مامون گل فقير مڱڻهار
واڄن سان خوشيون ورهائيندڙ
انور ڏنگڙائي
پوري هڪ صديءَ جو اکين ڏٺو شاهد هي فنڪار جنهن ڪيترن ئي راڄن،
ڪيترين ئي ذاتين، ڪيترين ئي ذاتين جي چڱن مڙسن سان ملاقاتون ڪيون. انهن جي فيصلن، روين،
اٿڻي ويهڻي، چال چلت، سخاوت، موذائپ، ڳالهائڻ جي لهجن، سهپ، اسهپ، هر شيءِ کان واقف.
جنهن به ڪميونٽيءَ جي ڳالهه ڪندو، ان سڄي ڪميونٽيءَ جو ڪلچر اکين اڳيان اچي بيهندو.
جنهن ماڻهوءَ جو نقل ڪندو، ان ماڻهوءَ جي شڪل سو نظر نه ايندي. باقي آواز،لهجو هو بهو
پيو پسبو هو شاديون مراديون وڄائڻ ويندو هو،
ان ڪري انهن شادين مرادين ۾ ٿيندڙ ڀت ۽ مانيءَ جي ڳالهه، ڀت جي ذائقي ۽ لست جي ڳالهه
به وڏي ذائقي سان ڪندو هو. ڪنهن ڪاڄ ۾ماني نه مليس ۽ بک ڪاٽي آيو ته اُها ته اڃا به
وڌيڪ مرچ مصالحي سان ڪندو.
هي وڄائيندو ته مُتو هو پر دهل جو به اهڙو استاد جو هڪ ڀيري
سندس ڳوٺ بگيءَ کان ڄڃ لاڙڪاڻي کڻي نڪتا. رستي ۾ هڪ ڳوٺ اچي ٿو وڪڙو. هي لاريءَ جي
مٿان ويٺو هو. پري کان ئي مٿي ويٺلن کي چيائين ته ”وڪڙي اسٽاپ تي بيٺل سڀني ماڻهن کي
جھُومائي ڏيکاريانوَ؟“ چيائونس؛ ”ها جھومائي ڏيکار“. دهلاريءَ کان دهل وٺي پنهنجي ڪنڌ
۾ وجھي جو وڄائڻ شروع ڪيائين. اهڙي ته ٿاپ هنيائين جو واقعي اتي موجود ماڻهن مان ڪي
ته اٿي بيهي جھمر هڻڻ لڳا، ڪن ويٺي ويٺي هٿ کنيان، ته ڪن منڍيون پئي لوڏيون. هونئن
گل فقير جو خاندان اصل ۾ دهلاري خاندان آهي.هن جو پيءُ سليمان فقير اهڙو ته سريلو
۽ وڏو دهلاري هو جو هُو جڏهن مڱڻهارن جي وچ
۾ يا ڪنهن ڇني ۾ دهل وڄائيندو هو ته مڱڻهار آڱرين تي ماترائون ڳڻيندا ڳڻيندا رهجي ويندا
هئا.
گل فقير پنهنجي پيءُ متعلق هڪ واقعو هيئن ٻڌايو”مان تازو
شڪارپور مان استاد ڇٽل کان مُتو سکي ڳوٺ پهتس. مڱڻهارن جو ڇنو هو، سڀ استاد لٿل هئا.
وڏو دنگل هو. ڪجهه استاد وڄائي چڪا هئا. بابي جو وارو آيو. مون مُتو وڄايو، بابي دهل
شروع ڪيو. جنهن کٽ تي مان ويٺو هوس ان جي سيرانديءَ واري پائي کان بيهي سامهون هلڻ
شروع ڪيائين. مڱڻهارن آڱرين تي ڳڻڻ، وري ڀلجي پوڻ شروع ڪيو. بابو هلندو ويو 50-60 وکون
اڳتي وڃي، ٿورو کاٻي پاسي مڙي، وري ساڳئيءَ طرح پير پير ۾ ڏيندو منهنجي کٽ ڏانهن مڙيو.
ان وقت دهل جو آواز ائين پيو ٻڌڻ ۾ اچي جيئن
جبل تان پاڻي ڪري ۽ ان جا ڪڙڪاٽ ٻڌڻ ۾ اچن. پير پير کڻندو کٽ جي پيرانديءَ واري پائي
وٽ پهتو ته مون ڪلام پورو ڪيو ۽ هن گُرُ ورتو. سڄي ڪلام ۾ گُرُ صرف هڪڙو ئي ورتائين.
