ڊاڪٽر حاجي خادم حسين سومرو
سومرو بادشاھ
منظور ڪوھيار
(هي خاڪو پنهنجي ننڍپڻ جي دوست ڊاڪٽر حاجي خادم حسين جي فرمائش تي لکي رهيو آهيان. جيتوڻيڪ اونهاري ۾ لکندي مون کي ٻرو چڙهندو آهي. پر انڪار جي گنجائش ڪونهي. اميد آهي ته پڙهڻ کان پوءِ مون کي ست سريون ضرور ٻڌائيندو.)
جي ڪو اصلي نسلي سومرو هوندو ته
يقين ڪيو بادشاهي خيال نه ويندس. توهان سندس گل افشاني ٻڌي اهو چوڻ ۾دير نه ڪندئو
ته ”ھي ته ڪو صفا بادشاھ ماڻهو آ “ جنهن ماڻهوءَ جي ڪڙم قبيلي يارنهين صدي عيسوي
کان چوڏنهين پندرنهين صدي تائين سنڌ تي حڪومت ڪئي هجي، ته اَڍ ڇڪ ضرور ڪندس. ڊاڪٽر
حاجي خادم حسين سومرو منهنجو پاڙيسري، ٽئين درجي کان وٺي مئٽرڪ تائين ڪلاس مئٽ. ننڍپڻ
جو دوست. هن عمر تائين حجائتو ايڏو جو ملان جي حجري ۾ هنگڻ واري حجائتي ڪتي به نه
هوندي. ٿوري ٿوري ڳالھ تي ”اڙي تڙي!“ ڪري ڳالهائي، ته به منهن نه گھنجائبو. پر جي
گھنجائبو ته ڪا هن جي آڱوٺي کي پرواھ..! هاڻي جي اهڙو سومرو بادشاھ فرمائش ڪري ته
مون تي لک!...۽ نه لکان، جيڪو ننڍپڻ جو دوست به هجي، حاجي به هجي، ڊاڪٽر به هجي ته
ڪوڙهيو ٿي مران...
هي سومرو بادشاھ ڪو عام رواجي
حاجي به ناهي، جيڪو مڪي مديني وڃي ڪيل گناھ معاف ڪرائي، وري نئين سنئين سان شروع ڪري.
پر هي اهو معصوم حاجي آهي، جنهن کي پنهنجي ڏاڏي ڪريم بخش ڇهن ستن يا اٺن سالن جي
عمر ۾ حج ڪرائي، اڳواٽ سندس گناھ بخشرائي ڇڏيا هيا. باقي رهيو ايم بي بي ايس ڊاڪٽر
وارو رتبو ته اهو سندس محنت جو ثمر آهي.
ڪنهن به عام و خاص سومري کان ٻه
سوال ضرور ٿيندا آهن ته ”سائين اوهان ٺڪ! ٺڪ! يا شُو شُو! يعني ڌوٻڪي ڌنڌي وارن
سان تعلق رکو ٿا يا واڍن سان...؟ پر ان جو جواب هن وٽ اهو هوندو آهي، ”هل ڙي! اسان
سکر جي آرائين ڳوٺ جا اصلي زميندار آهيون!“ اها حقيقت به آهي ته سندس ڏاڏي کي ٻه ٻارا
ٻنيءَ جا هيا، جنهن مان سندن عزت ۽ مان وارو وقت گذرندو هيو. جي ٻيو سوال پڇبس ته
”اوهان دودي جي ڌر ھيئو يا چنيسر جي..؟“ سندس جواب لاجواب هوندو آهي ته ”نه دودي
جي ڌر، نه چنيسر جي. دودو به غلط هيو ته چنيسر به. ڀلا جي چنيسر ماءُ کان پڇيو ته ڪهڙو
ڏوھ ڪيائين. ماءُ ماتا آهي، ان کان صلاح وٺڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي. چنيسر به غلط ڪيو جو
علاؤالدين جو لشڪر وٺي دودي تي چاڙهيائين. نفاق پيو ته اسان سومرن جي تباهي ٿي
وئي.“ ان وقت مون کي اهو تاريخي پهاڪو سمجھ ۾ آيو ته ”دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي!“ جو ڇا
مطلب آهي. پڪ سان اهو پهاڪو ٽين ڌر وارن سومرن ڏنو هوندو، جن جون ٻه به ويون ته ڇھ
به ويون۔
سندس ننڍپڻ جي ڳالھ ڪجي ته
يارنهن مهينن جو هيو ته دُرِ يتيم ٿي ويو. سڳي ماءُ گذاري ويس. ڏاڏي ڪريم بخش،
ماءُ جي شفقت ۽ محبت ڏنس. والد محمد حاجن سومرو پرائمري استاد هيس، سو به صوفي
فقير ۽ الھ لوڪ ماڻهو. ان لاهوري محلي لاڙڪاڻي جي سومرا خاندان مان ٻي شادي ڪئي ته
ماٽيلي ماءُ هنج ورتس. ان به لاڏ ڪوڏ سان نپايس. ڏاڏي سان حج ڪري موٽي آيو ته پي
سي (پرئڪٽسنگ) اسڪول لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾ ٽئين درجي ۾ منهنجو ڪلاس مئٽ بڻيو.
پنجين درجي واري اهو واقعو يا ڪارنامو اڃا ياد اٿس. مون کي تاڪيد به ڪئي اٿائين ته
ضرور لکان ته ”ماستر ڌڻي بخش ميمڻ جيڪو اسڪول جو مشهور مارو استاد هيو. سو استاد
جي مار، ٻار جي سنوار واري نظريي تي هلندڙ هيو. ڪڏهن ڪڏهن صحيح جواب ڏيڻ تي به خدا
ڪارڻ ٻه لڪڻ رونگ ۾ هڻي ڪڍندو هيو. تنهن هڪ دفعي ٻارن کي چيو ته؛ ”مان اوهان جي يادداشت
جو امتحان ٿو وٺان. ان ڪري سر راڻي جو اهو بيت ياد ڪري ڏيکاريو ته پوءِ اوهان کي ڇڏيندم،
نه ته ست لڪڻ جھلڻا پوندئو!
ڪاڪ ڪڙهي،
وڻ وئا، لوئو لڊاڻو
تو پڄاڻان
سپرين، آتڻ اجھاڻو
مين
سين ماڻو، مناسب نه مينڌرا.
پوءِ پهريون تو اهو بيت ياد ڪري
ڏيکاريو ۽ ٻيو نمبر مان. ائين ٻنهي کي موڪل به جلد ملي ۽ ست لڪڻ به نه جھلڻا پيا!“
سچي پچي ته مون کي اھو واقعو
ياد ناهي. پر مان رد به نه ٿو ڏئي سگھانس، جو بادشاه ماڻهن جي ڳالھ کي رد ڪرڻ جي
رعيت کي نه اڳ جرئت هئي نه هاڻي آهي. پر جي مان هٿ جوڙي به چوانس ته ”سومرا
بادشاھ! مون کي ياد ناهي!“ خبر آهي ته اڙي! تڙي کان به اڳتي وڌي ويندو ۽ چوندو؛ ”توکي
اهو به ياد ناهي ته ٻئي ڀيري سائين ڌڻي بخش تنهنجي پٺيءَ تي لڪڻ ڀڳو هيو!“ ان ڪري
مون کي اکيون ٻوٽي مڃڻو پوندو. نه مڃڻ جي صورت ۾ وري ٽيون واقعو ٻڌڻو پوندو، جيڪو
ان کان به بدتر ھوندو. ان ڪري اڳواٽ ئي آزي مڃي، جڳهڙا ٽٽا۔۔.
(۲)
ڊاڪٽر حاجي خادم حسين سومرو،
لاهوري محلي لاڙڪاڻي جي پاڻ هرتڙن ٻارن جيان گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي ميدان تي مون
سان کيڏندي وڏو ٿيو. نائين درجي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي فرسٽ اليون ڪرڪيٽ
ٽيم جو ڪيپٽن بڻيو. بهترين بالر هيو. بئٽس مئن کان بال گٿو، سڌو وڪيٽن ۾. پر ڪاليج
جي زماني ۾ سندس بالنگ نه هلي، جو سيمينٽيڊ پِچ جو رواج پئجي چڪو هيو. مئٽ وڇايل
پِچ تي بال ڪڏهن سُرو ته ڪڏهن ٽپ کائي مٿي اٿندو هيو، ان ڪري بئٽس مئن کي نهايت ڌيان
ڌرڻو پوندو هيو. سيمنٽيڊ پچ تي بال بُل کائي ڊُل ڏيندو هيو. بي رحم بئٽس مئن شاٽ هڻي
ته ڇڪو، جي نه ته چار رنسون ضرور ٿينديون هيون. ان ڪري هن فيصلو ڪيو ته راند کيڏڻ
کان بهتر آهي ته پڙهائيءَ تي زور ڏجي. هن بندر روڊ جي ڀر ۾، جماعت اسلاميءَ جي
دفتر ۾، مفت ۾ هلندڙ ٽيوشن سينٽر ۾ داخلا ورتي. شايد ان ۾ ئي هن جي ڀلائي هئي. مان
ڪاليج ۾ راند جي عشق ۾ سائنس کي ڇڏي، آرٽس ۾ هليو ويس. خادم جي محنت رنگ لاتو ۽ هو
ميڊيڪل ۾ سليڪٽ ٿي ويو. پر ان دؤران اسان جي سنگت ۾ لاٿ نه آئي. چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج
لاڙڪاڻي ۾ داخلا جو سلسلو پئي هليو، مان به ساڻ هيومانس. اتي پهچندي کيس خبر پئي
ته ڪاليج جي پرنسپل جو ڪرڪيٽر سرٽيفڪيٽ ضرور پيش ڪرڻو آهي. مون کي چيائين وارو ڪر،
وٺي آڻي ڏي. مان ڀڄندو سندس ”ڪرڪيٽر سرٽيفڪيٽ“ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي جي
پرنسپل محترم ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي کان وٺي آيس. پر جيئن ئي چانڊڪا جي ايڊمنسٽريشن
بلاڪ جي ٻاهران پهتم ته سينيئر بئچ جا ڇھ شاگرد مون کي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جو
جونيئر شاگرد سمجھي Bully ڇيڙڇاڙ ڪرڻ لڳا، ڪن رنگن جون سرنجون ڀري پئي هنيون. مون کين سمجھايو ته چانڊڪا
ڪاليج جو اسٽوڊنٽ ناهيان، پر نه مڙيا. جھيڙو ٿي ويو. ان وقت مان ڪراٽي جي تائيڪاوانڊو
جو ريڊ بيلٽ هيس. لتن ۽ مڪن هڻڻ جو فن خوب پئي ڄاتم. اڌ يا منو ڪلاڪ ٺونشن، مڪن، ۽
لتن جي ڏي وٺ هلي. ڪجھ جھليم، ڪجھ هنيم. پر مان کين وٺ نه ڏنو. نيٺ ڪي لاڙڪاڻي جا ڄاتل
سڃاتل شاگرد وچ ۾ پيا. جڏهن جھيڙو ختم ٿيو، ته مون سان اچي مليو، پڇيائين؛ ”توسان ڇو
وڙهيا، ماءُ جا...؟“ سندس پٽي ڏنل گار تي ٻيهر جھيڙو شروع ٿي ويو، وچ تي وري به ڪجھ
امن پسند شاگرد پئجي ويا. خير سان جھيڙو ٽري ويو. مان به کيس ڪرڪيٽر سرٽيفڪيٽ ڏيندي
چيو؛ ”جھيڙو نه وڌاءِ! هي وٺ ۽ پنهنجي ڪم سان لڳ!“
پوءِ خبر پئي ته جنهن شاگردن جي
ٽولي مون سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي هئي، سي جيڪب آبادي هيا. ان دؤر ۾ جيڪب آبادي شاگردن جي
مٿي ۾ شِر وڌيڪ هوندو هيو. پر اڳتي هلي انهن جا به مٿيان پلئه اچي ويا. جيئن چئبو
آهي ته زھر زهر کي ماري يا هيرو، هيري کي ڪٽي!
سومرو بادشاھ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج
۾ پڙهڻ لڳو، پر بادشاهي طبيعت هئڻ ڪري گھاٽا دوست نه ٺاهي سگھيو. ڀلا سومري بادشاھ
جون اَرٺا ڪير سهي...؟ ڪل ٻه گھاٽا دوست جيڪي پهريان هيس، يعني مان پرائمريءَ جو ۽
علي شير سيڪنڊريءَ جو ڪلاس مئٽ. الله الله خير صلا. شام جو پهريان ٽنهي دوستن جو ڪنهن
هوٽل تي چانھ پيئڻ ۽ گانا ٻڌڻ وارو شؤق پورو ٿيندو هيو. سندس پسنديده گانا هڪ محمد
رفيع جو ڳايل هوندو هيو، ”او دنيا ڪي رکوالي، سن درد ڀري ميري نالي!“ ۽ ٻيو لتا
منگيشڪر جو گانو ”بچپن ڪي محبت ڪو دل سي نه جدا ڪرنا. جب ياد ميري آئي ملني ڪي دعا
ڪرنا....“ پر اهو سمجھ ۾ نه ايندو هيو ته محمد رفيع جي پر درد گاني تي کلندو ڇو
هيو۔۔؟ شايد سندس کلڻ ۾ به ڪو لڪل غم هوندو. ھر ماڻهو پنهنجي اندر ۾ ڳجھ آهي. هوٽل
تان اٿندا هياسي ته سڪي تلاءَ واري پاڙي ۾ علي شير جي اوطاق تي هميشه وانگر ڪچهري
لڳندي ھئي. ڪچهريءَ ۾ڪا به وقتائتي ڳالھ نه ڪندو ھيو. جي سياري جي موسم هوندي ته
اونهاري جا انب ۽ اونھارو هوندو ته سياري جا زيتون ياد پوندس. ان ڪري سندس لاءِ
اهو مشهور هيو ته سياري جي ڳالھ اونهاري ۾ ۽ اونهاري ۾ سياري جي ڪندو آهي. پر
بادشاھ ماڻهوءَ کي منهن سامهون ڪير چوي...
(۳)
منهنجو ڪاليج جي دؤر ۾ راندين
سان گڏوگڏ ادب پڙهڻ ۽ لکڻ طرف به لاڙو ٿي ويو. ان ڪري ڪڏهن هوٽل تان تڪڙو اٿي، ڪنهن
ادبي محفل ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ علي شير ۽ حاجي خادم سومري کان اجازت وٺندو هيس، خاص ڪري
روح رهاڻ ادبي سنگت جي گڏجاڻي لاءِ.
هڪ ڏينهن خادم چيو ته؛ ”مان به
هلندس!“
انڪار ته نه پئي ڪري سگھيم؛ ”ڀلي!“
وراڻيومانس.
گڏجاڻي شروع ٿي. افضل قادريءَ
شعر پڙهيو، جنهن جو تت اهو هيو ته سچ ڳالهائڻ ڪري سقراط کي زهر پيئڻو پيو هيو. پر
جي سچ چوڻ ڪري مون کي به پيئڻو پيو ته ضرور پيئندس وغيره!
رزاق مهر ڪارروائي پئي هلائي.
تنقيدي نشست هئي. سڀني واري وٽيءَ، راءِ پئي ڏني. جڏهن خادم جو وارو آيو ته هن
پنهنجي قيمتي راءِ جو اظهار ڪندي چيو؛ ”رڳو سقراط کي سچ چوڻ تي زهر ڇو ٿا پياريو.
زهر پيئڻ جو ٺيڪو رڳو سقراط ته ناهي کنيو. ڪمال اتا ترڪ کي به پياريو، سوئيڪارنو
کي به پياريو. اهي به ته پنهنجي دؤر جا وڏا ماڻهو هيا. تڏهن ته ڀٽي صاحب (ذوالفقار
علي ڀٽي) لاڙڪاڻي ۾ سوئيڪارنو ميموريل ۽ اتاترڪ ٽاور ٺهرايا آهن..“
مان سنگت کي هٿ ٻڌي اک هنئين ته
”ٻيلي! الله کي مڃجو، مُڙي وڃجو...!“ پر افضل ڪٿي ٿو مڙي. ان جو وارو آيو ته
چيائين؛ ”ها ادا، مان پنهنجي غلطي تسليم ٿو ڪيان. پر هي دفعو معافي ملي! اهي ته ڇا
انهن جي وڏن کي به زهر پياربو!...“
گڏجاڻي ختم ٿي، جڏهن واپس
ورياسين ته چيائين؛ ”اهو افضل قادري توهان ۾ هوشيار پيو لڳي، ڪيئن نه منهنجي ڳالھ
کي تسليم ڪيائين. باقي ٻيا اديب ته ائين ٽڻي ٽامڻي ھيا.“
ان ڏينهن کان وٺي مان کيس ادبي
گڏجاڻي ۾ نه وٺي ويس. پر هن کي اها خبر پئجي وئي ته ڪنهن نه ڪنهن اخبار يا رسالي ۾
منهنجا ليک اچن ٿا. هڪ ڏينهن اڌ پني تي پنهنجي پَرِ ۾ مضمون لکي آيو. مون کي
چيائين ته هن کي پڙهي، ڪجھ وڌائي به ڏي!... مون پڙهيو ته لکيل هيو؛ ”هڪ نوجوان جيڪو
تمام هوشيار ۽ خوبصورت هيو. ان جا وار به چِڻون چِڻون هيا. بيروزگاريءَ جي ڪري ڏاڍو
پريشان هيو. روز حاڪمن کي خط لکندو هيو ته مون کي نوڪري ڏيو نه ته خودڪشي ڪندس.
حرامين جواب ئي نه ڏنس ته آّخر ويچاري خود ڪشي ڪري ڇڏي...!“
پڇيومانس؛ ”اهو چڻون چڻون ڇا
هي؟“
چيائين، ” اها به خبر نه ٿي ته
چڻون چڻون ڇا هي؟“
”نه! تون ٻڌاءِ؟“
”جيئن شيدين جا وار ناهن
هوندا!“
”تنهنجو مطلب ته ڇليدار؟“
”ها بالڪل!“”
مان ”چڻون چڻون“ کي ڇڏي ڪري،
باقي مضمون وڌائي عنوان ”بيروزگاري“ ڏئي پنو پورو ڪري ڏنومانس. هن پوءِ ان مضمون
کي ھر ڄاتل سڃاتل وٽ ايترو ته رلايو، جو ڪنهن ڪارل مارڪس، ڪنهن اينگلس، ڪنهن لينن،
ته ڪنهن مائوزي تنگ ته ڪنهن چي گويرا وغيره جا قول شامل ڪرايس. مضمون ٽن چئن پنن
تي مشتمل ٿي ويو. آخر ۾ جماعت اسلامي جي ٽيوشن سينٽر ۾ استادن کي ڏيکارڻ لاءِ کڻي
ويو. انهن سڀ قول ڪاٽي، اقبال جا شعر ۽ حديثون وجھي مڪمل اسلامي بڻائي ڏنس. ھن
”اديون“ رسالي ڏانهن موڪليو ته ڇپجي ويو. پوءِ ته منهنجي لاءِ مصيبت ٿي وئي. روز ڍيڪ
ڏئي بڇڙو ڪندو هيو ته ”اڙي! مون کي وقت نه ٿو ملي. ميڊيڪل جي بوڪ ”گريز ايناٽامي“
منجھائي ماريو آهي، نه ته تون ۽ تنهنجا اديبڙا ڇا پڄن!“
سومرو بادشاھ فلمن ڏسڻ جو شؤنق
به رکندو هيو. جنهن زماني ۾ فلمي هيرن سڌير ۽ محمدعليءَ تي پَڙَ پوندا هيا. اُن
زماني ۾ هن جو هيرو درپن هيو. درپن جو اصلي نالو سيد عشرت عباس هيو. جنھن سال
۱۹۶۰ع کان سال ۱۹۷۵ع تائين پاڪستاني فلم انڊسٽري ۾ وڏو نالو ڪمايو. خاص ڪري اسلامي
ٽچ رکندڙ موضوع وارين فلمن ۾. انهيءَ حوالي سان سندس مشهور فلمون الهلال، نورِ اسلام
۽ گلفام وغيره ھيون. نورِ اسلام ۾ ڳايل نعت وڏي مشهور ٿي. جنهن جا ٻول هيا؛
شاهِ مدينه! يثرب ڪي والي
ساري نبي تيري در ڪي سوالي...
اهڙي طرح فلم ”گلفام“ جو اهو
گانو جيڪو سليم رضا جي آواز ۾ ڳايل ھيو جيڪو درپن ۽ مسرت نذير تي فلمايل هيو، ڏاڍو
مقبول ٿيو.
يه ناز يه انداز يه جادو يه
ادائين
سب مل ڪر، تيري جواني ڪو
سجائين...!!!
اهو جڏهن خادم، درپن اسٽائيل ۾
پنهنجي مخصوص انداز ۾ جھونگاريندو هيو ته اسان کي صبر ۽ سهپ سان ٻڌڻو پوندو هيو.
اها به خبر پوندي هئي ته سريلي ۽ بي سري ھجڻ ۾ ڇا فرق آهي. درپن جنهن فلم ۾ ولين
جو ڪردار ادا ڪيو هيو، اها فلم هئي ”اڪ گناه اور سهي“ جيڪا سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻي
”ممي“ تي ٻڌل هئي. آرٽ ۽ ڪمرشل جو سنگم هئي. هن فلم ۾سڀني اداڪارن ۽ اداڪارائن
محمدعلي، ساقي، طالش، نيئر سلطانه، راني بهترين ڪم ڪيو. راني جو ڊبل رول هيو، پر
صبيحه خانم جنهن نائيٽ ڪلب هلائيندڙ ڪرسچن عورت ”ممي“ جو ڪردار ادا ڪيو ھيو، تنهن
کيس فن جي بلندين تائين رسايو. هن فلم جو هڪ گانو موهن جي دڙي جي کنڊرن ۾ راني،
محمد علي ۽ صبيحه خانم تي فلمايل هيو، جنهن جا ٻول هيا؛
”آ ديکھ موهن جو دارو مين...يه
بگڙي هوئي تصوير ميري!!“
شايد ته هيءَ پهرين پاڪستاني
فلم هئي، جنهن ۾ ”فيمينزم“ جي حوالي سان ڀرپور وڪالت ٿيل هئي. حسن طارق جي سٺي ڊائريڪشن
ٿيل هئي. جيئن ته ان زماني ۾ لاڙڪاڻي جي ترقي پسند اديبن ۾ اها فلم، موضوع بحث
هوندي هئي. سندن تنقيد هوندي هئي ته فلم جو نالو ”ممي“ ئي رکيو وڃي ها ته بهتر
هيو. اها منٽو سان زيادتي آهي. مون ٻه ٽي دفعا ڏٺي، ڏاڍي وڻي. پر خادم کي اصل نه وڻي.
چوندو هيو؛ ”ڪڏهن هيرو به ولين ٿيا آهن...؟“
(۴)
حاجي خادم حسين سومري پنهنجي ميڊيڪل
واري نصاب تي مڪمل ڌيان ڌرڻ ڪري خير خوبيءَ سان، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ”ايم بي
بي ايس“ ڪرڻ سان گڏوگڏ آرائين ڳوٺ سکر ۾ پنهنجن مٽن مان شادي به ڪري ورتي. واندڪائيءَ
جي وندر هئڻ ڪري ٻه ٽي ٻار به ٿي ويس، پر نوڪري....؟ ان جو حل اهو ئي ”چڻون! چڻون!“
وارن واري بي روزگار نوجوان تي لکيل مضمون وارو ڪڍيائين. ان دؤر جي صدر، وزير اعظم
۽ هيلٿ منسٽر کي خط لکڻ شروع ڪري ڏنائين، ان ڌمڪي سان ته جي کيس نوڪري نه ملندي ته
خودڪشي ڪندو..! اهي خط وري سنگت ساٿ کي ڏيکاريندو وتي. جيئن جھلجھيس تيئن ٿڪ لڳل ماڪوڙي
وانگر اڃا اڳتي... سندس ڀيڻيويو رضا محمد سومرو، جھانديده شخص هيو ته جيستائين ڊگري
مطابق نوڪري مليس. ان ”سپيرئر سائنس ڪاليج خيرپور ميرس“ ۾ ڪلارڪي وٺي ڏنس، هو پاڻ
به اتي اڪائونٽنٽ هيو. مان ان وقت خيرپور ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ٽائون پلاننگ هيس. ان ڪري
هڪ نه ٻئي ڏينهن ڪچهري پئي ٿيندي هئي. انهن ڏينهن ۾ سندس لاڙو خود ساخته قوم پرستيءَ
وارو به ٿي ويو. سنڌي قوم جي حالتِ زار کي ڏسي دل ڪڙهندي هيس. سندس چوڻ هوندو هيو
ته جيستائين سنڌي قوم نه سڌرندي، تيستائين ترقي نه ٿيندي. هڪ دفعي ڳوٺ هلڻ لاءِ
زور ڀريائين. مان ساڻس بس ۾ ٿي ويٺس. اڳيان ٽي چار سيٽون ڇڏي هڪ همراه کڙهيل ڪڪڙ
جھليون ويٺو هيو. هي هڪدم اٿيو ۽ ان کي چيائين؛ ”تون سنڌي آهين؟“
هن وراڻيو؛ ”ها!“
”پوءِ توکي شرم نه ٿو اچي ڪڪڙ کڻندي!“
”ڇو شرم اچي؟ ڪڪڙ منهنجو آ“ هن
به کتو جواب ڏنس.
”اهو جو ڇڏائي، ڪنهن کي کڙھ هڻي
زخمي ڪري وجھي ته پوءِ؟“
”ڇو ڇڏائي کڙھ هڻندو!“ اهو
همراه به تکو ٿي ويس.
مان ڏٺو ته ڪِنُ ٿو ٿئي. سو اٿي
ٻانهن کان جھلي ”ڇڏيس! ڊاڪٽر ڇڏيس!“ چئي ڇڪي سيٽ تي ويهاريومانس، ته مون تي تپي
باھ ٿي ويو؛ ”تو جھڙا ماڻهو آهن جيڪي سنڌين کي سڌرڻ نه ٿا ڏين. ڀلي ڪڪڙ ويڙهائن،
جوا کيڏن، توهان جو ڇا؟“ جيستائين سکر ۽ سندس ڳوٺ آيو، سڄي باھ مون مان ڪڍيائين.
حاجي ڊاڪٽر خادم سومري کي، خدا
خدا ڪندي نيٺ بغير حاڪمن جي پارت سُپارت جي پبلڪ سروس ڪميشن ۾ پاس ٿيڻ کانپوءِ
پهرين نوڪري رشيد وڳڻ ۾ بيسڪ هيلٿ يونٽ سينٽر ۾ ملي. پر ساڳي ونڌ ونڌ ته کيس سکر ۾
نوڪري ملي، جو سندس ڏاڏو پڙڏاڏو سکر ضلعي جا آهن. پر والد جي لاڙڪاڻي ۾ رهائش ڪري ڊوميسائل
ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻي جو هيس، اهو رڪاوٽ پئي بڻيس. نئونديري بدلي ٿيس، پر ساڳي بي چيني،
بيقراري ۽ ڇت ڪتائي. درخواست مٿي درخواست. نيٺ تنگ ٿي هيلٿ ڊپارٽمينٽ کيس نئين
ديري جي ڀر ۾ ڳوٺ ”عزت جي وانڍ“ موڪليو. ان وقت ”عزت جي وانڍ“ ڌاڙيلن ۽ پاٿاريدارن
جو دُن هيو. هيلٿ سينٽر خالي پيو هوندو هيو، ڪو به ملازم نه ويندو هيو. جڏهن اسان
سان سُور سليندو هيو ته علي شير ڀوڳن ۾ چوندو هيس؛ ”ڊاڪٽر! عزت جي وانڍ ۾ عزت وارن
پاٿاريدارن ۽ ڌاڙيلن جو ڪم. تون آن ڊاڪٽر، تون آرام سان گھر ويٺي پگھار کڻ، جيئن ٻيا
کڻن ٿا!“
پر حرام جي پگھار کڻڻ، کيس سٺو
نه پئي لڳو. هڪ ڏينهن آرائين ڳوٺ وارن پيپلن خورشيد شاھ کي دعوت ڏني ته جيئن کيس
پنهنجا مسئلا ٻڌائن، جو ھو سندن چونڊيل نمائندو هيو. ڊاڪٽر خادم کي خبر پئي ته
موقعي جي فائدي وٺڻ جي غرض سان سجايل پنڊال جي اسٽيج جي مائيڪ تي قبضو ڪري بيهي
رهيو. هاڻ هن کي ڪير لاهي. جيستائين خورشيد شاه تشريف فرما ٿئي، تيستائين هن پنهنجو
مسئلو ايڏي شد مد سان بيان پئي ڪيو، ڄڻ هن جي بدلي بين الاقوامي مسئلو هجي. ڳوٺ
وارا اچي اڙيا ته ڀت مان ڪٻر ڪيئن ڪڍجي. اتفاق سان ان ڏينهن مان به اچي نڪتس ته
سندس ڀيڻيويي رضامحمد مون کي ڏسي چيو؛ ”شڪر آ جو اچي وئين. الله کي مڃ هن جِجَ کي
اسٽيج تان لاھ. ڪاٿئون اچي ٿو، ڪاٿئون وڃي ٿو! چوي ٿو ته جي خورشيد شاھ منهنجو ڪم
نه ڪيو ته تاريخ کيس معاف نه ڪندي!... پيپلا مڇرجي پيا آهن، چون ٿا ته پوليس هٿان
گرفتار ڪرائينداسينس.“
مان معاملي جي نزاڪت کي سمجھي
ويس ته ’جن جو سيد ۽ سپاهي، تن کان رکي يا الاهي!‘ الله کي سنڀالي پنڊال ۾ پهتس.
ان وقت ڊاڪٽر خادم مائيڪ تي چئي رهيو هيو، ”شاعرن جي سرتاج ڀٽائي گھوٽ چيو آهي ته
ننگڙا نماڻيندا
جيوين تيوين پالڻا
اسٽيج تي چڙهي ڪن ۾ چيومانس؛ ”يار!
اهو سچل جو ڪلام اٿئي.“
هڪدم رڙ ڪري چيائين؛ ”شاه لطيف
۽ سچل پاڻ ۾ ناهي ورهايو. ڳالھ ساڳي آ! تون تفرقو پيدا نه ڪر!“
مان ڏٺو ته هي وٺ نه ڏيندو ته
چيومانس؛ ”تو ۾ هڪڙو ڪم آهي!“
”اتي ٻڌاءِ، ڄاڻ خورشيد شاه اچڻ
وارو آ، ان کي پنهنجو مسئلو ٻڌائڻو آهي!“
نيٺ بهانو گھڙڻو پيو؛ ”يار! پيٽ
۾ سور آ. وٽ ٿا پون، ڪا دوا ته ڏي!“
”توکي به هاڻي وِيلو پيو آ. ڪلھ
نه پيو پوئي..؟ هل، هل! دوا ڏيانءِ ٿو، ڇا ڪجي ننڍي لاءِ جو دوست آن، مرين پوين ته
علي شير ميار ڏيندي چوندو ته ڪل ٻه دوست، انهن مان هڪڙو کٽائي وڌئي!“
خار مان اسٽيج تان لٿو. مان پيٽ
کي هاسيڪار ھٿ ڏيندو، سندس اوطاق ۾ اچي ويٺم. گھران گوريون کڻي آيو. مون کي
خوامخواه جون کائڻيون پيون. پٺيان پنڊال ۾ خورشيد شاھ به پهچي چڪو هيو. اسٽيج تي
پروفيشنل ڪمپيئر کي وٿي ملي وئي. اُن مخصوص انداز ۾خورشيد شاھ جي شان ۾ زمين آسمان
ھڪ ڪري ڇڏيو. منهنجي پيٽ سور جي بهاني ڊاڪٽر خادم حسين جو ڌڪ گسي ويو ۽ مهمان خاص
سان گڏ سندس عزت جي به رهجي آئي....
(۵)
ڊاڪٽر خادم ”عزت جي وانڍ“ مان
بدلي جي حوالي سان بالا حڪام کي درخواستون لکي لکي، آخرڪار هڻي هنڌ ڪيو. ڳوٺ جي ڀرسان
ٻن اڍائي ڪلوميٽرن تي ڪنڊِي واهڻ جي بيسڪ هيلٿ يونٽ جو انچارج ٿيو.
منهنجي جاپاني ڇوڪري ”يشيڪو
ساتو“ سان مئي ۱۹۸۰ع ۾ موهن جي دڙي تي شناسائي ٿي هئي. هن، موهن جي دڙي جي ڀرسان
موجوده شهر گھمڻ پئي چاهيو. مون کيس ٻه ڏينهن رهائي، لاڙڪاڻو چڱيءَ ريت گھمايو
هيو. پوءِ اها شناسائي، دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. اسان ٻنهي وچ ۾ خط و ڪتابت جو سلسلو
هلندڙ هيو. اها وري فبروري ۱۹۸۵ع ۾ لاڙڪاڻي پهتي. پر هن ڀيري هن ٻيو ڪو شهر گھمڻ
پئي چاهيو. مون سوچيو کيس سکر گھمائجي. موهن جي دڙي تي چڪر ڏيارڻ کانپوءِ کيس
آرائين ڳوٺ پنهنجي سوزڪي وين تي وٺي آيس. ڊاڪٽر خادم ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. وڏي آءُ ڀڳت
ڪندي مون کي اوطاق ۾ ويهاري يشيڪو ساتو کي پنهنجي گھر وٺي ويو. ڳوٺ جي ويڙهن جون
مايون کيس ٻٽا ڀاڪر پائي سڪرون ڏئي ساڻس مليون. سندس خاطر مدارت ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيائون.
پنهنجا سونا ڪنگڻ، دهريون ۽ ٻيا زيور ڏيکاري پنهنجي حيثيت ۽ مرتبي سان کيس متاثر ڪيائون.
رات رهڻ لاءِ هڪ سٺي ڪمري ۾ سندس انتظام ڪيائون. پر يشيڪو ساتو رهي ڇو ٿي...چي
”مون کي منظور وٽ وٺي هلو. مان اتي رهندس!“ نيٺ ڊاڪٽر خادم اوطاق تي وٺي آيس. يشيڪو
ساتو پڇڻ تي ٻڌايو ته ماين کيس ڀاڪر پائي پائي ڳوهي ڇڏيو آهي. بصريون ۽ ڪُٽي
کارائي کارائي تُنبو بڻائي ڇڏيو اٿائون!“ خادم اوطاق جي هڪ ڪمري ۾ ٻه کٽون رکرائي
انتظام ڪري ھليو ويو. پر سومرن جي هڪ ويڙهي جي پريي مڙس کي اها ڳالھ نه آئڙي. جيئن
ئي سومهياڻي جي ويل ٿي. اسان ڪمرو بند ڪري پنهنجين پنهنجين کٽن تي ليٽياسين مس ته
پريو مڙس به ڪرسي رکي در جي ٻاهران ويهي رهيو. بار بار کنگھندي کڙڪندي ڄڻ ٻڌائيندو
رهيو ته ”نولو جاڳدا جوان أي. خيال نال سُتي رهو!“ يشيڪو ساتو سمهڻ کان اڳ مون کي
بار بار چوندي رهي ته انهن ماين کي سمجھاءِ ته سون وڪڻي ڪا گھريلو صنعت هڻن. ”اوڪي،
اوڪي! ييس، ييس!“ چوندي مون کي ننڊ کڻي وئي. وڏي اسر اٿڻ جي عادت هئي، اٿي دروازو
کوليم ته پريو مڙس ’ھوشيار باش‘ لڳو کنگھي کڙڪي رهي هيو. اذان آئي ته اٿي ويو.
صبوح جو ناشتي کانپوءِ مان يشيڪو ساتو کي سکر گھمائڻ وٺي ويس ۽ خادم کي چئي ويس ته
کانئس موڪلائي پوءِ ويندس. يشيڪو ساتو کي معصوم شاھ جو منارو، لئنسڊائون پل، ستين
جو آستان، آخر ۾ ڊي سي آفيس مان اجازت وٺي ساڌ ٻيلو گھمايم. منجھند جو حبيب هوٽل
تي ماني کائي، شام جو لب درياھ تي وٺي ويس. هڪ بئنچ تي ٿي ويٺاسين. يشيڪو ساتو
وهندڙ پاڻي ۽ لهندڙ سج جي نظاري ۾ گم ٿي وئي. مون کيس ڏسندي آهستگيءَ سان سڏ ڪيو،
پر هن نه ورنايو. احساس ٿيو ته کيس ڊسٽرب ڪرڻ مناسب ناهي. مان اٿي وٿيرڪو ٿي ٻي
بئنچ تي ويهي رهيس. ٿوري دير کانپوءِ هن هينڊ بيگ مان ننڍي ڊائري ۽ پين ڪڍي، لکڻ
شروع ڪيو. ايستائين لکندي رهي، جيستائين شفق آميز روشني کيس اجازت ڏني. واندي ٿي
ته چيومانس ته؛ ”هاڻي آرائين ڳوٺ هلئون..؟“ پر هوءَ ڳوٺ جي ماين جي مهمانوازيءَ
کان ايڏو خائف هئي چيائين؛ ”هرگز نه! منهنجو پيٽ خراب ٿيندو، لاڙڪاڻي هل!“ مجبورن
سج لٿي کانپوءِ گاڏي اسٽارٽ ڪري، لاڙڪاڻي رخ رکيم. پڇيومانس؛ ”ڊائري تي ڇا پئي
لکيئي؟“ ٻڌايائين؛ ”هائيڪا!“ پوءِ انگريزي ترجمي سان ٻڌائڻ شروع ڪيائين. پر منهنجا
خيال ڪنهن ٻئي پاسي هيا. سڄي واٽ پير سوريندو پئي آيس ته واٽ تي وين جو ٽائر پنڪچر
نه ٿئي يا ڪاري مٿي وارا دڳ نه جھلي بيٺا هجن. خير سان لاڙڪاڻي پهتم ته سک جو ساھ
کنيم. ٻئي ڏينهن صبوح جو ٽيليفون تي حاجي ڊاڪٽر خادم حسين سومري کي جيڪي شرافت جي
دائري اندر گاريون ياد هيون سي سڀ ڏئي دنگ ڪيائين. جن جو مطلب هيو ته ”هڪ زٽڪي،
چُچي ۽ نڪ بيني جاپانڻ ڪري موڪلائي به نه وئين؟ حيف ٿي، اڙي حيف ٿي منظور!...“
مان ٽيليفون تي واڌو ھٿ ادب جا ٻڌي
کيس غلطي معاف ڪرڻ جي درخواست ڪئي، پر منظور نه ٿي. چيائين، معافي تڏهن ملندي، جڏهن
علي شير کي وٺي منهنجي ماني کائي ويندين. پوءِ علي شير ۽ مان سندس خدمت اقدس ۾
حاضري ڀريسين. پر پوءِ به معافي نه ملي. چيائين؛ ”جڏهن ٻيهر آيئو ته پوءِ ڏسنداسين!“
سچ پچ ته بي ساخته ۽ بي غرض
محبت جو اظهار ڊاڪٽر خادم حسين سومرو وٽان ئي ملي سگھي ٿو، جيڪو جڏهن ”اَڙي تڙي“ ڪري
ڳالهائيندو آهي ته نرڙ تي گھنڊ پوڻ بجاءِ چپن تي مرڪ اچي ويندي آهي. لاڙڪاڻي هيم
ته سندس ڪيل مهمانوازي جا ڏوھ ڏنڊ ڀريندو هيس. پر جڏهن کان ڪراچي وسائي آهي ته
بيوس بار اٺن به ڇڏيا. هاڻي ته ڳيري جيتري وک کڻڻ به نه ٿي پڄي.
قصه مختصر ته قابل عزت ۽ قابل
توقير ڊاڪٽر حاجي خادم حسين سومرو، سال ۲۰۱۲ع ۾، روهڙيءَ جي اسپتال مان ميڊيڪل
سپرنٽنڊنٽ جي پوسٽ تان رٽائر ٿيو. هاڻ ڳوٺ ۾ گھر جي سامهون ڪلينڪ ۽ ننڍڙو ميڊيڪل
اسٽور اٿس. مريض نه هوندا ته گھر جي ڪمري ۾ ٻانهن سيراندي ڪري ستو پيو ھوندو آهي.
مريض ايندو، گهر جي گھنٽي وڄائيندو. آرس ڀڃِي نڪرندو. چڪاس ڪري مناسب دوا ڏيندس ۽
حال سارو في وٺندس. اوڌر پاڌر به هلندي. ’جيڪو ڏي ان جو به ڀلو، جيڪو نه ڏي ان جو
به ڀلو‘، ڪنهن کي موٽائبو نه. پر مريض کي اهو اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيندو ته؛ ”دوا ڏيڻ ڊاڪٽر
جو ڪم، باقي شفا ڏيڻ الله جي ھٿ ۾. الله شافي، الله ڪافي آ..“ مريض به الله ۾ آسرو
رکي دوا وٺي هليو ويندو. ڦڪين فرق ڪيو ته ٺيڪ، نه ڪيو ته ڊاڪٽر خادم ڇٽل، الله ٻڌل!...
ٻه نياڻيون، ڇھ پٽ اٿس. هڪڙو آسٽريليا
۾، ٻيا ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ سانگي رھنس ٿا. سڀئي مڇي مانيءَ جي لائق آهن. پاڻ گھڻي
قدر مطمئن آهي، سواءِ پراڻي سنگت جي ته سندس ڳوٺ آرائين ۾ چڪر چاڙي تي نه ٿا اچن.
علي شير کي ڏوراپا ڏيندو آ. مون سان محبت ۽ الفت واري ناراضگي وارو اظهار ڪندو آ.
پر جڏهن مجبوري سمجھائيندو آهيانس ته سمجھي به ناهي سمجھندو. پر مان سمجھندو آهيان
ته اهڙي پيار ڀري ناراضگي ۾ لتا جي ان مشهور گاني جي گونج هوندي آهي ته
بچپن ڪي محبت ڪو دل سي نه جدا ڪرنا
جب ياد ميري آئي ملني ڪي دعا ڪرنا....
نه صرف ڊاڪٽر حاجي خادم حسين
سومرو پر سنڌ يونيورسٽي جو ڪلاس مئٽ، هاڻي آمريڪي شهري ”جان محمد رند“ جھڙن گھر ڳنڀير
دوستن جو به مياري آهيان. جيڪو هر ڀيري پڇندو آهي ته ”مون تي ڪڏهن ٿو لکين...؟“ سنگت
ساٿ جو چوڻ آهي ته هاڻي مان منظور مان ڦري نامنظور ٿي ويو آهيان. دل چوندي آهي ته
هن پڇاڙڪي پهر ۾، شهرن جي گوڙ شور کان گوشائتو ٿي ڪنهن ٽڪري، سمنڊ جي ڪناري يا ڪنهن
واريءَ جي ڀٽ تي بُنو ٻڌجي. اهڙن دوستن تي خوب لکجي، جن زندگيءَ جي ڪينواس تي
خوبصورت چٽ چٽيا. پر شهر آهي جو وڃي ٿو حياتي نپوڙيندو. سو به ڪراچي جھڙو. هڪ نه هڪ
ڏينهن منهنجي باري ۾ ڪنهن عزيز قريب کي تعزيت جي جواب ۾صرف ايترو چوڻو پوندو؛ ”بس
سائين! جيئن خدا کي منظور...!!“
سائين ماشا الله سائين.
ReplyDeleteانتهائي شانائتي، مانائتي ۽ طنز و مزاح سان لبريز يعني ڀريل تڙيل لکڻي سائين.
هن لکيل ليک کي پڙهندي پڙهندي ڪڏهن ڪڏهن کلڻ کلندو رهيس، بهرحال انتهائي خوبصورت ۽ زبردست سائين .
سائين منهنجا سدائين سلامت رهو سائين.