي وٽ جڏهن به ڪنهن مشاعري يا ادبي پروگرام جي دعوت ڏيڻ ويندا هياسين ته سمورن ڪمن ڪارين کي ڇڏي محفل ۾ اچي حاضر ٿيندو هو. علم ۽ ادب سان گهرو تعلق کيس ورثي ۾ مليو هو. مرحوم جو خاندان صدين کان شڪارپور ۾ پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن ۽ هٿ جي شفا (حڪمت) سبب مشهور ۽ مڃتا ماڻيندڙ رهيو آهي. شڪارپور ۾ هن گهراڻي کي علمي، ادبي، بزرگي، طبابت ۽ سماجي حوالي سان خاص اهميت حاصل آهي. هن خاندان جي هر پيڙهيءَ پنهنجي ورثي جا وارث ڏئي پنهنجي روايتن کي جاري رکڻ ۾ به پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

سائين اسرار احمد علوي کي شاعريءَ سان چاهه هو، جيتوڻيڪ پاڻ گهڻو شعر نه لکيو اٿائين پر پوءِ به هو شعر جي ارڪانن کان واقف هو ۽ محفلين ۾ ايندو هو ته هر هڪ سخن طراز کي غور سان ٻڌندو هو ۽ داد ڏيئي نون شاعرن جي حوصلا افزائي ڪندو هو. پاڻ ان ماحول جو اکين ڏٺو شاهد به هو جڏهن شڪارپور ۾ هر هفتي يا مهيني ۾ ٻن مشاعرن جو اهتمام ڪيو ويندو هو. سنڌ جا ناليوارا شاعر شڪارپور ايندا هئا ۽ محفليون سجبيون هيون. طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن جي روايت کي برقرار رکڻ لاءِ “بزم گلشن لطيف شڪارپور”، “ادارا سچل سر مست”، “مهراڻ ادبي سنگت”، “سنڌ سڳنڌ ادبي سنگت” وغيره جهڙيون تنظيمون سرگرم آهن. جشن عيد ميلاد النبي صه هجي يا محرم ۾ امام حسين عه جي ياد، عيد هجي يا ڪنهن شاعر سان رهاڻ پوءِ اُن موقعي تي “طرح” ڏني ويندي هئي شاعر پنهنجا خيال پيش ڪندا هئا. سائين اسرار احمد علوي جي شرڪت به لازمي ٿيندي هئي. پوءِ سنگت جي چوڻ کي نه ٽاري سگهندو هو ته پنهنجو شعر به مشاعري ۾ پيش ڪندو هو. سندس لکڻ جو ڍنگ پنهنجو ۽ ساديون تشبيهون هونديون هيون. موضوع به اهڙو جو لکڻ ۽ پڙهڻ سان دل کي تسڪين حاصل ٿئي. مون کي ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي “مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور” جي سڏ تي حضرت امام عالي مقام حسين عه ۽ شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ هڪ مشاعرو ٿيو هو، پروفيسر صاحب کي اسٽيج تي خاص مهمان جي حيثيت سان ويهاريو ويو هو. گهڻن ئي شاعرن جي تخيل کي ٻڌي ڪري پاڻ به ڊائري کولي پنهنجو لکيل ڪلام پڙهڻ لڳو هو:

موجود جت حسين عه هجي ظلم ڪيئن رهي،

بي راهه ۽ بي دين سان هرگز نه هو ٺهي.

اسلام جي نفاذ لاءِ سختيون پيو سهي،

يا پنهنجو سر وڃي يا باطل جو بت ڊهي.

ماضي ۾ شڪارپور اندر اصلاحي پروگرامن جو اهتمام ڪيو ويندو هو. تقريرن وسيلي شاگردن تائين اتحاد ۽ ٻڌيءَ جا مثال پهچايا ويندا هئا. شاعرن کي وري مشاعري جو سڏ ڏنو ويندو هو، ننڍن وڏن شهرن کان شاعرن جا ٽولا اچي شڪارپور ۾ گڏ ٿيندا هئا. ڏينهن جون تقريرون ۽ سج لٿي شعرن جي محفل سجندي هئي. ٻاهرين مهمانن کي رات ٽڪائي خوب مهمان نوازي واري روايت کي به پورو ڪيو ويندو هو. الائجي ڪيڏانهن ويون اهي روايتون ۽ ريتون رسمون! جو غير کي به پنهنجو بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي هئي. هاڻي ته نفسا نفسي واري عالم ۾ نه اهي مشاعره نه وري ڪي قرب ڪچهريون باقي رهيون آهن. شاعر مشاعرن ۾ اهو پيغام ڏيندا هئا ته پاڻ ۾ اتحاد قائم رکجي ۽ اختلافن کي ختم ڪري نفرت جي باهه کي وسايو وڃي. شاعر به دل کولي پنهنجي خيال کي شعرن جي صورت ۾ پيش ڪندا هئا. اهڙي قسم جي هڪڙي مشاعري ۾ پروفيسر اسرار احمد علوي پنهنجو طويل ڪلام پيش ڪيو هو ته سندس پڙهڻ ۾ رواني ۽ تلفظ جي ادائگي ماحول تي خاموشي طاري ڪري ڇڏي هئي.

جاڳ مسلم! ٿيو آ تو لئه وقت اڄ دشوار آ،

عالم اسلام تي ڏس ڪفر ڪئي يلغار آ.

متحد ٿي پاڻ ۾ مومن ختم ڪيو اختلاف،

سوئي پيارو رب کي جنهن خلق سان ڪيو پيار آ.

سائين اسرار احمد علوي کي پنهنجي شهر شڪارپور سان بيحد پيار هو. هن گذريل ڏهن سالن اندر شڪارپور جي حوالي سان ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ جيڪي تقريرون ڪندو رهيو تن ۾ شهر جي خوبصورتي جا اهڙا ته مثال پيش ڪندو رهيو جو آڱريون ڏندين اچي وينديون هيون. شڪارپور جي تاريخ جي انيڪ نقطن تي ڳالهائيندو هو. ڪاٺ تي اُڪر، عمارت سازي جي فن، هٿ جي هنرن، کاڌي جي سوادن، ريتن روايتن، رسمن ۽ رواجن، علم، صحافت، سياست، ادب، ٻوليءَ جي لهجي، سماج ۽ خدمت گذاري جي واقعن جي وٽس چڱي ڄاڻ هئي. تقرير هجي ۽ موضوع به شڪارپور! پوءِ ته سائين اسرار احمد کي پيا ٻڌون! پنهنجي لکيل هڪ نظم ۾ به هن شڪارپور کي موضوع بڻايو آهي ۽ ٻڌائي ٿو ته :

ماڻهو به تن جا سهڻا، منظر به ڪيڏا نيارا،

پر سرس سونهن ۾ هئا جنهن شهر جا نظارا،

دل جي دنيا ۾ اڄ به محفوظ پيا هن سارا،

دل کي وڻن نظارا، سهڻي شڪارپور جا.

ـــــــ

رونق هئي ڇا شهر جي، ڇا رنگ هيو ڇا رس،

مشهور ٿيو دنيا ۾ هي سنڌ جو هو پئرس،

روشن هيو هميشه هر روڊ ۽ گهٽي گس،

جن جي ڏسڻ سان ٺرندي انسان جي هئي نس نس،

اهو ڪونهي جيڪو آڻي تن رونقن کي واپس،

چمڪن وري سي چارا، سهڻي شڪارپور جا.

سائين اسرار احمد علوي کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام جو ڪافي حصو ياد هو، وقت به وقت ڀٽائي سرڪار جا شعر موقعي جي مناسبت سان پيش ڪندو هو. لطيف سائين جي رسالي ۽ سندس فن متعلق وٽس گهڻو مواد موجود هو. سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ وڃي شاهه جي رسالي مان ڪنهن نه ڪنهن هڪ سُر جو انتخاب ڪري ڪاليج اندر ليڪچر ڏيندو هو. سندس سمجهاڻي سولي ۽ بامعنيٰ هوندي هئي اهڙي محنت مان شاگرد طبقي کي ڀٽائي گهوٽ جي پيغام جي اهميت جي پروڙ پوندي هئي. ڪاش اهي ليڪچر گڏ ٿي سگهن ۽ ڪتابي صورت وٺي هر گهر تائين پهچن!

تحقيق جي ميدان ۾ هن پاڻ ملهايو. سالن جا سال هڪ موضوع سان وابسته مواد کي ڪٺو ڪندو هو، هڪ هڪ روايت لاءِ الائجي ڪيترا ڪتاب پڙهڻا پوندا هئس. سنڌ ۽ پاڪستان ته ٺهيو پر پرڏيهي ڪتب خانن ۾ وڃي ڪتاب حاصل ڪندو هو. جڏهن اطمينان حاصل ٿيندو هئس تڏهن وڃي قلم کڻندو هو. سندس حياتيءَ جي علمي محنت ۽ جاکوڙ جا ٻه نتيجا تحقيق، ترجمي، تخريج ۽ تشريح جي صورت ۾ اسان جي سامهون “سيرت هاشمي صه” ۽ “مغازي رسول الله صه” آهن. جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ اسلامي ادب جا مستند ڪتاب تسليم ڪيا وڃن ٿا.

سيرت هاشمي : مخدوم محمد هاشم محدث ٺٽوي جي لکيل ڪتاب “بذل القوه حوادث سِني النبوه “ جو سنڌي ترجمو آهي. ترجمي سان گڏ سائين اسرار احمد علوي متن تي تحقيق، تخريج ۽ تشريح جو محنت طلب ڪم ڪري پاڻ ملهايو. هن ڪتاب کي مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران ۲۰۰۳ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ اڄ ڪتاب جو ڏهون ڇاپو مارڪيٽ ۾ موجود آهي. ڪتاب جي نالي مان واضح آهي ته هي ڪاوش حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي حيات مبارڪ تي مشتمل آهي. ۶۵۲ صفحن تي ڦهليل هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف عالمن ۽ فاضلن جون تقاريظ به شامل آهن جن کي پڙهي حرف آخر قائم ڪري سگهجي ٿي ته سڀني سائين علوي صاحب جي محنت کي ساراهيو آهي اهڙي تحقيقي پورهئي کي وڏي ڪوششن سان منظر عام تي آڻائڻ لاءِ مبارڪون پيش ڪيون آهن.

مغازي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم : هي سيرت مبارڪ بابت (دستياب) پهريون ڪتاب حضرت عروه ابن زبير اسدي رضه جو آهي. ۲۶۴ صفحن واري نسخي کي سنڌي ويس پهرائي، روايتن تي تحقيق ڪندي ۽ شرح لکندي علوي صاحب هن ڪتاب کي ۸۲۴ صفحن تائين پهچايو. اهو سندس تحقيق ۽ ڪم جو طريقو هو. هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران جنوري ۲۰۲۱ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.

سائين اسرار احمد علوي جي ذاتي معلومات تي نظر وجهندس ته خبر پوندي ته ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي پنهنجي والد مير الاهي بخش علوي جي گهر ۾ اکيون کوليائين. اسرار احمد سان گڏ گهر ۾ سندس نالو فاروق رکيو ويو. گهر جو ماحول علمي ۽ ادبي هئڻ ڪري ننڍپڻ کان وٺي کيس علم سان چاهه هو. سندس والد شڪارپور ميونسپل ۾ ٽيڪس انسپيڪٽر هو، جيڪو سرڪاري ملازمت تان رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ زمينداري ڪرڻ لڳو هو. پنهنجي پٽ کي پڙهائڻ لاءِ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. پڙهائي کي جاري رکندي پاڻ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. انٽر ۽ بي.اي جون سندون سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان حاصل ڪري ڪراچي يونيورسٽي جو رخ ڪيائين، سندس چاهه هو ته ايڪانامڪس ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪريان، پر پوءِ ائين ٿي نه سگهيو ۽ شڪارپور موٽي آيو. سکر جي اسلاميه ڪاليج مان ايم.اي (سنڌي) جي ڊگري امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين. ايم.اي جي تعليم دوران پنهنجي خاندان جي بزرگ شاعر “مير صفي الله فدا علوي جي شخصيت ۽ شاعري” تي مونوگراف لکيائين.

۱۱ ڊسمبر ۱۹۷۶ع تي ڪنڊيارو جي هڪ درسگاهه ۾ سنڌي پڙهائڻ شروع ڪيائين. راڻيپور، شڪارپور ۽ سکر ۾ نوڪري جا فرض پورا ڪندو ۱۰ آگسٽ ۲۰۰۴ع تي رٽائرڊ ڪيائين. سروس دوران ۱۹۹۹ع ۾ حج به ڪري آيو. رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ ضلعي زڪوات ڪميٽي شڪارپور جو چيئرمين به رهيو هو.

شڪارپور جي شاعر ۽ اديب مير شفيع احمد “اوج” علوي جي حياتي جا آخري ڏينهن ته سائين اسرار احمد علوي کي علمي ڪم ۾ مشغول رهندي ڏسڻ ۾ آيا هئا، جنهن به کيس متاثر ڪيو هو پر مرحوم جي حياتي تي سندس استاد پروفيسر سيد محمد سليم جو وڏو اثر هو. جنهن وٽان عربي جي سکيا حاصل ٿي هيس. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو به وڏو احترام ڪندو هو ۽ کيس پنهنجو استاد تسليم ڪندو هو. مفتي خليل احمد کان فارسي تي عبور حاصل ٿيو هئس. ڪڏهن ڪڏهن علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ڏانهن به ڪجهه پڇڻ هليو ويندو هو. شڪارپور جي ڀلوڙ شاعر ۽ عالم سائين قاري نثار احمد منگي “حافظ سنڌي” جا دروازا به علمي ادبي اُڃ اجهائڻ لاءِ سائين اسرار احمد علوي لاءِ هميشه کليل رهيا.

سائين وٽ ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو. پاڻ مطالعي جو تمام گهڻو پابند هو. وقت جي پابندي جهڙي طرح کيس عزيز هئي اهڙي طرح سادي غذا کائڻ، اونهاري جي موسم ۾ انب، مندن ۾ سيارو، شاعرن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ فيض احمد فيض پسند جڏهن ته نماز فجر کانپوءِ الله پاڪ جي ڪتاب قرآن مجيد جو دور ڪرڻ سندس معمول هو. لکڻ کي به وقت ڏيندو هو. سندس پويان ڇڏيل اڻ ڇپيل پورهيو هي آهي: “مير صفي الله فدا علوي جي شخصيت ۽ شاعري” (مونو)، “گنبذ خضريٰ” جي تاريخ تي سندس لکيل تحقيقي ڪتاب، مختلف علمي، ادبي ۽ مذهبي ڪتابن جا لکيل مهاڳ (هڪ ڪتاب جيترو مواد) ۽ پنهنجي عزيز پروفيسر امين الله علوي مرحوم جا لکيل مضمون ۽ مقالا سهيڙي هڪ ڪتاب تيار ڪيو هيائين. شل! سندس محنت سڀني آڏو ڇپجي ظاهر ٿي سگهي. سائين اسرار احمد علوي جا اسلامي، علمي، ادبي، سماجي، لطيفيات ۽ خاص ڪري تصوف تي ڏنل ليڪچر به جيڪڏهن گڏ ٿي سگهن ۽ منظر عام تي اچن ته سندس لاٽ مان علمي ڦهلاءَ جو سلسلو جاري رهي سگهندو.

سائين اسرار احمد علوي شڪارپور ۾ ۱۷ اپريل ۲۰۲۱ع تي روزي جي حالت ۾ وفات ڪئي. کيس پنهنجي آبائي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. دعا آهي ته الله پاڪ جنت ۾ سندس درجات بلند فرمائي. آمين

 

(روزاني ارادو شڪارپور ۾ ۱۷ مئي ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


پروفيسر سائين اسرار احمد علوي

عالم با عمل - انين جي پچار ڪالھون ڪر ڪانگ ڪري

سرور سيف

ڀني دل سان ان وطن دوست عالم کي سارجي ٿو جو سراپا علم ھو ھڪ آئيڊيل عالم جنھن کي ڏسي ۽ پسي ڪنڌ احترام ۾ نمي پوندو ھو جيڪو علامه ھو گھڻن علمن جو ڄاڻو ماھر جڏھن ڳالھائيندو ھو ته سڀ ويٺل ھم تن گوش ٿي ويندا ھئا ڇو جو سندس لفظ لفظ ۾رھبري رھنمائي ھئي، خوش نصيب آھن اھي شاگرد جي وٽس پڙھيا، ۽ ڀلا ڀاڳ انھن استادن جا جي سندس ڪليگ بڻيا سندس صحبت حاصل ڪيائون ۽ جن جو بخت بالا ھو اھي سندس رنگ ۾رنڱجي ويا.

سائين اسرار سنڌي ٻولي ۽ ادب جو استادھو، سندس نالو ٻڌندا ھئاسين سبجيڪٽ جيلسي جا ماريل سندس عزت ۽ شھرت کان خائف ٿي سندس باري ۾ ڍيڪ ڏيندا ھئاپر جڏھن سائين اسلاميه آرٽس ڪاليج سکر بدلي ٿي آيو ته نظرياتي طور تي پور وڇوٽ تي بيٺل مان سندس مثبت سوچ، رواداري علم محبت نياز انداز رھبرانه رويي ڪري ايئن گرويده بڻجي ويس جيئن شيخ اياز پروفيسر غلام مصطفا خان کان، سچ ته اسرار صاحب علامه قاسمي صاحب جو ٻيو روپ لڳو، وطن دوستي ۾ مولانا گرامي جو عڪس. اسلام جي حقيقي روح کان نوجوانن کي آشنا ڪرڻ جو وٽس ڏانء ھو ۽ مون ڏٺو ته آرٽس ڪاليج جا ڪيئي استاد جي مختلف مزاج رکندڙ ھئا ۽ دنيوي عصري علم ڏانھن لاڙو رکندڙ سندس چوگرد ايئن مڙندا ويا جيئن شمع جي چوڌاري پتنگ پروانا ۽ ھرھڪ وڌ ۾وڌ سيراب ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رھندو ھو ۽ سيراب ٿي به ويا

سائين اسرار لطيف سائين جو منفرد پارکو ھو، لطيف سائين جي مختلف سرن تي سندس ليڪچر جيڪي سائين اسلاميه ڪاليج جي سنڌي ادبي سوسائٽي جي پروگرامن ۾ ڏنا سي وڏا فڪر انگيز ۽ روح پرور ھئا اھو ئي سبب ھو جو اسان جھڙا طالب علم تتي ٿڌي جو الڪو ڪرڻ بغير بسن وينن ۾ لڙڪندا به پني عاقل کان اچي پھچندا ھئاسين، اسان جو محبوب شاھ جي شعر ۽راڳ جو پارکو سائين قربان پيرزادو به ھڪيو تڪيو اچي حاضر ٿيندو ھو. سائين اسرار صاحب جا ليڪچر ٻڌي سارا ٿڪ لھي ويندا ھئا سندس ھر تقرير ۽ تحرير پرمغز فلسفيانه ۽ صوفيانه ھئي وحدت الوجود ۽ وحدت الشھود جي صحيح اپٽار ۽ موازنو سندس جيان ڪوبه ڪري ۽ سمجھائي ناھي سگھيو.

مخدوم محمد ھاشم جون سنڌي ادب لاء وڏيون خدمتون آھن ان سان صحيح شناسائي علوي صاحب ئي ڪرائي سيرت ھاشمي سيرت پاڪ تي تمام وڏو ڪارنامو آھي مخدوم صاحب جي وڏي محنت جنھن جو عاليشان ترجمو علوي صاحب ڪيو ترجمو ته ٺيڪ پر بذل قوا ۾ جا تحقيق، تخريج ۽ مقدمو آھي سو ڪيئي پي ايڇ ڊيز جي برابر ڪم آھي جيڪو سندس وڏي عرصي جو پورھيو آھي، مون کي جڏھن سائين ھي ڪتاب تحفي طور عنايت ڪيو ۽ مان جڏھن ان جي ورق گرداني ڪئي پڙھيو ته حيرت طاري ٿي وئي ۽ سندس ڄاڻ تي رشڪ ٿيو ۽ ساڳي طرح سندس ٻي محنت سيرت پاڪ تي لکيل عروه بن زبير جي تصنيف المغازي جيڪو سيرت پاڪ تي دنياء اسلام ۾ پھريون لکيل ڪتاب آھي کي سنڌي ويس پھرائڻ مقدمو تخريج وغيره وڏو ڪارنامو آھي (مون ان جي مطالعي جو شرف حاصل ناھي ڪيو) ان ڪتاب جي ڄڻ کيس ڇپائي جو انتظار ھو ۽ جڏھن ڪتاب ڇپيو ته عاشق ۽ سنڌ جي معروف تعليمدان پروفيسر سائين علي رضا شاھ ان جي منھن ڏسڻي جو انتظام ڪيو ۽ بس پاڻ پنھنجو فرض ڄڻ پورو ڪري رمضان شريف ۾روزي جي حالت ۾ وڃي سرخرو ٿي مالڪ جي حضور پھتو ۽ يقين آھي ته مالڪ ۽ ان جي محبوب صه جن، سندس ڀرپور آجيان ڪئي ھوندي.

سا سونھين ٿئي سون، امر عطا جنھن جو. (شاھ سائين)

 

(سرور سيف جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ مئي ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)



پروفيسر اسرار احمد علوي

علمي ۽ ادبي خدمتون

حسيب ناياب منگي

عالِم جو موت عَالم جي موت جي برابر تسليم ڪيو ويندو آهي، عالم جي لاڏاڻي وارو خال ڀرجي ناهي ڀربو. سندس ڪچهري ته رس ڀري هوندي هئي پر هو جڏهن محفلين ۾ شعر، ادب ۽ ٻوليءَ جهڙن موضوعن تي ڳالهائيندو هو ته ٻڌندڙن جي دل چوندي هئي ته معلومات جي کاڻ مان اسان اڃا پيا ڄاڻ حاصل ڪندا رهون. قرآن مجيد، سيرت النبي صه ۽ حديث تي ڳالهائي ته دليل ۽ حوالا پيش ڪندو هو. سولي سمجهاڻي ڏيئي مطمئن ڪندڙ هو. سندس شخصيت به پُربهار هئي. چهري تي نه ته ڪڏهن غصي جا آثار نه ئي دل ۾ ڪنهن جي لاءِ ڪو زنگ! کلمک انسان هو. پيار ۽ پاٻوهه سان ملڻ ۽ ملي ڪري ماڻهو کي پنهنجو بڻائڻ اها سندس خوبي هئي. هن جي ذات ۾ عاجزي ۽ انڪساري هئي. وڏڙي عمر هوندي به جڏهن پاڻ کان وڏن جو ذڪر ڪندو هو ته احترام وچان سندن نالو کڻندو هو. ننڍڙن سان جڏهن ملندو هو ته شفقت جو هٿ ڊگهيري مسڪرائيندو هو ۽ دعائون ڏيندو هو. رستي تي نڪري ته ننڍي يا وڏي کي سلام ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو هو. ننڍا کيس “سائين” ۽ وڏڙا “لالا” ڪوٺيندا هئا. گلا ۽ ڪوڙ کان پرهيز شروعات کان سندس طبعيت ۾ شامل هئي. ايڏي ساري ڄاڻ هوندي به مجال آ جو تڪبر کڻي ڪري! خوش پوشاڪ، نيڪ سيرت، باعمل ۽ ديندار شخص جو هن فاني جهان مان ڪوچ ڪرڻ اسلامي ۽ سنڌي ادب، تاريخ ۽ زبان لاءِ وڏو نقصان آهي.

سنڌ اندر اها خبر تمام گهڻي ڏک سان ٻڌي ۽ پڙهي وئي هئي ته شڪارپور ۾ سيرت رسول صه تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ڪندڙ، عالم، اديب، شاعر ۽ شاهه لطيف رح جو پارکو پروفيسر اسرار احمد علوي ستهتر ورهين جي ڄمار سان روزي جي حالت ۾ مالڪ حقيقي وٽ پهتو. مرحوم پنهنجي زندگيءَ ۾ روزي ۽ نماز هو پابند ۽ سخي هو. گهڻا ئي ماڻهو سندس قرب ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيندا هئا ۽ هو به الائجي ڪيترن ماڻهن کي علم جي روشني سان منور ڪندو رهندو هو.

مون کي ياد ٿو اچي ته سائين اسرار احمد علوي وٽ جڏهن به ڪنهن مشاعري يا ادبي پروگرام جي دعوت ڏيڻ ويندا هياسين ته سمورن ڪمن ڪارين کي ڇڏي محفل ۾ اچي حاضر ٿيندو هو. علم ۽ ادب سان گهرو تعلق کيس ورثي ۾ مليو هو. مرحوم جو خاندان صدين کان شڪارپور ۾ پنهنجي علمي ۽ ادبي خدمتن ۽ هٿ جي شفا (حڪمت) سبب مشهور ۽ مڃتا ماڻيندڙ رهيو آهي. شڪارپور ۾ هن گهراڻي کي علمي، ادبي، بزرگي، طبابت ۽ سماجي حوالي سان خاص اهميت حاصل آهي. هن خاندان جي هر پيڙهيءَ پنهنجي ورثي جا وارث ڏئي پنهنجي روايتن کي جاري رکڻ ۾ به پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

سائين اسرار احمد علوي کي شاعريءَ سان چاهه هو، جيتوڻيڪ پاڻ گهڻو شعر نه لکيو اٿائين پر پوءِ به هو شعر جي ارڪانن کان واقف هو ۽ محفلين ۾ ايندو هو ته هر هڪ سخن طراز کي غور سان ٻڌندو هو ۽ داد ڏيئي نون شاعرن جي حوصلا افزائي ڪندو هو. پاڻ ان ماحول جو اکين ڏٺو شاهد به هو جڏهن شڪارپور ۾ هر هفتي يا مهيني ۾ ٻن مشاعرن جو اهتمام ڪيو ويندو هو. سنڌ جا ناليوارا شاعر شڪارپور ايندا هئا ۽ محفليون سجبيون هيون. طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن جي روايت کي برقرار رکڻ لاءِ “بزم گلشن لطيف شڪارپور”، “ادارا سچل سر مست”، “مهراڻ ادبي سنگت” ، “سنڌ سڳنڌ ادبي سنگت” وغيره جهڙيون تنظيمون سرگرم آهن. جشن عيد ميلاد النبي صه هجي يا محرم ۾ امام حسين ابن علي ڪرم الله وجهه جي ياد، عيد هجي يا ڪنهن شاعر سان رهاڻ رچائڻ جو پروگرام! پوءِ اُن موقعي تي “طرح” ڏني ويندي هئي شاعر پنهنجا خيال پيش ڪندا هئا. سائين اسرار احمد علوي جي شرڪت به لازمي ٿيندي هئي. پوءِ سنگت جي چوڻ کي نه ٽاري سگهندو هو ته پنهنجو شعر به مشاعري ۾ پيش ڪندو هو. سندس لکڻ جو ڍنگ پنهنجو ۽ ساديون تشبيهون هونديون هيون. موضوع به اهڙو جو لکڻ ۽ پڙهڻ سان دل کي تسڪين حاصل ٿئي. مون کي ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي “مهراڻ ادبي سنگت شڪارپور” جي سڏ تي حضرت امام عالي مقام حسين عه ۽ شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ هڪ مشاعرو ٿيو هو، پروفيسر صاحب کي اسٽيج تي خاص مهمان جي حيثيت سان ويهاريو ويو هو. گهڻن ئي شاعرن جي تخيل کي ٻڌي ڪري پاڻ به ڊائري کولي پنهنجو لکيل ڪلام پڙهڻ لڳو هو:

موجود جت حسين عه هجي ظلم ڪيئن رهي،

بي راهه ۽ بي دين سان هرگز نه هو ٺهي.

اسلام جي نفاذ لاءِ سختيون پيو سهي،

يا پنهنجو سر وڃي يا باطل جو بت ڊهي.

ماضي ۾ شڪارپور اندر اصلاحي پروگرامن جو اهتمام ڪيو ويندو هو. تقريرن وسيلي شاگردن تائين اتحاد ۽ ٻڌيءَ جا مثال پهچايا ويندا هئا. شاعرن کي وري مشاعري جو سڏ ڏنو ويندو هو، ننڍن وڏن شهرن کان شاعرن جا ٽولا اچي شڪارپور ۾ گڏ ٿيندا هئا. ڏينهن جون تقريرون ۽ سج لٿي شعرن جي محفل سجندي هئي. ٻاهرين مهمانن کي رات ٽڪائي خوب مهمان نوازي واري روايت کي به پورو ڪيو ويندو هو. الائجي ڪيڏانهن ويون اهي روايتون ۽ ريتون رسمون! جو غير کي به پنهنجو بڻائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي هئي. هاڻي ته نفسا نفسي واري عالم ۾ نه اهي مشاعره نه وري ڪي قرب ڪچهريون باقي رهيون آهن. شاعر مشاعرن ۾ اهو پيغام ڏيندا هئا ته پاڻ ۾ اتحاد قائم رکجي ۽ اختلافن کي ختم ڪري نفرت جي باهه کي وسايو وڃي. شاعر به دل کولي پنهنجي خيال کي شعرن جي صورت ۾ پيش ڪندا هئا. اهڙي قسم جي هڪڙي مشاعري ۾ پروفيسر اسرار احمد علوي پنهنجو طويل ڪلام پيش ڪيو هو ته سندس پڙهڻ ۾ رواني ۽ تلفظ جي ادائگي ماحول تي خاموشي طاري ڪري ڇڏي هئي.

جاڳ مسلم! ٿيو آ تو لئه وقت اڄ دشوار آ،

عالم اسلام تي ڏس ڪفر ڪئي يلغار آ.

متحد ٿي پاڻ ۾ مومن ختم ڪيو اختلاف،

سوئي پيارو رب کي جنهن خلق سان ڪيو پيار آ.

سائين اسرار احمد علوي کي پنهنجي شهر شڪارپور سان بيحد پيار هو. هن گذريل ڏهن سالن اندر شڪارپور جي حوالي سان ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ جيڪي تقريرون ڪندو رهيو تن ۾ شهر جي خوبصورتي جا اهڙا ته مثال پيش ڪندو رهيو جو آڱريون ڏندين اچي وينديون هيون. شڪارپور جي تاريخ جي انيڪ نقطن تي ڳالهائيندو هو. ڪاٺ تي اُڪر، عمارت سازي جي فن، هٿ جي هنرن، کاڌي جي سوادن، ريتن روايتن، رسمن ۽ رواجن، علم، صحافت، سياست، ادب، ٻوليءَ جي لهجي، سماج ۽ خدمت گذاري جي واقعن جي وٽس چڱي ڄاڻ هئي. تقرير هجي ۽ موضوع به شڪارپور! پوءِ ته سائين اسرار احمد کي پيا ٻڌون! پنهنجي لکيل هڪ نظم ۾ به هن شڪارپور کي موضوع بڻايو آهي ۽ ٻڌائي ٿو ته:

ماڻهو به تن جا سهڻا، منظر به ڪيڏا نيارا،

پر سرس سونهن ۾ هئا جنهن شهر جا نظارا،

دل جي دنيا ۾ اڄ به محفوظ پيا هن سارا،

دل کي وڻن نظارا، سهڻي شڪارپور جا.

ـــــــ

رونق هئي ڇا شهر جي، ڇا رنگ هيو ڇا رس،

مشهور ٿيو دنيا ۾ هي سنڌ جو هو پئرس،

روشن هيو هميشه هر روڊ ۽ گهٽي گس،

جن جي ڏسڻ سان ٺرندي انسان جي هئي نس نس،

اهو ڪونهي جيڪو آڻي تن رونقن کي واپس،

چمڪن وري سي چارا، سهڻي شڪارپور جا.

سائين اسرار احمد علوي کي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي ڪلام جو ڪافي حصو ياد هو، وقت به وقت ڀٽائي سرڪار جا شعر موقعي جي مناسبت سان پيش ڪندو هو. لطيف سائين جي رسالي ۽ سندس فن متعلق وٽس گهڻو مواد موجود هو. سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ وڃي شاهه جي رسالي مان ڪنهن نه ڪنهن هڪ سُر جو انتخاب ڪري ڪاليج اندر ليڪچر ڏيندو هو. سندس سمجهاڻي سولي ۽ بامعنيٰ هوندي هئي اهڙي محنت مان شاگرد طبقي کي ڀٽائي گهوٽ جي پيغام جي اهميت جي پروڙ پوندي هئي. ڪاش اهي ليڪچر گڏ ٿي سگهن ۽ ڪتابي صورت وٺي هر گهر تائين پهچن!

تحقيق جي ميدان ۾ هن پاڻ ملهايو. سالن جا سال هڪ موضوع سان وابسته مواد کي ڪٺو ڪندو هو، هڪ هڪ روايت لاءِ الائجي ڪيترا ڪتاب پڙهڻا پوندا هئس. سنڌ ۽ پاڪستان ته ٺهيو پر پرڏيهي ڪتب خانن ۾ وڃي ڪتاب حاصل ڪندو هو. جڏهن اطمينان حاصل ٿيندو هئس تڏهن وڃي قلم کڻندو هو. سندس حياتيءَ جي علمي محنت ۽ جاکوڙ جا ٻه نتيجا تحقيق، ترجمي، تخريج ۽ تشريح جي صورت ۾ اسان جي سامهون “سيرت هاشمي صه” ۽ “مغازي رسول الله صه” آهن. جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ اسلامي ادب جا مستند ڪتاب تسليم ڪيا وڃن ٿا.

سيرت هاشمي :

مخدوم محمد هاشم محدث ٺٽوي جي لکيل ڪتاب “بذل القوه حوادث سِني النبوه ” جو سنڌي ترجمو آهي. ترجمي سان گڏ سائين اسرار احمد علوي متن تي تحقيق، تخريج ۽ تشريح جو محنت طلب ڪم ڪري پاڻ ملهايو. هن ڪتاب کي مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران ۲۰۰۳ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ اڄ ڪتاب جو ڏهون ڇاپو مارڪيٽ ۾ موجود آهي. ڪتاب جي نالي مان واضح آهي ته هي ڪاوش حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن جي حيات مبارڪ تي مشتمل آهي. ۶۵۲ صفحن تي ڦهليل هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف عالمن ۽ فاضلن جون تقاريظ به شامل آهن جن کي پڙهي حرف آخر قائم ڪري سگهجي ٿي ته سڀني سائين علوي صاحب جي محنت کي ساراهيو آهي اهڙي تحقيقي پورهئي کي وڏي ڪوششن سان منظر عام تي آڻائڻ لاءِ مبارڪون پيش ڪيون آهن.

مغازي رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم : هي سيرت مبارڪ بابت (دستياب) پهريون ڪتاب حضرت عروه ابن زبير اسدي رضه جو آهي. ۲۶۴ صفحن واري نسخي کي سنڌي ويس پهرائي، روايتن تي تحقيق ڪندي ۽ شرح لکندي علوي صاحب هن ڪتاب کي ۸۲۴ صفحن تائين پهچايو. اهو سندس تحقيق ۽ ڪم جو طريقو هو. هي ڪتاب مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور پاران جنوري ۲۰۲۱ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي.

سائين اسرار احمد علوي جي ذاتي معلومات تي نظر وجهندس ته خبر پوندي ته ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۴ع تي پنهنجي والد مير الاهي بخش علوي جي گهر ۾ اکيون کوليائين. اسرار احمد سان گڏ گهر ۾ سندس نالو فاروق رکيو ويو. گهر جو ماحول علمي ۽ ادبي هئڻ ڪري ننڍپڻ کان وٺي کيس علم سان چاهه هو. سندس والد شڪارپور ميونسپل ۾ ٽيڪس انسپيڪٽر هو، جيڪو سرڪاري ملازمت تان رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ زمينداري ڪرڻ لڳو هو. پنهنجي پٽ کي پڙهائڻ لاءِ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. پڙهائي کي جاري رکندي پاڻ هاءِ اسڪول شڪارپور مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. انٽر ۽ بي.اي جون سندون سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج شڪارپور مان حاصل ڪري ڪراچي يونيورسٽي جو رخ ڪيائين، سندس چاهه هو ته ايڪانامڪس ۾ ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪريان، پر پوءِ ائين ٿي نه سگهيو ۽ شڪارپور موٽي آيو. سکر جي اسلاميه ڪاليج مان ايم.اي (سنڌي) جي ڊگري امتيازي حيثيت سان پاس ڪيائين. ايم.اي جي تعليم دوران پنهنجي خاندان جي بزرگ شاعر “مير صفي الله فدا علوي جي شخصيت ۽ شاعري” تي مونوگراف لکيائين.

۱۱ ڊسمبر ۱۹۷۶ع تي ڪنڊيارو جي هڪ درسگاهه ۾ سنڌي پڙهائڻ شروع ڪيائين. راڻيپور، شڪارپور ۽ سکر ۾ نوڪري جا فرض پورا ڪندو ۱۰ آگسٽ ۲۰۰۴ع تي رٽائرڊ ڪيائين. سروس دوران ۱۹۹۹ع ۾ حج به ڪري آيو. رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ ضلعي زڪوات ڪميٽي شڪارپور جو چيئرمين به رهيو هو.

شڪارپور جي شاعر ۽ اديب مير شفيع احمد “اوج” علوي جي حياتي جا آخري ڏينهن ته سائين اسرار احمد علوي کي علمي ڪم ۾ مشغول رهندي ڏسڻ ۾ آيا هئا، جنهن به کيس متاثر ڪيو هو پر مرحوم جي حياتي تي سندس استاد پروفيسر سيد محمد سليم جو وڏو اثر هو. جنهن وٽان عربي جي سکيا حاصل ٿي هيس. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جو به وڏو احترام ڪندو هو ۽ کيس پنهنجو استاد تسليم ڪندو هو. مفتي خليل احمد کان فارسي تي عبور حاصل ٿيو هئس. ڪڏهن ڪڏهن علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ڏانهن به ڪجهه پڇڻ هليو ويندو هو. شڪارپور جي ڀلوڙ شاعر ۽ عالم سائين قاري نثار احمد منگي “حافظ سنڌي” جا دروازا به علمي ادبي اُڃ اجهائڻ لاءِ سائين اسرار احمد علوي لاءِ هميشه کليل رهيا.

سائين وٽ ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود هو. پاڻ مطالعي جو تمام گهڻو پابند هو. وقت جي پابندي جهڙي طرح کيس عزيز هئي اهڙي طرح سادي غذا کائڻ، اونهاري جي موسم ۾ انب، مندن ۾ سيارو، شاعرن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ فيض احمد فيض پسند جڏهن ته نماز فجر کانپوءِ الله پاڪ جي ڪتاب قرآن مجيد جو دور ڪرڻ سندس معمول هو. لکڻ کي به وقت ڏيندو هو. سندس پويان ڇڏيل اڻ ڇپيل پورهيو هي آهي : “مير صفي الله فدا علوي جي شخصيت ۽ شاعري”(مونو)، “گنبذ خضريٰ” جي تاريخ تي سندس لکيل تحقيقي ڪتاب، مختلف علمي، ادبي ۽ مذهبي ڪتابن جا لکيل مهاڳ (هڪ ڪتاب جيترو مواد) ۽ پنهنجي عزيز پروفيسر امين الله علوي مرحوم جا لکيل مضمون ۽ مقالا سهيڙي هڪ ڪتاب تيار ڪيو هيائين. شل! سندس محنت سڀني آڏو ڇپجي ظاهر ٿي سگهي. سائين اسرار احمد علوي جا اسلامي، علمي، ادبي، سماجي، لطيفيات ۽ خاص ڪري تصوف تي ڏنل ليڪچر به جيڪڏهن گڏ ٿي سگهن ۽ منظر عام تي اچن ته سندس لاٽ مان علمي ڦهلاءَ جو سلسلو جاري رهي سگهندو.

سائين اسرار احمد علوي شڪارپور ۾ ۱۷ اپريل ۲۰۲۱ع تي روزي جي حالت ۾ وفات ڪئي. کيس پنهنجي آبائي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. دعا آهي ته الله پاڪ جنت ۾ سندس درجات بلند فرمائي. آمين.

 

No comments:

راءِ ڏيندا