آپا افروز صديقي
پنهنجي ٻوليءَ سان جذباتي لڳاءُ رکندڙ
علي نواز آريسر
جڏهن به تعليم جو ذڪر نڪرندو ته سنڌ جي پنجن عورتن آپا شمس
عباسي، آپا مريم نُوحاڻي، آپا انيتا غلام علي، دادي ليلان ۽ آپا افروز صديقيءَ جو اُن
۾ ذڪر ضرور شامل هوندو، ڇاڪاڻ جو هنن پنجن ئي عورتن تعليم جي ميدان ۾ نمايان خدمتون
انجام ڏنيون ۽ خاص طور تي ڇوڪرين جي تعليم تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو ۽ هُوءَ انهيءَ ۾
ڪامياب به ٿيون. سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار، ڊرامه نويس، اسڪرپٽ رائيٽر ۽ تعليمي ماهر،
آپا افروز صديقي، ۲۱ جولاءِ ۱۹۴۴ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس وڏا اصل شڪارپور جا رهاڪو
هئا. سندس والد جو نالو حاجي امير علي صديقي هو. هن مختلف ادارن مان تعليم حاصل ڪندي،
اديب، عالم، فاضل سنڌي، ايم اي، بي ايڊ، هوميوپيٿڪ ڊپلوما (ڊاڪٽري جي ڊگري) حاصل ڪئي.
هُوءَ ننڍپڻ کان ئي ذهين هُئي. کيس سنڌي، بلوچي، اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين
تي عبور حاصل هو.
هن ۱۹۶۶ع کان لکڻ شروع ڪيو. سندس پهرين ڪهاڻي ماهوار ’بادل‘
۾ ڇپي،. اُن بعد هن لاتعداد ڪهاڻيون لکيون، جيڪي ’برسات‘، اديون‘، ’مارئي‘، ’بادل‘
۽ ٻين رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. اُن سان گڏ هُوءَ ريڊيو تي ٻارڙن لاءِ ڊراما، غنايه
گيتن ڀريون ڪهاڻيون ۽ ڊراما به لکندي رهي. سندس ڪيترن ئي ڊرامن کي اوارڊ پڻ مليا، جن
۾: ’مٺائي جي دُنيا‘، ’واچ جي چوري‘، ۽ ’انسپيڪشن بنگلو‘ کي سال ۱۹۷۶ع جو بهترين ڊرامو
قرار ڏنو ويو. هن ريڊيو تي عورتن لاءِ به اصلاحي/ تنقيدي اسڪرپٽ لکيا، جن ۾ ’بدو‘
۽ ’سُگهڙ زال‘ کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هڪ فلم ’البيلي‘ لکيائين ۽ ’ڌرتي دل وارن
جي‘ جو اسڪرين پلي لکيائين. اهڙيءَ طرح هن ڪهاڻيون، ڊراما ۽ شاهڪار اسڪرين پِلي لکي
سنڌي سماج جي عڪاسي ڪئي. ٻارن لاءِ جپاني ڪهاڻيون ترجمو ڪيائين، پر افسوس جو اُهي ڇپجي
نه سگهيون. هن جو خيال هو ته جپان جا ماڻهو بُردبار ۽ حوصله-مند آهن، جپاني ڪهاڻيون
اسان جي ٻارن جي ذَهِني اوسر ڪنديون، پر سندس اهو خيال خواب ئي رهجي ويو. جيجي زرينه
بلوچ جي ڪهاڻي ’جيجي‘ جي جواب ۾ ’جنين ڪاڻ مُياس‘ جي عنوان سان ڪهاڻي لکيائين، جيڪا
شاهڪار ڪهاڻي آهي ۽ جيجي جي ڪردار سان خوب نڀاهه ٿيل آهي. هن جڏهن ’رُڃ منجهان رڙ اچي
ٿي‘ افسانو لکيو هو ته امير جليل چيو هو: ڪاش! اهو خيال منهنجي ذهين ۾ اچي ها ۽ آءٌ
اهو افسانو لکان ها.
هن پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ۱۹۶۰ع ۾ پرائمري استاد طور
ڪيو، ۽ مختلف شهرن ۾ تعليمي خدمتون انجام ڏيندي ۲۰۰۳ع ۾ پرنسيپل جي عهدي تان رٽائر
ڪيائين. هُوءَ دادوءَ ۾ ڊي اي او تعليم به
رهي. پنهنجي بيحد صلاحيتن سان مختلف ادارن سان لاڳاپيل رهي، جن ۾: آل سنڌ پ ٽ الف جي مرڪزي نائب صدر،
سيڪنڊري ٽيچرس ائسوسيئيشن جي مرڪزي سينيئر نائب صدر، ايڊيوڪيشن ڪائونسل سنڌ جي ميمبر،
سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي ميمبر، سنڌي ادبي سنگت، حيدرآباد جي ميمبر، بيڊمنٽن ۽ ٽيبل ٽينس
جي چئمپيئن شامل آهن. اُن کان علاوه پاڻ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور رسالي ’نئون نياپو‘ جي
عورتن واري صفحي جي انچارج پڻ رهي چُڪي آهي ۽ ۱۹۸۴ع ۾ شمل انسٽيٽيوٽ جي سيمينار ۾
’شاهه جون سورميون‘ ڊرامو پيش ڪيائين، جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. هُوءَ پنهنجي
ڪردار ۾ بااُصول ۽ اڏول رهي آهي، پنهنجي موقف تي ڄَمي بيهڻ واري آپا افروز جڏهن پ.
ٽ. الف جي عهديدار هُئي ته استادن جي مسئلي تي سرڪار سان ٽڪراءَ ۾ آئي ۽ اُن وقت جي
تعليم جي نمائندي پيار علي الانا سان ڳالهين دوران جڏهن الانا کيس جيل ۾ موڪلڻ جي ڌمڪي
ڏني ته هن اڏول اِرادن جي مالڪ وراڻيو ته جيڪي هٿ چوڙيون پائي سگهن ٿا، اُهي هٿ هٿڪڙيون
به پائي سگهن ٿا، جيل کان ڊڄڻ وارن مان هُجان ها ته هن عهدي تي نه اچان ها.
آپا افروز صديقي جنهن دور ۾ لکڻ شروع ڪيو هو، اُهو دور سنڌ
جي مٿان ڪارو دور هو، ون يونٽ جهڙو قهري دور جنهن ۾ سوچڻ تي به پابندي مڙهيل هُئي،
لکڻ جو تصور ڪرڻ ئي گُناهه سمجهيو ويندو هو، پر سنڌ جا ڪي اهڙا به قلمڪار هُئا، جن
پنهنجي تحريرن وسيلي ڪُوڙ جي ڪِنگرن کي لوڏي ۽ ڌوڏي ڇڏيو هو، اُنهن قلمڪارن مان هڪڙو
قلم اسان جي هن آپا افروز صديقيءَ جو به هو. آپا جون ڪهاڻيون، جيئن ته حقيقت تي مبني
۽ قوميت جي جذبي سان سرشار هونديون هُيون، جنهن ڪري هن نالو تبديل ڪري’مِس امير صديقي‘
جي نالي سان ڪهاڻيون لکيون. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’سنڌو ڪناري‘ به ’مِس امير
صديقي‘ جي نالي سان ڇپيل آهي. سندس سگهاري قلم، اڏول ارادن، سگهاري ۽ طاقتور ٻوليءَ
جو عڪس سندس ڪهاڻين مان نُمايان نظر اچي ٿو. هن جي هر لکڻيءَ ۾ قوميت جو جذبو، ايڏو
ته سگهارو آهي، جو سندس ڪهاڻين جو هر ڪِردار دودي، دُولهه، هوشو ۽ هيمون جيان ڌرتيءَ
تان نِڇاور ٿيڻ لاءِ آتو آهي، پر آڻ مڃڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار نه آهي. هونئن به اِها هن خوشحال، سرسبز، شاداب، پر غلام ديس جي سدائين
روايت رهي آهي، جو هن غلام ماءُ جو ڪو به پُٽ پنهنجي وفادار ماءُ جي ڪُک سان ڪڏهن به
غداري نه ڪري سگهيو آهي. ڌرتيءَ ماءُ کي جانُ جو دانُ ڏيڻ ته صدين کان هن ڌرتيءَ جي
وِير سُورمن جي روايت رهندي اچي، ڀلا ڪير هوندو، جيڪو پنهنجي صدين جي روايتن کي پُٺي
ڏئي ڪاڻيارو ٿيندو! آپا افروز ڪهاڻين ۾ اهڙو ته رُوح ڦوڪيو، جيڪو رُوح صدين تائين سنڌ
جي بقا ۽ وجود جي ويڙهه وِڙهندو رهندو.
هن جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ’سنڌو ڪناري‘ ۱۹۸۴ع ۾ ڇپيو،
جنهن ۾ ڪُل ۱۱ ڪهاڻيون ڏنيون ويون آهن، جيڪي اُن دور جي عڪاسي ڪندڙ ۽ سنڌ جي حالتن
جو آئينو آهن. سندس ڪهاڻين ۾ سنڌو تهذيب، سنڌ جو سدا بهار ڪلچر، سنڌي ٻولي، سنڌ جون
روايتون، ساڻيهه جي سِڪ، شاهه جون سُورميون، موهن جي دڙي جي تاريخ ايئن سمايل آهي،
جيئن ٻه رُوح هڪٻئي ۾ پيوست ٿي ويندا آهن. کيس ڪهاڻيءَ جي فن تي سُٺي دسترس آهي، ٻوليءَ
۾ نهايت ئي پُختگي ۽ مطالعي جي سگهه سان گڏ ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ سموريون ڪهاڻيون
مشاهدن مان گُذري پڙهندڙن تائين پهتيون هُجن. آءٌ سندس ڪُجهه ڪهاڻين جا پيراگراف پنهنجي
پڙهندڙن سان شيئر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، جيئن کين خبر پوي ته اسان جي هِن ڪهاڻيڪاره
جي آڱرين مان لفظ ڪيئن آرٽ جو رُوپ ڌاري اُسري نڪتا آهن ۽ ڪيئن اُنهن ۾ جذبن کي سمايو
ويو آهي. سندس هن ڪهاڻي ’امر ڪهاڻي‘ جو هيءُ پيراگراف، ڌرتيءَ جي محبت، غيرت، خودداريءَ
جو هوڪو ڏيندڙ آهي:
”سنڌو! ڏِس منهنجو ديس ڪيڏو نه سرسبز آهي، مُنهنجي ڌرتيءَ جو سينو ڪُشادو
آهي. ڌرتي کيڙي لعل ڪڍڻ اسان جو فرض آهي. مُنهنجي ڏاڏي ۽ اَبي ڪڻا ڦلوڙي هن ڌرتيءَ
سان نمڪ حلاليءَ جو ثبوت ڏنو، مُنهنجي نَسن ۾ به مهراڻ جو محبت ڀريل پاڻي ڦري ٿو. آءٌ
به پنهنجو فرض پورو ڪري رهيو آهيان، مُون روايتن کي ٽوڙيو آهي. آءٌ هِن واديءَ جي رهواسين
جي ذهينن تي نئون موڙ ڏئي رهيو آهيان. ڏِس! پڙهي ڪَڙهي به مان هارپو ٿو ڪيان، ڪنهن
عهدي لاءِ مون ڪامورن جي دَرن تي جُتيون نه گسايون آهن. مون کي پنهنجو ديس عزيز آهي.
هي ڌرتي پياري اٿم.“
يا وري هن ڪهاڻي ’اڃا رُڃ مان رَڙ اچي پئي‘ ۾ هُوءَ مارئيءَ
جي عظمت ۽ ايمان جي پَرک ڪندي لکي ٿي ته:
”هي ڏِس واريءَ جون ڀِٽون، هي اَڻانگا لَڪ ۽ پِيچرا، هي اٿئي هن ڌرتيءَ
جي ٻي ڌيءَ جي عظمت جا نشان، جنهن تخت ۽ تاجَ کي ڪَکن جي ڇَنن تان قُربان ڪري ڇڏيو
۽ هن مِٽيءَ جو مانُ مٿي ڪيو ۽ لَڄ جي لوئي نه لاٿائين.“
ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ هُوءَ جوڌن جي بهادريءَ کي داد ڏيندي اُنهن
جي ريٽي رَت کي هيئن ٿي ڀيٽا پيش ڪري:
”هي رَت ته امرت آهي، هي هتان جي جوڌن جو رَت آهي، هي گهوٽن اڻموٽن
جو رَت آهي. هي اَمُن جي اَمينن جو رَت آهي. هوشوءَ جو رَت آهي، مجاهدن جو رت آهي،
دُولهه دريا خان جو رَت آهي، سُومرن جو رَت آهي... .“
رَت ته بهرحال رَت آهي، جيڪو هن ڌرتيءَ تي ڪالهه به وَهيو
هو، اڄ به وَهي پيو، اڄ به ڪيترائي گهوٽ گهايل ٿي گهر موٽن ٿا، اڄ به لال لهُوءَ جي
هولي کيڏجي پئي، پر اڄ اسان وٽ خليفو نبي بخش ناهي بچيو، جيڪو ڪيڏارا لکي، اڄ اسان
جي امير صديقي به شايد عُمر جي اهڙي حصي ۾ پهچي چُڪي آهي، جو سندس هٿن ۾ شايد اُها سَگهه ناهي رهي، جو هوءَ انهي ريٽي رَت جون
ڪَٿائون قلمبند ڪري سگهي. سندس هيءُ ڪهاڻي ’سنڌو ڪناري‘ شاهڪار ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڌرتيءَ
کي ماءُ جي رُوپ ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ وڻجارن کي ڦَورُن، لُٽيرن جي رُوپ ۾ نروار ڪيو
ويو آهي. وڻجارا جن جو نه ڪو وطن هوندو آهي، نه ڪا ڌرتي هوندي آهي، نه ڪا سرزمين هوندي
آهي ۽ نه وري وڻجارن جي ڪا ماءُ هوندي آهي، ۽ جن جي ڪا ماءُ ئي نه هُجي، اُنهن وٽ ماءُ
جو تقدس ئي ڪهڙو؟ اهڙا احساس هن ڪهاڻيءَ ۾ سمايل آهن:
”آءٌ زنده رهندس، ايستائين جيستائين سنڌو رهندو. آءٌ زنده رهندس پنهنجن
پيارن سپوتن لاءِ ٻَچا! وڻجارن کي گڏجي سبق سيکاريو ته ڪو به اولاد پنهنجي ماءُ کانسواءِ
زنده رهي نٿو سگهي. وڻجارا پيار جا ويري آهن. هُو ڇا ڄاڻن ماءُ جو حق! جِن ماءُ ئي
نه ڏٺي هُجي. اُنهن کي ڪهڙي خبر ته ماءُ جي مامتا ڪيئن ٿيندي آهي، جي مُلڪ مُلڪ ڦِرندا
آهن ۽ ٻين جي تَڙن تي پنهنجو وقت گُذارين، تِن کي ڪهڙي خبر ته امن، محبت، غيرت ۽ مهماننوازي
ڪهڙيون شيون آهن.“
اهڙيءَ طرح سندس ٻيون ڪهاڻيون به سنڌي ادب جون شاهڪار ڪهاڻيون
آهن، پر خبر نه آهي ته سندس ٻيو مواد منظر تي ڇو اچي نه سگهيو آهي؟ هن قسم جي ڪهاڻين
جي هن دور کي ضرورت آهي، هي ڪهاڻيون ئي هن ديس جي نئين نسل جي رهنمائي ڪري سگهن ٿيون.
سندس قومي سوچ ۽ فڪري اُڏام کي هنن سِٽن مان
محسوس ڪري سگهجي ٿو:
”زندهه قومون پنهنجي ادب، پنهنجي ادبي تخليق تي ناز ڪنديون آهن. اسين
به هڪ آزاد ملڪ ۾ پنهنجي ڌرتي، پنهنجي ٻوليءَ واري قوم آهيون. اسان کي به پنهنجي ادب
جي جياپي جو به اونو رکڻ گهرجي.“
آپا افروز صديقي، قومي سوچ رکندڙ، پنهنجي ٻوليءَ سان جذباتي
لڳاءُ رکندڙ، پنهنجي ڪلچر ۽ ادب جي حقيقي نمائندگي ڪندڙ بهترين ڪهاڻيڪارا رهي چُڪي
آهي، پر افسوس جو هن جو وڌيڪ مواد ڇپجي نه سگهيو، جنهن مان سندس تحريرن جو لُطف وٺي
سگهجي. شايد هُوءَ هن دور جي رَوَين کان مايوس
ٿي لِکڻ کان پاسيري ٿي وئي آهي. مون جڏهن پهريون ڀيرو سندس ڪهاڻيون پڙهيون ته مون کي
هن اڏول ڪهاڻيڪاره سان مِلڻ جو شوق جاڳيو ۽ آءٌ پنهنجي ڪهاڻيڪار دوست ضراب حيدر سان
گڏجي سندس قائم ڪيل اسڪول Zaini Public High School (زيني پبلڪ هاءِ اسڪول، قاسم
آباد) ۾ ملڻ ويس، جتي هن اڏول ۽ قدآور شخصيت سان ملاقات ٿي ۽ ساڻس ٿيل گُفتگو مان مٿي
ذڪر ڪيل ڳالهيون معلوم ٿيون. آپا، گُذريل پنجاه ورهين کان پنهنجي ماءُ جي نالي سان
قائم ڪيل هي اسڪول هلائي رهي آهي. آپا، شروع ۾ هي اسڪول تِلڪ چاڙهي حيدرآباد واري علائقي
۾ قائم ڪيو. ڪُجهه وقت کان پوءِ اُن کي قاسم آباد ۾ شِفٽ ڪيائين، جتي سنڌي آباديءَ
جي اڪثريت آهي. هن پنهنجي والد صاحب جي نالي سان سوسائٽي رِجسٽر ڪرائي ۽ آپا شمس عباسيءَ
کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ اُن جي نالي سان ’ميران اسڪول‘ جو هال منسوب ڪيائين. شاهه لطيف
کي مُرشد مڃيندڙ آپا افروز کي اياز جي ڪيتري شاعري ياد آهي ۽ پاڻ ٻُڌايائين ته اياز
جو هر ڪتاب پڙهيو آهي. اياز جي شاعريءَ ۾ کيس خوشحال سنڌ نظر ايندي آهي. هن پاڻ به
شاعري ڪئي آهي. ’سنڌو درياهه ۽ گنگا جي گُفتگو‘ شاهڪار نظم لکيائين، جيڪو سرتيون ۾
ڇپيو. هن سڄي عمر شادي نه ڪئي، جڏهن اسان اهو پُڇيو ته وراڻيائين: مون ايجوڪيشن سان
شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ جڏهن ماڻهو ڪنهن عظيم مقصد سان لاڳاپجي ويندو آهي ته حقيقي مَسرتون
ياد ئي نه رهنديون آهن. آپا، هڪ ڀيرو انڊيا به وئي آهي ۽ اُتان جون يادگيريون، مشاهدا
’ڪنيان ڪُماريءَ کان سنڌوءَ تائين‘ جي عنوان سان سفرنامو لکي رهي آهي. پاڻ هن وقت قاسم
آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا