بولچند وسومل راجپال
حسيب ناياب منگي
سنڌي ادب
جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ جن ماڻهن نيڪ نيتيءَ سان ڪم ڪري پاڻ ملهايو انهن ۾ مسٽر
بولچند وسومل راجپال جو نالو به شامل آهي. هن جي لکڻ جي شروعات ته تڏهن کان ٿي
جڏهن کان هو “هندو جاتي” اخبار ۾ وشنو شرما سان ڪم
ڪرڻ لڳو هو ۽ بنا ڪنهن معاوضي وٺڻ جي سب ايڊيٽر ٿي پاڻ ملهايو هو. اڻٿڪ محنت ۽
مسلسل جدوجهد کيس ان منزل تي پهچايو ته هن جي سوچ “سنڌو” رسالو جاري ڪرڻ تي آماده
ٿي. جنوري ۱۹۳۲ع ۾ هن جڏهن “سنڌو” رسالو جاري ڪيو ۽ شيام سندر پرنٽنگ پريس شڪارپور
مان ڇپجي پڌرو ٿيو ته پرچو ٻين رسالن جي ڀيٽ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. پرچي ۾ ايڊيٽر جي
حيثيت سان خوشيءَ خوشيءَ اظهار ڪندي لکيائين ته “سنڀرندي سال ٿيا، پي پور پچايم ته
ڪو وڏي پئماني تي رسالو ڪڍان، . . . . انگريزي ۽ اردو رسالا پڙهندو هئس جن متاثر
ڪيو ته سنڌي ۾ سنڌو رسالو جاري ڪريان ٿو. . . اهو صدورو ڏينهن اچي ويو جڏهن پنهنجي
مراد ڏسي اندر پيو ڦولهارجي شاد ٿئي”.
“سنڌو”
رسالي جي اشاعت کانپوءِ انهن ڏينهن جي اديبن ۽ پڙهندڙن نه صرف بولچند وسومل راجپال
جي اهڙي قدم تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو پر مختلف اخبارن ۾ به رسالي جي اشاعتي عمل کي
ساراهيو ويو هو. اها به مسٽر بولچند وسومل راجپال جي علمي قابليت هئي جو موضوعن جو
انتخاب اهڙو ٿي ڪيائين جو پڙهندڙن جي علمي اُڃ اجهامڻ لڳي. سندس گهرو مطالعو به
گهڻو ڪم آيو، مضمونن اندر لازمي درستگيون هجن يا شاعرن جي ڪلام جي چونڊ ۽ معلومات
توڙي احوال ۽ خبرون رسالي جي جان ثابت ٿيا. سنڌي ادب ۾ جدت ۽ ترقي ايندي وئي. سنڌو
رسالي ۾ وقت به وقت ماڌوداس شوالومل ۽ هري دلگير جهڙا ڏاها به سندس ٻانهن ٻيلي
رهيا. ناليوارن قلمڪارن جڏهن ٻوليءَ ۽ ادب توڙي سياسي، سماجي، ڌرمي ۽ علمي موضوعن
تي قلم کنيو ته سنڌو رسالي جي اهميت اڃان به وڌيڪ اجاگر ٿيندي وئي. مسٽر بولچند
وسومل راجپال به مختلف موضوعن تي قلم کڻي پاڻ ملهايو.
بولچند
وسومل راجپال خوشحال گهراڻي جو فرد هو ۳ ڊسمبر ۱۹۰۲ع تي ڄائو هو. ساماڻيو ته
پنهنجي ميان جو ڳوٺ ضلعي شڪارپور ۾ زمينداري ڪرن شروع ڪئي هيائين. سندس وڏو ڀاءُ
پرڀداس پڻ ان ڪرت ۾ مشغول رهندو هو. سندس پتا سيٺ وسومل هجي يا ڏاڏو سيٺ دريا
ڏنومل راجپال به زميندار هئا. ۱۹۲۶ع ۾ جڏهن شادي ڪيائين ته زمينداريءَ تان ارواح
ئي کڄي ويس ۽ جيڪب آباد ۾ وڃي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ استاد ٿيو ۽ سائنس جو سبجيڪٽ
پڙهائڻ لڳو. بولچند وسومل راجپال جتي به رهيو بنا ڪنهن اجوري جي پنهنجي مٿان آيل
هر ذميواري ڌيان سان نڀائڻ لڳو.
بولچند
وسومل راجپال جي سڃاڻپ جو حوالو صرف زمينداري، استاد يا سنڌو رسالي جو ايڊيٽر نه
هو بلڪه هن کي قومي تحريڪن ۾ حصا وٺڻ ۽ سياست ۾ دلچسپي هئي. چيو پيو وڃي ته هڪ
ڀيرو اليڪشن ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ اميدوار جي حيثيت سان سامهون آيو به هيو مگر کٽي نه
سگهيو هو. ايترو ئي نه پاڻ ته غريبن جو همدرد، بي سهارن جو سهارو به هو. جڏهن به
ڪنهن مظلوم ۽ مسڪين توڙي محتاج کي بي حال ڏسندو هو ته سيدنا لطيف چواڻيءَ “نيڻ
نهاري منهنجا، روئي ٿيا رت” جيان اکين مان آب جاري ٿي ويندو هئس. وس پڄندي مفلس
ماڻهن جي مدد ڪندو هو. يتيمن جي پڙهائيءَ جو بار کڻندو هو. وقت به وقت کيس تڪليفون
به اينديون هيون، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن سنڌو رسالي جو خرچ به برداشت نه ڪري
سگهندو هو. اهڙين لاهين چاڙهين جي ڪري سنڌو رسالو وقت به وقت بند به ٿي ويو هو. “سنڌو
ٽرسٽ بورڊ” جو قيام هجي يا “سنڌي ساهت منڊل” سندس سرپرستيءَ هيٺ علمي، ادبي ۽
سماجي خدمتن جو حوالو رهيا آهن.
بولچند
وسومل راجپال سنڌ جي صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت قادر بخش “بيدل” رح جو ڪلام ترتيب ڏئي “بيدل
جو سنڌي ڪلام” جي نالي سان ڇپرايو هو، ۹۴ صفحن تي ڦهليل اهو ڪتاب آزاد بوڪ ڊيپو
جيڪب آباد مان ڇپجي پڌرو ٿيو هو. اهڙيءَ طرح سندس مضمون، تنقيدون تبصرا ۽
ايڊيٽوريل علمي ڏاهپ ۽ گهري سوچ جي اڄ به ساک ڀري رهيا آهن. هن پنهنجي ڳوٺ کان
پنهنجو تعليمي سفر شروع ڪيو هو، هاءِ اسڪول شڪارپور کان ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج
ڪراچيءَ پهچڻ ۽ اتان بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪرڻ تائين سماج توڙي پنهنجي آڪهه جو
متحرڪ ڪردار ٿي اڀريو.
مسٽر
بولچند وسومل راجپال آگسٽ ۱۹۴۷ع تائين ماهوار سنڌو رسالي کي جاري رکڻ ۾ جيتري به
ڪوشش ورتي سا سندس ڪاميابي کي اڄ به ظاهر ڪري رهي آهي. ماهوار سنڌو رسالو ڪڏهن
شڪارپور ته ڪڏهن ميان جو ڳوٺ، جيڪب آباد ته ڪڏهن ڪراچيءَ مان ظاهر ڪري سنڌي ٻوليءَ
۽ ادب جي خدمت ڪري رهيو هو ته ورهاڱو ٿي ويو. ڌرتيءَ کان ڏور وڃڻ جي ڏکن سندس اکين
کي آلو ڪري ڇڏيو. نير وهائي پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ کان ڌار ٿي پنهنجا ۽ پنهنجن جا
ڏک ساڻ کڻي آگره ۾ وڃي آباد ٿيو.
پئي جا پرڀات، سا ماڪ م پسو ماڙها،
روئي ڇُڙي رات، ڏسي ڏکوين کي.
(شاهه لطيف)
بولچند وسومل راجپال هندستان ۾ آگره، دهلي ۽ احمدآباد ۾ حياتيءَ جا ڏينهن گذاريندي جنوري ۱۹۶۶ع تائين سنڌو رسالو شايع ڪندو رهيو. هندستان ۾ هن احمد آباد ۾ ۶ فيبروري ۱۹۷۱ع تي پرلوڪ پڌاريو.
بولچند وسومل راجپال
ميان جو ڳوٺ واسي ناليوارو
اديب، استاد ۽ سنڌو رسالي جو ايڊيٽر
علي عابد سومرو
ورهاڱي
کان اڳ اتر سنڌ جو ضلعو شڪارپور علمي، ادبي ۽ واپار جي حوالي سان وڏي سڃاڻ رکندڙ
هو. تاريخ ۾ جهڙيءَ ريت شڪارپور شهر پنهنجي پڙهيل لکيل ۽ سڌريل ماڻهن جي ڪري مشهور
هو تهڙيءَ ريت هن ضلعي جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ ميان جو ڳوٺ به شڪارپور شهر جو عڪس لڳندو
هو. هن ڳوٺ ۾ به ان دور ۾ ڪيتريون ئي علمي، ادبي ۽ صحافتي ميدان ۾ پنهنجي خاص سڃاڻ
رکندڙ شخصيتن جنم ورتو، جن مان ناليوارو استاد، اديب ۽ صحافي بولچند وسومل راجپال،
استاد ۽ تعليمي ماهر يار محمد ٽانوري، ڪريم بخش ٽانوري، ناليوارو شاعر ۽ استاد
کيئل داس فاني، ناليوارو عالم دين سيد محسن علي شاهه، لڇمڻ راجپال، پرڀداس، ۽ محمد
عظيم سميجو جن جا نالا ڳڻائڻ لائق آهن. کيئل داس فاني پنهنجي هڪ خط ۾ لکيو آهي ته
ميان جو ڳوٺ جي ورنيڪيولر اسڪول ۾ هن ڪريم بخش ٽانوري وٽ تعليم پرائي، جنهن جهڙو
استاد کيس هن وقت تائين نه ٽَڪريو آهي.پنهنجي خط ۾ هن وڌيڪ لکيو آهي ته ان وقت ڪريم
بخش ٽانوري ۽ بولچند وسومل راجپال (بي ايس سي)، اهڙا استاد هئا جن هن سميت ڪيترائي
استاد، انجنئر، ڊاڪٽر ۽ آرٽسٽ پيدا ڪيا جن اڳتي هلي پنهنجي ڳوٺ ۽ سنڌ جو نالو روشن
ڪيو. اڄ هتي ذڪر ڪريون ٿا هن ڳوٺ ۾ علمي، ادبي ۽ صحافتي منڊلي مچائيندڙ استاد،
اديب ۽ صحافي بولچند وسومل راجپال جو. بولچند وسومل راجپال، ميان جي ڳوٺ ۾ ۳ ڊسمبر
۱۹۰۲ ع ۾ پيدا ٿيو. هن شروعاتي تعليم ميان جو ڳوٺ جي اسڪول مان ورتي ،ان زماني ۾
اسڪول ۾ يار محمد ٽانوري جهڙن استادن جي نظرداري هيٺ هن تعليم حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ ڏيارام
ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ڪراچي مان سائنس ۾ گريجوئيشن ڪري بي ايس سي جي ڊگري ورتي. بولچند
وسومل راجپال ۱۹۲۶ع ۾ شادي ڪري وڏي ڀاءُ سان ڳوٺ ۾ ئي زمينداري شروع ڪئي، ان ۾ دل
نه لڳس ته وڃي جيڪب آباد جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ سائنس جو استاد ٿيو. ٿوري عرصي
کان پوءِ هندو جاتي اخبار ۾ وشنو شرما سان گڏ صحافت ڪرڻ لڳو ۽ سب ايڊيٽر ٿي بنا
پئسي جي ڪم ڪندو رهيو.جنهن کانپوءِ واپس ڳوٺ اچي هن شڪارپور مان پهرين جنوري ۱۹۳۲ع
تي ماهوار سنڌو رسالو جاري ڪيو، سنڌو رسالو پهرين شيام سندر پرنٽنگ پريس لکي در
مان شايع ٿيندو هو. هن اها پرنٽنگ پريس سڪ پل روڊ تي قائم ڪري اتان رسالو ڪڍڻ شروع
ڪيو.۱۹۳۵ع ۾ سنڌو رسالي جي آفيس ان پرنٽنگ پريس مان منتقل ڪري سيٺ نارائڻ داس بجاج
جي جاءِ ۾ آندائين، جيڪا لکي در جي اوڀر ۾ پراڻي فوجداريءَ جي سامهون هئي. بولچند
هن رسالي کي ڪمائيءَ جي بدران نج ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ واري خيال کان هلايو.۱۹۳۴ع ۾
هن رسالي لاءِ بولچند مالي خساري جو ذڪر ڪيو. هونئن به هي رسالو سندس ذاتي خدمت جو
نتيجو هو. ٻن سالن ۾ بولچند بنا ڪنهن فائدي جي هر مهيني ٽي هزار رپيا رسالي جي
شايع ٿيڻ تي خرچ ڪندو رهيو. ان دوران هن سنڌي عوام کي رسالي جي مالي سهڪار لاءِ
اپيلون پڻ ڪيون. بولچند وسومل جنوري ۱۹۴۲ ع کان سنڌو ٽرسٽ ٺاهي ۽ سنڌو ۽ ڀارت پريس
ان جي حوالي ڪيا. کيس سنڌو رسالي سان وڏو عشق هو، ٻي جنگ عظيم دوران هن ڪڏهن ميان
جو ڳوٺ مان ته ڪڏهن جيڪب آباد مان سنڌو رسالي کي جاري رکيو.۱۹۳۵ع ۾ رسالي جي آفيس
مڪمل طور تي ميان جي ڳوٺ منتقل ڪيائين ۽ اتان ئي رسالو نڪرندو رهيو. ميان جو ڳوٺ ۾
هن وقت الشهباز هوٽل واري چوڪ تي اڪرم ڀٽي وارن جي دڪانن ۽ گهٽيءَ جي ڪنڊ تي ڀارتي
پرنٽنگ پريس هوندي هئي جتان سنڌو رسالو شايع ٿيندو هو، ان پرنٽنگ پريس جا آثار
اسان پنهنجي اکين سان ڏٺا هئا جيڪي
هاڻي مڪمل طور تي ميسارجي ويا آهن جو ان جاءِ کي ڊاهي هاڻي نئين اڏاوت ڪئي وئي
آهي.۱۹۳۹ع ڌاري رسالي جي آفيس راجپال پرنٽنگ پريس جيڪب آباد منتقل ڪئي جتان سنڌو ڇپجندو
رهيو، ان پريس جو نالو مٽائي ’ڀارت پرنٽنگ پريس‘ رکيو ويو. ان منتقلي دوران رسالي
جي اشاعت ۾ ٻه مهينا وقفو اچي ويو، جنهن کان پوءِ ۱۹۳۹ع ۾، جون- جولاءِ ۽ آگسٽ ٽنهي
مهينن جو گڏيل پرچو شايع ڪيو ويو. ۱۹۳۹ع ۾ راجپال سان گڏ سنڌوءَ جو ايڊيٽر ماڌو
داس شوالو مل ٿيو. ۱۹۴۲ع ۾ هري دلگير درياڻي به سنڌوءَ جي ادارتي لڏي ۾ شامل ٿي ٽئين
ايڊيٽر طور ذميواريون سنڀاليون. ۱۹۴۲ع ڌاري ٻيهر مالي گهوٽالي سبب ’امانتي بورڊ‘
جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جيڪو سنڌو رسالي لاءِ مالي سهڪار حاصل ڪرڻ جي خيال کان ٺاهيو
ويو، ۱۹۴۲ع ۾ هري دلگير کي اوور سيز کاتي ۾ نوڪري ملي ته ماڌو داس شوالي مل ايڊيٽر
ٿيو جنهن کي به سياسي سماجي جاڳرتا ڦهلائڻ لاءِ جلسن ۾ تقريرون ڪرڻ تان گرفتار ڪري
اڍائي سالن لاءِ جيل موڪليو ويو. ان دوران سنڌ ۾ ٻوڏن به راڱا ڪيا. انهن مڙني
حالتن جي ڪري راجپال سنڌو رسالي جي آفيس ميان جي ڳوٺ ۾ آندي ۽ رسالو ’ٽرسٽ بورڊ‘
جي حوالي رهيو. ان دوران رسالي جي معيار تي به فرق پيو. معاشي طور غير مستحڪم هئڻ
سبب رسالي جي اشاعت ۾ به گهاريون پيون. بولچند راجپال ان دوران سنڌ ۾ ’ساهتيه منڊل‘
جو به بنياد رکيو، جيڪا نج ادبي سوسائٽي هئي. ۲۳ اپريل ۱۹۴۴ع تي ميان جي ڳوٺ ۾ ان
جي پهرين گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ عهديدار چونڊيا ويا. جڏهن ته بورڊ جي هر ميمبر کي هر
مهيني ۴۰ رپيا پگهار ڏيڻ جو طئه ٿيو ۽ سنڌو رسالي جي ليکڪن، ميمبرن ۽ گراهڪن پاران
ميلا ۽ جلسا ڪرائڻ جي رٿ آئي، جيڪا پڻ منظور ٿي.۱۹۴۷ع ۾ طئي ٿيو ته سنڌو رسالو
ميان جي ڳوٺ بدران ڪراچيءَ مان شايع ڪجي. ان دوران بولچند گهريلو مجبورين سبب ڪراچيءَ
وڃڻ جهڙو ڪو نه هو. اهڙيءَ ريت ۲۰ ڊسمبر ۱۹۴۶ع تي سنڌوءَ جو آخري پرچو مسٽر راجپال
جي ايڊيٽريءَ هيٺ نڪتو، جنوري ۱۹۴۷ع کان وري سنڌوءَ جو ايڊيٽر ماڌو داس شوالو مل ٿيو
۽ ڪراچيءَ جي جنتا پرنٽنگ پريس مان رسالي جي ڇپائي ٿيڻ شروع ٿي، جنهن کي سنڌ ٽرسٽ
بورڊ آفيس فريئر روڊ ڪراچيءَ پاران پڌرو ڪيو ويندو هو.هن رسالي سنڌ ۾علمي، ادبي
سجاڳيءَ ۽ ذخيري ۾ وڏو واڌارو آندو. هن رسالي پهرين جنگ عظيم کان پوءِ سنڌ جي ادبي
دنيا ۾ ڇانيل ماٺ کي ٻيهر تيز ڪيو. رسالي ۾ شعر، شاعري، تاريخ، تحقيق، تنقيد،
سفرنامو، ڊراما، افسانا وغيره ڇاپيا ويندا هئا.هي رسالو پندرهن سالن جي عرصي تائين
ڇپجندو رهيو، رسالي جي ڪري سنڌي ادب ۾ ڪيتريون نيون ادبي صنفون متعارف ٿيون.هن
رسالي جو سنڌ ۾ آخري پرچو جولاءِ- آگسٽ ۱۹۴۷ع ۾ شايع ٿيو. ننڍي کنڊ جي ورهاست جي ڪري
آگسٽ ۱۹۴۷ ع ۾ سنڌو جو آخري شمارو شايع ڪري هندستان هليو ويو ۽ اتي به آگري ۾ ان جي
اشاعت شروع ڪيائين. ۱۹۵۷ ع ۾ رسالو دهليءَ مان پڌرو ڪيائين. جنوري ۱۹۶۶ ع ۾
احمدآباد لڏڻ کانپوءِ اتان ٽه ماهي ڪري رسالو ڪڍيائين ۽ مالي کوٽ سبب ٻه سال هلائي
ان کي بند ڪرڻو پيو جيڪا ڳالهه هن لاءِ ڪنهن به صدمي کان گهٽ نه هئي.بولچند سنڌي ٻولي
۽ ادب جو عاشق ۽ سچو لکاري هو ان عشق ۾ ئي هن پنهنجو گهر ٻار سڀ داءَ تي لڳائي ڇڏيو.علم،
ادب ۽ صحافت لاءِ پنهنجي سڄي عمر ۽ الهه تلهه ارپيندڙ هي سچو انسان نهايت ڪسمپرسي
جي حالت ۾ ۶ فيبروري ۱۹۷۱ع تي هندستان جي شهر احمد آباد ۾ لاڏاڻوڪري ويو. بولچند
وسومل جون سنڌي ٻولي، ادب ۽ صحافت لاءِ ڪيل خدمتون ڪنهن کان به وسرڻ جون ناهن،
ميان جو ڳوٺ سميت سنڌ واسي کيس سدائين ياد رکندا.
(فيسبڪ پيج
“موتين جهڙو ماڳ ميان جو ڳوٺ” تان ۲۸ اپريل ۲۰۲۲ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا