غلام نبي مير
حسيب ناياب منگي
شڪارپور ۾
سائين مير جي نالي کان ڀلا ڪير واقف نه هوندو، هر شعوري شخص کي ايتري پروڙ ته ضرور
هوندي ته هو هڪ بهترين استاد ۽ شاعر هو. سائين مير شڪارپوري ان خاندان سان وابسته
هو، جنهن جي ٻارن کان وڏڙن تائين هر هڪ
جي آواز ۾ عجيب قسم جو درد سمايل هو. شڪارپور جو هڪ حوالو سندس سوز به آهي.
سمون خاندان جي مير شاخ جو هي چشم و چراغ
شڪارپور ۾ ئي نه پر سنڌ ۾ ڪشمور تائين پنهنجي تعليمي خدمتن سبب مڃتا ماڻي چڪو هو.
مٿان وري قدرت کيس اها ڏات به عطا ڪئي هئي جو سندس آواز ۾ عجيب ڪشش ۽ ڪمال جو سرور
هو. مٿان وري جو پنهنجي پاڙي ۾ راڳ جي ڪا محفل مچائي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح يا
حضرت سچل سر مست رح کي ڳائي ته درد مان ٻڌندڙ به ويٺا روئن! ٻيجل جي ساز تي جيئن
پکي به موهت ٿي ويندا هئا سائين مير جي آواز جي ۾ به اهڙي ئي ڇڪ هئي. پر ٿيو ائين
جو ورهاڱي وقت پنهنجي هڪ هندو دوست، جيڪو شڪارپور کي ڇڏي وڃي رهيو هو، تنهن کي
ريلوي اسٽيشن شڪارپور تي آلين اکين سان الوداع چوڻ ڇا ويو ته ان پان ۾ سندر کارائي
سندس آواز کي ڳائڻ جي قابليت کان وڃائي ڇڏيو. ڳائڻ ته ويو پر سائين مير ڳالهائي به
نه سگهندو هو. شڪارپور جي حڪيمن جا ڪک هئا جن مٺي ڳلي کي ڳالهائڻ جي لائق بڻايو.
نه ته اڳ سائين مير محرم جي مهيني ۾ ڏهين واري ڏينهن عزاداري ڪندي زاري چوندو هو
ته خلق تي خاموشي طاري ٿي ويندي هئي ۽ ماڻهو زار و قطار روئڻ لڳندا هئا. جڏهن آواز
هليو ويو ته سائين مير خطابت شروع ڪئي. “ڪربلا جو قضيو” سائين مير “شاهه جي رسالي”
مان ٻڌائيندو هو. ڪير ٿو سندس ذهانت کان انڪار ڪري سگهي! يا وري جيڪي مثال ۽
سمجهاڻيون ڏيندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ته شاهه سائين کيس زيارت ڪرائي
ٻڌائيندو هجي ته سر سامونڊي ۽ مومل راڻي ۾ شامل هي بيت مون ڪربلا جي پس منظر ۾
لکيو آهي. واه واه!! اهڙا قابل ماڻهو ڪنهن دور ۾ شڪارپور جي سڃاڻپ هئا.
سائين مير
جي طبعيت ننڍي هوندي کان وٺي فن جي دنيا ڏانهن مائل هوندي. ننڍپڻ ۾ پاڻ شڪارپور
اندر اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم به ڪيو هيائين ۽ ان ماحول جو گهرو اثر به هئس تڏهن ته شڪارپور ۾ اسٽيج ڊرامن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ “ماڊرن
ڊرامٽڪ سوسائٽي” برپا ڪيائين. جواني وارن ڏينهن ۾ به اسٽيج ڊرامن ۾ اداڪاري ڪندو
هو، ڊرامي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ٻين
معاملن کي به غور سان ڏسندو هو. ڊراما هوندا هئا مزاحيه تن کي لکندو به پاڻ هو.
ڊاڪٽر غلام قادر سومرو پنهنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز “سنڌي ادب ۾ طنز ۽ مزاح” ۾ سائين
غلام نبي مير جي لکيل مزاحيه ناٽڪن ۽ خاڪن جا نالا ڪجهه هي لکيا آهن: “حڪيم هڻ کڻ”،
“وڪيل صاحب”، “چور بخار”، “ڪانشنس ڪيميرا”، “واڻيان ٻروچ”، “وليج اسڪول ماستر”، “جوابدار
ڪير؟”، “قيامت صغريٰ” ۽ “شاهدي”.(ص : ۶۱۴).
حيدري
محلا ۾ ڪڏهن اسٽيج لڳي ۽ اداڪار سندس ڊرامو پيش ڪن ته وقت جي ڪابه خبر ئي ڪانه
پوي! ڏسڻ وارا شهري ته هڪ پاسي پر پنهنجا دوست به گهرائي ۽ انهن جي خدمت ۾ پيش پيش
هجي. سندس تحريرون مزاح سان ڀرپور پر اصلاح واريون هيون. هو چوندو هو ته “قلم
ذريعي علم ۽ علم جي روشني انسان کي گهڻو ڪجهه ڏئي سگهي ٿي”. ان روايت تي قائم
رهندي صوفي بزرگن ۽ شاعرن قلندر لعل شهباز، شاهه لطيف، سچل سر مست، مرزا غالب ۽
علامه اقبال توڙي ٻين جي ڏهاڙن کي ملهائيندو هو ۽ سندن تعليمات کي عام ڪندو هو.
سائين مير
شڪارپوري شاعر به هو. سنڌ ۽ هند جو مشهور شاعر ۽ ڪهاڻيڪار کيئلداس “فاني” بيگواڻي
سندس استاد هو. نيوايرا هاءِ اسڪول ۾ جڏهن فاني جي صحبت ۾ مبارڪ علي شيخ اياز ٿيو
اتي غلام نبي سمون به “مخفي” بڻيو. “مير” تخلص ته پوءِ اختيار ڪيو هيائين. سائين
مير شڪارپوري ۱۹۵۲ع کان باقاعده شعر لکڻ شروع ڪيا:
حسن ازل مان تنهنجي نقابن، تنهنجي
حجابن تان صدقي،
پاڻ لڪين تڏهين ته اسان کي جسم جو
هي زندان مليو.
دنــيا انــدر “مير” ســـڀــــن جي
صورت ساڳي هئي ليڪن،
آدم زاد هـــــــزاريــــــن گڏيا
، ورلي ڪـــــو انـــــــسان مليو.
سائين مير
شڪارپوري کي قدرت ڏات به ڏهوڻي ڏني هئي. پاڻ حمد، نعت، غزل، بيت، وائي، ڪافي،مسدس،
مزاحيه نظم ۽ مثنوي به لکي ويو آهي. سندس لکيل قصيده ۽ نوحه ته اسان وٽ امام
بارگاهن اندر اڄ به پڙهيا ويندا آهن. سندس بياض جا ورق ان ڳالهه جي گواهي ٿا ڏين
ته پاڻ شڪارپور جي علمي ادبي ماحول ۾ مٿانهون مقام رکندڙ شخص هو. سنڌي، اردو،
سرائڪي ته ٺهيو پر انگريزيءَ ۾ به سندس ڪلام لکيل آهي. اهڙي انمول هيري جا موتي
ميڙڻ به اڄ تائين شايد ڪو ڏکيو ڪم آهي جو ڪنهن کي به اها شناس نه ٿي آهي جو مير
خاندان وٽان مرحوم جا لکيل معني جا موتي کڻي منظر عام تي آڻائي. يا سائين جا لکيل
ڊرامه يا ته اسٽيج تي آندا وڃن يا وري ڪتابي صورت ۾ ڇپرايا وڃن. سائين غلام نبي “مير”
سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد جو تفسير به لکيو هو، ان کان علاوه جان بينن جي ڪتاب The Pilgrims Progress جو
سنڌي ۾ “مسيح مسافر” جي نالي سان ترجمو به ڪيو هيائين پر انهن پنن ڏانهن به ڇپائڻ
جي لاءِ ڪنهن جو به ڌيان ناهي ويو. هو جيڪو “بزم سچل سر مست” جو صدر ۽ “جمعيت
الشعرا” جو ميمبر هو ۽ مشاعره توڙي شاعرن اديبن سان شامون ۽ ورسيون ملهائيندو هو
تنهن جي فن ۽ فڪر تي اڄ تائين ڪوبه ادبي پروگرام نه ٿي سگهيو آهي. سندس شاعري
ڪتابي صورت ۾ ڇپجڻ، پڙهڻ ۽ ڳائڻ لاءِ منتظر آهي:
نظر نواز نظارن جي مون سان ڳالهه
نه ڪر،
گلن جو ذڪر بهارن جي مون سان ڳالهه
نه ڪر.
اهــــــو ٻڌاءِ
لٽــــيــــو قـــــافلو ڪٿي دل جو،
فريب ڪار سهارن جي مون سان ڳالهه
نه ڪر .
چــمــن ۾ نــــرگــــس
بـــيـــمار جــو ڇـــا حال ڏٺئه ،
ڪليءَ جي مست اشارن جي مون سان
ڳالهه نه ڪر.
ڀــلي ٻــــڌاءِ ڪــــي طوفان
جــــا حـــادثــــات مون کي،
مگر اي دوست ڪنارن جي مون سان
ڳالهه نه ڪر.
زمـــانــــو ٿــــئي نه
وفــــــائن کان بدگمان اي “مير”،
خدا جي واسطي يارن جي مون سان
ڳالهه نه ڪر.
سائين مير
شڪارپوري پنهنجي ادبي ذوق کي زنده رکڻ لاءِ شڪارپور ۾ طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن جو
بنياد وڌو. هن جي پروگرام ۾ شامل هوندو هو ته ٽن مهينن ۾ هڪ اصلاحي مشاعري جو
اهتمام ڪري. پاڻ به ڪيترائي اصلاحي شعر لکي ويو آهي:
تون اڀو رک، يا ڪ ٽيڏو، يا کڻي
پاسيرو رک،
جوتو مسجد ۾ رکڻ آهي غلط آهي غلط .
اهڙي طرح
پاڻ ۽ پنهنجي دوستن توڙي شاگردن کي پاڻ وٽ گهرائي مزاحيه مشاعرو به ڪرائيندو هو.
پاڻ به پنهنجا شعر پڙهي خوب داد وصول ڪندو هو. سائين مير جي ڪلام ۾ مزاح سان گڏ
حقيقت جو رنگ به نظر ٿو اچي:
مٽيءَ مان وڃي ٿيو خميري جو ماڻهو،
فـــلاڻي ۽ ٽــيــري مــــٽـــيري
جو ماڻهو.
هـــئي لــــوڏ جنهن کي لکن جي
برابر،
اهو ئي ڦري ٿيو خسيري جو
ماڻهو.
غلام قنبر ابڙو سائين مير جي شخصيت جو عڪس پنهنجي تحرير ۾
ڪجهه هن طرح پيش ڪري ٿو ته: “مير شڪارپوري مهان استاد، شفيق پيءُ، هڏڏوکي دوست،
بهترين اديب، اعليٰ پايه جا شاعر، عظيم ڪلاڪار، الغرض ته گهڻ پاسائي شخصيت جا حامل
هئا ۽ پنهنجي ذات انجمن هئا. . . . هنن شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪري
پنهنجي حيثيت کي ادبي دنيا ۾ تسليم ڪرايو. سندن شعر ۾ پختگي، خيالات جي گهرائي،
تخيل جي بلندي، رنگيني، مٺاس ۽ چاشني هوندي هئي. ڪلام سليس ۽ عام فهم هوندو هو.
جنهن مان هڪ ئي وقت ننڍو توڙي وڏو، پڙهيل خواه اڻ پڙهيل يڪسان مستفيد ٿيندا هئا.
شاعري ۾ الميه ۽ طربيه ٻنهي صنفن ۾ ڪلام ملي ٿو. سماجي اوڻاين جي نشاندهي ڪندي ان
جي اصلاح جا اشارا به سندن شعر ۾ ملن ٿا. . . اديب ۽ شاعر قومن جي امنگن ۽ احساسن
جا ترجمان هوندا آهن ۽ مير صاحب ان ڏس ۾
پاڻ خوب ملهايو”( روزاني عبرت حيدرآباد ۳۰ مارچ ۱۹۸۷ع)
بـــهار
آيو کـــڙيا غنچا خـــوشي آ مرغــــــزارن ۾،
سڏيو
ڪلين ٿي ڀنورن کي اشارن ئي اشارن ۾.
ڏٺــم جي
گــل گلابيءَ کي صنم جو ياد رخ آيو،
خـــيال
ِ يــــار جــــي ايندي ويس گم ٿي نظارن ۾.
رکي سر
مون ڪيو سجدو صنم تنهنجي عقيدت ۾،
نــــظـــر
نــقـــش ِ قدم تنهن جو آيو جي رهگذارن ۾.
جـــڏهـــن
پــنــهــنــجا پرايا ٿيا پرايا ڪيئن ٿين پنهنجا،
ملي ٿــو
ڪـــو ســچو ساٿي ته قسمت سان هزارن ۾.
خـــزان
مــــان جيڪا ٿــــي گذري حقيقي زندگي آ سا،
رهــــن
مــعــصوم گـــل ٿا ڏس سدائين “مير” خارن ۾.
سائين مير
شڪارپوري جو نالو غلام نبي ۽ والد جو نالو رحمت الله خان هو. جيڪو سپروائيزنگ
تپيدار هو. سائين غلام نبي مير شڪارپور ۾ پهرين اپريل ۱۹۲۶ع تي پيدا ٿيو. ابتدائي
تعليم پنهنجي پاڙي واري شيدڪي کوهي پرائمري اسڪول مان حاصل ڪري نيو ايرا هاءِ
اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. جتان ۱۹۴۶ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ
چيلاسنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج شڪارپور مان انٽر پاس ڪئي. بي.ايڊ يا ايم.اي (سنڌي ادب)
۽ ايم.اي (اردو ادب) جون ڊگريون امتيازي حيثيت سان سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل
ڪيائين. ۱۹۴۷ع کان نيوايرا هاءِ اسڪول جنهن کي هاڻي گورنمينٽ قاضي حبيب الله هاءِ
اسڪول چيو وڃي ٿو ۾ استاد مقرر ٿيو. ۱۹۷۲ع ۾ سترهين گريڊ ۾ ترقي حاصل ڪيائين. ۳۱
مارچ ۱۹۸۶ع تي سروس تان رٽائرڊ ڪيائين. پاڻ پنهنجي ڊيوٽي دوران شڪارپور، خانپور،
روهڙي ۽ ڪشمور ۾ رهيو. سندس شاگردن جو وسيع تعداد مرحوم جي قابليت جا ڳڻ ٿو ڳائي.
سائين ستيا پال ٻڌائيندو آهي ته “ نيو ايرا هاءِ اسڪول ۾ سائين غلام نبي “مير”
اسان کي انگريزي پڙهائيندو هو. حسابن ۽ سائنس توڙي سنڌي ۾ به سندس ڪو مٽ نه هو. هڪ
دفعي اسڪولس انسپيڪٽر سان سنڌي الف ب جي اُچارن تي جيڪو بحث ڪيائين اهو ڪڏهن به
وسري نٿو سگهي. سائين جي علمي بحث سان نه صرف اسڪولس انسپيڪٽر سهمت ٿيو پر واعدو
به ڪيائين ته ڪورس ۾ تبديلي آڻائيندس”.
شڪارپور ۾
تعليمي ميدان اندر جن ٻن ڀائرن کي هميشه ياد رکيو ويندو آهي سي به سائين غلام نبي
مير ۽ سائين عبدالنبي مير آهن. سائين عبدالنبي مير به پنهنجي ڀاءُ سائين مير
شڪارپوري وانگر اعليٰ پايي جو استاد ۽ ڀلوڙ شاعر هو. ٻنهي ڀائرن جي علمي لياقت تي
ڳالهائيندي هڪ دفعي مرحوم سائين ملهار حسين سمون ٻڌايو هو ته “ٻئي ڀائر شام جو گڏ
ٿي انهن شهر واسين جي دروازي تي ويندا هئا جن جي اولاد نه پڙهندي هئي، کين چوندا
هئا ته اسان استاد توهان ڏانهن پاڻ هلي آيا آهيون ٻيلي! پنهنجي اولاد کي پڙهايو.
تعليم سان ئي معاشرو ترقي ڪري ٿو ۽ تعليم ئي انسان کي انسان بڻائي ٿي”.
سائين
غلام نبي مير جي پنهنجي ئي خاندان مان شادي ٿيل هئي کيس ٽي فرزند : پروفيسر مرحوم
نور نبي مير، ظفر حسين مير ۽ طالب حسين مير ٿيا. سائين شرافت ۽ سادگي توڙي سچائي
سان اخلاق جو مظاهرو ڏيکاريندي پنهنجي حياتي جا ڏينهڙا گذاري ۸ جنوري ۱۹۸۷ع تي هي
فاني جهان ڇڏي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو. ڌڻي در دعا آهي ته جنت الفردوس ۾ مالڪ
سندس درجات بلند فرمائي. الاهي آمين
هن هيٺ
سائين مير شڪارپوريءَ جو سرجيل ڪلام پڙهندڙن آڏو پيش ٿو ڪريان:
(ڪهڙي ريت رهايان)
منهنجي
جيجل سنڌڙي توسان ڪهڙيءَ ريت رهايان ــــ ناتو نينهن نڀاهيان
ٻيجل بڻجي
ڳلي ڳلي ۾ سرندو ساز وڄايان ـــ سوز مان سورٺ ڳايان
جهونا
ڳڙهه جي ساري نگري تندن ساڻ تپايان ـــ تن من آڳ لڳايان
ليلان
بڻجي ليلائيندي پاند ڳچي ڳل پايان ـــ بار بديون بخشايان
سهڻي بڻجي
ساهڙ خاطر ٻيلي ڀاڪر پايان ـــ وهه ۾ پاڻ وڃايان
مومل بڻجي
ڪاڪ ڪنڌي تي ماڙيون محل اڏايان ـــ زيب فريب هلايان
نـــوري
بڻجي اوچ نيچ کي ڪـــيـــنـجهر ۾ ڪيرايان ـــ ويڇا سڀ وڃايان
ڪـــــــنـــئــــورو
بڻجي ڪنٺي پائي ليلان کي للچايان ـــ هار مٿي هرکايان
ســـــســــــئي
بــــڻــــجي جل ٿل جهاڳي پيرا پنڌ پڇايان ـــ پاهڻ پير ڇلايان
مــــــارئي
بـــــڻـــــجي مــــحلاتن جـــي سر تي سر اڏايان ـــ پل ۾ پٽ بڻايان
دودي
وانـــــگر ديس جي خاطر قربئون ڪنڌ ڪپايان ـــ گهوري سر گهمايان
هيمو
بڻجي، هيج مان هيڪر، سوريءَ سيج وڇايان ـــ ڦاهيءَ کي ڦٽڪايان
ســـــچـــــل
بـــــڻــــجي حق حــــقيقي ســــڀــــني کي سمجهايان ـــ اناالحق الايان
ديـــــن
ڪـــــفــــر جـــــي ديوارين جي سر تي سِر اڏايان ـــ ڊوهه سڀئي ڊاهيان
شـــــاهه
ڀـــــٽــــــائي بڻجي هــــــــيـــــڪــــر ملن کي مارايان ـــ نانءُ نشان
مٽايان.
No comments:
راءِ ڏيندا