ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
سنڌ لاءِ جاکوڙيندڙ جو فلسفو
پروفيسر الله ڏنو ابڙو
سنڌ ڌرتي صدين کان صوفين، بزرگن، عالمن، اديبن، دانشورن
۽ مفڪرن کي جنم ڏيندي آئي آهي. هن ڌرتي جي مٽيءَ هر دور ۾ هزارين اهڙا املهه ماڻڪ پيدا
ڪيا آهن، جن پنهنجي ڪردار، عمل ۽ جستجو سان نه صرف سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ساک مٿي
ڪئي آهي، پر سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن کي به محفوظ ڪيو آهي. سومرن جو دور هجي يا سمن جو،
مغل، ارغون، ترخانن جو دور هجي يا ڪلهوڙن جو، ٽالپرن جو دور هجي يا انگريزن جو، مطلب
ته مهراڻ واديءَ هر دور ۾ سچل، سامي، بيدل، بيڪس، سانگي، قادري، قليچ، عنايت، منصور،
شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جھڙا بزرگ، شاعر، اديب ۽ محب وطن پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي سموري
زندگي سنڌو ماٿريءَ جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي. اهڙن عظيم انسانن جي صف ۾ موجوده دور جو جيئرو
جاڳندو اديب، شاعر، مفڪر، محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي به نمايان نظر اچي
ٿو.
سنڌ جي تاريخ تي هڪ نظر وڌي وڃي ته اسان کي ڪوبه اهڙو اديب،
دانشور، مفڪر ۽ شاعر نٿو ملي، جنهن هڪ ئي وقت سنڌين جي حقن، سنڌي نثر، نظم، لسانيات،
نصابي ڪتابن، سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي ڊاڪيومينٽري فلمن ۽ سنڌيءَ ۾ سائنسي تعليم لاءِ
عملي ڪم ڪيو هجي. اهو واحد ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي آهي، جنهن سنڌ جي ساک مٿي کڻڻ لاءِ
ڪوبه ميدان خالي ناهي ڇڏيو.
منهنجو هڪ دوست پروفيسر غلام رسول سومرو اڪثر اهو چوندو آهي
ته اديب جي اکين ۾ هڪ ئي وقت دوربين ۽ خوردبين ٻئي لڳل هونديون آهن ۽ هن جو دماغ هڪ
مڪمل تجربيگاهه جي حيثيت رکي ٿو. معاشري ۾ اديب جي حيثيت اسپيشلسٽ ڊاڪٽر کان به وڌيڪ
آهي. هو معاشري جي هر ڀلائي ۽ برائي، ڪاميابي ۽ ناڪاميابي، عروج ۽ زوال جي نه صرف نشاندهي
ڪندو آهي پر پنهنجي تجربي، تحقيق ۽ منطق جي مدد سان انهي جا اسباب معلوم ڪري، تمام
موثر علاج پڻ وضع ڪندو آهي. اديب ۽ محقق جي حيثيت سان ڊاڪٽر عرساڻي صاحب کي هميشه سنڌ
ڌرتي، ٻولي، قوم جي لاڙهن ۽ چاڙهن جو فڪر رهندو آيو آهي. سندن هميشه اها ڪوشش رهي آهي
ته سنڌ ڌرتيءَ کي ڪنهن به قيمت تي گل گلزار بڻائجي.
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب پنهنجي تحقيق ۽ تجربي
جي بنياد تي ابتدا ۾ اڪثر اهو چوندو رهيو ته سنڌ ڌرتي، ٻولي ۽ قوم جي بقا صرف انهي
۾ آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي اعليٰ سنڌي سائنسي ٻولي بڻايو وڃي. جيسين سنڌي سائنسي تعليم
جي ٻولي نه ٿيندي، تيسين سنڌ ڌرتي، قوم ۽ ٻولي جي بقا محفوظ نٿي ٿي سگھي. پاڻ پنهنجي
ڳالهه پهچائڻ لاءِ هر ان ماڻهو سان ملڻ ويا، جن ۾ اها اميد هئي ته هو ڪجهه ڪري سگھن
ٿا. پاڻ هڪ طرف سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻئي طرف قوم پرستن،
دانشورن، مفڪرن ۽ محققن جو ڌيان هن طرف ڇڪائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو.
ڊاڪٽر صاحب جڏهن محسوس ڪيو ته اسان جي اڪثر سنڌين تي انگريزي
جو ڀوت سوار آهي ۽ رڍن اڳيان رباب وڄائڻ مان ورندو ڪجهه به ڪو نه. هو هڪ ئي وقت چاچي
به چوندا ته چهنڊڙي به هڻندا. تڏهن پاڻ سندرو ٻڌي، سنڌي کي سائنسي ٻولي بڻائڻ لاءِ،
عملي ميدان ۾ لهي آيا. پاڻ ۲۰۰۲ع ۾ اوسر امانتاڻي جو بنياد رکي،
هن ميدان ۾ پهريون قدم کنيو. پاڻ هڪ ئي وقت اوسر تعليمي مرڪز، اوسر اشاعتاڻي، اوسر
سنڌي سائنس اڪيڊمي ۽ اوسر ثقافتي مرڪز جو بنياد رکي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. اوسر تعليمي
مرڪز جو بنيادي مقصد آهي ته سنڌي ٻولي ۾ تعليم عام ڪرڻ. ساڳي طرح اوسر اشاعتاڻي جو
بنيادي مقصد آهي ته سنڌي ٻولي ۾ ڪتاب ڇپرائڻ، خاص ڪري سنڌي ۾ سائنسي ڪتاب. اهڙي نموني
اوسر سنڌي سائنس اڪيڊمي جو بنيادي مقصد آهي ته سنڌي ٻولي ۾ سائنس جي اعليٰ تعليم کي
يقيني بنائڻ ۽ اوسر ثقافتي مرڪز جو بنيادي مقصد سنڌي ثقافت ۽ تهذيب کي محفوظ ڪرڻ آهي.
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جڏهن سنڌي اسڪول کولڻ لاءِ قدم وڌايو
ته سندس ساٿ سواءِ اٽي ۾ لوڻ برابر ماڻهن جي ڪنهن به نه ڏنو. چوندا آهن ته ٺلهو چڙو
وڄي گھڻو ۽ گڏهه پنهنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي، سو بجاءِ جو ساٿ ڏين، ويتر ائين چوڻ
لڳا ته مائٽ چريا ٿيا آهن، جو پنهنجا ٻار سنڌي اسڪول ۾ پڙهائيندا. پروفيسر سومري جي
چوڻ مطابق ته اديب جي نظر پري تائين ڏسي سگھي ٿي. ڊاڪٽر صاحب هنن جي ڳالهين تي ڪن ڏيڻ
بجاءِ لطيف سرڪار جو ڏسيل، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه ڪانهي ويل ويهڻ جي، وارو گس وٺندي، پنهنجو
مقصد جاري رکيو ۽ ۲۰۰۵ع ۾ گل عرساڻي سنڌي هاءِ اسڪول قاسم آباد جو وجود رکي پنهنجي
ارادي جي پختگي جو ثبوت ڏنو. شروع ۾ ماڻهن کي آماده ڪرڻ ۾ ٿوري تڪليف ضرور ٿي، پر پاڻ
پنهنجي بهتر تعليم سان سڀني جا وات بند ڪري ڇڏيا. هن وقت حالت اها آهي جو محدود اسڪول
جي عمارت ۽ وسيلن ڪري ڪافي ٻار موٽايا پيا وڃن.
ساڳئي وقت ڊاڪٽر صاحب سنڌي ۾ اسرار انصاري اسڪول مٽياري،
جين منظور ميمڻ اسڪول ميران پور تعلقو هالا، فاطمه گرلس اسڪول ٽالهو خان لغاري تعلقو
هالا، محمد صديق قريشي بوبڪائي اوسر اسڪول تعلقو هالا، بيبي بدرالنساءِ پير گل حسن
لنواري شريف، اوسر اسڪول تعلقو هالا، زهره افضل شيخ اوسر اسڪول ملوڪ ڏاهري تعلقو هالا،
محمد رمضان ڪلهوڙو اوسر گرلز هاءِ اسڪول، ايس ايم سنڌي سائنس ڪاليج ميرانپور تعلقو
هالا ۽ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي گرلز سائنس ڪاليج کولي پنهنجي ڪامياب سفر کي جاري رکيو
آهي. ڊاڪٽر صاحب استادن جي قابليت ۽ تجربي کي ترقي ڏيڻ لاءِ تعليم، تربيت ۽ تحقيقي
اداري جو بنياد پڻ رکيو آهي.
ڊاڪٽر صاحب جي ادبي خدمتن تي اگر هڪ نظر وڌي وڃي ته پاڻ سؤ
کان وڌيڪ
تحقيقي مقالا، پنج سؤ کان وڌيڪ اخباري ڪالم، پنجاهه کان
وڌيڪ سائنسي موضوعن جا سنڌيءَ ۾ ترجما، پندرهن ادبي ۽ ٻاراڻي ادب جا ڪتاب ۽ ست نصابي
ڪتاب لکي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. ساڳئي وقت پاڻ ٽن سالن تائين ٽه ماهي
اوسر ميگزين ۽ ٻارن جو ٽه ماهي ڪتاب ڦلواڙي (هلندڙ) ۾ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون
آهن.
ڊاڪٽر صاحب پنهنجي تحقيقي، تخليقي، منطقي ۽ فلسفيانه صلاحيتن
سان سنڌي علم ۽ ادب ۾ نه صرف جدت ۽ نواڻ پيدا ڪئي، پر سنڌي ۾ سندس لکيل ڪتاب جهڙوڪ؛
سنڌي ادب ۾ تنقيد، آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، وغيره هر ننڍي ۽ وڏي
لائبريري ۾ محقق، عالم ۽ شاگرد حوالي طور استعمال ڪندا رهندا آهن. سندس تحقيقي ڪالم
۽ مقالا نه صرف مقامي يونيورسٽين ۾ حوالي ۽ سليبس طور استعمال ڪيا وڃن ٿا پر ممبئي
يونيورسٽي انڊيا ۾ به حوالي خاطر عام استعمال ڪيا وڃن ٿا. سندس جڳ مشهور ڪتاب “ورجيسي
ٻولي” جي طلب کي مد نظر رکندي، اوسر اشاعتاڻي هن ڪتاب جا ٽي ايڊيشن پڻ ڇپايا آهن.
ڊاڪٽر صاحب جي سوانح حيات تي هڪ نظر وڌي وڃي ته پاڻ پنهنجي
زندگيءَ جي ابتدا ۲ فيبروري
۱۹۳۷ع ۾ ڪئي. سندس جنم سنڌ سونهاري جي هڪ ننڍي شهر هالا ۾ ٿيو.
پاڻ ڄمندي ئي ڄام هئا. سندس طبيعت جو لاڙو ننڍي هوندي کان ئي سنڌ ڌرتي، سنڌي ادب، ٻولي
۽ سنڌيءَ ۾ تعليم ڏانهن رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر صاحب کي جڏهن ۱۹۵۸ع ۾ روينيو کاتي ۾ پهرين
نوڪري ملي ته کيس ڪا به خوشي محسوس نه ٿي ۽ جڏهن ۱۹۶۱ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول
۾ اسسٽنٽ ماستر جي پوسٽ ملي ته پاڻ حقيقي خوشي محسوس ڪيائون. هن دور ۾ سندس مٽن مائٽن
۽ دوست احبابن ڏاڍو اصرار ڪيو ته روينيو کاتي جي نوڪري بهتر آهي ۽ ڊاڪٽر صاحب کي اها
نه ڇڏڻ گھرجي پر پاڻ ڪنهن جي هڪ به نه ٻڌائون ۽ پنهنجي اصلي منزل ڏانهن سفر جاري رکيائون.
ڊاڪٽر صاحب ۱۹۶۲ ۾ ايم اي (سنڌي) ۽ ۱۹۸۰ع ۾ پي ايڇ ڊي (سنڌي)
پاس ڪري، پنهنجي تحقيق ۽ منطق کي مضبوط بڻايو ۽ ۱۹۶۶ع ۾ ويسٽ پاڪستان ڪميشن
۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري، ليڪچرر بڻجي سنڌي قوم، ٻولي ۽ تعليم جي لازوال خدمت جي عملي
ابتدا ڪئي. گورنمينٽ کيس ۱۹۹۹ع ۾ پروفيسر جي پوسٽ تان ۶۰ سالن جي عمر تي پهچڻ
ڪري رٽائر ڪيو، پر سندن سنڌي قوم، ٻولي ۽ ثقافت لاءِ اڻ کٽ محبت ڪڏهن به رٽائر نه ٿي،
بلڪ وڌندڙ عمر سان گڏ ڏينهون ڏينهن وڌندي رهي. جيتوڻيڪ سندن جسم سندن ساٿ ڏيڻ ڇڏي ڏنو
آهي ۽ پاڻ طويل علالت ڪري بستري تان اٿي به ڪو نه ٿا سگھن، پر سندن حوصلو ۽ عزم اڄ
به بلند آهي. تازو ۱۹ سيپٽمبر تي انڊس هوٽل ۾ سندس ٽن ڪتابن جو ٿيل مهورت انهي
اعليٰ عزم ۽ حوصلي جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي.
ڊاڪٽر صاحب ننڍپڻ کان ئي سنڌي قوم، ٻولي، ادب ۽ سنڌي ۾ تعليم
لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي. ننڍي عمر کان ئي، سنڌين جي تنظيم سازي ڪرڻ، ادبي محفلون مچائڻ،
سنڌي ادب، ٻوليءَ، قوم جي بقا ۽ ترقيءِ تي بحث ڪرائڻ، نوجوانن کي گڏ ڪري سندن اندر
۾ سنڌ ڌرتيءَ لاءَ محبت جو روح ڦوڪڻ سندس مشغلو رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ننڍي عمر
۾ ئي سال ۱۹۶۱ع ۾ کاهي روڊ واري اتمچنداڻي گهٽيءَ واري تاريخي عمارت ۾
”ٻارڙن جي ڦلواڙي“ جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي، جنهن ۾ باقاعده لائبريري، ادبي رهاڻيون، ڊراما ۽ ليڪچر ڪري ٻارن
۾ ادبي ذوق ۽ رجحان کي پروان چاڙهيو. ان تنظيم ۾ سنڌ جون مشهور شخصيتون پڻ شامل رهيون،
جن اڳتي هلي سياسي، سماجي ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمايو. انهن شخصيتن ۾ پير مظهرالحق
صديقي، شمس الحق ميمڻ، نواز علي ڀٽو، گل محمد ڀٽي، ڌڻي بخش سومرو، قاضي امتياز ۽ ٻيا ڪيترا ئي نالا شامل آهن.
ڊاڪٽر صاحب نوجوانيءَ جي وقت کان وٺي، قومي ۽ وطني تنظيمن
سان سلهاڙيل رهيو. هن سنڌو ساڻيهه سنگت نالي پنهنجي هم اثرن سان ملي هڪ تنظيم جوڙي،
جنهن ايوب خان جي پهرين مارشلا جي ڪڙي وقت ۾ ون يونٽ خلاف عملي ڪم ڪيو ۽ سنڌ جي سڀني
قومي تحريڪن سان سڌي ۽ اڻ سڌي طرح وابسته رهيو. ڊاڪٽر صاحب ۱۹۶۸ع ۾ خالق ڏنو هال ڪراچي
اندر سنڌي ادبي سنگت جي صدارتي تقرير ۾ چيو هو ته ”سنڌي ٻولي، هڪ شاهوڪار ٻولي آهي،
جنهن ۾ علم ادب جو سموريون شاخون به آساني سان سمائجي سگهن ٿيون“. هن پنهنجي تقرير
۾ اهو به چيو ته ”سنڌي ٻوليءَ کي سائنسي پد تي پهچائڻ واسطي، سنڌي سائنس يونيورسٽي
قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ سائنس جا سمورا علوم، سنڌيءَ ۾ پڙهايا وڃن“.
ڊاڪٽر صاحب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ ايڊيٽر طور به ڪم ڪيو آهي.
سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڪتابن ۾ سندس نظم پڻ پڙهايا ويندا آهن. ڊاڪٽر صاحب ڪيترن ئي تحقيقي
مضمونن جو ترجمو به ڪيو آهي. سندس ترجمو ڪيل ڪالمن ۾ “Runni Kot” کي تمام گھڻي پذيرائي ملي چڪي آهي. پاڻ شهره
آفاق ڪتاب ڪاسماس جو ترجمو به ڪيو آهي. پاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر طور خدمتون
پڻ سرانجام ڏنيون آهن.
ڊاڪٽر صاحب جي ڪيل خدمتن کي مڃتا ڏيندي، ڪافي ادارا کيس وقت
بوقت ايوارڊ به ڏيندا رهيا آهن. پاڪستان پروفيسر ايسوسيئيشن پڻ سندس ڊاڪٽوريٽ ٿيسس
تي ڪيل بهترين تحقيق جي عيوض کيس انعام سان نوازيو آهي. کيس ۲۰۰4ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جو
مادر وطن ايوارڊ ۽ ۲۰۰۵ع ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي طرفان ٻولي ۽ لٽريچر جي
ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. پاڪستان انفارميشن ڊپارٽمينٽ طرفان نئين زندگي رسالي ۾ ڪيل
ڀاڱيداري عيوض ڊاڪٽر صاحب کي ايوارڊ آڇيو ويو، جيڪو ايوارڊ وٺڻ کان پاڻ اهو چئي انڪار
ڪيو ته؛ ”سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجي حيثيت مطابق درجو نه ٿو ڏنو وڃي“.
المختصر ته ڊاڪٽر صاحب جي ذات، ڪردار، تخليق، فلسفو، عمل،
جستجو ۽ سنڌ ڌرتيءَ، ٻولي ۽ تعليم سان محبت، اسان ديس واسين لاءِ هڪ مشعل راهه آهي.
پاڻ نه صرف سنڌين کي سنڌي ۾ اعليٰ سائنسي تعليم لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر
پنهنجي اولاد (پٽن، پوٽن، ڏوهٽن، ڌيئرن، پوٽين، ڏهٽين) کي سنڌي اسڪولن ۾ تعليم ڏياري،
انهي جو عملي مظاهرو پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي پٽن ۽ ڌيئرن کي اعليٰ عهدن تي ڏسي،
اهي ماڻهو جيڪي سنڌي ۾ تعليم کي وقت جو زيان سمجھندا هئا، سي به پنهنجي ٻارن کي ڊاڪٽر
صاحب جي قائم ڪيل سنڌي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ تي ترجيح ڏئي رهيا آهن. اهڙي طرح ڊاڪٽر
صاحب انهن ماڻهن جو منهن پڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي سمجھندا هئا ته سنڌيءَ ۾ تعليم
پرائڻ سان ٻار وڏن عهدن تي نٿا پهچي سگھن. مطلب ته ڊاڪٽر صاحب جي زندگي ۽ فلاسافي اسان
سنڌ واسين لاءِ اها راهه آهي، جيڪا منزل مقصود تي پهچائي ٿي. هاڻي اسان سنڌ واسين جي
ذميواري آهي ته ڊاڪٽر صاحب جي شروع ڪيل سفر کي سنڌي سائنس يونيورسٽيءَ قائم ڪرڻ تائين
پهچائي ڊاڪٽر صاحب جي مقصد کي عملي جامون پارايون ۽ سنڌي قوم ۽ ٻولي جي بقا کي هميشه
لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيون.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
تعليمي ماهر جو وڇوڙو
علي ڏنو جروار
سنڌ جي
صدين کان وٺي ڪيترا ئي انمول ماڻڪ موتي، هيرا، ليکڪ ۽ دانشور پيدا ڪيا آهن جن مان ڊاڪٽر
شمس الدين عرساڻي به هڪ آهي سو اڄ سنڌ ڌرتي کان وڇڙي ويو آهي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي
چئجي ته سنڌ اڄ هڪ وڌيڪ تعليمي ماهر کان محروم بڻجي چڪي آهي. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
جنهن جو تعلق سنڌ جي انتهائي پڙهيل لکيل ۽ باشعور خاندان سان آهي سندس وڏا ۽ اولاد
اڄ تائين تعليم کاتي سان لاڳاپيل آهي سندن مامو محمد اسماعيل عرساڻي به سنڌ جو هڪ
بهترين تعليمي ماهر ۽ استاد هو، جنهن ”بدنصيب ٿري“ جهڙا ناول تخليق ڪيا. انهيءَ حوالي
سان ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پڻ هڪ استاد هئڻ سان گڏوگڏ هڪ بهترين ليکڪ، ترجمي نگار
۽ ڪتاب مرتب ڪندڙ هئا. پاڻ سڄي زندگي گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري ۾ سنڌي مضمون جا
استاد رهيا. پاڻ سنڌيءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائون. رٽائرمينٽ کانپوءِ به درس ۽ تدريس سان
لاڳاپيل رهيا. ڪتاب ڇپائڻ، مرتب ڪرڻ ۽ ترجمو ڪرڻ ۾ مصروف رهيا. قاسم آباد حيدرآباد
۾ سندن هڪ نجي اسڪول به آهي، جتي مثالي ۽ معياري تعليم ڏني وڃي ٿي. سندن ٻه فرزند
گل عرساڻي ۽ احسان عرساڻي اڄ به سنڌ جي تعليم کاتي سان لاڳاپيل آهن. احسان عرساڻي
مهراڻ يونيورسٽي ۾ استاد جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي ته وري گل عرساڻي حيدرآباد
جي ڪنهن هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي
رهيو آهي مطلب ته سندن سڄو خاندان درس ۽ تدريس سان لاڳاپيل آهي، جتي به سنڌ جي اهڙن
خاندانن جو ذڪر ايندو جن نسل در نسل پنهنجون خدمتون علم ۽ ادب کي ارپيون آهن، تن ۾
هالا جي هن عرساڻي خاندان جو نالو به سرفهرست هوندو.
ڊاڪٽر
شمس الدين عرساڻي کي آئون ۱۹۸۸ع کان
وٺي سڃاڻان ٿو، جڏهن آئون پي ٽي سي ڪرڻ لاءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ داخل ٿيس.
سائين عرساڻي صاحب ان وقت گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد ۾ پروفيسر جي حيثيت
سان ڊيوٽي ڪري رهيو هو ان وقت ٽريننگ ڪاليج جي هڪ ناليواري استاد ۽ يگاني عالم
سائين حيدر علي خان لغاري سان سندن نيازمندي هئڻ جي ڪري هو روزانو شام جو ٽريننگ ڪاليج
حيدرآباد جي لان تي اچي ڪچهري ڪندا هئا، جن ۾ سائين حيدر علي خان کانسواءِ پروفيسر
امير علي قادري ۽ ٻيا ڪيترائي علم ۽ ادب سان لاڳاپيل شخص اچي شريڪ ٿيندا هئا. تن ڏينهن
۾ سائين حيدر علي خان ۽ امير علي قادري سنڌ فلاسافيڪل سوسائٽي پاران علامه آءِ آءِ
قاضي جي ليڪچررس تي مبني ڪتاب ”اُو ڪو ٻيو فهم“ ڇپرائي رهيا هئا، جنهن ۾ شمس الدين
عرساڻي صاحب پڻ سندن رهنمائي ڪندا رهندا هئا ۽ اُتي ويهي پروف وغيره چيڪ ڪندا هئا
يا ڪٿي ڪا ايڊيٽنگ ڪندا هئا. مون تن ڏينهن ۾ سائين عرساڻي صاحب کان ڪتابن ۽ علم
ادب بابت گهڻو ڪجهه سکيو ۽ پرايو. سندن ڳالهائڻ جو انداز اهڙو ته پُراثر هوندو هو
جو سامهون وارو سندس هر ڳالهه آسانيءَ سان سمجهي ويندو هو. سائين شمس الدين عرساڻي
زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين سندن ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ ٻين علمي ادبي ادارن سان پڻ لاڳاپيل
رهيو. سن ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ دوران مون به کانئس تمام گهڻي رهنمائي ۽ رهبري
حاصل ڪئي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سنڌيءَ جو ماهر هئڻ جي حيثيت سان پاڻ ڪيتري ئي عرصي
کان لاڳاپيل رهيا، جنهن ۾ نصاب جي ترتيب، ورڇ، ورهاست ۽ ايڊيٽنگ وغيره جهڙا ڪم
سرانجام ڏيندا هئا. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ سنڌي سبجيڪٽ متعلق جيڪي به گڏجاڻيون ٿينديون
هيون يا رٿابنديون ٿينديون هيون تن سڀني ۾ عرساڻي صاحب جي شرڪت هوندي هئي. مطلب ته
شمس الدين عرساڻي سنڌ جو هڪ اهڙو تعليمي ماهر هو، جيڪو سدائين علم، ادب، درس،
تدريس ۽ نصاب جي عملي ڪمن ۾ شامل رهيو. سندن علمي ادبي خدمتون سنڌ جي ماڻهن کي
سدائين ياد رهنديون. اڄ هي سٽون ڏک سان لکي رهيو آهيان ته سنڌ سدائين لاءِ هڪ
بهترين تعليمي ماهر، اديب، ليکڪ ۽ استاد کان محروم بڻجي وئي آهي.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
خواب کان حقيقت تائين...
امتياز احمد عرساڻي
ساهه جي تند ضرور ٽُٽندي آهي،
پر تسلسل هميشه جاري رهندو آهي. فطرت انسان کان سندس طبعي صورت ته کسي ٿي، پر ان
جي متبادل ان مان ئي ساڳي طبعي توڙي ذهني امتزاج سان سندس ئي عڪس پيدا ڪري وٺي ٿي.
ڪيڏو نه عجيب آهي! انسان جي فڪر ۽ سوچ منجهان ئي جڙيل سماج سندس ئي امنگن ۽ احساسن
تي قدخن لڳائي ٿو ۽ پنهنجي ئي اوج ۽ آساني ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري ٿو. اهو انسان جنهن کي فطرت طرفان اڳ ئي خاص دائرن ۾ اوڙهيل
طبيعت ۽ سوچ مليل هجي ۽ ڄمندي ئي معاشري
جا مقرره اصول سندس جهولي ۾ اچيو پون، پر تڏهن به هو سماج جي ٽڪساٽ کي سمجهي، ان
ماحول ۾ پنهنجا معيار جوڙڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري، اها ڪار ڪنهن عام فرد جي نه آهي!...
انسان اتفاقي عمل جي پيداوار
آهي ۽ فطرت جا اتفاق به انسان جي جڙڻ شرط ئي شروع ٿيو وڃن. مخصوص شبيهه، قد ڪاٺ ۽
جنس جي جڙڻ تي ڪنٽرول اڃا انسان حاصل نه ڪري سگهيو آهي، ها پر ان جي ويجهو ضرور
پهچي ويو آهي! جيستائين سائنس فطرت جي حادثن تي قابو پائي، اوسيتائين اهي غير معمولي
انسان ئي آهن، جيڪي فطرت جي ڪٿيل دائرن مان انسان جي جان آجي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
اهي انسان طبعي طور ضرور دنيا مان هليا وڃن ٿا، پر سندن عمل، فڪر ۽ سوچ جو تسلسل
هميشه فطري حادثن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهي ٿو.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي به انهن
ئي انسانن مان هڪ آهي، جن فطرت جي اتفاقي اصولن کي سمجهيو ۽ ان جي روشني ۾ پنهنجي سماج کي هڪ نه کٽندڙ ۽
هميشه جاري رهندڙ، سوچ و فڪر ڏنو. اها سوچ جنهن جي سمت جو تعين نه ٿو ڪري سگهجي،
اها سوچ جنهن جي ڪا به حد مقرر نه آهي، اها سوچ جيڪا وقت جي وهڪرن سان هميشه گڏ رهڻ
ٿي چاهي. اها سوچ جنهن کي ڪنهن به صورت سان تشبيهه نه ٿي ڏئي سگهجي، اها سوچ جنهنجي
قد ڪاٺ جو به اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جن حالتن
۽ ماحول ۾ جنم ورتو، اهو دور لاهن چاڙهن ۽ تبديلين سان ڀرپور هو. ڄمندي ئي والد جو
گذاري وڃڻ ۽ سندس يتيمي واري زندگي جو احساس مون کي به تڏهن ٿيو آهي، جڏهن آئون
سندس وجود کان خالي دنيا ڏسي رهيو آهيان، پر سندس ساهه جو ڇهاءُ مان اڃا به چڱيءَ
ريت محسوس ڪندو آهيان ۽ سندس آزاد سوچن جي وهڪري ۾ پاڻ کي اڃا به وهندي محسوس ڪندو
آهي. آئون پنهنجو پاڻ کي ان جي ڏنل آفاقي اصولن جو شاخصانو سمجهان ٿو، جيڪي اصول
هر قيد و بند کان آزاد ۽ بي فڪرا آهن!
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي جنم ڀومي
ته هالا نوان هئي، پر ٻن سالن کان وٺي سموري پرورش حيدرآباد شهر ۾ ٿي. سندس جنم جي
ٺيڪ ۱۰ سالن بعد سنڌ اندر سياسي،
سماجي ۽ ثقافتي اٿل پٿل سموري مانڊاڻ کي تبديل ڪري وڌو. ڄڻ ته گهٽين کان سندن
شناخت ئي وڃائجي وئي! يڪا يڪا سمورو ماحول اوپرو اوپرو!..... رستن کان پنهنجو ساءُ
ڇڏائجي ويو ۽ کاڌن مان پنهنجو سواد! ٻوليءَ کان پنهنجا لفظ وسري ويا ۽ زبان کان
پنهنجو لهجو! شهرن مان اهي رنگ هليا ويا ۽
ماڻهن مان سندن روپ!... ڄڻ اهو ماڻهن جو ڪيل قهر نه پر ڪا اهڙي آفت هجي، جيڪا پل ڀر ۾ سمورا پيار،
محبتون، دلڪشيون، رعنايون، سپنا، مستقبل ۽ سڀ ڪجهه ڪنهن وهڪري سان گڏ کڻي وئي هجي
يا اهڙي ڀوميڪا آئي هجي جنهن کن پل ۾ سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيو هجي.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي هوش سنڀاليندي
ئي سون ورني ۽ پيار محبت جي هن ڌرتي کي وطن پرستي، وفاق پرستي، قوم پرستي، مذهب پرستي،
انا پرستي ۽ مفاد پرستي جي سوچ سان تمام گهڻن حصن ۾ ورهائجندي ڏٺو پر هر عام و خاص
وانگر سندس مزاج ۽ فڪر ڪنهن خاص اثر ڏانهن منقسم ٿيڻ بجاءِ ان رخ ڏانهن راغب ٿيو،
جيڪو سنڌ جي آزاد سوچ جو رستو هو. عقيدن جا آڪار هجن يا صوفي ازم جا تهوار، درگاهن
جا در هجن يا فقيرن جون محفلون هر اها سوچ، جيڪا اسان کي منطق کان پري ڪري ۽ جيڪا
اسان جي سوچن کي محدوديت ڏانهن ڌڪي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي هميشه ان سوچن جي نفي ڪئي.
خودشناسي کي معيار ٺاهيندي، ننڍڙن مفادن ۽ ڪوڙين انائن کان هميشه پاڻ کي پاسيرو ڪيو،
خوداري، خودانحصاري تي ڪڏهن ڪوبه سمجهوتو ڪونه ڪيو.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جو
هميشه کان اهو خواب رهيو ته اسين پنهنجي وڃايل شهرن، رستن، گهٽين ۽ پاڙن کي واپس ماڻيون،
هتي اهڙو ئي ماحول جوڙيون جيڪو سندس هوش سنڀاليندي ئي ڪٿي وڃائجي ويو. سندس خواب
جي تعبير ٻولي جي زندگيءَ ۾ لڪل آهي. اها ٻولي جيڪا اسان جي قوم جي مستقبل جي ضمانت
آهي، اها ٻولي جنهن وسيلي اسين خواب ڏسون ٿا، اها ٻولي جنهن جي نالي سان اسان کي
هيءَ ڌرتي نصيب ٿي آهي، اها ٻولي جيڪا اسان جي سڃاڻپ آهي، اها ٻولي جيڪا اسان لاءِ
سائنسي، سماجي، اخلاقي ۽ اقتصادي ترقيءَ جو رستو آهي. ان ٻوليءَ کي سنوارڻ ۽ ترقي وٺرائڻ
اسان سڀني جو فرض آهي. اهو فرض اڃا به وڌيڪ چٽو ۽ صاف ٿي وڃي ٿو جڏهن اسان کي نئين
دنيا جا ٻه طرفه چئلينجز سامهون اچن ٿا. پهريون چئلنج: دنيا سڪڙجي گولائين ڳوٺڙي
جي صورت اختيار ڪئي آهي ته هر قوم پنهنجي پنهنجي ٻولي جي بقا لاءِ جٽجي وئي آهي. ٻيو
چئلينج اسان کي اندروني طور سامهون آيو آهي، جن علائقن ۾ رابطي جي ٻولي سنڌي هوندي
هئي، ان جي جڳهه هاڻي اردو والاري آهي. سرڪاري سرپرستي نه هئڻ ۽ ڌارين جي آبادڪاري
سبب سنڌي ٻولي سڪڙجندي نظر اچي ٿي. پنهنجا ئي پنهنجي ٻولي کان ناآشنا ۽ ان جي
اهميت کان اڻ واقف ٿيندا نظر اچن ٿا. اسان جا سياستدان، تعليمدان، ڪامورا ۽ ٻين مڪتبه
فڪر جا ماڻهن سنڌي ٻوليءَ کي رڳو ڳالهائڻ جي حد تائين اهميت ڏيندي، پنجاپي، ڍاٽڪي،
سرائڪي ۽ ٻين ننڍين ننڍين ٻولين سان مماثلت ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌي ٻولي سرڪاري
حيثيت ۾ سائنسي، اقتصادي ۽ قانون جي ٻولي آهي، جنهن ۾ اعليٰ درجن تائين دنيا جو هر
علم ڏئي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جو خواب هو ته اسين پنهنجي قوم کي آرٽس، ڪامرس توڙي سائنس جو هر علم پنهنجي مادري
ٻوليءَ ۾ ڏيون. جنهن لاءِ سنڌي سائنس يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آڻيون. جيئن اسان جي
قوم ٻين زنده قومن وانگر سمورو علم پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ حاصل ڪري تنقيد، تحقيق ۽
تخليق جون جديد منزلون حاصل ڪري.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ڄاتو ٿي
ته فرد ادارن کي جوڙيندا آهن ۽ ادارا فردن کي، ان حقيقت جي پيش نظر هن هميشه ادارن
کي جوڙڻ ۽ پروان چاڙهڻ کي ترجيح ڏني. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي محدود وسيلن هوندي به ننڍي
هوندي کان ئي فڪري ادارا جوڙڻ ۽ انهن کي پروان چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻارڙن
جي ٻاري،ٻارڙن جي لائبرري ۽ اسٽڊي سرڪلس اهڙا ادارا هئا جيڪي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
پنهنجي ٻالڪپڻي ۾ ئي قائم ڪيا ۽ انهن کي ڪاميابي سان هلايو. سندس جواني، تعليم
کاتي ۾ خدمتون ڏيندي ۽ سنڌ جي تعليم سان
لاڳاپيل ٻين ادارن کي سگهه بخشڻ ۾ گذري. هن سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌيالاجي،
سنڌي لينگئيج اٿارٽي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻين به ڪيترن ئي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري
ادارن ۾ پنهنجون بي لوث خدمتون سرانجام ڏنيون. اخبارن، رسالن ۽ ملڪي توڙي غير ملڪي
جريدن ۾ سندس لکيل ڪهاڻيون، مضمون، ٻاراڻو ادب ۽ شاعري سنڌي ادب ۾ هڪ خاص جڳهه
والارين ٿيون.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پنهنجي
سرڪاري خدمتن دورآن حتڪ الامڪان ڪوشش ڪئي ته حڪومت سنڌ طرفان جڙيل سنڌي ٻولي ۽
تعليم جي ادارن لاءِ ڪم ڪجي ۽ ان جي ترويج و اوسر لاءِ خاص قدم کڻجن. هن چاهيو ٿئي
ته اهي ادارا جنهن مقصد لاءِ کليا آهن، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ واسطي صحيح رخ ۾ ڪم
ڪن، پر بدقسمتي سان سمورا سماج جي زوال سان گڏ اسان جا ادارا به زوالپذيري جو ڏيک ڏيڻ
لڳا. ادارن ۾ اجتماعي اخلاقي بحران ۽ ڪمزورين سبب اهو ممڪن نه رهيو ته انهن ادارن
مان ڪا به اميد رکي سگهجي. ان صورتحال جي پيش نظر، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ۱۹۹۹ع ۾ رٽائر ٿيڻ جي فورن بعد پنهنجي ساري عمر جي جمع پونجي ۽ رٽائرمينٽ جي
رقم سان ادارو جوڙڻ جو ارادو ڪيو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ٻارهن مهينن جي ڪوشش سان
پنهنجن هم خيالن سان ملي سن ۲۰۰۰ع ۾ سنڌي
ٻولي، تعليم ۽ ثقافت جي واڌاري لاءِ اوسر پيڙهڪا امانتاڻه جو بنياد وڌو. “اوسر” جو
لفظ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي فرزند ڊاڪٽر ضياءُالدين عرساڻي (جيڪو هاڻي انگلينڊ ۾ رهائش پذير آهي) تجويز ڪيو، جنهن تي سمورن شرڪاءُ
اتفاق راءِ رکيو. اوسر پيڙهڪا امانتاڻه کي رجسٽر ڪرايو ويو ۽ هن اداري سن ۲۰۰۲ع ۾ سنڌي ٻولي، تعليم ۽ ثقافت لاءِ
باقاعده ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جسماني
طور تي اڄ اسان سان گڏ نه آهي پر سندس خواب اڄ حقيقت جو روپ ڌارڻ وڃي رهيو آهي. سندس
سوچ ۽ فڪر سان قائم ٿيل هي ادارو پنهنجي ڪاميابي جون منزلون طئي ڪندو اهڙي منزل تي
اچي بيٺو آهي، جو اڄ اسين فخر سان چئي سگهون ٿا ته جيڪو خواب ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
ڏٺو ان جي ساڀيان ممڪن بنجي وئي آهي.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
نئين ٽهيءَ جو اتساهه
پروفيسر منوج ڪمار
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جو جنم ۲ اپريل ۱۹۳۷ع تي هالا ۾ ٿيو. جنهن جو رهاڪو
آئون پاڻ آهيان، جيتوڻيڪ سائين ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي وڏن حيدرآباد وڃي وسايو پر
سندن تعلق اڃا به ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هالا سان جڙيل آهي. هالا ۾ گهٽي به اڃا تائين
عرساڻين جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. سو آئون فخر محسوس ڪريان ٿو ته منهنجو تعلق به
انهيءَ شهر سان آهي، جتي عرساڻي صاحب جو جنم ٿيو. اسان جو اڪثر ان ڳالهه تي بحث ٿيندو
آهي ته ڪو ماڻهو وڏو ڪيئن هوندو آهي؟ يا وڏو ماڻهو ڪيئن چورائبو آهي؟ هونءَ ته هر ڪو
محنت ڪري ٿو، پنهنجي لاءِ پنهنجن ٻچن لاءِ ڪم به ڪري ٿو، پگهر به وهائي ٿو، پر اصل
۾ وڏو ماڻهو اهو آهي، جيڪو انهن سڀني ڳالهين کي مٿانهون ٿي خدمتون سر انجام ڏي. پنهنجي
ڌرتي واسين لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکاري، قرباني ڏي، مسلسل جدوجهد ۾ رهي ۽ بنا ڪنهن غرض،
لوڀ لالچ جي پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏي. اهڙا ماڻهو سنڌ ۾ تمام گهٽ نظر اچن ٿا،
جيڪي وڏ ماڻهپي جي وصف تي پورا لهندا هجن. پر آئون يقين سان چوندس تي سائين شمس
الدين عرساڻي انهيءَ وصف تي پورو پورو لهي ٿو. عرساڻي صاحب پنهنجي قلم ۽ پنهنجي ڏات
سان سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏنو آهي ۽ سندن اڌ صديءَ تي مشتمل پورهئي، سنڌ کي يقينن علمي
۽ ادبي طور تي تعليمي ۽ سماجي طور شاهوڪار ڪيو آهي.
هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي شعبي
۾ ماهر آهي. ڪنهن جون ادب ۾ خدمتون آهن ته ڪنهن جون تعليم ۾ ته ڪنهن جون وري سماج ۾؛
پر جيڪڏهن ٽئي کيت ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ ۾ اچي گڏ ٿيا آهن، جنهن جون وڌ کان وڌ خدمتون
آهن ته اهو شخص آهي، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي! ڊاڪٽر عرساڻي جون خدمتون يقينن انتهائي
شاندار آهن. حقيقت اها آهي ته عرساڻي صاحب جي ڪم کي مسلسل نگاهه ۾ رکون ٿا ته سندن
ڪيل ڪم جي جيڪا وسعت ۽ گوناگونيت آهي، انهن ۾ جيڪي مختلف حوالا آهن انهن کي ڏسي حيرت
ٿئي ٿي ته ڊاڪٽر عرساڻي ڪيڏي نه سڦل، ڪيڏي نه تخليقي زندگي گذاري آهي. جيڪڏهن اسان
ادب جي کيتن ۾ ڏسون ته مون کي نه ٿو لڳي ته ادب جو ڪو اهڙو موضوع هجي جنهن تي شمس
الدين عرساڻي صاحب طبع آزمائي نه ڪئي هجي. سندس سرجيل ۲۰
ڪتاب هڪٻئي کان مختلف ۽ انتهائي اهم موضوعن تي آهن. جنهن
۾ ادبي تنقيد به آهي، سائنسي افسانا به آهن، ادب آهي ته لغت به آهي، تاريخ به آهي
ته مضمون به آهن ۽ ٻيا به ڪافي موضوع آهن، جن تي عرساڻي صاحب جو ڪم ٿيل آهي. سندن ۵۰۰ کان وڌيڪ مقالا آهن، جيڪي اڃا تائين ڏيهي ۽ پرڏيهي درسگاهن ۾ حوالاتي طور
نصاب ۾ پڙهايا وڃن ٿا ۽ يقينن اهو منهنجي لاءِ ممڪن ڪونهي ڪو ته آئون سڀني مقالن ۽
ڪتابن تي ڳالهائي سگهان.
ڊاڪٽر شمس الدين اڄ اسان وچ ۾
موجود ڪونهي پر سندس ڳاڻ ڳڻيا ڪتاب ۽ مضمون اسان سامهون موجود آهن، جنهن مان نه صرف
اسين پر ايندڙ هر نسل فائدو وٺندو رهندو. آئون انتهائي ذميواري سان اها ڳالهه چوندس
ته سائين عرساڻي جو ڪيل علمي پورهيو انهي معيار جو آهي جو علم جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪو
سندس جاءِ والاري سگهي. آئون چاهيندس ته سائين جي پهرين ورسي جي موقعي تي سائين شمس
الدين عرساڻي جي ڪجهه لکڻين بابت پنهنجي پڙهندڙن کي روشناس ڪريان، جنهن مان اوسر پهاڪاتي
لغت به هڪ آهي. هن ڪتاب جو معيار ۽ ڪم اهڙو آهي جو جيڪڏهن عرساڻي صاحب ٻيو ڪوبه ڪم
نه ڪري ها، رڳو هي هڪڙو ئي ڪتاب لکي ها تڏهن به هي هڪڙو ئي قلمي پورهيو سندس نالي
جي اهڙي ته ڇاپ هميشه لاءِ ادبي دنيا ۾ ڇڏي وڃي ها، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل ئي نه
پر ناممڪن آهي. آئون پاڻ ٻوليءِ جو استاد آهيان، ٻوليءَ جو شاگرد به رهيو آهيان، ٻولي
جي اهميت کان به واقف آهيان، جنهن محنت ۽ محبت سان عرساڻي صاحب سنڌ جي ثقافتي ورثي
۽ لوڪ ڏاهپ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي ۽ انهي جا جيڪي ادبي حوالا ڏنا آهن، سچ پڇو ته سنڌ
جي علمي، ادبي تاريخ ۾ انهيءَ معيار جو ڪتاب انهي کان پهرين مونکي ڪٿي نه ٿو ملي. پهاڪاتي
لغت ۾ عرساڻي صاحب سنڌي اردو ۽ انگريزي هم معنيٰ پهاڪا ۽ انهن جو تقابلي جائزو ۽ ڀيٽ
پڻ پيش ڪئي آهي، جنهن سان گڏ سندس مرتب ٿيل گفتارون انتهائي شاندار آهن. يقينن توهان
جڏهن اهو ڪتاب پڙهندا ته خاص ڪتاب جي شروعات ۾ جيڪو پهاڪن ۽ انهيءَ جي اهميت تي
تحقيقي بحث ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ان جي مختلف پهلوئن کي نهايت ئي چٽائيءَ سان تمام
شاندار طريقي سان بيان ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب يقينن سنڌي ٻولي جي شاگردن توڙي عام پڙهندڙن
لاءِ هڪ بهترين سرمايو ثابت ٿيندو.
ساڳئي طريقي سان ڊاڪٽر عرساڻي
جو ٻيو ڪتاب ”سنڌي سماج ۽ انساني معاشري جي اوسر“ به تمام اهم ڪتاب آهي. سندن اهو ڪتاب
مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجندڙ مضمونن جو مجموعو آهي ۽ انهن مضمونن جو مواد ۽ معيار
ڪنهن به لحاظ کان گهٽ ناهي.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ”شخص ۽
عڪس“ ڪتاب پنهنجي موضوع ۽ اصلوب جي لحاظ کان دلچسپ ڪتاب آهي. مون کي سندن مرزا
قليچ بيگ، سائين حيدر خان لغاري ۽ سائين محمد اسماعيل عرساڻيءَ تي لکيل خاڪن ڏاڍو متاثر
ڪيو. اهي نه فقط معلوماتي آهن پر ڏاڍا دلچسپ ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي حساب سان ڪارائتا آهن.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب ڊرامانويس، ڊاڪيومينٽريز ٺاهيندڙ، ڪاسماس سائنسي ڪتاب
جو ”آفاق“ جي نالي سان ترجمو ڪندڙ ۽ ڪالم نويس به رهيا آهن. پر سڀني کان وڌيڪ جيڪو
سندن ڪم رهيو آهي، سو يقينن سماجي ميدان ۾ رهيو آهي. جيڪو ڪم اوسر پيڙهڪا ڪري رهي
آهي. جيڪي اسڪول اوسر پيڙهڪا قائم ڪيا آهن، اوسر جو ڪم ۽ ڪارڪردگي جو مثال ٻيو ڪٿي
نه ٿو ملي. اوسر جا ڪافي اسڪول منهنجي تعلقي هالا ۽ مٽياري ۾ قائم ڪيل آهن. جن جون
دعوتون به اڪثر ملنديون رهنديون آهن، انهن دعوتن ۾ ڪوشش ڪري ضرور ويندو آهيان. سرڪاري
اسڪولن جي معيار تي اڃا به سوال اٿن ٿا، پر اوسر جيڪي اسڪول قائم ڪيا آهن، مهانگائي
جي دور ۾ اهڙا ادارا جيڪي غريبن کي مناسب فيس ۾ اهڙي معيار جي تعليم ۽ سهولتون
مهيا ڪري ڏين، اهو معيار ۽ سهولتون وڏيون فيسون اوڳاڙيندڙ اسڪول به نه ٿا ڏئي
سگهن.
سائين ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
صاحب جي جيڪا مونکي سڀ کان وڌيڪ ڳالهه وڻي اهو آهي پنهنجي پونئيرن لاءِ ڇڏيل
”ورثو“....! ماڻهو پنهنجو ورثو پنهنجي پونئيرن ۾ منتقل ڪندا آهن. جنهن ۾ ڪجهه ڄمندي
ئي منتقل ٿي ويندو آهي ته ڪو وري سماجي گهرجن پٽاندر منتقل ڪيو ويندو آهي. طبعي ۽ موروثي
وراثت ته فطري طور عمل ۾ اچي ويندي آهي، پر جائداد، مال ملڪيت ۽ زمين جي ورهاست جو
عمل پنهنجي هٿ وس سان ڪيو ويندو آهي. پر سڀني کان وڏو ورثو جيڪو پنهنجن وڏن کان
غير ارادي طور منتقل ٿيندو آهي، اهو اخلاق، ڪردار، ريتون، رسمون، روين ۽ قدرن تي مشتمل
هوندو آهي. مون کي جيڪا سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ کوٽ نظر آئي سا اها ته اسان پنهنجي اولاد
۾ مالياتي ورثو ته منتقل ڪريون ٿا پر سماجي ورثو منتقل نه ٿا ڪريون، جيڪي اسان جا
اديب آهن سي اهي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڳوڙها ڳاڙيندي نظر ايندا آهن پر جڏهن پنهنجي
اولاد ۾ سنڌي پڙهائڻ جي ڳالهه ايندي آهي ته اهي پنهنجي موقف تان عملي طور ڦرندي نظر
ايندا آهن. سماجي طور تي اهي ڳالهيون ته ڪندا آهن پر پهنجي اولاد ۾ اهو ذميواريءَ
وارو رويو پيدا ڪرڻ هنن کان ڪو نه پڄندو آهي.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي سڀ
کان وڌيڪ اها ڳالهه سٺي لڳي ته هنن شعوري طور تي پنهنجي اولاد ۾ اهي سڀئي قدر پروان
چڙهايا جن قدرن لاءِ هن پنهنجي سڄي زندگي ارپي. ڊاڪٽر عرساڻي صاحب ٻوليءَ سان عشق
صرف پاڻ تائين محدود نه رکيو، بلڪ پنهنجن ٻارن ۾ به اهو عشق منتقل ڪيو. جڏهن اسين پنهنجي
زندگيءَ جو جائزو وٺون ٿا ته مون سميت مونکي ڪوبه اهڙو ماڻهو نظر نه ٿو اچي جنهن
پنهنجا ادبي، تعليمي ۽ سماجي لاڙا پنهنجي آئيندن ڏانهن ايئن منتقل ڪيا هجن، جيئن
عرساڻي صاحب ڪيا آهن. ڊاڪٽر عرساڻي جو اولاد نه صرف پنهنجي فيلڊ جي حساب سان بلڪ
علمي ادبي سماجي، ڪم ۾ به ڀڙ آهي. ڊاڪٽر احسان احمد عرساڻي جا ڊيلي موشن تي سنڌيءَ
۾ رکيل سائنسي ليڪچر ۽ سندس ڪيل اصطلاح سازي يا مضمون نگاري ڪنهن کان لڪل ناهي. امتياز
احمد عرساڻي ڏينهن رات جيڪو اوسر جي سماجي ڪمن ۾ رڌل نظر اچي ٿو، سو به سڀني اڳيان
مثال آهي.
اوسر جو جيڪو سفر سائين اسماعيل
عرساڻي ۽ سائين شمس الدين عرساڻي کان شروع ٿيو سو اڄ احسان، امتياز ۽ سندس ڌيءَ سنڌيه
عرساڻي جي صورت ۾ روان دوان آهي. صرف ايترو ئي نه پر ڊاڪٽر صاحب ڪٽنب ۾ آيل پنهنجي
اولاد جي ونين کي به ادب ۽ تعليم جي ان ساڳي ئي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو، جنهن ۾ سندس سمورو
ڪٽنب پيوست آهي. اميد ٿا ڪريون وقت سان گڏ اهو سفر اڃا به اڳيان وڌندو ۽ روان دوان
رهندو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي ٽئين پيڙهي به اهو ئي ڪري ڏيکاريندي، جيڪو ڪجهه سندس
اولاد ڪري رهيو آهي. آئون سمجهان ٿو ته سڀ کان وڏو ۽ اعليٰ ڪم به اهو ئي آهي ته
پنهنجي آئيندن کي پنهنجي مالي ورثن سان گڏ سماجي، اخلاقي ۽ قومي ورثا به منتقل ڪجن.
اسان کي پنهنجي زندگيءَ جي ضايع ٿيڻ جو شديد احساس پڻ ٿيندو آهي ته هيترو وقت گذارڻ
کان پوءِ به اهڙو ڪو ڪم نه ڪيو اٿئون جو چئي سگهون ته اسان جو ڪم ٿيل آهي. حقيقت
اها آهي تي عرساڻي صاحب جيڪو علمي، ادبي، تعليمي، سماجي ڪم ڪيو آهي، سو اسان جهڙن ماڻهن
کي اوترو ڪم ڪرڻ لاءِ الائي ڪيتريون زندگيون کپنديون. الائي ڪيترا جنم وٺڻا پوندا.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جو سماج لاءِ ڪيل ڪم نئين ٽهيءَ لاءِ هڪ کليل ڪتاب آهي، جيڪو
نسل در نسل سندس اولاد، شاگردن ۽ قوم جي شڪل ۾ هميشه جاري و ساري رهندو.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
سنڌي ادب جي هيرو جو وڇوڙو
ابراهيم لاشاري
وادي مهراڻ جي ٻولي ۽ ادب تي گهري
نظر ڪبي ته هن ڌرتي ڪيترن ئي املھ اديبن، شاعرن، تعليمي ماهرن،علم جي اڪابرن کي
پنهنجي گود ۾ هميشه جنم پئي ڏنو آهي جن پنهنجي ڪيل خدمت عيوض هميشه ادبي لڏي ۾ پنهنجو
پنهنجي ديس جو نالو دنيا جي انسان تائين جرڪايو آهي اهڙن علمي ادبي شخصيتن منجهان سنڌي
ادب ۾ کي هڪ وڏي سگهه ڏيندڙ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پڻ هڪ آهي جنهن سال ۱۹۳۹ع جي ۲ اپريل آچر ڏينهن هالا جي پڙهيل
لکيل خاندان جي عظيم انسان نور محمد عرساڻي ۽ امڙ نعمت خاتون جي گهر پهريون ساهه کڻي
جنم ورتو. سندس والدين ننڍي هوندي بهترين تعيمي تربيت ڪري مين پرائمري اسڪول هالا
منجه داخل ڪرايو جتان هن ذهين شاگرد اسڪول ۾ پهريون نمبر کڻي پنج درجا پاس ڪيا. وڏڌيڪ
تعليم حاصل ڪندي ڪندي وڏي منزل تي پهتو، شمس الدين عرساڻي صاحب سال ۱۹۵۸ع ڌاري سرڪاري ملازمت اختيار ڪندي ڪجهه وقت مختيار ڪار تعلقه آفيس حيدرآباد
۾ سر شيتدار ٿي رهيو ۽ ڪجهه عرصو وري ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد جو سرشيتيدار واري عهدي تي
ٻه ڪم ڪندو رهيو سندس اها نوڪري ڀان نه پئي هن روينو کاتي کي الوداع چئي سال ۱۹۶۱ع ڌاري درس تدريس واري شعبي پڙهڻ پراهائڻ سان سلهاڙجي ويو پهريان پهريان ڊاڪٽر
شمس الدين عرساڻي صاحب گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ماستر واري عهدي تي پنهنجا
فرض سر انجام ڏيندو رهيو بعد ۾ هي ذهين انسان خاموش ٿي نه ويٺو ۽ سال ۱۹۶۲ع ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪري هن محنت ڪندي سال ۱۹۶۶ع ڌاري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سنڌي ادب ۾ ليڪچرار ٿيڻ لاءِ امحتان ۾ ڀهرو
ورتو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ان امتحان منجهه ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب سڄي سنڌ
جي اميدوارن کان گوءِ کڻي (فرسٽ پوزيشن) پهريون نمبر تي آيو ۽ سنڌي شعبي جو ليڪچرر
مقرر ٿيو.ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب کي ننڍي هوندي ادب سان گهري دلچسپي هوندي هئي
هو سنڌي ادب، ٻولي جي خدمت ڪندي ڪڏهن به نه ٿڪيو سنڌ جي مختلف اخبارن، رسالن،
ميگزين ۾ سوين مختلف مضمنن تي مقالا، مضمون ڇپجي پڌرا ٿيا سنڌي ادب تي نظر ڪجي ٿي
ته ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سنڌي علم ادب جو هڪ وڏوو نقاد، ادبي تاريخدان، ناميارو ڪهاڻيڪار،
ماهر لسانيات، محقق، سنڌي ٻاراڻي ادب ج بهترين ليکڪ ۽ ماهر تعيمدان ۽ زبردست سنڌيڪار
وارين سڀني ادبي وصفن جو مالڪ رهيو.ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب سنڌي زبان تي پڻ
جديد طرز سان ڪم ڪيو خاص طور تي نون سنڌي علمي اصطلاحن کي رواج سان روشناس ڪرايو، سنڌي
ادب جي هن ڏاهي سال ۱۹۸وع ڌاري
سنڌ يونيورستي منجهان (سنڌي ادب ۾ افسانوي ادب جي اوسر) تي هڪ بهترين مقالو لکي (
پي _ ايڇ _ ڊي ) جي اعلي سند پڻ حاصل ڪئي سنڌ جو هي ناميارو تعليمدان، محقق ۽ دانشور
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب درس تدريد جو فرض هميشه سچائي ايمانداري سان نڀائيندي
سرڪاري عمر جي حد ۶۰ سال پوري ڪندي سال ۱۹۹۹ع ڌاري پروفيسر جي حيثيت ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد منجهان رٽائرڊ
ٿيو، ڊاڪٽر عرساڻي صاحب سرڪاري نوڪري دوران ڪيترا ئي ڀيرا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ايڪس
آفيشو ميمبر پڻ ٿي پنهنجو ڪم ايمانداري سان سر انجام ڏيندو رهيو ڊاڪٽر شمس الدين
عرساڻي صاحب کي سنڌي ٻولي سان نهايت گهرو پيار هوندو هو هن سال ۲۰۰۲ع ڌاري سنڌ جي تعليم جي خراب صورتحال کي سڌارڻ واري نيت سان هڪ تنظيم (پيڙهڪا)
جو بنياد وڌو، ۽ سنڌي ميڊيم ۾ پڙهائڻ لاءِ ڪيترا ئي اسڪول کوليا جئين سنڌي ٻولي ترقي
ڪندي رهي اهڙي ريت هي سنڌ جو ناميارو نقاد،
محقق، تعليم جو ماهر دانشور، سنڌي ادب نهايت پروقار نالو سنڌي ادب جي جهول ڀرڻ ۾ ڪا
ڪمي ناهي ڇڏي ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي سنڌي ادب کي ڪيترا ئي ادبي ڪتاب جهڙوڪ سنڌي ادب
۾ تنقيد سال ۱۹۶۵ع، آزاديءَ کان پوءِ سنڌي اافسانوي
ادب جي اوسر سال ۱۹۸۱ع، سنڌي ٻلي جي سکيا (بي ايڊ جي
شاگردن لاءِ) سال ۱۹۸۲ع سنڌي ورجيسي ٻولي سال ۱۹۹۹ع، سنڌي ٻولي جي جهان ۾ کوجنا ۲۰۰۱ع، فن
شخصيت۽ انداز (ادبي شخصيتن تي خاڪا ۲۰۰۳ع، ٻاراڻي
ادب لاءِ لاکو ڦلاڻي (ٻارنجو ناول ۱۹۸۶ع نئون
ڇٽيهه لکڻو ۱۹۹۷ع ان کان علاوه اخلاق ۽ ڪردار، پهاڪاتي
لغت، ثقافت ۽ انساني معاشري جي اوسر، الف بي ٻاراڻا ٻول، سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ،
دل جون ڳالهيون، ۽ سائنسي افسانا وغيره سان سنڌي ادب کي ڊاڪٽر صاحب آسودو ڪيو اهڙي
ريت سندس اولاد پڻ والد جي نقشي قدم تي
هلندي علم ادب ۽ سنڌي ٻولي جي بي پناهه خدمت ڪرڻ ۾ جنبيل نظر اچي ٿي ڊاڪٽر شمس الدين
عرساڻي صاحب کي ڪيل ادبي خدمتن عيوض ڪيترن ئي اعزازن ۽ انعامن سان وقت به وقت نوازيو
ويو جن ۾ پاڪستان پروفيسر ايسوسيئيشن پاران پي ايڇ ڊي تي بهترين مقالو لکڻ عيوض کيس
انعام سان نوازيو، ۲۰۰۴ع ڌاري
سنڌي ٻولي جو مادري وطن ايوارڊ ۲۰۰۵ع ڌاري
ڊاڪٽر محبت ٻرڙو اڪيڊمي قمبر پاران ٻولي ۽ لٽريچر ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو ڊاڪٽر
صاحب جو ڪيل ادبي ڪم هميشه صدين تائين ياد رهندو سندس ذات، ڪردار سنڌي ٻولي، تعليم
سان محبت سان سڀني لاءِ هميشه مشعل راه رهندي سنڌ ڌرتي مهراڻ جو راڻو برک اديب
دماغ جي بيماري سبب هڪ هفتو مسلسل علاج واسطي راجپوتانه اسپتال حيدرآباد ۾ داخل هيو
جتي سندس پٽ ڊاڪٽر احسان عرساڻي صاحب مسلسل
خدمت ڪندي زندگي بچائڻ لاءِ ڊاڪٽرن سان مشورا ڪندي نظر آيو مڱر بيماري ۽ موت ڊاڪٽر
شمس الدين عرساڻي مٿان ٽڪ ٻڌي بيهي رهيو آخرڪار سنڌ واسين ۽ سنڌي اديبن ۽ ادبي
خدمتن منجهان هٿ ڪڍي زندگي جون ۷۸ بهارون
۴ مهينا ۲۰
ڏينهن ڏسي ۲۲ آگسٽ ۲۰۱۷ اڱري ڏينهن آخر ابدي آرامي ٿيو سندس سوڳ ۾ هڪ گهرواري ۲ نياڻيون ۴ علم ادب جا اڪابر پٽ ڊاڪٽر احسان
عرساڻي، ڊاڪٽر نور محمد، ڊاڪٽر ضياءَ الدين، ۽ امتياز عرساڻي کان مولائي هميشه
لاءِ راهه رباني ٿي ويو.سندس ادبي خدمتون هميشه ياد رهنديون.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
اڻمٽ نقش چٽيندڙ قلمڪار -
ٽين ورسي جي مناسبت سان
امتياز احمد عرساڻي
انسان جو فنا ٿيڻ
فطري آهي، مگر سندس خيالن جو تسلسل برقرار رهڻ غير فطري! نسب وڌائڻ واري ڪار ته هر
جاندار جي آهي، ليڪن حسب جو عمل هڪ تقليدي سلسلو آهي! انسان جو جنمجڻ هڪ فطري عمل
آهي ۽ فنا ٿيڻ القاءُ جي حقيقت، پر نسل جي فڪري جنبش، آئينده نسل جي ڪڙي ۽ پرورش
سان مشروط آهي. نالي پٺيان نالو لڳائڻ ڪنهن به اهميت جو حامل نه آهي، سندس ڪرت جي ڪار
ئي معني خيز تصور سان جٽيل هوندي آهي. هن دنيا ۾ نسل در نسل نڪتل انسانن پٺيان بشر
جا ڪيترائي آل اولاد آيا ۽ هليا ويا، ليڪن ڪيترا بغير ڪنهن مقصد جي زندگي گذاري
ويا. ڪيئي پنهنجي پچار ۽ عمل سان سماج کي سيرياب ڪري ويا ۽ ٿورائي ڪي پنهنجي تربيت
سان پنهنجي خيال، سوچ ۽ فڪر کي اڳتي وڌائي سگهيا! بي مقصد ۽ بي جان زندگي جو تصور
اهڙن فردن جو آئينو آهي، جيڪي تنقيدي ۽ تخليقي پهلوءَ کان خالي رهيا، اهي انسان جن
پنهنجي فن و فڪر سان هن جهان کي سيرياب ڪيو ڄڻ ته تن پنهنجي زندگيءَ جي مقصد کي
ملهايو، ليڪن اهي شخصيتون جن پنهنجي نظرين کي نون رستن تي هلائڻ جو گس ڏيکاريو ۽
پنهنجي ويچارن کي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪري پنهنجو تسلسل برقرار رکيو انهن هن حياتيءَ
جو اصل مقصد ماڻيو.
سماج لاءِ ڪم ڪرڻ ۽
پنهنجي ڪم جو سلسلو ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ وارو عمل ئي زندگي ڪامل هئڻ جو سعيو
نه ٿو ڏي. مقصد اتي ئي ختم نه ٿو ٿئي ۽ نه ئي حياتيءَ جو منطقي جوڙ اتي مڪمل ٿو ٿئي!
اها شخصيت جيڪا نوان سماجي لاڙا متعارف ڪرائي، پنهنجي ڪرت سان جديد گس ٺهرائي، پنهنجو
فن نئين نسل جي رهنمائي لاءِ ته ڇڏي ليڪن پنهنجي سوچ جي ڇاپ، پنهنجي فڪر جو گمان،
پنهنجي تخيل جو سمان پنهنجي آئيندن جي ذهنن ۾ پيوست ڪرڻ بجاءِ انهن ۾ تنقيدي سوچ
پيدا ڪري، سندن سوچ ۽ پروڙڻ جي فهم کي جنم ڏي، ان ئي شخصيت کي ڪامل زندگيءَ جي
علامت سمجهيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا جي تهذيب جي ترويج تنقيدي ۽ تخيلقي گهرج سان
گڏ هميشه جديد لاڙن جي گهرجائو رهي آهي ۽ جديد فن و فڪر جو سينگار اهڙين ئي شخصيتن
سان ممڪن بنجي سگهيو آهي جيڪي پنهنجو ڪردار ته نڀائين پر پنهنجي فڪري سوچ کان
بالاتر ٿي نوان ۽ جديد لاڙا جنم ڏيندڙن کي جنمن! ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي به انهن
ئي شخصيتن مان هڪ آهي، جنهن پنهنجي ڪردار ۽ عمل سان نه صرف سماج کي نئون تخيل ڏنو،
بلڪ پنهنجي حلقي جي سمورن چاهڪن لاءِ جديد فڪر جوڙڻ جا دروازا کوليا.
ڊاڪٽر شمس الدين
عرساڻي بنيادي طور هڪ تنقيدنگار رهيو آهي. سندس طبيعيت ۽ ڪيفيت هميشه سراپا
تخليقار رهي. سندس مزاج ۾ سدائين پرکڻ ۽ پروڙڻ جي جستجو ۽ خاصيتون ولوڙڻ جي ولوڙ
رهندي هئي. سندس من اندر دنيا جي حسناڪين ۽ جماليات جو غلبو رهندو آيو. هو فن و فڪر
جي تهه جانچڻ ۽ ان جي وضاحت ۾ مهارت رکندڙ رهيو. شخصيتن جو ڇيد هجي يا فڪري فلسفو،
فڪشن هجي يا تخليقي ماخذات، مضمون هجن يا ناول نگاري، ڊرامه هجن يا فلم ڪاري، فطري
حسن هجي يا هٿرادو ماحول، فن تعمير هجي يا کليل سحرا، بند گهٽيون هجن يا ڪشاده
راهون، قومي تحريڪ هجي يا انقلابي واٽون مطلب ته سندس تجزيو ۽ امتياز اهڙين اوڀارين
لهوارين ۽ ان جي فن و تخيل کي پرکي وٺندو هو، جيڪا شايد خود خالق جي اک به نه ڏسي
سگهندي هجي! سندس قلم ان جي صفت ۽ لڇڻ کي ايتري مثبت ۽ سادن الفاظن سان بيان ڪندو
هو جو هر ڇڪ رکندڙ شخص ان مان محظوظ ٿي ايئن ڀائيندو ڄڻ سندس هن من جا الفاظ ڇني
ورتا هجن!
ڊاڪٽر عرساڻي
پنهنجي سڄي زندگي يتيمي ۾ گذاري، ننڍپڻ ۾ ئي والد جي وفات سندس شخصيت تي گهرو اثر ڇڏيو.
طبيعيت ۾ محروميت جي احساس کيس حساسيت جي ڪيفيت ۾ مبتلا ڪري وڌو، اهو ئي سبب آهي
جو کيس زندگيءَ کي ويجهي کان ڏسڻ جو وڌيڪ موقعو مليو. هن پنهنجي محرومين کي استعداد
۾ منتقل ڪندي، پنهنجي شخصيت کي تنقيدي پهلوءَ سان شناسا ڪيو ۽ زندگيءَ جي آخري
لمحي تائين منطقي فڪر و سوچ سان سلهاڙيل رهيو. هن پنهنجي آئيندن کي دائرن اندر سوچڻ
واري سڀاءُ مان ٻاهر نڪرڻ جو رستو ٻڌايو. هٿ وسيڪ جڪڙيل سماج ۾ به آزاد سوچ کي
پروان چاڙهڻ جو عملي مظاهرو ڪري ڏيکاريو. سندس تربيت جو انداز به سندس مزاج جو عڪس
هوندو هو.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
هڪ کليل مزاج ۽ دوست روا شخصيت جو مالڪ هو، هن پنهنجي اولاد سان پڻ هڪ دوستي جو
رشتو قائم رکيو ۽ ڪلام گفتگو کان وڌيڪ پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان پرورش ڪئي. هن
پنهنجي تخليقي ڪرت ذريعي نتيجو ٻڌائڻ بدران، شين جو ڇيد ڪرڻ سيکاريو. ننڍين ننڍين
مهل ۽ موقعن جي مناسبت سان سندس گفتگو جو سحر سوچ واري حاصلات تائين ڪيئن ٿي پهتو ڪا
خبر ئي ڪونه ٿي پئي.
ڊاڪٽر شمس الدين
عرساڻي کي اسان هميشه ڪتابن ۾ گهيريل ۽ پنا پڙهندي ۽ لکندي ڏٺو. سندس ڪوبه پل بيجا
گفتگوءَ يا ضايع ڪندي نه گذريو. هن ڪڏهن به اسان کي ڪتاب پڙهڻ، فلم ڏسڻ يا عبادت لاءِ
ذهني دٻاءُ ڪونه وڌو، سندس عمل ۽ ڪيل گفتگوءَ جي سحر ئي اسان کي ادب ڏانهن راغب ڪيو.
اها سندس ڪمال تربيت هئي جنهن اڻسڌي طرح سان اسان کي ادب ڏانهن مائل ڪيو. هن ڪڏهن
لوڪ داستان جي ڪهاڻي کي ڪلائميڪس تي پهچائي ڪتاب پڙهڻ تي مجبور ڪيو ته ڪڏهن وري
پنهنجون لکڻيون فيئر ڪري ڏيڻ واري عمل سان اسان ۾ شوق پيدا ڪيو. ڪڏهن شخصيتن جا
قصا ٻڌائي آتم ڪٿا ڏانهن راغب ڪيو ته ڪڏهن وري تاريخ جا ورق اٿلائي ذهن اندر سوال
اٿاريا. مطلب ته سندس هر پل هر ساءُ ۾ ڪانه ڪا اهڙي حڪمت پنها هئي جنهن اسان کي
نوان فڪري رستا کولي ڏنا.
ڊاڪٽر عرساڻي
پنهنجي مقالن اندر صرف انهن ئي شخصيتن کي ڪين اڀاريو آهي، جيڪي سماجي ناماچار رکن،
بلڪ انهن شخصيتن کي پڻ باوقعت ظاهر ڪيو آهي، جيڪي مختلف واقعن جي صورت ۾ سماج اندر
پنهنجو وجود رکندا اچن. جيئن ته ڪو به انسان مڻيا کان خالي ڪونه هوندو آهي، پر
سندس شخصيت اندر لڪل جوت جلواگر نه ٿيڻ سبب کين اهو مرتبو نه ملي سگهندو آهي جنهن
جا هو گهرجائو هوندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هو هر عام نظر کان اوجهل رهندا آهن.
ليڪن اهي خاص نظر رکندڙ شخصيتون ئي هونديون آهن، جيڪي سندن صلاحيتن ۽ خاصيتن کي
پروڙي ماڻهن سامهون آڻينديون آهن.
ڊاڪٽر شمس الدين
عرساڻي هڪ بهترين نقاد سان گڏ ادبي تاريخدان، ناميارو ڪهاڻيڪار ۽ سنڌي ٻاراڻي ادب
جو پڻ ليکڪ ٿي گذريو آهي. سندس لکيل ادبي مسودا ”آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي
ادب جي اوسر“، ”سنڌي ٻوليءَ جي جهان جي کوجنا“، ”سنڌي ادب ۾ تنقيد“، سنڌي ادب جي
ارتقائي تاريخ“، ”پهاڪاتي لغت“ ۽ اهڙا ڳاڻ ڳڻيا ڪتاب ايندڙ نسل لاءِ مشعل راهه
آهن. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پنهنجي عملي زندگي توڙي پنهنجي قلمي پورهئي سان اهڙا
نقش چٽيا آهن، جيڪي ايندڙ نسل کي نئين سوچ ۽ راهه سان همڪنار ڪن ٿا ۽ اهي نقش ڪڏهن
به مٽجڻ جهڙا نه آهن.
ڊاڪٽر شمس ۽ سائين حيدر
ٻه دوست - هڪ فڪر
امتياز احمد عرساڻي
جيئن هر انسان
پنهنجي نقش ۽ رنگ ڍنگ سان جنم وٺي ٿو، تيئن هر ماڻهو پنهنجي ئي سوچ ويچار ۽ فڪر جو
مالڪ هوندو آهي. جيتوڻيڪ ماحول جو اثر هر ڪو وٺي ٿو، ليڪن سندس رجحان کيس ڪهڙي دڳ ڏانهن
ڇڪين ٿا، ان جو تعين ڪرڻ ڏکيو امر آهي. دوستي، رشتيداري ۽ تعلقات جو ٽڪساٽ ساري ڄمار
انسان جي جيون سان جڙيل رهندو آهي. ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هي سماج هڪ باهم ڄار مثل فردن کي
گهيري رکندو آهي. سماج جي سنگم کي نڀائيندي ڪيڏي مهل انسان گهڻ رخي شخصيت جي ڪُن ۾
هليو ٿو وڃي ڪا ڪل ئي ڪانه پوندي آهي! مگر اها به حقيقت آهي ته مائٽن ۽ رفقاءَ جي
پيچيده تعلقات کي نڀائيندي پنهنجي اصل شناخت ۽ مزاج کان ماڻهو ڀلي ڪيترو ئي دور
هليو وڃي، مگر سمورن رشتن کان بالاتر ٿي پنهنجي مرضي ۽ پسنديدگي واري دوستيءَ ۾ هو
پنهنجي اصل روح سان موجود رهندو آهي.
اهڙيون شايد ئي ڪي
شخصيتون هجن، جيڪي سامهون واري شخصيت جي قد ڪاٺ کي ڏسندي پنهنجي روين ۽ لهجن کي نه
مٽائين. اهي فرد عمر، جنس، ذات ۽ عهدن جي اسيريءَ جا اسير نه بنجن. ٻيڙا ئي پار
واري تصور کي به شايد اهي ئي پهچي سگهن، جيڪي پنهنجو رنگ موسم ساڻ نه مٽائين! اڻ
برابريءَ واري سماج ۾ سڌي ليڪ وارو سفر شايد اسان کي ڪامياب شخص جي لقب کان خالي ڪري
وجهي پر تڏهن به سمورن القابن کي جهيڙيندي به جيڪي فرد پنهنجي مزاج جي پختگيءَ سان
ساري عمر گذارين سي تاريخ جي تاريڪ رات کي به روشن ڪيو وجهن. پنهنجن سڳن، تعلقدارن
توڙي عملدارن سان هڪجهڙائيءَ واري هلت پنهنجن کي دور ڪري، اولاد لاءِ ڏوراپن جا در
کوليو وجهي. مگر لفظن جا پٿر جهيلي به پنهنجي شخصيت کي متوازن رکڻ واري جستجوءَ ۾
مگن اهي شخصيتون سماج لاءِ مثال بنجيو اڀرن. سائين حيدر علي ۽ ڊاڪٽر شمس عرساڻي به
انهن ئي شخصيتن مان هڪ هيون، جيڪي نه صرف پنهنجي فڪر و فراست ۾ هڪ جهڙيون هيون بلڪ
آخري ايامن تائين به پنهنجي مزاج ۽ روين اندر هڪ خاص مماثلت جون حامل رهيون.
ڊاڪٽر شمس ۽ سائين
حيدر جي شخصيت ادبي حلقن سامهون کليل رمز جو استعارو آهي. سندن شخصيت لاءِ ”هڪ فڪر...
ٻه دوست“ جي عنوان سان ڪوبه جداگانه رايو نٿو ٿي سگهي. فڪري دوست يقينن هر ظاهري توڙي
باطني مفادن کان بالاتر ۽ کليل سوچ جو محور هجن ٿا. ڇاڪاڻ ته سندن سامهون دنيا کي ڏسڻ
۽ پرکڻ جا پنهنجا ئي زاويه هوندا آهن. يقينن نوان لاڙا متعارف ڪرائيندڙ شخصيتون ئي
پنهنجي اندر ۾ هڪ فڪر کي جنم ڏين ٿيون. سائين حيدر ۽ ڊاڪٽر شمس جي هم فڪر مان مراد
به اهڙا ئي رجحان آهن، جيڪي نئين بحث جي آغاز کي جنم ڏين ٿا. هر معاملي، هر مسئلي
۽ هر تصور کي منطقي انداز سان ڏسي ان کي نئون رخ ڏيڻ، شين کي تنقيدي نگاهه سان
پرکي ان جي خاصيتن کي اجاگر ڪرڻ ئي سندن مشعل راهه هجي ٿي. ڊاڪٽر عرساڻي ۽ سائين
لغاري صاحب جو ساٿ به فڪر جي اهڙن ئي آزاد دائرن اندر پنها هو، جنهن اندران نوان
رستا ڦٽي نڪتا.
اسان جي معاشري
اندر مخصوص تعليم و تربيت ۽ ماحول هوندي، پنهنجي فطري سمت جو تعين ڪرڻ تمام گهڻو
مشڪل آهي. پر جتي دائرن اندر سوچڻ کان وڌيڪ، اڳيان ڏسڻ جو موقعو ئي نه ملي ته اتي
ذهن جو اُسرڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي. سائين حيدر ۽ ڊاڪٽر عرساڻيءَ جي رغبت، ذهني
ادراڪ ۽ فڪر کي آزاد ڪري نه صرف فطري موڙ ڏنو بلڪ سندن مباحثن ۽ دليل بازين ڪيترين
ئي پس منظر ۾ پيل سوچن کي پيش منظر ڏانهن آڻي بيهاريو. ڊاڪٽر عرساڻي حقيقت پسند
هوندي به تخيل واري دنيا جو هيراڪ هو. جڏهن ته حيدر عليءَ تي الاهيات ۽ روحانيت
غالب هئي ۽ طبيعتن آئڊليسٽ ۽ رومان پرست لڳندو هو. هُن مذهبيات ۽ تصوف جو گهرو
مطالعو ڪيو هو. جيڪڏهن سائين حيدر خيال پرست هو ته ڊاڪٽر عرساڻي به ماده پرستانه
خيال کان آجو ڪونه هو. شايد سواد جو اهو ساڳيو ئي ذرو هو جنهن ڪري ڊاڪٽر عرساڻي ۽
سائين حيدر ظاهر ظهور مطالعاتي اختلافن جي باوجود هڪٻئي جي قريب اچي ويا. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر
عرساڻي ۽ سائين حيدر جي پرورش جداگانه خانداني پس منظر ۽ ماحول ۾ ٿيل هئي. پر رفته
رفته پاڻ ۾ طول طويل بحثن ساڻن قربت پيدا ڪري وڌي. جتي سائين حيدر، ڊاڪٽر عرساڻيءَ
جو متعرف بنجي ويو، اُتي ڊاڪٽر عرساڻي به سندس چاهيندڙ ۽ عاشق بنجي ويو.
سچ جي مٺاس هجي يا ڪوڙاڻ،
سائين حيدر جي اندر ۾ ڄڻ ته ٻئي حقيقتون جذب ٿيل هجن. ڪنهن جي ڪوتاهي هجي يا غلطڪاري،
ڪوڙ هجي يا ٺڳي، نخرو، ادا هجي يا سدا سندس جواب ۾ اهڙي ته تاثير ۽ سبق هوندو هو، ڄڻ
ته سامهون واري کي ناگوار به نه گذري ۽ سبق به پرائي وجهي. ڊاڪٽر شمس عرساڻي ذڪر ڪندو
هو ته محفل، آفيس، گهر، دڪان يا ڪنهن به سرڪاري توڙي غير سرڪاري تقريب ۾ اهڙيون ڪيتريون
ئي ننڍيون وڏيون ڳالهيون ٿينديون هيون، جيڪي سائين حيدر جي وات مان نڪرندي ئي مزاح
سان گڏ سبق ڀائنبيون هيون. سامهون وارو انهن کي محسوس ڪندو هو ۽ بنا ڪنهن جواب جي
پنهنجي اصلاح ڪرڻ لاءِ سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو هو. انهن ڳالهين مان ڪيترين جو ذڪر ڊاڪٽر
عرساڻي، حيدر علي لغاري صاحب تي لکيل پنهنجي مضمونن ۾ اڳ ئي ڪري چڪو آهي، جنهن جو
ورجاءُ ضروري نه آهي.
سائين شمس ۽ حيدر
جون ٽرينگ ڪاليج فار مين تلڪ چاڙهي جي پارڪ تي شاگردن جي گهيري هيٺ ٿيندڙ ڪچهريون،
شايد ئي ڪير وساري سگهي! جيتوڻيڪ چار ڏهاڪا گذري چڪا آهن، مگر انهن فڪري ويهڪن جي
پاڇي هيٺ تيار ٿيل نسل پنهنجي وستين ۽ واهڻن ۾ ان جو اثر ورهائيندي اڃا به ڏسڻ ۾ ايندو
آهي. مختلف ادارن اندر ڪم ڪندڙ ساٿي اڃا به ساڳي ساءُ لاءِ واجهائيندا رهندا آهن.
وقت جي دز ڪن کي ميرانجهڙو ڪري وڌو ته ڪن کي وري پرلوڳ پڌارڻو پيو ليڪن اتي ٿيل فڪري
محفلن جي گونج ان ئي جوان عمريءَ سان سيني به سيني منتقل ٿيندي ٿي رهي. انهن ڪچهرين
جو ذڪر اصل رس، چس ۽ چاهه ساڻ ڪندي اڄ به ٻڌو ويندو آهي.
ڊاڪٽر شمس ۽ سائين
حيدر ڪيترين ئي انهن محفلن ۽ مجلسن جو حصو رهيا، جيڪي سندن فڪر جي تضاد ۽ سماجي بند
۾ بنديل هيون، پر هن ڪڏهن به ان نظريي ۽ عقيدن جي چاهيندڙن جي دل آزاري نه ڪئي ۽
نه ئي ڪڏهن سندن موقف کي برملا غلط ڪوٺيو. سندس ڳالهه جو تسلسل هميشه ايترو رواني اختيار
ڪندو هو، جيترو سامهون واري جي دل و دماغ هضم ڪري سگهي. طنز، ٽوڪ يا پاڻ کان ٻئي
جي سمجهه کي گهٽ ڀانئڻ سندس مزاج ۾ شامل نه هو. ملائم طبيعت سان، تحقيق ۽ تجربن جي
آڌار تي ڳالهائڻ ئي سندس مڪتبه فڪر هو. ڪنهن جي اعتقاد کي ٺيس رسائڻ کان بالاتر ٿي
خاص لفظن جي چونڊ سان اختلاف راءِ رکڻ جو فن سائين حيدر ۽ ڊاڪٽر شمس کي بخوبي
ايندو هو. اڳئين جي ذهن ۾ سوال اٿارڻ ۽ ان جي کوجنا لاءِ اڪسائڻ ئي سندس اصل ڏانءُ
هو. کين اها ڄاڻ هئي ته بحث کي اقراري ۽ مثبت جملن سان سميٽڻ جو رجحان ئي سامهون
واري کي قائل ۽ سوچڻ تي مجبور ڪندو آهي. ڊاڪٽر عرساڻي ۽ سائين لغاري منجهان فيض
پرائيندڙ، پنهنجي ويچار کي ٻئي تي فوقيت ڏيڻ کان سواءِ ئي، پنهنجي فڪر جي پرچار ڪندا
آهن. هو سامهون واري جي فهم و فڪر کي مانُ ڏيندي، پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا آهن
۽ کين سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو خاندان، اولاد توڙي سندس ويجها
ساٿي سندس انداز جا گرويدا ٿي پيا آهن.
اهي گهٽ ئي ماڻهو هوندا آهن، جيڪي پنهنجي ڪڙم جي روين ۽ سماجي لاڙن کان منحرف ٿي حقيقتن سان گڏ بيهي سگهندا آهن. زندگيءَ جا تجربا ۽ حادثا انسان جي بنياد کي به لوڏيو ڇڏين، وقت جو سفر جيئن طبعي حياتيءَ تي اثر انداز ٿئي ٿو، تيئن ئي سندس سوچ تي پڻ پنهنجا گهرا نقش چٽي ٿو. اهو سماج جتي چوڌاري عقيدن جو گهيرو هجي ۽ جنهن معاشري کي رسومات ڄمڻ کان مرڻ تائين ول وانگر ويڙهي رکن. ان حالت ۾ ڪوبه فرد پنهنجا اعصاب تسلسل سان سنڀالي، پنهنجي معتدلي برقرار رکي، اها هڪ غير معمولي ڳالهه آهي. اها غير معمولي سوچ ۽ صلاحيتن جي مالڪ شخصيات جيڪي حقيقتن کي سمجهي، فطرت ۾ سمائجي وڃي ۽ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين پنهنجي معتدل سوچ سان ٻين جي سمجهه کي روشن ڪري. سائين لغاري ۽ ڊاڪٽر عرساڻي نئين نسل ۾ پنهنجي سوچ منتقل ڪرڻ بجاءِ هميشه سوچ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن پنهنجا پوئلڳ پيدا ڪرڻ جو سوچيو نه ئي ڪوشش ڪئي. ڇاڪاڻ ته هو چڱيءَ ريت سمجهندا هئا ته پوئلڳ جو تصور خود پاڻ ۾ هڪ جمود جو تاثر ڏئي ٿو. پنهنجا معتقد پيدا ڪرڻ يا پنهنجي سوچ جو ڪاروان جاري رکڻ جي خواهش کي پڻ هو ائين ئي سمجهندا هئا، جيئن ڪو ”پير“ پنهنجو چيلو پيدا ڪري. سندن پنهنجو زاويو سامهون رکڻ واري ڪرت زندگي جو حصو رهي. هو هميشه صوفيت ۽ عقيدت تي انحصار ڪرڻ بجاءِ پنهنجي عمل وسيلي زندگيءَ جي حقائق تي غور ڪرڻ ۽ سوچڻ جي ترغيب ڏيندا رهيا. هنن ڪڏهن به روايتن تي ٻڌل اخلاقي اقدارن ۽ صحيح غلط جي معيارن کي حتمي تصور نه ڪيو. هنن هميشه پنهنجي آئيندن کي سندن سوچ پيدا ڪرڻ ۽ نوان معيار جوڙڻ سيکاريو.
ڊاڪٽر شمس
الدين عرساڻي
(اديب،
ڪهاڻيڪار، محقق ۽ نقاد - جنم ڏينهن جي نسبت سان ڀيٽا)
ساجد رند
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ، ۰۴ اپريل ۱۹۳۹ع تي هالا نوان،
تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ نور محمد عرساڻي جي گھر ۾ جنم ورتو.
پاڻ ٻن سالن جو ٿيو ته سندس خاندان هالا نوان کان لڏي
حيدرآباد شهر ۾ اچي رهيو، سندس تعليم ۽ تربيت حيدرآباد ۾ ٿي.
شمس الدين عرساڻي مئٽرڪ ۱۹۵۶ع ۾ ڪيائين، جنهن
بعد بي اي ۽ ايم اي (سنڌي ادب) ۾ ڪري، اڳتي هلي ۱۹۸۰ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام
شوري مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري “آزاديءَ کان پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر” عنوان
سان حاصل ڪيائين.
پيشي جي لحاظ کان پاڻ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد ۱۹۵۸ع ۾ نوڪريءَ سان
عملي زندگيءَ جي شروعات ڪيائين، ڪجھ عرصو مختيارڪار آفيس حيدرآباد ۾ ملازم، ڪجھ
عرصو ڊپٽي ڪمشنر آفيس حيدرآباد ۾ سرشتيدار ٿي رهيو. ۱۹۶۱ع ڌاري گورنمينٽ
هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ نائب ماستر مقرر ٿيو، بعد ۾ ۱۹۶۶ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن
جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. مختلف ڪاليجن ۾ نوڪري
ڪرڻ سان گڏ ڪيترا ئي ڀيرا سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ سنڌيءَ جو ايڪسپرٽ به رهيو. ۱۹۹۹ع ڌاري گورنمينٽ ڪاليج
حيدرآباد مان پروفيسر طور رٽائر ٿيو.
پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکڻ جو آغاز ۱۹۶۳ع کان ڪيو، هن ٻارن
لاءِ ڪهاڻيون لکيون. سنڌي لسانيات تي پڻ جديد انداز سان ڪم ڪيائين. خاص طور تي نون
سنڌي علمي اصطلاحن کي رواج ۾ آندو. هن مختلف موضوعن تي تنقيدي مضمون ۽ مختلف
شخصيتن تي خاڪا لکيا. سندس مضمون، مقالا ۽ ڪهاڻيون وقت به وقت مختلف رسالن ۾ ڇپبيون
رهيون.
سنڌ جو ھي ناليوارو محقق، نقاد ۽ ڪهاڻيڪار ۲۲ آگسٽ ۲۰۱۷ع تي لاڏاڻو ڪري
ويو.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جون ڪيل علمي، ادبي خدمتون ھيٺين
ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھن.
۱. سنڌي ادب ۾ تنقيد (تنقيد)
۲. آزاديءَ کانپوءِ سنڌي افسانوي
ادب جي اوسر (پي ايڇ ڊي مقالو)
۳. سنڌي ٻوليءَ جي سکيا (بي. ايڊ
جي شاگردن لاءِ)
۴. سنڌي ورجيسي ٻولي
۵. سنڌي ٻوليءَ جي جهان جي کوجنا
۶. فن، شخصيت ۽ انداز (خاڪا)
۷. بنيادي سائنس (پهرين درجي لاءِ)
۸. سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ (بيت
ڪهاڻيون)
۹. پڪو ٻاراڻو (ٻاراڻو ادب)
۱۰. لاکو ڦلاڻي (ٻاراڻو ناول)
۱۱. نئو ڇٽيھ لکڻو (ٻاراڻو ادب)
۱۲. اوسر پهاڪاتي لغت
۱۳. سنڌي ادب ۾ تنقيد (وڌايل ۽ سڌاريل)
۱۴. سنڌي لسانياتي اوسر
۱۵. سنڌي ادب جي اوسر
۱۶. آزاديءَ ۾ اسير (ڪھاڻيون)
ڊاڪٽر شمس
الدين عرساڻي
ڪجھ يادون. .
. . . ڪجھ عڪس
امتياز عرساڻي
جيتوڻيڪ اوهان طبعي طور منهنجي سامهون ڪونه آهيو پر تڏهن
به اهو ڪو ڏينهن ڪونهي، جڏهن مون اوهان سان رهاڻ نه ڪئي هجي. ها البت اهو ضرور آهي
ته اوهان هاڻي بلڪل خاموشي اختيار ڪئي آهي، پر مون اوهان جي چهري جا تاثرات پڙهڻ
جو فن سکي ورتو آهي. مون کي اوهان جي چُپ مان به هر سوال جو جواب ملي ويندو آهي.
جيتوڻيڪ ننڊ جي نظاري ۾ گهاريل گهڙيون تصوراتي دنيا جو آئينو هونديون آهن، پر پوءِ
به انساني سوچ جي محور منجهان نڪتل نتيجا خواب ديده اکيون ئي ڏسنديون آهن. چوندا
آهن انسان جي دماغ جا ننڊاکڙا هارمونز سمهڻ وقت وڌيڪ سرگرم ٿي ويندا آهن ۽ دماغ
مان اهي ڳالهيون ڀسم ڪري ڇڏيندا آهن، جيڪي اسان لاءِ غير ضروري هونديون آهن ۽ اهي ڳالهيون
سانڍيندا آهن، جن کي اسين اهم سمجهندا آهيون. اوهان سان گهاريل هڪ هڪ گهڙيءَ جو
تاثر منهنجي ذهن تي نقش آهي. منهنجي گردان اندر ٿيندڙ هر عمل، اوهان جي صورت ۾ عيان
هوندو آهي. صبح جي جاڳ کان وٺي رات جي بستري تائين اوهان جي شخصيت سامهون هوندي آهي.
شايد ئي ڪو عمل هجي جنهن ۾ اوهان جي بسيرت ۽ رهنمائي مون ساڻ نه هجي. محبت، اڪير ۽
چاھ ته هر اولاد جو پنهنجي والدين سان هوندو آهي، ليڪن سندن شخصيت ۾ والدين جو عڪس
شايد ئي ڪنهن جي اندر پنها هوندو! اوهان سان گذاريل اڌ صديءَ جي رفاقت صرف ماضيءَ
جي يادن جو تسلسل نه آهي پر مستقبل جي عمل جو ڳانڍاپو پڻ آهي. اوهان سان گهاريل گهڙيون
ماضيءَ جو شاخصانو نه پر مستقبل جو دورانيو آهن. تڏهن ئي ته منهنجي هر عمل ۾ اوهان
جي ئي تصوير ۽ رهبري نمايا نظر ايندي آهي.
ماضي جو موضوع هجي يا مستقبل جو تصور، سماجي لاڙا هجن يا
سياست جا پيچرا، فن جو معراج هجي يا هنر جون بلنديون. اعتقاد جا دائرا هجن يا
منطقي وسعتون، سائنسي حقيقتون هجن يا مذهبي گمان، اوهان سان بحث هيٺ آيل هر هڪ
سچائي جي چٽائي منهنجي ذهن ۾ رواني سان سفر ڪري رهي آهي. اوهان جو ڏنل سوچڻ وارو
سفر ۽ تنقيدي فڪر ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ جو سلسلو ايئن ئي جاري آهي، جيئن
اوهان شروع ڪيو هو. اوهان ته يتيمي واري زندگي گذاريندي پنهنجي پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ ۽
چاچي جي رهنمائين کان به محروم هئا ۽ اوهان جو سمورو ويڙهو به عقيدن جي ڄار سان اڻيل
هو پوءِ به اوهان ۾ سوچ جو سرجڻ ۽ تنقيد واري انسيت جو اسرڻ، شايد فطري محرومين جو
اولڙو هو! حقيقت کي ڦولهڻ ۽ منطقي سوچ جو تصور اوهان کي وراثت ۾ ڀلي نه مليو هجي،
پر سماجي اوڀارين لهوارين اوهان سان زندگيءَ جي حقيقتن جي سڃاڻپ ڪرائي ۽ اوهان جي
فطري استعداد انهن سچائين کي بخوبي سڃاڻي ورتو. يقينن آئون خوش نصيب آهيان، جنهن
کي اوهان جو ساٿ نصيب ٿيو ۽ آئون اوهان جي سوچ جي وسعتن جو حصيدار ۽ سپردڪار ٿيڻ
جي اهل بڻيس.
اوهان دوران ون يونٽ انفرادي سياسي سرگرميون به ڪيون ۽
اجتماعي سرگرمين ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو. سياسي هلچل کان سواءِ سماج ۾ تبديلي اچڻ
وارو خواب ڪڏهن به ساڀيان نه ٿيڻ جو خاڪو هميشه بيان ڪندا رهيائو. مون اوهان کي سنڌ
طرفان ڏنل جاني ۽ مالي قربانين جو ذڪر زير زبر سان هميشه پيش ڪندي ٻڌو. اوهان
هميشه سائين جي ايم سيد ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي سرواڻيءَ جا گرويدا رهيا. شاگرد،
مزور ۽ هاري، سياست جو بنيادي ڏاڪو آهن، انهن کان سواءِ سياست جو سماج ۾ پنپجڻ
ناممڪن آهي جهڙو حقيقت تي ٻڌل بيانيو اپنائيندي سڻيو. اوهان جو سنڌي زبان سان
لازوال پيار ۽ ان لاءِ ڪيل عملي ڪم ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي. اسان جو سماجي ڪارڪن
هجي يا سياسي سرواڻ، معاشي ماهر هجي يا صحافي، استاد هجي يا عملدار هر ڪو رياستي
جبري پاليسين سبب دائرن اندر ڪم ڪرڻ تي مجبور آهي. ليڪن پنهنجي دائرن ۾ رهي پاڻ کي
زنده رکڻ ۽ اڳتي جي راھ تڪڻ واري مسلسل جدوجهد جو سبق اسان توهان کان سکيو آهي.
عقيدي تي اوهان جو موقف هميشه چٽو رهيو آهي، جيڪو اوهان
جي صرف قلم مان ئي نه پر بياني ڪيفيت سان گڏ عمل منجهان به صاف ظاهر آهي. اوهان ڪڏهن
به عقيدت يا اعتقاد جا قائل نه رهيا. اهو ئي سبب آهي جو اوهان جي هم خيالي محدود
رهي. اوهان نه صرف مصنوعي سماجي محفلن کان ڪناره ڪشي ڪئي پر اعليٰ رتبن ۽ سرڪاري
تمغن کان انڪار پڻ اوهان جي ورتاءُ ۾ نمايا نظر آيو. ڪيترا ئي ترقي پسند ۽ سيڪيولر
خيالن سان وابستگي رکندڙ پنهنجي آخري ايامن ۾ وشواس يا صوفي ازم سان ڳنڍجي پنهنجي
سڄي عمر جي تعليمات تي پاڻي ڦيريو ۽ عهدا ۽ تمغا پنهنجي سيني تي سجائي پنهنجي
تاريخ کي تاريڪ ڪيو. ليڪن اوهان جي ثابت قدمي، سچائي ۽ حقيقت تي ٻڌل زندگي يقينن
انهن فردن لاءِ هڪ مشعل راه آهي جيڪي تحقيقي سوچ و فڪر جا پيروڪار آهن، جيڪي هن
دنيا کي حقيقي ۽ ابدي دنيا سمجهي هن سماج کي جنت جو گهوارو بنائڻ جو ارادو رکن ٿا.
جڏهن منهنجو جنم ٿيو هو، ته لالي امان (ڏاڏي) اوهان سان
مخاطب ٿي چيو: “شمس هي ڏس! تنهنجو دوست دنيا ۾ اچي ويو”! آئون پنهنجي ڀائر ڀيڻن ۾
چوٿين نمبر تي هئس. سڀ کان پهرين جڏهن منهنجي ڀيڻ ڄائي ته ان جو نالو “ميمونه” (پُڦيءَ
جو نالو) رکندي لالي امان چيو: “شمس ڏس! الله سائين تنهنجي ڀيڻ توکي واپس ورائي ڏني
آهي”. ٻئين نمبر تي جڏهن ڀاءُ ڄائو ته ان جو نالو “نور محمد” (ڏاڏي جو نالو) رکي،
لالي امان چيو ته: “شمس ڏس! خدا تعاليٰ توکي تنهنجو بابا موٽائي ڏنو آهي. ٽئين
نمبر تي جڏهن منهنجي ٻئي نمبر ڀاءُ جنم ورتو ته لالي امان ان جو نالو “ضياءُالدين”
(چاچا جو نالو) رکندي چيو: “شمس ڏس! اڄ قدرت واري توکي تنهنجو ڀاءُ به موٽائي ڏنو
آهي”. منهنجي جنم تائين والد، ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي نالن سان ٻار دنيا ۾ اچي چڪا هئا، تڏهن
منهنجي جنم سان مون تي امتياز نالو رکي مون کي اوهان جي دوست جو درجو عطا ڪيو ويو.
واقعي ۾ به اولاد کان وڌيڪ منهنجو اوهان سان دوستيءَ جو رشتو رهيو آهي. تڏهن ته
منهنجي سڃاڻپ اوهان سان ٻين ڀائر ڀيڻن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منسوب ٿي وئي. اوهان سان
اعتبار جو رشتو اهڙو جڙيو، جنهن جو نظير ملڻ مشڪل آهي. خريداري جي غرض هجي يا
بيمارين جا مسئلا، قانوني صلاحون هجن يا ادارتي ڪم، سرڪاري مشغولي هجي يا فني شغل،
زندگيءَ جي هر موڙ تي گڏيل مصلحت سان هلڻ سبب جيڪا مون کي خوداعتمادي عطا ٿي اهو
صرف ۽ صرف اوهان جو مون سان قائم دوستاڻي ناتن جو ئي نتيجو آهي.
بابا سائين، اڄ اوهان جي جسم جو دنيا کان رخصت ٿيڻ جو ڏينهن
آهي. ليڪن اوهان کي ياد ڪرڻ جو صرف اهو ئي هڪڙو ڏينهن ڪونهي. اوهان جي اولاد سان گڏ
اوهان جا هزارين شاگرد ۽ اوهان جو ادبي خزانو هر پل، هر وقت اوهان جي ياد سان
شرابور آهي. اوهان جي ئي زبان سان سڻيوسين، ڏينهن ته ڏينهَن جهڙا. ڏينهن ڪو وڏو، ڪو
ننڍو ڪونهي! ڏينهن ڪو برڪت وارو ڪو اڀاڳو ناهي، هر گذرندڙ پل وري موٽي ڪونه ايندو
آهي. ڏينهن جا نالا ۽ ڳاڻيٽو ته اسان پنهنجي حساب لاءِ مقرر ڪيا آهن، نه ته
زندگيءَ جو هي سلسلو يڪا يڪ هلندو رهي ٿو. ڏينهن، هفتا، مهينا، سال ۽ صديون
گذرنديون رهن ٿيون. سالگراهون هجن يا ورسيون مڙئي شغل جيئرن لاءِ آهن، جهان ڇڏي
ويندڙن لاءِ ڪهڙو ڏينهن، ڪهڙي رات! يادون، جهان ڇڏيندڙن لاءِ نه پر جيئرن جي اتساھ
لاءِ هونديون آهن. ماضيءَ جون يادون جتي ايندڙ نسل کي اتساھ ڏينديون آهن، اتي
ماضيءَ جي پل ۾ گذاريندڙن کي مرتبو بخشينديون آهن. ليڪن اهو مانُ به ايندڙ نسل کي
ئي اڳيان وڌڻ ۾ ڪم ايندو آهي. اوهان پنهنجي عمل سان هڪ خاڪو تيار ڪري ڏئي ويا،
جنهن کي هر لمحي، هر پل هر سائت چٽي تبديليءَ جي تجديد ڪرڻ ايندڙ نسل جو مشغلو
بنجي ويو آهي. ڏينهن جنم جو هجي يا وفات جو، ڏهاڙو ڏک جو هجي يا خوشيءَ جو، يوم
پاراتن جو هجي يا ساراهن جو، تاريخ تاريڪ هجي يا تلخ مطلب ته هر سال ملهائجندڙ روز
اسان جي مستقبل جي ترڪيب لاءِ هوندا آهن. عام ماڻهن کي آماده ڪرڻ واسطي مذهبي نقطه
نظر سان صدقه جاريه جي الفاظن کي پڻ ساڳي مقصد لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي. اوهان جا
قائم ڪيل ادارا، قلمي پورهيو ۽ تعليمات ايندڙ نسل لاءِ سماجي ڀلائي جو مظهر آهن،
جيڪي معاشري کي اڳيان وٺي وڃڻ جو هڪ سنگ ميل آهن.
بابا سائين اوهان جون ڪيتريون ئي لکتون پيل آهن، جيڪي ڪتابي
شڪل جون گهرجائو آهن. اوهان جو فن ۽ فڪر اڃا بيٺو نه آهي، اوهان جي لکت جو تسلسل اڃا
جاري و ساري آهي. هن سال به اوسر اشاعتاڻه طرفان اوهان جو هڪ ڪتاب “مختصر ڪهاڻي جو
فن ۽ اسلوب” جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. جنهن ۾ اوهان شارٽ اسٽوري ڇا آهي؟ ۽
اها ڪيئن لکي ويندي آهي، جو تفصيل بيان ڪيو آهي. هي اوهان جو ٻاويهون ڪتاب آهي، جيڪو
ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. مون کي ياد آهي، ته آئون اڃا ڏهين ۾ هئس، يعني سن ٻياسي ۽
ٽياسي جو سال هو ته اوهان “لاکو ڦلاڻي” جي نالي سان ٻارن جو ناول لکيو. تڏهن اڃا
اسين ڪمپيوٽر يا فوٽو اسٽيٽ سان شناسا ڪونه ٿيا هئاسين. اوهان مون کان اهو ڪتاب
فيئر ڪرايو هو، جيئن مون ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ سان انسيت وڌي سگهي. ڪتابي دنيا پبليڪيشن جي
نالي سان اشاعتي ادارو قائم ڪري مون کي ان جو مينيجر مقرر ڪيو هو. آئون اڄ به
پنهنجو نالو ڪتاب پٺيان ڏسندو آهيان ته اندر مان هڪ عجيب خوشيءَ جو احساس ۽ چپن تي
مسڪراهٽ ايندي ئي اهي لمحا ذهن تي تري ايندا آهن.
بابا سائين اوهان جو قائم ڪيل ادارو اوسر پيڙهڪا پنهنجي
رفتار سان اڳيان وڌي رهيو آهي. اوهان جيئن ئي مونکي نشستمان جو منسب ڏنو تنهن کان
پوءِ اوسر جي سٿ، اوسر جي زنجير ۾ ٻن ادارن جو اضافو ڪيو آهي. ليڪن منهنجي ذميواري
سنڀالڻ کان هڪ سال پوءِ ڪووڊ ۱۹ نمودار ٿيو ۽ ٻه سال ٿيا آهن
جو اهو وائرس دنيا جي ڪاروهنوار کي شديد متاثر ڪريو پنهنجي پوري طاقت سان بيٺو
آهي. جيتوڻيڪ ويڪسين به ايجاد ٿي چڪي آهي ليڪن تڏهن به وائرس مختلف قسمن سان
پنهنجون شڪليون مٽائيندو نئين انداز سان ظاهر ٿي انساني جانين کي پنهنجو شڪار
بنائي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻين ادارن سان گڏ اڃا تائين تعليمي ادارا به
پوري طرح سان کلي ۽ هلي نه سگهيا آهن. پر تڏهن به اوهان جي مضبوط ارادن سان قائم ڪيل
سنڌي ٻولي، تعليم ۽ ثقافت جو هي ادارو پنهنجي پوري صلاحيتن سان پنهنجي مقصدن ڏانهن
روان دوان آهي. اوهان کي اها ڄاڻ ڏيندي به مون کي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته اوسر
هاڻي صحت جي شعبي ۾ به پنهنجا پير پساريا آهن. اوسر طرفان ايس ڊي اي (يوڪي) جي
الحاق سان جهنڊو کوسو تعلقو حيدرآباد ۾ هڪ هاسپيٽل قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا
پسگردائي جي مستحقين کي پنهنجي صحت جون بهترين خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي ۽
مستقبل قريب ۾ شيخ ڀرڪيو روڊ تي صحت جون چوويھ ڪلاڪ خدمتون پيش ڪرڻ لاءِ هڪ مڪمل
اسپتال قائم ڪرڻ واسطي رٿابندي ٿي رهي آهي.
جيتوڻيڪ تعليم کاتو سمورن ادارن جو بنياد آهي، پر انصاف
۽ صحت جا کاتا پڻ سماج جا ڀرجهلا آهن. سنڌ جي سياست جڪڙيل هئڻ سبب اسرڻ جي سست
رفتاري واري عمل مان گذري رهي آهي، ڪيتريون ئي رڪاوٽون هئڻ جي باوجود به اسان
پنهنجي سست ئي سهي پر سماجي ۽ سياسي اوسر منجهان گذري رهيا آهيون. وفاق هر حربو
استعمال ڪندي ارڙهين ترميم ۾ آيل تعليم کاتي کي واپس وٺڻ ۽ جڪڙڻ لاءِ ڪوشان آهي.
وفاق طرفان سموري ملڪ لاءِ هڪ نصاب لاڳو ڪرڻ جي بهاني سنڌ جي ذهنن کي زنجيرن ۾ جڪڙڻ
جون تياريون ٿي رهيون آهن. اوهان جي تعليمات جو تسلسل اڃا زنده آهي. جيتوڻيڪ قوم، ٻولي،
ثقافت مقامي ۽ بين الاقوامي طور زير اثر ضرور آهن، مگر اوهان جي محنت، لڳاءُ، محبت
۽ سچائي جي عملي شڪشا سموري قوم سان گڏ آهي. اڄوڪي ڏينهن تي اها تجديد ورجائي ٿي وڃي
ته قوم جي آسودگيءَ جو اکين ۾ سمايل اوهان جو خواب ساڀيان ضرور ٿيندو.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر شمس
الدين عرساڻي
بحيثيت تخليقڪار
۽ ھڪ نقاد
امتياز احمد عرساڻي
دانائن وچ ۾ اهو بحث رھيو آھي ته ٻار کي جيڪا خصلت
پنھنجي خاندان کان وراثت ۾ ملندي آھي، اھا طبيعت ھميشه لاءِ سندس شخصيت جو حصو
بنجي ويندي آھي، سندس انھن خصلتن تي ماحول به اثرانداز ڪونه ٿي سگھندو آھي. جڏھن
ته ڪجھ عاقلن جو چوڻ آھي ته ٻار جنھن ماحول ۾ نپجندو آھي، اھو ماحول سندس والدين
کان وراثت ۾ مليل عادتن تي غالب پئجي ويندو آھي ۽ ٻار ان معاشري جو حصو ٿي ويندو
آھي، جنھن ۾ ھو پلجي رھيو آھي، مگر ڏٺو وڃي ته وراثت مان مليل خصلت ۽ ماحول مان
ورتل روش ھر انسان تي الڳ الڳ اثر انداز ٿيندي آھي.
ائين ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي شخصيت به انھن ئي فردن
مان آھي، جن موروثي ڳالهين کي پنھنجي نزديڪ اچڻ نه ڏنو ۽ نه ئي پنھنجي معاشري جي
فرسوده روايتن کي قبوليو. ھو پنھنجي زندگيءَ ۾ نئين پرچار سان اڳيان وڌيو، جنھن
سماجي اپٽار کي نوان رخ عطا ڪيا. سندس خيال، سوچ ۽ نظر ھميشه کان سماج جي اندر لڪل
نون لاڙن کي ڳوليندي رھي، ھن ۾ ساري عمر ھڪ قسم جو اتساھ ۽ تجسس رھيو. سندس نظر
عام رواجي شخصيت ۽ مقام مان به اھڙيون خاصيتون ۽ نواڻ نروار ڪندي ھئي، جيڪا ھر ڪنھن
کان گم رھندي ھئي. اھو ئي سبب ھو جو ھن جي قلم ھميشه نقاد وارو ڪم ڪيو.
ڊاڪٽر عرساڻي ننڍي ھوندي کان ئي تنقيدي ۽ تخليقي ڪرت کان
آشنا ھو، سن اوڻيھ سئو پنجاھ اندر کاھي روڊ واري رھائشگاھ تي سندس ھٿ ھيٺ قائم ڪيل
”ٻارڙن جي ٻاري“ ۾ ڪيترن ئي ٻارن اچي اسٽڊي ڪلب ۾ ادبي تربيت حاصل ڪئي. ٻاراڻي
وھيءَ کان ئي گھر اندر ٿيٽر ڪرائڻ ۽ ڊرامه لکڻ سندن مشغلو رھيو. سندس ادبي ۽
تخليقي روش پنھنجي وھيءَ جي ٻارن سميت ڪٽنب جي ڀاتين جي ذھني اوسر ۾ ڀرپور ڪردار
ادا ڪيو. ھن پنھنجي شاگرديءَ واري دور ۾ ئي ”اخلاق ۽ ڪردار“ جي نالي سان ننڍين ننڍين
اخلاص واري ڳالھين تي مشتمل ھڪ ڪتاب لکي شايع ڪرايو. جنھن کي پنھنجي دور ۾ تمام گھڻي
پذيرائي ملي. ڊاڪٽر عرساڻي پنھنجي گريجوئيشن واري دور ۾ ”سنڌي ادب ۾ تنقيد“ جي
عنوان سان ۱۹۶۵ع ۾ ڪتاب لکي شايع ڪرايو، جيڪا سنڌي زبان ۾ تنقيد جي
موضوع جي باقاعده ابتدا هئي، سندس اهو ڪتاب سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم اي جي ڪورس تي
رکيو ويو. بعد ۾ ممبئي يونيورسٽِي جي سنڌي شعبي ۾ پڻ اهو ڪتاب نصاب ۾ شامل ڪيو
ويو. ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پنھنجي پي ايڇ ڊيءَ جي مقالاتي تحرير ”آزاديءَ کان
پوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر“ ۱۹۸۱ع ۾ تحرير ڪئي، جنھن کي سنڌالاجي
طرفان ۱۹۸۲ع ۾ ڇپائي پڌريو ڪيو ويو. ڊاڪٽر عرساڻي ۱۹۸۳ع ۾ ”لاکو ڦلاڻي“ جي
نالي سان ٻارن جو ناول سرجيو جنھن جون ھڪ سال اندر چار ھزار ڪاپيون کپي ويون، ڪتاب
جي وڪري جو اھو تعداد ان دور ۾ تمام گھڻو ھو. ھن ڪتاب سماجي توڙي سياسي اسٽڊي سرڪلز
۾ تمام گھڻي پذيرائي حاصل ڪئي. ۱۹۸۶ع ۾ يادگار پبليڪيشن طرفان ”سنڌي
ٻوليءَ جي سکيا“ جي نالي سان ڊاڪٽر عرساڻي جو ڪتاب شايع ڪرايو ويو، جيڪو خاص ڪري
استادن جي پيشه وارانه قابليت وڌائڻ واسطي تحرير ڪيو ويو ھو. سنڌي ساھت گھر پاران ڊاڪٽر
صاحب جو ٻارن لاءِ ھڪ ٻيو ناول ”نئون ڇٽيھ لکڻو“ شايع ڪرايو ويو جنھن کي پڻ تمام
گھڻي شھرت حاصل ٿي.
ڊاڪٽر عرساڻي ۲۰۰۳ع ۾ ڪھاڻين جو
مجموعو آزاديءَ ۾ اسير“ ۽ سنڌ جي مختلف شخصيتن تي ”فن شخصيت ۽ انداز“ جي نالي سان
لکيل تحرير اوسر پبليڪيشن طرفان ڇپرائي پڌري ڪئي. سن ۲۰۰۶ع ۾ سائنسي ڪھاڻين
جو مجموعو اوسر پبليڪيشن طرفان ”سائنس فسانا“ ڊاڪٽر عرساڻيءِ جي سنڌيڪاريءَ ھيٺ ڇپايو
ويو. جلد ئي پھاڪن تي مشتمل مجموعو ”نئين ورجيسي ٻولي“ روشني پبليڪيشن طرفان شايع ڪرايو.
جڏھن ته ۲۰۰۹ع ۾ ڊاڪٽر عرساڻي جي قلم سان سرجيل ”سنڌي ادب جي ارتقائي
تاريخ“، نثري ادب شايع ڪرايو ويو. سن ۲۰۱۵ع ۾ ڊاڪٽر عرساڻيءَ جا ”پھاڪاتي
لغت“، ”شخص ۽ عڪس“ ۽ ”ثقافت ۽ انساني معاشري جي اوسر“ جي عنوان سان ھڪ ئي وقت ٽي ڪتاب
ڇپائي پڌرا ڪريا ويا. ڊاڪٽر صاحب جن جي ۲۰۱۷ع ۾ رحلت بعد ۲۰۱۸ع ۾ ”دل جي ڳالھ“ ۽ ۲۰۲۰ع ۾ ”ھڪ باب ھڪ ماڳ
۽ مان“ جي عنوان سان تخليقي ماخذات اوسر پبليڪيشن طرفان شايع ڪرايا ويا. ڊاڪٽر
عرساڻيءَ جي آخري ڪتابن مان آفاق آھي، جيڪو جڳ مشھور ليکڪ ڪارل سيگن جي ڪتاب ڪاسموس
جو ترجمو آهي جڏھن ته تحقيقي ادب جو ڪتاب ”مختصر ڪھاڻيءَ جو فن ۽ اسلوب“ آھي. ڊاڪٽر
عرساڻي ”نصابي بيت ڪھاڻيءَ“ جي نالي سان ٻاراڻا ڪتاب پڻ ترتيب ڏنا، جڏھن ته اسڪول
۾ قبل ابتدائي تعليم حاصل ڪندڙ ٻارن لاءِ ”الف ب ٻاراڻا ٻول“ جي عنوان سان الف کان
ي تائين ھر اکر سان الڳ الڳ ٽه سٽا نظم تحرير ڪري شايع ڪرايا.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جون تعليم، ٻولي، ادب ۽ شخصيتن
تي لکيل انيڪ لکڻيون سندس تخليق جو کليل عڪس آهن. هن جون تخليق ڪيل دستاويزي فلمون
پنهنجي ڌرتي ۽ ماڻهن سان لڳاءُ جو آئيني دار آهن. ڊاڪٽر عرساڻي جا قائم ڪيل ادارا
ان حقيقت جو ثبوت آهن ته هو زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ٿڪيو ۽ هو پنهنجي قوم جي ماڻهن
جي حقيقي سوچ جي آزادي لاءِ ساهه جي آخري تند تائين عملي ڪم ۾ جٽيل رهيو. ڊاڪٽر
عرساڻي جي تخليق جو محور هميشه پنهنجي وطن جا ماڻهو ئي رهيا، قوم جي ماڻهن جي ذهني
غلامي هميشه هن لاءِ فڪر جو باعث رهي. اسان جي رياستي پاليسين ۽ تعليمي ادارن ۾
نصابي فڪر جو جڪڙيل هجڻ سندس تنقيد جو محور رهيو. اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر عرساڻي
پنهنجي وطن جي ماڻهن کي سماجي غلاميءَ مان آجو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هن مادري ٻوليءَ
جي بنياد تي نون لاڙن ۽ نئين سوچ متعارف ڪرائڻ جا ادارا قائم ڪري ڪاميابيءَ سان
هلائي ڏيکاريا. ڊاڪٽر عرساڻي پنهنجي هڙئون وڙئون خرچ ڪري نئين تصور سان ادارا ان
واسطي به قائم ڪيا، جيئن ان جي ڪاميابي ڏسي سرڪار توڙي ٻيا به نجي ادارا ان طرز تي
پنهنجي سوچ و فڪر کي درست سمت ۾ آڻي سگهن ۽ ساڳي طرز تي ادارا قائم ڪري هڪ نئين
دور جو آغاز ڪن. ڊاڪٽر عرساڻي پنهنجي تنقيدي لکڻين ۾ به جديديت جو پرچار هميشه
عيان رکيو ۽ پنهنجي هلڪي ڦلڪي توڙي فلسفيانه لکڻين ۾ نوان سوال اٿاري پنهنجي قوم
جي سوچ کي بيدار رکيو.
ڊاڪٽر عرساڻي، هر افساني، اسٽوري، مضمون، شخصيت جي
خاصيتن تي نه صرف قلم آزمائي ڪئي، بلڪه پنهنجي عام رواجي زندگيءَ اندر به هر ان
پهلوءَ کي اجاگر ڪيو جيڪي عام اک کان لڪل رهيو. سندس ڪتاب ”فن شخصيت ۽ انداز“ ۾
”محمد خان مجيدي“ جي فن تي لکيل تنقيدي مقالي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر عرساڻي
جو نظر و فڪر ڪيئن نه لڪل صلاحيتن کي اڀاري سامهون آڻيندو هو، جنهن جي ڪل خالق قلم
کي به نه رهندي هئي. ڊاڪٽر عرساڻي محمد خان مجيدي جي شاعريءَ تي لکندي، کيس والٽ وٽمين
جي شاعريءَ سان ڀيٽيو آهي، والٽ وٽمين جو نالو انگريزي ادب خصوصن آمريڪا جي جديد
ادب ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. هو آمريڪا جي ”نئين شاعري“ جي اڏيندڙن مان اول درجو رکندڙ
تخليقي شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر عرساڻي محمد خان مجيديءَ جي شاعري کي والٽ وٽمين
جي شاعري سان ڀيٽيندي لکي ٿو ته:
”والٽ وٽمين وانگر اسان جو مجيدي به ڪو وڏو عالم نه آهي، پر هڪ پڙهيل
ڪڙهيل ۽ هڪ آدرشي انسان جي حيثيت رکي ٿو ۽ هن وانگر ئي سنئين سڌي انداز ۾
هنرمندانه اٽڪل سان نظر گوئيءَ جو ملڪو ڄاڻي ٿو. والٽ وٽمين وانگر ئي ساڳي دور جا
شاعر ان ساڳي طرز ۾ محمد خان مجيدي سان به شاعريءَ ۾ مقابلو نه ٿا ڪري سگهن. والٽ
وٽمين جو ڪلام عوامي امنگن جو ترجمان ۽ زنده رهڻ جو سبق ڏيندڙ آهي. اهڙي طرح محمد
خان مجيديءَ جي شاعري به سنڌي ماڻهن جي قومي احساسن ۽ جدوجهد جو چٽو پٽو اظهار
آهي.
ڊاڪٽر عرساڻي پنهنجي مقالن اندر صرف انهن ئي شخصيتن کي
نه اڀاريو آهي، جيڪي سماجي ناماچار رکن پيا، بلڪه انهن شخصيتن کي پڻ باوقعت ظاهر ڪيو
آهي، جيڪي مختلف واقعن جي صورت ۾ سماج اندر پنهنجو وجود رکندا اچن. جيئن ته ڪو به
انسان مڻيا کان خالي ڪونه هوندو آهي، پر سندس شخصيت اندر لڪل جوت جلوه گر نه ٿيڻ
سبب کين اهو مرتبو نه ملي سگهندو آهي جنهن جا هو گهرجائو هوندا آهن. اهوئي سبب آهي
جو هو هر عام نظر کان اوجهل رهندا آهن. ليڪن اهي خاص نظر رکندڙ شخصيتون ئي هونديون
آهن، جيڪي سندن صلاحيتن ۽ خاصيتن کي پروڙي ماڻهن سامهون آڻينديون آهن. شنگهور شيدي
به اها ئي شخصيت آهي، جنهن جي شخصيت فن لطيف يا ٻيو ڪو شهرت جو سبب نه آهي. ليڪن ڊاڪٽر
عرساڻي شنگهور شيدي جي عام عادتن ۽ واقعن کي اهڙي ته دلچسپ انداز سان پيش ڪيو آهي،
جو شنگهور جي شخصيت ڄڻ ته سماج لاءِ هڪ مثال ٿي سامهون آئي آهي! ڊاڪٽر عرساڻي
تاريخ جي دريچن ۾ لڪل شخصيتن کي پڻ اجاگر ڪندي چوڏھين صديءَ (سمن جي دور حڪومت
وارو عرصي) جي شروعاتي دور ۾ سنڌي ڳاھون چوندڙ شاعر ”سمنگ چارڻ“ جي شخصيت کي نئين
نسل ڏانھن نروار ڪيو آھي. جنھن ۾ سندس شاعري ۽ ڪارنامن کي لکندي سندس شاعري، موضوع
۽ فن کي اجاگر ڪندي هي فقرو قلم بند ڪيو آھي ته: ”سمنگ چارڻ جي شاعري ۾ ڳاھ جو فن
آھي، جنھن جي سٽا سادي آھي. ھن جي شاعريءَ جا موضوع خيالي ناھن بلڪه زميني آھن، جيڪي
واقعاتي ماحول جي اردگرد ڦرن ٿا. ايئن کڻي چئجي ته سمنگ جي ڳاھه جو فن سراسر
تاريخي واقعن تي ٻڌل آھي. جن ۾ ساراھه، سٺ، يا وري تمنائون آھن“. ڊاڪٽر شمس الدين
عرساڻي بطور نقاد ۽ تخليقڪار سنڌي زبان کي نون لاڙن سان ھمڪنار ڪيو. ھن زبان،
شخصيتن ۽ تحريرن کي پنھنجي نظر ۽ ويچار سان نوان رخ عطا ڪيا. سندن ڪيل ڪم سنڌي
زبان جو اثاثو آھي، جنھن کي سمجھڻ، پکيڙڻ ۽ سھيڙڻ جي ضرورت تمام گھڻي ضرورت آھي،
ھاڻي اھو اسان جي نوجوانن جي ذميواري آھي ته ھو ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي ڪيل ڪم
جا تحقيقي پھلو پسين ۽ سندس تنقيدي ۽ تخليقي ڪم جي نون زاوين کي ايندڙ نسل جي
سامھون آڻين.
(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
ڊاڪٽر شمس
الدين عرساڻي
فن ۽ اسلوب
الطاف ميمڻ
اڄ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي پنجين ورسيءَ جو موقعو
آھي، سندس ٻولي، ادب ۽ تعليم لاءِ ڪيل خدمتون ناقابل فراموش آھن، ڊاڪٽر شمس عرساڻيءَ
جي باوقار ۽ عملي ڪردار سان جڙيل سموري زندگي اسان سڀني لاءِ ھڪ مثال آھي. اھڙن
شخصيتن جي ڪم تي لکڻ ۽ سندن خدمتن جي مختلف پاسن کي نوجوان نسل سامھون آڻڻ اسان سڀني
جو فرض آھي.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب ۽ سائين حيدر لغاري اهو
ناياب ۽ سدورو نسل هو، جنهن پنهنجي پوري زندگي انتهائي ڪمٽمينٽ ۽جان فشاني سان
گذاري. ھنن پنهنجي زندگي جي مقصد کي سمجهندي، پنھنجي سموري حياتي سماجي اوسر لاءِ
وقف ڪري ڇڏي. جيتوڻيڪ اھو دور ڏکيو هو ۽ قوم به کين ڏاڍي اوکي ملي، مگر هنن سنڌ ۽
سنڌ جي ٻولي جي عاشق جي حيثيت ۾ پنهنجي پاڻ کي ٻولي ۽ علم ۽ ادب جي لاءِ ارپي ڇڏيو.
ڊاڪٽر عرساڻي ٻولي اندر پنھا علمِ، ادب ۽تاريخ جي ڳجهه جي ڳولا ڪندي پنھنجي پوري
زندگي گذاري. نهايت ئي ضبط ۽ قائدي وارو ماڻهو ھو. عرساڻي صاحب جو نالو اسين ننڍپڻ
کان ٻڌندا اچون. اسان جي رهائش کاهي روڊ ۾ هئي، اسان جو گھر سندن گھر ڀرسان ئي ھو
۽ وري اتفاق اهو ٿيو جو جڏهن اسان قاسم آباد شفٽ ٿياسين ته وري به عرساڻي صاحب
اسان جو پاڙيسري رهيو. اسان سائين عرساڻي صاحب ۽ سائين حيدر علي لغاري کي هميشه هڪ
ئي محفل ۾ ڏٺو، پر سائين حيدر ۽ سائين عرساڻي ٻئي پنهنجي طبيعت ۾ بلڪل مختلف ماڻهو
هئا، بس نڪتو جيڪو ٻنهي جو هڪ هو، اها هئي اندر جي سچائي ۽ پنهنجي مقصد سان ڪمٽمينٽ.
عرساڻي صاحب وقت جو انتهائي پابند، انتهائي ضابطن وارو، قائدن وارو ماڻهو هو. مگر
هو جيڪو بيت آهي ”جو دم غافل سو دم ڪافر....... . “ هي انھن جي حقيقي تصوير ھو ۽
کيس اھا چڱيءَ ريت پروڙ ھئي ته اسان جي وجود جو ڪارج ڪهڙو آهي.
سائين شمس عرساڻيءَ جي زندگي جا الاهي پهلو آهن، جيڪي
مختلف موقعن ۽ وقتن تي نقادن طرفان لکيا ۽ پڙھيا ويا آھن، مگر سندس ھڪ اهم پهلو
جنھن تي لکڻ جي ضرورت آھي، اھو لسانيات آھي. سر جان مارشل ۽ احمد حسن داني آثار
قديمه جا ماهر ھئا جن، پيشه ورانه مھارت سان پنھنجي شعبي ۾ ايسڪيويشن Excavationڪئي. آئون سمجهان ٿو
ته عرساڻي صاحب سنڌي ٻولي جو ايسڪيويٽر آهي، جنهن ٻولي جي تاريخي شعور جي ايسڪيويشن
ڪئي آهي. ھن پهاڪن، چوڻين ۽ اصطلاحن جي مفھوم ۽ معنيٰ جي نون رخن کي اظھاريو. عرساڻي
صاحب جا”اوسر پهاڪا تي لغت“ ۽ ”سنڌي ورجيسي ٻولي“ اھي ڪتاب آھن، جنھن ۾ ھن پهاڪن ۽
محاورن جي جهان ۾ لهي ان جي ايسڪيويشن ڪري سنڌي تهذيب ۽ سنڌي قوم جي وڃايل رستي کي
ڳولي سنڌي ماڻهن جي سامهون آندو آھي.
سائين شمس عرساڻي جيڪي پهاڪا ترتيب ڏنا آھن، انھن پهاڪن
۾ هو اهو ثابت ڪري ٿو ته سنڌي ماڻهو نهايت بهادر انتهائي غيرتمند ۽ سدائين سجاڳ
رهندڙ قوم آھي، يقينن اها عرساڻي صاحب جي ايسڪيويشن آهي، پر وڏي ڳالهه جيڪا هو
جاويدان ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري ٿو ته سنڌي دنيا جي واحد قوم آهي جيڪا جنگ جي حالت ۾
به عظيم انساني شرافت کي به نهٿي ڇڏي. ”اهو ڪي ڪجي، جيڪو پرچڻ مهل ڪم اچي“، سنڌي
جو ٻيو مشهور پهاڪو آهي ”ڌڪ دشمن جو به نه وڃائجي. هن جي تحقيق اهو ثابت ڪري ٿي ته
هي ماڻهوانتهائي جرئت مند ۽ غيرتمند آهن. مثال هڪ پهاڪو ڪوٽ ڪري ٿو ته ”شينهن مري
پر ڊڀ نه چري“، هو چوي ٿو ته اهو اتفاق ناهي جو اهي ڪلمات هن قوم ۾ اچي ويا آهن،
اهي ثابت ڪن ٿا ته هزارين سالن جي شعور ۽ عوامي سماجيات ڪيئن رھي آھي.
عرساڻي صاحب جديد فلسفي ۽ جديد سائنس کي به ٻوليءَ مان هٿ
ڪري ويو، سنڌي ٻولي جي پهاڪن ۽ محاورن کي هو سائنس جي جديد فلسفن ۽ جديد نظرين سان
ڳنڍي ٿو، مثال طور ڊارون جو پيچيدہ نظريئي کي سنڌي جي عام، سليس پهاڪي ”اٺين پيڙهي
اٺ ماڪوڙو ماسات“، جي ڊارون جي ٿيوري سان ڳنڍي ٿو. پيچيدہ نظرين کي ”جهڙا ڪانو تهڙا
ٻچا“، پهاڪي سان ڳنڍيندي چوي ٿو ته اسان جي ٻولي ۾ جيڪو شعور آهي، اسان دنيا کي
اهو شعور ڏنو آهي، ها اها الڳ ڳالهه آهي ته اسان ان جو ورثو وڃائي ويٺا آهيون.
اسان جي ورثي تي دنيا جيڪا تحقيق ڪئي آهي اها دنيا کي روشن ڪري ويٺي آهي، اسان
پنهنجو رستو وڃائي ويٺا آهيون، هو نيوٽن جي لا آف موشن کي ”حرڪت ۾ برڪت آهي“ سمجهي
ٿو. هو فارميسي ۽ جديد دوائن جي ايجاد کي ”ڪک هيٺان لک“ ۾ ڳولي ٿو.
عرساڻي صاحب جي زندگي جو خدمت جو ٻيو پهلو جيڪو مون کي
نظر اچي ٿو، اهو آهي لفظن جي ايجاد، دنيا جا فلسفا، دنيا جون ايجادون، دنيا جي
ترقين جا نوان نوان ٽرم هو چاهي ٿو ته ان کي سنڌي ۾ روپ ڏجي، ان جي لاءِ غور به ڪري
ٿو ۽ ته ويچاري به ٿو. حالانڪه ان کي ان ۾ عوامي پذيرائي نٿي ملي. مثال طور اوسر
پيڙهڪا امانتاڻو، اوسر لفظ ئي هن جي پنهنجي ايجاد آهي، پيڙهڪا فائونڊيشن جو نعم
البدل آهي يعني هو ٻولي کي صرف پنهنجي شناخت ۽ ذريعه اظهار نٿو سمجهي، بلڪ ٻولي جي
ماضي ۽ حال کي مستقبل سان جوڙي زبان جي چئلينجز کي قبول ڪندي پنهنجو وقت، رت ۽ ست ڏئي
ٿو ته جيئن سنڌي ۾ اهي لفظ مروج ٿين ۽ سنڌي تبديل ٿيل دنيا جي جديد ٻولين سان ھمڪنار
بڻجي سگھي.
تنقيد تي هن جا ڪيئي ڪتاب، سنڌي ادب ۾ تنقيد، آزادي
کانپوءِ سنڌي افسانوي ادب جي اوسر، سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ آھن. ليڪن تازو ئي ڊاڪٽر
عرساڻي جو ھڪ ڪتاب آيو آھي، ”دل جي ڳالھه“ ان ڪتاب ۾ آھن ته لائيٽ ايسيز ليڪن ان ۾
به تنقيد جو پھلو شامل آھي. اسين جيڪڏھن ايئن چئون ته تنقيد ڊاڪٽر عرساڻيءِ جي رت
۾ شامل آهي ته غلط نه ٿيندو. عنوان ڇا به ھجي ۽ موضوع ڪھڙو به ھجي پنھنجي ھر رنگ
جي تحرير ۾ ڊاڪٽر عرساڻي بحيثيت نقاد ڏسڻ ايندو. ان جو مثال سندس ساڳي ڪتاب ”دل جي
ڳالهھ“ جي مضمون بعنوان ”ماڊرن گھر جي ثقافت“ ۾ به جھلڪي ٿو. ان عنوان ۾ به هو پڙھندڙن
جو ڌيان قديم گهر جي اھميت ۽ وسعت ڏانھن ڇڪائي ٿو. ھن مضمون ۾ ڪچسري گھر کان محل
تائين ۽ ھڪ ننڍي فليٽ کان وڏن اپارٽمينٽن تائين جو ذڪر ڪندي ڊاڪٽر صاحب ماڊرن گھر
جي ثقافت کي اھڙي ته سھڻي انداز سان پرکيو آھي جو پڙھندڙ اڳيان سموري آماجگاھن جي
تصوير صاف چٽجيو پوي.
ڊاڪٽر عرساڻيءَ جو انداز فڪر ۽ طرز تحرير ايتري ته سليس
۽ عام روا آھي، جو سندس لکڻين مان ھر پڙھندڙ چس وٺندو رھيو. ڊاڪٽر عرساڻي نه صرف
پنھنجي لکڻين سان پنھنجي چاھڪن جي ڪردار سازي ڪئي بلڪه ھن پنھنجي سموري خاندان جي
پڻ اوسر ڪئي، ڊاڪٽر عرساڻي ھڪ ادارا ساز شخصيت ٿي گذريو، جنھن پنھنجي زندگيءَ ۾
تعليم ۽ تربيت جا ھڪ ڊزن کان وڌيڪ ادارا جوڙي سماج جي اوسر ۾ پنھنجو اھم ڪردار ادا
ڪيو.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۲ آگسٽ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا