غلام نبي مير
حسيب ناياب منگي
شڪارپور ۾
سائين مير جي نالي کان ڀلا ڪير واقف نه هوندو، هر شعوري شخص کي ايتري پروڙ ته ضرور
هوندي ته هو هڪ بهترين استاد ۽ شاعر هو. سائين مير شڪارپوري ان خاندان سان وابسته
هو، جنهن جي ٻارن کان وڏڙن تائين هر هڪ
جي آواز ۾ عجيب قسم جو درد سمايل هو. شڪارپور جو هڪ حوالو سندس سوز به آهي.
سمون خاندان جي مير شاخ جو هي چشم و چراغ
شڪارپور ۾ ئي نه پر سنڌ ۾ ڪشمور تائين پنهنجي تعليمي خدمتن سبب مڃتا ماڻي چڪو هو.
مٿان وري قدرت کيس اها ڏات به عطا ڪئي هئي جو سندس آواز ۾ عجيب ڪشش ۽ ڪمال جو سرور
هو. مٿان وري جو پنهنجي پاڙي ۾ راڳ جي ڪا محفل مچائي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح يا
حضرت سچل سر مست رح کي ڳائي ته درد مان ٻڌندڙ به ويٺا روئن! ٻيجل جي ساز تي جيئن
پکي به موهت ٿي ويندا هئا سائين مير جي آواز جي ۾ به اهڙي ئي ڇڪ هئي. پر ٿيو ائين
جو ورهاڱي وقت پنهنجي هڪ هندو دوست، جيڪو شڪارپور کي ڇڏي وڃي رهيو هو، تنهن کي
ريلوي اسٽيشن شڪارپور تي آلين اکين سان الوداع چوڻ ڇا ويو ته ان پان ۾ سندر کارائي
سندس آواز کي ڳائڻ جي قابليت کان وڃائي ڇڏيو. ڳائڻ ته ويو پر سائين مير ڳالهائي به
نه سگهندو هو. شڪارپور جي حڪيمن جا ڪک هئا جن مٺي ڳلي کي ڳالهائڻ جي لائق بڻايو.
نه ته اڳ سائين مير محرم جي مهيني ۾ ڏهين واري ڏينهن عزاداري ڪندي زاري چوندو هو
ته خلق تي خاموشي طاري ٿي ويندي هئي ۽ ماڻهو زار و قطار روئڻ لڳندا هئا. جڏهن آواز
هليو ويو ته سائين مير خطابت شروع ڪئي. “ڪربلا جو قضيو” سائين مير “شاهه جي رسالي”
مان ٻڌائيندو هو. ڪير ٿو سندس ذهانت کان انڪار ڪري سگهي! يا وري جيڪي مثال ۽
سمجهاڻيون ڏيندو هو ته ائين محسوس ٿيندو هو ته شاهه سائين کيس زيارت ڪرائي
ٻڌائيندو هجي ته سر سامونڊي ۽ مومل راڻي ۾ شامل هي بيت مون ڪربلا جي پس منظر ۾
لکيو آهي. واه واه!! اهڙا قابل ماڻهو ڪنهن دور ۾ شڪارپور جي سڃاڻپ هئا.