; سنڌي شخصيتون: عبدالمنان ميمڻ - مٺل جسڪاڻي

05 October, 2015

عبدالمنان ميمڻ - مٺل جسڪاڻي

عبدالمنان ميمڻ
هر واقف دوست نه ٿو ٿي سگهي
مٺل جسڪاڻي
انسان آدجڳاد کان اڃا تائين ارتقا جي مرحلن مان گذري رهيو آهي. وقت وقت جي ڳالهه آهي. ڪو زمانو هو، صرف روبرو ملاقاتون ئي پهرين واقفيت ۽ پوءِ دوستي يا دشمني جو ذريعو هيون. ان کان پوءِ ٻُڌ سُڌ جي بنياد تي پرپُٺ جون ياريون ٿينديون هيون. شروعاتي دور ۾ ٻُڌ سُڌ جو ذريعو ماڻهو هوندو هو. چون ٿا مهمان کان خبرون وٺڻ ۽ ڏيڻ جو رواج به ان ڪري ئي پيو ته جيئن هر نئون ۽ پراڻو احوال ٿي سگهي.


جيئن جيئن انسان ترقي ڪئي، سائنس پر پکيڙيا، ته اخبارون ۽ ريڊيو نه صرف ڄاڻ جو ذريعو بنيون، پر انهن وسيلي قلمي دوستي جو بنياد پيو، جنهن کي هٿي ٽپال رستي ملي.
وقت رڪڻو نه آهي. سائنس هڪ مسلسل عمل آهي. ايجاد کان پوءِ ايجاد ايندي رهي. اڄ وسيع دنيا سُسي، سُڪڙجي هڪ ننڍڙو عالمي ڳوٺڙو ٿي پئي آهي. دنيا جي هڪ ڪنڊ جو ماڻهو، دنيا جي ٻيءَ ڪنڊ جي ماڻهو سان نه رڳو ڳالهائي سگهي پيو، پر ڳالهائيندڙ هڪ ٻئي کي ڏسي به سگهن پيا.
عبدالمنان ميمڻ جو جيتوڻيڪ جنم ٽنڊوڄام ۾ ئي ٿيو. آئون به زندگيءَ جا اڪثر سيارا اونهارا ٽنڊوڄام ۾ ئي گهاريان پيو. پر اسان جي پاڻ ۾ روبرو ملاقات صرف هڪ ٿي آهي! هڪ دفعي نئين موبائيل نمبر تان فون آيو، ڳالهه ٻولهه ٿي، نمبر ۽ آواز محفوظ ٿي ويو. رابطو جاري آهي، پر موبائيل فون واسطي کي به شايد اڃا سال نه ٿيو هوندو. هڪ روبرو ملاقات، ڪنهن مهل موبائيل نياپو ته ڪنهن مهل موبائيل ڪچهري، ڪيترو به ساريون، پر ڳڻپ ۾ آڻڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. اسان جي ڪچهري جو ڪو هڪ موضوع نه هوندو آهي. هڪ دفعي عبدالمنان ميمڻ چيو ”پنهنجي معاشري ۾ هروڀرو جون مخالفتون ۽ رقابتون تمام گهڻيون آهن، پر مايوس نه ٿجي. صحيح ڏس ۾ محنت سان ماڻهو گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو. البت ڪي شيون حادثاتي طور به ٿيو پون، جنهن کي پاڻ ڀاڳ چئون ٿا، پر ماڻهو گهڻي ڀاڱي پنهنجي قسمت پاڻ ئي ٺاهيندو ۽ ڦٽائيندو آهي“.
ڪنهن دفعي چيائين؛ ”هر واقف دوست نه ٿو ٿي سگهي. آئون ذاتي طور پرخلوص، پر محدود دوستن جو قائل آهيان“.
هن ائين به چيو ته؛ ”منهنجي نظر ۾ اڄ ڪلهه مفاد ۽ ان کان وڌيڪ انائن جا مسئلا آهن. جن جي ڪري ڌار ڌار رهڻ ۾ ئي عافيت آهي. باقي جيڪڏهن جدا جاءِ ۽ ٻين وسيلن جي کوٽ هجي، ته پوءِ مجبوراَ گڏ رهڻو پوي ٿو، پر گند گهڻو ٿيو وڃي“.
عبدالمنان ميمڻ ولد محمد اسماعيل ميمڻ، ۲۱ جون ۱۹۴۴ع ٽنڊوڄام ۾ جنم ورتو. جتي هن ۱۹۶۱ع (منهنجي جنم سال دوران) ٿرڊ ڊويزن ۾، سائنس گروپ ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي. ۱۹۶۴ع ۾ انٽر سيڪنڊ ڊويزن ۾ ۽ بي اي ۱۹۶۸ع ۾ فرسٽ ڊويزن ۾ حيدرآباد مان ڪئي. اڳوڻي سنڌ زرعي ڪاليج (هاڻوڪي سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام) مان ۱۹۷۴ع ۾، پهرين ڊويزن ۾، زرعي اقتصاديات ۾ ايم ايس سي ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان ۱۹۸۳ع ۾ فرسٽ ڊويزن فرسٽ پوزيشن ۾ ايم. اي. جرنلزم ۾ ڪيائين. نوڪري دوران ڏهن کان وڌيڪ تربيتي ڪورسز اسلام آباد، گلگت، اسڪردو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪيائين. ان دوران، يعني نوڪري ڪندي جاپان ۽ سنگاپور ويو.
سڀ کان پهرين ۱۹۶۳ کان ۱۹۶۶ع تائين زرعي مشينري کاتي ۾ ڪلرڪ طور ڪم ڪيائين. ريڊيو پاڪستان ۾ ۱۹۶۹ کان ۱۹۷۳ع تائين خبرون ترجمو ڪرڻ وارو ڪم ڪيائين، ان کان پوءِ ۱۹۷۴ کان ۱۹۸۵ع تائين لينگويج ايڊيٽر طور ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ذميواريون نڀايائين. اتان پوءِ سازدا ۾ ۱۹۸۵ کان ۱۹۹۰ع تائين ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ ۱۹۹۰ کان ۲۰۰۳ع تائين ڊائريڪٽر، جنهن کان پوءِ سنڌ حڪومت جي ايم اِي سي، پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي ۾ ۲۰۰۳ کان ۲۰۰۴ع تائين ڊائريڪٽر رهيو. نوڪري تان رٽائر جون ۲۰۰۴ع ۾ ٿيو.
ٽيهارو سال اڳ ۾ ڪجهه اردو ۾ ۽ ڪجهه سنڌي ۾ شاعري به ڪيائين، جيڪا مختلف اخبارن، ادبي رسالن ۽ مخزن ۾ به شايع ٿي.
ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌايائين ته هو ڪو مستقل پڙهندڙ نه رهيو آهي، پر مختلف عرصن ۾ اڪثر سنڌي، ڪڏهن اردو ته ڪڏهن انگريزي ڪتاب پڙهندو رهيو آهي، جيڪي مختلف شاعرن جي شاعري ۽ نثر نويسن جي نثر تي مبني، مختلف موضوعن تي لکيل آهن. جڏهن ته روزانو اخبار پڙهڻ سندس ڪمزوري آهي. اخبارن ۾ علمي، ادبي، تاريخي، معلوماتي مضمون شوق سان پڙهندو آهي. سندس دوستن ۽ واقفڪارن جون لکڻيون، خبر پوڻ تي اها اخبار، رسالو يا ڪتاب ڳولي، حاصل ڪري، پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
هڪ دفعي ٻڌايائين ته ”منهنجي پسند جو هڪ ليکڪ، جيڪو ماضيءَ جي شاندار دنيا جو پنهنجي دل لڀائيندڙ انداز ۾ سير ڪرائيندو رهندو آهي، سو آهي نصير مرزا. هر موضوع تي سندس قلم وڏي رواني سان ايڪسپريس ريل گاڏي جيان ڊوڙندو آهي“.
صحافتي حوالي سان ٻڌايائين ته ”دستگير ڀٽي ۽ سهيل سانگي کي باقاعدگيءَ سان پڙهندو آهيان. مزاح ۾ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر جا ڪالم وڻندا آهن“.
هڪ دفعي موبائيل نياپي ۾ لکي موڪليائين ته ”ڪجهه ڳالهيون لکڻ جهڙيون ڪو نه هونديون آهن، اهي فقط کلڻ جهڙيون هونديون آهن. اسان جو ريڊئي تان فرمائش ۾ نالو ايندو هو ته به کڳيون پيون لڳنديون هيون“.
ننڍپڻ کي ساريندي، راند روند جو ذڪر ڪندي، عبدالمنان ميمڻ چيو ته ”ڪرڪيٽ منهنجي پسنديدهه راند آهي. آئون پنهنجي ٽيم ۾ بهترين بيٽس مين ۽ فيلڊر هوندو هئس. جڏهن به مون بيٽ کنئي ۽ اوپننگ ڪئي، ته راند جي آخر تائين آئون آئوٽ نه ٿيندو هئس. هڪ دفعي منهنجي حريف پاران، جڏهن مون بال جهٽڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هن منهنجي نڪ ۾ اهڙو ڌڪ هنيو، جو منهنجي نڪ جو هڏو ڀڄي پيو. ان ڌڪ جي ڪري اڃا تائين ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي. اهو ڌڪ ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو سبب بنيو، نه ته شايد سنڌ ۾ منهنجي عمر وارن ۾ آئون ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر ٿي اڀران ها ۽ ممڪن آهي ته ڪرڪيٽ جي قومي ٽيم ۾ به چونڊجي وڃان ها.“

عبدالمان ميمڻ ۽ منهنجو رابطو جاري آهي، ذري گهٽ روز اهڙيون ڳالهيون ٿي وينديون آهن، جيڪي پڙهندڙن تائين پهچائڻ گهرجن، پر...  وري ڪڏهن واندڪائي ملي ته... 

No comments:

راءِ ڏيندا