دهل ڪنڌ مان ڪڍي کٽ تي رکي پاڻ به کٽ تي ويهي رهيو. ائين جو خاموشي ڇانئجي وئي ته وري
ڪو مڱڻهار واڄي لاءِ اٿيو ئي ڪونه“.
گل فقير به بنيادي طور دهلاري هو پر پوءِ هن متو جو سنڀاليو
ته آخر تائين، جيستائين هن جي جسم ۾ ست هو، متي کي نه ڇڏيائين دم به ڪو دم هوس. هيڏي
اسٽيمنا مون ڪنهن ٻئي فنڪار ۾ نه ڏٺي نه ٻڌي. پنهنجي ڳوٺ بگي تعلقي ڏوڪريءَ کان سُکا
سان گڏ سيوهڻ لاءِ روانو ٿيو. بس تي چڙهي جو متو شروع ته سيوهڻ پهچي پوءِ بس ڪيائين.
رات جو ماني کانئڻ کانپوءِ به ڪي واڄا ڪري ڪجهه آرام ڪيائين، وري صبح جو جيئن گاڏي
سيوهڻ مان نڪتي ته وري هن به متو شروع ڪيو
ته تڏهن بس ڪيائين جڏهن گاڏي اچي بگي ڳوٺ ۾ بيٺي.
پندرهن سورهن سالن جي عمر کان فن جي شروعات ڪيائين ۽ پنج
ست سال اڳ تائين (2008ع تائين) ڪي اٺهتر سال کن لاڳيتو پنهنجي فن سان واڳيل رهيو. نه
صرف واڳيل رهيو پر تمام گهڻي دلچسپيءَ سان
شاديون، ميلا ملاکڙا، مئخانن جا جمعا، سومر، ٻارها اٽينڊ ڪندو رهيو. مڱڻهارن
جا به راڄ ٿيندا آهن. هر ڪو پنهنجي راڄ ۾ وڄائيندو.
ٻئي مڱڻهار کي مجال نه ٿيندي جو هن جي راڄ ۾ اچي وڄائي. مامي گل فقير جو به پنهنجو
راڄ آهي. ٻين جي راڄن جي ته مونکي خبر ناهي پر هن جو راڄ تمام وسيع آهي. ان وسيع راڄ
جو ڪو به ڪاڄ هوندو ته مامي گل کانسواءِ ٻسو ۽ اڻ پورو هوندو هو. سڀ ڪاڄ وڏي خوش اصلوبيءَ
سان وڄايائين پر ڪڏهن ته واري واري سان هڪ ڏينهن ۾ ٻه ٻه-ٽي ٽي ڪاڄ به وڄايائين.
”گنج“ هن جو تڪيو ڪلام هو. ڪڏهن مرادي گهڻي مليس ته به چوندو ”گنج“.
ٿورو مليس ته به چوندو ”گنج“. پر ڪڏهن ڪجهه به نه مليس تڏهن به چوندو ”گنج“. هن آخري
دم تائين کائي پي چڙهڻ کانسواءِ ٻيو ته ڪجهه به ڪو نه ٺاهيو باقي محبتون ”گنج“ ميڙيائين.
هن جي راڄ ۾ يا راڄ کان ٻاهر ڪهڙي برادريءَ جو ماڻهو آهي جنهن هن کي نِوِڙي عزت سان
هٿ نه ڏنو هوندو. جڏهن ته نوڙت هن ۾ به ايتري هئي جو جيستائين ٻيو ڪو هن جي اڳيان نوڙي
ئي نوڙي، هي اڳ ۾ ئي جھُڪي پوندو هو. ”ماما“ لفظ هن لاءِ مخصوص ٿيل هو ”مامو گل اچي
ويو“. ڏهه ڪوهيءَ ۾ به ماڻهو سمجھي ويندو ته ڪير پهچي ويو.
هن دور ۾ ته مڱڻهار شاديءَ ۾ پهچي ٿو ته ان لاءِ الڳ کٽن،
رلي وهاڻي، الڳ چانهن پاڻيءَ جو بندوبست ٿي ٿو وڃي پر مامي گل اهو دور به ڏٺو جڏهن
شادي ٻه ڏينهن هلندي هئي ۽ شاديءَ جي سڄي پروگرام
جو پاڻي به مڱڻهار ڀريندو هو ته مهمانن جا به مڱڻهار ڌوئاريندو هو، اسان هُن کي تڏهن
ڏٺو، جڏهن بهار جي موسم ايندي هئي ته هيءُ بغير دهل جي صرف مُتو هٿ ۾ کڻي اسان جي ڳوٺ
ايندو هو ۽ رستي سان زمين مان سرنهن جا گل پٽنيدو ايندو هو. جيڪي ڳوٺ جي سڀني ٻارن
۾ ورهائيندو هو ۽ متي تي راڳ بسنتي وڄائيندو هو. سرنهن جا گل ته هونئن ئي سان جي چوڌاري
زمينن ۾ عام جام هوندا هئا پر مامي گل جي هٿان گل وٺڻ ۽ پوءِ راڳ بسنتي ٻڌڻ جو مزو
ئي پنهنجو هوندو هو، جنهن جو اسان ٻارنهن مهينا انتظار ڪندا هئاسين.
هن جي محفلن ۾ عجيب واقعا به ٿيا. هڪ ڀيري رات جي هلڪي اونداهيءَ
۾ هي پنهنجي واڄي ۾ مگن هو ته ڪٿان ڪاريهر نانگ ڀڄندو اچي هن جي اڳيان ڦڻ ڪڍي جھُومڻ
لڳو. ماڻهن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو پر هن ماڻهن کي چيو ته نانگ کي نه مارجو، هن کي جھومڻ
ڏيو. جڏهن واڄو پورو ٿيو ته نانگ آهستي آهستي سرڪي، ساڳيا پير وٺي هليو ويو.اڪثرمڱڻهارن
جي اڳيان انبڙي کائبي آهي ته هنن کان مُتو
نه وڄندو آهي. ڇو ته انبڙيءَ کي ڏسي سندن وات پاڻي ڪندو آهي ۽ اهو پاڻي متي
جي پَٽَ ۾ پوندو آهي ته مُتو بند ٿي ويندو اهي. مامي گل سان اهڙي مذاق ڪيترن ئي ڪئي
پر هي کين چوندو هو ته ”منهنجي سامهون ٿي ويهو ۽ سامهون ويهي انبڙيون کائو“. هن جو
ڪڏهن به، ڪو به مُتو بند ڪرائي نه سگهيو.
مون کي اهي چانڊوڪيون راتيون ياد آهن جڏهن مامو گل فقير اسان
جي ڳوٺ پُٽائي وٺڻ ايندو هو. انهن چانڊوڪين راتين ۾ ڪا بتي، ميڻ بتي يا ڪا چمني ٻارڻ
جي ضرورت ئي نه پوندي هئي چئونڪڙيءَ تي کٽون رکيل هونديون هيون. جڏهن چنڊ پنهنجي جوڀن
تي ايندو هو ته اهڙي شاعرانا ۽ عاشقانا ماحول ۾ گل فقير جو مُتو شروع ٿيندو هو. هو
هڙيءَ ته مستيءَ مان وڄائيندو هو جو اکيون بند ٿي وينديون هئس. ڄڻ ته آواز جي لهرن
سان گڏ پاڻ به پولارن جا سير ڪندو هجي. ڪافي عرصي کانپوءِ موجود ماحول ۾ موٽندو هو.
خيال، ٺمريون، غزل، جمالا ڳائي جڏهن بس ڪندو هو ته ڪچهريءَ وارن سان مخاطب ٿيندو هو”سنگت
راضي پازي؟“. پر سنگت ڪٿي ٿي راضي ٿئي. سنگت تڏهن راضي ٿيندي هُئي جڏهن چنڊ پرلاون
۾ ڇپڻ جي ارادي سان اوڀر منهن ڪري آخري نمسڪار ڪرڻ وارو هوندو هو.
اهو گل فقير، جنهن جي واڄن جا واڪا سچ پچ ته اڃا تائين ذهنن
۾ گونجي رهيا آهن. جنهن جي جڳهه نه ته ان جا پونير ڀري سگهيا آ هن نه وري آس پاس جو ڪو ٻيو مڱڻهار ڀري
سگهيو آهي، بيماريءَ جي بستري تي آهي. ثقافت کاتي وارن صرف هڪ دفعو هن کي وظيفو ڏنو
۽ وري ڳالهه ئي و ساري ڇڏيائون. هن جا پٽ رجب علي، نصر الله ۽ واجد علي پنهنجي فن سان
چڱيءَ طرح نڀائيندا پيا اچن.
No comments:
راءِ ڏيندا