شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ
چوڻي آهي، ته ماڻهو مريو وڃن،
پر سندن ڪم انهن جا يادگار رهجي وڃن. مرحوم شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ هڪ اهڙو
انسان ٿي گذريو آهي.
سرڪاري نوڪريءَ ۾ ته مرزا
صاحب گهڻائي تعريف جهڙا ڪم ڪيا، جن لاءِ سرڪار کان کيس گهڻو ئي داد مليو، پر جن ڪمن
تي سنڌ جي هر ماڻهوءَ کي ناز هئڻ گهرجي، سي آهن مرزا مرحوم جا خانگيءَ طور سرانجام
ڏنل ڪم. اُهي آهن سندن جدا جدا مضمونن تي ليک لکڻ ۽ ڪتاب ٺاهڻ.
مرزا صاحب نوڪريءَ جي ساري
عرصي ۾ ڪتاب لکندو ۽ ترجمان ڪندو رهيو، جن مان ڪي سرڪار جي حڪم پٺيان لکيائين، جن
جي لاءِ انعام مليس ۽ ڪي ايڊيوڪيشنل کاتي پاران درسي ڪتاب يا انعام ڪتاب يا
لائبريريءَ لاءِ ڪتاب ڪري منظور ڪيا. ملان مڪتب جاري ٿيڻ کان پوءِ ڪيترا ڪتاب خاص
ملن ۽ سندن شاگردن جي لاءِ لکيائين. ڪيترا ڪتاب زنانن مڪتبن لاءِ ۽ ڪيترا خاص ڪتاب
مذهب بابت لکيائين، جو مسلمانن ۾ تعليم جو شوق گهٽ هو ۽ انهيءَ جي ترغيب جي ضرورت
هئي. ڪيترائي ڪتاب خاص ٻين مذهبن ۽ سوسائٽين جي اصولن بابت سندن فرمائش موجب
لکيائين. انهن مان گهڻا نثر ۾ آهن ۽ ٻيا گهڻا نظم ۾ آهن.
سنڌي شعر کان سواءِ فارسي،
اردو ۽ ترڪي شعر به چيائين ۽ ناٽڪن جي ڪتابن ۾ ڪي سنڌي گيت به ٺاهيائين. ڪٿي وري
خاص سوسائٽين يا جماعتن جي جلسن ۾ تقريرون ڪيائين ۽ ٻين جي ڪتابن لاءِ ديباچا ۽
تمهيدون لکيائين. مطلب ته جدا جدا مضمونن تي نظم ۽ نثر ۾ ننڍا وڏا اٽڪل ٻه سئو
ڪتاب لکيا اٿس، جي سنڌ جي جدا جدا جاين تي ڇپايا ويا آهن ۽ جن اڄ تائين ماڻهن جي
دلين ۾ سندن لافاني يادگار قائم ڪري رکيو آهي. مرزا صاحب جو ناٽڪ ”ليليٰ مجنون“ انهيءَ وقت جو پهريون
ناٽڪ هو، جنهن ۾ شعر به اچي ٿي ويو.
انهن ڪمن جي لاءِ مرزا صاحب
مرحوم کي ڪهڙو انعام مليو؟ عام ماڻهن جي طرفان انعام هو قدر شناسي ۽ عزت افزائي.
سرڪار جي طرفان مرزا صاحب مرحوم کي پينشن وٺڻ کان ٿورو اڳ ”قيصر هند“ جو چانديءَ
جو ٻلو انعام مليو ۽ پينشن وٺڻ کان پوءِ وائسراءِ جي طرفان ۽ سندس صحيح سان کيس
”سرٽيفڪيٽ آف ميرٽ“ مليو. پبلسٽي ڪاميٽيءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ڪمشنر صاحب کيس آفرين
نامو ۽ هڪڙي سوني واچ جو انعام ڏنو. سن ۱۹۲۴ع جي جنوري مهيني جي پهرين تاريخ مرزا
صاحب کي شمس العلماّءُ جو لقب مليو.
اصل نسل ۽ وڏن
جو احوال:
مرزا صاحب مرحوم جي والد
بزرگوار جو نالو فريدون بيگ هو. اصل عيسائي مذهب جي هڪڙي گهراڻي مان هو ۽ سندس
اصلوڪو نالو ”سڊني“ هو. هو سن ۱۸۱۴ع
۾ سڪز نالي هڪڙي شهر ۾ ڄائو هو، جو جارجيا يعني: گرجستان جي گاديءَ جو هنڌ ٽفلس
کان ڪي ٿورا ميل پري آهي. هو هڪڙي گرجستاني امير جو پٽ هو، جنهن کي گهڻيءَ پيدائش
واري جاگير هٿ ۾ هئي، ۽ اتي جي بادشاهه هرقل يا جنهن کي ”هراڪلوس“ به چوندا آهن،
جي راڄ ۾ سرحد جي ويجهو هڪڙو ڪشادو پرڳڻو به مليل هئس، جنهن جو ملڪي ۽ جنگي انتظام
سڄو ئي سندس حوالي هو.
نادر شاهه جي مرڻ کان پوءِ،
احمد شاهه بادشاهه ايران جي تخت تي ويٺو. تنهن جي ته بلڪل مرضي نه هئي، ته جارجيا
جهڙو وڏو ۽ آباد ملڪ سندس قبضي مان هليو وڃي. تنهنڪري سٺ هزار لشڪر سان هو پر
ايران مان نڪتو. احمد شاهه جي اوچتي اچي ڪنڌ تي چڙهڻ ڪري ”هراڪلوس“ کي روس جي مدد
ملي نه سگهي ۽ هو ٽفلس کان پندرهن ميلن جي پنڌ تي، لڙائيءَ ۾ شڪست کائي مٿو لڪائڻ
لاءِ جبلن ڏي ڀڄي ويو.
اها ٽفلس واري لڙائي، جنهن ۾
هيتري خونريزي ٿي گذري، تنهن ۾ ميرزا فريدون بيگ جو پيءُ پنهنجو سرحدي لشڪر وٺي
هراڪلوس جي مدد لاءِ آيو ۽ آخر ٻين سان گڏ شڪست کاڌائين. مرزا فريدون بيگ جو پيءُ
پاڻ، پنهنجي زال ۽ ٻن پٽن جان ۽ سڊني سوڌو قيد ٿي پيو ۽ ظاهري مسلماني دين قبول
ڪري، موت کان آزاد ٿي، ايران ۾ ٻين قيدين سان گڏجي آيو.
ايران ۾ بادشاهه سندس نالو
مٽائي منوچهر رکيو ۽ سندس وڏي پٽ جو نالو جمشيد ۽ ننڍي جو فريدون رکيو.
هاڻي منوچهر بيگ مرزا ايران ۾
ماٺ ڪري نظربنديءَ واري زندگي پيو گذاريندو هو ۽ سندس مسلمان هئڻ ۽ ماٺ واري هلت
رکڻ ڪري، منجهس ڪنهن جو شڪ ڪونه هوندو هو. نيٺ هو ڪنهن حيلي سان پنهجي وڏي پٽ جان
يا جنهن کي ايرانين جمشيد جو نالو ڏنو هو ۽ جو هاڻي سورهن ورهين جي ڄمار جو جوان
هو، تنهن سوڌو ڀڄي نڪتو ۽ پنهنجي سرحدي قوم گڏ ڪري اچي پنهنجن سان گڏيو. جيتوڻيڪ
هن پنهنجي وطن ۽ قوم طرفان ايمانداري ڏيکارڻ ۾ ڪين گهٽايو، پر تڏهن به سندس حياتي
اچي پوري ٿي هئي، سو پٽ سوڌو نيٺ ارس واريءَ جنگ ۾ مارجي ويو. منوچهر بيگ جي هن
طرح ڀڄي وڃڻ ۽ ايرانين سان وڙهڻ ڪري، ايران جي سرڪار کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. هن جي زال
۽ ننڍي پٽ فريدون کي دڙڪا ڏنائون، ته توهان کان وير ورتو ويندو. هن ڊپ ۽ شرم کان
منوچهر بيگ جي بيبي هڪ رات زهر کائي پاڻ کي ماري ڇڏيو، ۽ فريدون کي اڪيلو هن
پرڏيهه ۾ يتيم ڪري وئي.
سيد مرتضيٰ شاهه نالي هڪڙو
امير، جنهن کي اصفهان ۽ تبريز ۾ وڏيون جاگيرون مليل هيون، سو هڪ ڏينهن جارجيا جي
قيدين جي تماشي ڏسڻ لاءِ آيو. تنهن کي ننڍڙي فريدون جي غريبي، ڦڙتائي ۽ تيز فهمي
ڏسي مٿس گهڻو رحم آيو. هو هلنديءَ وارو ماڻهو هو، تنهنڪري هن شاهه وٽ عرض معروض
ڪري انهيءَ ڇوڪر جي ٻانهن ورتي. انهيءَ شرط تي، ته هو هن جي پرورش به ڪندو ۽ هن جي
هلت جو به ذميوار رهندو. پوءِ هن کي مٿيون سيد پهريائين تبريز ۾ وٺي آيو ۽ ڪن
ڏينهن کان پوءِ وري اصفهان ۾ آندائينس، جتي هن فارسي ۽ عربي ٻوليءَ جي تعليم ورتي.
انهيءَ وقت ۾ فتح علي شاهه
قاچار، ايران جو حڪمرا هو ۽ مير ٽالپر سنڌ جا حاڪم هوندا هئا. تن ڏينهن ۾ سنڌ جي
گاديءَ تي مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان ويٺل هئا. مير ڪرم علي خان کي اولاد
ڪونه هوندو هو، جيتوڻيڪ هن کي حرم گهڻا ئي هئا، تنهنڪري هن پنهنجي وڪيلن کي اها
هدايت ڏيئي ڇڏي هئي، ته ايران مان ڪي ننڍا ٻار هٿ لڳي سگهن، ته آڻين. هنن وڪيلن
مان اتفاق سان هڪڙي جي ملاقات شاهه جي درٻار ۾ انهيءَ سيد سان ٿي ويئي ۽ هنن جو
پاڻ ۾ رستو ٿي ويو. تنهنڪري هُن کي هِن ڇوڪر ي جي هلت چلت ۽ اُٿ ويهه، توڻي ٻي
لياقت ڏسي گهڻي خوشي حاصل ٿي ۽ احوال به معلوم ٿيس. تنهنڪري سيد کي گهڻو زور
ڪيائين، ته هن کي ڇڏي، ته مير صاحب ڏي سندس طرفان تحفو ڪري وٺي وڃي. پڪ ڏنائينس،
ته سنڌ ۾ ڇوڪر ڏاڍو سکيو رهندو ۽ چڱو نصيب ٿيندس ۽ مير صاحب به ڏاڍو خوش ٿيندو ۽
سيد جو احسانمند رهندو. انهيءَ ڪري سيد کي لاچار ٿيو ۽ فريدون بيگ جي ٻانهن هن جي
سپرد ڪيائين، انهيءَ طرح اهو وڪيل هن کي سنڌ ۾ وٺي آيو.
ميرزا قليچ بيگ
جا ڀائر:
مرزا فريدون بيگ کي ست فرزند
۽ ٻه نياڻيون هيون. سڀني کان وڏو مرزا غلام رضا بيگ مُنڍ ۾ پرشن ٽيچر حيدرآباد
هاءِ اسڪول جو ٿيو، پوءِ ميرپورخاص ۽ ٽنڊي محمد خان جي ننڍن ميرن جو استاد ٿيو ۽
پوءِ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو، جنهن عهدي تي اوچتو ڪراچيءَ ۾ سن ۱۸۹۵ع ۾ وفات ڪيائين ۽ سندس مڙهه
حيدرآباد آڻي دفن ڪيو ويو.
مرزا صاحب مرحوم جو ٻيو ڀاءُ
مرزا صادق علي بيگ، جو ايلفنسٽن ڪاليج ۾ پڙهي سنڌ مان پهريون مسلمان بي.اي ٿيو. سو
پهرين شڪارپور جي هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو، پوءِ ڪراچيءَ ۾ بوڪ ڊيپو جو
ڪيوريٽر ۽ ايڊوڪيشنل ٽرانسليٽر ۽ سرڪاري ”سنڌ سڌار“ نالي اخبار جو ايڊيٽر ٿيو.
پوءِ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر پڻ ٿيو.
چوٿون ڀاءُ مرزا علي قلي بيگ
به تعليم کاتي ۾ پهرين پرشن ٽيچر هو، پوءِ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر ٿيو ۽ سن ۱۹۰۴ع ۾ پينشن کان اڳي ئي وفات
ڪيائين.
سندس پنجون ڀاءُ مرزا جعفر
قلي بيگ هو، جنهن پهرين بمبئيءَ جي ميڊيڪل ڪاليج جو امتحان، ايل.ايم.ائنڊ.ايس پاس
ڪيو ۽ اتي هوشياريءَ ۾ نالو ڪڍيائين. پوءِ لنڊن ۾ وڃي ٻه ٽي امتحان ڏنائين ۽ اتي
شادي ڪيائين. اتان موٽي سنڌ ۾ اچي، ڪراچيءَ ۾ پنهنجي اسپتال کوليائين ۽ نالو
ڪڍيائين. هو ٻيو ڀيرو به ولايت ويو. مرزا صاحب سنڌ ۾ پهريون شخص هو، جو تعليم وٺڻ
لاءِ ولايت ويو هو. آخر سن ۱۸۹۸ع
۾ پليگ جي بيماريءَ وگهي وفات ڪيائين.
ڇهون ڀاءُ ميرزا نجف قلي بيگ،
انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ سب ڊويزنل آفيسر هو ۽ ڏاڍو آزمودگار ۽ هوشيار ماڻهو هو.
نوڪري ڪندي قنبر ۾ نمونيا جي بيماريءَ ڪري ڳوٺ آندو ويو ۽ سن ۱۸۹۱ع ۾ وفات ڪيائين.
ستون ڀاءُ مرزا حيدر قلي بيگ،
پهرين ميهڙ سب جيل جو جيلر ٿيو، پوءِ پوليس ۾ سب انسپيڪٽر ٿيو. جتان استعيفيٰ ڏيئي
ڊاڪٽر مرزا جو
اسسٽنٽ ٿيو ۽ سندس اسپتال هلائيندو هو. سن ۱۸۹۱ع ۾ نمونيا جي ڪري وفات ڪيائين..
ٻاراڻي وهي،
ننڍپڻ ۽ ابتدائي تعليم:
مرزا قليچ بيگ مرحوم ٽنڊي
ٺوڙهي ۾ پنهنجي پيءُ واري اباڻي گهر ۾ ڄائو هو. اها سن ۱۲۷۰ - هجري ۱۸۵۳ع جي محرم مهيني جي چوٿين
تاريخ هئي.
مرزا صاحب مرحوم ننڍي هوندي
کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق رکندو هوندو هو. ٻيا سڀ ٻار راند ڪرڻ ويندا هئا، پر پاڻ
قلم ۽ مس کڻي ويهي ڪاغذ ڪارا ڪندو هو. ماڻهن کي عجب لڳندو هو، ته هن کي ٻين وانگي
ڇو راند جو شوق نٿو ٿئي! انهيءَ شوق وڌائڻ لاءِ سندس والده مرحومه کيس رنگ رنگ جا
پنا، قلمدان ۽ ڪمانگري ڦرهيون وٺي ڏيندي هئي. رڳو لکڻ پڙهڻ جو نه، مگر خاص شعر چوڻ
جو به شوق هوندو هئس. ستن اٺن ورهين جي عمر ۾ بيت ٺاهي پنهنجي پيءُ ۽ ناني مرحوم
کي ڏيکاريندو هو ۽ پڙهي ٻڌائيندو هو، جي کيس داد ڏيئي همٿائيندا هئا. جيئن جيئن
وڏو ٿيندو ويو، تيئن تيئن سمجهه جهڙا شعر چوڻ لڳو ۽ ڪڏهن فارسي به چوندو هو. مرزا
صاحب جو والد اڪثر سندس شعرن جي اصلاح ۽ درستيون ڪندو هو. جڏهن مرحوم مير حسن علي
خان يا آغا زين العابدين شاهه يا ڪو ٻيو معزز ماڻهو ملاقات لاءِ يا مهمان ٿي وٽن
ايندو هو، تڏهن مرزا صاحب کي سڏيو ويندو هو ۽ پنهنجا شعر انهن کي پڙهي ٻڌائڻ لاءِ چيو ويندو هو، هو
تعريف ڪندا هئا ۽ شاباس ڏيندا هئس. انهيءَ ڪري شعر جو شوق وڌندو رهيس ۽ نيٺ
شاعريءَ ۾ ڪماليت کي پهچي ويو.
جڏهن مرزا صاحب پڙهڻ جهڙو
ٿيو، تڏهن پهرين پنهنجي ڳوٺ جي خانگي مڪتب ۾ آخوند شفيع محمد وٽ وهاريو ويو، جتي
سندس وڏا ڀائر ۽ ٻيا ماروٽ به پڙهندا هئا. جڏهن سندس وڏا ڀائر انگريزي اسڪول ۾
وهاريا ويا ۽ پاڻ به قرآن شريف پورو ڪيائين، تڏهن کيس ۽ سندس ڀاءُ علي قلي بيگ کي
حيدرآباد جي سنڌي اسڪول ۾ وهاريائون، جتي سندس پهريون استاد آخوند ولي محمد هو. ڪن
ڏينهن کان پوءِ وري قاضي حاجي احمد مٽيارين وارو، سنڌي اسڪول ۾ سندن هيڊ ماستر
ٿيو، جو سنڌي ۽ فارسي پاڙهيندو هون. مرزا صاحب گلستان، بوستان، انوار سهيلي، سڪندر
نامو ۽ ٻيا فارسي ڪتاب انهيءَ وٽ پڙهيو. بلڪ ڪجهه عربي به پڙهيو. سنڌي اسڪول ۾
فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ هو ڏاڍو هوشيار هوندو هو، گهڻا انعام پڻ مليس، جي گولڊ سمٿ صاحب،
موئر صاحب ۽ پوءِ نارائڻ جڳنناٿ صاحب هٿ سان ڏنا هئس.
سنڌي اسڪول ۾ پڙهندي مرزا
صادق علي بيگ، جو تڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو، سو مرزا صاحب کي گهر ۾ پڙهائڻ لڳو.
سگهوئي پوءِ پاڻ وڃي ائنگلر ورنيڪيولر اسڪول ۾ ويٺو. اڳيئي ٻه ڪتاب انگريزيءَ جا
پڙهيا هئائين، تنهنڪري هڪدم ٻئي ڪلاس ۾ رکيائونس. هيڊ ماستر مسٽر لڪشمڻ وشنو مرهٽو
هوندو هو. انهيءَ اسڪول ۾ چڱو نالو ڪڍيائين ۽ هميشه پهريون نمبر ايندو هو. اها
ائنگلر ورنيڪيولر اسڪول جي عمارت اُها آهي، جتي پوءِ هاءِ اسڪول بڻيو هو. اُتان
چڙهي پوءِ هاءِ اسڪول ۾ آيو، جو تڏهن گهڙيال واريءَ عمارت ۾ هو، جتي هاڻي ٽريننگ
ڪاليج حيدرآباد آهي. اسڪول ۾ انگريزي پڙهندو هو، مگر گهر ۾ والد صاحب جي مدد سان
فارسي ۽ عربي به پڙهندو رهيو. اُتي والد صاحب کان شعر جا ڪتاب خاص طرح، حافظ،
صائب، بيدل، شاهنامو وغيره اتي پڙهيو.
انگريزي هاءِ اسڪول ۾ پنهنجي
ڀاءُ مرزا صادق علي وانگر نالو ڪڍيائين ۽ امتحانن ۾ مٿي آيو ۽ وڏا وڏا انعام کٽيائين.
پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ يعني: ۱۸۷۱ع
ڌاري مرزا غلام رضا بيگ هاءِ اسڪول ۾ پرشن ٽيچر مقرر ٿيو هو ۽ فارسي پڙهائيندو هو
پر پوءِ سگهو ئي مرزا غلام رضا بيگ ميرپورخاص جي ميرن جو ماستر مقرر ٿيو، ۽ سندس
جاءِ تي چاليهه رپين تي مسٽر فلٽن ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مرزا صاحب مرحوم کي پرشن
ٽيچر ڪري رکيو، جتي پاڻ پڙهندو به هو ۽ ٻين ڪلاسن کي فارسي پڙهائيندو به هو. انهيءَ
سال مئٽرڪ امتحان ۾ ”ايلس پرائيز“ سٺ رپين جو سنڌي ٻوليءَ تي رکيو ويو هو. انهيءَ
لالچ تي عربي ۽ فارسي ڇڏي سنڌي کنيائين ۽ اهو انعام کٽيائين، جو بمبئي يونيورسٽيءَ
مان کيس مليو ۽ انهيءَ جا ڪتاب اڄ تائين سندس ڪتبخاني ۾ موجود آهن.
جواني ۽ وڌيڪ
تعليم جو احوال:
پيءُ جي وفات کان پوءِ ٻئي
سال مرزا صاحب بمبئي ويو ۽ ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل ٿيو. مسٽر چئٽفيلڊ تڏهن ڪاليج جو
پرنسپال هو. سندس پروفيسر مولوي عبدالفتاح هو، ٿورو ئي پوءِ هُن جي جاءِ تي
پروفيسر مرزا حيرت آيو ۽ ڪاليج جو پرنسيپال ورڊس ورٿ ٿيو.
ڪاليج ۾ داخل ٿيڻ تي مرزا
صاحب کي سنڌ مان ويهن رپين جي هڪڙي اسڪالر شپ ملي، جا اڳي سندس وڏن ڀائرن کي ملندي
هئي. وقت جا پروفيسر يا فيلو سڀ مرزا صاحب مان خوش هوندا هئا ۽ مٿس مهربان رهندا
هئا. خاص طرح پروفيسر ميرزا حيرت، جو کيس نه فقط شاگرد، پر پٽ وانگي سمجهندو هو ۽
کيس ڏاڍي محبت ڏيندو هو. پهرئين سال ۾ ئي هن کي معلوم ٿيو، ته مرزا صاحب فارسي ۽
عربي زياده ڄاڻي ۽ وقت بوقت امتحانن جي فارسي جي پيپر ۾، هو کيس هميشه سؤ مارڪون
ڏيندو هو، جنهن تي ٻيا سڀ پروفيسر کلندا هئا ۽ مرزا حيرت جي هلت تي حيرت ۾ پئجي
ويندا هئا. خانگي وقت ۾ هو ساڻس هزارين موضوعن ۽ مضمونن تي گفگتو ڪندو ۽ جدا جدا
شاعرن جا کيس شعر ٻڌائيندو هو. جيڪي مضمون هر ٽرم جي پوري ٿيڻ تي شاگردن کي ڏيندا
هئا ۽ جن تي انعام به آڇيل هوندا هئا، تن ۾ هميشه فارسيءَ ۾ مرزا صاحب کي انعام
ملندو هو. فارسيءَ ۾ شعر جوڙي مرزا حيرت کي ڏيکاريندو هو، جن ۾ هو درستي ڪندو هو ۽
علم عروض جا قانون کيس چڱيءَ طرح سمجهائيندو هو. پروفيسر حيرت ٻين گهڻين ٻولين ۾ به
هوشيار هو. ترڪي به ڄاڻندو هو، تنهن ڪري مرزا صاحب کي به ترڪي سکڻ جو شوق ٿيو ۽
ايتري ترڪي سکي پيو، جو انهيءَ ٻوليءَ ۾ شعر چوڻ لڳو، جنهن جي درستي به پروفيسر حيرت
پاڻ ڪندو هو.
مرزا صاحب جو ڪاليج ۾ پارسي
مت جي شاگردن، مرهٽن ۽ گجراتين سان گهڻو واسطو رهندو هو ۽ انهن سان دوستي هئس.
انهن جي سنگت ۾ سنسڪرت سکڻ جو به شوق ٿيس ۽ پهريان ٻه ٽي ڪتاب پڙهيائين. گجراتي
ٻولي به سکيو جا چڱيءَ طرح لکي پڙهي ويندو هو. ساڳيءَ طرح مرهٽي ٻولي به ٿوري گهڻي
سکيو ۽ پڇاڙيءَ تائين انهن مڙني ٻولين جي لکڻ پڙهڻ جو استعمال ڪندو آيو. انهيءَ شوق
۽ صحبت ڪري، هندن ۽ پارسين جي مذهبي ڪتاب پڙهڻ جو به شوق ٿيس، انهن تي انهيءَ مذهب
جي شاگردن سان بحث ڪرڻ جو به چڱو وجهه مليس، جنهن ڪري منجهانئس تعصب نڪرندو ويو ۽
ٻين مذهبن جا اصول به چڱيءَ ريت سمجهڻ لڳو. مرزا حيرت تصوف مان به واقف هو ۽ پڪو
صوفي هو، تنهنڪري مرزا صاحب کي به کانئس تصوف جي پوري واقفيت حاصل ٿي. مطلب ته
جيئن ننڍي هوندي پنهنجي پيءُ جي صحبت مان علمي سرمايو وڌايو هئائين، تيئن ممبئيءَ
۾ ميرزا حيرت جي صحبت مان گهڻو ئي ڪُجهه حاصل ڪيائين.
فارسيءَ ۾ هوشياري ڪري ۽
شاگردن جي تعداد وڌيڪ هئڻ ڪري، پروفيسر مرزا حيرت جي لکڻ تي مرزا صاحب کي ڪاليج ۾
بي.اي پاس ڪرڻ کان به اڳ فيلو مقرر ڪيائون، جو هيٺين ڪلاسن کي بلڪ ڪڏهن مٿين ڪلاسن
کي به فارسي پڙهائيندو هو. جهڙيءَ طرح هاءِ اسڪول ۾ پاڻ پڙهندي، ٻين کي فارسي
پڙهائيندو هو.
مرزا صاحب ممبئيءَ ۾ هو، ته
سندس غير حاضريءَ ۾ سندس والده سن ۱۲۹۳
هجري - ۱۸۷۶ع ۾
وفات ڪئي. ترت پاڻ به موڪل تي گهر آيو. کيس ماءُ جي وفات جي خبر نه هئي. ڳوٺ اچي
ڏٺائين، ته ٽيجهي جي ماني اوطاق ۾ پئي هلي ۽ ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. مرزا صاحب کي
ماءُ جي مرڻ جو ٻڌي ڏاڍو افسوس ٿيو. اها سڄي موڪل ماتم ۾ گذاريائين. پوءِ لاچار
ممبئي ويو، نه ته وڃڻ جي مرضي نه هئس. ممبئيءَ ۾ به سندس حال خراب رهڻ لڳو، نتيجو
اهو ٿيو، ته بي.اي ۾ فيل ٿي پيو. پوءِ سگهو ئي بيمار ٿي پيو ۽ پيچش ۽ سوري ٿي پيس.
اها بيماري مهينن جا مهينا هلي. آخر ڊاڪٽرن خوف ڏيکاريو ۽ صلاح ڏني، ته ممبئيءَ جي
گهميل هوا کان نڪري پنهنجي وطن جي خشڪ هوا ۾ وڃي رهي. سوبه سمنڊ رستي وڃڻ ۾ بيماري
وڌيڪ وڌڻ ٿيڻ جو خوف ڏيکاريائون. تنهنڪري لاچار ريل جي رستي روانو ٿيو. انهيءَ طرح
ڪاليج جي پچر ڦٽي ڪري. هوا بدلائڻ لاءِ پنهنجي ڀاءُ مرزا صادق علي بيگ وٽ ڪراچيءَ
۾ رهڻ لڳو.
اهڙيءَ ريت ڪراچيءَ ۾ ٻه
ورهيه گذارڻا پيس. ٻيو ڪم ڪار ڪونه هوندو هئس. بيماري گهڻي ڪاٽي هئائين، تنهنڪري
هوا بدلائڻ، آرام وٺڻ ۽ تندرستي وڌائڻ جو چڱو وجهه مليس. ان طرح ڪراچيءَ جي ٻين ڪن
هندُن ۽ مسلمانن سان اچ وڃ ٿيس. خاص ڪري مسٽر حسن علي، مسٽر ڏيارام ۽ ڪن ٻين سان.
پوءِ جڏهن مسٽر ڏيارام جيٺمل سنڌ ڪاليج کوليو ٿي، تڏهن اهڙي رٿ پيش ڪئي هئائين، ته
مرزا صاحب کي فارسيءَ جو پروفيسر ڪري رکجي، پر پاڻ پسند نه ڪيائين، جو ارادو هئس،
ته روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪري. مسٽر حسن علي تڏهن مدرسو قائم ٿي ڪيو، تنهن کي به
انهيءَ ڪم ۾ مدد ڏني هئائين.
نوڪريءَ جي
ڏينهن جو احوال:
مرزا صاحب سڀني جي مرضيءَ موجب
روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انهيءَ ڪري قاعدن جا ڪتاب اٿلائڻ لڳو ۽
آفيسن ۾ وڃي ڪم ڏسڻ لڳو. انهن ڏينهن جي ڪليڪٽر ڪرنل لامبرٽ کان لکيل اجازت
ورتائين، ته مختيارڪاري يا ڪليڪٽريءَ ۾ وڃي، آفيس جو ڪم ڏسي واقف ٿئي. لالا
گيانچند سيوهڻ وارو، تڏهن ڪراچيءَ جو مختيارڪار هو ۽ مسٽر فرامروز پنٿڪي پارسي
تعلقي جو هيڊ منشي هو، جن سان خاص طرح دوستي ٿي ويس ۽ جي کيس ڪم ڪار سيکارڻ لڳا.
آخر مئجسٽريٽي امتحان ڏنائين، جيتوڻيڪ انهيءَ سال امتحان به مشڪل هو، تڏهن به جيڪي
اميدوار ويٺا هئا، تن سڀني مان فقط هڪڙو مرزا صاحب ئي پاس ٿيو.
ٿوري وقت کان پوءِ اسسٽنٽ
ڪمشنر مسٽر آليونت وري ڪمشنر ٿي آيو، تنهن جي خاص مهربانيءَ سان ۽ صلاح سان مختيارڪاريءَ
جي ڪم سکڻ لاءِ شڪارپور ضلع جي ڪڪڙ تعلقي جو هيڊ منشي ٿي ويو. ٻه ٽي مهينا ڪڪڙ ۾
رهيو، پوءِ ميهڙ ڊويزن جي ٿرڙي محبت جو مختيارڪار ڪيائونس، جتي ٻه ٽي ورهيه
گذاريائين ۽ اهڙي ريت چڱيءَ هلت رکڻ ۽ نوڪريءَ جا فرض ادا ڪرڻ لڳو، جو مٿيان آفيسر
۽ زميندار ماڻهو منجهانئس ڏاڍا خوش ٿيا.
ٿرڙي محبت کان پوءِ ميهڙ
تعلقي ۾ ٿورن ڏينهن لاءِ مختيارڪار ٿي ويو، پر سگهو ئي وري جوهي ۽ پوءِ وارهه يا
نصيرآباد تعلقي ۾ بدلي ٿيس، جتي ٻه ٽي ورهيه مختيارڪار رهيو.
ٿرڙي، ميهڙ ۽ وارهه تعلقن ۾
نوڪري ڪندي، ميهڙ جي ڊاڪٽر بينجمن سان سندس واقفيت بلڪ دوستي ٿي، جنهن ميرزا صاحب
کي شاديءَ جي خيال ۾ ڏسي صلاح ڏني، ته رٽائرڊ ميجر صوبيدار سردار بهادر شيخ
اسماعيل جي ڌيءُ خوبصورت به آهي ۽ پڙهيل به آهي. انهيءَ جي سڱ وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ
گهرجي. اهو ميجر صوبيدار اصل بني اسرائيل قوم جو فرد هو، جو پوءِ مسلمان ٿيو هو ۽
دهليءَ ۾ هڪڙي مغل خاندان مان شادي ڪئي هئائين ۽ انهيءَ مان اولاد هئس. محمد يعقوب
سندس وڏو پٽ هو، جو پوءِ سردار ٿيو ۽ وڏي درجي کي پهتو ۽ نالو ڪڍيائين.
نيٺ پنهنجي ڀائرن جي صلاح سان
تاريخ ۲۵
ڊسمبر ۱۸۸۸ع ۾
مرزا صاحب پهرين شادي ڪئي. اها موڪل جي وقت ۾ ٿي هئي ۽ موڪل پوري ٿيڻ تي مرزا صاحب
جي بدلي گهوٽڪيءَ ۾ ٿي، جتان وري روهڙي بدلي ٿيس. سال ۱۸۸۹ع ۾ هائر ڊپارٽمينٽل امتحان
پاس ڪيائين ۽ ٽن مهينن لاءِ ائڪٽنگ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي شڪارپور جو سٽي مئجسٽريٽ ٿي
رهيو. سگهوئي پوءِ پڪو ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي لاڙڪاڻي ۾ آيو ۽ مسٽر ميولس جي نگرانيءَ ۾
ڪم ڪرڻ لڳو. پوءِ وري سيوهڻ ڊويزن ۾ آيو ۽ مسٽر ليوڪس اسسٽنٽ ڪليڪٽر کان اچي چارج
ورتائين ۽ ڪوٽڙيءَ واري بنگلي ۾ رهڻ لڳو. اتان وري جيڪب آباد بدلي ٿيس، جتي مسٽر
قادر داد افغان طاراڻيءَ کان چارج ورتائين، جو رياست خيرپور جو وزير ٿي ويو. جيڪب
آباد ۾ ٽن ورهين تائين رهڻ ڪري بلوچن جي صحبت ۾ بلوچي ٻولي به سکيو، جا لکڻ پڙهڻ ۽
ڳالهائڻ ۾ استعمال ڪرڻ لڳو.
مارچ ۱۹۰۴ع کان مرزا صاحب موڪل ورتي،
انهيءَ وقت حيدرآباد ۽ ڀرپاسي ۾ پليگ جي وبا پکڙيل هئي. شهر ۾ لڏپلاڻ گهڻي هئي.
انهيءَ پليگ ۾ تاريخ ۱۹ -
مارچ ۱۹۰۴ع
مرزا صاحب جي زال وفات ڪئي، جنهن کي پنهنجي خاندان جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
انهيءَ گهرواريءَ مان ميرزا صاحب کي ٻه فرزند: مرزا نادر بيگ، مرزا اختر بيگ ۽ هڪ
نياڻي ٿي.
اڪيلو رهڻ مشڪل نظر ايندو هئس
۽ هر دم زال کي ياد ڪندو پيو هو ۽ اٻاڻڪو رهندو هو. اها حالت ڏسي، مرزا صادق علي
بيگ ۽ سردار محمد يعقوب وري شادي ڪرڻ جي صلاح ڏنس. آخر پنهنجي ماروٽ مرزا قزلباش
بيگ جي نياڻيءَ سان مئي ۱۹۰۷ع
۾ شادي ڪيائين. وري ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي جي صحبت ۾ خوش رهڻ لڳا، ته اوچتو ئي اوچتو ٻئي
سال ۱۹۰۸ع جي
مئي مهيني ۾ اها سندس زال به هڪڙو پٽ ڄڻي ويم دوران وفات ڪري ويئي. انهيءَ زال سان
به مرزا صاحب جي گهڻي محبت هئي ۽ انهيءَ ڪري وري ٻيو تازو صدمو پهتس. انهيءَ
گهرواريءَ منجهان هڪ فرزند ٿيس، جنهن جو نالو مرزا همايون بيگ هو.
ٻيءَ زال جي وفات کان پوءِ
وري به مرزا صاحب جي طبيعت پريشان رهڻ لڳي ۽ بيمار ٿي پيو، تنهنڪري ۱۹۰۹ع ۾ ٽن مهينن جي موڪل
ورتائين، جنهن جي پوري ٿيڻ تي به طبيعت برابر نه رهيس ۽ ٽيهه ورهيه نوڪري به پوري
ٿي هئس، تنهن ڪري اڌ پگهار تي پينشن ورتائين. انهيءَ وچ ۾ ۱۹۰۹ع جي نومبر مهيني ۾ وري به
مرزا قلب علي بيگ جي نياڻيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان مرزا صاحب مرحوم کي اٺ پٽ
۽ ٻه نياڻيون آهن.
مذهب ۽ مذهبي
فراخدلي:
مرزا صاحب پنهنجي مذهب بابت
جيڪي هٿن سان لکيو آهي، سو اکر به اکر ڏيان ٿو، پوءِ ڀل ته هر هڪ پڙهندڙ پنهنجي
راءِ قائم ڪري، ته مرزا صاحب جو مذهب ڪهڙو هو:
”مذهب جي نظر تي اسين گرجي
مرزا شيعا آهيون، يعني جعفري يا اثنا عشري. بابو ۽ نانو مرحوم ننڍي هوندي پنهنجي
وطن مان نڪري پهرين ايران ۾ رهيا، جتي شيعن جي مذهب جي تعليم ملين. وري جڏهن سنڌ ۾
آيا، تڏهن به مير ٽالپرن وٽ رهيا، جي پڻ شيعا مذهب جا هئا، تنهن ڪري پڇاڙيءَ تائين
انهيءَ مذهب ۾ رهيا. سنڌ ۾ رهڻ ڪري اسان جو توڙي اسان جي وڏن جو اهل سنت سان گهڻو
واسطو رهيو، تنهن ڪري انهن جا اڳيان تعصب ظاهر ڪرڻ پسند نه ايندو هون. مون کي ياد
آهي، ته نانو مرحوم سنين سان گڏ سنين جي نماز پڙهندو هو، اسين ڀائر به ائين ڪندا
اچون. اگرچ اسان مان ڪي شيعي مذهب جا زياده پابند آهن ۽ ڪي سنين سان به ظاهري طرح
شامل ٿيندا آهن. جيئن ته جمعي يا عيد جي نماز وقت يا ٻين وقتن تي سني جماعتن سان
نماز پڙهڻ وقت مون کي ٻين مذهب جي ڪتابن ۾ پڙهڻ ۾ ڪو اعتراض ڪونه ٿيندو آهي، اگرچ
منهنجي ڪن عزيزن کي ٿيندو آهي. مون کي پاڻ شوق رهندو آهي، ته ٻين مذهبن جا ڪتاب
پڙهان ۽ انهن جي اصولن جو اسلام جي اصولن سان تقابل ڪريان. انهيءَ خيال سان شيعن
جا مذهبي ڪتاب توڙي سُنين جا گهڻا پڙهيا اٿم ۽ طرفين جي ٻارن لاءِ ٻنهي مذهبن جا
ڪتاب لکيا به اٿم. عيسائين، هندن، ٿياسفي، تصوف، بهائي ۽ ٻين مذهبن جا ڪتاب به
اڪثر شوق سان پڙهندو آهيان ۽ انهن جا ڪيترا ڪتاب ترجما به ڪيا اٿم. جيئن ته توريت،
انجيل، زبور، ٿياسافي وغيره. تصوف وارو مذهب صُلح ڪُل جو سڀ کان بهتر آهي، جو نج
اسلام آهي ۽ جنهن ۾ سڀ اصلوڪا مذهب اچي وڃن ٿا ۽ جنهن موجب سڀ انسان فرق کانسواءِ
هم مذهب ۽ ڀائر ٿي سگهن ٿا، ماڻهو مون کان پڇندا آهن، ته تنهنجو ڪهڙو مذهب آهي؟
سني آهين يا شيعو؟ يا وچؤن ڪو ٻيو مذهب اٿئي؟ تنهنجو پِيرُ يا مُرشد ڪير آهي؟ اهڙن
وقتن تي آءٌ منجهي پوندو آهيان ۽ نيٺ چوندو آهيان، ته آئون سني به آهيان ۽ شيعو به
آهيان. بلڪه سڀني مذهبن جو آهيان. سڀني مذهبن جا اصول ڄاڻان ۽ انهن تي ڪتاب لکيا
اٿم ۽ سڀني سان تعصب کان سواءِ گذاريندو آهيان. ”ڪيو تعصب ڌار ٻاهر هندو ۽ مسلمان
جو ٿانءُ، نه ته اندر ميخاني ۾ ساقي به هڪ پيالو به هڪ“
سادگي:
مرزا صاحب پنهنجي عزيزن بلڪ
دوستن ۾ نماڻو، نهٺو، نرم دل، صبر وارو ۽ ٿور ڳ لهائو شمار ڪيو ويندو هو. پاڻ انهيءَ
کي فخر سمجهي خوش ٿيندو هو. جيتوڻيڪ ماڻهو انهيءَ کي سندس عيب سمجهندا هئا ۽ حد
کان وڌيڪ نرمائي يا ڀورڙائي شمار ڪندا هئا. ڀورڙائي ۽ سادگيءَ سان گڏ نرمي ۽ قياس
جي حالت به مرزا صاحب ۾ خاص طرح هئي. ٻه ڄڻا وڙهندي ڏسندو يا ٻڌندو هو، ته دل جو
لاڙو ضرور لاهيڻي يا ضعيف جي پاسي هوندو هئس ۽ مدد ڪرڻ به انهيءَ کي چاهيندو هو،
جيڪو ڪرندو يا هارائيندو يا غم ڪندو هو، تنهن جي لاءِ گهڻو ارمان ٿيندو هئس. ٻين
ڌارين ماڻهن جي گهر ۾ قضيي ٿيڻ ڪري پاڻ روئندو هو ۽ ٻين جي غم جو احوال ٻڌي روئڻ
ايندو هئس.
صبر، قناعت، بي
طمعي ۽ توڪل:
پاڪ پروردگار مرزا صاحب کي دل
۾ صبر، قناعت ۽ توڪل جا خزانا بخشيا هئا ۽ دنيا جي طمع بلڪل نه ڏني هئس، تنهن ڪري
پيسي ميڙڻ جو شوق به ڪونه هوندو هئس. ايمانداريءَ جي رستي خوشحاليءَ جي حالت تائين
پهتو ۽ اميد رکندو هو، ته خدا پاڻهي سندس اولاد کي به چڱي حال ۾ رکندو ۽ انهن جي
مدد ڪندو، اهڙيءَ حالت ۾ دنيا جي طمع گهٽ هئڻ ڪري، دنيا ۽ آخرت جي عزت ۽ سرخرو ئي
هميشه خدا کان گهرندو هو، پر نه دنيا جي دولت، نه اجائي رستي سان نالو ناموس. وڏي
عهدي ۽ وڏي درجي يا لقب لاءِ ڪڏهن به خواهش نه ڪيائين ۽ نه ڪڏهن ڪوشش ڪيائين.
پينشن وٺڻ کان پوءِ سرڪار مهرباني ڪري هزار ايڪڙ زمين جا هلڪي مالڪاڻي تي ڏيڻا ڪيا
هئس، گهڻن ڪشالن کان پوءِ ٽنڊي محمد خان جي پاسي زمين هٿ ڪيائين، پر انجنيئر پاڻي
ڏيڻ تي اعتراض آندو، جيڪر وڌيڪ پيسا خرچ ڪجن ها، ته انجنيئري کاتو به راضي ٿي ضرور
موڪل ڏئي ها، پر پاڻ اهڙي رستي وڌيڪ پيسا خرچڻ نه گهريائين ۽ ڏاڍي نفرت سان زمين
جي دعويٰ ڇڏي ڏنائين. اهو سندس طبعيت ۽ دل جي ميل، توڪل ۽ قناعت جو هڪڙو مثال آهي.
جيڪا حالت هوندي هئس، انهيءَ تي خوش رهندو هو ۽ پاڻ سمجهندو هو، ته آءٌ لائق به
انهيءَ جو آهيان. پاڻ انهيءَ بابت هڪڙي ڏاڍي سهڻي رُباعي لکي اٿس، چوي ٿو:
تون حرص ۽ هوس جو،
دل ۾ ڪو ساز نه ڪر،
خودبيني ۽ خود
فروشي، آغاز نه ڪر،
جي تنهنجي مراد ٿي،
نه پوري نه پڪار،
آئين تون نياز لاءِ هت ناز نه ڪر.
علم جو شوق:
هاڻي آءٌ مرزا صاحب مرحوم جي
لکڻ پڙهڻ جي شوق ۽ عادتن جو ڪجهه تفصيلي ذڪر ڪندس. مٿي ڏيکاريو اٿم، ته مرزا قليچ
بيگ کي لکڻ پڙهڻ جو شوق ننڍي هوندي کان گهڻو هوندو هو، بلڪ راند کان به اهو شغل
وڌيڪ پسند ايندو هئس ۽ ننڍي هوندي کان ڪتاب لکڻ ۽ پڙهڻ ۽ شعر چوڻ جو شوق رهندو
هئس. جيئن علم وڌيڪ ٿيندو ويس، تيئن ڪتاب گڏ ڪرڻ جو به شوق پيدا ٿيس. انهيءَ ڪري جيڪي
سندس وڏن جا قيمتي ۽ عمدا ڪتاب هئا، سي خاص طرح پاڻ لاءِ هٿ ڪيائين، بلڪ ٻيا به
انگريزي، عربي، فارسي، اردو، ترڪي ۽ ٻين ٻولين جا ڪتاب گڏ ڪرڻ ۽ پڙهڻ لڳو. پڇاڙيءَ
تائين هميشه نوان ڪتاب گڏ ڪندو ايندو هو. گهڻو ڪري سنڌ ۾ جيڪو نئون ڪتاب ڇپيو هو،
تنهن جو مصنف هميشه هڪڙي ڪاپي کيس موڪليندو هو. خود سندس جوڙيل ڪتابن جي به هڪڙي
وڏي لائبريري هئي، جا اڃا تائين موجود آهي. ڪتاب اڪثر علم، حڪمت، فلسفي، اخلاق ۽
مذهب جي موضوع جا پسند ايندا هئس ۽ اهي پڙهندو هو. جهڙا انگريزي تهڙا ٻيا. ناول ۽
قصا گهڻو ڪري نه پڙهندو هو. اکين سان ڏسي دل ۾ پڙهندو هو ۽ تمام تڪڙو پڙهندو هو.
مگر ڌيان سان پڙهندو هو ۽ ڪتاب جي چڱن عمدن ڀاڱن تي نشان ڪندو ويندو هو، جي پوءِ
ڪتاب پوري ڪرڻ بعد جدا نوٽ بُڪ تي لکندو ويندو هو. اهڙا چونڊ نوٽ بڪ به گهڻا ئي
هئا. فارسي، عربي ۽ اردو واري چونڊ جو نالو ”ابڪار الافڪار“ رکيو هئائين ۽ انگريزي
چونڊ جو ”انگلش جيمس“.
تصنيف جو شوق:
ڪتابن پڙهڻ جي شوق مان ڪتابن
لکڻ جو شوق پيدا ٿيس. ڪي ڪتاب ته اسڪول ۾ پڙهندي ۽ ڪي ڪاليج ۾ پڙهندي لکيائين. ڪي
ڪتاب نوڪريءَ کان پوءِ ڪي اڳي لکيائين ۽ ڪي ته وري خود نوڪريءَ جي عرصي ۾ لکيائين.
انهيءَ ڪري ماڻهن کي سواءِ اُجوري جي ڇاپڻ لاءِ ڏيندو هو ۽ جيڪي ڇاپيل ڪاپيون
ملنديون هئس. سي سنڌ جي جدا جدا لائبريريءَ وارن جي درخواست تي انهن کي پڻ ڏيندو
هو ۽ غريب شاگردن کي اسڪولن ۽ مڪتبن جي امتحان وٺڻ تي انعام ڏيندو هو ۽ ڪي يارن
دوستن کي تحفي ۾ ڏيندو هو. ڪتابن لکڻ ۾ ڪو وقت ضايع ڪونه ڪيائين. جڏهن ڪڏهن ڪو
فراغت جو وقت ٿورو يا گهڻو بچندو هئس، ته ماٺ ڪري ويهڻ يا راند ڪرڻ يا اجائي
ڳالهائڻ جي بدران ڪجهه پڙهي يا لکي وٺندو هو. سرڪاري نوڪريءَ ۾ به فرض ڪيل ڪم ڪرڻ
کان پوءِ واندڪائيءَ جو وقت پڙهڻ ۽ لکڻ جي ڪِرت ۾ لڳائيندو هو. اڪثر اهو ڪم رات جو
ڪندو هو. خاص اَسر جو. انهيءَ ڪري هڪڙو ئي ڪتاب گهڻا ڏينهن کائي ويندو هئس. اهو
ڪتابن لکڻ جو شوق مشهوري يا پيسي ميڙڻ لاءِ نه هوندو هئس. خاص مطلب ٽي هوندا هئس:
پهريون اهو، جو واندڪائيءَ جي
وقت ۾ هڪ چڱي ۽ مفيد ڪرت رهندي هئس ۽ وقت اجايو نه ويندو هئس ۽ اجاين خيالن ۽
اجاين ڳالهين ۽ حرڪتن ڪرڻ کان بچندو هو.
ٻيو اهو، ته ڪتابن لکڻ لاءِ
پهرين چڱن ڪتابن کي غور ۽ ڌيان سان وري وري پڙهڻ جو وجهه ٿي مليس، جنهن ڪري علمي
ماپو وڌيڪ ٿيندو هئس.
ٽيون اهو، ته چڱن ڪتابن لکڻ
مان ٻين ماڻهن کي فائدي رسائڻ جو وجهه ملي ٿي سگهيس ۽ اها به خيرات يا زڪوات هئي.
ڄڻ ته اها علم جي زڪوات هئي، جيئن دولت ۽ مال تي زڪوات واجب آهي. سندس نظر ۾ علم ۽
ڄاڻ به هڪڙي سچي دولت هئي ۽ جيڪي ڪتاب وٽسڪ هئا، تن کي هڪڙو خزانو سمجهندو هو.
شعر ۽ تصوف جو
شوق:
صبح جو جڏهن هوا کائڻ ويندو
هو، تڏهن رستي ۾ اڪثر خيال پچائيندو ويندو هو ۽ شعر به انهيءَ وقت جوڙيندو هو. يا
ته وري شام جو سمهڻ کان اڳي اهڙا خيال پچائيندو هو. بعضي جي فرمائش موجب ڪو راڳ يا
شعر جوڙيندو هو، ته انهيءَ خيال ۾ گهڻو ڀاڱو رات جو به گذري ويندو هئس.
اڪثر سندس شعر جدا جدا موضوع
۽ عنوان تي آهي. اسلامي ۽ مذهبي مضمونن تي جيتوڻيڪ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ قرآن، حديث
۽ فقهه جي بنياد تي مضمون ڏنا اٿس، تڏهن به حڪمت ۽ فلسفي وارا مضمون تصوف جي بنياد
تي لکيا اٿس. جيتوڻيڪ وڏن بزرگن تصوف جا اصول بيان ڪيا آهن ۽ اهي شرعيت جا پابند
رهيا آهن، ته به اڪثر عام شرعيت وارا انهن تي اعتراض آڻيندا آهن. بلڪ ڪي ته انهن
کي ڪافر يا غير شرعي ڪم ڪرڻ ۽ ڳالهين ٻڌائڻ وارا سڏيندا آهن. تنهن ڪري اهڙي تهمت
کان مرزا صاحب به آزاد ناهي. ڪيترن مسلمانن سني توڙي شيعا انهيءَ نسبت ۾ کيس سوال
وڌا، جن جا جواب پئي ڏنائين. پر انهيءَ ۾ سندس ظاهري شرعت موجب هلت کيس پئي بچايو.
تنهنڪري ٻين بزرگن وانگي سندس به اها راءِ هئي، ته شرعي ۽ ديني ڪمن ۽ رسمن جي نسبت
۾ حقيقي خيال ڪهڙا به هجن، ته به اهي پنهنجي جند جي لاءِ رکڻ گهرجن، نه خلق کي
ٻڌائڻ ۽ واعظ ڪرڻ لا”، نه ته شيخ حسين منصور حلاج واريءَ سزا ملڻ جو خطرو آهي يا ته
خلق ۾ خواريءَ جو ڊپ آهي. شاهه ڀٽائيءَ جي قول موجب هلت ڪرڻ گهرجي، جا پڻ ٻين
مشهور صوفي بزرگن جي رهي آهي.
روزا ۽ نمازون ،
ايءُ پڻ چڱو ڪم،
او ڪو ٻيو فهم ،
جنهن سان پسجي پرينءَ کي.
پيري، گوشه نشيني
۽ وفات:
جيتوڻيڪ مرزا صاحب ٽيهه ورهيه
سرڪاري نوڪري ڪئي، ته به هميشه دل ۾ اها خواهش رهندي هئس، ته نوڪري پوري ڪري پينشن
وٺي، ته پنهنجي دل جي خواهشن موجب ڪتاب مطالع ڪرڻ ۽ لکڻ واري شغل ۽ عبادت ۽ رياضت
۾ وڌيڪ وقت گذاري سگهي. جيتوڻيڪ نوڪريءَ هوندي به اڪثر انهيءَ مشغوليءَ ۾ رهندو ٿي
آيو. ڏينهن جو جڏهن به سرڪاري ڪمن کان فرصت ملندي هئس، تڏهن ايئن ڪندو هو، پر رات
جو خاص طرح اهي ڪم ڪندو هو ۽ انهيءَ لاءِ پنهنجي ننڊ ۽ آرام ڦٽائيندو هو. نوڪريءَ
هوندي به کيس اڪثر اڪيلائي، گوشي نشيني ۾ رهڻ ۽ خيال ڪرڻ پسند ايندو هو. اڪثر صبح
جو اڪيلو گهمڻ نڪري ويندو هو، جيئن پڇاڙيءَ تائين ڪندو رهيو، قبرستانن يا قبن يا
ڦٽل ڳوٺن ۽ دڙن تي وڃي رهندو هو، زماني جي گردش، وقت جي گذرڻ، انسان جي حالت ۽ خدا
جي قدرت جو خيال پچائيندو هو. پر جڏهن نوڪريءَ جي پڇاڙيءَ ڌاري خانگي ڏکن، مصيبتن
۽ صدمن جا اتفاق ٿيڻ لڳس، دل بي آرام ۽ غمگين رهڻ لڳس، تڏهن ته پاڻ اڪيلائي، گوشي
نشينيءَ جا خيال وڌيڪ پيدا ٿيس ۽ خدا کان دعا گهرندو هو، ته ڪنهن طرح سان جلد جند
ڇڏائي آزاد ٿئي ۽ پنهنجي دل گهري مشغولي ڪري.
پينشن وٺڻ مهل مرزا صاحب جي
عمر پنجونجاهه ورهيه هئي، تنهن ڪري جواني ڇڏي پيريءَ ۾ داخل ٿيو هو. مگر نوڪريءَ
جي محنت، ڪشالي، ورزش ۽ تندرستي ۽ عادتن جي نظر تي اڃا پاڻ کي بلڪل جوان ٿي
ڄاتائين. پڇاڙيءَ تائين گهمڻ ڦرڻ، هوا کائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ جو ڪم ايترو ڪندو آيو،
جيترو نوڪريءَ ۾ ڪندو هو، بلڪ وڌيڪ خدا جي مهربانيءَ سان پڇاڙيءَ تائين مقرر عادن
جي ڪري تندرست رهيو ۽ بيماري به گهٽ ٿيندي هئس. ڏند به سڀ سلامت هئس ۽ نظر به چڱي
هوندي هئس. جيتوڻيڪ سنهن اکرن پڙهڻ وقت عينڪ ڪم آڻيندو هو.
پينشن وٺڻ کان پوءِ نواب شاهه
۾ جيڪا زمين مرزا صاحب کي سرڪار کان خانداني آبروءَ جي نظر تي مليل هئي ۽ جنهن جي
سنڀال مرزا صادق علي بيگ ڪندو هو، تنهن جي نظرداري ڀاءُ جي وفات کان پوءِ پاڻ تي
کنيائين ۽ اڪثر اتي پنهنجي ديهه تي ويندو رهندو هو ۽ پنهنجو ذاتي شغل، لکڻ پڙهڻ جو
ڪم به ڪندو رهندو هو.
ٻي سڄي مشغولي، ته ڪتابن
ٺاهڻ، لکڻ ۽ ترجمي ڪرڻ جي شعر چوڻ جي هئس، جنهن ۾ گهڻو ڀاڱو وقت جو گذري ٿي ويس.
نه رڳو پنهنجا ڪتاب لکندو هو، پر اڪثر سنڌ جا جدا جدا ماڻهو، هندو يا مسلمان ليکڪ
جيڪي ڪتاب يا شعر ٺاهي، ڏسڻ لاءِ يا اصلاح ۽ درستيءَ لاءِ يا راءِ يا صلاح لاءِ
موڪليندا هئس، سي واندڪائيءَ مهل ڏسي درست ڪري موڪليندو هو. بلڪه ڪنهن ڪتاب جي لکڻ
۾ ڪو مدد گهرندو هئس، ته خوشيءَ سان ڏيندو هو ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۽ ٻين مخزنن ۽
رسالن ۾ ڇاپڻ لاءِ ڪو مضمون يا شعر گهرندا هئس، ته اهو به خوشيءَ سان ڏيندو هو يا
ڪتابن جي منڍ ۾ ديباچي يا تهميد وانگي لکي ڏيڻ لاءِ چوندا هئس ته
اهو به لکي ڏيندو هو. سرڪاري ٽيڪسٽ بوڪ ڪميٽيءَ جو ميمبر هو. عربي، فارسي ۽ اردو
نوان ڪتاب، جيڪي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن وٽ ايندا هئا ۽ هو موڪليندو هو، تن تي
راءِ ڏيندو هو. انهيءَ کان سواءِ عملي، اخلاقي يا پنگتي يا پرهيز جي سوسائٽين يا
جماعتن ۾ ليڪچر ڏيڻ يا انهن لاءِ ڪنهن مضمون لکڻ لاءِ چوندا هئس، ته اهو به لکندو
هو. سرڪاري ڊپارٽمينٽل امتحان يا يورپين آفيسرن جي سنڌي امتحانن لاءِ اڪثر ڪمشنر
صاحب چوندو هئس يا سڏائيندو هئس. تعليم جي نسبت ۾ سرڪاري يا خانگي ڪانفرنس ۾ شامل
ٿيڻ لاءِ چوندا هئس، ته خوشيءَ سان شامل ٿي سندن فرمائش موجب تقرير يا تجويز ڏيڻ
کان نٽائيندو نه هو. جانورن کي ظلم کان بچائڻ لاءِ جا حيدرآباد ۾ هڪ نيم سرڪاري
سوسائٽي آهي، تنهن جو به ميمبر هو. بلڪ وائيس پريزيڊنٽ به ٿي رهيو هو ۽ انهيءَ
لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ضروري ليک به لکندو هو. انهيءَ کان سواءِ شهر جي بلڪ سنڌ جي ”انجمن
اسلاميهء جو به ميمبر هو ۽ خاص ڪري ’انجمن اماميه‘ حيدرآباد يا شيعا ڪانفرنس آل
انڊيا واريءَ جو به ميمبر هو. بلڪ انهيءَ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ميمبر هو، جنهن جو
هيڊ ڪوارٽر لکنوءَ ۾ يا لاهور ۾ هو.
اهي آهن مشغوليون، جي پينشن
وٺڻ کان پوءِ مرزا صاحب رکندو هو. اھي دل ۽ روح جي موافق هئس. ميونسپالٽيءَ ۾
ڪائونسلر ٿيڻ لاءِ يا لوڪل بورڊ ۾ ميمبر ٿيڻ لاءِ اسپيشل مئجسٽريٽ يا بئنچ
مئجسٽريٽ ٿيڻ لاءِ، آفيسرن وقت بوقت مهرباني ڪري آڇ پئي ڪيس، بلڪ زور پئي ڪيس، ته
به معافي گهري قبول نه ڪيائين، جو اهو ڪم سندس طبعيت مطابق نه هو. ڪائونسل ۾ ويهڻ
لاءِ به سنڌ جي گهڻن دوستن صلاح ڏني هئس، پر پاڻ قبول نه ڪيائين. خيرپور رياست جي
وزارت خالي ٿيڻ وقت مير علي مراد خان، پوءِ مير فيض محمد خان جي وقت کان وٺي مير
صاحب پاڻ مهرباني ڪري وزير ٿيڻ لاءِ پئي چيس، پر پاڻ ڪو نه ڪو عذر ڏيئي معافي
گهرندو آيو.
نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ مرزا صاحب
مرحوم کي چئن قسمن جي مصروفيت رهندي هئي. پهرين ٻارن ٻچن جي پرورش ۽ تعليم ڏيڻ جي،
ٻي خلق جي سڌاري، فائدي ۽ مدد ڏيڻ جي، خاص علم ۽ تعليم سان واسطو رکندڙ، ٽين ڪتابن
لکڻ ۽ شعر ٺاهڻ جي، جنهن مان پڻ خلق جي فائدي جي نظر هئس ۽ چوٿين پنهنجي جند جي
بهتري ۽ خدا تعاليٰ جي بندگيءَ جي.
مرزا صاحب اپريل جي پهرين
تاريخ ۱۹۲۹ع
هالن جي مخدوم صاحب جي گهرائڻ تي اوڏانهن ويو. رستو تمام خراب هو ۽ موٽر جي لوڏن ۽
تڪليف ڪري گردي ۾ سور ٿي پيس. ٿورن ئي ڏينهن ۾ نمونيا ٿي پيس. جنهن تمام تڪليف ڏنس
۽ جيتوڻيڪ خدا جي مهرباني ۽ ڊاڪٽر شيخ نور محمد جي علاج سان صحتياب ٿيو، پر بلڪل
ضعيف هو ۽ دل جي ڪمزوري، جا گهڻي وقت کان هئس، سا به زور وٺي وئي. ڊاڪٽرن آرام جي
هدايت ڪيس، پر پاڻ واندي ويهڻ کان وري به پنهنجي دستور موجب روزانو ڪم ڪار ڪندو رهيو.
هميشه ڊاڪٽر نور محمد، جي علاج هيٺ رهيو، جو سندس طبعيت کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽
ساڻس دوستيءَ جو رستو به هئس. تاريخ ۳
- جولاءِ ۱۹۲۹ع
سڄو ڏينهن اداس ۽ غمگين گذاريائين. سڄي ڏينهن ۾ اهڙيون اهڙيون ڳالهيون پئي
سمجهايائين ۽ ڪيائين. جيئن ڪو ٻاهر وڃڻ وارو ماڻهو وڃڻ کان اڳي سمجهائي ڪندو آهي.
رات جو هميشه وانگر ماني کائي سومهڻيءَ جي نماز پڙهي، نائين وڳي ڌاري وڃي ستو.
اٽڪل ساڍي ڏهين وڳي سندس اک کلي، کنگهه جي شڪايت ڪيائين ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس
ٿيس. ٿوري ئي وقت ۾ کنگهه تمام گهڻي ٿيڻ لڳي، تنهن سبب سندس زال پنهنجن عزيزن کي
گهرايو. مرزا منوچهر بيگ، مرزا سڊني بيگ ۽ ٻيا هڪدم اچي وٽس گڏ ٿيا. ٿوري وقت ۾
کنگهه بند ٿي ويئي ۽ رڳو ساهه تمام مشڪلات سان ٿي کنيائين. انهيءَ بعد بس هڪڙو
دفعو وڏي آواز سان الله چيائين ۽ سندس روح خاڪي پڃري مان آزاد ٿي اُڏامي ويو. انا
لله وانا اليہ راجعون.
شمس العلماءُ مرزا قليچ
بيگ
سنڌي ٻولي ۽ ادب جو عظيم
محسن - ۳ جولاء ۲۰۱۹ع تي سندس ۹۰ هين ورسي
بشير ڪالاڻي
نواب فتح خان جي
فرزند ۽ مير مراد علي خان ٽالپر جي خاص اميرن مان هڪ نواب، ٽالپر محمد خان ٺوڙهو
جي نالي سان منسوب حيدرآباد جي علائقي ڦليلي جي اڀرندي طرف ”ٽنڊو ٺوڙهو“ ۾ مرزا
فريدون بيگ جي گهر ۾ ۴ محرم ۱۲۷۱هجري بمطابق ۱۸۵۳ع ۾ جنم وٺندڙ شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جو نالو ذهن تي اچڻ سان ئي هڪ
قداور سنڌي اديب، جديد سنڌي ادب جو اهم معمار، شاعر، مؤرخ، ماھرِ لسانيات، مترجم، ڊراما
نويس، ناول نگار جي تاريخ جو مڪمل نقشو ۽ ان زماني جي ادبي ماحول جو منظر اکين آڏو
تري اچي ٿو.
شمس العلماء مرزا
قليچ بيگ جو علمي ۽ ادبي مقام ۽ مرتبو اوڻويهين ۽ ويهينءَ صدي جي توڙي اڄ جي اديبن
۽ شاعرن ۾ اڄ به مٿاهون آهي.
مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا
اصل اصل جارجيا (روس) جا رهاڪو هئا. سندس والد فريدون بيگ ۽ نانو مرزا خسرو بيگ ننڍپڻ
۾ ايران جي حاڪم طرفان سنڌ جي ميرن کي تحفي طور عطا ڪيا ويا هئا ۽ پوءِ انهيءَ
زماني ۾ حيدرآباد جي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ رهائش پذير ٿيا.
مرزا قليچ بيگ جو
والد فريدون بيگ ۽ نانو مرزا خسرو بيگ پنهنجي دؤر جا وڏا عالم هئا، جن جو اثر مرزا
صاحب تي ننڍي هوندي کان ئي ٿيو، انهيءَ ڪري هو سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جو هڪ وڏو عالم بڻجي
ويو.
مرزا قليچ بيگ سنڌي،
انگريزي، فارسي، عربي، ترڪي ۽ اردو زبانن تي دسترس رکندڙ هو.
مرزا قليچ بيگ
افساني، ناٽڪ، ناول، تنقيد، شاعري، تاريخ، تهذيب، تعليم، اخلاق، مذهب، طب، تصوف،
سوانح، آتم ڪٿا، لغت، ٻوليءَ، سائنس، لطيفيات، لسانيات، گرامر، موسيقيءَ، زراعت،
باغباني، سائنس، حشرات الارض، ٻارن جي ادب، تقابلي مذهب، مطلب ته علم ادب جي ڪيترين
ئي شاخن تي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا.
مرزا قليچ بيگ ۱۷ سالن جي عمر ۾ پهريون ڪتاب ”ٻاراڻا ٻول“
لکيو، هن ۱۸۸۰ع ۾ پهريون سنڌي ناٽڪ ليليٰ مجنون ۽ ۱۸۹۱ع ۾ پهريون سنڌي طبع زاد ناول زينت لکيو، هن
ادب جي هر موضوع تي اٽڪل ۴۵۷ ڪتاب لکيا، جن ۾ لغت، تحقيق، ناول، افسانوي
ادب ۽ ناٽڪ وغيره اچي وڃن ٿا.
مرزا قليچ بيگ ٻارڙن
لاءِ ۴۰ ڪتاب لکيا، جڏهن ته آخري ڪتاب سوانح حيات آهي، جنهن جو
نالو سائو پن يا ڪارو پن آهي. هن ڪيترن ئي ڪتابن جا ترجما به ڪيا.
مرزا قليچ بيگ
پنهنجي سڄي زندگي علم ادب تي لکڻ ۾ گذاري، هو مختلف سرڪاري عهدن تي به رهيو، هو ڊپٽي
ڪليڪٽر جي عهدي تان ريٽائر ٿيو هو.
شمس العلماءَ مرزا
قليچ بيگ جي نالي سان، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مرزا قليچ بيگ چيئر پڻ آهي.
مرزا قليچ بيگ ۳ جولاءِ ۱۹۲۹ع تي رات جو يارهين بجي ڌاري وفات ڪئي ۽ ۴ جولاءِ تي پنهنجي ڳوٺ واري قبرستان بلند
شاهه (ويجهو ڀٽي ريلوي ڦاٽڪ) ۾ پنهنجي جيئري ٺهرايل قبر ۾ سپرد خاڪ ڪيا ويا.
سندس آخري رسمن ۾
شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پارکو ڊاڪٽر گربخشاڻي، سائين جي ايم سيد، علامه عمر دائود
پوٽو، حافظ محمد احسن چنه ۽ سوين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي هئي.
مرزا قليچ بيگ جي
مزار مبارڪ جي سيرانديءَ کان رکيل ڪتبي تي سندس وفات وارو سال ۽ شعر هن طرح اُڪريل
آهي.
عمر م به همين سلا چُو هفتاد شُدا هفت
آمد مَلک الموت، ز درگاههِ حق آخر،
گفتا که بسي زيستي در منزل دنيا،
شو عازمِ عُقبي که به بيني رخِ داور.
از فرط مسرت زدم آهي و بُمر دم،
درِ عالم ارواح رسيدم دمِ ديگر،
تاريخ وفاتم چُو دِلم خواسته از غيب،
هاتف زکرم کرد نِدا: ”بخت موقر“ ۱۳۴۸ هه
مرزا قليچ بيگ
ھڪ بيمثال ۽ اڻٿڪ انسان
زيب سنڌي
اڄ سنڌ جي انهيءَ بيحد اهم
شخصيت جي ورسيءَ جو ڏينهن آهي، جنهن پنهنجي قبر، پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي ٺاهي ڇڏي هئي
۽ ڪڏهن ڪڏهن هو انهيءَ قبر ۾ وڃي سمهي به پوندو هو! هن کي زندگيءَ جي بي بقا هجڻ
جو اندازو هو، جنهن ڪري ئي ته هُو پنهنجي لاءِ کوٽيل قبر ۾ وڃي سمهي به پوندو هو،
پر تڏهن به هن پنهنجي زندگيءَ ۾ سنڌ جي علمي ۽ ادبي حوالي سان ايتري خدمت ڪئي،
جنهن جهڙو ڪو ٻيو مثال آهي ئي ڪونه. هو پنهنجو مثال بس پاڻ ئي آهي ۽ اهو بيمثال ماڻهو
مرزا قليچ بيگ آهي. قليچ بيگ جي مادري زبان ته فارسي هئي پر هن جو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ
سان اهڙو ناتو جُڙيو، جو اڄ کيس سنڌي نثر جو اَبو سڏيو وڃي ٿو.
مرزا قليچ بيگ جي خاندان جو
تعلق روس جي رياست جارجيا سان هو. قليچ صاحب جو والد مسٽر سڊني عيسائي هو، جنهن کي
ايران جي حڪومت سنڌ جي هڪ حڪمران مير ڪرم
علي ٽالپر کي تحفي طور موڪليو هو! (غلاميءَ
جو به اهو ڇا ته زمانو هو، جو جيئرا جاڳندا انسان به تحفي طور ڏنا ويندا هئا!) مسٽر
سڊني ميرن جي درٻار ۾ اچي مسلمان ٿيو. سنڌ ۾ نئين مسلمان مرزا فريدون بيگ جي گهر ۾
قليچ بيگ جو جنم ٿيو ته ڪنهن کي به اهو اندازو نه هوندو ته، اڳتي اهو نينگر سنڌ جي
مٽيءَ سان عشق جو اهڙو تعلق جوڙيندو، جو نه فقط کيس سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جو محسن مڃيو
ويندو پر کيس سنڌي نثر جو اَبو به تسليم ڪيو ويندو! عجيب شخص هو مرزا قليچ بيگ
صاحب به، جنهن جي مادري ٻولي ته بيشڪ فارسي هئي، پر سندس خمير ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي ئي
سمايل هئي، جنهن ڪري هن پنهنجي شعور واري عمر تي پهچڻ سان ئي سنڌ لاءِ سوچڻ شروع ڪيو
هو. علم ادب جي سُتي ته شايد هن پنهنجي امڙ جي ٿڃ سان گڏ پيتي هئي، جو جڏهن هو فقط
ستن سالن جو ننڍڙو ٻار هو تڏهن هن رانديڪن سان کيڏڻ بجاءِ شعر لکڻ شروع ڪيا هئا. هو
قطعا لکي وڃي پنهنجي ناني مرزا سرفراز بيگ کي ڏيکاريندو هو. سندس نانو ننڍڙي ٻار
کي شاعري ڪندي ڏسي کلندو به هو ته خوش به ٿيندو هو ۽ ستن سالن جي ننڍڙي قليچ کي
شعر لکڻ تي شيون به کارائيندو هو. ادب جي ننڍڙي ٻوٽي کي ناني وٽان مڃتا ۽ پيار جو
پاڻي مليو ته هن اُسرڻ ۾ دير ئي نه ڪئي. اهو ئي سبب آهي ته مرزا قليچ بيگ سورهن
سالن جي عمر ۾ ئي پنهنجي پهرين ڪتاب “ٻارهن گُلَ ڦُلَ” جو مسودو تيار ڪري ورتو هو،
جنهن کان پوءِ لکڻ جو اهو سلسلو ڪڏهن رُڪيو ئي ڪونه.
مرزا صاحب ڪو پير، مير يا
جاگيردار نه هو جو بنا پورهئي جي ويهي کائي ۽ پنهنجي مرضيءَ سان وقت گذاري. پيٽ
گذر لاءِ هو سرڪاري نوڪري به ڪندو رهيو ۽ هن اها نوڪري به پوري ديانتداريءَ سان ڪئي.
سرڪاري نوڪريءَ واري وقت کان پوءِ هن کي جيڪو به وقت ملندو هو، انهيءَ وقت ۾ ئي هن
پنهنجي لکڻ پڙهڻ وارو ڪم ڪيو. نوڪري به روينيو ڊپارٽمينٽ جي، جنهن ۾ هو مختيار ڪار
به رهيو ته ڊپٽي ڪليڪٽر به. اهڙي مصروفيت واري نوڪري ڪندي هن ڪيئن ايڏو گهڻو علمي
ادبي ڪم ڪيو، اها ڳالهه بنا ڪنهن شڪ جي حيران ڪندڙ آهي. اڳي ته اسان قليچ بيگ صاحب
جي پروفائيل ۾ هر هنڌ اهو ئي پڙهندا آيا آهيون ته، هن ۴۵۷
ڪتاب لکيا، جن منجهان لڳ ڀڳ ٽي سؤ ڪتاب ڇپيل ۽ باقي اڻ ڇپيل
آهن، پر هاڻي اها خبر ملي آهي ته سندس ڪتابن جو ڳاڻيٽو اڃا به وڌيڪ آهي. مرزا قليچ
بيگ صاحٻ جي خاندان سان تعلق رکندڙ منهنجي دوست ۽ نامياري ليکڪ نصير مرزا ڪالهه ئي
مون کي ٻُڌايو ته، قليچ بيگ صاحب جي وارث محترم حبيب بيگ مرزا، قليچ صاحب جي ذاتي
لائبريريءَ جي نئين سِر ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ته، قليچ صاحب جا لکيل يا ترجمو ڪيل وڌيڪ ٽيهه
ڇپيل ننڍا ڪتاب اهڙا به هٿ آيا، جيڪي قليچ صاحب جي ۴۵۷
ڪتابن واري فهرست ۾ شامل ناهن. انهن ڪتابن جي ظاهر ٿيڻ
کان پوءِ، قليچ صاحب جي ڪتابن جو تعداد ۴۸۷ ٿي چڪو آهي. اهڙي صورتحال کان پوءِ جيڪڏهن وڌيڪ تحقيق ۽ ڳولا ڪئي وڃي ته
اها ڳالهه به امڪان کان ٻاهر ناهي ته سندس ڪتابن جو تعداد پنج سئو کان به وڌيڪ
هجي.
۱۷ آڪٽوبر
۱۸۵۳ع تي جنم وٺندڙ مرزا قليچ بيگ ۳ جولاءِ ۱۹۲۹ع تي وفات ڪئي. لڳ ڀڳ ۷۶ سالن جي ڄمار ماڻيندڙ هن اڻٿڪ شخص سورهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ پنهنجي پهرين
ڪتاب جو مسودو مڪمل ڪيو هو. انهيءَ حساب سان سندس ڄمار جو لکڻ وارو عرصو سٺ سال
آهي. جيڪڏهن سندس ڪتابن جو موجودهه ڳاڻيٽو ۴۸۷ ئي هجي، تڏهن به سٺ سالن ۾ هڪڙو شخص ايترا گهڻا ڪتاب لکي/ ترجمو ڪري، اڪيلي
سَر ئي پنهنجي ٻوليءَ لاءِ علم ادب جا اهڙا مظبوط بنياد وجهي ڇڏي ٿو، جنهن جو مثال
ڪو ٻيو نظر ئي نٿو اچي. ٻي وڏي ڳالهه سندس ڪتابن ۾ موضوعن جي گهڻائي به آهي. هن هر
موضوع تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪتاب ته سنڌي ٻوليءَ کي ضرور ڏنو. سندن قلمي پورهئي جي
موضوعن جو تفصيلي ذڪر ڪنهن اخباري ڪالم ۾ ته ممڪن ناهي، پر اهو ڪنهن پي ايڇ ڊي جي
مقالي ۾ ئي ٿي سگهي ٿو.
قليچ صاحب ته پنهنجي ننڊ آرام
جي گهڻي وقت کي به علم ادب مٿان قربان ڪري ڇڏيو هو. اهو ئي سبب آهي ته سندس ڪمري ۾
چار ٽيبلون رکيل هونديون هيون. انهن چئني ٽيبلن تي مختلف ڪتابن جا اڻپورا مسودا
موجود هوندا هئا. جيڪڏهن هو ڪنهن هڪ موضوع جي ڪتاب تي لڳاتار ڪم ڪري ٿڪجي پوندو هو
ته آرام ڪرڻ بجاءِ، انهيءَ ٽيبل تان اٿي وڃي ٻي ٽيبل تي ويهندو هو ۽ پوءِ ٽين ۽ چوٿين
ٽيبل ڏانهن هليو ويندو هو ۽ لڳاتار لکندو يا ترجما ڪندو رهندو هو. چيو وڃي ٿو ته
هو ڳالهائيندو گهٽ ۽ سوچيندو وڌيڪ هو. سوچڻ ۽ غور فڪر ڪرڻ لاءِ ته هن هڪ وڻ ۾
پنهنجي لاءِ آکيرو به ٺاهيو هو، جنهن ۾ ويهي هو مطالعو به ڪندو هو ته غور فڪر به ڪندو
هو! علم، ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ سان بنا ڪنهن شڪ جي اها سندن عشق جي انتها هئي... ۽
ها، قليچ صاحب شاعر ته ستن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي ٿي ويو هو، سو هن هڪ عدد عشق به
ضرور ڪيو. پاڻ جڏهن ان وقت جي تعلقي ٿرڙي محبت جو مختيارڪار ٿيو ته سفر سانگي راڌڻ
جي ريلوي اسٽيشن تي سندس وڃڻ ٿيندو هو. انهيءَ ريلوي اسٽيشن جي انگريز اسٽيشن ماسٽر
جي ڌيءَ سان قليچ صاحب جوعشق ٿي پيو ۽ هن انگريز اسٽيشن ماسٽر کان سندس ڌيءَ جو سَڱُ
گهريو. اسٽيشن ماسٽر کي ڪو اعتراض ته نه هو، پر هن لاهور جي بشپ کان اجازت وٺڻ
لاءِ خط لکيو. بشپ جواب ۾ لکيو ته اها شادي عيسائي مذهب موجب ٿيڻ گُهرجي. قليچ
صاحب انگريز اسٽيشن ماسٽر کي چيو ته، مان پنهنجي مذهب تي هوندس، منهنجي زال ڀلي
پنهنجي عيسائي مذهب تي قائم رهي. مرزا صاحب اسٽيشن ماسٽر کي مير عبدالحسين سانگيءَ
جو مثال به ڏنو، جيڪو پنهنجي مذهب تي قائم رهيو پر سندس گهر واري عيسائي هئي. اها ڳالهه
به بشپ کي لکي وئي پر بشپ طرفان اجازت نه ملڻ جي ڪري قليچ صاحب جي انهيءَ عيسائي
انگريز ڇوڪريءَ سان شادي نه ٿي سگهي. قليچ صاحب کي اها محبت حاصل نه ڪري سگهڻ جو ڏُک
ته سدائين رهيو، پر هن پاڻ کي سنڌي ادب جي عشق ۾ اهڙو رڱي ڇڏيو، جو هو پنهنجي آخري
ساهن تائين سنڌ ٻوليءَ ۽ ادب سان ئي پنهنجي عشق جي تجديد ڪندو رهيو.
قليچ بيگ بظاهر ته هڪ شخص هو،
پر حقيقت اها آهي ته انهيءَ هڪَ شخص جو متبادل ڪيترا ادارا به نٿا ٿي سگهن. هن هڪڙي
شخص ۽ هڪڙي ذهن نه فقط بيشمار موضوعن تي سوچيو پر انهن بيشمار موضوعن تي ڪتابَ به ڏنا.
بدقسمتيءَ سان اڄ اسان جا ڪيترا ادارا به ايترو ڪم نٿا ڪن، جيترو ڪم هن هڪ شخص پنهنجي
زندگيءَ ۾ ڪيو. ٻيو ته ٺهيو پر قليچ بيگ صاحب جا لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ ڪتاب اسان جا علمي
ادبي ادارا اڄ ڏينهن تائين ڇپرائي به ناهن سگهيا! سٺي ڳالهه آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ
جي مرزا قليچ بيگ چيئر پاران اڄ نه فقط مرزا قليچ بيگ جي ورسيءَ جي مناسبت سان
پروگرام ٿي رهيو آهي، پر انهيءَ موقعي تي چيئر پاران قليچ بيگ صاحب جا ٽي ڪتاب اهڙا
به پڌرا ٿي رهيا آهن، جيڪي اڳ ڪڏهن به ناهن ڇپيا. ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته سنڌي
نثر جي بانيڪار جا باقي اڻ ڇپيل سمورا ڪتاب به اسان جي ادارن کي ڇپرائي پڌرا ڪرڻ
گهرجن.
شمس العلماءُ مرزا قليچ
بيگ
[ ۱۸۵۳ع – ۱۹۲۹ع ]
ميمڻ عبدالغفور
سنڌي
سنڌي
ادب جو سچو خدمتگار ۽ اعليٰ پايي جو شاعر، شمس العلماءُ (مرزا
صاحب کي علمي خدمات جي صلي ۾ هي لقب، مرڻ کان ساڍا چار سال اڳ، يعني ۱۹۲۴ع ۾
مليو هو. ساڳئي وقت ملازمت جي عيوض ”خانبهادر“ جو خطاب به مليس.) مرزا قليچ بيگ ولد
فريدون بيگ (سندس
اصل نالو عيسائي مذهب مطابق ”سڊني“ هو. پاڻ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان
وارن ڏينهن ۾ ايران کان سنڌ ۾ سهڙيو هو.)، ۴
محرم ۱۲۷۰ هه مطابق ۱۸۵۳ع ۾، ضلعي حيدرآباد سنڌ جي ڳوٺ ”ٽنڊي ٺوڙهي“ ۾ ڄائو.
سندس والد ان وقت ايران کان لڏي، سنڌ ۾ آيو هو. سندس ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مدرسي ۾، آخوند محمد شفيع وٽان ٿي. جتان قرآن پاڪ ناظره پڙهي پورو ڪيائين. پوءِ حيدرآباد شهر مان مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين.
پڙهڻ سان گڏ راڳ، سرندي، ستار وڄائڻ، راندي کيڏڻ، شاعري ۽ لکڻ پڙهڻ جو شوق جا ڳيس.
خوش طبع به حد درجي جو هو. سندس ذهانت انهيءَ حد تائين هئي،
جو سنڌ اسڪولن کان انگريزي ڪلاسن تائين اول نمبر ايندو رهيو.
پاڻ
ڪجهه وقت بمبئيءَ جي ايلفسٽن ڪاليج ۾ به پڙهيو، جتي فارسي ۽ ترڪي زبانن ۾ وڏي
مهارت حاصل ڪيائين. واپسيءَ تي ڀائرن جي منشا موجب روينيو کاتي ۾ ملازمت جو آغاز
ڪيائين. سرڪاري ملازمت ۾ ڪلارڪيءَ کان ڪليڪٽر جي عهدي تائين پهتو. رٽاير ڪرڻ بعد،
مرزا صاحب مطالعي کي چهٽي ويو؛ ۽ ڪافي ڪتاب لکي رات ڪيائين. ايتري تائين جو، سنڌي
ادب جي خدمت ڪندي، پنهنجو آرام به ڦٽائي ڇڏيائين. اڪثر واندڪائيءَ ۾ قبرستان، قبن
۽ دڙن ڏانهن ويندو هو. آخري وقت ۾ زماني جي ڏوجرن کان صدما رسيس؛ جنهن ڪري بي
آرامي، غمگيني، ملولائپ ۽ مايوسيءَ ۾ وڪوڙجي، ۷۶
ورهين جي ڄمار ۾، ۱۳۴۸ هه مطابق ۳ جولاءِ ۱۹۲۹ع تي وفات ڪيائين. کيس ٽنڊو ٺوڙهي جي ”بلند شاه جي
قبرستان“ ۾ آرامي ڪيو ويو.
هي
ذهين، سنجيده، صلح پسند ۽ آورچ انسان، طبعاً رلڻو ملڻو، حاضر جواب ۽ خوشطبعي هو.
سنڌي شاعريءَ جي سلسلي ۾ سندس مڪمل ديوان آهي؛ جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۵۶ع ۾
شايع ڪيو آهي. سندس شاعرانه سگهڙپائيءَ جو گاهي بگاهي اهڙن واقعن ۽ خاص موضوعات تي
روانيءَ سان قلم هليو آهي؛ جنهن مرزا صاحب کي ”قادر الڪلام“ بڻائي ڇڏيو. سندس شعرن
۾ لفظن جي سهوليت ۽ قافين جي آرزاني، اَنوکا وزن ۽ اُنهن جي آساني، طرز - اَدا ۾
سلاست ۽ رواني، اندروني ترنم ذريعي پيدا ڪيل خوش الحاني ۽ سندس طبعي ظرافت ۽ خوش
بيانيءَ وارين خوبين سندس ڪلام کي پيارو ۽ دلپذير بڻائي ڇڏيو آهي.
نظم
کان علاوه نثر ۾ به مرزا صاحب پاڻ ملهايو آهي. بالخصوص ناول، ڊرامي (ناٽڪ)، ادب،
تنقيد ۽ صرف و نحو جهڙن اهم موضوعن تي، تقريباً ساڍا ٽي سوُ کن ڪتاب قلمبند ڪيا
اٿس. انهيءَ لکڻ ۾ هرگز وڌاءُ نه ٿيندو، ته ”سنڌي ادب جي سلسلي ۾ مرزا صاحب جهڙو
ٻيو عالم اڃا پيدا نه ٿيو آهي.“
مرزا قليچ بيگ
علمائن جو سج
۽ سنڌي ادب جو ابو
حاڪم چانڊيو
شمس العلماءُ حضرت مرزا قليچ بيگ، پنهنجي
پونئرن کي يقينًا اڄوڪي ڏينهن تي ئي نه هر وقت ياد هوندو، پر سنڌي ادب جي شاگردن ۽
سنڌي ادبي ادارن توڙي سرڪار کان به ته نه وسرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته شمس العلماءُ مرزا
قليچ بيگ سرڪاري نوڪري هوندي به سنڌي علم ۽ ادب لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو اهو ڪنهن کان
ڳجهو يا لڪل نه آهي. نه ئي وري شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ مرحوم جي شخصيت ڪنهن
تعارف جي محتاج آهي. سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب کي ڪتابي سرمايي سان مالا مال ڪرڻ جو
سهرو سندس ئي سر تي آهي.
مرزا قليچ بيگ تحرير جي ميدان ۾ هر فن موليٰ
هو. سندس شخصيت جي اهم خوبي هي سمجهي وئي آهي ته پاڻ پهريون سنڌي عالم، اديب، شاعر
۽ دانشور آهي جنهن نثر ۽ نظم ۾ گهڻي کان گهڻا ڪتاب تصنيف، تاليف ۽ ترجمو ڪيا. سنڌيءَ
سميت عالمي ادب ۾ شايد ئي ڪو اهڙو اديب يا شاعر هجي جنهن ايترا سارا ڪتاب لکيا هجن.
مرزا قليچ بيگ سٺو ۽ اعليٰ پائي جو شاعر هجڻ ڪري پنهنجي پيدائش جي تاريخ پنهنجي شاعري
۾ هن طرح بيان ڪئي آهي.
پيدا آ محرم ۾ ٿيس، چوٿين هئي تاريخ،
واويلا ۽ هي هي جي، مون ٻولي ٻڌي،
روئيندي قليچ.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا، اصل
ترڪمانستان جي شهر تفليس سان تعلق رکندڙ هئا. ۱۷۹۷ع ڌاري روس ۽ ايران وچ ۾ ٿيندڙ
جنگ دوران، شمس العلماءُ حضرت مرزا قليچ بيگ جو نانو ۽ والد، جنگي قيدي بنجي ايران
پهتا. جتان پوءِ ايراني شهنشاهه جي طرفان سنڌ جي تڏهوڪي حڪمران مير ڪرم علي خان
ٽالپر کي تحفي طور ڏنا ويا.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ پنهنجي خاندان
بابت پنهنجي ڪتاب ”يادگيريون“ ۾ هن طرح
لکي ٿو ته؛ ”ڏسڻ ۾ ايندو ته نانو مرزا خسرو بيگ (مرحوم) ، بابو مرزا فريدون بيگ
(مرحوم) ۽ مرزا قربان علي بيگ (مرحوم) اهي ٽئي ڄڻا گرجي هئا. هن ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي ۾
رهندا هئا........ اسان جا وڏا گرجستان مان آيا جو ملڪ ترڪستان ۽ ايران جي پاسي ۾
آهي..... مير صاحبن، هنن کي ”مرزا“ سڏيو“ ۽ ”مرزا“ ايران ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ واري يا منشي کي چوندا
آهن......... حيدرآباد ۽ سنڌ ۾ ڪن ٻين هنڌن تي به مرزا آهن پر اهي گرجي ناهن. پر اهي
مغل آهن، جن جا وڏا شايد دهلي جي پاسي کان آيل هوندا...... پر پٺيان ”بيگ“ جو لفظ اسان
جي مائٽن جي نالن پٺيان انهي ڪري پيو جو تُرڪ شمار ڪيا ويا هئا ۽ استنبول ۾ رهيا
هئا ۽ سنڌ ۾ اچڻ وقت به ترڪي ڳالهائيندا هئا، ٿوري پارسي به........ حقيقيت ۾ اسان
جا گرجي مائٽ نڪي ايراني هئا ۽ نه ڪي ترڪي هئا. سرڪاشين پاچرڪس نسل جا ماڻهو هئا ۽
جارجيا، تفليس ۽ ٻين آسپاس جي شهرن جا ويٺل هئا. هو ڪرسچن يا عيسائي مذهب جا هئا ۽
روس جي رعيت هئا، ٻولي به ترڪي ڳالهائيندا هئا.“
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ جو نانو جڏهن
سنڌ ۾ آيو ته ان قوت هن جي عمر ڏهه سال هئي. ڪجهه عرصي کانپوءِ مرزا قليچ بيگ جو
والد فريدون بيگ سنڌ آيو ۽ اچي مرزا خسرو بيگ سان گڏ رهڻ لڳو. ٻنهي جي پاڻ ۾ گهڻي
پريت ٿي وئي، تنهن ڪري لکڻ پڙهڻ جو ڪم به گڏجي ڪندا هئا. ڪجهه عرصي کان پوءِ مرزا
فريدون بيگ جي خسرو بيگ جي نياڻيءَ سان شادي ٿي، جنهن مان الله تعاليٰ کيس ۷ پٽ ۽ ٻه نياڻيون عطا ڪيون. سندس پٽن مان شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ
ٽيون نمبر پٽ هو.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ پنهنجي والد ۽
ڀائرن وانگر شروع کان هوشيار هوندو هو. هُن وڏن ڀائرن سان گڏ ٽنڊي ٺوڙهي جي هڪ
خانگي مڪتب ۾ آخوند شفيع محمد وٽان قرآن شريف پڙهي پورو ڪيو. ان کان پوءِ حيدرآباد
جي سنڌي اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو. جتي سنڌيءَ سان گڏ پارسي ۽ عربي جي تعليم پڻ حاصل
ڪيائين.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ صاحب، پنهنجي
استاد مرزا حيرت بيگ کان تصوف جي تعليم پڻ حاصل ڪئي ۽ اڳتي هلي تصوف تي سولي سنڌيءَ
۾ هڪ بهترين ڪتاب به لکيائين. ڪاليج ۾ پڙهائيءَ دوران انگريزي زبان جي ايتري ڄاڻ حاصل
ڪيائين جو انگريزيءَ ۾ شعر چوڻ لڳو. فارسيءَ ۾ هوشيار هئڻ ڪري، پروفيسر حيرت جي سفارش
تي کيس بي اي پاس ڪرڻ کان اڳ فيلو مقرر ڪيو ويو، جتي هو هيٺين ۽ مٿين ڪلاسن کي
فارسي پڙهائيندو هو.
مرزا قليچ بيگ طبيعت ۾ شريف، ايماندار هڏ-ڏوکي ۽ سخي مرد هو. عالمن ۽ شاعرن جي
گهڻي عزت ڪندو هو. پنهنجن عزيزن قيبن، دوستن، ساٿين سان ڀلائيءَ جا ڀيرا پيو ڪندو
هو. مرزا قليچ بيگ صاحب پنهنجي ڪتاب ”سائو پن، ڪارو پنو“ ۾ پنهنجي طبيعت هن طرح
بيان ڪري ٿو؛ ”ننڍي هوندي مون کي خوش طبعي، مسخري ۽ چرچي بازي ڪرڻ جي عادت هوندي
هئي. مسخريون به تمام گهڻيون ڪندو هوس، جنهن ڪري گهر جا ڀاتي توڙي ٻيا ملاقاتي
گهڻو کلندا هئا.“
پنهنجي نوڪريءَ بابت مرزا قليچ بيگ لکي ٿو
ته؛ ”نوڪري ايمانداري سان ڪندو هوس، جيتوڻيڪ سرڪاري حڪم جي پوري تعميل ڪندو هوس ته
به ٻيءَ مخلوق تي رعيت تي انصاف، رحم ۽ مهرباني جي نظر رکندو هوس. سرڪاري قائدو
ڪهڙو به سخت هوندو هو ته به انهيءَ جي تعميل دل جي ميل تي تعلق رکي ٿي، نرمي ڪرڻ
گهرندو ته نرم ٿيندو ۽ جي سخت ٿيڻ گهرندو ته سخت ٿيندو.“
وڌيڪ لکي ٿو ته؛ نوڪريءَ دوران ڪنهن سان ڪا
خاص دوستي نه رکي ۽ نه ڪنهن سان خاص دشمني رکي.....، معافي گهرڻ تي اڪثر معافي ڏيندو
هوس پر جي ڪنهن جي برخلاف ڪجهه چيو يا ڪجهه ڪيو هوندو ته انهيءَ سان وير رکي نقصان
نه پهچايو هوندم. ڪنهن کي گارگند عمر ڀر نه ڏنم ۽ نه ڪي چڙ ۾ اجايو سجايو ڳالهايو
هوندم. جي اتفاق سان چڙ مان بدمعاش يا بيوقوف چئي ويٺو هوندس، ته پوءِ پشيمان ٿيو
هوندس. مرزا قليچ بيگ صاحب، مذهبي
اصولن جو پورو پابند هو پر
منجهس مذهبي ڪٽرپڻو نه هو. اهو ئي سبب آهي جو هن جيڪي به ڪتاب لکيا، انهن ۾ اسلامي
تعليم، تصوف، اسلامي اخلاقيات، پيار ۽ محبت جي پرچار ڪيل آهي.
مرزا قليچ بيگ صاحب، ادبي حوالي سان جيڪي
خدمتون سر-انجام ڏنيون انهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. هُن سنڌي اردو، فارسي،
ترڪيءَ ۾ به پنهنجون خدمتون سر-انجام ڏنيون. پر جيڪا خدمت ھن سنڌي ادب جي ڪئي، سا
سونهري اکرن ۾ لکيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو مرزا قليچ بيگ صاحب، سنڌي ادب جو ابو
سڏيو ويندو آهي. محمد ابراهيم جويو صاحب پنهنجي هڪ تقرير ۾ مرزا قليچ بيگ کي پورهيت
اديب ڪري ڪوٺيو آھي. آهي به سچ ائين. مرزا قليچ بيگ، سڄي ڄمار قلمي پورهيو ڪندو
رهيو. سندس سوانح عمريءَ مان پتو پوي ٿو ته پاڻ پهريون ڪتاب سن ۱۸۷۰ع ۾ لکيائين.
ان وقت سندس عمر صرف ۱۷ سال هئي. آخري ڪتاب ۱۹۲۸ع ۾ لکيائين. اهڙيءَ ريت مرزا قليچ بيگ پنهنجي زندگيءَ جا سڄا سارا ۵۸ سال قلمي پورهيو ڪندي گذاريا. ان
جو نتيجو اهو نڪتو جو مرزا قليچ بيگ ۴۵۷ ڪتاب لکيا. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به سنڌي
عالم، توڙي ادبي اداري ايتري تعداد ۾ ڪتاب نه لکيا يا ڇپرايا هوندا.
مرزا قليچ بيگ صاحب لاءِ اهو اعزاز آهي جو هو،
هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ مڃائي اول نمبر رهيو. ننڍي هوندي کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ سان
دلچسپي هجڻ ڪري ۴۵۷ ڪتاب لکيائين. تنهن ڪري کيس ”شمس العلماءُ“ يعني علمائن جو سج جو لقب مليو. واحد سنڌي آفيسر
هو جنهن کي نوڪريءَ جي رٽائرمينٽ کان پوءِ، سرڪار طرفان ۵۰۰ ايڪڙ زرعي زمين نواب شاهه
۾ ڏني وئي. پاڻ پهريون سنڌي ليکڪ هو جنهن هر صنف ۽ موضوع تي سڀ کان پهرين طبع آزمائي
ڪئي. جنهن ۾ ناول نگاري، ڊراما نگاري، سوانح عمري، سفرنامه، لسانيات وغيره شامل
آهن. پاڻ پهريون سنڌي شخص هو جيڪو سنڌي، انگريزي، اردو ۽ عربي کان سواءِ ۱۵ ٻولين
جي ڄاڻ رکندو هو. جن ۾ گجراتي، مرهٽي، هندي، فارسي، تڪري، پشتو، پنجابي، سرائيڪي،
سنسڪرت، ڍاٽڪي ۽ ٻيون ٻوليون شامل آهن.
پاڻ ۷۶ سالن جي ڄمار ۾ ۳ جولاءِ ۱۹۲۹ع تي رات جو يارهين
وڳي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ۽ پنهنجي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي واري قبرستان ۾
پنهنجي زندگيءَ ۾ ٺهرايل قبر ۾ کيس دفن ڪيو ويو.
مرزا قليچ بيگ
سنڌي علم ۽ ادب جي افق جو سج - ۳
جولاءِ ۸۳ هين ورسي جي موقعي تي
طارق
عزيز شيخ
سنڌي ادب ۾ شايد ئي
ڪو ايڏو وڏو نالو هجي، جيترو مرزا قليچ بيگ جو آهي. مرزا صاحب جي ڪري، سنڌي ادب
تمام شاهوڪار بڻجي ويو. هر صنف کي ترقي ملي. هر شعبي ۾ واڌارو ڪيائين. هو واقعي
علم جو سج هو، جنهن سان اڄ تائين سنڌي علم ادب کي روشني ملي رهي آهي. سنڌي ادب کي
هر موضوع تي مالدار ٺاهڻ واري اها شخصيت، جنهن نثر جي ترقيءَ جي ڏاڪڻ جو ڪم ڏنو،
انهيءَ ڪاڻ بعد ۾ اچڻ وارا عالم ۽ اديب نثر جون ڪيئي منزلون چڙهي مٿي آيا، انگريزن
جي دور جي وڏي ۾ وڏي ادبي شخصيت، مرزا قليچ بيگ هو. انگريزن سندس علمي لياقت جي
عيوض ڪيترا ئي لقب، انعام ۽ اعزاز ڏنس. هيءُ سنڌ جو پهريون ”شمس العلماءُ“ هو.
مرزا قليچ بيگ جا وڏا
جارجيا جا هئا. سندس وڏا عيسائي هئا. ۱۷۹۷ع ۾ مرزا قليچ بيگ جو والد
فريدون بيگ، جيڪو ان کان اڳي ”سڊني“ سڏرائيندو هو، ايران ۾ قيدي بڻيل هو. انهن
ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت هئي. سنڌ جا ايران سان قديم زماني کان سٺا واسطا ۽
رابطا هئا. مير ڪرم علي خان ٽالپر کي، سڊني ڏهن ورهين جي سهڻي ٻار طور، ايران
طرفان تحفو مليو. جيڪو بعد ۾ سڊنيءَ مان فريدون بيگ بڻيو. فريدون جي، مير صاحبن
سٺي سار سنڀال ڪئي ۽ پوءِ جارجيا جي ئي هڪ خاندان جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرايائونس.
مرزا فريدون کي ست
پٽ الله تعاليٰ عطا ڪيا جنهن ۾ مرزا قليچ بيگ ٽيون نمبر هو. مرزا قليچ بيگ
حيدرآباد جي قديم پاڙي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ ۴ آڪٽوبر ۱۸۵۳ع ۾ ڄائو. مرزا صاحب
خانگي تعليم سان ابتدا ڪئي پر اڳتي هلي انگريزيءَ سان گڏوگڏ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ
جي به تعليم پرائيندو رهيو. پڙهائي جي دوران مرزا صاحب حيدرآباد پرشن ٽيچر پڻ مقرر
ٿيو پر پڙهڻ کي جاري رکڻ لاءِ هن ڪجهه عرصي بعد اها ڇڏي ڏني. بمبئي جي ايلفسٽن
ڪاليج مان فارغ ٿيڻ بعد ڪراچيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين. مرزا صاحب پنهنجي پڙهائي جي
ڏينهن کان ئي علم ادب جو شوق رکندو هو ۽ ادبي پورهيو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هئائين.
سندس ادبي ذوق جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته بمبئي ۾ ڪاليج ۾
پڙهائي دوران ڪتاب ”بيڪنز ايسيز“ جو ترجمو ”مقالات الحڪمت“ جي نالي سان ۱۸۷۷ع ۾ ۲۴ ورهين جي ڄمار ۾
ڪيائين. معلومات موجب مرزا صاحب لکڻ انهيءَ کان به اڳي يعني ننڍي ڄمار ۾ ئي شروع
ڪري ڇڏيو هو پر انهن لکڻين جي اشاعت دير سان ٿي، مرزا صاحب جو خاندان علمي ادبي
ذوق رکندڙ رهيو آهي، جنهن ڪيترائي عالم فاضل پيدا ڪيا آهن، ادب هن خاندان جي فطرت
۾ شامل رهيو آهي.
مرزا صاحب نثر ۽ نظم
جي صنفن تي طبع آزمائي هڪ ئي وقت ۾ ڪئي ۽ هر موضوع جي کوٽ کي پورو ڪيو. يورپ کان
وٺي ايشيا تائين سمورن عالمن اديبن جو تمام ڳوڙهو مطالعو ڪيائين پوءِ انهن فلسفين
۽ عالمن جي ڪتابن کي سنڌي روپ ڏنائين توڙي طبع زاد مواد به مهيا ڪيائين. سنڌيءَ جو
پهريون طبع زاد ڊرامو ”ليلا مجنون“ ۱۸۸۰ع ۾ لکيائين. سنڌيءَ جو پهريون
طبع زاد ناول ”دلارام“ ۱۸۸۸ع ۾ لکيائين جنهن کان ستت ئي پوءِ ۱۸۹۰ع ۾ تمام گهڻي شهرت
حاصل ڪندڙ ناول ”زينت“ لکيائين. شاهه جي ڪلام ۾ آيل ڏکين لفظن جي معنيٰ تي ٻڌل
”لغات لطيفي“ ٺاهيائين، هيءُ شاهه لطيف جي حوالي سان پهرين لغات آهي، آتم ڪهاڻيءَ
جو پهريون ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ به سنڌي ادب جي
تاريخ ۾ پهريون ڪتاب آهي، مرزا قليچ بيگ جي ڪتابن کي سنڌي ادب جي پيڙهه چئجي ته
غلط نه ٿيندو. مرزا صاحب جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن جو انگ ساڍا چار سؤ
کان وڌيڪ آهي، هو هڪ سال ۾ ڏهه ڪتاب تحرير ڪندو هو. آخري پنجن سالن ۾ پنجاهه ڪتاب
لکيائين. مرزا صاحب پنهنجي اسٽيڊي روم؟ چئني ڪنڊن ۾ چار ميزون رکيون هيون ۽ هر ميز
تي الڳ موضوع جي تحرير ۽ تحقيق جو ڪم ڪندو هو. هو جنهن موضوع تي لکي لکي ٿڪجي
پوندو هو ته ٻئي موضوع تي لکڻ پڙهڻ لڳندو هو. مرزا صاحب افسانا، ناول، ڊراما،
مضمون نگاري، گرامر، لسانيات، تنقيد نگاري، تاريخ، مذهب، فلسفو، سياحت، اخلاقيات،
لطيفيات، سوانح عمريون، آتم ڪهاڻي، زراعت، سماجيات، شاعري، تعليم ڪلاسيڪل شاعري
توڙي صوفي شاعرن جو ڪلام سهيڙڻ، شاعريءَ جي فني ڄاڻ ڏيڻ سميت ڪيترن ئي موضوعن تي
ڪتاب لکيا. شيڪسپيئر، بيڪن، ورڊس ورٿ، رومي، جامي، عطار، شيخ سعدي، حافظ شيرازيءَ
کان وٺي شاهه ڪريم، شاهه لطيف ۽ ثابت علي شاهه جي شاعريءَ جو مطالعو ڪيو، مشاهدو
ڪيو ۽ پنهنجي خيال موجب ڪتابن ۾ پيش ڪيو.
مرزا صاحب مختياڪار
هو ۽ پوءِ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رٽائرڊ ٿيو، هن ٽيهه ورهيه نوڪري ڪئي، هو لباس جو شوقين
هو. صاف شفاف پوشاڪ ۾ رهندو هو. سندس آتم ڪهاڻيءَ ۾ پاڻ کي پوري طرح پڌرو ڪيو
اٿائين. سندس زندگيءَ جو ڄڻ آئينو آهي، اهو ڪتاب سائو پن يا ڪارو پنو ۾ انهيءَ دور
جون حالتون، سياسي سماجي ماحول کان ويندي سندس ذاتي احوال ڏنو اٿس. مرزا صاحب
پنهنجي ڪتاب جي ٽن بابن اٺين، نائين ۽ ڏهين ۾ پنهنجون عادتون ۽ خواهشون بيان ڪيون
اٿس، هن پنهنجي صحت سٺي هجڻ جا جيڪي نقطا بيان ڪيا آهن تنهن بابت لکي ٿو: ”ورزش،
چٻاڙي کائڻ ۽ ٿورو کائڻ، سوير سمهڻ ۽ اٿڻ، خدمت خلق، ٻهراڙي ۾ رهڻ ۽ جوان عورت جي
صحبت هئا.“
مرزا قليچ بيگ ٽي
شاديون ڪيون، پهرين شادي ۱۸۸۸ع ۾ ڪيائين، ۱۹۰۴ع ۾ پهرين گهر
واريءَ جو انتقال ٿيو، ان زال مان ٽن ٻارن جو اولاد ٿيس، ٻي شادي ۱۹۰۷ع ۾ ڪيائين، جيڪا
پنهنجي خاندان مان ٿيس، پر هڪ سال کان پوءِ ۱۹۰۸ع ۾ اها گهر واري
هڪڙو پٽ ڄڻڻ دوران گذاري وئي. مرزا صاحب ٽئين شادي ۱۹۰۹ع ۾ ڪئي، جنهن مان
ڏهن ٻارن جو اولاد ٿيس.
مرزا قليچ بيگ جي
ذاتي زندگي هڪ اهم ڪردار جو اهڙو موضوع آهي جنهن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ملن ٿيون، پر مرزا
صاحب جي ادبي شخصت ۾ به ڪيئي رخ آهن، هو هر صنف جو الڳ بانيڪار لڳي ٿو، مرزا صاحب
جي ادبي خدمت جو ڪجهه احوال هيٺ ڏجي ٿو: ”مرزا قليچ بيگ بحيثيت شاهه جي رسالي جو
سهيڙيندڙ رهيو آهي، ته وري شاهه جي ڪلام جي لغات تيار ڪندڙ به ”شاهه جو رسالو“ ۱۹۱۳ع ۾ پڌرو ڪرايائين.
مرزا صاحب جيڪو شاهه صاحب جو ڪلام سهيڙيو آهي ان ۾ ۸۴۶ بيت ۽ ۱۵ وايون وڌيڪ شامل
آهن. شاهه جي رسالي کان سواءِ شاهه جي ڪلام ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ تي ٻڌل ڊڪشنري به
تيار ڪيائين. ”لغات لطيفي“ جي نالي سان مرزا قليچ بيگ کان اڳي ڀيرو مل هڪڙي لغات
تيار ڪئي هئي، جيڪا فقط ٽن سرن تي ٻڌل هئي، انهيءَ کان پوءِ هن ان حوالي سان ڪم نه
ڪيو، مرزا قليچ بيگ شاهه جي ڪلام جي لغات تيار ڪندڙ پهريون محقق آهي، جنهن سڄي
شاهه جي رسالي جي لغات کي تيار ڪيو. مرزا قليچ بيگ شاهه لطيف تي ڪم ڪرڻ وارو اهو
پهريون محقق آهي جنهن لطيف سائين جي زندگيءَ تي پيرائتو احوال لکيو آهي. شاهه لطيف
جي سوانح عمر تي انگريزي ۽ ان کان پوءِ سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب لکڻ جو شرف به هن کي
حاصل آهي، انگريزي ۾ (Life Of Shah Abdul Latif Bhitai) جي نالي سان ۽ سنڌيءَ ۾ ”احوال شاهه
عبداللطيف ڀٽائي“ جي سري هيٺ اهي ڪتاب پڌري ٿيا. آخر ۾ شاهه لطيف جي حوالي سان
مرزا صاحب ”لطيفي لات“ ننڍڙو ڪتاب لکيو جيڪو ۱۹۱۲ع ۾ پڌرو ٿيو.
مرزا صاحب جي علمي
ادبي پورهئي ۾ سڀ کان وڏو ڪم ترجمي جو ملي ٿو. مرزا قليچ بيگ انگريزي ٻوليءَ تي
مڪمل عبور رکندو هو. هن پنهنجي دور ۾ انهيءَ کان اڳي وارا انگريز اديب مطالعو ڪيا
هئا. انگريزي ادب جي تاريخ کان وٺي فلسفو، فڪشن، شاعري ۽ تنقيد نگاري تائين
سموريون صنفون چڱي ريت پڙهيون هئائين. سنڌي ادب ۾ ترجمي جي شعبي کي مرزا صاحب جي
محنت پورو ڪيو. هن انگريزيءَ جا مضمون، ڊراما، افسانا ۽ ناول ترجمو ڪيا. اڄ تئاين
سنڌي ادب ۾ ايترو وڏو ترجما نگار نظر ناهي آيو، جنهن سمورن موضوعن کي سنڌي روپ ۾
آندو هجي. انهيءَ لحاظ سان سنڌي ادب جو پهريون وڏو ترجمي نگار مرزا قليچ بيگ آهي،
جنهن ۶۰ ڪتاب ترجمو ڪيا. انهن مان جيڪي شهرت جي بلندءَ تي پهتا
تن ۾ شيڪسپيئر جا ڊراما سنڌيءَ ۾ ”شاهه ايليا“ ۽ ”فيروز دل افروز“، ”حُسنا دلدار“
۽ ”نيڪي ۽ بدي“ نمايان آهن. مضمونن جو مجموعو ”بيڪنز ايسيز“ جيڪو لارڊ بيڪن جو
عالمي شهرت يافته ڪتاب آهي، تنهن کي ”مقالات الحڪمت“ جي نالي سان ترجمو ڪيائين.
ناولن ۾ ”ايرڪ“، مصيبت ماريا سائين سنواريا، ”گلن جي ٽوڪري“، ”حاجي بابا اصفهاني“
۽ ٻيا ڪيترائي ترجمو ڪيائين. اهڙي ريت سائنس، زراعت، حيوانيات جهڙن موضوعن کي به
انگريزي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري مرزا صاحب سنڌي ادب کي شاهوڪار بڻايو. مرزا قليچ
بيگ جو ترجمو ڪيل ڊرامن ۾ انگريزي، هندي، گجراتي ۽ اردو ٻوليءَ جا ڊراما شامل آهن.
جيڪي هن ترتيب سان آهن: ”ليليٰ مجنون“ (هندستاني ادب مان ترجمو)، ”خورشيد“ (گجراتي
مان)، ”شڪنتلا“ (ڪاليداس جي شهره آفاق ڊرامي جو هندي مان)، ”حسنا دلدار“، ”شاهه
ايليا“، ”فيروز دل افروز“، ”شمشاد مرجانه“، ”گلزار ۽ گلنار“، ”عزيز ۽ شريف“،
”شهزادو بهرام“، ”جمشيد حميده“ (شيڪسپيئر جا ڊراما آهن، جيڪو مرزا صاحب جو پسنديده
ڊراما نگار پڻ هو.)
ترجمو ڪيل افسانن ۾
به شيڪسپيئر جا عالمي شهرت يافته ڪتاب ترجمو ڪيائين. جن ۾ ”ليمبس ٽيلس فرام
شيڪسپيئر“ جو ترجمو ”دلپسند قصا“ جي نالي سان ڪيائين. ان کان علاوه ”دل وندرائيندڙ
ڳالهيون“، ”هندستان جون ديسي آکاڻيون“، ”گلابي جوڙو“، ”شهزادي محبوب جي آکاڻي“ ۽
”ڪريس“ وغيره شامل آهن.
مرزا قليچ بيگ کي
سنڌي ادب ۾ نثر جو ابو سڏيو وڃي ٿو. سندس ڪريڊٽ تي ٻين موضوعن سان گڏوگڏ سنڌ جي
تاريخ تي به طبع آزمائي ڪئي آهي. پاڻ سياحت ۽ سير سفر جا ٻه شوقين هئا ۽ جتي جتي
گهمڻ ويندا هئا، اتي جي تاريخ توڙي ماڻهن جي ڄاڻ به حاصل ڪرڻ جي دلچسپي هوندي هئس.
سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان مرزا صاحب جا اٺ ڪتاب ڇپيل آهن، جيڪي سنڌ جي تاريخ جا
اهم ڪتاب آهن. هو پهريون سنڌي اديب هو جنهن سنڌ کي، سنڌ جي تاريخ کي ۽ شاهه لطيف
کي انگريزيءَ ۾ متعارف ڪرايو. سنڌ جي تاريخ بابت جيڪي ڪتاب مرزا صاحب لکيا آهن تن
۾ ”چچ نامو“ (انگريزي ۾) جيڪو ۱۹۰۰ع ۾ ڇپيو، ”سنڌ جي تاريخ“ اهو
پڻ انگريزي ۾ لکيائين، جيڪو ۱۹۰۱ع ۾ شايع ٿيو. ”سنڌ جي تاريخ،
تصويرن سان“ ۱۹۰۴ع ۾ ڇپيو، سنڌ جي مختصر تاريخ ۱۹۱۵ع ۾ شايع ٿيو، ان
کان پوءِ ”سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن جا مشهور ماڻهو“ ۱۹۲۱ع ۾ ڇپيو ”رياست
خيرپور جي تاريخ“ ۱۹۲۲ع ۾ لکيائين. ان کان پوءِ ”چچ نامو“ سنڌي ۾ پڌرو
ڪرايائين، جيڪو ۱۹۲۳ع ۾ آيو ۽ آخر ۾ ”ٽالپرن جي صاحبي“ انگريزيءَ ۾ لکيائين،
جيڪو ۱۹۲۸ع ۾ شايع ٿيو.
مرزا قليچ بيگ شاعر
جي حيثيت ۾ سنڌي شاعريءَ کي جام بخشيو، روح ڦوڪيو يا توانا ڪيو، جيڪو به چئون درست
آهي، مرزا خاندان جي چشم و چراغ، نامياري ڪمپيئر ۽ شاعر نصير مرزا چواڻي ته: مرزا
صاحب بلاشبه سنڌ جي صدين جي کاڻ مان نڪتل اهڙو ئي ڊائمنڊ آهي جنهن جي نثري توڙي
شعري تحرير کي هر رخ کان مقصديت، امرتا، پنهنجي چمڪ ۽ دائميت آهي.“
مرزا صاحب غزل جو
شعر نهايت مهارت سان چيو آهي، جنهن جي شهرت به سندس زماني ۾ ٿيڻ لڳي هئي. سندس غزل
جي هڪ جهلڪ هيءَ آهي:
تنهنجي سهڻي سڄڻ تصوير ڏسي، تڪبير چوان
سور قليچ سڀئي سهه سر تي،
ڪهڙي آءُ، تقدير اڳيان تدبير چوان
زلف سياهه سراسر خم غم،
رهزن سي رهگير، ظالم سي زنجير چوان
تنهنجي سهڻي سڄڻ تصوير
مرزا صاحب وڏو شاعر
هو، هن انهيءَ دور ۾ شاعري ڪئي جڏهن علم عروض جو دور هو. شاعريءَ ۾ ايراني فني
انداز کي سڀ کان وڌيڪ ترجيح ڏنل آهي ۽ مرزا صاحب انهيءَ انداز جو شاعر هو. پاڻ ڏهه
هزار کان وڌيڪ ڪلام چيا اٿس. سندس ڪلام جو موضوع عشق کان علاوه سماجيات پڻ رهيو
آهي. زماني جي چڱائي برائي تي وڌيڪ زور ڏنو اٿس. ان جو هڪ نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
مرزا صاحب جي ڪلام
کي پڙهڻ کان پوءِ اڄوڪي دور تي غور ڪريون ته لڳندو، ڄڻ مرزا صاحب اڄ جو شاعر آهي،
شاعريءَ ۾ بيان ڪيل خيال ۽ موضوع اڄوڪي زماني جهڙا آهن، قدر وارا ۽ ايماندار ماڻهو
اڄ مڪار سڏايا وڃن ٿا ۽ جيڪي مڪار ماڻهو آهن سي حرفت سان وڏا عهدا ماڻي عزتدار
بڻجي ويا آهن. مرزا صاحب جا شاعري تي هيٺيان مجموعا ملن ٿا:
”ديوان قليچ“،
”موتين جي دٻلي“، ”چندن هار“، ”رباعيات عمر خيام“، ”املهه ماڻڪ“، ”عجيب جواهر“ ۽
”ڪشف الاعجاز“. مرزا قليچ بيگ پنهنجي شاعريءَ کان سواءِ ڌارين ٻولين جي شاعريءَ جو
ترجمو ڪري پڻ سنڌي شاعريءَ کي شاهوڪار بڻايو.
مرزا قليچ بيگ مختلف
موضوعن ۽ صنفن تي اٽڪل ۴۵۷ ڪتاب لکيا آهن، جن مان ڪافي ڇپيل آهن، جڏهن ته
سندس پونيرن وٽ اڃا ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب سانڍيل آهن، جن کي حڪومت ڇپرائي پڌرو ڪري
ته بهتر ٿيندو. سنڌي ادب اونداهو هجي ها جيڪڏهن اڄ اسان وٽ مرزا قليچ بيگ نه هجي
ها. مرزا خاندان علم ۽ ادب جي ڪري ماضيءَ کان حال تائين سٺي ساک رکي ٿو. سنڌ جي
رهبر سائين جي ايم سيد جي بقول؛ ”سڄو مرزائن جو
خاندان قديم ايراني ۽ سنڌي تهذيب جو زندهه مجسمو آهي، اٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ،
يارويسي، محبت، اخلاص، ڪم آزاريءَ، ڪم سخنيءَ، ادب نوازيءَ ۽ شعر ۽ شاعريءَ ۾ برک
آهي.“
مرزا قليچ بيگ
زندگيءَ جون ۷۶ بهارون ڏٺيون، يعني ۱۸۵۳ع ۾ جنم ورتائين ۽ ۳ جولاءِ ۱۹۲۹ع تي وفات ڪيائين.
ٻالڪپڻي کان وٺي پيرسنيءَ تائين هن جو گهڻو ڌيان پڙهڻ لکڻ طرف رهيو. سندس وڇوڙي
کان پوءِ ڪيئي ادب جي آسمان تي چنڊ تارا نظر آيا پر عالمن جو سج مرزا قليچ بيگ ئي
رهيو، جيتوڻيڪ ”شمس العلماءِ“ جو لقب سنڌ ۾ مرزا صاحب کان علاوه علامه عمر بن محمد دائود پوٽي کي به ڏنو ويو پر جيتري علمي خدمت مرزا صاحب ۾ رهي آهي، ان جو خال
اڄ تائين ڪير به ڀري ناهي سگهيو.
مرزا قليچ بيگ
حسن پنهور
مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا اصل جارجيا جا رهاڪو
هئا، جنهن علائقي کي گرجستان جي نالي سان
به سڏيو ويندو هو، جيڪو
علائقو ڪوهه قاف کان اتر طرف ڏانهن آهي ۽ ان علائقي ۾ ايران جي بادشاهه جون جنگيون
اڪثر ڪري روس سان ٿينديون هيون ۽ جارجيا ملڪ به ان زماني ۾ روس جي قبضي ۾ هو. ان ڪري ئي ايراني حملن کان بچي نه سگهندو
هو. اهڙين جنگين ۾ مرزا قليچ بيگ جو
ڏاڏو ۽ پڙ نانون مارجي به ويا هئا ان وقت مرزا جي ڄمار فقط ۷ سال هئي مرزا صاحب کي سنڌ ۾ ان وقت کان جڳهه ملي جڏهن مرزا قليچ بيگ
کي۱۸۰۵ع ۾ سندس نانا کي پٽيوالي ملي ۽ ان وقت ميرن جي سنڌ تي حڪومت هئي ۽ سنڌ جو
بادشاهه مير ڪرم علي خان ٽالپر هو ۽ ان وقت مرزا قليچ بيگ جي ڄمار ۱۵ سال هئي.
مرزا قليچ بيگ جارجيان مان ڪوچ ڪري سنڌ ۾ پنهنجي نانا سان گڏ آيل هو ۽ سندس والد
ان کانپوءِ ويهارو کن سالن بعد سنڌ ۾ اچي ديرو ڄمايو مرزا قليچ بيگ جو نانو مرزا خسرو
بيگ انگريزن جي صاحبي ۾ ۱۸۶۰ع ۽ مرزا صاحب جو والد مرزا فريد ون بيگ ۱۸۷۱ ع ۾ وفات
ڪري ويا.
مرزا صاحب ان کانپوءِ ويڳاڻو برابر رهيو پر
پاڻ سنڌ جي ڳوٺ ٽنڊو ٺوڙهو ۾ اچي رهيو ۽ سندس پيدائش وارو ڳوٺ به اهوئي آهي. مرزا
قليچ بيگ جنهن کي ساڍا چار سئو ڪاتبن لکڻ جو اعزاز مليل آهي ۽ پاڻ سنڌي، هندي،
سنسڪرت، عربي، اردو، انگريزي ٻولين کانسواءِ ڪيترن ئي زبانن جو ڄاڻو ۽ ادب جي
حوالي سان پاڻ انهن ٻولين ۾ ساڍا چار سئو کان به وڌيڪ ڪتاب لکيا مرزا قليچ بيگ جي
وارثن سندس نالو قليچ رکيو جنهن جي ترڪي زبان ۾ معنيٰ آهي ترار ان ڪري پاڻ ننڍي
هوندي کان ئي لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ترار کان به تيز هئا. مرزا قليچ بيگ جو ڳوٺ حيدرآباد
کان اٽڪل ۲
ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هوندو هو ۽ هو اتان کان روزانو پنڌ ڪري حيدرآباد
تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندو هو، ڳوٺان نڪرڻ بعد پهريان سنڌوءَ جي آخوند ولي محمد وٽ
ويندو هو ۽ پوءِ آخوند صاحب کين اسڪول ۾ خود وڃي ڇڏي ايندو هو. مرزا قليچ بيگ کي
ٻن ٻولين تي عبور حاصل هو، پهريان سنڌي ۽ ٻي فارسي جن ٻولين ۾ وڏي مهارت رکندو هو
جن ٻولين ۾ کيس ڪيترائي ڀيرا انعام به مليا. مرزا قليچ بيگ جي ذهن ۾ ٻالڪپڻ کان
ڪتابن سان ڏاڍي محبت هئي ان ڪري پاڻ جو لاڙو ادب ڏانهن ئي گهڻو هوندو هيس. مرزا
قليچ بيگ جي والد مرزا فريد ون بيگ جي وفات ۱۸۷۱ع کان پوءِ ۱۸۷۲ع ۾ مرزا بمبئي جي
ايلفيسٽن ڪاليج ۾ دخلا ورتي جڏهن ته مرزا قليچ بيگ حيدرآباد هاءِ اسڪول ۾ پنجين
ڪلاس ۾ پڙهيو ان بابت سنڌ جي نالي واري ليکڪ قاسم ٻگهيو پنهنجي هڪ سنڌي ادبي ڪتاب
”سنڌي ادب جو سدا روشن سج“ ۾ لکيو آهي ته جڏهن مرزا قليچ بيگ پنجين درجي ۾ پڙهندو
هو ته ان وقت هڪ انگريز بهادر فلٽن سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ هڪ ڀيري هن
حيدرآباد هاءِ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ ان اسڪول جو هيڊماستر ”ڀنڊارڪر“ هو جنهن ان
انگريز آفيسر کي چيو ته هي ننڍڙو مرزا شاعري جو وڏو هوشيار آهي سو انگريز آفيسر به
شاعرن جو قدردان هو تنهن هڪڙو ڪاغذ جو پنو ۽ پين کڻي مرزا کي ڏنائين ۽ چيائين ته
هن تي ڪونئون شهر ٺاهي ڏيکار ٿورڙي دير بعد مرزا قليچ بيگ هڪ مناجات ٺاهي اچي فلٽن
کي پيش ڪئي، اهڙي شاعري کان متاثر ٿيندي ان سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر فلٽن
انهي پنجين درجي کي هن ساڳي ئي حيدرآباد اسڪول ۾ چاليهه روپين جي ماهوار پگهار تي
فارسي جو استاد مقرر ڪيو جيڪو پنجين درجي کان گهٽ وارن ڪلاسن کي باقاعده فارسي به
پڙهائيندو مرزا ان اسڪول ۾ شاگرد هئڻ سان گڏوگڏ استاد ۲ ۱
مهينن تائين رهيو ۽ پاڻ ڏهون درجو سال ۱۸۷۲ع ۾ پاس ڪري انهي ساڳئي سال ۾
بمبئي جي ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ داخلا ورتي جتي کيس پهريان ته خرچ پکي جي بي انتهائي
ڏکيائي محسوس ٿي ليڪن محبت ۽ جفاڪشي هن جي دماغ ۾ سمايل هئي ان ڪري پاڻ همت نه
هاريندي پڙهائي مان هٿ نه ڪڍيو. ان وقت کيس ۲۰روپيا اسڪولي اسڪالر شپ ملي جيڪا ان
ڪاليج ۾ ذهين ۽ هوشيار شاگردن کي ملندي هئي. مرزا قليچ بيگ هوشيار شاگردن کي پارسي
۽ گجراتي به پڙهائڻ جو آغاز ڪيو جتان کيس مهيني سر ۵ روپيا ملندا هئا، مرزا قليچ
بيگ فارسي جو تمام گهڻو ماهر هو ان ڪري کيس هن ئي ڪاليج ۾ فارسي پڙهائڻ جو اعزاز
مليو ان وقت کيس ترڪي زبان ۾ تمام گهڻي ڄاڻ هئڻ ڪري ساڻن ترڪي جي هڪ سفير بمبئي
ڪاليج ۾ اچي ملاقات ڪئي ۽ ان سان بعد ۾ تمام گهڻي گهرائپ به ٿي وئي. مرزا قليچ بيگ
جي اها خاصيت هئي ته هو دنيا جي هر ٻولي واري ماڻهو سان ويجهو رهندو هو ۽ ان جي
زبان سکي وٺندو هو تنهن ڪري پاڻ ترڪين سان ويجهو رهي ترڪي زبان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ
سان گڏوگڏ هن مرهٽي، پارسي، عربي، گجراتي، سنڌي، هندي، انگريزي سان گڏ رهي اهي
ٻوليون سکيون ۽ انهن ٻولين ۾ مهارت به حاصل ڪيائين اهڙين زبانن سکڻ بعد مرزا
سنسڪرتن سان گڏ رهي سنسڪرت زبان سکيو پٺاڻ ۽ بلوچن سان گڏ رهي پشتو ۽ بلوچي زبان
سکڻ ۾ ڪامياب ٿيو مرزا صاحب جنهن زبان، نسل يا مذهبن واري ماڻهو سان گڏ رهندو هو
ته ان جي زبان سکڻ سان هن جي مذهب جو سمورو ڍانچو دماغ ۾ رکي اهو ان ٻولي ۾ ڪتابن
جي صورت ۾ پيش ڪندو هو. مرزا قليچ بيگ ڪاليج پاس ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ۾ پهريون ڀيرو
انگريزي اخبار سنڌ نيوز جي ايڊيٽر جا فرض به نڀايا ۽ بعد ۾ هن جي ڪراچي ۾ رهندي ئي
واقفيت سنڌ محسن ڄاڻون، عالمن ۽ اديبن سان ٿي جن ۾ نمايان حسن علي آفندي، ديارام ۽
ٻيا ڪيترائي شامل آهن.
مرزا قليچ بيگ جو ڌاڪو هنڌ، سنڌ ۾ ويهي ويو
هو سو اهوئي سبب ٿيو جو جڏهن پهريون سنڌي ڪاليج کليو ته هن کي اتي پروفيسر ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي جنهن تي هن انڪار
ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته کيس روينيو کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ جو شوق هو. مرزا کي نيٺ نوڪري ملي
انهي دوران هن قانون جي ڪتابن کي رٽڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ ٿيو ائين جو پاڻ مئجسٽريٽ
ٿيڻ لاءِ امتحان ڏنائين جنهن امتحان ۾ سموري سنڌ ۾ هي اڪيلو مئجسريٽي ۾ پاس ٿيو
هو. ان دوران کيس ڪراچي روينيو کاتي مان بدلي ڪري ڪڪڙ تعلقي ضلع دادو ۾ روينيو هيڊ
منشي طور مقرر ڪيو ويو جنهن بعد هي مختيار به ٿيو سندس محنت تي سرڪار کيس ڊپٽي
ڪليڪٽر ڪري ڇڏيو مرزا قليچ بيگ روينيو کاتي ۾ ڪليڪٽر هئڻ سان گڏ علمي ۽ ادبي ڪم کي
نه روڪيندي ان ڪرت کي جاري رکيو ۽ سندس عملي ادب خدمتن جي ڪري کيس ان وقت جي سرڪار
۱۹۲۴ع شمس العلماءِ جو خطاب ڏنو. مرزا قليچ بيگ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪليڪٽر طور
ڪم ڪيو جن شهر ۾ جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻو، وارهه، ميهڙ، ٿرڙي محبت ۽ ڪوٽڙي
شامل آهن.
مرزا قليچ بيگ پنهنجي هڪ انگريزي دوست ڊاڪٽر
بينجمن جي صلاح سان ميجر صوبيدار سردار بهادر شيخ اسماعيل جي نياڻي زليخان سان
شادي ڪئي زليخان جا مائٽ يهودي هئا جيڪي بعد ۾ مسلمان ٿيا جيڪا شادي ۲۵ ڊسمبر
۱۸۸۸ع ۾ ڪراچي شهر ۾ ٿي جنهن جو نڪاح مولوي تاج محمد پڙهايو هو مرزا صاحب جي پهرين
گهر واري ۱۵ پسند جنهن سالن بعد ۳۳ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري وئي ۽ پاڻ پنهنجي ئي
خاندان مان ۱۹۰۷ ع ۾ ٻي شادي ڪئي ۽ سندس اها زال شادي کانپوءِ ۱۹۰۸ ع ۾ ويم دوران
فوت ٿي وئي پاڻ ٽئين شادي مرزا قلب علي مرحوم جي نياڻي سان ڪئي جيڪا سندس سموري
حياتي جو سهارو بڻي. مرزا قليچ بيگ ۱۹۰۹ ع ۾ نوڪري تان رٽائرڊ ٿيو ته ان وقت سندس
ڄمار ۵ ۵ سال هئي. مرزا قليچ بيگ جڏهن ۱۹ آگسٽ ۱۹۲۸ ع تي
رٽائرڊ وٺڻ بعد بمبئي ويو ته اتي کيس گردي ۾ سور جي تڪليف ٿي ۽ ان دوران ڊاڪٽرن
کيس لکڻ کان به روڪيو پر پاڻ لکڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ ادب سان محبت ڪندي ڪيترائي
ڪتاب لکندو رهيو. بمبئي مان موٽڻ کانپوءِ پاڻ ۱۹۲۹ع اپريل جي پهرين تاريخ هالا جي
مخدوم صاحب وٽ ويو اتان موٽندي کيس گردن ۾ ڏاڍي تڪيلف پيدا ٿي پئي نيٺ گردن جي
سُور کيس لکڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ سندس جولاءِ پهرين ۱۹۲۹ع وارو سندس لکڻ جو آخري
ڏينهن هو ان ڏينهن کانپوءِ قلم هٿ ۾ کڻي نه سگهيو ۽ آخر ۲ جولاءِ ۱۹۲۹ع وارو سڄو ڏينهن کيس دل تي ڏاڍي
منجهه رهي آخرڪار رات جو ۱۱ لڳي اچي چادر تاڻي سڌو ٿي سمهي رهيو ۽ ان حالت ۾ ئي
سندس روح جو پکي پرواز ڪري ويو ۽ پاڻ وڃي خالق حقيقي سان مليو.
شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ
غفور ميمڻ
سنڌي ادب ۾ نثر جي شروعات ترجمن سان ٿي ۽ اڳتي
هلي طبعزاد نثر به تخليق ٿيڻ لڳو. انهيءَ ۾ سڀ کان نمايان ڪردار ادا ڪرڻ واري شخصيت،
مرزا قليچ بيگ جي هئي. جنهن تقريبًا ٽي سؤ ڪتاب لکيا. انھن منجھان ۶۲ ڪتاب هن انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيا، جن ۾ تاريخ، مذهب، ناول ڪهاڻين
وغيره جي موضوعن تي ڪتاب شامل هئا، ۴۲ ڪتاب هن
سنڌي نثر ۾ مذهب فلسفي ۽ اخلاق تي لکيا. هن تقريبن ڏهه ناٽڪ لکيا، ٻارنهن ناول لکيا.
ان کان علاوه علمي، تعليمي ڪتاب ۽ شاهه لطيف جي سوانح به لکيائين.
هر ادب ۾ ليکڪ جي ذاتي طبيعت جا لاڙا سندس مزاج
۽ نظرين جو عڪس ضرور موجود هوندو آهي. مرزا صاحب جي نثر ۾ فڪري لاڙن کي جانچڻ لاءِ
سندس شخصيت کي ڏسنداسين.
ڪتاب ”ديوان قليچ“ ۾ اجمل بيگ مرزا ڪتاب جو مقدمو
لکندي چوي ٿو: مرزا صاحب جي زندگي جي طرز ۽ بود و باش انتهائي سادي ۽ بي تڪلف هئي/
طبيعت ۾ انڪساري سان گڏ خلوص ۽ صداقت نيڪي سان گڏ شرافت ۽ ظرافت موجود هئي/ پاڻ پراڻي
تهذيب ۽ اخلاق جو صحيح نمونو هو/ عاجزي ۽ انڪساري به منجهس بدرجه اتم موجود هئي/ پاڻ
هڪ حقيقت شناس انسان هو/ غرور ۽ تڪبر کان پري ڀڄندڙ هو/ طبيعت ۾ صبر، قناعت، بي طمعي
۽ توڪل جون خاصيتون قدرت جي طرف کان وديعت ٿيل هيس.
مرزا صاحب بنيادي طرح پنهنجي ذات ۽ رويي ۾ صوفي
هو. هو پنهنجي سوانح حيات ۾ هڪ هنڌ چوي ٿوي ته ”تصوف وارو مذهب صلح ڪل جو سڀ کان بهتر
آهي جو نج اسلام آهي ۽ جنهن ۾ سڀ اصلوڪا مذهب اچي وڃن ٿا، جنهن موجب سڀ انسان فرق کانسواءِ
هم مذهب ۽ ڀائر ٿي سگهن ٿا.“
اهڙن خيالن جو اظهار سندس شاعريءَ ۾ واضح طور
موجود آهي. مرزا صاحب جا لکيل طبع زاد ناول هڪ ”دلارام“ ٻيو زينت هئا. اهي ناول سماجي
وهنوار تي ٻڌل هئا، جن ۾ نيڪيءَ بديءَ جا اطوار ۽ اخلاقي نڪتا شامل هئا.
مرزا صاحب جو دلارام ناول لاءِ چوڻ هو ته هن
ناول ۾ اڳوڻي زماني جي قصن وانگر جن ڀوت يا پري ديو يا جادوءَ جو نالو به ڪونهي، هن
۾ اهڙا واقعا ڏنل آهن جي ٿيڻ جهڙا آهن ۽ جي سڀ ڪنهن انسان جي سر تي اچي سگهن ٿا.
هنن ناولن ۾ بنيادي طرح سيرت ۽ تقدير جو فلسفو
موجود آهي، اهڙي ئي قسم جو فلسفو شيڪسپيئر جي رومانوي ناٽڪ (Merchant of Venice)
۾ موجود آهي، جنهن کي مرزا صاحب ”حسنا دلدار“ (۱۸۹۷ع) جي نالي سان ترجمو ڪيو. هن ناول ۾ سيرت نگاري جو فڪر هن طرح سمايل
آهي ته سچي عاشق جي دل ۾ جي لالچ نه آهي ته هو سوني ۽ روپي صندوق ڇڏي شيهي جي صندوق
پسند ڪري ٿو، جنهن جي ئي اجوري ۾ کيس دل گهري محبوبا ٿي ملي.
مرزا صاحب ترجمي وقت هميشه ناولن ۾ سنڌي ماحول
۽ سنڌ جي فڪر جون ضروري ڳالهيون شامل ڪندو هو جهڙوڪ هن ناول مان مرزا صاحب يهودي ۽
عيسائي نفاق وارو اصلوڪو مطلب ڪڍي، هندو مسلم ميلاپ جو ترقي پسند مطلب وڌو آهي، اهڙي
طرح شيڪسپيئر جا ناول (king Lear) ”شاهه ايليا“ ۽ ”فيروز دل افروز“ ۱۹۰۵ ۾ ترجمو ڪيا جن ۾ پڻ تقدير سيرت نگاري جو فلسفو موجود آهي، جهڙوڪ شاهه
ايليا ۾ هڪ ڪردار بادشاهه روبيل کي چوي ٿو:
”تو کي صبر ڪري سڀ سور سهڻ گهرجن، اسين هن جهان
۾ روئيندي پيدا ٿيا آهيون سا تو کي خبر آهي اڃا پهرين هن دنيا جي هوا لڳي ٿي ته اسين
روئون ۽ رڙون ٿا.
مجموعي طور مرزا قليچ بيگ جي نثر ۾ اصلاح پسندي
سيرت نگاري، اخلاق ۽ تقدير جو فڪر موجود آهي، ساڳئي وقت مرزا صاحب جي شخصيت همگير آهي،
پاڻ جديد ۽ قديم جي سرحد تي بيهي ادب جي ٻنهي رجحانن جو ميلاپ اسان اڳيان آندائين،
جيتوڻيڪ مرزا صاحب انگريزي ادب به سنڌ ۾ متعارف ڪرايو جيڪو جديد سماجي مسئلن ۽ اصلاح
پسنديءَ تي مبني هو تنهن هوندي به سندس طبع
زاد لکڻين ۽ مجموعي رويي مان اسان کي صوفيت جا لاڙا ملن ٿا.
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
جديد سنڌي ادب جو بانيڪار
محمد سليمان وساڻ
اڄوڪو ڏينهن ۳
جولاء جديد سنڌي ادب جي بانيڪار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ
جي ورسيء جو ڏهاڙو آهي. مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو سچو خدمتگار ۽ سنڌي ادب جي خزاني
۾ بي بها تخليقون ڏيندڙ شخصيت ٿي گذريو آهي.
مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا اصل سنڌ جا
ڪونه هئا پر اهي اصل جارجيا جا رهاڪو هئا. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ولد فريدون بيگ،
۴ محرم ۱۲۷۰ھ مطابق ۷ آڪٽوبر
۱۸۵۳ع ۾ ضلعي حيدرآباد سنڌ جي ڳوٺ “ٽنڊي
ٺوڙهي” ۾ ڄائو. سندس ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مدرسي ۾ آخوند محمد شفيع وٽان ٿي. جتان قرآن
پاڪ ناظران پڙهي پورو ڪيائين. مرزا قليچ بيگ جو ڳوٺ حيدرآباد کان اٽڪل ۲
ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هوندو هو ۽ هو اتان کان روزانو پنڌ
ڪري حيدرآباد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندو هو، ڳوٺان نڪرڻ بعد پهريان سنڌوءَ جي آخوند
ولي محمد وٽ ويندو هو ۽ پوءِ آخوند صاحب کين اسڪول ۾ خود وڃي ڇڏي ايندو هو. نهايت ذهين
هئڻ ڪري پهرين کان انگريزي تائين پهريون نمبر ايندو رهيو. سنڌ جي نالي واري ليکڪ قاسم
ٻگهيو پنهنجي هڪ سنڌي ادبي ڪتاب “سنڌي ادب جو سدا روشن سج” ۾ لکيو آهي ته جڏهن مرزا
قليچ بيگ پنجين درجي ۾ پڙهندو هو ته ان وقت هڪ انگريز بهادر فلٽن سنڌ جو ايجوڪيشنل
انسپيڪٽر هو ۽ هڪ ڀيري هن حيدرآباد هاءِ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ ان اسڪول جو هيڊماستر
“ڀنڊارڪر” هو جنهن ان انگريز آفيسر کي چيو ته هي ننڍڙو مرزا شاعري جو وڏو هوشيار آهي
سو انگريز آفيسر به شاعرن جو قدردان هو تنهن هڪڙو ڪاغذ جو پنو ۽ پين کڻي مرزا کي ڏنائين
۽ چيائين ته هن تي ڪونئون شهر ٺاهي ڏيکار ٿورڙي دير بعد مرزا قليچ بيگ هڪ مناجات ٺاهي
اچي فلٽن کي پيش ڪئي، اهڙي شاعري کان متاثر ٿيندي ان سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر
فلٽن انهي پنجين درجي جي شاگرد مرزا قليچ بيگ کي هن ساڳي ئي حيدرآباد اسڪول ۾ چاليهه
روپين جي ماهوار پگهار تي فارسي جو استاد مقرر ڪيو جيڪو پنجين درجي کان گهٽ وارن ڪلاسن
کي باقاعده فارسي به پڙهائيندو هو.
۱۸۷۲ع ۾ مرزا
بمبئي جي ايلفيسٽن ڪاليج ۾ دخلا ورتي جتي فارسي ۽ ترڪي زبانن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائين.
مرزا قليچ بيگ فارسي جو تمام گهڻو ماهر هو ان ڪري کيس هن ئي ڪاليج ۾ فارسي پڙهائڻ جو
اعزاز مليو ان وقت کيس ترڪي زبان ۾ تمام گهڻي ڄاڻ هئڻ ڪري ساڻن ترڪي جي هڪ سفير بمبئي
ڪاليج ۾ اچي ملاقات ڪئي. پاڻ ترڪين سان ويجهو رهي ترڪي زبان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ
هن مرهٽي، پارسي، عربي، گجراتي، سنڌي، هندي، انگريزي سان گڏ رهي اهي ٻوليون سکيون
۽ انهن ٻولين ۾ مهارت به حاصل ڪيائين اهڙين زبانن سکڻ بعد مرزا سنسڪرتن سان گڏ رهي
سنسڪرت زبان سکيو پٺاڻ ۽ بلوچن سان گڏ رهي پشتو ۽ بلوچي زبان سکڻ ۾ ڪامياب ٿيو مرزا
صاحب جنهن زبان، نسل يا مذهبن واري ماڻهو سان گڏ رهندو هو ته ان جي زبان سکڻ سان هن
جي مذهب جو سمورو ڍانچو دماغ ۾ رکي اهو ان ٻولي ۾ ڪتابن جي صورت ۾ پيش ڪندو هو.
هن پنهنجي سرڪاري نوڪريء جي شروعات
روينيو کاتي ۾ ڪلارڪيء کان ڪئي ۽ جلد مئجسٽريٽ جو امتحان به پاس ڪيائين ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر
جي عهدي تان رٽائر ٿيو. پر پنهنجي ادبي کيتر ۾ به ڪم ڪندو رهيو. هي ذهين، سنجيده، صلح
پسندي ۽ اورج انسان، طبعاً رلڻو ملڻو حاضر جواب ۽ خوش طبعي هو. سنڌي شاعريءَ جي سسلي
۾ سندس مڪمل ديوان آهي “ديوانِ قليچ” ان کانسواء شاعريء جي مختلف صنفن تي ڪم پڻ ڪيو
اٿس. نظم کان علاوه نثر ۾ به هن سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪئي آهي بالخصوص ناول، ڊراما
(ناٽڪ) ادب، تنقيد ۽ صرف ونحو جهڙن اهم موضوعن تي تقريباً ساڍا ٽي سئو کن ڪتاب قلمبند
ڪيا اٿس.
هن ادبي کيتر ۾ ڪم ڪندي سنڌيء سان
گڏ مختلف ٻولين ۾ ۳۵۰ کان مٿي
ڪتاب لکيا آهن (ڪن هنڌن تي ۴۵۰ کان مٿي ڪتابن جو ذڪر آهي) جن مان ۴۲ ڪتاب هن انگريزي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. سندس ۷۶
ساله زندگيء ۾ لازمي آهي ته هن لکڻ جي شروعات ۱۸
سالن کانپوء ئي ڪئي هوندي، ان حساب سان هن اسان کي سراسري
طور هر سال ۷ ڪتاب ڏنا
آهن جيڪو هڪ رڪارڊ هجڻ سان گڏ سنڌي ادب تي احسان پڻ آهي.
سنڌ جي تاريخ، شاعري، لطيفيات، ناول،
ٻولي، گرامر، لغت ۽ ٻاراڻي ادب سان گڏ هر رخ تي ڪم ڪيو اٿس. سنڌ جي تاريخ تي مرزا قليچ
بيگ هيٺيان ۸ ڪتاب لکيا،
جن جي تاريخي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. (۱) چچنامو (انگريزي)، (۲) سنڌ جي
تاريخ (انگريزي)، (۳) سنڌ جي
تاريخ تصويرن سان، (۴) سنڌ جي
مختصر تاريخ، (۵) سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن ۾ وسندڙ
ماڻهو، (۶) رياست خيرپور جي تاريخ، (۷) چچنامو (سنڌي).
ٻولي، لسانيات، لغت هڪ حساس ۽ اهم
موضوع آهي، جنهن بابت مرزا قليچ جو ڪيل ڪم بنيادي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ ٻولين جي نظرين
۾ جديد تحقيق جي حوالي سان وڏي تبديلي اچي چڪي آهي، پوءِ به مرزا صاحب جي ڪم کي ٻوليءَ
۽ لسانيات جا ماهر وساري نٿا سگهن. مرزا صاحب (۱) لغات لطيفي، (۲) سنڌي
وياڪرڻ (چار ڀاڱا) (۳) Philological
curiosity، (۴) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، (۵) سنڌي
لغات قديمي، (۶) پهاڪن جي حڪمت (۷) پارسي زبان جي تاريخ ۽ (۸) Persian
entomology جهڙا ناياب ۽ قيمتي ڪتاب
لکي، پنهنجي علميت ۽ ڏاهپ جي ڇاپ ڇڏي آهي.
لطيفيات جي موضوع تي ڊاڪٽر ٽرمپ
۽ ايڇ ٽي سورلي کان سواءِ اوائلي لطيفي پارکن ۾ سنڌي عالمن مان مرزا قليچ بيگ ئي واحد
اديب ۽ عالم هو، جنهن ۸ ڪتاب لکيا.
انهن ۾ (۱) شاهه جو رسالو، (۲)Life of Shah Abdullah ، (۳) ساڳئي
ڪتاب جو سنڌي ترجمو: احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو، (۴) شاهه جي مختلف سُرن جي تشريح تي مشتمل ڪتابڙا ، (۵) لغات لطيفي، (۶) لطيفي
لات ۽ (۷) شاهه جي رسالي جي ڪنجي (هي ڪتاب
اڃان اڻ ڇپيل آهي).
مرزا قليچ بيگ زراعت جهڙي موضوع
تي به ٻه ڪتاب “باغ ۽ باغباني” ۽ “زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر“ لکيا آهن. ٻاراڻي ادب ۾
به سندن لکيل ڪتاب اهميت وارا آهن. ٻارن لاء لکيل سندن ڪتابن ۾ ۱. ٻه جاڙا ڀائر ۲. نيلو
پکي ۳. لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ ۴. پائي وائي پائي وزو ۵. پٽيل
اکيون ۽ پوريل اکيون، ۶. رستم،
۷. شهزادي قدم برگ، ۸. شھزادي محبوب جي آکاڻي، ۹. شمرانه
عرف شيطان جي ناني، ۱۰. وامق
عذرا، ۱۲. عجيب طلسم، ۱۳. ٽي ديو يا راڪاس ۽ ۱۴. شخصيتون.
مرزا قليچ بيگ تقريبن ڏهه ناٽڪ لکيا
۽ ٻارنهن ناول لکيا. سندس ناولن مان زينت، دلارام ، خودياوري، حاجي بابا اصفحاني ۽
جولئن هوم تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. سندس ناول زينت ۽ دلارام اهي ناول آهن جيڪي سماجي
وهنوار تي ٻڌل هئا، جن ۾ نيڪي بدي جا اطوار ۽ اخلاقي نڪتا شامل هئا. هنن ناولن ۾ بنيادي
طرح سيرت ۽ تقدير جو فلسفو موجود آهي. سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي عيوض کيس
ان وقت جي سرڪار ۱۹۲۴ ع ۾ “شمس
العلماءِ (عالمن جو سج)” جو خطاب ڏنو.
مرزا قليچ بيگ جڏهن ۱۹
آگسٽ ۱۹۲۸ ع تي رٽائر ٿيڻ بعد بمبئي ويو ته اتي کيس گردي ۾ سور جي تڪليف ٿي ۽ ان دوران
ڊاڪٽرن کيس لکڻ کان به روڪيو پر پاڻ لکڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ ادب سان محبت ڪندي ڪيترائي
ڪتاب لکندو رهيو. بمبئي مان موٽڻ کانپوءِ پاڻ ۱۹۲۹ع اپريل جي پهرين تاريخ هالا جي مخدوم صاحب وٽ ويو اتان موٽندي کيس گردن ۾ ڏاڍي
تڪيلف پيدا ٿي پئي نيٺ گردن جي سُور کيس لکڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ پهرين جولاءِ ۱۹۲۹ع وارو سندس لکڻ جو آخري ڏينهن هو ان ڏينهن کانپوءِ قلم هٿ ۾ کڻي نه سگهيو
۽ آخر ۲ جولاءِ
۱۹۲۹ع وارو سڄو ڏينهن کيس دل تي ڏاڍي
مونجهه رهي آخرڪار رات جو ۱۱ وڳي اڇي چادر تاڻي سڌو ٿي سمهي رهيو ۽ ان حالت ۾ ئي ۳
جولاء ۱۹۲۹ع تي سندس
روح جو پکي پرواز ڪري ويو ۽ پاڻ خالق حقيقي سان وڃي مليو.
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ اڄ اسان
۾ موجود ناهي پر هڪ صدي گذرڻ کانپوء به سندس سنڌي ادب ۽ ٻوليء لاء ڪيل بي لوث خدمتن
سبب سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو کيس وساري ناهن سگهيا ۽ هو سدائين سندن دلين ۾ موجود رهندو.
شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جون خدمتون، سنڌي ادب ۾ بي حساب
آهن. انگريز دور جي هن عالم ۽ مرزا فريدون بيگ جي لائق پٽ، پنهنجن ستن ڀائرن ۾ وڏو
نالو ڪڍيو. سندن ٻيا ڀائر پڻ تعليم يافته ۽ اعليٰ عهدن تي هئا، پر مرزا صاحب جي ڳالهه
ئي ٻي هئي. کين ڌڻي تعاليٰ غضب جو حافظو ڏنو هو ۽ ذهانت ورثي ۾ مليل هين، ته به وٽن
محنت ئي منزل جي معراج هئي. انهيءَ ڪري سندن لکڻ ۽ پڙهڻ جي رفتار کي ڪير به رسي نه
سگهيو. سندن ئي لفظن ۾ ته؛ ”اکين سان ڏسي، دل ۾ پڙهندو آهيان ۽ تمام تڪڙو پڙهندو آهيان،
مگر ڌيان سان پڙهندو ۽ چڱن عمدن ڀاڱن تي نشان ڪندو آهيان“.
گهڻو پڙهندڙ ۽ گهڻو لکندڙ هيءُ عالم، ڪيترين ئي ٻولين جو
ڄاڻو هو، خاص طور انگريزي، عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي. سنڌ ۾ فارسيءَ جي زوال جو کين
تمام گهڻو اونو هو. فارسيءَ ۾ شاعري پڻ ڪئي اٿن ته انگريزيءَ تي پڻ عبور حاصل هين.
پاڻ هن بين الاقوامي ٻوليءَ ۾ ڇپيل اهم تصنيفات کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿن. سندن لکيل
نثر ۽ نظم جي ڪتابن جو تعداد چار سؤ جي ويجهو آهي، جنهن ۾ ۱۵۰ کن ڇپجي چڪا آهن. ٻاويهه
هزارن جي لڳ ڀڳ شعر چيا اٿن ۽ نثر ۾ ته انيڪ ڪتاب لکيائون. مرزا صاحب جون نثري تحريرون
نثر جي مڙني خوبين سان مالامال آهن. کين ”سنڌي نثر جو ابو“ سڏيو وڃي ٿو. سنڌي ٻوليءَ
۾ مرزا صاحب جا ترجمو توڙي طبعزاد نثر جا ڪتاب، ٻوليءَ جي حوالي سان سليس، نج ۽ عام
فهم سنڌيءَ سان سينگاريل آهن. بمبئي يونيورسٽيءَ جي هن گريجوئيٽ عالم، اديب، شاعر
۽ محقق ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي پهچي، پنج سال اڳ ۾ نوڪريءَ کان رٽائرمينٽ وٺي لکڻ
۽ پڙهڻ جي ڪم کي ترجيح ڏني. آخري عمر ۾ فقط ۽ فقط علم ۽ ادب سان دوستي ۽ دنيا سان گهڻي
ڀاڱي گوشه نشيني رکيائون. خلوت ۾ کين وڌيڪ سڪون ۽ لطف ملندو هو. فرمائين ٿا ته،
ڪــنڊ قناعت جي لڌي جنهن نه، لڌو تنهن ڪي ڪين،
گوشه خلوت جو ڏٺـو جنهن نه، ڏٺو تنهن ڪي ڪين.
مرزا صاحب حليم طبع، نيڪ نيت ۽ سڄاڻ شخص هئا. پاڻ ڪامورڪي
زندگيءَ ۾ هڪ فرض شناس ۽ ذميوار آفيسر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنائون. کين پنهنجي حياتيءَ
جي ڪنهن به پهلوءَ تي فخر ۽ غرور نه هو. سواءِ علم، ادب جي خدمت جي. سو انهيءَ ۾ تمام
گهڻي خوشي ۽ سڪون محسوس ڪندا هئا. سٺا ڪتاب وٺڻ، پڙهڻ، انهن مان پرائڻ ۽ پوري عالم
کي فائدو ڏيڻ ئي سندن مشن هو. وٽن بهترين ڪتابن جو ناياب ذخيرو عمدي ڪتب خاني جي صورت
۾ موجود هو. تڏهن به انڪساريءَ ۾ چون ٿا ته،
ڪنهن علم کان پڻ قليچ محروم نه ٿيو،
نڪتو نه رهيو جو ان کي مفهوم نه ٿيو،
ستر کي قريب پهتو، تڏهن ان کي،
معلوم ٿيو ته، ڪي به معلوم نه ٿيو.
مرزا صاحب کي ذاتي طور حڪمت، فلسفي، اخلاق ۽ مذهب جا ڪتاب
پسند هئا، پر پاڻ سڀني موضوعن تي لکيو اٿن. بلڪ سنڌي ادب ۾ ڪيترين صنفن ۾ لکيل ڪم جي
شروعات مرزا قليچ کان ئي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پهريون سنڌي افسانو ”شريف بيگم“، پهريون طبعزاد
ناول ”دلارام“ پهريون مضمونن جو مجموعو (ترجمو) ”مقالات الحڪمت“ مرزا صاحب لکيو ته
لطيفيات ۾ به سنڌي ٻوليءَ ۾ مرزا صاحب ئي ”احوال شاهه عبداللطيف“ پهرين ڪتاب لکيو.
مرزا صاحب جي تصنيفات ۾ ”خصائص القرآن“، ”سيرت النبي“، ”راهِ
نجات“، ”مقالات الحڪمت“، ”تهذيب الاخلاق“، ”تحقيق المالڪين“،
”عالمِ ارواح“، ”ڪرامات الاولياء“، ”اخلاق المعصومين“، ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“، ”حشرات
الارض“، ”سنڌي شعر جي تاريخ“، ”سنڌ جي جاگرافي“، ”قديم سنڌ ۽ ان جا ستارا“، ”چچ نامو
سنڌي“، ”ثابت علي شاهه جو احوال“، ”جوانيءَ جو اڪسير“، ”اخلاق النساء“، ”صحت النساء“،
”هدايت النسوان“، ”دلارام“، ”زينت“، ”عجيب طلسم“، ”وامق ۽ عذرا“، ”خورشيد“، ”نورجهان“،
”شيخ چلي“، شڪنتلا“، ”بڪاولي“، ”نيم طبيب ۽ نيم ملان“، ”حرڪت مان برڪت“، ”شاهه ڀٽائيءَ
جو احوال“، ”مومل راڻو،“، ۽ ڪجهه ٻين سرن جي شرح ”لغات اللطيف“، ”شاهه جو رسالو“ (ترتيب)
آهن.
مرزا صاحب ٻاراڻي ادب ۾ ”وامق عذرا“، ”شهزادي محبوب جي آکاڻي،
۽ ٻيا ڪجهه ڪتاب طبعزاد/ ترجمو لکيا. ”وامق عذرا“ جي ديباچي ۾ ڄاڻائين ٿا ته، ”اصل
عرب جو قصو آهي فارسي مثنوي مرزا صادق تخلص ”نامي“ جي لکيل تان مضمون ڪڍي، مختصر ۽
سليس عبارت ۾ لکيو اٿم“.
ترجمي جي حوالي سان پاڻ ڪٿي مڪمل ترجمو ڪيو اٿن ته ڪٿي اهو
مقصد ۽ خيال ورتو اٿن. چند موضوع اهڙا به آهن، جن کي مرزا صاحب جيئن جو تيئن ترجمو
نه ڪيو آهي، پر انهن تي مليل مواد کي مختلف ڪتابن مان گڏي ترجمو ڪري پيش ڪيو اٿن، جيئن:
باغ ۽ باغباني.
هن ڪتاب ۾ فقط باغ ۽ باغبانيءَ بابت معلومات آهي، باقي ٻنيءَ
جي پوک ۽ فصلن جي ڄاڻ مرزا صاحب الڳ ڏني آهي. ٽي سؤ ٽيتاليهن صفحن جي هن ڪتاب جو سنڌي
ادبي بورڊ پهريون ڇاپو ۱۹۶۰ع ۾ شايع ڪيو.
مرزا صاحب انگريزي ڪتابن جو ترجمو ايترو ته آسان ڪيو آهي،
جو عام پڻ پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو ڪتاب مشڪل آهي ته به پاڻ انهيءَ کي ترجمو
ڪرڻ مهل سنڌي سماج جي مزاج مطابق لکيو اٿن. ”خود ياوري“ جي ترجمي ۾ انهيءَ جي وضاحت
ڪندي لکن ٿا ته،
”معلوم هجي ته اصل انگريزي ڪتاب ۾ گهڻائي ڀاڱا اهڙا هئا، جي سنڌيءَ
۾ ترجمو ڪرڻ ۽ سمجهائڻ مشڪل هئا، پر جيترو ٿي سگهيو آهي، ڪتاب جو لفظ به لفظ ترجمو
ڪيو ويو آهي. ساڳئي وقت اصطلاح تي به نظر رکي ويئي آهي“.
مرزا صاحب جي ترجمو ڪيل هيٺين ناولن ۾”ٽي گهر“، ”ايرڪ“ ۽
”جولئن هومز“ کي پڻ نوجوانن جي سڌاري جو پيغام سڏي سگهجي ٿو. ف و
فرار جا لکيل هي ڪتاب ٻارن، مائٽن ۽ استادن جي لاڳاپي ۽ هلت جي باري ۾ مثبت رويي ڏانهن
موڙيندڙ آهن. جيئن ته اصل ليکڪ پادري هو، انهيءَ ڪري هنن ڪتابن ۾ ناصحانه انداز آهي.
مٿيان ٽيئي ڪتاب ترتيبوار ۱۹۱۲ع، ۱۹۱۹ع ۽ ۱۹۲۰ع ۾ ترجمو ڪيا ويا، جيڪي
سنڌي ادبي بورڊ ۱۹۵۹ع ۾ شايع ڪيا. ٽيئي ڪتاب چوٽيهه، اوڻٽيهه ۽ ٽيٽيهه بابن سان
گڏ ۴۹۲، ۴۴۹، ۽ ۴۰۱ صفحن تي آڌاريل آهن.”ٽي
گهر“، ٻارن ۽ انهن جي مائٽن جي گهر جي هلت، ”ايرڪ“، شاگردن جي اسڪول ۾ هلت ۽ ”جولئن
هومز“ ”ڪاليج ۾ نوجوان شاگردن جي هلت“ جي باري ۾ آهن.
مرزا صاحب ۾ مترجم هئڻ جون صلاحيتون اُتم هيون. سندن تقريبًا
سڀني ڪتابن جو ترجمو وڻندڙ آهي. موضوع مطابق پاڻ ٻنهي ٻولين جي وسعت ۽ اديبانه ذوق
مطابق ترجمي جي ضرورتن ۽ گهرجن کي اهميت ڏني اٿن. سنڌي زبان جي بقا ۽ ترقيءَ ۽ ترويج
لاءِ مرزا صاحب ترجمي جي عمل جي پورائي کي نه فقط هٿي ڏني، بلڪه هُن نثر ۾ معياري ترجمن
کي آندو، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي انگريزي ٻوليءَ مان ته ڪجهه اردو، فارسي ۽ عربيءَ مان ترجمو
ڪيا اٿن.
مرزا صاحب جي علمي ۽ ادبي خدمتن ۽ سندن لياقتن کان انحراف
ناممڪن آهي. کين سندن حياتيءَ ۾ ڪيترائي اعزازَ مليا. پنهنجي باري ۾ پاڻ ٻن ڪتابن
”فئملي ريجسٽر“ (انگريزي) ۽ ”يادگيريون“ (سنڌي) ۾ احوال ڏنو اٿن ۽ خاص طور تفصيلي احوال
سندن آتم ڪهاڻي ”سائو پن يا ڪارو پنو“ مان ملي ٿو. ۲۸۷ صفحن ۽ يارهن بابن تي
مشتمل هيءَ تصنيف سنڌي ادب ۾ سوانح جي مَدَ ۾ اهم شمار ٿئي ٿي، جنهن ۾ مرزا صاحب پنهنجي
ننڍپڻ، جواني، تعليم، نوڪري، علمي ادبي خدمتون ۽ پيريءَ جو ذڪر ڪيو آهي. ڪتاب جي آخر
۾ ڊائريءَ جاورق ڏنل آهن، جيڪو احوال ڏهين جون ۱۹۲۹ع تائين جو آهي. سندن
وفات ۴ جولاءِ
۱۹۲۹ع تي ٿي. مرزا صاحب جي باري ۾ لکيل ٻين ڪتابن ۾ ”حياتِ قليچ“
(۱۹۳۶ع)، همايون مرزا، ”قرب قليچ“ (۱۹۳۶ع)، محمد صديق مسافر،
”مرزا قليچ بيگ بحيثيت نثر نويس“ (پي ايڇ ڊي ٿيسز اڻ ڇپيل) ۱۹۷۸ع مرزا حبيب الله، ”قليچ
بيگ“ (۱۹۸۴ع) ڊاڪٽرمحمد قاسم ٻگهيو ۽ چند ٻيا ڪتاب ۽ مخزنن جا قليچ
نمبرز اهم آهن، جن مان مرزا صاحب جي زندگيءَ جي مختلف رخن ۽ علمي ۽ ادبي خدمتن جي ڄاڻ
ملي ٿي.
شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جو لطيفيات ۾ حصو
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
سنڌي ادب جي نثر ۽ نظم جي ڀاڱن
۾ ٻن اهم ترين شخصيتن کي مڃتا ڏيڻ کانسواءِ سنڌي ادب جو هر خانو خالي ۽ ٻُسو نظر
ايندو ۽ اهي ٻيئي شخصيتون آهن: سنڌي شاعريءَ جو سرموڙ شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
۽ سنڌي نثر جو تاجدار شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ. مرزا قليچ بيگ کي ”سنڌ جو شيڪسپيئر“،
”سنڌي نثر جو ابو“ ۽ ”شمس العلماءِ“ جهڙن لقبن سان نوازيو ويو، پر هُن پنهنجو پاڻ
کي ”خادم العلماءِ“ جو لقب ڏيڻ پسند ڪيو. سنڌي ادب ۾ سندس خدمتون بي حساب آهن. نثر
۽ نظم جي تقريباً هر صنف ۾ سندس شموليت رهي آهي، بلڪه نثر جي ته ڪيترين صنفن جو هو
باني ڪار آهي ۽ خاص طور لطيفيات جي حصي ۾ پڻ سندس ڪم بنيادي حيثيت رکي ٿو.
”ڪنهن
نئين تحريڪ بانيءَ کي دنيا جنهن وقعت جي نظر سان ڏسي سگهي ٿي، ”قليچ“ به ان جو
پورو پورو مستحق آهي. قليچ ئي هر فن تي ڪتاب لکي، دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو ته سنڌي
زبان ۾ اها صلاحيت موجود آهي، جو هوءَ دنيا جي ٻين زبانن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي بيهي
سگهي.“ (بيگ مرزا اجمل)
هتي مرزا صاحب جي شاعريءَ جي ذڪر
ڪرڻ سان آئون پڙهندڙن کي اهو ڄاڻائڻ
چاهيان ٿي ته مرزا صاحب پاڻ اعليٰ پايي جو شاعر هو ۽ کيس شاعريءَ جي اصولن جي مڪمل
ڄاڻ هئي، انهيءَ ڪري ئي هن شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جي روح کي سمجهيو ۽ کانئس گهڻو
متاثر پڻ هو، سو عقيدت ۽ احترام مان اهو چيائين ته:
شاعرن
جو سنڌ ۾ سردار شاهه عبداللطيف،
اوليائن
۾ نر نروار شاهه عبداللطيف،
معتقد،
مداح ان جو اصل کان آهي ”قليچ“،
جنهن
کي عالم جو تسليم اسرار شاهه عبداللطيف.
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ
جي سرزمين جو هڪ انمول شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي فن ۽ ذاتي خوبين تي تمام گهڻو
لکيو ويو آهي. هو فقط شاعر نه هو، پر هُو هن ڌرتيءَ جو هڪ عظيم مفڪر، فلسفي، سماج
سڌارڪ، ٻوليدان، تخليقڪار ۽ هڪ يگانو دانشور هو، جنهن جو فن سندس ”رسالي“ جي صورت
۾ سنڌ واسين لاءِ هڪ اهم پيغام آهي. هن رسالي جي شاعريءَ ۾ شاعر جي شخصي خوبين جو
مڪمل عڪس موجود آهي. هونئن به اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ڪو به فن ۽ فنڪار هڪٻئي
کان جدا ناهن هوندا. سو شاهه سائينءَ جي ”سدا حيات“ شاعريءَ کي سندن ذات جي ذڪر
کان جدا ڪري پرکڻ مشڪل آهي. اڄ تائين شاهه صاحب جي شخصيت جي مختلف رخن تي روشني وڌي
وئي آهي ته ڪيترن ئي شارحن سندس ڪلام جون شرحون لکيون آهن. ڪيئن ظاهري ۽ باطني
معنائون بيان ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ ڪيترن ئي محققن ۽ شارحن جو پورهيو شامل آهي،
جن ۾ انيڪ نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، پر خاص طور ڊاڪٽر ٽرمپ، مرزا قليچ بيگ، ڊاڪٽر ايڇ ٽي
سارلي، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻين جو ڪم اهو آهي. لطيفيات ۾ اڄ تائين ٿيل
ڪم جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري ۽ شخصيت
تي گذريل ٻه سؤ سالن ۾ ايترو ته ڪجهه لکجي چڪو آهي، جو ان جو مثال نٿو ملي. جيڪڏهن
اسين انهن لکيل مضمونن، مقالن ۽ ڪتابن مان جيڪي پوئين صديءَ ۾ شايع ٿيا آهن، صرف هڪ
فقرو به حوالي طور ڏيون ته هڪ ضخيم ۽ مضبوط ڪتاب جي ضرورت درپيش ايندي.“ (سيد مظهر
جميل)
هاڻي ڏٺو وڃي ته ايتري وڏي
تعداد ۾ ٿيل ڪم ۾ اهميت انهيءَ ڪم جي انفراديت قائم هئڻ جي آهي. انهيءَ ڪري اچو ته
جائزو وٺون ته مرزا صاحب جي لطيفيات واري ڪم جي خاصيت ۽ افاديت ڇا آهي؟
جيئن مرزا صاحب سنڌي نثر جي اهم
صنفن جو باني ليکڪ آهي، تيئن منهنجي نظر ۾ سندس لطيفيات ۾ ڪيل ڪم پڻ بنيادي ۽
اوائلي حيثيت رکي ٿو. موضوع جي دليلن سان اها وضاحت ئي منهنجي اڄوڪي مقالي جو مقصد
آهي.
”اهو
قليچ ئي هو، جنهن پهريائين سنڌ جي عوام کي شاهه جي صحيح ڪلام کان روشناس ڪرايو ۽ وڏي
جاکوڙ کانپوءِ صحيح نموني ”شاهه جو رسالو“ لکي تيار ڪيو.“ (بيگ مرزا اجمل)
مرزا اجمل جو مٿيون بيان فقط هڪ
پٽ جي پيءُ کي ڏنل مڃتا ڪانهي، بلڪه شاهه جي رسالي جي پارکو ۽ لطيف شناسيءَ جي
ماهر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي راءِ کي ڏسنداسين ته مرزا اجمل جا جملا سؤ سيڪڙو سچ لڳندا.
ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته:
”جدا
جدا ڇاپي ۽ قلمي رسالن مان سڀ بيت ڪڍي ۽ يڪجاءِ ڪرڻ جي ڪم جي شروعات مرزا قليچ بيگ
ڪئي. هو پهريون صاحب هو، جنهن محسوس ڪيو ته سڀ رسالا هڪ جهڙا ناهن، پر سڀني ۾ ٿورو
گهڻو فرق آهي. ڪن ۾ ڪي بيت آهن ته ڪن ۾ اهي ناهن. انهيءَ ڪري جدا جدا رسالن تان
جدا جدا بيت گڏ ڪڍي يڪجاءِ ڪجن ۽ مرزا صاحب ائين ڪيو. گهڻي ۾ گهڻا بيت گڏ ڪري،
رسالو ڇاپيو. مرزا صاحب جي ٻي خدمت اها هئي جو رسالي جي لفظن جي معنيٰ ڏانهن توجهه
ڪيائين ۽ ’لغاتِ لطيفي‘ جي عنوان سان ڪتاب ڇپرايائين.“
شمس العلماءِ مرزا صاحب ۱۹۱۳ع ۾ شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو، جنهن جو پهريون ڇاپو شڪارپور جي پوڪرداس،
هنسراج پرنٽنگ پريس سکر مان شايع ڪرايو. مرزا صاحب جي جوڙيل هن رسالي کان اڳ ڊاڪٽر
ٽرمپ، قاضي ابراهيم ۽ سنڌ سرڪار جا ڇپايل رسالا موجود هئا، پر ته به هن رسالي جي
انفراديت الڳ آهي. چند اهم خاصيتون هن ريت آهن:
1.
هيءُ
ضخيم رسالو ۹۲۲ صفحن، ۴۱۶۳ بيتن، ۲۴۰ وائين ۽ ۳۷ سرن تي مشتمل آهي.
2.
۸۴۶ بيت ۽ ۱۵
وايون ٻين رسالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏنل آهن.
3.
سرڪاري
ڇاپي جي ترتيب مطابق هوندي به اضافن سبب مختلف آهي.
4.
ڊاڪٽر ٽرمپ
پڙهڻين کي غلط قرار ڏيندي به مرزا صاحب انهن کي رد نه ڪيو آهي، بلڪه مقابلي ۾ ڇڏي ڏنو
آهي.
5.
مرزا
صاحب بمبئي ڇاپي واريون پڙهڻيون برقرار رکندي، ڪيترن بيتن جون اختلافي پڙهڻيون پڻ ڏنيون
آهن.
6.
هيءُ
رسالو هلندڙ صورتخطي ۾ آهي.
7.
ڪيترن
لفظن جون مروج جدا جدا معنائنون ڏنل آهن ته جيئن پڙهندڙ پنهنجي سمجهه مطابق اهي لاڳو
ڪري ڏسن.
8.
رسالي
۾ ڏنل ڌارئي ڪلام جي وضاحت مرزا صاحب ديباچي ۾ ڪئي آهي.
9.
جي ايم
سيد صاحب جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”شاهه جون وايون ۽ ڪافيون“ ۾ مرزا صاحب جي ترتيب ڏنل
رسالي کي بنياد بنايو ويو آهي، ڇو جو هن رسالي ۾ واين جو جهجهو مقدار موجود آهي.
10.
هن
رسالي جي اهم ترين خاصيت اها آهي ته هن قلمي نسخن ۽ ڇاپي ۾ رسالن جو مڪمل مواد
موجود آهي.
سنڌي ادب جي لطيفيات واري حصي ۾
شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ جون ڪاوشون اهم حيثيت رکن ٿيون. شمس العلماءِ مرزا
قليچ بيگ نواڻ جو قائل هو. هُو فطرتن جدت پسند هو. علم ادب ڏانهن سندس رويو ۽ پهچ
جديد سائنٽيفڪ نموني جي ۽ منفرد هئي، جنهن سبب هن هُر نئين ڪم لاءِ محنت کان ڪڏهن
به نه ڪيٻايو. سو لطيفيات ۾ سندس هر ڪتاب مختلف حوالي سان نئين حيثيت رکي ٿو. آئون
پنهنجي مؤقف جي وڌيڪ چٽائي سندن ئي لفظن ۾ ڪنديس ته، ”شاهه صاحب جو مفصل احوال لکي
اڃان ڪنهن ڪين پڌرو ڪيو آهي، تنهن ڪري پنهنجي خاص وندر لاءِ ۽ عام فائدي ۽ خوشيءَ
لاءِ اها محنت پاڻ هموار ڪري سندس احوال لکڻ ۾ هٿ وڌو اٿم.
شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ
نصير مرزا
بطور ليکڪ هن حيرت انگيز حد تائين ڊسيپلن سان حياتي
گذاري ۽ سنڌي ادب لاءِ لاتعداد مثالي ڪتاب لکي، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ڇاهتر
ورهين جو ٿي، نيٺ پنهنجي جنم ڀوميءَ حيدرآباد ۾، ”بلند شاهه“ جي نالي سان معروف
اباڻي قبرستان ۾، پنهنجي جيئري ئي ٺهرايل لحد ۾ هن وقت سڪون سان سُتو پيو آهي،
جنهن بابت هُن پاڻ ئي پنهنجيءَ هڪ رباعيءَ ۾ چيو هو:
مون آهي مري مري وسايو توکي،
ٻيو سڀڪي ڇڏي، اچي ورايو توکي،
ڇو ٻَکُ نه وجهي سمهان آئون توکي،
اي قبر،
مون ساهه ڏيئي آهي وٺايو توکي.
قليچ صاحب جي وصال کي اجهو اڄ لڳ ڀڳ اوترائي ورهيه ٿي
چڪا آهن، جيترن ورهين جي ڄمار ۾ هيءُ جهان پاڻ خوشي خوشي ڇڏيو هئائون.
سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ مرزا صاحب اڪيلي سِر جيترا ڪتاب
لکيا، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سربلنديءَ لاءِ جيترو نوُر نچويو، ڇا هن قوم ان جي فرض
لاهڻ ۽ سندس ٿورا مڃڻ جي ڏس ۾ پاڻ ملهائي ڏيکاريو آهي؟ ظاهر آهي ته: ”نه“! ... ۽
اِهوئي سوال اڄ خود قليچ جو روح هر سنڌ واسيءَ کان نه فقط ڪرڻ جو حق رکي ٿو، پر
”باقائده“ رکي ٿو!
قليچ صاحب جا وڏا ٽالپر بادشاهن جي ايامڪاري دوران وچ
ترڪستان (جارجيا) مان ۱۸۰۵ع ڌاري هجرت ڪري حيدرآباد سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا
هئا. خود ”قليچ“ لفظ به ترڪي ٻوليءَ جو ئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”تلوار“!
سنڌي ٻوليءَ جا اِهي ڀاڳ- سڀاڳ، جو ۱۸۵۳ع جي چوٿين آڪٽوبر تي اها تلوار
مياڻ مان ڇا ظاهر ٿي، ان جي آب تاب سان سنڌي ادب جو آسمان
ڄڻ اڄ به مُرڪي ۽ جرڪي رهيو آهي.
... ۽ هتي خاص ڪري آئون پنهنجي دل جي ڳالهه ۽ خوشي ته
لڪائي نٿو سگهان، ته آئون به ان ئي نشانبر خاندان جو فرد آهيان ۽ مرزا صاحب جي
ڀاڻيجي، ناصر علي مرزا ۽ سڳيءَ ڀيڻ، شرف النساءِ جو پوٽو آهيان، جو مرزا صاحب جي
ٻي ڀيڻ جو نالو زيب النساءِ هو، جيڪا لاولد هئي. منهنجي لاءِ بطور ناچيز ليکڪ جي،
اها به وڏي خوش بختيءَ جي ڳالهه آهي، ته آئون پڻ ان ئي ٽنڊي ٺوڙهي ۾، مرزا صاحب
کان ٺيڪ سئو ٻه سال بعد ۽ انهيءَ ئي گهٽيءَ جي پڇاڙيءَ واري گهر ۾ پيدا ٿيو آهيان،
جنهن جي اڳياڙيءَ واري گهر ۾ هن عظيم الشان ”عالمن جي سج“ اکيون کوليون هيون.
۽ ڪيڏو نه ڀاڳوند آهيان آئون، جو گهران ڪيڏانهن به وڃان،
يا ڪٿان گهمي ڦري موٽي اچان، ته سامهون عاليقدر مرزا صاحب جي گهر جي زيارت منهنجي
اکين کي تازگي بخشيندي آهي!... ۽ جيستائين حيات آهيان، منهنجو نصيب بڻجي چڪي آهي.
پر ٻئي پاسي هيڏانهن مون لاءِ هي ڳالهه وري ڪيڏي نه
دکدائڪ آهي، ته هن وقت پوري ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا خاندان منجهان ڪوبه اهڙو ماڻهو
حيات نه آهي، جنهن جي مرزا صاحب جي روبرو زيارت ڪيل هجي. والد صاحب منهنجي برابر
ته قليچ بيگ صاحب کي ڏٺو هو ۽ کانئس قليچ بابت مون کي ڪجهه پڇڻ به گهربو هو، پر
پنهنجي والد صاحب کي وري مون پورو نه ڏٺو هو، جو منهنجي ڪمسنيءَ ۾ سندس رحلت ٿي
ويئي هئي. والده منهنجيءَ لاءِ وري مرزا صاحب جي زيارت ائين ممڪن ڪانه هئي، جو ۱۹۲۹ع ڌاري جڏهن مرزا
صاحب وفات ڪئي، امڙ منهنجي مشڪل سان چئن کن سالن جي هوندي ۽ وڏي ڳالهه ته هوءَ
مرزا صاحبن جي ڳوٺ ٽنڊي ٺوڙهي جي هئي به ڪانه!
مرزا صاحب جا ڪتاب پڙهندي، ۽ سندس تصويرون ملاحظه ڪندي،
ذهن ۾ سدائين اِها معصوم خواهش اڀري، ته اي ڪاش! ڪو اهڙو عزيز بزرگ يا عزيزه حيات
هجي ها، ته ان کان هوند قليچ صاحب جي آواز، قدو قامت ۽ اٿي ويٺي بابت پڇي، ان
معلومات کي تحرير هيٺ آڻجي ها.
ها! ايئن برابر آهي، ته ٽنڊي ٺوڙهي ۾ مرزا صاحب جي ذاتي
رهائش وارو گهر مون ضرور اکين سان ڏٺو آهي، ۽ ان جا در و ديوار، ديوارن تي آويزان
سندس يادگار فيملي فوٽوز... آرام جو پلنگ، لکڻ واري ٽيبل، ڪرسي، پائڻ وارو لباس،
بوٽ، سوُٽ، ڪوٽ ۽ ٽائيون ۽ توڻي جو هو هر لحاظ کان ”مشرقي“ ذهن رکندڙ عالم ۽
تخليقڪار هو، پر سندس طرز زندگي جنهن کي فارسيءَ ۾ ”بود و باش“ چئجي، اها البته
مون کي ”مغربي“ طرز جي محسوس ٿي آهي.
آواز .... مرزا صاحب جو ڪهڙو هوندو هو؟ ان بابت البته
تازو ئي سُڌ پيئي اٿم ۽ اها به خاندان جي ڪنهن فرد يا مرزا صاحب جي حالت حيات ڪنهن
دوست رفيق وٽان نه، پر ماهوار ”سنڌوءَ“ جي ايڊيٽر پاران لکيل هن وضاحتي نوٽ مان...
جنهن ۾ هن صاحب لکيو آهي ته ”نومبر ۱۹۱۴ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽيءَ پاران
افتتاحي اجلاس ۾ مرزا صاحب کي ”سنڌي شعر“ بابت ليڪچر ڏيڻو هو. مرزا صاحب جو آواز
هو ذرا نفيس... سو حاضرين چٽو نه ٻڌي سگهن ها، جنهن ڪري سندس ليڪچر ڇپرائي ورهائي
ويو، ته سڀ حاضرين ان مان لاڀ پرائي سگهن.ـ
مرزا صاحب ۱۹۱۰ع ڌاري، ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي
تان رٽائرمينٽ ورتي ته رهائشگاهه کان سڏ پنڌ تي، پنهنجي باغ ۾ املداس جي وڻ تي
”وسرام“ لاءِ آکيرو جوڙايو هو، جنهن جو تذڪرو پاڻ پنهنجي سوانح واري ڪتاب ”سائو پن
يا ڪارو پنو“ ۾ ڏنو اٿائن. (۽ جنهن جي تصوير پڻ ان ڪتاب ۾ آيل آهي.)
ادبي شعور اچڻ بعد، پنهنجيءَ سانڀر ۾ اُن املداس جي وڻ ۽
اُن تي ٺهرايل ان عجيب و غريب آکيري جي تلاش ۾ ڳوٺ جي باغ ڏانهن پنڌ آئون به پيو
هئس... پر الاس!... هاڻ نه اُن باغ ۾ املداس جو ڪو وڻ ئي باقي رهيو هو ۽ نه ئي
آکيرو. گويا هوائون، ان وڻ جا پن، شاخون ۽ ان آکيري جا ڪک ڪانا اڏائي الائي ڪهڙي
ڏسائن، زمانن ۽ زمينن ڏانهن کڻي وڃي چڪيون هيون ۽ هاڻ ان باغ ۽ باغ جي ڀرپاسي واري
علائقي ۾ نئون زمانو پساهه کڻي رهيو آهي ۽ هاڻي ان ڀيڻيءَ تي گنجان آبادي رهائش
پذير آهي ۽ بي ترتيب، هڪ ٻئي سان ڳتيل گهر آهن ۽ علاوه ازين سوڙهيون گهٽيون ۽ ٻارن
جا انبوهه ۽ رفُ ڪاڳر... ۽ پوليٿين جون ٿيلهيون!
ها!... ايئن برابر آهي ته ٽنڊي ٺوڙهي ۾ مرزائن جي ويڙهي
جي چوڌري اوڏڪي ”عالم پناهه“ واري ديوار جو ملبو ننڍپڻ ۾ مون ضرور اکين سان ڏٺو
هو، جنهن جي تصوير مرزا صاحب جي سوانحي ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ ڇپيل آهي ۽
جيڪا مرزا صاحب جي ڏينهن ۾ کڙي هئي ۽ (باقاعدي کڙي هئي) پر هاڻي هن وقت، ان جو ڪو
وجود اتي آهي ئي ڪونه!
خير... مرزا صاحب جي پنهنجي گهر ۽ سندس ڀيڻ ڀائرن جي
گهرن جي اوچين اوچين ڇتين تي وڏن وڏن منگهن (هوا دانن) جي مون کي اڄ به پوري سانڀر
آهي ۽ انهن حويلين جا شاهي اڱڻ، ۽ انهن ۾ رکيل شيشم ۽ جنڊيءَ لٿل پينگها، اوطاقن ۾
منجيون، موُڙا، آرام ڪرسيون... وندر ور ونهن لاءِ رنگ رنگ جا پکي، مور، هرڻ، ڀلا
گهوڙا، سواريءَ لاءِ وڪٽوريا گاڏيون ۽ اهڙين اوطاقن ۽ گهرن کان اوريان پريان، کليل
کليل ميدان... ويران پوٺا ۽ جيڪڏهن سٺا مينهن پئجي ويندا هئا ته ٽنڊي ٺوڙهي جي
اهڙن ئي ويران پوٺن مان عجب عجب جهڙيون شيون، ٺِڪريون ۽ زمانن کان دفن ڪي دفينا...
ڪوڏ، سپون... کنڀيون نڪري نروار ٿي پونديون هيون ۽ آئون پنهنجن هڪ جيڏن سان وتندو
هئس انهن ميدانن ۾ سير سپاٽا ڪندو.....
..... ۽ اِجهو... اسان جي قليچ بيگ، ٽنڊي ٺوڙهي جي اهڙين
ئي پراسرار خاموشين ۽ راتين جي سناٽن ۽ خانداني ڪتبخاني جي ٽيبل ڪرسيءَ تي ويهي يا
گوشه نشينيءَ وارن ڏينهن ۾ وري پنهنجي املداس واري ٺهرايل پيهي/ آکيري تي چڙهي،
لکڻ پڙهڻ ۽ عبادت رياضت جو ڪم سرانجام پئي ڏنو هوندو.
قليچ بيگ صاحب توڻي جو زندگيءَ جي پڇاڙڪن پهرن ۾ گوشه
نشيني اختيار ڪيل ٿو ڏسجي، پر باوجود گوشه نشيني اختيار ڪرڻ جي، عملي ڪم ۽ علم ادب
ڏانهن هن جي وابستگي Commitment بلڪل پڌري Clear هئي ۽ سنڌ جي بيشتر عالمن، مفڪرن ۽ دانشورن وانگر ”زندگي، مذهب ۽
موت“ بابت هو ڪنهن ذهني مونجهاري يا Confusion جو شڪار قطعي نه ٿيو هو! سنڌي ادب جي رومال کي ڪيئن ”گهڻ پاسائين“
مال سان مالا مال ڪجي، قليچ صاحب حياتيءَ جي آخري ساهه تائين اُن ئي جستجوءَ ۾ پاڻ
کي مصروف رکيو. هن جي جنم کان وٺي وصال تائين سنڌ تي ”فرنگيءَ“ جو راڄ هو ۽ هو
چاهي ها ته رڳو انگريزيءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪري، وقت جي حاڪمن جو وڏو آشيرواد
ماڻي ها، پر هن نه فقط سنڌيءَ ۾ لکڻ کي ترجيح ڏني، پر ان زبان ۾ ڪيترين ئي صنفن جو
موجود پڻ بڻيو.
پوري ويساهه سان چئي سگهجي ٿو ته اوڻيهين ۽ ويهين صدي جي
دوران جيتري گهڻ پاسائين ادبي صلاحيت مرزا صاحب جي شخصيت ۾ هئي، سندس دور ۾ هن جي
ڪنهن به ٻئي همعصر يا پيشرو ۾ قطعي نظر ڪانه ٿي اچي ۽ هتي اِها به آگاهي هجي ته
سنڌي علم ادب جي واڌاري لاءِ مرزا صاحب جي اِها جاکوڙ ۽ جفاڪشي، ادب جي تاريخ ۾
بطور، ”بي طمع“ ثابت آهي ۽ ان ڏس ۾ ثبوت طور هتي اِهو به عرض ڪندس ته هن پنهنجي هر
پبلشر کي بنا معاوضي جي پنهنجي تحرير ڏني ۽ کانئس معاوضي جي توقع ۽ طلب نه ڪڏهن
ڪئي ۽ نه رکي! ان جو وڌيڪ ثبوت هتي هي ڏيئي سگهجي ٿو ته هي ڪتاب: ”احوال شاهه
عبداللطيف ڀٽائي“ جڏهن ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز شايع ڪرائڻ چاهيو ته بقول ڊاڪٽر بلوچ
صاحب جي، قليچ بيگ صاحب جي لائق فرزند مرزا اسد بيگ (مرحوم) ۽ اجمل بيگ (مرحوم) هن
ڪتاب جي اشاعت کي ڪارِ خير سمجهي بنا ڪنهن معاوضي جي ان کي ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز
پاران شايع ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي.
۽ اڄ پنهنجي انهن ئي عظيم بزرگن جي نقشِ قدم تي هلندي،
قليچ صاحب جي خاندان ۽ خانوادي جي چشم و چراغ هجڻ جي حيثيت ۾ ”مهراڻ اڪيڊمي
شڪارپور“ کي بنهه ساڳيءَ ئي ريت هن ڪتاب کي بنان ڪنهن معاوضي جي شايع ڪرڻ جي نه
فقط اجازت ڏجي ٿي پر اِها به اجازت ڏجي ٿي ته هو ان کي جڏهن ۽ جيترو چاهي شايع
ڪرئي سگهن ٿا.
۽ هن تاثر جي پڄاڻيءَ تي خود مرزا صاحب جي پنهنجي
حياتيءَ جي سفر جي روداد لکجي ته اها ڪجهه هن ريت آهي ته:
چوٿين جولاءِ ۱۹۲۹ع جي ڪنهن پهر ۾، پنهنجيءَ
ئي ٺهرايل ڏولي ۾ سوار ٿي، حياتيءَ ۾ ئي جوڙايل لحد ۾ لهڻ لاءِ، جڏهن مرزا صاحب
”بلند شاهه“ ڏانهن اسهڻ وارو هيو، جو ”باب قليچ“ آڏو، جنازي نماز بعد ”منهن مبارڪ“
ڏيکارڻ واري آخري رسم وقت علامه عمر بن محمد دائودپوٽو ۽ ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي پڻ
ڪراچي مان اچي ان وقت اتي پهتا هئا.
اِجهو هن تاثر جي پڄاڻي، آئون محترم ڊاڪٽر دائودپوٽي
صاحب جي محبت ۽ عقيدت سان لکيل انهن سٽن تي ڪريان پيو: ”مرزا صاحب جي آخري ديدار
فرحت آثار لاءِ جڏهن اتي پهتس، ته ڏٺم ته سندن مبارڪ چهرو بدر منير وانگر پئي
چمڪيو ۽ گلاب جي گل وانگر پئي مهڪيو ۽ سندس پيشانيءَ مان نور ظاهر هو. سندس
سونهاريءَ جا سفيد وارَ، سج جي سفيد ڪرڻن وانگر پئي جهرڪيا ۽ پاڻ ائين ستو پيو هو،
جيئن ڪو جيئرو جاڳندو انسان مٺي ننڊ ۾ هجي. مطلب ته عجيب لقاءُ لڳو پيو هو ۽ گلاب
جي مُکڙيءَ وانگي مُک پئي ٽـڙيس ۽ هڪ عجيب مُرڪ سندس وجود تي نمايان هئي.“
قليچ بيگ
جديد سنڌي ادب جو اهم
معمار - جمع ۴ جولاءِ
۲۰۰۸ع
تاج جويو
مرزا قليچ بيگ لاءِ
ٻه رايا نٿا ٿي سگهن ته هو جديد سنڌي ادب جو معمار ۽ ابو هو ۽ انگريز دور ۾ سنڌي ٻوليءَ
۽ ادب جي آسمان جو سج هو. جهڙيءَ ريت ڪلاسيڪي ۽ روايتي شاعريءَ جي جمود کان پوءِ ڪشنچند
بيوس ۽ شيخ اياز جديد شاعريءَ ۾ ڪرشماتي انقلاب آڻي, پنهنجي دور ۾ وڏو شعري ڇال ڏنو،
اهڙيءَ ريت قليچ بيگ سنڌي نثر جي دنيا ۾ گهڻ پهلوئي انقلاب ۽ تبديلي آندي. جيتوڻيڪ
سندس ڪيترن هندو مسلم همعصرن جو سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ به ڳاڻيٽي جهڙو ڪردار آهي، پر
قليچ بيگ جو قد، مقام ۽ مرتبو ٻين سڀني کان مٿانهون آهي. اها ڪيڏي نه فخر جوڳي ڳالهه
آهي ته هڪ روينيو آفيسر، پنهنجي منصب جا لوازمات ۽ جوابداريون فرض شناسيءَ سان بجا
آڻيندي، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي دامن ۾ ۴۵۷ ڪتابن جو وسيع ذخيرو ۽ سرمايو داخل ڪري.
هن عالم شخص جي
حيات ۽ ڪارناما پڙهندي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون. هو هڪ ئي وقت سنڌي، انگريزي،
فارسي، عربي، ترڪي ۽ اردو زبانن تي دسترس رکندڙ هو. سندس علمي ۽ ادبي پورهئي تي
نظر وجهبي، ته هو هڪ ئي وقت افساني، ناٽڪ، ناول، تنقيد، شاعري، تاريخ، تهذيب،
تعليم، اخلاق، مذهب، طب، تصوف، سوانح، آتم ڪٿا، لغت، ٻوليءَ، سائنس، لطيفيات،
لسانيات، گرامر، موسيقيءَ، زراعت، باغباني، سائنس، حشرات الارض، ٻارن جي ادب،
تقابلي مذهب، مطلب ته علم ادب جي ڪيترين ئي شاخن تي ڪتاب ترجمو ۽ الٿو ڪندي نظر
اچي ٿو، پر اسان سندس وفات کان ۷۹ سال پوءِ به سندس علمي پورهيو مڪمل صورت ۾ ڇپائي نه
سگهيا آهيون. ۷۶ سال زندگي ماڻيندڙ شخص ۵۰ سالن يا اڌ صديءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ۴۵۷ ڪتاب ڏنا. ڇا اسان مرزا قليچ بيگ جي ۵ به اهڙن ڪتابن جا نالا ڳڻائي سگهون ٿا، جيڪي
اسان جي علمي ادبي ادارن شانائتي نموني ڇپايا
هجن؟ سنڌي ادبي بورڊ ڪي قدر ان ڏس ۾ ڪم ڪيو آهي، پر ڇا ان سان قليچ بيگ جو علمي ۽
ادبي قرض لهي ويو؟ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي خدمتگار جي حيثيت ۾ مرزا قليچ بيگ هڪ اهڙو
مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي پوئلڳي ۽ تقليد هر سنڌي اديب ۽ قلمڪار کي ڪرڻ ۾
فخر محسوس ڪرڻ گهرجي. مرزا صاحب جو شاندار علمي ۽ ادبي ڪم سندس بزرگيءَ، بلنديءَ، ڏاهپ،
علم دوستيءَ ۽ سنڌ دوستيءَ جو عظيم مثال آهي.
اسان ٻه شعر، ٻه ڪالم،
ٻه ڪهاڻيون، ٻه مضمون لکون ٿا، ٻه ڪتاب ترجمو ڪريون يا ترتيب ڏيون ٿا ته سمجهون ٿا
ته علم ۽ ادب جا صاحب ئي اسان آهيون. ٻين تي اسان جي اک نٿي ٻڏي، پر مرزا قليچ بيگ
جهڙو مختلف ٻولين جو عالم ۽ ماهر، سوين ڪتابن جو ليکڪ، مرتب ۽ مترجم، ايڏي علم هوندي
به پاڻ کي اڻ ڄاڻ سمجهي ٿو. ڇو ته علم حلم ۽ نهٺائي سيکاريندو آهي. قليچ جو هڪ
قطعو آهي:
ڪنهن علم کان پڻ
قليچ محروم نه ٿيو،
نڪتو نه رهيو، جو
ان کي مفهوم نه ٿيو،
ستر جي قريب پهتو،
تڏهن ان کي
معلوم ٿيو ته ڪي به
معلوم نه ٿيو!
قليچ علم ۽ حلم جو
صاحب هو. هو گهٽ ڳالهائيندو هو، پر لکندو وڌيڪ هو. نوڙت ۽ نهٺائي هن جي مزاج جو
خاصو هئي، جيڪا هن کي علم جي حاصلات ئي ڏني هئي. ڪنهن فارسيءَ واري ڇا خوب چيو
آهي:
خوب مِي ُگويد سخن
هر ڪس ڪه گفتارش ڪم است
ميوه نيڪو پر وَرد
هر شاخئه اي بارش ڪم است.
(جيڪو گهٽ ڳالهائڻو
آهي، ڪهڙو نه چڱو ٿو ڳالهائي. جنهن ٽاريءَ تي برسات گهٽ پوندي آهي، ان تي ميوو ڀلو
ٿيندو آهي). نامياري عالم ايم ايڇ پنهور پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته هو ۱۹۵۳ع ڌاري زرعي انجنيئر طور سنڌ سرڪار جي ملازمت
۾ داخل ٿيو. ستت ئي زرعي کاتي جي ان وقت جي ڊائريڪٽر اي ايم مختلف فيصلن ۽ انهن جي
ڪم ڪار تي خبر نامن/رسالن جي تيار ڪرڻ واسطي محترم ڪريم ڏني راڄپر جي مدد لاءِ مون
کي حڪم ڪيو ۽ چيو ته انگريزيءَ ۾ زرعي اصطلاح ڪافي آهن، پر سنڌي اصطلاحات ڳولي ڪڍجن.
پنهور صاحب لکي ٿو ته وٽس مسٽر کمڀاتا ۽ ڪوڙيمل چندنمل کلناڻيءَ جي ٻن ڪتابن کان
سواءِ مرزا قليچ بيگ جا ٻه ڪتاب ”باغ ۽ باغباني“ ۽ ”زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر“ موجود
هئا. چئن ئي ڪتابن ۾ زراعت جا سنڌي لفظ ۽ اصطلاح ڏنل هئا، پر چڪاس کان پوءِ اسان
مرزا قليچ بيگ جي لفظن ۽ اصطلاحن کي اختيار ڪيو. پنهور صاحب ان مضمون ۾ اهو به خيال
ڏيکاريو آهي ته ڪتاب زراعت ۽ باغبانيءَ تي جديد تقاضائن موجب صرف ۵۳ حاشيا لکجن ۽ ”زمين جو علم ۽ هنر“ ڪتاب ۾
صرف ۵۰ صفحن جو واڌارو ڪجي ته ٻئي ڪتاب جديد معيار جا زرعي درسي ڪتاب بنجي سگهن ٿا.
سنڌ جي تاريخ تي
مقامي تاريخدانن تمام گهٽ قلم کنيو آهي، جنهن ڳالهه کي محسوس ڪندي مرزا قليچ بيگ هيٺيان
۸ ڪتاب لکيا، جن جي تاريخي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.
(۱) چچنامو (انگريزي) (۲) سنڌ جي تاريخ (انگريزي) (۳) سنڌ جي تاريخ تصويرن سان (۴) سنڌ جي مختصر تاريخ (۵) سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن ۾ وسندڙ ماڻهو (۶) رياست خيرپور جي تاريخ (۷) چچنامو سنڌي.
ٻولي، لسانيات، لغت
هڪ اهم موضوع آهي، جنهن بابت قليچ جو ڪم بنيادي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ ٻولين جي
نظرين ۾ جديد تحقيق جي حوالي سان وڏي تبديلي اچي چڪي آهي، پوءِ به مرزا صاحب جي ڪم
کي ٻوليءَ ۽ لسانيات جا ماهر وساري نٿا سگهن. مرزا صاحب (۱) لغات لطيفي (۲) سنڌي وياڪرڻ (چار ڀاڱا) (۳)Philological
curiosity (۴) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ (۵) سنڌي لغات قديمي (۶) پهاڪن جي حڪمت (۷) پارسي زبان جي تاريخ (۸) Persian
entomology جهڙا اهم ڪتاب
لکي، پنهنجي علميت جي ڇاپ ڇڏي آهي.
لطيفيات جي موضوع
تي ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ايڇ ٽي سورلي کان سواءِ اوائلي لطيفي پارکن ۾ سنڌي عالمن مان مرزا
قليچ بيگ ئي واحد اديب ۽ عالم هو، جنهن ۸ ڪتاب لکيا. انهن ۾ (۱) شاهه جو رسالو (۲) Life of
Shah Abdullah (۳) ساڳئي ڪتاب سنڌي جو ترجمو: احوال شاهه
عبداللطيف ڀٽائيءَ جو. (۴) شاهه جي مختلف سرن جي تشريح تي مشتمل ڪتابڙا (۵) لغات لطيفي (۶) لطيفي لات (۷) شاهه جي رسالي جي ڪنجي (هي ڪتاب اڃا اڻ ڇپيل
آهي.)
مرزا قليچ بيگ جي
علمي عظمت، ادبي بلنديءَ جا گوناگون رخ آهن، جن تي ڪيترا مضمون، ڪيترا ڪتاب ۽ ڪيتريون
پي ايڇ ڊيز ڪري سگهجن ٿيون. مرزا صاحب عجيب ليکڪ ۽ اديب هو. هن جي لکڻ پڙهڻ جا طور
طريقا ۽ زندگيءَ گذارڻ جا رستا ۽ رخ به پنهنجا هئا. دامانِ نظر تنگ و گلِ حسن تو
بسيار
گلچين نظر از تنگيءِ
دامان گله دارد!
(نظر جو پاند
سوڙهو آهي ۽ تنهنجي سونهن جا گل سوين آهن. (منهنجي) نظر تنهنجي سونهن جا گل پٽي ٿي
ته ان کي پاند جي سوڙهي هجڻ تي چڙ اچي ٿي.)
مرزا قليچ بيگ
جديد سنڌي ادب جي پيڙھ رکندڙ
رسول بخش پليجو
مرزا قليچ بيگ جي
ناني ۽ بابي جو وطن جارجيا پنھنجي تاريخ ۽ جاگرافيءَ هٿان سنڌ کان به وڏي مار
کائيندو رهيو آهي. اهو ٻن پھاڙي سلسلن، ٻن سمنڊن، ٽن وڏين سلطنتن ۽ ٻن کنڊن جي
سنگم وٽ آهي. اهو ڪوھ قاف جبلن جي وچ تي آهي. ساڳي وقت اهو ٻن سمنڊن يعني ڪاري سمنڊ
۽ ڪئپس سمنڊ جي وچ تي آهي. رهيل ڪسر ان ڳالھ پوري ڪري ڇڏي آهي جو اهو ٻن کنڊن يعني
ايشيا ۽ يورپ جي سرحد تي روس، ايران ۽ ترڪي جھڙين فيل مست علائقائي طاقتن جي وچ ۾ ڦاٿل
آهي ۽ صدين کان انهن هٿان ٿڏبو واري واري سان لتاڙبو ۽ چيڀاٽبو رهيو آهي.
اڄ کان ۲۸ صديون اڳ هتي يونانين اچي بيٺڪون ٺاهيون،
پوءِ رُومي، عرب، منگول، ترڪ، ايراني ۽ روسي جارجيا تان پاڻ ۾ وڙهندا ۽ هڪ ٻئي پٺيان
اتي قبضا ڪندا رهيا، تان جو نيٺ ۱۸۰۱ع ۾ روس مستقل طرح ان تي قبضو ڪري ورتو. ذري گهٽ ٻن صدين
کان پوءِ تازو جڏهن سوويت يونين ٽُٽي ٽُڪر ٽُڪر ٿي آهي، تڏهن جارجيا هڪ ڀيرو وري
پنهنجي الڳ حڪومت قائم ڪئي آهي.
ڪوھ قاف جبلن کان وٺي
ڏندڪٿائن، رنگين قصن ۽ الف ليليٰ جھڙن داستانن کي جنم ڏنو آهي. ڪوھ قاف جي ديون ۽
پرين جا داستان ڪنھن نه پڙهيا هوندا؟ ڪوھ قاف جي جابلو سرزمين ۽ ان جا ماڻهُو واقعي
آهن به اهڙا ئي خوبصورت ۽ من موهيندڙ جھڙا ٻڌجن ٿا. انسائيڪلوپيڊيا برٽئنيڪا جھڙي
انتھائي پختي ۽ سنجيده علمي اختياري چوي ٿي:
“جارجيائي ماڻهن
جون پاڙون تاريخ ۾ گَھريون آهن، سندن ثقافتي ورثو به قديم ۽ شاهوڪار آهي... جارجيائي
ماڻهُو هڪڙا اهڙا خوددار ماڻهُو آهن جيڪي زمانن کان وٺي جوڌن ۽ جانبازن جي حيثيت ۾
مشھور ۽ معروف آهن. سندن مھمان نوازي، سندن زندگيءُ سان محبت، سندن زنده دلي نايت
۽ خوش طبعي دُنِيا ۾ مشھور آهن. هُو قدآور، جانثار، سنها، ڪارين اکين ۽ ڪارن وارن
وارا ماڻهُو آهن... سندن سُونھن جو معيار بلند آهي، جارجيائي عورتن جو حسن اهڙو
آهي جو ان مان تاريخي داستان ٺھي پيا آهن. هنن مان ڪيتريون ترڪي سلطانن ۽ ايران جي
شاهن جي محلن جون زينتون بڻيون، جارجيائي ماڻهن جي عمر غير معمولي حد تائين وڏي ٿيندي
آهي.”
سنه ۱۷۹۷ع ۾ جڏهن ايرانين جي هڪڙي ڪاھ ۾ مرزا صاحب
جي ناني ۽ ڏاڏي جا والد مارجي ويا، تڏهن هو ٻارن ٻچن سميت قيدي بڻجي ايران ۾ آيا،
اتان اهي سنڌ آندا ويا. مرزا خسرو ۱۸۰۵ع ۾ پنجن ورهين جي عمر ۾ حيدرآباد ۾ آندو ويو هو. مير ڪرم
علي خان وٽ رهيا. اها اوڻيھين صديءُ جي شروعات هئي. ارڙهين، اوڻھين ۽ ويھين صدي ۾
دُنِيا ۾ جيڪي تبديليون ٿيون آهن، سمورن گذريل صدين ۾ آيل تبديلين کان گهڻا گهڻا ڀيرا
وڌيڪ هيون. مرزا قليچ بيگ جي تاريخي ڪردار کي انهن تبديلين کي سمجهڻ کان سواءِ
صحيح نموني سمجهي ڪين سگهبو.
دُنِيا جي سڀ کان
گهڻي ايراضي، سڀ کان گهڻا ماڻهُو، سڀ کان وڌيڪ قدرتي وسيلا ۽ تنهن ڪري سڀ کان وڌيڪ
دولت تاريخي طرح ايشيا جي رهي آهي ۽ نه يورپ جي. انڪري اٽڪل پنج سَؤ سال اڳ تائين
مجموعي طرح ايشيا جي يورپ مٿان سرسي رهي آهي. جيستائين دُنِيا ۾ بالادست اقتصادي ۽
سماجي نظام، جاگيردار نظام هو، تيستائين ايشيا يورپ کان زور هئي، اٽڪل ۱۵ صدي کان دُنِيا ۾ جاگيردار نظام جو زوال اچڻ
شروع ٿيو، دُنِيا کي هڪ نئين بھتر، سماجي، اقتصادي نظام جي ضرورت پوڻ لڳي، ايشيا
کي جاگيرداري جي انتھائي رجعت پرست فطرت اهڙو نظام پيدا ٿيڻ نه ڏنو. يورپي
جاگيرداريءَ جي فطرت اهڙو نظام پيدا ڪرڻ ڏنو، ان جو نالو هو صنعتي يا سرمائيدار
نظام.
يورپ جي ان نئين
سماجي اقتصادي فِڪري نظام جي پيڙھ يونان ۽ روم جي تھذيبن تي ٻڌل آهي. اهي ٻئي
تھذيبون دُنِيا جي وڏن مذهبن جي اثرن کان ٻاهر رهيون هيون. انهن تھذيبن پنج سَؤ
سال قبل مسيح کان وٺي مذهبي اختياري وارن کي برهمڻن، پادرين ۽ مُلن جي روڪ ٽوڪ بنا
انساني عقل ۽ سمجھ کان ڪم وٺي هنر ۽ سائنس کي جنم ڏنو ۽ انهن کي خوب ڪتب آندو. ان ڪري
انهن حڪومت، جنگ، علم، ادب، سائنس، قانون ۽ ٻين بي انداز ڳالهين ۾ اهڙين بلندين کي
ڇھيو جنھن جو مثال انسان جي تاريخ ۾ ڳولڻ عبث آهي. صنعتي ۽ سرمائيداري نظام هلندڙ
هو پر ايشيائي جاگيرداري نظام ۽ يورپي جاگيرداري نظام ۾ زمين آسمان جو فرق هو،
ايشيائي جاگيرداري نظام قاعدي قانون جي ڪنھن به ريت مَرجَات کي نه ٿي مڃيو. اهو مڪمل
طرح آپيشاهي ۽ ڏنڊي شاهي مطلق العنان نظام هو. يوناني رومي تهذيب ۽ ان جي مٿان قائم
ٿيل يورپي تهذيبن هر ڳالھ جي حد ۽ توازن ۽ قاعدي قانون جو پورو پورو خيال ٿي رکيو.
اهي گھري ڄاڻ ۽ علم، وڏي سُرتِ، سمجھ ۽ ڏاهپ واري تھذيبون هُيون ۽ آهن. ايشيائي
جاگيرداري، يورپي جاگيرداري جيان اهڙي مضبوط ۽ جٽادار، علمي، عقلي ۽ قانوني تهذيب
پيڙھ تي ٻڌل ڪا نه هئي، اها سترهين صديءَ تائين پنھنجي طبعي عمر کائي ڪنھن سُنڍِ
عورت وانگر ڄڻائڻ ۽ نپائڻ جي عمل کان جڏي ٿي چڪي هئي. اها نئين عالمي، تاريخي دور
لاءِ گهربل وچين طبقي واري انقلابي سمجھ، سُرتِ، ڏاهپ، کوجنا، ڳولا، تحقيق، واپار،
ڪاروبار، هنر، صنعت کي تخليق ڪرڻ بدران ان جي نون اُسرندڙ مُلن جي جاني دشمن بنجي
بيٺي ۽ ايشيا کي ذهني ۽ فڪري طرح هڻي هڪڙو علمي ۽ ثقافتي برپٽ بنائي رکيائين.
ٻئي طرف نئين سجاڳيءَ
جي مدد سان يورپ جي وڏن شھرن ۾ واپار تمام گهڻو زور ورتو. جو واپاري طبقو
جاگيردارن کان پنهنجا حق گهرڻ لڳو. صدين جي ويڙھ کان پوءِ وچون طبقو، خاص ڪري
واپاري طبقو، جاگيرداري طبقي کان زور وٺي ويو ۽ علم، ادب ۽ فن، هنر، فلسفي،
اقتصاديات، کوجنا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءُ جي ميدان ۾ برق رفتاريءَ سان اڳتي وڌندو
آخر ست سمنڊ پار ڪري سڄي دُنِيا تي ڇانئجي ويو.
۱۹ صدي جي شروعات تائين انگريز پنھنجن ٻين سڀني رقيبن يعني پورچوگيزن، ڊچن،
اسپينين کي شڪست ڏيئي دُنِيا جو پھريون نمبر صنعتي سرمائيدار ۽ طاقتور ملڪ ۽
هندستان جو به مالڪ بنجي ويو هو. سنڌ جي ميرن کي سنڌ تي قبضو ڪئي ويھارو سال مس ٿيا
هئا، انهن کي ڪا خبر ڪا نه هئي ته سندن بادشاهي جا ڏينھن به وڃي ڳاڻ ڳڻيا بچيا
هئا.
انگريز هندستان ۾ ٻه
ابتڙ تاريخي ڪم ڪري رهيا هئا. هڪڙو ته هن ملڪ کي ڦري ڀينگ ڪري انهن جي قدرتي
وسيلن، مڪاني صنعتن ۽ هنرن کي برباد ڪري ان کي پنھنجو بيوس غلام بڻائي رهيا هئا.
اهو تباهيءَ جو ڪم هو. ٻئي طرف هو اڳتي وڃي پنهنجي ضرورت خاطر ۽ پنهنجي ڦرلٽ ۾
سھوليت پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي غلام بنايل ملڪ ۾ هڪ محدود حد تائين نئين سجاڳي،
روشني، علم، هنر، ٽيڪنالاجي ۽ صنعت جو پڻ واڌارو آڻڻ تي مجبور ٿيڻ وارا هئا.
انگريزن جي غلامي ۾
گهڻا ماڻهُو خوش نه هئا، جيتوڻيڪ هو اڳين نظامن مان اڃا به وڌيڪ ناخوش هئا، غلامي
کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻن قسمن جون ڪوششون ڪيون ويون هيون، هڪڙيون جاگيردار طبقن طرفان ڪيون
ويون، ٻيو وچين طبقي طرفان ڪيترن هندن ۽ مسلمانن جاگيردارن ۽ سندن حامين جو خيال
هو ته هندستان مان انگريز سان وڙهي کين ڪڍي اڳوڻو ساڳيو جاگيردارن ۽ نوابن جي حڪومت
وارو نظام قائم ڪيو وڃي. ان مقصد لاءِ پھرين ڪوشش ۱۹ صدي جي شروعات ۾ ڏکڻ هندستان ۾ وچولن
زميندارن طرفان ڪئي ويئي ۽ ڪچلي ويئي. ٻي ڪوشش ۱۸۵۷ع واري بغاوت جي صورت ۾ ڪئي وئي اها به ناڪام
ڪئي وئي.
ٻين ماڻهن جو خيال
هو ته لوھ کي لوھ ڪاٽي. انگريزن جي ڪاميابيءَ جو سبب رڳو انگريزن جي برتري ناهي،
پر خود هندستان جي مدي خارج جاگيردارانا نظام به ڄڻ ٻاهرين ملڪن کي دعوت پئي ڏني ته
اچو! اچي اسان تي قبضو ڪريو! تنھن ڪري اصل شڪست برهمڻن، تعصبن، دقيانوسي ڪتابن، پنڊتن
پاراتن ۽ مُلن جي جھالت تي ٻڌل علم دشمن، عقل دشمن، انسانيت دشمن، جاگيرداري نظام
کاڌي آهي ۽ اصل سوڀ يوناني، رومي ۽ مغربي روشن خيال نسبتاً جموري ۽ قاعدن قانون تي
ٻڌل سماجي صنعتي نظام ۽ ان مان پيدا ٿيل تيز رفتار کوجنائن، ايجادن، صنعتي پيداوار
۽ جمھوري نظام جي آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ته پوءِ يورپ جي نئين
سجاڳي، نئين روشني ، نئين علم، ادب، فلسفي، سائنس، سماجي علمن، نين ايجادن، نين
صنعتن ۽ نين علمي، فڪري ۽ سائنسي صلاحيتن کي، روين کي پنھنجي دسترس ۾ آڻڻو آهي.
شروع ۾ انگريز حڪمران
طبقي جا ماڻهُو ان ڳالھ جي فائدي ۾ نه هئا ته ڪو ڪارن هندستانين کي مغربي علم جي
نئين روشنائي، سائنس ۽ ٽئڪنالاجي کان واقف ڪيو وڃي، کين خوف هو ته ائين ڪرڻ سان
سندن دماغ خراب ٿي ويندو. ان ڪري جڏهن انگلينڊ جي پارليامينٽ اڳيان اها رٿ پيش ٿي
ته هندستانين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ انگلينڊ مان هندستان ڏانھن اسڪول ماستر موڪليا وڃن.
تڏهن ڪمپني جي ڊائريڪٽرن طرفان سخت مخالفت ڪئي وئي هئي. ويھن سالن کان پوءِ اهو
فيصلو ٿيو ته هندستان جي ٽيھ ڪروڙ ماڻهن لاءِ ڪمپني هڪ لک روپيا ساليانو خرچ ڪري!
پر ان وچ ۾ ٻه ڳالهيون ٿي رهيون هيون. عيسائي مبلغ ۱۵۴۲ع کان وٺي هندستان جي ڪن علائقن ۾ تعليم ڏيئي
رهيا هئا. هنن باقائدي اسڪول پئي هلايا، جن ۾ مذهبي ڳالهين سان گڏ جديد علم به
سيکاريندا هئا. هنن پريسون لڳايون، جن ۾ عام ديسي ٻولين ۾ ڪتاب ڇپايائون. هنن انهن
ٻولين جون باقائدي ڊڪشنريون تيار ڪري ڇپايون. شاھ جو رسالو ۽ سنڌي ڊڪشنري به انهن
پادرين جرمني مان ڇپايا، ٻئي طرف هندستان ۾ به اها سمجھ پيدا ٿي ته پراڻي عربي،
فارسي ۽ سنسڪرت علم مان هندستانين جو گهڻو چاڙهو ڪو نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن يورپ جي
علم، عقل ۽ دماغ کي سمجهي ان مان ڪم وٺڻو آهي ته اهو انگريزي ٻولي معرفت ئي ٿيندو.
۱۸۱۷ع ۾ راجا رام موهن راءِ جي ڪوشش سان ڪلڪتي ۾ هندو ڪاليج قائم ٿيو ۽ ان جي
معرفت سڄي بنگال ۾ انگريزي اسڪول کوليا ويا.
ٿامس ميڪالي جي
سفارش تي ۷ مارچ ۱۸۳۵ع تي هندستان جو گورنر جنرل لارڊ وليم بينسٽنگ اعلان ڪيو ته هندستان جي تعليم،
عدالت ۽ آفيسن جي ٻولي سنسڪرت، عربي ۽ فارسي بدران انگريزي ۽ ديسي ٻولي ۾ ٿينديون.
۱۰ آڪٽوبر ۱۸۴۴ع تي لارڊ هارڊ گورنر جنرل اعلان ڪيو ته آئينده سرڪاري نوڪريون فقط انگريزي
تعليم وارن کي ملنديون. ۱۸۵۴ع ۾ سرچارلس ووڊ مرڪز کي پنھنجي رپورٽ ڏياري موڪلي جنھن جي نتيجي طور هر
صوبي ۾ تعليم جي واسطي جدا کاتو قائم ڪيو ويو. ۱۸۵۷ع ۾ ڪلڪتي، بمبئي ۽ مدراس ۾ يونيورسٽيون
قائم ڪيون ويون ۽ ننڍن اسڪولن کي گرانٽون ڏيڻ جو سسٽم شروع ڪيو ويو. ۱۸۷۳ع ۾ علي ڳڙھ ڪاليج ٺھيو ۽ ۱۸۸۹ع ۾ بنارس يونيورسٽي قائم ٿي ۽ ملڪ کي تعليم
ملڻ شروع ٿي، تان جو انگريزي تعليم ۽ جديد يورپي علمن جي ذريعي حاصل ڪيل دُنِيا جي
علمن، سائنس، ٽئڪنالاجي جي ڪافي ڪجھ ڄاڻ هندستان جي وچين طبقي کي ان پوزيشن ۾ آندو،
جو انهن پنهنجا حق انگريز آقائن کان گهري وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا.
يورپ جي صدين جي ڄاڻ،
علم، فلسفي، فڪر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان هندستان جي ڪروڙين عوام جي ذهنن کي هٿياربند
ڪرڻ جي اها تحريڪ هڪڙي زبردست اهميت واري، سڌاري جي تحريڪ هئي. جنھن کانسواءِ
هندستان جا ماڻهُو الائي ڪيترا زمانا جاگيرداري غلامي جي گندي تلاءُ ۾ پيا ٿاڦوڙا
هڻن ها. اها علمي ۽ سائنسي پيڙھ تيار نه ٿئي ها ته جيڪر هندستان جي آزادي جي قومي
سياسي تحريڪ مشڪل سان وڌي سگهي ها.
هن تحريڪ هندستان
جي سطح تي اڳواڻ راجا رام موهن راءِ ۽ سر سيد جھڙا فڪري ۽ ذهني جاکوڙي ۽ کاهوڙي
هئا، ته سنڌ جي سطح تي ان جي سڄي پيڙھ رکندڙ اسان جي وچين طبقي جو دانشور ۽ مفڪر
مرزا قليچ بيگ هو.
جيڪڏهن ڪلاسيڪي
عظيم سنڌي شاعري جي ميدان ۾ اسان جو فني ۽ فڪري سورمو شاهه لطيف آهي ته جديد علم ۽
ادب جي ميدان ۾ اسان جو مھا ۽ مھندار، کاهوڙي ۽ سرواڻ سواءِ ڪنهن شڪ شبهي جي مرزا
قليچ بيگ آهي.
ڪنھن ماڻهُو جي
زندگي ۽ ڪمن کي سمجهڻ ۾ اها ڳالھ وڏي مدد ٿي ڏئي ته اها خبر هجي ته هو ڪھڙي زماني
۾ ڪھڙي ماحول ۾ رهندو هو ۽ سندس دؤر جا اهم ماڻهُو ڪير ڪير هئا ۽ انهن ڇا پئي ڪيو؟
قليچ جي ڄمڻ کان
فقط هڪ سال اڳ ايران ۾ قاچاري شھنشاهيت ڀائي عقيدي جي مشھور شاعره، مبلغه ۽
انقلابي ام سلميٰ قرت العين طاهره زرين تاج جنھن جو “دجله به دجله، يم به يم” واري
قافيه وارو غزل مشھور آهي، تنھن کي بغاوت جي الزام هيٺ گهُٽو ڏيئي شهيد ڪيو ويو.
قليچ سنڌ جي انگريزن
جي حڪومت اچڻ کان ڏھ سال پوءِ پنجاب جي تابع ٿيڻ کان ۹ سال پوءِ ۱۸۵۳ع ۾ پيدا ٿيو. ان سال سنڌي ٻوليءُ جو پهريون
جديد الف ب ۾ لکيل ڪتاب لنڊن جي هڪڙي لٿو پريس ۾ ڇپيو.
ساڳئي سال يورپ ۾ ڪريميا
جي لڙائي هلندڙ هئي. هڪڙي پاسي هئا، انگريز ۽ فرينچ ۽ ٻئي پاسي هئا ترڪ. ساڳئي سال
اڀرندي طرف جپان ۾ آمريڪي بحري ڪمانڊر پيري زبردستي جپان ۾ گھڙي اچڻ ۾ ڪامياب ٿيو
جنھن ڪري جپانين سمجهيو ته جي اسان پنهنجي سماجي نظام کي پنھنجي راضپي سان ۽ تيزي
سان نه بدلايو ته اسين ڌارين جا غلام ٿي وينداسين، هنن پاڻ کي بدلايو ۽ واھ جو
بدلايو. ان سال هندستانين کي آئي – ايس- ايس امتحان ۾ ويھڻ جي اجازت ملي.
۱۸۵۷ع ۾ ڪلڪتي، بمبئي ۽ مدراس جون يونيورسٽيون قائم ٿيون ۽ هندستان جي پوئين
جنگ آزادي شروع ٿي. ۱۸۵۹ع ۾ چارلس ڊارون انگلينڊ ۾ پنھنجو جڳ مشھور ارتقا جو نظريو شايع ڪرايو، ۱۸۶۳ع ۾ انبالا ۾ وهابين جي تحريڪ ڪچلي وئي. ۱۸۷۵ع ۾ پرنس آف ويلس هندستان م آيو ۽ علي ڳڙھ ڪاليج
قائم ٿيو ۽ ۱۸۸۵ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو بُنياد وڌو ويو.
۱۸۹۶ع کان ۱۹۰۰ع ۾ هندستان ۾ زبردست ڏڪار آيو. ان هوندي به ۱۸۹۸ع ۾ مھاراڻي وڪٽوريا جي ڊائمنڊ جوبلي ملهائي
وئي. ۱۹۰۰ع ۾ سرحد جدا صوبو ٺهيو، ۱۹۰۱ع ۾ مھاراڻي وڪٽوريا گذاري وئي. ۱۹۰۴ع ۾ روس جپان سان جنگ ۾ هارايو. ۽ روس ۾ ۱۹۰۵ع وارو ناڪام انقلاب آيو ۽ ساڳئي سال بنگال
جو ورهاڱو ٿيو جنھن جي ڪري سڄي هندستان ۾ ڪانگريس جي اڳواڻي هيٺ زبردست احتجاجي
تحريڪ هلي، جنهن کي سوديشي تحريڪ سڏيو ويو. ۱۹۰۶ع ۾ مسلم ليگ قائم ٿي. ۱۹۱۱ع ۾ جڳ مشهور هندستاني اديب، شاعر ۽ دانشور
رابندرناٿ ٽئگور کي نوبل پرائيز مليو. ۱۹۱۴ع ۾ مھاتما گانڌي آفريڪا مان موٽي هندستان آيو ۽ ۱۹۱۴ع ۾ هندن مسلمانن جي گڏيل انگريز مخالف عدم
تعاون جي تحريڪ ۽ خلافت جي تحريڪ هلي. انگريزن ان کي هلائڻ لاءِ رولٽ ائڪٽ پاس ڪيو
۽ جليانوالاباغ ۾ ڪوس ڪيو. انهي سال غازي امان الله افغانستان جو بادشاھ ٿيو. ۱۹۱۷ع ۾ سائمن ڪميشن هندستان آئي. ان جي بائيڪاٽ
جي تحريڪ هلائي وئي. روس ۾ سوشلسٽ انقلاب آيو. ۱۹۱۹ع ۾ انگريزن سازش ڪري غازي امان الله خلاف
بغاوت ڪيو. جنرل نادر نئون بادشاهھ ٿيو.۱۹۲۹ع تي مرزا قليچ بيگ وفات ڪئي. قليچ جا ڪي وڏا هم عصر
اديب، عالم ۽ شاعر:
مصري شاهه جي وفات ۱۹۰۶ع، حمل لغاري ۱۹۱۴-۱۸۶۹ع، ديوان ڪوڙومل ۱۸۴۴ع. ۱۹۱۶ع، سانگي ۱۹۲۴-۱۸۵۱ع، خليفو نبي بخش ۱۷۷۹-۱۸۶۳ع الله بخش اٻوجهه وفات ۱۹۰۱ع.
قليچ جا ڪي ننڍا هم
عصر سنڌي اديب، عالم ۽ شاعر:
امام بخش خادم ۱۸۶۰-۱۹۱۹ع
بيڪس وفات ۱۸۸۹ع،
ڀڳت ڪنوررام ۱۸۸۵-۱۹۴۵ع
پرمانند ميوارام ۱۹۳۸-۱۸۵۶ع
خانبھادر محمد صديق
ميمڻ ۱۸۹۰-۱۹۵۸ع
ڊاڪٽر دائودپوٽو ۱۸۹۶-۱۹۵۸ع.
ڊاڪٽر گربخشاڻي ۱۸۸۴-۱۹۴۹ع
ساڌو هيرانند ۱۸۶۳-۱۸۹۳ع
شمس الدين بلبل ۱۹۱۹-۱۸۵۷ع
مولوي احمد ملاح ۱۸۷۷-۱۹۶۹ع
مولوي فتح محمد
سيوهاڻي ۱۸۸۲-۱۹۴۲ع
هر اسرندڙ ادب جو
پھريون قدم هوندو آهي ترجمو. پھرين دُنِيا جي چوٽي جي علمن ۽ ادبن سان ترجمن وسيلي
رشتو رکندو. تڏهن ماڻهُو تخيلقي طرح پنهنجن پيرن تي بيھڻ لاءِ پھريون پيرڙيون کڻي
اڳتي وڌڻ سکندو. عيسائي پادرين طرفان قتل ۽ دفن ڪيل يونان ۽ روم جي علم، ادب ۽
فلسفي کي جيڪڏهن ترجمي جو جياريندڙ مسيح صدين کان پوريل قبرن مان کوٽي ٻاهر ڪڍي
وري جياري دُنِيا ۾ نئين حياتي نه بخشي ها ته اڄ دُنِيا ۾ ڪھڙن پٽن ۾ هجي ها؟
ترجمو هڪڙو نھايت ڏکئي ۾ ڏکيو، نھايت محنت طلب، نھايت تخليقي ۽ انتھائي نفيس فن
آهي ۽ ڪي ماڻهُو ان ۾ ڪمال حاصل ڪري سگهندا آهن جنھن علم ۽ ادب کي قابل ۽ لائق
ترجمو ڪندڙ ملي ويا، ان جا ڄڻ پئون ٻارهن ٿي ويا، اهو تاريخ جي ڄڻ هڪڙي لحظي ۾
سوين نسلن جي باڪمال ماڻهن جي صدين جي تخليق ڪيل خزانن جو مالڪ بنجي ويندو. صحيح
ترجمو رڳو هڪڙي ٻولي کان ٻي ٻولي ۾ نه هوندو آهي. اهو هڪڙي گرامر، لفظن محاورن جي
هڪڙي سٽاءُ کان ٻي گرامر ۽ محاورن جي ٻئي سٽاءُ ۾ ترجمو به هوندو آهي. سڀ کان وڏي ڳالھ
ته صحيح ترجمو هڪڙي ثقافت کان ٻي ثقافت ۾ ترجمو هوندو آهي. ترجمي لاءِ پھريون
مسئلو آهي ته ترجمي جي مواد جي صحيح چونڊ ۽ پوءِ آهي ان مواد کي پنھنجي ٻولي ۽
پنهنجي ثقافت ۽ پنھنجي گرامر ۽ محاورن جي ضروت سان ٺھڪائڻ ته جيئن اهو اوپرو نه لڳي،
دراصل صحيح ترجمو اهو آهي جنھن ۾ اها خبر ئي نه پوي ته هي ڪو ٻي ٻولي جو ترجمو
آهي. ماڻهُو ڀانئي ته اهو اصل آهي ئي منهنجي ٻولي ۾ لکيل. قليچ ترجمي جا مٿي ذڪر ڪيل
سڀ شرط پورا ڪري ٿو، هو ترجمي جو شهنشاھ آهي. قليچ جي ترجمي لاءِ چونڊ جو معيار
بلند ۽ دائرو وسيع آهي. شيڪسپيئر، بيڪن، گوگول، سوفٽ، سر آرئر ڪانن ڊايل، ڪروڪر ۽
ايمرسن جي پائي جي عالمي شھرت يافتا مصنفن جا شاهڪار ۽ ٻين گهڻن اهم موضوعن تي ڪتاب
ترجمو ڪيا اٿس. اٽڪل پندرهن کين نھايت اهم ڪتاب خود انگريزي ۾ لکيا اٿس. سنڌي لکيل
اصلوڪن ڪتابن جو تعداد ٻه سؤکن ته خوشيءَ سان ٿيڻ گهرجي.
هاڻي اچو ته قليچ
جي لکيل هڪڙي ناٽڪ جو هي ٽڪرو پڙهون:
“مسخرو: جيئن
چوندا آهن ته ٻلي شير ڪون پڙهايا ڦر ٻلي ڪون کانوڻ آيا، وڇون جا ٻچا وڏا ٿين ته
ماءُ کي پٽي کائي وڃن!
بادشاهه:
تون منهنجي ڌيءُ
آهين نه؟
ملڪان:
بابا چڱو ته ائين
آهي ته خدا جيڪو عقل اوهان کي ڏنو آهي سو ڪم آڻيو ۽ هي نامناسب هلت ڇڏي ڏيو جو
اوهان کي چڱي نٿي لڳي.
مسخرو:
بيھ اڃا ڳالھ ڪٿي پئي
آهي. اڃا رنگ ڏسندين”
ڪير چوندو هي اصل
سنڌي ناهي پر ڌاريءَ ٻولي جو ترجمو آهي؟ ۽ ترجمو به ڪھڙي لکندڙ جو؟ شيڪسپيئر جھڙي
ادبي شھنشاھ جي جڳ مشھور ناٽڪ “ليئر” جو.
هاڻي قليچ جي هڪڙي
ناٽڪ جو هي ٻيو سين ٻُڌو:
“جوابدار:
جلال همراه، ڪمال
همدم، جمال حاصل تاج برسر!
ٻيو نوڪر:
زمانو حامي، فلڪ
محافظ، جهان بندو ستارو چاڪر!
جوابدار:
تجلو چمڪي ٿو نور
جو هت، ٿو گيت هر ڪو گيت ڳڻت جا ڳائي.
ٻيو نوڪر:
حضور ملڪه جي
تشريف، هر ڪو حاضر ٿئي ٿو سر جهڪائي.”
هي به شيڪسپيئر جو
ترجمو آهي، پر ڇا رُڳو ترجمو آهي؟ هن کي چئبو تخليقي ۽ باڪمال ترجمو، اهڙو ترجمو
جيڪي ڪٿي ڪٿي اصل جي بلندين کان ائين مٿي چڙهيو وڃي، جيئن فٽنرجيرالڊ جو مَنظُوم
انگريزي ترجمو خود عمر خيام جھڙي فن ۽ فڪر جي سلطنت جي تاجدار جي اصل فارسي اُڏام
کان به ڀڙڪو کايو مٿي نڪريو وڃي.
قليچ سنڌي ٻولي کان
اظھار جا ڪھڙا ڪھڙا ڪارناما سر ڪرائي سگهي ٿو، تنھن جو جلوو ڏسڻو هجي ته سندس
ترجمو ڪيل يا اصلوڪا شاهڪار ناٽڪ پڙهي ڏسجن. ان ميدان ۾ اڄ تائين ڪو به سنڌي لکندڙ
ساڻس ڪُلهو هڻي نه سگهيو.
قليچ جو گهڻو شعر
ناصحانو، مذهبي ۽ تعليمي آهي. سندس غزلن جا عنوان هن قسم جا آهن. “خدا جي تعريف،
حضرت محمد جي تعريف، دُنِيا ۽ دولت چڱي، زر يا سون جي مرح، حقيقي يا سچا عاشق،
مرتبن جا سنڀال ضروري، فخريه پنھنجي بيقدريءَ جي شڪايت، منھنجا ٻه ڪتا، لقب ملڻ جي
شڪر گذاري وغيره آهن.” قليچ جي شاعري جي هڪڙي خصوصيت هي آهي ته هن تمام گهڻا ۽
مختلف بحر استعمال ڪيا آهن. ايترا گهڻا ۽ مختلف بحر سنڌ ۾ ڪنهن ٻئي شاعر گهٽ
استعمال ڪيا هوندا. ٻيو ته سندس شاعريءَ جو بُنِيادي مقصد اهل ڪمال اڳيان پنهنجي
خيال جي سُرت، فڪر جي اونهائي ۽ بيان جي زور جي ڀرپور اظھار ڪرڻ بدران ماڻهن کي
سيکارڻ ۽ سمجهائڻ آهي. انڪري هن جو انداز فقط انهن کي متاثر ڪري سگهي ٿو جن لاءِ
انهن شعرن ۾ سمايل سوچون نيون ۽ اهم آهن، جيڪي سمجهن ٿا ته کين اهڙين ڳالهين جي اڳيئي
خبر آهي تن لاءِ انهن شعرن جي اهميت ثانوي ٿئي ته ان ۾ عجب نه ڪرڻ کپي. هن شاعري ۾
ڪيترن هنڌن تي صاف نظر اچي ٿو ته نظم جي روپ ۾ رُڳو اهم پر ڪي قدر خشڪ ڳالهين ۽
مسئلن کي وڌيڪ دلچسپ بنائي پيش ڪرڻ جي لاءِ اختيار ڪيو ويو آهي. قليچ جو شعر جو
واقعي دلچسپ موضوع محبت وارو موضوع آهي. نه رُڳو هر فرد پر هر دؤر جي اظهار جا
انداز پنھنجا ٿيندا آهن، قليچ جي ٻوليءَ ۽ سندس انداز پنھنجو آهي.
اڄ جي شعر جي دلپسند
ٻولي ۽ انداز ڪالھ کان ۽ قليچ جي دؤ رکان توڙي ٻين دؤرن کان مختلف آهي، جيتري قدر
جذبن جي خلوص جو ٻولي جي سادگي ۽ دلڪشي جو تعلق آهي. قليچ جا محبتي شعر هر دؤر ۾
سنڌي شاعري جي چونڊ محبتي شعر ۾ شمار ٿيندا. هنن شعرن جي سادي کان سادي ڳالھ به دل
سان لڳي ٿي ۽ هيئن ۾ چھنڊڙي وجهي ٿي. ماڻهُو محسوس ئي نٿو ڪري ته اها ڳالھ اڳوڻي
دؤر جي آهي. ڪٿي ڪٿي سادگي ۾ وڏي پرڪاري نظر اچي ٿي. ننڍن بحرن ۽ سادن لفظن ۾ اهڙو
پختو ۽ اثرائتو شعر چيل آهي جو ماڻهُو ڀانئي ٿو ته ڳائڻ وارو هجي جو انهي کي ڳائڻ
جو حق ادا ڪري:
ڪريان توتان سڄڻ آءٌ
سر فدا ڇا؟
محبت جو ڪو حق ادا ٿيندو
ڇا؟
وڇوڙو جنھن ڏنو دلبر
جو تنھن کي،
زماني جو ڪندو جورو
وفا ڇا؟
ٿي بندو ڪيئن سڏيان
خود کي خدا آءٌ؟
خدا کان پر سگهان ٿو
ٿي جدا ڇا؟
قليچ آهي جي رب مالڪ
دلين جو،
ته پوءِ رب کان
گهران دل سان دعا ڇا؟
۽ هي دل ڇيھون
ڇيھون ڪندڙ غزل پڙهي ڪھڙو دل وارو پنھنجي دل ۾ درد محسوس نه ڪندو!؟
سڄڻ کي اي صبا! ڪا
سار منهنجي رات هئي يا نه؟
حبيبن کي هلڻ جي
چوپچو پرڀات هئي يا نه؟
ورهيه گذريا وڃي ويٺو،
وساري درد مندن کي،
ڪنهين پر تنھن کي، ڪا
وائي ورڻ جي وات هئي يا نه؟
ڪيئن ٿي ڳالھ ڪا
منھنجي، پڇين ٿي حال هيڻي ڇو؟
ڪنهين دم لعل جي لب
تي برھ جي بات هئي يا نه؟
اسان کي هن جي سڪ
هر دم ۽ هن جو ڌيان راتو ڏينھن،
ڪڏهن ڪا هڪ گهڙي هن
کي اسان جي تات هئي يا نه؟
گويون مارن ڏي ٿي
کنوڻيون، هئا سارنگ جا سھيا،
ڦلاريا ڦوڳ ٿي ٿاڌل
اٺي برسات هئي يا نه؟
نه لوڙهج دل قليچ
آخر پرين توکي ڪندا پنھنجو،
قبولي ڄام ڄامن ڪا،
ڪني ڪم ذات هئي يا نه؟
ڊپ يا دلاسو ڏي نه
من کي هُن جھان جو،
واعظ! آءٌ واقف
آهيان حديث ۽ قرآن جو.
هڪ لحظو هت گذاريان
جو صحبت ۾ يار جي،
مٽ ٿيو اَبد ۽ حورو
قصور ۽ جنان جو.
پنھنجي والد ۽ ناني
کي خراج ادب ۽ محبت پيش ڪرڻ جو هي انوکو نمونو ڏسجي ٿو:
دلبر جو آهيان نوڪر
روزانا چمي هڪ ڏي،
ماهانو هجي اهڙو
ساليانو هجي اهڙو
هر ڪوئي قليچ آخر
خسرو ۽ فريدون ٿئي،
جي بابو هجي اهڙو ۽
نانو هجي اهڙو.
هيٺيون غزل بظاهر ته
رڳو هڪڙو نھايت دلچسپ ۽ پراثر ڪلام آهي، پر ان ۾ جيڪو بُنِيادي فلسوفي جو سوال سمايل
آهي، اهو اهلِ نظر لاءِ غور طلب آهي:
مونکي ميخوار ڪيو، ڪنھن
ڪيو؟ دلدار ڪيو،
مست سرشار ڪيو، ڪنھن
ڪيو؟ دلدار ڪيو،
زهد و تقويٰ ۾ آءٌ
هوس نه صنعان کان ڪم،
ڪفر ۾ تار ڪيو، ڪنھن
ڪيو؟ دلدار ڪيو.
تنگ ناموس ڪيو،
نينھن سڄڻ جي برباد،
خلق ۾ خوار ڪيو، ڪنھن
ڪيو؟ دلدار ڪيو.
ڪالھ هس خاڪ ۾ آءٌ
خار ۽ حس کان به ذليل،
اڄ ڳلي هار ڪيو، ڪنھن
ڪيو؟ دلدار ڪيو.
دل جيئن دردوندن،
برھ جي بيمارن جو،
مون کي مھندار ڪيو،
ڪنھن ڪيو؟ دلدار ڪيو.
جو ملائڪ هو مقرب،
سو ڦري ٿي ابليس،
نور مان نار ڪيو، ڪنھن
ڪيو؟ دلدار ڪيو.
ڏس! ته منصور کي، ڪيئن
عذر اناالحق جو ڪري،
برسردار ڪيو، ڪنھن ڪيو؟
دلدار ڪيو.
خوف عقبيٰ جا ڏيئي،
مون کي منجهايو هو مُلن،
هاڻ سب ڪار ڪيو، ڪنھن
ڪيو؟ دلدار ڪيو.
هُئي مٺي ماٺ، مگر
مون کي گدا سان ڏسي گڏ،
گرم گفتار ڪيو، ڪنھن
ڪيو؟ دلدار ڪيو.
طبع منهنجي کي ته
سانگي سندي سنگت ۾ قليچ،
تيز رفتار ڪيو، ڪنھن
ڪيو؟ دلدار ڪيو.
توبھ تائب ٿيڻ ۽ ڌڻي
کي ٻاڏائڻ بابت گهڻو شعر آهي، پر هيٺين شعر ۽ ان جي خلوص تي غور ڪجي ۽ ڏسجي ته ان
۾ ڪيڏي نه دل جي گھرائي ۽ ڪھڙي نه دلڪش ٻوليءَ سان توبھ ڪيل آهي:
ڀري گناهن جي سر تي
ڀاري، الاهي توبھ الاهي توبھ
ڪمن کان پنهنجي ٿي
شرمساري، الاهي توبھ الاهي توبھ.
خطا مڪر ۽ فريب ڪاري،
غرور بغل ۽ دغا شعاري،
انهن سڀن ۾ وئي عمر
ساري، الاهي توبھ الاهي توبھ.
نه ڪيم غريبن جي
پاسداري، نه ڪيم يتيمن تي غم گساري،
ٻڌيم نه مفلس جي آھ
و زاري، الاهي توبھ الاهي توبھ.
هي محبوب جي ساراھ
۾ قصيدو آهي، ان جي ٻولي تي غور ڪيو ۽ انداز ڏسبو ته هي روائتي محبوب جي ساراھ جو
قصيدو نه آهي:
منھنجو محبوب ماھ پارو
آهي،
سج اڳيان جنهن جو
شرم وارو آهي.
ساھ منھنجو ته آهي
ملڪ سندس،
مليو مون کي فقط اڌارو
آهي.
عشق ۾ جيڪو يار! ڪوڙ
ڪري،
مُنھن تنھن جو
سدائين ڪارو آهي.
عابدن عالمن کان
منجھ ميزان،
عاشقن جو ڳرو
تُرارو آهي.
ليليٰ مجنون جو وقت
ويو گذري،
هاڻ سڄڻ جو ۽
منھنجو وارو آهي.
هي قصيدو نه آهي جھڙو
تھڙو،
جڳ ۾ هي نينھن جو
نغارو آهي.
ٿو قسم سان قليچ ئي
هردم،
ساھ کان وڌ پرين
پيارو آهي.
هڪڙو زبردست غزل
آهي، جنھن جو عنوان آهي
“سھڻا صوفي”.
هن قسم جي ماڻهن کي هن قسم جو خراج عقيدت انهن سادن سھڻن لفظن ۾ تمام گهٽ مليو
هوندو:
لڪا ڀڻن ٿا جي،
عالم سندي پناھ اهي،
رلين، ڀلين ۽ ٻوجهن
دلهن جي راھ اهي.
جي فرقه پوس نماڻا ٿا
ڪوٺجن درويش،
ڏسڻ ۾ گرچه سدا
ساري جڳ جا شاھ اهي.
ڪنھن جلال سان ۽
پوءِ جمال سان جيارين،
وئي ٿو ظلم سندن ڪن
فقط نگاھ اهي.
فلڪ اتي حسن جي چمڪن
ٿا، گر هجن ٿا ڪين،
مٿي چڙهن ٿا لهن ٿا
ڪين، هر ماھ هي.
۽ ان شعر تي
غور ٿيڻ کپي، ڏسو ته ان ۾ ڪيڏي خوبصورتي آهي:
نه ڊڄ مرڻ کان اي
دل! ساهھ ڪر مٿن صدقو،
ڪڍن ٿا جي ته وجهن
پڻ ٿا موٽي ساھ اُهي.
قليچ اڪثر پنھنجو ڏک
نه اوريندو آهي ۽ سدائين ثابت قدمي استقامت، بھادري ۽ زماني کي منھن ڏيڻ جي نصيحت ڪندو
آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهُو جو اندر کليو پوي ۽ ان مان ڏسجي ٿو ته هن جي دل به زخمن
کان آجي نه هئي چئي ٿو:
حياتي پئي اچي گردن
تي ڳن ڏيڻ گهرجي،
نه وس هلي ٿو ڪو،
لاچار ٿيو جيئڻ گهرجي.
نه آهيان خضر آءٌ ۽
عمر ناهي آب حيات،
هي زهر آهي، جو
سقراط ٿي پيئڻ گهرجي.
فلڪ ٿو راند آسمان
سان ڪري کڻي چؤگان،
هي گوءِ مرد ٿي،
ميدان مان نيڻ گهرجي.
قليچ قيد ۾ رهڻو ٿيو
پکي وانگي،
پوڻ کان پڃري ۾ هٿ
جو هريل ٿيڻ گهرجي.
*
جنھن کي عشق جو تير
ڪاري لڳي
جيئڻ تنھن کي هن جڳ
۾ باري لڳي.
نه ايندو ڪڏهن تنھن
کي دل ۾ قرار،
جنھن کي ياد جاني
سان ياري لڳي.
محبت مرڻ تائين سو ڪيئن
ڇڏي،
جنين عشق جي
بيقراري لڳي.
کلي تن سان ڳالهائي
جڏهن قليچ،
رقيبن جي دل ۾ ڪٽاري
لڳي.
*
دل سڄڻ کي سدائين
ساري ٿي،
ساھ جان تنھن کي نت
سنڀاري ٿي.
انتظار ۾ دوست،
دلبر جي،
وصل جون واٽڙون
نھاري ٿي.
پنھنجي پياري جا نت
پچائي خيال،
پرهھ جي باھ پاڻ ٻاري
ٿي.
مھر مان هاڻ موٽ
منھنجي گهر،
تنھنجي جانب! جدائي
ماري ٿي.
دل ويچاري قرب لاءِ
قليچ،|
عمر گوندر ۾ ڏس!
گذاري ٿي.
يار کي منٿ:
عاشقن کي به ته اي
يار! ڪڏهن ياد ڪجي،
دل ناشاد کي ڪو دم
ته سڄڻ شاد ڪجي.
عمر وئي گذري جدائي
جي جفا ۾ جاني!
هاڻ پڇاڙي ۾ ڀلا
وصل جي امداد ڪجي.
طرز سانگي جي تي
تولاءِ غزل جوڙيو قليچ،
هي ته حاضر آهي هاڻ
ٻيو به ڪو ارشاد ڪجي.
هي مخصوص کل ڀوڳ جھڙي
اردو نظم اڄڪلھ ڪٿي ڇپيل نظر نٿي اچي، مون اها گهڻو وقت اڳي اسڪول جي زماني ۾ قليچ
جي مجموعي ۾ پڙهي هئي:
دیکھو دیکھو ناز و ادا سے، پیاری میڈم آتی هے،
دور سے اپنا هینڈ اٹھا کر، مجھ کو ادھر بلاتی هے،
جب میں سئڈا اور سائلینٹ بیٹھوں، سائیڈ میں اپنے بٹھاتی هے،
تھاؤزنڈ کسز دیکر مجھ کو، دل میرا بهلاتی هے۔
(روزاني ڪاوش
۶ جولاءِ ۱۹۹۳ع)
مرزا قليچ بيگ
عالمن جو آفتاب - ۴ آڪٽوبر تي جنم ڏينهن جي
مناسبت سان
صدام جوکيو
اهڙا انسان املھ
موتين جهڙا هوندا آهن، جيڪي پنهنجي محنتن سان سماجي سڌاري، شعور، علم، سوچ، فڪر ۽
جاڳرتا جا ڏس ڏيندا آهن ۽ هر دور مٿان پنهنجي ذهني صلاحيتن، علمي لياقتن ۽ تحريري
قابليتن جي اهڙي ڇاپ ڇڏيندا آهن، جو صدين تائين پيا ساراهبا آهن ۽ ياد ڪيا ويندا
آهن ۽ اهڙن انسانن جي ڪم ۽ عمل منجهان لکين لاڀ حاصل ٿيندا آهن. تاريخ جي تحريرن ۾
اُهي ئي محفوظ رهي سگهندا آهن، جيڪي پنهنجي جهد جفا سان سماجي سڌاري، ترقي ۽ اصلاح
لاءِ اڻٿڪ ڪوششن ۾ جُٽيل رهندا آهن ۽ پنهنجي علمي، ادبي ۽ اخلاقي خدمتن ذريعي
ماڻهن جي ذهني غربت لاءِ روزگار جو بندوبست ڪندا آهن ۽ پوءِ اهڙا سچيت، سڄاڻ ۽
عظيم انسان تاريخ جي ورقن ۾ ستارن جيان سدائين چمڪندا رهندا آهن. اُهي وقت جي لپيٽ
۾ ڪڏهن به ناهن لَٽجندا. اهڙي ئي عالمن جي آفتاب شمس العُلماءُ مرزا قليچ بيگ جي
اڄ ۹۱هين ورسي جو ڏينهن آهي. مرزا قليچ بيگ ۴ آڪٽوبر ۱۸۵۳ع تي حيدرآباد جي علائقي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ جنم
ورتو ۽ ۳ جولاءِ ۱۹۲۹ع تي وفات ڪيائين. سندس والد جو نالو مرزا فريدون بيگ هو، مرزا قليچ جا وڏا
اصل ايران جي شهر جارجيا جا رهاڪو هئا، جتان پوءِ لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺا، مرزا صاحب
ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مدرسي ۾ آخوند محمد شفيع وٽ حاصل ڪئي ۽ حيدرآباد مان ميٽرڪ
جو امتحان پاس ڪري، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخل
ٿيو. اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ روينيو کاتي ۾ مختيارڪار مقرر ٿيو، جتان پوءِ
ترقي ڪري ڊپٽي ڪليڪٽري جي عهدي تي پهتو ۽ ۱۹۰۹ع ۾ رٽائر ٿيو. شمس العُلماءُ مرزا قليچ بيگ هڪ گهڻ رخي
شخصيت جو مالڪ هو. جيئن ڪجھ فرد ادارا ٺاهيندا آهن ۽ ڪجھ فرد خود ادارا بڻجي ويندا
آهن ۽ مرزا قليچ صاحب هڪ ادارو بڻجي ڏيکاريو، سندس قابلِ فخر علمي خدمتن ۽ جدوجهد
جو اهو نتيجو نڪتو آهي جو اڄ سندس نالي پٺيان ادارا قائم آهن ۽ هر طرح جي علمي
شعبن ۾ سندس تحريرون پڙهيون ۽ پڙهايون وڃن ٿيون. مرزا صاحب گهڻن ئي موضوعن تي قلم
کنيو آهي، جن ۾ تاريخ، سماجيات، فلسفو، نفسيات، مذهب، سائنس، تهذيب، ثقافت شامل
آهن، ان کان علاوه هن سنڌي ادب، گرامر ۽ سنڌي ٻولي لاءِ پڻ ڀرپور خدمون سرانجام
ڏنيون آهن، کيس سنڌي ادب ۾ نثر جو اَبو ڪوٺيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن نثر جي ڪيترين
ئي صنفن جو بنياد رکيو آهي، هن سنڌي ادب ۾ پهريون سنڌي ڊرامو يا ناٽڪ “ليليٰ
مجنون” ۱۸۸۰ع ۾ ترجمو ڪري هن صنف جو بنياد رکيو، پهرين آتم ڪٿا يا ڪهاڻي “سائو پن يا
ڪارو پنو” ۱۹۲۳ع ۾ لکي پوري ڪيائين، پهريون طبعزاد ناول “دُلارام” ۱۸۸۸ع ۾ لکيائين، پهريون مضمونن جو مجموعو
“مقالات الحڪمت” ۱۸۷۹ع ۾ ترجمو ڪيو، پهريون سفرنامو “ڏاڙهياري جبل جو سير” ۱۸۸۵ع ۾ لکيائين، پهريون سنڌي افسانو “شريف
بيگم” ۱۹۱۴ع ۾ لکيائين، اهڙي طرح گهڻي حصي نثري صنفن جي شروعات مرزا صاحب کان ٿي آهي،
اُن کان علاوه ٻين به سڀني صنفن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي اٿس، مرزا قليچ نثر سان
گڏوگڏ نظم تي به خوب ڪم ڪيو، سندس شاعريءَ ۾ جتي زبان ۽ بيان جون خوبيون سمايل
آهن، اُتي تصوف جو رنگ به غالب نظر اچي ٿو، اُهو ئي جيءَ سان جهيڙو، پاڻ سڃاڻڻ تي
زور، اخلاق ۽ سچائيءَ جي ڳالھ، مت ڀيد کان نفرت، انسان ۽ انسانيت جي تلاش، مرزا
صاحب ادب ۾ سماجي اصلاح ڏانهن گهڻو رخ رکيو آهي، مرزا صاحب جي ڪتابن جو تعداد ۴۸۰ کان به وڌيڪ ٿيندو، کيس تقريبن ۱۰ ٻولين تي مهارت حاصل هئي، سندس علم ۽ ادب
لاءِ اڻٿڪ ڪوششون ڏسي ۱۹۰۶ع ۾ “قيصر هند” چانديءَ جو تغمو ڏنو ويو، ۱۹۱۰ع ۾ هندستان جي وائسراءِ طرفان سندس خدمتن
جي اعتراف ۾ “سرٽيفڪيٽ آف ميرٽ” مليو، ۱۹۲۴ع ۾ کيس سرڪار جي طرفان “شمس العلماءُ” جو خطاب عطا ڪيو
ويو.
مرزا صاحب جي پرک
جيڪڏهن هڪ مترجم جي حيثيت سان ڪبي ته سندس ترجمو ڪيل مواد به جهجهي تعداد ۾ آهي ۽
سندس ترجمن جي اهم خوبي اِها آهي، جو سندس ترجمان ڪيل، ترجمو گهٽ اصلوڪا وڌيڪ
محسوس ٿين ٿا، مرزا صاحب جي زندگي جو وڏو حصو علم ۽ ڄاڻ کي حاصل ڪرڻ ۽ ماڻهن کي
علم جي روشن راھ ڏانهن متوجھ ڪرائيندي گذريو، مرزا قليچ کي سماج جي سڌاري، ترقي ۽
اصلاح جو وڏو اونو هوندو هو، اِن ڪري ئي ته سندس تحريرن جا رخ گهڻي قدر ماڻهن کي
شعور طرف وٺي هلڻ واري راھ هموار ڪندڙ آهن، جن جو اندازو سندس ڪتابن جي موضوعن مان
لڳائي سگهجي ٿو، سندس لکڻين جا موضوع سماج جي اڍنگين رسمن، عورت ۽ مرد جي تعليم،
سرڪاري ڪامورن جي ڏاڍ ۽ خود غرضي، وڏيرن جي ظلم ۽ بي واجبين بابت به آهن ته ماڻهن
جو محنت، جدوجهد ۽ حق حلال جي روزي ڪمائڻ، ايمانداريءَ سان زندگي گذارڻ ڏانهن به
توجھ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس، عورتن جي حقن ۽ ذميدارين کي به سامهون آندو اٿس، اهڙي
طرح مرزا صاحب تقريبن هر ننڍي وڏي موضوع تي لکيو آهي، شمس العُلماءُ مرزا قليچ بيگ
هڪ باصلاحيت ۽ غير معمولي ذهانت جو مالڪ هو. سندس تحريرن مان اڄ به هر ننڍي وڏي کي
فائدو ٿي رهيو آهي ۽ ايندڙ نسلن کي به وڏو فائدو رسندو، سندس ڪيتريون ئي تحريرن
ڇپجي چڪيون آهن ۽ ٻين تي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ قائم مرزا قليچ چيئر طرفان
تيزيءَ سان ڪم ٿي رهيو آهي. مرزا قليچ بيگ جي لکيل سڀني ڪتابن جي مختصر احوال تي
مبني هڪ ڪتاب پڻ اچي چڪو آهي، جنهن ۾ سندس سمورن ڪتابن جو تعارف موجود آهي. مرزا
صاحب ان دور ۾ لکيو جنهن دور ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ سهولتون تمام گهٽ هيون، اڄ جي اهڙي
دور ۾ جتي هر طرح جون سهولتون موجود آهن پر پوءِ به اڄ تائين ڪو به شخص مرزا قليچ
بيگ جيان تمام گهڻن مختلف موضوعن تي، ايتري تعداد ۾ تصنيفات لکي ناهي سگهيو. مرزا
قليچ جي شخصيت تي جيترو ناز ڪجي اهو گهٽ آهي، اميد ته نئون نسل مرزا صاحب جي
تحريرن کي وڌ کان وڌ پڙهندو، سمجهندو ۽ فائدو حاصل ڪندو.
(ڏھاڙي عبرت
حيدرآباد، آچر ۰۴ آڪٽوبر، ۲۹۲۹ع تي ڇپيل)
شمس العلماءُ مرزا قليچ
بيگ
سندس ڪتابن جي فھرست
۱. آزار مان آرام، ۱۹۱۳ع.
۲. احوال شاھ عبداللطيف جو ۱۹۰۵ع، ۱۹۱۱ع، ۱۹۷۲ع.
۳. اخلاق صوفيہ----؟
۴. اخلاق قرآن و حديث ۱۹۱۵ع
۵. اخلاق معصومين----؟
۶. استاد جي قدمن ۾----؟
۷. اسرار حڪمت----؟
۸ . اسرار جو خزانو، ست واديون ۽ چار واديون- (ٻيو دفعو) ۱۹۲۹ع
۹. اسلام جا ٽيهتر فرقا ۱۹۵۳ع
۱۰. اسلام ۾ تصويرون جائز يا ناجائز- -؟
۱۱. اسلام ۾ علم جي ڳولا----؟
۱۲. اسلام بموجب اصول ٿياسافي----؟
۱۳. اسلامي پهريون ڪتاب (سنڌي) ۱۹۰۴ع، ۱۹۲۱ع، ۱۹۲۳ع، ۱۹۲۸ع
۱۴. اسلامي ٻيون ڪتاب (مرزا قليچ بيگ)، (سنڌي) ۱۹۰۴ع، ۱۹۲۱، ۱۹۲۲ع، ۱۹۲۸ع
۱۵. اسلامي ٽيون ڪتاب، (سنڌي) ۱۹۰۶ع، ۱۹۲۱ع، ۱۹۲۳ع، ۱۹۲۸ع
۱۶. اسلامي ٽيون ڪتاب، (سنڌي) ۱۹۰۶ع، ۱۹۱۴ع، ۱۹۲۱ع، ۱۹۲۸ع
۱۷ . اسلامي پنجون ڪتاب، (سنڌي) ۱۹۱۴ع
۱۸. اسلامي تحفو ۱۹۱۶ع
۱۹. اسلامي تعليم نامو ۱۹۵۲ع
۲۰. اسلامي رسالو----؟
۲۱. اشعار القرآن----؟
۲۲. اصلاح نامہ ۱۹۲۲ع
۲۳. اصول شرح محمدي ۱۹۱۶ع
۲۴. الاهي الھام----؟
۲۵. الحيات بعد الممات ۱۹۵۶ع
۲۶ . امام غزالي ۱۹۲۶ع
۲۷. املھ ماڻڪ ۱۹۲۰ع، ۱۹۶۸ع
۲۸. اميد شاھ ۽ شرب ديو ۱۹۱۵ع
۲۹. انجيل يا نئون عهدنامو----؟
۳۰. انسان جا محافظ ۱۹۵۲ع
۳۱. انساني سڌاري جي شروعات ۱۹۵۶ع
۳۲. انشائي تعليمي خط ۽ مشقون (جلد پھريون)، ۱۹۱۶ع
۳۳. انشائي تعليمي خط ۽ مشقون (جلد ٻيون)، ۱۹۱۶ع
۳۴. انشائي تعليمي خط ۽ مشقون (جلد ٽيون)، ۱۹۱۶ع
۳۵. انڪوائري آفيسر ۱۸۹۷ع، ۱۹۱۶ع، ۱۹۶۶ع، ۱۹۷۳ع
۳۶. انگي حساب ٻاراڻي ۽ پهرين لاءِ ۱۹۲۷ع، ۱۹۳۲ع
۳۷. انگي حساب ٻئي درجي لاءِ ۱۹۲۷ع، ۱۹۳۲ع
۳۸. انگي حساب ٽئين درجي لاءِ ۱۹۲۷ع، ۱۹۳۲ع
۳۹. انگي حساب چوٿين درجي لاءِ ۱۹۲۷ع، ۱۹۳۲ع
۴۰. انگي حساب پنجين درجي لاءِ ۱۹۲۷ع، ۱۹۳۲ع
۴۱. ايرڪ ۱۹۱۹ع، ۱۹۶۱ع
۴۲.ايمرسن جا علمي ۽ عقلي نقطا ۱۹۱۵ع، ۱۹۲۲ع
۴۳.ايندڙ زمانو ۱۹۲۱ع
۴۴.ايها الولد سنڌي ۱۹۵۶ع
۴۵.با بادل ۱۹۱۴ع
۴۶.باغ ۽ باغباني ۱۹۰۰ع، ۱۹۶۰ع
۴۷.بدر منير ۱۹۲۷ع
۴۸.برٽش شھنشاهت جي مختصر تاريخ ۱۹۱۶ع
۴۹.بھائي تعليم ۱۹۲۳ع
۵۰. بھرام گور ۱۹۰۰ع ۽ (۱۹۶۱ع ۾ شھزادو بھرام.)
۵۱.ٻہ ڀيڻون ۱۹۱۸ع
۵۲. ٻہ جاڙا ڀائر ۽ ڀاءُ ڀيڻ ۱۹۲۶ع ۱۹۶۰، ۱۹۷۴
۵۳.ٻہ ننڍڙا انسان ۱۹۱۵ع، ۱۹۶۰ع
۵۴.ٻاراڻي تعليم ۱۹۱۷ع
۵۵.ٻارن جي پالڻ جو طب ۱۹۱۰ع
۵۶.ٻاراڻا گل ڦل ۱۹۳۶ع
۵۷.ٻڌو ۽ ڏسو ۱۹۲۸ع
۵۸.پارسي زبان جي شعر جي تاريخ ۱۸۹۷ع، ۱۹۰۰ع، ۱۹۱۶ع
۵۹.پائي وائي پائي وزو-؟ ۱۹۶۴ع
۶۰.پٽيل اکيون پوريل اکيون ۱۹۶۴ع
۶۱. پرهيز نامو ۱۹۱۸ع
۶۲. پھاڪن جي حڪمت ۱۹۲۵ع
۶۳. پکي (باتصوير) ۱۸۹۸، ۱۹۱۴ع، ۱۹۲۲ع
۶۴.ڀاڄين جا طعام ۱۹۲۶ع
۶۵. تحفہ اسماعيليہ ۱۹۲۲ع
۶۶. تحفہ اماميہ ڀاڱو پھريون، ۱۹۲۹ع، ۱۹۵۳ع
۶۷. تحفہ اماميہ ڀاڱو ٻيون، ۱۹۳۵ع، ۱۹۵۳ع
۶۸.تحفة السالڪين ۱۹۵۳ع
۶۹. تحفة السنوان ۱۹۱۳ع، ۱۹۵۸ع
۷۰. تصوف: حقيقت ۽ تاريخي احوال ۱۹۲۲ع
۷۱.تعليم حڪمت ڀاڱو پھريون، ۱۸۹۱ع، ۱۹۰۱ع
۷۲.تعليم حڪمت ڀاڱو ٻيون، ۱۸۹۱ع، ۱۹۰۱ع
۷۳. تعليم حڪمت ڀاڱو ٽيون، ۱۸۹۱ع، ۱۹۰۱ع
۷۴. تعليم صحت ۱۹۳۵ع
۷۵.تقريرون ۽ تحريرون ۱۹۷۰ع
۷۶.توريت يا قديم عهدنامو-؟
۷۷.تھذيب الاخلاق ۱۹۱۳ع، ۱۹۴۳ع، ۱۹۵۴ع
۷۸. ٽي ديو يا راڪاس ۱۹۵۹ع
۷۹. ٽي گهر، ڀاڱو-پھريون، ۱۹۱۳ع، ۱۹۵۹ع
۸۰.ٽي گهر، ڀاڱو-ٻيون، ۱۹۱۳ع، ۱۹۵۹ع
۸۱.ثابت علي شاھ شاعر جو احوال-؟
۸۲. ٿياسافي: حقيقت ۽ اصول ۱۹۱۲ع
۸۳.حاجتمنديءَ مان طاقتمندي ۱۹۱۶ع،
۱۹۲۹ع
۸۴.حاجي بابا اصفھاني ۱۹۱۴ع، ۱۹۶۱ع
۸۵.حالات الاوليا ۱۹۱۰ع، ۱۹۵۶ع
۸۶.حالات نبوي ۱۹۳۷ع
۸۷. حرڪت مان برڪت ۱۹۱۴ع
۸۸. حسنا ۽ دلدار ۱۸۹۷ع، ۱۹۶۰ع
۸۹.حشرات الارض (باتصوير) ۱۸۹۷ع، ۱۹۷۶ع
۹۰.حضرت سليمان عليہ السلام ۱۹۵۵ع
۹۱. حقائق الارواح ۱۹۰۶ع
۹۲.حيوان تعريف ۽ رحم جا لائق ۱۹۲۷ع
۹۳.جانور (باتصوير) ۱۹۰۱ع، ۱۹۱۰ع
۹۴. جنگ نامو ۱۹۱۶ع
۹۵. جوانيءَ جو اڪسير ۱۹۱۵ع
۹۶جواهر الاخلاق ۱۹۱۵ع
۹۷.جواهر الانسان ۱۹۲۶ع
۹۸. جولئن ھوم جي آکاڻي ۱۹۶۱ع
۹۹. جهڙو خيال تهڙو حال----؟
۱۰۰.چار انجيل ۱۹۱۶ع
۱۰۱. چچنامو ۱۹۲۳ع
۱۰۲. چڱي خيال جي ڪراست ڀاڱو پهريون ۱۹۵۳ع
۱۰۳. چندن هار ڀاڱو (۱)، ۱۹۱۶ع، (۱۹۵۹ع ۾ ٻئي ڀاڱا گڏ)
۱۰۴. چيستانا ۱۹۵۲ع
۱۰۵.ڇو ۽ ڇا ۱۹۱۵ع، ۱۹۵۵
۱۰۶.ڇوٽڪارو ۱۹۵۹ع
۱۰۷. ڇوڪرين لاءِ پهريون ڪتاب ۱۹۱۹ع
۱۰۸. ڇوڪرين لاءِ ٻيو ڪتاب ۱۹۱۹ع
۱۰۹.ڇوڪرين لاءِ ٽيون ڪتاب ۱۹۱۹ع
۱۱۰. ڇوڪرين لاءِ چوٿون ڪتاب ۱۹۱۹ع
۱۱۱. ڇوڪرين لاءِ پنجون ڪتاب ۱۹۱۹ع
۱۱۲. ڇوڪرين لاءِ ڇهون ڪتاب ۱۹۱۹ع
۱۱۳. ڇوڪرين لاءِ ستون ڪتاب ۱۹۱۹ع
۱۱۴. خانبهادر ميان حسن علي آفنديءَ جي سوانح عمري ۱۹۲۵ع
۱۱۵. خدا شناسي----؟
۱۱۶. خطبئه قليچ ۱۹۳۷ع
۱۱۷. خواب ۽ تعبير۱۹۲۴ع
۱۱۸. خود ياوري ۱۹۰۴ع، ۱۹۵۸
۱۱۹. خورشيد ۱۸۹۱ع، ۱۹۵۷ع، ۱۹۳۵ع
۱۲۰. دل جو آرام ۽ عجيب دوا ۱۹۱۶ع
۱۲۱. دلارام ۱۸۸۸، ۱۹۰۴ع، ۱۹۵۸ع
۱۲۲. دلپسند قصا جلد پھريون، ۱۸۹۳ع، ۱۹۵۸ع
۱۲۳. دلپسند قصا جلد ٻيون ۱۸۹۳ع، ۱۹۵۹ع
۱۲۴. دلپسند لطيفا ڀاڱو (۱) ۱۸۹۳ع، ۱۹۵۹ع
۱۲۵. دلپسند قصا ڀاڱو (۲) ۱۸۹۳ع، ۱۹۵۹ع
۱۲۶. دل وندرائيندڙ ڳالهيون----؟
۱۲۷. دنيا جي مختصر تاريخ ۱۹۳۵ع
۱۲۸. ديوان فاضل ۱۹۲۸ع
۱۲۹.ديوان قاسم۱۹۳۶ع
۱۳۰. ديوان قليچ، جلد پھريون، ۱۹۵۶ع
۱۳۱. ذبح عظيم ۱۹۳۳ع
۱۳۲. ڏاڙهياري جبل جو سير ۱۹۰۰ع
۱۳۳.ڏکن مان سک ۱۹۱۶ع
۱۳۴. ڏوهن جي قبولداري ۱۹۱۸۹ع
۱۳۵.ڏنگي زال کي سڌو ڪرڻ----؟
۱۳۶. رابنسن ڪروسو ۱۹۲۴ع
۱۳۷. راحيل ۱۹۱۴ع
۱۳۸. راه نجات ۱۸۸۹ع، ۱۹۱۶ع
۱۳۹. رباعيات عمر خيام ۱۹۰۵ع
۱۴۰. رجب پاشا ۱۹۱۵ع
۱۴۱. رد تثليث ۱۹۱۶ع
۱۴۲.رساله ڪريمي ۱۹۰۴ع
۱۴۳.رستم ۱۸۱۹ع، (۱۹۲۸ع ۾ چوٿون دفعو ۱۹۶۳ع، ۱۹۷۱ع، ۱۹۷۴ع
۱۴۴. رعيت نامو ۱۹۱۶ع
۱۴۵.روحاني تعليم ۱۹۱۰ع
۱۴۶.روشنائي نامہ----؟
۱۴۷. رائفلس ۱۹۱۷ع
۱۴۸.رياست خيرپور: اُن جو اڳوڻو ۽ هاڻوڪو تاريخي ۽ ملڪي احوال ۱۹۲۴ع
۱۴۹. زاد آخرت ۱۹۰۶ع
۱۵۰. زالن جا فرض ۱۹۱۹ع
۱۵۱. زالن جا ويم جو طب----؟
۱۵۲.زباني يا دل جا حساب ۱۹۳۵ع
۱۵۳. زبور نثر ۾ ۱۹۱۶ع، ۱۹۱۹ع
۱۵۴. زبور يا گيتن جو پهريون ڪتاب ۱۹۲۱ع
۱۵۵. زبور يا گيتن جو ٻيون ڪتاب ۱۹۲۱ع
۱۵۶زبور يا گيتن جو ٽيون ڪتاب ۱۹۲۱ع
۱۵۷. زبور يا گيتن جو چوٿون ڪتاب ۱۹۲۱ع
۱۵۸. زمين پوکڻ جو علم ۽ ھنر ۱۸۹۹ع
۱۵۹. زميندارن لاءِ صلاح ۱۹۲۲ع
۱۶۰. زباني تعليم ۱۹۵۲ع
۱۶۱. زنوبيه ۱۹۱۴ع
۱۶۲.زينت (ناول) ۱۸۹۴ع ۱۹۵۸ع، ۱۹۷۰ع ۱۹۷۳ع، ۱۹۷۶ع، ۱۹۸۴ع
۱۶۳. زيب النساء بيگم(ڪتاب) ۱۹۵۳ع
۱۶۴. سائو پن يا ڪارو پنو ۱۹۶۵ع ۱۹۸۸ع
۱۶۵. ست واديون يا منزلون ۱۹۱۶ع
۱۶۶. ستن شهزادن جي آکاڻي----؟
۱۶۷. سچو سک يا سچي خوشي جو ڳجهه ۱۹۲۳ع
۱۶۸. سچي محبت ۱۹۱۵ع، ۱۹۵۹ع
۱۶۹. سر سريراڳ ۱۹۱۶ع
۱۷۰.سرسري ناٽڪ جمشيد ۽ حميده ۱۹۱۳ع
۱۷۱. سرسري ناٽڪ جمشيد ۽ حميده (ضميمو) ۱۹۱۳ع
۱۷۲. سر سسئي شرح سان ۱۹۱۶ع
۱۷۳. سر سهڻي شرح سان ۱۹۱۲ع
۱۷۴.سليس صرف و نحو مُلن جي مڪتبن لاءِ ۱۹۲۰ع
۱۷۵.سندر وديا ۱۹۱۵ع
۱۷۶.سندباد جهازي----؟
۱۷۷.سنڌ جو هڪڙو قديم صوفي اوليا----؟
۱۷۸. سنڌ جي تاريخ ۱۹۰۳ع
۱۷۹. سنڌ جي تاريخ جون ڳالهيون ۱۹۱۶ع
۱۸۰. سنڌ جي مختصر تاريخ سبقن ۾ ۱۹۱۷ع ۱۹۱۸ع، ۱۹۲۰ع ۱۹۲۴ع
۱۸۱. سنڌ جي مختصر تاريخ ڳالهين ۾ (تصويرن سان)
۱۸۲.سنڌ جي مختصر جاگرافي ڳالهين ۽ لفظن ۾۱۹۲۲ع
۱۸۳. سنڌي زبان جي تاريخ----؟
۱۸۴. سنڌي شعر جي قديم حالت ۽ پوءِ جو سڌارو ۱۹۱۴ع
۱۸۵. سنڌي علم نحو ۱۹۱۶ع، ۱۹۲۱ع
۱۸۶.سنڌي گرامر وڏو ۱۹۳۵ع
۱۸۷. سنڌي مرثيا ڀاڱو-۲، ۱۹۲۷ع
۱۸۸. سنڌي مرثيا ڀاڱو-۳، ۱۹۲۷ع
۱۸۹. سنڌي مرثيا ڀاڱو-۴، ۱۹۲۷ع
۱۹۰. سنڌي مرثيا ڀاڱو-۵، ۱۹۲۷ع
۱۹۱. سنڌي لٽريچر ۱۹۱۶ع
۱۹۲. سنڌي لغات قديمي ۱۹۲۴ع
۱۹۳. سنڌي ويا ڪرڻ ڀاڱو-۱، ۱۹۶۰ع
۱۹۴. سنڌي ويا ڪرڻ ڀاڱو-۲، ۱۹۶۰ع
۱۹۵. سنڌي ويا ڪرڻ ڀاڱو-۳، ۱۹۶۰ع
۱۹۶.سنڌي ويا ڪرڻ ڀاڱو-۴، ۱۹۶۰ع
۱۹۷. سودائي خام) ۱۹۰۰ع، ۱۹۱۰ع
۱۹۸. سوانح عمري ۱۹۲۰ع
۱۹۹. سونو گڏهه----؟
۲۰۰. شئنڊ فرڊ ۽ مرٽن ۱۹۱۳ع، ۱۹۱۶ع، ۱۹۲۲ع
۲۰۱.سيرت النبي ﷺ ۱۹۱۶ع
۲۰۲ شاھ ايليا۱۹۰۱ع، ۱۹۵۹ع
۲۰۳. شاھ جو رسالو(مرزا قليچ بيگ) ۱۹۵۶ع، ۱۹۹۴ع ۱۹۹۷ع
۲۰۴شاهه جي رسالي جو ڀاڱو۱۹۱۳ع
۲۰۵.شاھ صاحب عالم ۱۹۵۳ع
۲۰۶.شاهزادي محبوب جي آکاڻي ۱۹۲۴ع، ۱۹۷۴ع
۲۰۷شاهزادي قدم برگ ۱۹۶۰ع، ۱۹۶۴ع، ۱۹۷۴ع
۲۰۸. شاهنامي وارا شاھ ۱۹۲۶ع
۲۰۹.شراب جو خراب اثر----؟
۲۱۰. شرح ديوان گل ۱۹۵۵ع
۲۱۱شرلاڪ هومز ڀاڱو-۱، چوپڙي نمبر ۱، ۱۹۱۶ع
۲۱۲. شرلاڪ هومز ڀاڱو-۲، چوپڙي نمبر ۲، ۱۹۱۶ع
۲۱۳. شرلاڪ هومز ڀاڱو-۳، چوپڙي نمبر ۳، ۱۹۱۶ع
۲۱۴. شريف بيگم ۱۹۱۸ع
۲۱۵.شڪ جو شڪار----؟
۲۱۶.شڪنتلا(ڪتاب)- ۱۸۹۶ع
۲۱۷.شمشاد مرجانہ ۱۹۱۴ع
۲۱۸. شمرانہ يا شيطان جي ناني ۱۹۱۴ع، ۱۹۱۶ع، ۱۹۵۹ع، ۱۹۶۹ع، ۱۹۷۴ع، ۱۹۲۸ع، ۱۹۸۳ع
۲۱۹. شوقين ڌاڙيل (ناول) ۱۹۲۳ع، ۱۹۲۷ع
۲۲۰. شهريار ۽ شهر بانو ۱۹۲۳ع
۲۲۱. شيخ بوعلي سينا ۱۹۲۶ع
۲۲۲شيخ چلي ۽ اڱڻ مسخرو ۱۹۰۰ع، ۱۹۱۶ع، ۱۹۵۶ع
۲۲۳.شيطان جو مريد ۱۹۱۴ع، ۱۹۱۶ع
۲۲۴. صحت النساءِ ۱۸۹۹ع
۲۲۵.صداقت الاسلام ۱۹۰۶ع
۲۲۶.صلح ڪل جو پيغام (بهائي مذهب يا دين) ۱۹۳۸ع
۲۲۷ضمان الفردوس ۱۹۱۵ع، ۱۹۳۵ع
۲۲۸. طب مطبوع مخزن منظوم ۱۹۵۲ع
۲۲۹.طلسمي گڏي----؟
۲۳۰. عاقل ۽ فاطمہ ۱۹۵۲ع
۲۳۱. عالم آبي (با تصوير) ۱۸۹۷ع، ۱۹۱۶ع
۲۳۲.عالم ارواح----؟
۲۳۳. عالم خواب----؟
۲۳۴. عالم جو استاد ۱۹۲۲ع
۲۳۵.عالمگير مذهب ۱۹۵۳ع
۲۳۶. عبادت نامو ۱۹۲۲ع
۲۳۹. عجائب غرائب: دنيا جو سير ۱۹۱۶ع
۲۳۸. عجائبات سائنس ۱۹۳۵ع
۲۳۹. عجيب الماس ۱۹۱۵ع
۲۴۰. عجيب جواهر ۱۹۱۵ع، ۱۹۶۷ع، ۱۹۷۲ع
۲۴۱. عجيب طلسم ۱۹۱۴ع، ۱۹۶۰ع، ۱۹۶۹ع، ۱۹۷۶ع
۲۴۲. عجيب غريب نئون (ناول) ۱۹۰۰ع
۲۴۳.عجيب ڳالهيون ۱۹۶۱ع
۲۴۴. عزيز شريف ۱۹۰۹ع
۲۴۵.عزيز شريف جا راڳ ۱۹۰۹ع
۲۴۶. عقود الاعلى: موتين جو هار ۱۹۳۷ع
۲۴۷. علامات القرآن----؟
۲۴۸علم اخلاق ۱۹۰۶ع، ۱۹۱۶ع
۲۴۹. علم ادب ۱۹۱۴ع
۲۵۰. علم اصول دستور المعاش ۱۸۹۱ع
۲۵۱.علم بديع ۽ علم عروض ۱۹۵۳ع
۲۵۲.علم تصوف ۱۹۱۶ع
۲۵۳.علم قحف يا فرينالاجي ۱۹۵۳ع
۲۵۴.علم موسيقي----؟
۲۵۵. غلاميءَ مان مٿي چاڙهو ۱۹۶۱ع
۲۵۶.فرائض انساني ۱۹۱۵ع
۲۵۷.فرهاد ۽ شيرين ۱۹۲۳ع
۲۵۸.فقہ جا عجيب مسئلا ۱۸۹۲ع
۲۵۹.فوائد الاخلاق ۱۹۵۸ع
۲۶۰. فيروز دل افروز ۱۹۰۶ع، ۱۹۵۹ع
۲۶۱. قديم چيني اخلاق ۱۹۱۷ع
۲۶۲. قديم سنڌ، اُن جا مشهور شهر ۽ ماڻهو ۱۹۵۵ع، ۱۹۶۰ع، ۱۹۹۰ع
۲۶۳.قديم سنڌ جا ستارا ۱۹۲۳ع
۲۶۴.قصص الانبياءَ ۱۹۵۶ع، ۱۹۶۳ع
۲۶۵.قصو ليلى مجنون (سنڌي) ۱۸۸۹ع
۲۶۶ڪادمبري ۱۹۱۶ع
۲۶۷.ڪامل انسان ڀاڱو-۱، ۱۹۲۶ع
۲۶۸. ڪامل انسان ڀاڱو-۲، ۱۹۲۸ع
۲۶۹.ڪرامات الاوليا ۱۹۱۱ع، ۱۹۵۶ع
۲۷۰. ڪريسس: قديم يونان جي هڪڙي تاريخي ڳالھ ۱۹۲۴ع
۲۷۱ڪيميائي سعادت عرف ڪيميائي ڪرامت ٻه ڀاڱا، ۱۹۰۱ع، ۱۹۰۴ع، ۱۹۲۴ع، ۱۹۸۵ع
۲۷۲.گلابي جوڙو----؟
۲۷۳. گل بڪاولي ۱۹۱۶ع
۲۷۴. گلزار ۽ گلنار ۱۹۱۶ع
۲۷۵.[[گلشن اخلاق][ ۱۹۱۴ع
۲۷۶گلشن بهار (ڪتاب) ۱۹۳۶ع
۲۷۷. گلن جي ٽوڪري ۱۹۱۲ع، ۱۹۱۴ع، ۱۹۲۳ع، ۱۹۵۹ع
۲۷۸.گليور جو سير ۽ سفر ۱۹۱۳ع، ۱۹۲۳ع، ۱۹۶۰ع، ۱۹۶۹ع
۲۷۹.ڳوٺ جي وڏيرن يا پٽيلن ۽ ٻين ماڻهن لاءِ هدايت نامو ۱۸۹۷ع
۲۸۰.لاله رخ ۱۹۲۶ع
۲۸۱. لٻا خان درزي ۽ خليفو ڪهنگ ۱۹۲۶ع، ۱۹۶۰ع، ۱۹۶۹ع
۲۸۲. لڇمي: هڪ ٺڳباز عورت ۱۹۱۳ع، ۱۹۱۶ع
۲۸۳. لطائف طوائف ۱۹۲۷ع
۲۸۴. لغات لطيفي ۱۹۱۴، ۱۹۶۷، ۱۹۹۴ع، ۱۹۹۸ع
۲۸۵.لطيفي لات ۱۹۰۴ع، ۱۹۱۲ع، ۱۹۹۴ع
۲۸لطيفہ معرفت ۱۹۱۶ع
۲۸۷. لوڀي ۽ ٺوڳي ۱۸۹۵ع، ۱۹۱۶ع
۲۸۸. لوقا جي معرفت يا پاڪ انجيل ۱۹۳۱ع
۲۸۹.ماکيءَ جي مک (ڪتاب)----؟
۲۹۰. مائون ۽ ٻار ۱۹۵۳ع
۲۹۱. ماڻهون پنهنجو پاڻ طبيب ۱۹۲۷ع
۲۹۲.ماڻهو ڪين ٿا ڄاڻن ۱۹۲۸ع
۲۹۳.مثنوي تحفئه احرار ۱۹۲۲ع
۲۹۴.مثنوي ڪشف اعجاز ۱۹۱۴ع
۲۹۵.مثنوي مطلع الانوار----؟
۲۹۶.محبت آل عبا ۱۹۲۲ع
۲۹۷. مجالس الشهدا ۱۹۱۰ع
۲۹۸. مختيار ثقفي ۱۹۱۹ع
۲۹۹. مخلوقات پنج ڀاڱا----؟
۳۰۰. معصوم شفيع جي سوانح عمري ۱۹۲۶ع ۱۹۷۹ع
۳۰۱ معصوم شفيع جي سوانح عمري ۱۹۲۶ع ۱۹۷۹ع
۳۰۲.مصيبت ماريا سائينءَ سنواريا ۱۹۶۱ع
۳۰۳. مقالات الاويا ۱۹۱۰ع، ۱۹۲۷ع، ۱۹۵۶ع
۳۰۳. مقالات الحڪمت ۱۸۸۶ع، ۱۸۹۶ع، ۱۹۲۸ع، ۱۹۵۵ع، ۱۹۵۸ع
۳۰۵ مقدس ڪلام----؟
۳۰۶مقناطيس حيواني ۱۹۱۶ع
۳۰۷. ملڪ جي مفلسيءَ جا سبب ۽ قرض جون خرابيون----؟
۳۰۸. مُلن جو تعليم نامو ۱۹۱۵ع، ۱۹۱۷ع، ۱۹۲۲ع
۳۰۹. من موج----؟
۳۱۰. منهنجو قدرتي گهر ۱۹۵۳ع
۳۱۱. موت کانپوءِ حياتي ۱۹۵۳ع
۳۱۲. موتين جي دٻلي ۱۹۱۴ع ۱۹۶۶ع
۳۱۳. موسى جو پهريون ڪتاب ۱۹۱۸ع
۳۱۴. مولانا جلال الدين رومي----؟
۳۱۵. مومل راڻو ناٽڪ ۱۸۹۱ع
۳۱۶. مومل راڻي جو قصو ۱۹۲۱ع
۳۱۷. مومل راڻي جي قصي جي ڏکين لفظن جي معنى ۱۹۲۲ع
۳۱۸.موهني ۱۹۲۴ع
۳۱۹. مُئن سان ڪيئن ڳالهائجي ۱۹۵۲ع
۳۲۰. ميراث المسلمين ۱۹۱۰ ۱۹۱۲ع
۳۲۱.نادر شاھ (ڪتاب) ۱۹۰۰ع
۳۲۲. نانگ وغيره ۽ سرندڙ ٻيا ساهوارا ۱۸۹۵ع، ۱۹۹۷ع
۳۲۳. نصيب پنهنجي وس----؟
۳۲۴نصيحت المسلمين ۱۹۱۶ع
۳۲۵. نصيحت نامو امام غزالي ۱۹۱۶ع ۱۹۱۹ع
۳۲۶. ننڍڙو سنڌي ويا ڪرڻ جلد- ۱، ۱۹۲۶ع، چوٿون دفعو ۱۹۴۱ع
۳۲۷.ننڍڙو سنڌي ويا ڪرڻ جلد-۲، ۱۹۲۹ع، ۱۹۲۶ع
۳۲۸.نورجهان ۽ جهانگير ۱۹۰۰ع
۳۲۹.نئون انگي حساب ۱۹۳۷ع
۳۳۰.نئين ٽئين ڪتاب جي معنى ۱۹۲۸ع، ڇهون دفعو
۳۳۱.نيپولين بوناپارٽ ۱۹۲۳ع
۳۳۲. نيڪي ۽ بدي ۱۹۱۱ع، ۱۹۵۹ع، ۱۹۷۱ع، ۱۹۸۲ع
۳۳۳. نيلو پکي ۱۹۱۱ع، ۱۹۶۰ع، ۱۹۶۹ع، ۱۹۷۴ع
۳۳۴. نيم طبيب خطره جان نيم ملا خطره ايمان ۱۸۹۶ع
۳۳۵. وامق ۽ عذرا (ڪتاب) ۱۹۲۵ع، ۱۹۶۰ع، ۱۹۶۹ع
۳۳۶. وڏو شاهه جو رسالو ۱۹۱۴ع، ۱۹۲۳ع
۳۳۷.ورزش نامو ۱۹۲۱ع
۳۳۸. هدايت النسوان ۱۸۸۹ع
۳۳۹. هرڻيءَ جو قصو ۱۳۰۵هه/۱۸۸۹ع
۳۴۰.هڪڙي انڌي شريف زال ۱۹۱۸ع
۳۴۱. هڪڙي سگهڙ زال ۱۹۱۶ع
۳۴۲هند جون ڏيهي آکاڻيون----؟
۳۴۳. يادگيريون (ڪتاب) ۱۹۵۸ع
۳۴۴.يسوع مسيح جي حياتيءَ جو احوال----؟
۳۴۵. يسوع مسيح جي سوانح عمري شعر ۾----؟
اڻ ڇپيل ڪتابن جا
نالا
۱ .ائٽلانٽس: هڪڙو قديم گم ٿيل کنڊ ۱۹۱۹ع
۲. باب ۽ بابي----؟
۳.بابل ۽ نينوا ۱۹۲۷ع
۴بدايع الوقايع ۱۹۱۹ع
۵. بيماريءَ جا سچا ۽ ڪوڙا سبب ۱۹۲۰ع
۶.پٽ ڄڻڻ پنهنجي وس ۱۹۲۸ع
۷. حجت الشيعه ۱۹۲۲ع
۸. حسن ۽ عشق، ڀاڱو پهريون، ۱۹۲۸ع
۹.حسن ۽ عشق، ڀاڱو ٻيو، ۱۹۲۸ع
۱۰.حقيقت الربى ۱۹۲۲ع
۱۱.حيواني عقل ۽ يادگيريون ۱۹۱۹ع
۱۲. جارجيا يا گرجستان ۱۹۱۷ع
۱۳چين ۽ چيني ماڻهو ۱۹۲۶ع
۱۴. خصوص الخصوص ۱۹۲۶ع
۱۵خطبا ۱۹۲۷ع
۱۶. دستاري جادو ۱۹۲۷ع
۱۷. رواجي حڪمت يا روزمره جي ڪمن نسبت سائنس ۱۹۱۹ع.
۱۸. سچي مردانگي ۱۹۲۷ع
۱۹.سعادت نامو ۱۹۲۳ع
۲۰.سلطان علاؤ الدين ۽ راڻي پدمڻي ۱۹۲۸ع
۲۱. شعر جو شرف ۽ بيان----؟
۲۲.علم الڪشف ----؟
۲۳. علم حيوانات – ۱۹۲۴ع
۲۴.علم رمل ۱۹۲۵ع
۲۵. علم نباتات ۱۹۲۵ع
۲۶. علم نجوم ۽ هيئت ۱۹۲۴ع ۲۷. علمي گلدستو----؟
۲۸. ڪتاب اللسان الغيب ۱۹۲۷ع
۲۹.ڪي اشعار----؟
۳۰. گلدسته حمد و ثنا ۱۹۲۷ع
۳۱. مثنوي ترڪيب الانسان ۱۹۲۴ع
۳۲.مجمع المذاهب ۱۹۲۶ع
۳۳.مصر نامو ۱۹۲۶ع
۳۴. مفتاح الرمل ۱۹۲۵ع
۳۵. نه ڄاول ماڻهن جو روح، ٻه ڀاڱا، ۱۹۲۷ع
(نوٽ: فھرست ۾
ڄاڻايل اڻ ڇپيل ڪتابن مان ھاڻي مرزا قليچ بيگ چيئر سنڌ يونيورسٽي پاران ڪيترائي
ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.)
شمس العلماء مرزا قليچ
بيگ
سندس لطيفيات ۾ خدمتون
ڊاڪٽر پروين
موسيٰ ميمڻ
سنڌي ادب جي نثر ۽ نظم جي ڀاڱن
۾ ٻن اهم ترين شخصيتن کي مڃتا ڏيڻ کان سواءِ سنڌي ادب جو هر خانو خالي ۽ ٻُسو نظر
ايندو ۽ اُهي ٻئي شخصيتون آهن: سنڌي شاعريءَ جو سرموڙ شاعر حضرت شاهه عبداللطيف
ڀٽائي ۽ سنڌي نثر جو تاجدار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرزا صاحب جو لطيفيات ۾ ڪم
بنيادي حيثيت رکي ٿو. سندن تصنيف ۽ ترتيب ڏنل ڪتابن جا نالا هن ريت آهن؛
۱)”شاهه
جو رسالو” (ترتيب)، نومبر ۱۹۱۳ع، ۲)”لغاتِ لطيفي” مٿئين رسالي جي مشڪل لفظن جي لُغت، ۱۹۱۳ع. ۳) “شاهه جي رسالي جي ڪُنجي”،
رسالي جي معنيٰ بابت سمجهاڻيون. ۴) “Life of Shah Abdul Latif”، شاهه صاحب جي سوانح جو احوال
۽ تصوف جي حوالي سان چونڊ بيتن جو اڀياس، ۱۸۸۷ع. ۵) “احوال شاهه عبداللطيف”،
ساڳئي مٿئين ڪتاب جو سنڌي ترجمو، ۱۸۹۷ع. ۶) “لطيفي لات”، رسالي جا اُهي بيت، جيڪي مثالن، پهاڪن ۽ ضرب المثل طور ڪم
اچن ٿا، سي چونڊي ترتيب ڏنل آهن، ۱۹۱۲ع. ۷) “سُر سريراڳ”، “ديسي”، “آبري” ۽ “سُر سُهڻي” جو متن ۽ معنيٰ، ۱۹۱۵ع ۽ ۱۹۱۶ع.
شاهه جو رسالو:
مرزا صاحب شاهه جو رسالو ۱۹۱۳ع ۾ ترتيب ڏنو، جنهن جو پهريون ڇاپو شڪارپور جي پوڪرداس، هنسراج پرنٽنگ
پريس سکر مان شايع ڪرايو، مِرزا صاحب جي جوڙيل هن رسالي کان اڳ ڊاڪٽر ٽرمپ، قاضي
ابراهيم ۽ سنڌ سرڪار جا ڇپايل رسالا موجود هُئا، پر ته به هن رسالي جي انفراديت
الڳ آهي. چند اهم خاصيتون هن ريت آهن:
۱) هي
ضخيم رسالو ۹۲۲ صفحن، ۴۱۶۳ بيتن، ۲۴۰ واين ۽ ۳۷ سُرن تي مشتمل آهي. ۲) ۸۴۶ بيت ۽ ۱۵ وايون ٻين رسالن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ
ڏنل آهن. ۳) سرڪاري ڇاپي جي ترتيب مطابق
هوندي به اضافن سبب مختلف آهي. ۴)
ڊاڪٽر ٽرمپ وارين پڙهڻين کي غلط قرار ڏيندي به مرزا صاحب انهن کي رد نه ڪيو آهي،
بلڪه مقابلي ۾ ڇڏي ڏنو آهي. ۵) مرزا
صاحب بمبئي ڇاپي واريون پڙهڻيون برقرار رکندي ڪيترن بيتن جون اختلافي پرهڻيون پڻ
ڏنيون آهن. ۶) هيءُ رسالو هلندڙ صورتخطي ۾
آهي. ۷) ڪيترن لفظن جون مروج جدا جدا
معنائون ڏنل آهن ته جيئن پڙهندڙ پنهنجي سمجهه مطابق اُهي لاڳو ڪري ڏسن. ۸) رسالي ۾ ڏنل ڌارئي ڪلام جي وضاحت مرزا صاحب ديباچي ۾ ڪئي آهي. ۹) جي ايم سيد صاحب جي “شاهه جون وايون ۽ ڪافيون” رسالي ۾ وايون واين جو
جهجهو مقدار موجود آهي. ۱۰) هن
رسالي جي اهم ترين خوبي اها آهي ته هن ۾ قلمي نسخن ۽ ڇاپي رسالن جو مڪمل مواد
موجود آهي.
لغات لطيفي:
لغات لطيفي مرزا صاحب جي هڪ اهم
قلمي ڪاوش آهي. ۳۸۲ صفحن جي هن لطيفي لغت کان اڳ
هن مَدَ ۾ ڪابه مڪمل لغت لکيل ڪانه هُئي.
مرزا صاحب رسالي ۾ مشڪل لفظن
جون معنائون ڏنيون آهن، پر ته به شاهه جي شاعريءَ جي شائقين جي سهولت لاءِ لغت جو
هڪ مڪمل الڳ ڪتاب تيار ڪرڻ کي ترجيح ڏنائون. حقيقت ۾ کانئن پوءِ ئي هن ڪم تي توجهه
ڏني ويئي. محمد بخش واصف، مولوي دُر محمد خاڪ، رسول بخش ڏيرو، ڊاڪٽر عبدالڪريم
سنديلو ۽ خاص طور ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جن لغت جي جلد “روشني” جي حوالي سان اهم
ڪم ڪيو آهي. “Life of Shah Abdul Latif
Bhitai” جي عنوان سان سوانح ۽ چونڊ بيتن جي
سمجهاڻيءَ سان انگريزي ٻوليءَ ۾ ڪتاب مرزا صاحب ۱۸۸۷ع جي سيپٽمبر ۾ لکي پورو ڪيو. هن ڪتاب جي ڏهن بابن ۾ شروع جا باب سوانح ۽
ڪردارنگاريءَ تي مشتمل آهن ته ستون ۽ اٺون باب تصوف جي موضوع جي وضاحت سان لاڳاپيل
آهن ۽ نائين ۽ ڏهين باب ۾ چونڊ بيتن جي سمجهاڻي ڏنل آهي، جنهن ۾ حوالي طور قرآن
پاڪ جون آيتون، حديثون، عربي ۽ فارسي ٻوليءَ جا قول ۽ شعر ڏيئي مرزا صاحب تصوف جي
حوالي سان شاهه صاحب جي شاعري سمجهائي آهي.
هن ڪتاب جي لکجڻ سان لطيفيات جي
مَدَ ۾ مڪمل ڪتاب لکڻ جو رواج عمل ۾ آيو ۽ شاهه جي سوانحي احوال ۽ شاعريءَ جي
تشريح طرف پڻ ڌيان وڌيو. انگريزي عالمن جي دلچسپي شاهه جي رسالي ۾ وڌيڪ وڌي ۽
ڊاڪٽر سارلي پڻ پنهنجي تحقيق ۾ مرزا صاحب جي ڪتاب کي فوقيت ڏني. انهيءَ ڪتاب کان
اڳ انگريزي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ شاهه صاحب جي باري ۾ مختصر احوال موجود هُئا، جيڪي
مير علي شير قانع ٺٽوي، نظر علي بلوچ، سر رچرڊ برٽن، ڊبليو سائودي ۽ ڏيارام گدومل
جا لکيل هُئا. مير عبدالحسين خان سانگيءَ وٽ ڪجهه محقق احوال فارسيءَ ۾ جمع ٿيل
هو، جنهن مان مرزا صاحب پڻ ڪجهه مدد ورتي هئي ۽ اهو فارسيءَ ۾ لکيل احوال چڱو وقت
قلمي نسخي جي صورت ۾ پيل رهيو، جنهن کي سانگي صاحب مرزا صاحب جي ڪتاب جي منظر عام
تي اچڻ کان پوءِ ۱۸۸۸ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ “لطائفِ لطيفي”
جو عنوان ڏنو.
شمس العلماء مرزا قليچ بيگ صاحب
نواڻ جو قائل ۽ فطرتاً جدت پسند هو. علم ادب ڏانهن سندس رويو ۽ پهچ جديد سائنٽيفڪ
نموني جي ۽ منفرد هئي، جنهن سبب هن هر نئين ڪم لاءِ محنت کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو.
سو لطيفيات ۾ به سندن هر ڪتاب مختلف حوالي سان نئين حيثيت رکي ٿو. آئون پنهنجي
مؤقف جي چٽائي سندن ئي لفظن ۾ ڪنديس ته، “شاهه صاحب جو مفصل احوال لکي اڃان ڪنهن
ڪين پڌرو ڪيو آهي، تنهنڪري پنهنجي خاص وندر لاءِ ۽ عام فائدي ۽ خوشيءَ لاءِ اها
محنت پاڻ تي هموار ڪري سندس احوال لکڻ ۾ هٿ وڌو اٿم. انهيءَ مطلب پوري ڪرڻ لاءِ
مون کي لاچار ٿيو ته شاهه عبداللطيف جي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سندس هلت چلت ۽ طبيعت ۽
هوشياريءَ بابت جدا جدا جاين تان خبرون گڏ ڪريان. اهي خبرون سندس مُريدن، فقيرن ۽
واسطيدار ماڻهن کان هٿ لڳي سگهيون. آئون جناب مير عبدالحسين خان ٽالپر ساڪن
حيدرآباد جو گهڻو ممنون ۽ شڪرگذار آهيان جو انهن کان هن ڪتاب جي مضمون گڏ ڪرڻ ۾
مون کي مدد ملي”. (ص- ۳ ۽ ۴)
ڊاڪٽر شاهنواز جي مٿئين بيان
سان متفق نه هوندي سامهون رکي مڪمل تجزيو ڪجي ته نتيجو مختلف نڪرندو. مرزا صاحب جو
ڪتاب بلڪل الڳ حيثيت جو آهي. مير سانگيءَ ته فقط سوانح ۽ حڪايتون درج ڪيون آهن.
جڏهن ته قليچ پهريون شخص هو، جنهن ۹۵ صفحن
تي تفصيلي احوال سان گڏ ۱۰۵ صفحن
تي شاعريءَ جي باري ۾ سُرن جا مضمون ۽ تصوف جا نڪتا بيان ڪيا آهن ۽ ڪلاسيڪل
داستانن کي وڏي ذوق ۽ شوق سان پيش ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ ئي شاهه جي سورمن ۽
سورمين تي لکڻ جي ريت پيئي. چند غير حقيقي واقعا ۽ ڪرامتون بيشڪ بيان ڪيل آهن، پر
ته به هن ڪتاب جي افاديت اڳري آهي. حاصل مطلب ته مرزا صاحب گهڻو ۽ معياري لکندڙ
ليکڪ هو. سندن ڪتاب آسان ۽ عام فهم نثر، منفرد ۽ مخلتف احوالن سبب پڙهندڙن ۾ مقبول
ٿيا.
(پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ آڪٽوبر ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا