; سنڌي شخصيتون: سيد صالح محمد شاهه عرف فتح خان

02 September, 2015

سيد صالح محمد شاهه عرف فتح خان


سيد صالح محمد شاهه عرف فتح خان
مخلص محمد بخش خاصخيلي
دنيا جو عظيم ڏاهو، سنڌ جو لاڏلو ۽ سنڌي ٻولي جو وينجهار ”مرشد لطيف سائين“ جنهن جو رسالو هونئن ته سڄو ئي هيرن جي کاڻ آهي پر شاهه سائين پنهنجي رسالي جي سُر رامڪلي ۽ سر کاهوڙي ۾ جن جوڳين کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏئي گنجي ٽڪر ذريعي هنگلاج هليو ويو هو. انهن جوڳين، سامين ۽ سناسين جي پريم ۾ پَٻَ جا اوکا پهاڙ سسئي جيان سر ڪيا هئا، اُهي گيڙو رتا گودڙيا ڪي رمتا جوڳي به نه هئا. هي ته اُهي ئي وحدت ۾ ڪثرت پسندڙ ويراڳي هئا.


جن جي گودڙين ۽ گڀرين ۾ محبتن ۽ عقيدتن جا ٽڙيل گلاب هئا، اُنهن جو خاموش وجود پنهنجي مام ۾ ڪل ڪائنات کڻي پيو هلندو هو. وقت جي واهوندن ۾ اُهي جوڳي جوڳ پچائي ويا، اُهي سامي سفر هليا، اُهي مڙهيون به ته ميسارجي ويون پر سچ ته اُهي جوڳي اُهي سامي اُهي ويراڳي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ۽ هر دور ۾ هوندا آهن. فقط انهن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ واري وسيع نظر هجي. ها، ڪجهه سال اڳ ۾ هڪ اهڙو ئي ڪاپڙي شاهه سائين جو کاهوڙي پنهنجي گودڙي ۾ گڏ ڪيل پيار جون پنج ڪڻيون سنڌ واسين کي ارپيندي مهراڻ ماٿري جي ماروئڙن کان هميشه موڪلائي هليو ويو.
گلابن جي ديس هٽڙي لڳ ڳوٺ دريا بيگ مغل ۾ سيد دادن شاهه جي حويلي ۾ ۱۹۳۸ع ۾ جنم وٺندڙ سيد صالح محمد شاهه عرف فتح خان پنهنجي حياتي جون ۴۸ بهارون ريڊيو حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ ثقافتي پروگرام ڳوٺاڻي ڪچهري کي ارپي ڇڏيون. سنڌ واسين جي دلين ۾ اوطاقون اڏيندڙ ڪچهري پروگرام جنهن ۾ سيد صالح محمد شاهه سنڌ جي ماڻهن ۾ ٻولي ادب، ثقافت ۽ ساڃاهه جو سُون سريکو وکر ورهايو.
سنڌي ٻولي جي هن وينجهار اڌ صدي تائين سنڌ واسين کي نج گيهه جهڙن لفظن، محاورن، پهاڪن سميت سموري ٻاٻاڻي ٻولي جو هُنر سيکاريو ۽ ٻولي کي وڏو مان مرتبو بخشيو.
هن جي واتان نڪتل هڪ هڪ لفظ هڪ هڪ گفتو، جنهن جو ملهه ڪٿڻ لاءِ سچ ته صديون درڪار آهن. ۱۹۵۹ع کان سنڌ جي ترجمان ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد جي پروگرام جمهور جو آواز ۾ ڏاڏي فتح خان جو لافاني ڪردار ادا ڪري سيد صالح محمد شاهه عرف فتح خان پنهنجي حياتي جي پڇاڙڪن ڏينهن تائين سنڌ واسين سان اهو ناتو نڀائيندو رکيو پئي آيو. اهڙي طرح سيد صالح محمد شاهه ريڊيو ٽي وي ڪچهري کانسواءِ فلم ۽ ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري ۽ صداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. سندس مشهور ريڊيائي ڊرامو سيد ماڪن شاهه رضوي جو لکيل امرت جيون پيار هو، جنهن ۾ اڪيلو ئي مِٺو سان ڪردار هو، اهو ڊرامو ۵۰ منٽن جو هو، ان کانسواءِ پاڻ سگهڙائپ، ثقافت ۽ تاريخ جي علم جا پڻ وڏا ڄاڻو هئا. سندس وڏي ۾ وڏو اهو ڪارنامو هو جو هُن شاهه صاحب جي رسالي کي ”تحت اللفظ“ ۾ رڪارڊ ڪرايو هو.
زندگي ۾ کيس ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو هو، شاهه لطيف ايوارڊ سان گڏوگڏ ماڻڪ موتي، تنظيم پاران پڳ ٻڌرائي وئي ۽ کيس سونو تاج پڻ پارايو ويو هو. حڪومت کيس ”پرائيڊ آف پرفارمنس“ پڻ عطا ڪيو هو پر کيس سڀ کان وڏو جيڪو ايوارڊ حاصل هو، اهو هو ”عوامي ايوارڊ“ جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به اداڪار يا صداڪار يا گلوڪار کي حاصل ناهي ٿي سگهيو. ماڻهن جي دلين ۾ راڄ ڪندڙ سيد صالح محمد شاهه اڄ اسان ۾ ناهي، هڪ دور جي پڄاڻي ته ضروري آهي پر سچ اها پڄاڻي سموري سنڌ جو اهڙو درد آهي جنهن جو درمان ٿي نٿو سگهي. هڪ اهڙو خال جنهن جي ڀرجڻ لاءِ صديون درڪار آهن، ريڊيو حيدرآباد تي اڄ به اها ئي ڪچهري هلي پئي...!


سيد صالح محمد شاهه
دلين جو فاتح ڪردار
فقير نظير احمد لغاري
اڄ پهرين سيپٽمبر آهي، ها!! اُها شام جڏهن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽوڊيو جي قالين تي منهنجي آخري ڪچهري پروگرام ”سون ورني ڌرتيءَ“ ۾ سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ ڏڏن توڙي ڏاهن ۾ هڪجهڙي مقبول ۽ هر دلعزيز نامور، مهان، ليجنڊ ۽ منهنجي ثقافتي اُستاد رهبر سيد صالح محمد شاهه جي ورسي جو ڏينهن آهي! تڏهن، پهرين سيپٽمبر هئي ۽ قلندر لعل شهباز جي عرس مُبارڪ جو ٻيو ڏينهن (ٻي ڌمال) جڏهن ڪچهري شروع ٿي، خوش خير عافيت معلوم ڪري چيائين، ”اَبا نذير احمد اخبار آندي آهنئي؟ ها ڏاڏا سائين! اجِها هي مون وٽ آهي.“ وراڻيم! ”پُٽ، ان ۾ ڏس ته لعل سائينءَ سيوهاڻيءَ جي ميڙي جو ڪو ليک آهي؟“ ڏاڏا فتح خان مون کي چيو، اخبار کولڻ ۽ ايڊيٽوريل صفحو کوليندي پني جو آواز (تاثر) ڏنم. ”ابا لَڌو ليکڪ، لعل سائين قلندر شهباز سيوهاڻيءَ جو؟“ وري پُڇيائين.
”ها ڏاڏا سائين، اجهو لڌم“ وراڻيم. ”چڱو چڱو پڙهي ٻُڌاءِ“ ڏاڏا فتح خان چيو، ”جي، ڏاڏا“  وراڻيم ۽ سڄو مضمون پڙهي ٻُڌايم. ”هُو جيڪو محمد يوسف ڌمال ۾ ڪلام ڳايو آهي ”مست قلندر لعل“ سدا وسين سنڌ ۾ ٽڙنگ مان آندو آهنئي؟“ وري پڇيائين. ”ها ڏاڏا“ وراڻيم. ”چڱو چڱو، شاباس! وڄاءِ“.
سيد صالح محمد شاهه ان ڏينهن شام جو محمد يوسف جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل ان قلندري ڌمال تي پيرن جي آڱرين ۽ مونن تي رکيل هٿن سان ڄڻ ويٺي ئي رقص جو تاثر ڏيڻ لڳو. اڄ سندس نماڻائپ ۾ غير معمولي تاثر هو. اٿاهه شفقت ۽ پاٻوهه ٿي ڏنائين. ”ابا، آئون جنهن ڏينهن ٻنيءَ تي وڃان ۽ دير ٿي وڃي اوطاک (اوطاق) تي اچڻ ۾، آيل مهمان ماڙهوءَ جو خاش (خاص) کيال (خيال) رکندا وڃو، بابا اِن ۾ پانهنجي عزت آهي.“ نه ڄاڻ ته، ڏاڏا سائينءَ جون اِهي آخري تنبيهون هيون نه رڳو ريڊيائي ڪچهريءَ جون پر سموريون اوطاقي ۽ سنڌ واسي سڄڻن کي...!! اهڙيءَ طرح پروگرام ڪچهري ختم ٿيو ۽ حسبِ معمول پاڻ سندن فرزند سيد شبير احمد شاهه سان گڏ ڪار ۾ سوار ٿي پنهنجي گهر هليو ويو...!! هاءِ هاءِ مون کي ڪهڙي ڪل ته سائينءَ جناب سيد صالح محمد شاهه ”ڏاڏا فتح خان“ جي اُها آخري ملاقات/ ڪچهري هُئي! محمد موسيٰ چانڊيو (ڪچهريءَ جو ساٿي ڪمپيئر) ۽ آئون به اسٽوڊيو کان ٻاهر آياسين، پاڻ ۾ گفتگو ڪئي سين ته ”اڄ سائينءَ جي نماڻائپ ڏسڻ وٽان هُئي، جيڪو سدائين هشاش بشاش کلڻو ملڻو شفيق تربيت ڪندڙ ڀوڳن ڀوڳن ۾ غير معمولي اصلاح ڪندڙ سائين سيد صالح محمد شاهه ڏاڏا فتح خان“ رات جو يارهين وڳي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ڏانهن وڃي چڪو هو، جنهن کي ”دارالبقا“ چوندا آهن!! ٽي وي چئنل تي سائينءَ جي وفات جي دل ڏاريندڙ خبر واري پٽي پڙهي لڱ لرزي ويا.... بي اختيار اُتاولائپ مان پاڻ کي ڪوڙا دلاسا ڏيڻ لڳس ته، ”نه نه ائين ڪيئن هوندو؟ اجهو شام جو ته سائينءَ اسان سان ڪچهري ڪري چاڪ چڱو ڀلو گهر ويو آهي.“ فون مٿان فون اچڻ لڳا، ”ادا نذير! ڇا اِها خبر سچي آهي؟“ ماڻهو، دوست ۽ سائينءَ جا عاشق پُڇڻ لڳا. مُنهنجا ڳوڙها لار ڪري پي ٽميا، ڇا چئي ڇا چوان!؟ چيم ادا، سائينءَ دادن شاهه (سندن وڏو فرزند) کان تصديق ڪندس، پوءِ ٻُڌائيندس. بهرحال اها ڳالهه حقيقت نڪتي! سنڌ جا سادڙا، اگلڙا مون جهڙا ماڻهو اِها خبر ريڊيو تان نشر ٿيندي ئي اوڇنگارون ڏيڻ لڳا!! صبح سوير ڊوڙياسين درياءُ بيگ مغل ڳوٺ جتي سائينءَ جي تدفين ٿيڻي هُئي! جسم ۾ ڄڻ ساهه ئي نه هو، اکيون آليون ٿيڻ جو سلسلو تيز ڪرڻ کان نابري واري بيٺيون. پٿر تي پهتاسين ته سائينءَ جا شهزادا سيد دادن شاهه، ڪبير احمد شاهه، سيد نصير احمد شاهه، سيد بشير احمد شاهه ۽ سيد ظهير احمد شاهه اڳ ئي آليون اکيون ڪيل ڀسم، اوڇنگارن مٿان اوڇنگارون. اسان جو سهڻو دوست عرفان علي انصاري، محمد حسن قادري، نصير مرزا مطلب ڪهڙن جا نالا لکان؟ اک اک آلي هُئي. حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ درياءَ بيگ مغل ۾ ايڏي رش، ماڻهن جا هجوم جو پوکيل فصلن ۾ گاڏيون اچي پارڪ ٿيون. سائين جو سينگارجي مڙهه جڏهن حويليءَ کان ٻاهر آيو ته ميڙو متل هو، آخري ديدار لاءِ راڄ حيران ۽ سُڏڪندڙ سرگردان هُئا!! نيٺ آخري آرامگاهه ڏانهن وکون کڻندا هلياسين، اکين جو پاڻي ٻوڏ جي پاڻيءَ جيان اکين آڏو اُٿل کائي نظر کان رستا اوجهل ڪرڻ لڳو ۽ اسان جو سائين، سنڌ جو امر ڏاڏو وڃي ڀونءِ پيٺو!
سائين لطيف سُهڻي فرمايو آهي ته،
تهڙا چاليها نه چاليهه، جهڙو پسڻ پرينءَ جو،
ڪوه ٿو ڪرئين ڪاتب! مٿي پنن پيهه،
جي ورق ورايئين ويهه، ته به اکر مڙوئي هيڪڙو.
آئون هنن ڪالمن ۾ جيڪي مُون کي مهرباني ڪري جاءِ بخشي رهيا آهن، سيد صالح محمد شاهه جي ۲۴ سالا رفاقت ۽ مليل تربيت کي ڪيترو اُپٽاري سگهندس. انشاءَ الله هر ورسيءَ تي جي حياتي رهي ته يادون پيش ڪندو رهندس، في الحال ڪجهه سج جهڙيون روشن يادون مُنهنجي مُحسن اُستاد لاءِ ٽٽل ڦٽل لفظن ۾ ارپيان ٿو، جيڪي شال پڙهندڙن کي قبول پون. اسان گهر ۾ ننڍپڻ کان سرائيڪي سنڌي مليل ٻولي ڳالهائڻ، اُچارڻ وارا ماڻهو، سو صاف سنڌي اُچارڻ کان وانجهيل هُئاسين، اڃا تائين لاشعوري طور ڪي لفظ ڳالهائڻ وقت غلطي ڪري ويهندا آهيون، جيڪا ٿيڻ نه گهرجي. سائينءَ کي اسان جو اهڙو اُچار دُرست ڪرڻ ۾ ويرم ئي نه لڳندي هُئي. مثال طور: آئون چوان، ”ڳوٺ/ ’فصل‘/ ته لفظن جو آخري اکر جيئن ڳوٺ جو ’ٺ‘ ساڪن اُچاري وڃان يا فصل جو آخري اکر ’ل‘ کي ساڪن اُچاري وڃان، تنهن تي سائين صالح محمد شاهه/ ”فتح خان“ يڪدم درستي ڪرائيندو هو ته، ”بابا نينگرا نذير احمد! هينئن چيو، ڳوٺ! چئو چئو ”ڳوٺ“، ”فصل“، ”انب“، ڪتاب“!! يعني سائين چوندو/ سيکاريندو هو ته لفظ جو آخري اکر سنڌيءَ ۾ متحرڪ/ کڙو ڪري پڙهڻو آهي، اُچارڻو آهي. سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو متحرڪ اُچار مون کي اسڪولن (پرائمري/ هاءِ) توڙي ڪاليج ۾ به ڪڏهن نه سمجهايو ويو، جيئن سائينءَ سمجهايو.
زراعت کاتي جي ڪنهن به زرعي ماهر جي لکيل تقرير جو اسڪريٽ/ مسودو پڙهڻو پوي ته مثال طور ان ۾ لکيل هُجي ته، ”وٿاڻ جي ڀاڻ جي اهميت ۽ فائدن بابت مٿي ڏنل ڄاڻ ملڻ کانپوءِ هاڻ فصل ۾ پاڻي ڏيڻ جي طريقن بابت هيٺينءَ ريت عمل ڪرڻ گهرجي.“ اسڪرپٽ/ مسودي واري پني/ ڪاغذ تي صُفحي جي مٿئين اڌ تائين فصل ۾ وٿاڻ جي ڀاڻ جي استعمال جو طريقو سمجهايل هو ۽ طريقي جي سمجهاڻي ڏنل هُئي، سو ڇاڪاڻ ته زرعي ماهر جيئن ته ”ريڊيائي ٻولي“ کان گهڻو ڪري اڻ واقف هجڻ سبب مٿئينءَ ريت يا هيٺئينءَ ريت لکي اسڪرپٽ/ مسودو ڏيندا هُئا، پر سائينءَ کي ته ”هوائن جي دوش“ ريڊيو سيٽ تي ٻهراڙين جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ ڪچهري ٻُڌندڙن کي صاف چٽيءَ طرح صدائن سان پنهنجي ڳالهه سمجهائڻي هوندي هُئي، تنهن ڪري اسڪرپٽ/ مسودو پڙهندڙ کي سندس ڀر ۾ ويٺل سائينءَ صالح محمد شاهه يا ٻيا حصو وٺندڙ يا ڪچهريءَ جا شرڪاءَ (ڪمپيئر) ته سمجهي ويندا هُئا ته مٿئين ريت (يعني ڪاغذي صفحي تي مٿئين حصي ۾ لکيل پئرا/ يا هيٺينءَ ريت پئرا) پڙهي رهيو آهي، پر لکين ڪروڙين ٻُڌندڙ هيٺينءَ ريت يا مٿي ڏنل ڄاڻ موجب وارن لفظن کي ڪيئن سمجهن؟ اسٽوڊيو جي ڪمري ۾ مائيڪ تي ويهي هوائن جي دوش ڳالهائيندڙ کي ريڊيو سيٽ ٻُڌڻ واري کي سمجهائڻ لاءِ پوري وضاحت ۽ تصوراتي تاثر ڏيڻ لازمي هجي ٿو نه ته ”صداڪار“ براڊ ڪاسٽر ٿيڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر هجي ٿو. تنهن ڪري ”ڏاڏا فتح خان“ جيڪو صدائن ذريعي تاثر ڏئي ڳالهه کي سمجهائڻ وارو ماحول فراهم ڪرڻ جو بي مثال براڊڪاسٽر هو، سو چوندو هو ته، ”بابا، اِهو مٿئينءَ ريت ڇا؟ (يا چوندو) ته، پُٽ! اِهو هيٺينءَ ريت ڇا؟“ پوءِ وري وراڻيءَ ۾ چئبو هو ته، ”ڏاڏا“ ڪاڳر (ڪاغذ) تي مٿئين حصي ۾ لکيل آهي يا ڪاڳر (ڪاغذ) جي هيٺين حصي ۾ لکيل آهي! ته، سائينءَ صالح محمد شاهه چوندو هو، ”هان“!! (ڳالهه سمجهندي) پاڻ ته ڳالهه کي سمجهندو هو پر ريڊيو سيٽ تي ريڊيو پروگرام ڪچهري ٻُڌندڙ واري کي نيچرل يعني فطري ماحول ۾ ڳالهه سمجهائڻ جو تاثر ڏئي سمجهائيندو هو!! سائين صالح محمد شاهه ”فتح خان“ جي ڪردار کي نه رڳو امر بڻايو پر پنهنجي ڀرپور ۽ لاثاني صلاحيتن ۽ صداڪاريءَ ذريعي قدرتي/ فطري ماحول جو لفظن ذريعي (سي به نج سنڌي لفظ) تاثر ڏئي پاڻ موکيو، جنهن جو مثال مُنهنجي سانڀر ۾ ڪٿي به مون کي نٿو ملي.
سيد صالح محمد شاهه ’ڪچهري‘ پروگرام شروع ٿيڻ وقت جڏهن ’فتح خان‘ جي ڊرامائي پر نهايت ذميوار ۽ دانشمنداڻي گفتگو ڪري سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت، ٽيڪا ٽپڻي، راڳ ويراڳ، مولودن، حادثن واقعن، معاشرتي اوڻاين، ڀوڳ چرچن، ديني، صوفياڻن، اخلاقي، معلوماتي خزانن کي کوليندو هو ته اسٽوڊيو ۾ ساڻس گڏ ويٺل خود اچرج ۾ اچي ويندا هئا، نه رڳو ايترو پر سائينءَ کي ٻُڌڻ، لکين ڪروڙين مرد توڙي زائفائون به پنهنجي گهر جو وڏڙو، ڏاهو، داناءُ ۽ دانشمند سمجهي سندس ڳالهين کي هينئين سان هنڊائيندا هُئا. مرڻن پرڻن جي ريتن رسمن کي احسن طريقي سان اُپٽارڻ ۾ پنهنجو ثاني پاڻ ئي هو. ميلا، ملاکڙا، ڏهاڙا (مسلم، سک، هندو، عيسائي) مطلب ته هر مڪتبهءِ فڪر سان تعلق رکندڙن جو ڏاڏو فتح خان ٿي گذريو آهي. پاڻ نه رُڳو نج سنڌيت جي ضمير جي سڳنڌ رکندڙ ۽ تن من کي معطر ڪندڙ صداڪار ٿي گذريو پر سندس ”وائس“ قيامت تائين تاريخ جي ورقن ۾ سونهري اکرن سان اُڪريل رهندو.


سيد صالح محمد شاھ
ڀٽائيءَ جي پارکو جي وڇوڙي جو اٺون سال!
ماڪن شاھ رضوي
چٽِ ڪاڙهن وارو هي مهينو سيپٽمبر، سنڌي اڌڪ واري حساب سان بڊي جو مهينو ڳڻبو آهي. سارين جي ٻنين ۾ ٻنن مٿي گهاٽا ڪانهن جا ٻوڙا به نسري کيتن جي سونهن ايئن سوائي ڪري ڇڏيندا آهن، جيئن سنڌي ٻوليءَ جو سالڪ سائين صالح محمد شاهه ريڊيو حيدرآباد جي اُملهه ثقافتي پروگرام ”ڪچهري“ ۾ فتح خان بڻجي، ٻوليءَ جي وساريل متروڪه لفظن کي ٻيهر جيئاري سنڌ جي سونهن سرس ڪري ڇڏيندو هو. اڄڪلهه جو ڪو به اديب شاعر يا سُخنور پاڻ کي ڀلي داناءُ سمجهي، پر ان کي به اهو ضرور مڃڻو پوندو ته درياءَ بيگ مغل واري سائين دادن شاهه جي گهر ۾ ۴ اپريل ۱۹۳۸ع ۾ جنم وٺندڙ سيد صالح محمد شاهه سنڌي ٻوليءَ جو وڏو عالم هو. ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪلام جي هن پارکو جيئن لطيف سائينءَ جي ڪلام جي سولي سڌي تشريح ڪئي، اها شايد ئي ڪنهن ٻئي سُڄاڻ ڪئي هجي.
سنڌ جي ثقافت تي جڏهن به هن ڳالهايو ته ڪمال ڪري ڇڏيو. موهن جي دڙي جي تهذيب کان ڀنڀور جي برباد ڀڙي ۾ ڀٽڪندڙ سسئي جي سورن تائين، امر سنگهه سوڍي جي اڏايل امرڪوٽ کان مومل جي ماڙي يا ملير جي ”ڪاٺوڙ“ واري ايراضي ۾ ابدي آرامي موکي ۽ متارن جي روحن سان به شايد سندس روح رهاڻيون هنيون، جو اها سموري تاريخ هو جڏهن سلڻ ويهندو هو ته ڄڻ ڳالهين جون ٻَڌل ڳنڍيون کُلنديون وينديون هيون.
مون کي سدائين ان حقيقت تي فخر رهيو آهي. سائين صالح محمد شاهه ۱۹۸۴ع ۾ ٿيل پهرين ملاقات کان وٺي، زندگي جي آخري ڏينهن پهرين سيپٽمبر ۲۰۰۷ع تائين مون تي مهربان رهيو. سڌي ڳالهه ته هو پارس هو ۽ آئون حقير فقير لوهه جو ٽُڪر. اهو سچ آهي ته مون جيڪي به سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ڀٽ ڌڻي جي اڻ کٽ خزاني جي رَتي ۾ ماسيَ برابر ڄاڻ حاصل ڪئي ته اها سائين صالح محمد شاهه کان سندن ايريگيشن ڪالوني واري ڦليلي ڪناري حيدرآباد ۾ رهائشگاهه اڳيان بيٺل ٽالهي جي وڻن هيٺ. سياري ۾ مچ ٻاري ساڻس ڪيل ڪچهريون دل ڪتاب جي ورقن تي لکيل رهنديون. حيدرآباد کان ڪنڊياري تائين ساڻن گڏ ڪيل سفر به ويسر جي ور ڪڏهن نه ٿو چڙهي سگهي. سيد صالح محمد شاهه وڏي علم رکندڙ هستيءَ سان گڏ، حسين ترين حس مزاح رکندڙ شخصيت به هو، معنى خيز مُرڪندڙ جملن جي برسات وسائيندو هو ته بي اختيار ٽهڪ نڪري ويندا هئا، سندس يادداشت به ڪمال جي هوندي هئي. هڪ ڀيرو جيڪو پڙهيائين يا ٻُڌائين ته اهو ڄڻ ته سندن ذهن ڪمپيوٽر ۾ رڪارڊ ٿي ويندو هو. هڪ ڀيري کانئس پُڇيم ته، ”سائين! هي فتح خان جو ڪردار اوهان کي ڪيئن ذهن ۾ آيو. پاڻ ٻُڌايائين ته، ”ٽنڊي جهانيان وارو شاعر ۽ عظيم انسان سائين لطف علي شاهه عرف سيد منظور نقوي ريڊيو تي ٽانگي ۾ چڙهي ايندو هو ۽ سندس ٽانگو هلائڻ وارو ڪوچوان هوندو هو، پن جي ٻيڙي ڇڪيندڙ فتح خان. ان جو انداز ۽ آواز، مون کي متاثر ڪري ويو مون ان جي لهجي، آواز ۽ انداز کي پنهنجو ڪيو ته سڄي سنڌ ۾ اهو ڪردار، بيحد پسند ڪيو ويو.“ ۲۹ آڪٽوبر ۱۹۵۹ع کان شروع ٿيل پروگرام، ”جمهور جو آواز“ وقت سان گڏ نالا بدلائيندي، انهيءَ فتح خان جي حوالي سان هاڻي ”فتح خان جي اوطاق“ جي عنوان سان نشر ٿئي ٿو. اهو سڀ ان صالح محمد شاهه جي بي پناهه ڄاڻ جو ڪمال آهي، جيڪا قدرت پاران کيس عطا ٿيل هئي. مون کي ته سائين سدائين لطيف سرڪار جي سُر رامڪلي جو ڪو ”آديسي“ محسوس ٿيندو هو.
مون کي ياد آهي ته ۲۰۰۷ع ۾ ريڊيو حيدرآباد جي مشهور معروف پرگرام، ”سڳنڌ“ جو وقت بدلائي، رات جو ساڍي ڏهين وڳي ڪيو ويو هو، جنهن کي آئون ڇنڇر ڏينهن ڪمپيئر ڪندو هئس. (هاڻي جمعي ڏينهن ۳ وڳي) ۽ ان لاءِ آئون جهڏي مان ايندو هئس. پهرين سيپٽمبر ۲۰۰۷ع تي به آئون شام جو پنجين وڳي پنهنجي ڊيوٽي لاءِ اچي ويس. ”ڪچهري“ پروگرام جو وقت هميشه جيئن ۶ وڳي هو. سائين پنهنجي فرزند شبير شاهه سان گڏ ڇهين وڳي پنهنجي ڪار ۾ آيو. الاءِ ڇو ان ڏينهن سائين جي شخصيت وڌيڪ دلڪش محسوس ڪيم. اڇي وڳي ۾ اکين ۾ سُرمي جي پاتل ڪاني سان وڌيڪ کان به سرس سهڻو پئي لڳو. ساڳئي پيار ۾ پاٻوهه سان ڀاڪر ڀري مليو. ڪجهه دير اسٽوڊيو ۾ ويهي، سندن روح رچندڙ ڪچهري ٻُڌم. وري پروگرام ختم ڪري پاڻ ٻاهر آيو ته ان پارڪ ۾ وڃي ويٺاسين، جنهن کي پياري نصير مرزا پنهنجي ڊائريڪٽر هئڻ واري دور ۾ ”سيد صالح محمد شاهه سبزه زار“ جو نالو ڏئي، هن عظيم انسان جي خدمتن جي مڃتا ڏئي سندس ڪو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ اُتي ڇٻر تي ويهي مُرڪندي مون کي چيائين، ”ابا! اڄ ننڍي نياڻيءَ جو مڱڻو ڪري، آخري بار به لاهي ڇڏيم.“ پوءِ گهڙي پل قرب ڪچهري ڪري پاڻ گهر روانا ٿيا ته آئون پنهنجي پروگرام کي ترتيب ڏيڻ لاءِ اچي ڊيوٽي روم ۾ ويٺس. ٺيڪ پوڻي ڏهين وڳي سنڌ جي مشهور ۽ من پسند وڏي اخبار ”ڪاوش“ مان فون آيو. ڊيوٽي آفيسر ڪنهن ڪم سبب اُٿي ويو هو ته مون فون کنئي. ”ڪاوش“ ئي اهو ڇرڪائيندڙ اطلاع ڏنو ته، ”سيد صالح محمد شاهه“ وفات ڪري ويو آهي، اسان کي سندس ڪانٽيڪٽ نمبر گهرجي. آئون وائڙو ٿي ويس، سمجهه ئي نه اچي. اڃا هاڻ ساڍي ستين وڳي ته سائين مون سان ملي ويو آهي ۽...ان کان وڌ حيرت ان جي ٿيئم ته جنهن عظيم آرٽسٽ زندگيءَ جا پنجاهه سال اڌ صدي ريڊيو کي ارپي ڇڏي، ان جو فون نمبر به ”ڊيوٽي روم“ ۾ نه هو. بعد ۾ سندن نمبر ته مون پنهنجي فون مان ڪڍي، ”ڪاوش“ کي ڏنو. ڏهين وڳي نصير مرزا (جيڪو تن ڏينهن ۾ ڪراچي  FM ۱۰۱ جو ڊائريڪٽر هو) فون ڪري ٻيهر اها خبر ڏني...
 مون کي ايئن لڳو، ڄڻ سنڌ کان هڪ وڏي ڏاهپ، وڏي ڄاڻ جي دولت ڦُرجي وئي هجي. دل تي پٿر رکي، لڙڪن کي روڪندي، مون پنهنجي ”سڳنڌ“ پروگرام ۾ اها دُکدائڪ خبر سنڌ واسين تائين پهچائي. رات جو ويهي سائين صالح محمد شاهه جي اوچتي وڇوڙي تي ڪالم لکيم. (جيڪو ۳ سيپٽمبر تي ڪاوش ۾ ڇپيو. پوءِ خبر پئي ته سائين گهر پهتو، گهر ۾ تقريب هئي، پاڻ گهر وارن کي مهمانن جو خيال رکڻ لاءِ چئي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. ڪجهه دير کان پوءِ گهر وارن کين اهو چوڻ لاءِ اچي اُٿاريو ته، ”مهمان وڃن پيا، کانئن موڪلائي وٺو...“ تڏهن  خبر پئي ته ڌرتيءَ جو هي عظيم انسان ڄاڻ جو سنڌو، ٻولي، ثقافت ۽ لطيفي پارکو وينجهار ته پاڻ ئي بنا موڪلائڻ جي ڊگهي سفر تي هليو ويو آهي. هي اها هستي هئي، جنهن جي فن، فڪر ۽ شخصيت تي ڪيترائي سارا ڪتاب لکي سگهجن ٿا. ٻُڌو اٿم ته محترم نصير مرزا، سائينءَ تي ڪو ڪتاب لکيو آهي. اها به چڱي ڳالهه ته هيڏي ساري سنڌ مان ڪنهن ته ان ڏس ۾ پهرين وک وڌائي آهي. نصير مرزا کي بيشڪ جس هجي، پر اڄ اٺ سان گذرڻ کان پوءِ هُئڻ ته ايئن گهرجي، جو هن صداڪار، اداڪار، سگهڙ، عالم، فاضل ۽ ٻولي جي وينجهار جي ورسي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ ملهائڻ سان گڏ، سندن مزار تي به حاضريون ڀرجن. جنهن اعلى ذهن انسان سڄي ڄمار ڌرتيءَ جي ٻوليءَ ۽ ثقافت لاءِ ڪم ڪيو.
سامين، سڻائي ڏس جو، من ۾ اي مذڪور،
تڪيا تڙڪن تي رکي، سيڪيو لاهِن سور،
مڙهيو ڇڏي مُور، ويا نيرانا ئي نڪري. (شاهه)



سيد صالح محمد شاهه جي ياد ۾
ابراهيم لاشاري
صدين جي تهذيب ۽ تمدن جي سرواڻ سونهاري سنڌ هميشه املهه ۽ ماڻڪ، موتي ڪردارن کي پنهنجي هنج ۾جنم پئي ڏنو آهي. جيڪي سچ ته سنڌي ادب جي فڪري وارث هئڻ جا سرچشما چئي سگهجن ٿا. جن پنهنجي قوم، ٻولي، ثقافت ۽ پنهنجي ڌرتي جو نالو ڏيهه توڙي پرڏيهه منجهه مشهور ڪيو. هت اهڙي ڪردار کي اڄ ياد ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو سنڌي ادب جي افق جو چمڪندڙ ستارو هو، جنهن پنهنجي نرالي آواز ۽ انداز سان سنڌي لوڪ ادب، ثقافت ۽ فن جي دنيا ۾ وڏو نالو نروار ڪيو. اهڙي عظيم ڪرادر جو نانءُ هو سيد صالح محمد شاهه جنھن ۴ اپريل ۱۹۳۸ع سومر جي ڀلاري ڏينهن تي، سيد دادن شاهه جي گهر کان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو. ريڊيو ٽيليويزن جو مشهور ڪمپيئر، سنڌ جي ٿڌڙي هوائن جي شهر حيدرآباد لڳ ڳوٺ دريا بيگ مغل ۾ اکيون کوليون. سيد صالح محمد شاهه جو گهراڻو علم ادب سان مالامال هو. سندس خاندان منجهه وڏا وڏا شاعر، اديب، ۽ عالم پيدا ٿي پنهنجو واري وڄائي ويا. سيد صالح محمد شاهه کي ننڍپڻ کان وٺي گهرو ماحول ۾ (شاهه جو رسالو) ۽ شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام درست نموني تلفظ  ٻڌڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو ميسر ٿيو. پاڻ ننڍي هوندي باڪمال ذهانت جا مالڪ هئا، سيد صالح محمد شاهه اديب عالم جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري وڌيڪ انگريزي تعليم پرائي. انگريزي زبان جو پڻ وڏو ڄاڻو هو. سندس فيملي جو هڪ وڏو شاعر سيد ڪبير شاهه جنهن کي (لوڪ ادب جو امام) مڃيو وڃي ٿو .ان جي ڪلام کي پڙهي پنهنجي مطالعي ۾ اضافو ڪيائين، سيد صالح محمد شاهه جي ننڍي هوندي سار سنڀال کيس پنهنجي ناني سيد نور محمد شاهه (نورل جو لعل) ڪئي جيڪو پڻ وڏو شاعر ۽ صاحب ڪليات جو مالڪ هو. سيد صالح محمد شاهه  کي ڏاهپ جا سڀ ڏس ۽ ادب جو شعور سان نوازي نروار ڪرايائينس. سيد صالح محمد شاهه اڃا تعليم به پوري نه ڪئي هئي ته سندس گڏجي پڙهندڙ هڪ دوست عبداللطيف عباسي مرحوم جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اڳوڻي انائوسر جي مشوري سان سندس صالح محمد شاهه جي سالگرهه جي تاريخ ۴ اپريل ۱۹۵۸ع جمعي جي ڀلاري ڏينهن تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي وٺي آيو بعد ۾ سيد صالح محمد شاهه هميشه لاءِ ريڊيو پاڪستان سان سلهاڙجي ويو، جتي هن پنهنجي فن جا سڀ ڪمال انائونسمينٽ، تقريرون پڙهڻ، ڊرامن ۽ فيچرن ۾ حصو وٺڻ ۽ مختلف پروگرامن ۾ مختلف قسمن جا جوهر پئي ڏيکاريا،  سنڌي لوڪ ادب کي نروار ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳوٺاڻي ڪچهري جي نالي سان پروگرام نشر ٿيندو هو. جيڪو ۰۳ آڪٽوبر ۱۹۵۹ع کان جاري ٿيو بعد ۾ هن پروگرام جو نالو تبديل ڪري ۲۰ جولاءِ ۱۹۶۰ع ڌاري ساڳئي پروگرام جو نالو (جمهور جو آواز) رکيو ويو. هن پروگرام منجهه سيد صالح محمد شاهه پنهنجو سچو اصلي آواز لڪائي، ٻهراڙي جي هڪ جهور پوڙهي جي (فتح خان) ڪردار جي روپ منجهه پيش ڪندو هو. هن پروگرام کي پنهنجي صلاحيتن سان ٿوري عرصي ۾ ماڻهن جي پسند جو پروگرام بڻائي ڇڏيو. سندس پروگرام منجهه نج ٻهراڙي ۽ ڳوٺاڻن ڪچهري جا سڀ رنگ نظر ايندا هئا .پنهنجي ماکي کان به مٺڙي آواز جا الاپ ڏئي. ڳجهارتون، لوڪ گيت، لوڪ ڪهاڻيون. مذهبي ڳالهيون، صحت، تعليم، لوڪ ادب، زراعت، موسيقي، ٻهراڙي جي ماحول، ريتن رسمن ۽ رهڻي ڪهڻي جي باري ۾ منفرد ڄاڻ ڏئي پروگرام کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيندو هو. سندس پروگرام ۾ (فتح خان) جي ڪردار عالمي شهرت سان نروار ڪيو. ۽ هر طبقي جي ماڻهن سندس پروگرام کي ساراهيو ۽ پسند ڪيو. سيد صالح محمد شاهه هن پروگرام ۾ فن جي دنيا سان تمام گهڻو ۽ نرالي لهجي ڄاڻ، جملن جي جوڙ جڪ جملن جو استعمال وقتائتو مهل جي مناسبت سان تمام تر وڏي ڄاڻ. ٺيٺ عوامي لهجي، پهاڪن ۽ اصطلاحن سان ٽمٽار هوندا هئا. کيس لوڪ ادب جي مڙني صنفن تي وڏي دسترس حاصل هئي. سيد صالح محمد شاهه واقعي علم ادب جو وڏو ڄاڻو ۽ وڏو نانءُ هو. ڪچهري پروگرام وارا کيس (ڏاڏا سائين) يا (جهونا) جي لقبن سان مخاطب ٿيندا هئا. سيد صالح محمد شاهه، حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو وڏو پارکو، ۽ سندس کي شاهه سائين جي ڪلام کي صحيح تلفظ ۽ لهجي سان پڙهڻ ۾ به وڏي مهارت حاصل هئي. لطيف سرڪار رح جو سڄو سارو رسالو سندس ماکي کان به مٺڙي آواز منجهه تحت اللفظ رڪارڊ پڻ ٿيل آهي. جيڪو وقت به وقت ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن جهڙوڪ حيدرآباد، ڪراچي، خيرپور، لاڙڪاڻو ۽ ڀٽ شاهه تان نشر ٿيندو رهي ٿو. ان کان علاوه سيد صالح محمد شاهه ٽيليويزن پاڪستان تي به پنهنجي فن جو جادو پروگرام (اوطاق ۽ رس رهاڻ) جي ميزباني لوڪ ادب ۽ لوڪ ثقافت کي اجاگر ڪري عوام تائين پهچايو. سيد صالح محمد شاهه کي اهيو به اعزاز پڻ آهي ته هن سنڌي فلمن جي دنيا ۽ ڊرامن ۾ پڻ ڪم ڪري حصو ورتو. سندس شروعاتي ڊرامن منجهه ڊرامو (ستارا ۽ ڏاهر) شامل آهن ان کان علاوه سيد صالح محمد شاهه جهڙو ڊرامن ۾ رومانوي ڪردارنگاري ۾ ڪو به مٽ ثاني نه هيو. سنڌ جي ناليواري اديب محترم امر جليل صاحب جي لکيل ڊرامي (سڄڻ سفر هليا) عبدالقادر جوڻيجي جي لکيل (وانڪل جو گهيڙ ۽ مرحوم مست الست ڊرامانگار علي بابا جي لکيل ڊرامي (رڃ جا راهي) سندس فني دنيا جا يادگار ڊراما ۾ پڻ شامل آهن. سيد صالح محمد شاهه صاحب سنڌي فلم (رنگ محل) ۾ پڻ زبردست ڪردار ڪري ڪم ڪيو. سيد صالح محمد شاهه جي آواز ۾ (شاهه جي رسالي) جي سرن جي رڪاڊنگ) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ وٽ محفوظ آهي سيد صالح محمد شاهه ريڊيو پاڪستان کي ۵۰ سال ۽ ٽيليويزن پاڪستان ڪراچي کي فن جي دنيا ۾ ۳۰ سال سان پنهنجي آواز ذريعي نوازيندو رهيو .سيد صالح محمد شاهه کي فني خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان ۲۳ مارچ ۱۹۹۱ع تي صدارتي ايوارڊ ( حسن ڪارڪردگي) سان نوازيو. زندگي جا ۶۹ سال ۴ مهينا ۽ ۲۸ ڏينهن گذاري ڇنڇر ڏينهن هن ڏاهي انسان جي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو سنڌي ثقافت جو هي امين هميشه هميشه لاءِ ادبي، ثقافتي سڀني مصروفيتن جا دروازا بند ڪري راهه رباني ٿي ويو. سندس خدمتون سنڌ ۽ سنڌي ادب کي صدين تائين ياد رهنديون سندس جسد خاڪي کي حيدرآباد جي هٽڙي ڀرسان مرزا مغل قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو آهي، اڄ سندس ڏهين ورسي جي موقعي تي ريڊيو پاڪستان کانسواءِ سنڌ جا اديب، لوڪ ادب جا ڏاها زندگي ۽ فني خدمتن کي اجاگر ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪندا. اڄ سندس ڏهين ورسي ملهائي ويندي.



سيد صالح محمد شاهه
لاثاني آواز جو بادشاهه
شوڪت حسين شورو
سيد صالح محمد شاهه جو هڪ ساٿي صداڪار پروڊيوسر ٿي چڪو هو. ڪنهن معمولي ڳالهه تان هن ۽ صالح محمد شاهه جي وچ ۾ تلخ ڪلامي ٿي وئي. هن جي دل ۾ صالح محمد شاهه جي مقبوليت سبب ساڙ ويٺل هو، سو دانهن کڻي ان وقت جي ريجنل ڊائريڪٽر علي محمد چاڳلا وٽ ويو. اهو به ڪو سڙيو ويٺو هو، تنهن صالح محمد شاهه جي ڳالهه ٻڌڻ بدران کيس سخت لهجي ۾ ٻاهر نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. سيد صالح محمد شاهه ڏکويل دل سان پنهنجي ڳوٺ هليو ويو. ٻئي ڏينهن جڏهن موٽي پنهنجي شهر واري جاءِ تي آيو ته هڪ خاڪي رنگ جو لفافو در وٽ پيل هو. ان ۾ ڊائريڪٽر جا صحيح ٿيل ٻه ليٽر هئا، هڪ ۾ لکيل هو، ”ايمرجنسي دور ۾ تون ٽن ڏينهن کان بنا اطلاع جي غير حاضر آهين“، ۽ ٻئي ۾ لکيل هو ته، ”تو ڪا به ورندي نه ڏني آهي، لهٰذا تنهنجو ڪانٽريڪٽ ختم ڪيو وڃي ٿو.“ اها رڳو فارملٽي پوري ڪئي وئي هئي، باقي اصل ۾ سيد صالح محمد شاهه کي ڪڍڻ جو بهانو هو. هن پنهنجو سمورو ڪيس حقيقتن سان ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان اسلام آباد موڪلي ڇڏيو، ان کان پوءِ ۱۱ مهينا بنا ڪنهن ڪم ڪار جي ڳوٺ ۾ ويٺو رهيو. ڪيترائي افواهه ۽ من گهڙت قصا هن سان منسوب ٿيڻ لڳا ته هو مجذوب ٿي ويو آهي ۽ ديوانگيءَ واري حالت ۾ جهنگ بيابان وسائي دنيا کان تارڪ ٿي ويو آهي. ٻئي طرف سندس ٻڌندڙن ۽ پرستارن هزارن جي تعداد ۾ خط ريڊيو ۽ اخبارن کي موڪلڻ شروع ڪيا ته فتح خان ڪٿي آهي؟ نيٺ ايس گل (فضل علي شاهه ڄاموٽ) وچ ۾ پئي ٻنهي ڌرين جو پاڻ ۾ ٺاهه ڪرايو. صالح محمد شاهه ريڊيو حيدرآباد تي موٽي آيو، پر ريڊيو جي سموري اسٽاف ائين سمجهيو ته صالح محمد شاهه جو اچڻ سڀني جي بيعزتي جو ڪارڻ آهي. هن جي لاءِ حالتون اهڙيون بڻايون ويون، جو ڄڻ هن جا پير ٽانڊن تي پئجي ويا. کيس هر طرح سان پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. هو ۱۹۷۱ع تائين ريڊيو حيدرآباد ۾ وڏو عذاب سهندو رهيو. هن کي محسوس ڪرايو ويو ته آفيسرن کي سندس ريڊيو تي رهڻ پسند نه هو. هن آخر ريڊيو جي دنيا کي خيرباد چوڻ جو فيصلو ڪيو. هن درخواست لکي ڊائريڪٽر کي پيش ڪئي ته ڪن سببن جي ڪري هو هتي نٿو رهي سگهي، تنهن ڪري سندس ڪانٽريڪٽ ختم ڪيو وڃي. ڊائريڪٽر هن جي عرض اگهائڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪئي. سيد صالح محمد شاهه نه ايترو مالدار هو، جو ڪو ڌنڌو ڪري سگهي، نه ايتري زمين هئي، هن جي زندگي ڳوٺ ۽ جهنگ ۾ گذرڻ لڳي. هو ٽي سال ريڊيو جي دنيا کان پري رهيو، پر سندس ٻڌندڙن کيس ڪو نه وساريو. هو ريڊيو وارن کي خط لکي پڇندا رهيا ته فتح خان ڪچهريءَ ۾ ڇو نٿو اچي؟ اخبارن ۾ مطالبا شايع ٿيڻ لڳا ته فتح خان کي موٽائي آندو وڃي. ۱۹۷۴ع ۾ محمد بخش انصاري ريڊيو حيدرآباد جو اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿي آيو. هن سيد صالح محمد شاهه کي ريڊيو تي موٽائي آندو ۽ کانئس ماهوار ڪانٽريڪٽ ڀرايو، جنهن مطابق هو مهيني ۾ وڌ ۾ وڌ ۲۱ ڏينهن فتح خان وارو پروگرام ڪري سگهيو ٿي. پروگرام شروع ٿيڻ سان مبارڪن ۽ خوشين جا خط اچڻ لڳا. ايترن سالن کان ريڊيو حيدرآباد تي ڪم ڪرڻ جي باوجود صالح محمد شاهه کي پڪو نه ڪيو ويو. هن کي نالي ماتر معاوضو ملندو هو. ايڏي مقبول ۽ معروف پروگرام ڪرڻ جا هن کي فقط ۲۰۰ رپيا ڏنا ويندا هئا. مهيني ۾ چار ڏينهن ڪاٽي باقي ساڍا چار هزار ملندا هئس. ٻچڙيوال ۽ سفيد پوش صالح محمد شاهه ايتري قليل رقم مان گذر سفر ڪندو رهيو. ان وچ ۾ سندس پراڻو ساٿي فنڪار عبدالڪريم بلوچ ٽي وي تي پهچي چڪو هو. هن صالح محمد شاهه کي ٽي وي تي پروگرام ڏنا، جن مان هن کي بهتر معاوضو ملڻ لڳو.
سيد صالح محمد شاهه جيتوڻيڪ منهنجن لکيل ٽن چئن ريڊيو ڊرامن ۾ هيرو جو ڪردار ڪيو هو، پر هن سان تعلق دعا سلام وارو ئي رهيو، هن سان منهنجي ويجهڙائپ سندس زندگيءَ جي آخر ٻن سالن ۾ ٿي. آئون سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر هئس، ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ فڪر کي وڌيڪ عام ڪرڻ لاءِ ”ڪائونسل فار پروموشن آف شاهه عبداللطيف ڀٽائي اسٽڊيز“ ٺهي، جنهن ۾ مختلف ادبي، علمي ۽ ثقافتي ادارا شامل هئا. سنڌ يونيورسٽيءَ جو تڏهوڪو وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي ڪائونسل جو چيئرمين هو ۽ آئون سيڪريٽري هوس. ڪائونسل جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ اها رٿ ڏني وئي ته شاهه جي رسالي جي صحيح پڙهڻيءَ جي لاءِ ان جي هڪ سٺي آواز ۾ آڊيو ريڪارڊنگ ڪرائي وڃي ۽ ان جون سي ڊيون پڻ جاري ڪيون وڃن. مون ڪائونسل کي ڄاڻ ڏني ته گهڻا سال اڳ سنڌالاجي سيد صالح محمد شاهه کان شاهه جي رسالي جا ڪجهه سُر تحت اللفظ رڪارڊ ڪرايا هئا، پر اهو ڪم اڌورو رهجي ويو. ڪائونسل طرفان اها ذميداري مون کي سونپي وئي ته سيد صالح محمد شاهه سان ڳالهائي رسالي جي آڊيو ريڪارڊنگ جو ڪم مڪمل ڪرايان. مون روايتي طريقي سان پنهنجي آفيس معرفت سيد صالح محمد شاهه کي نياپو موڪليو، پر هن صفا انڪار ڪري ڇڏيو ته سنڌالاجي لاءِ ڪو به ڪم نه ڪندو. مون ۽ امداد حسيني (جيڪو پڻ ڪائونسل جو ميمبر هو) پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته اسين ٻئي ڄڻا گڏجي هن سان سندس گهر وڃي ملون. مون فون ڪري کائنس ٽائيم ورتو ۽ شام جو سندس گهر وياسين، وڏي حب سان مليو، پر ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيائين. هن جو چوڻ هو ته سنڌالاجي جي صاحبن جو ساڻس رويو ڪڏهن به سٺو ناهي رهيو. هو جڏهن ريڊيو حيدرآباد مان تنگ ٿي چڪو هو، تڏهن هن سنڌي ثقافت ۽ فن جي خدمت ڪرڻ لاءِ سنڌالاجي ۾ ڪم ڪرڻ چاهيو هو، پر سنڌالاجي جي تڏهوڪي پروفيسر انچارج نهايت بي رخي سان کيس نوڪري ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. پوءِ وري سالن کان پوءِ سنڌالاجي وارن شاهه جو رسالو سندس آواز ۾ تحت اللفظ رڪارڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو، هن ڪجهه سُر رڪارڊ ڪرايا، پر سنڌالاجي وارن جي آفيسراڻي رويي سبب هو وڌيڪ اهو ڪم نه ڪري سگهيو. هڪ ڏينهن اوچتو مون کي آفيس ۾ فون ڪيائين: ”شورا صاحب! مون کي تولاءِ عزت آهي، پر تون سنئون سڌو مون سان ڇو نٿو ڳالهائين؟ ٻين کي گڏ ڇو ٿو وٺي اچين؟آئون ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، بيمار رهان ٿو، الاجي ڪيترا آپريشن ڪرايا اٿم، ضرورتمند آهيان، مون کي ٻڌاءِ، رڪارڊنگ جو معاوضو ڪيترو وٺائي ڏيندين؟“ چيومانس: ”هي ايڏو وڏو ڪم آهي، جنهن جو ڪو ملهه ڪَٿي نٿو سگهجي. آئون البته هڪ لک رپيا وٺائي ڏيڻ جو واعدو ڪريان ٿو.“ پاڻ راضي ٿي ويو،
ڪم شروع ٿيڻ ۾ ڪجهه رڪاوٽون به پيون، سائين بادشاهه جو چوڻ هو ته ڪا اي سي واري ڪار کيس صبح جو ڄامشوري ۾ کڻي اچي ۽ وري واپس ڇڏي وڃي. مون هڪ لک رپيا معاوضي طور ڏيڻ ۽ روزانو ڪار موڪلڻ واري ڳالهه تڏهوڪي وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي جي اڳيان رکي، هن معاوضي واري رقم جي منظوري ڏني، البته روزانو ڪار موڪلڻ واري ڳالهه ڪا نه مڃي. مون وٽ تڏهن سوزوڪي وئن هئي، صديقي صاحب چيو ته اها کيس موڪليو. سائين بادشاهه وئن ۾ ان ڪري اچڻ نٿي چاهيو ته اها سندس پوڙها ۽ بيمار هڏ ڀڃي رکندي، پوءِ پاڻ اها صلاح ڏنائين ته، ”آڊيو رڪارڊنگ جا اوزار مون کي گهر ڏياري موڪليو، آفيس وارن ان ڳالهه جي مخالفت ڪئي، پر مون چيو ته ڪنهن به صورت ۾ اها رڪارڊنگ ڪرائڻي آهي. مون ترت ۹۰ هزار رپيا ائڊوانس طور کيس ڏياريا ۽ پاڻ ڪم شروع ڪيائين. ڪجهه عرصي ۾ شاهه جو رسالو مڪمل طور رڪارڊ ٿي ويو. مون ڪائونسل کان منظوري ورتي ته سيد صالح محمد شاهه جي آواز ۾ تحت اللفظ رڪارڊ ٿيل هر سُر جون وايون ڳارائي آڊيو سي ڊي ۾ شامل ڪيون وڃن، اهو ڪم نوجوان فنڪارن ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين جي حوالي ڪيو ويو. هنن وڏي محنت سان سُر ڪلياڻ جو وايون ڪمپوز ڪري ڳايون. سيد صالح محمد شاهه ان وچ ۾ پاڻ هنن جي اسٽوڊيوز ۾ ويو هو. واين کي ڪمپوز ڪرڻ واري ڪم تي اطمينان ظاهر ڪندي پنهنجي طرفان ڪجهه وڌيڪ صلاحون به ڏنيون هئائين پر افسوس جو سُر ڪلياڻ واري سي ڊي تيار ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ پهرين سيپٽمبر ۲۰۰۷ع تي پاڻ لاڏاڻو ڪري ويو. بعد ۾ سُر يمن ڪلياڻ جي واين کي پڻ ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين کان ڪمپوز ڪرائي ۽ ڳارائي سيد صالح محمد شاهه جي آواز ۾ تحت اللفظ رڪارڊ ڪرايل ٻه سي ڊيون جاري ڪيون ويون، جن کان پوءِ ڪا سي ڊي جاري نه ٿي آهي. شاهه جي رسالي جي صدقي سيد صالح محمد شاهه جو آواز به امر ٿي ويو.



سيد صالح محمد شاهه
ڪچهري جي ڪوڏيئي جو لاڏاڻو
مير نادر علي ابڙو
گذريل ڏينهن سنڌ جو مشهور ڏاهو براڊ ڪاسٽر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پارکو سيد صالح محمدشاهه المعروف ڏاڏو فتح خان دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. کين ڪافي وقت کان وٺي دل جو آرزو هو ۽ حيدرآباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ زير علاج رهيو. لاڏاڻي بعد سنڌ جي ڏات ڏڻين ۾ سوڳ وارو سماءُ ڇانيل نظر اچي ٿو، هر ڪا اک آلي ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو ريڊيو اسٽوڊيو ويران پيل آهي.
هن جو نالو سنڌ جي ڏات ڌڻين واري لسٽ ۾ چوٽي جي ڏاهن ۾ ڳڻيو ويندو هو، خاص طور تي پاڻ پي ٽي وي جي پروگرام ڪچهري وسيلي تمام گهڻي مشهور ماڻي، کين لطيف سرڪار جا بيت برزبان ياد هئا. شخصي حوالي سان منجهن بي تحاشا خوبيون سمايل هيون، اندرين طور تي نرم دل ۽ ڪشادو انسان هو. لاڏاڻي بعد تمام وڏي ڏک جي لهر سنڌ جي سلجهيل حلقن ۾ ڇانيل نظر اچي ٿي. پاڻ پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي سينيئر اداڪارن سان گڏ ڪم ڪيو، جن ۾ مصطفيٰ قريشي، محمد علي، عنايت بلوچ ۽ ٻين جا نالا قابل ذڪر آهن. هن سان گڏ پاڻ پي ٽي وي تي هلندڙ ڊرامن ۽ فلمن ۾ هيرو ۽ جنگجو جا ڪردار به ادا ڪيا. کين ميزباني سبب پي ٽي وي تي هلندڙ پروگرام ڪچهري وسيلي تمام گهڻي مقبوليت ملي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي سون ورني ڌرتي پروگرام وسيلي ڏاڏي فتح جي نالي سان تمام گهڻو مشهور ٿيو ۽ اها به منجهن خوبي سمايل هئي ته پاڻ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن کي تحت لفظ سان پڙهندو هو. اولاد ۾ چار پٽ ۽ نياڻيون شامل آهن، جن مان چيو پيو وڃي ته سندس لاڏاڻي واري ڏينهن گهر ۾ هڪ نياڻيءَ جي مڱڻي واري رسم هلندڙ هئي. سندس وڇوڙي واري خبر سموري سنڌ ۾ باهه وانگي پکڙجي وئي ۽ سنڌ جي ڏات ڌڻين سندس لاڏاڻي کي سنڌ لاءِ تمام وڏو نقصان قرار ڏنو آهي جنهن زماني ۾ پاڻ پي ٽي وي تي پروگرام ڪچهري ڪندا هئا ته ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ڏسندا هئا. پروگرام جي پڄاڻي بعد ڪچهري ۾ سندس چيل، لفظن تي بحثن جو سلسلو شروع ٿي ويندو. پاڻ جنهن رنگ ۽ ادائگي سان ڀٽ ڌڻي جي شاعري ۽ سندن بيت پڙهندو هو انهن منجهه درد جو رشتو سمايل نظر ايندو هو، جيڪو سندس اندر ۾ سمايل محسوس ٿيندو هو.
اڄ پاڻ ناهي ته سندس يادون ڪالهه جيان تازيون آهن ۽ هن جا لفظ اڄ به گونجن ٿا ۽ پڪارون ٿا ڏين هن جي گلي جو جادو اڄ به ڪلهه جيان ماڻهن جي دلين تي راڄ ڪري ٿو. هن انسان پنهنجي وس آهر سنڌي ٻولي ۽ عوام جي تمام وڏي خدمت ڪئي پر موٽ ۾ کيس اها مڃتا نه ملي سگهي، جنهن جو هو حقيقي لائق هو. اها ڪيڏي نه وڏي بدقسمتي چئجي جو اسان پنهنجي ڏات ڌڻين کي اڄ تائين اها موٽ ناهيون ڏئي سگهيا جنهن جا هو حقيقي لائق آهن. بس مرڻ بعد مڃتا ڏيڻ ۽ تعزيتن جو سلسلو تيزي سان شروع ٿو ٿي پوي، اهو سلسلو ڪهڙي ڪم جو جنهن انسان کي زندگي ۾ مڃتا نه ملي سگهي، مرڻ بعد اها ڪهڙي ڪم جي! اسان جي ماڻهن جي اها قدرتي فطرت رهي آهي ته جيسين ڪو زنده هوندو ته هن سان جهيڙا جهٽا ڪندا ۽ مرڻ بعد انهي مٿان واهه واهه جا وسڪارا، مٿن ميلا لڳائيندا پر بعد اهي ميلا ۽ مڃتائون ڪهڙي لفظن سان ياد ڪجن!
 سيد صالح محمد شاهه سان منهنجي ڪا ايڏي وڏي حجت ته نه رهي پر حيدرآباد جي گهميل هوائن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ٿيل ڪچهريون ۽ انهي ۾ سمايل درد لفظن جو سرور لطف ۽ خمار اڄ به مون کي ياد پوي ٿو. پاڻ ڳالهائيندو ته دل اهو چاهيندي هئي ته هي شخص ڳالهائيندو رهي ۽ اسان کين ٻڌندا رهون سندن چهري تي سمايل مرڪ اڄ به ڪلهه وانگي ويجهي ٿو ڀانيان. منهنجو بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڪچهرين ۾ اڪثر اها ڳالهه ورجائي چوندو هو ته اسان جا ڏاها اسان جو ورثو آهن، انهن ڏاهن جي ڪري اسان جي تاريخ جو هڪ وڏو حصو پلجي ٿو، انهن مان ڪجهه علم پرائي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ جي ضرورت آهي پر افسوس سان اها ڳالهه ڪرڻي ٿي پوي ته اسان هن ڏس ۾ تما م گهڻو پوئتي رهجي ويا آهيون. اهو ئي سبب آهي جو وڏن ۽ ڏاهن جي لاڏاڻي بعد سندن علم به انهن سان گڏ دفن ٿي ٿو پوي ۽ اسان ماڻهو انهن جي تجربي مان ڪو به فائدو ناهيون وٺي سگهيا، جيئن ته اڄ سيد صالح محمد شاهه جي لاڏاڻي بعد سندس ڇڏيل درس به اڌ ۾ رهجي چڪو آهي اهو خال جيون ۾ شايد ڪڏهن نه پورو ٿي سگهي. وري اهڙو شخص ڪٿان ايندو جو اهڙي روانگي سان ڀٽائي جا بيت پڙهي ۽ ڪچهريون مچائي هن جيڪو ڪچهري وسيلي سنڌ ۾ امن ڀائيچاري واريون مرڪون تقسيم ڪيون، اهي تا حيات ياد رهنديون. اڄ جڏهن هو اباڻي قبرستان درياءِ بيگ ۾ سنڌ ماتا جي هنج ۾ ابدي ننڊ سمهي چڪو آهي پر سندس آواز ۽ ٻول هن ڌرتي تي تادم زندهه رهندا.

(سوڀ، شام، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، عوامي آواز، مقدمو، مهراڻ، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، سڪار سنڌو، عبرت، فيصلو، خبرون، تعمير سنڌ)



سيد صالح محمد شاهه
ڳوٺاڻي ڪچهريءَ جو فتح خان
وزير فرھاد سولنگي
آواز جي دنيا سان رغبت رکندڙ سيد صالح محمد شاھ سنڌي لوڪ ادب ۽ ريڊئي جي دنيا ۾ فتح خان جي نالي سان مشهوري ماڻيندڙ سنڌ جي اها شخصيت هئي. جنهن پنهنجي ڏات ذريعي هارين، پورهيتن، ڳوٺاڻن ۽ هر سنڌ واسيءَ جي دل ۾ جڳھه ٺاهي. سندس خاندان ۾ وڏا شاعر، اديب ۽ عالم ٿي گذريا آهن جنهن ڪري کيس گهريلو ماحول ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جو ڪلام صحيح تلفظ سان ٻڌڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو مليو.
سيد صالح محمد شاھ جو جنم حيدرآباد ڀرسان موجود ڳوٺ دريا بيگ مغل ۾ چوٿين اپريل ۱۹۳۸ع ۾ سيد دادن شاھ جي گهر ۾ ٿيو. ابتدائي دور ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ چار درجا پڙهيو بعد ۾ والدين جي خانداني ڊاڪٽر ضياءُ الدين شيخ جي مشوري تي جامعيه عربيه حيدرآباد ۾ پڙهڻ لاءِ داخل ڪيو ويو هن درسگاھ کي ڪنٽومينٽ ٿاڻي جي ڀرسان هڪ مسواڙ جي جڳھه ۾ سيد اڪبر علي شاھ ميهڙ وارو هلائيندو هيو. جتي ديني تعليم سان گڏ انگريزي تعليم پڻ ڏني ويندي هئي. ورهاڱي کانپوءِ لڏپلاڻ ڪري خالي ٿيل جڳھه جيڪا تلڪ چاڙهيءَ تي واقع هئي. انهيءَ درسگاھ کي ان جڳھه ۾ منتقل ڪيو ويو جتي ڪجھ عرصو پڙهي ۱۶ سالن جي ڄمار ۾ اديب، عالم فاضل جو امتحان پاس ڪيائين.
سيد صالح محمد شاھ ۱۹۵۶ع ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيو. سندس پهرئين مقرري ڳوٺ موري منگر ۾ ٿي. پاڻ پنهنجي هڪ دوست عبدالطيف عباسي جي زور ڀرڻ تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي چوٿين اپريل ۱۹۵۸ع ۾ آڊيشن ڏنائين. اهڙي طرح بهترين آواز ۽ بهترين تلفظ جي ڪري کيس ريڊيو حيدرآباد تي بحيثيت صداڪار سليڪٽ ڪيو ويو، عبداللطيف عباسي سندس گهاٽو دوست هئڻ سان گڏ سندس ڪلاس فيلو پڻ هيو. جيڪو اڳ ۾ ئي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪمپيئرنگ ڪندو هو.
سيد صالح محمد شاھ جو پهريون ڊرامو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ريڪارڊ ٿيو جنهن ۾ هن مغل بادشاھ بهادر شاھ ظفر جو ڪردار ادا ڪيو ۽ اهڙي طرح هن پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات ڪئي. انهيءَ دور ۾ ريڊيو حيدرآباد تي ايترو عملو نه هليو ۽ نه وري ايترا آرٽسٽ هوندا هئا. مصطفيٰ قريشي پروڊيوسر هوندو هيو. جيڪو اڪثر ڊرامن ۾ مرڪزي ڪرادر ادا ڪندو هيو. انهيءَ دور سيد صالح محمد شاھ جي ريڊيو حيدرآباد اچڻ ڪري ريڊيو ڊراما ۾ مرڪزي ڪردار ملڻ لڳا. ايوب خان جي شروعاتي دور ۾ زرعي سڌارا آندا ويا. جنهن ڪري ريڊيو ملتان ۽ ريڊيو حيدرآباد تان هارين ۽ آبادگار ڀائرن لاءِ ”جمهور جو آواز“ جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو ويو جنهن ۾ سيد صالح محمد شاھ کي زرعي ڪچهري لاءِ هڪ پرئي مڙس جو ڪردار ڏنو ويو اهو هڪ اهڙو ڪردار هيو جيڪو هڪ ٻهراڙيءَ جو پوڙهو چڱو مڙس جيڪو ڪچهري ۾ ٻڌندڙن کي زرعي ڪچهري سان گڏ سنڌ جي ثقافتي، روايتي ۽ ٻولي بابت سٺيون ڳالهيون ٻڌائيندو هيو. اهڙي طرح سيد صالح محمد شاھ ريڊيو حيدرآباد تي لاڳيتو ٽن سالن تائين فتح خان جي ڪردار سان نڀاءُ ڪيو. پر ريڊيو ٻڌندڙن کي ڪا به سُڌ نه هئي ته هي پوڙهي فتح خان جو ڪردار صالح محمد شاھ ڪري رهيو آهي. فتح خان جي ڪردار کي سڄي سنڌ ۾ انتهائي ڀرپور موٽ ملي.
سيد صالح محمد شاھ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي انائوسر کانسواءِ ريڊيو فيچرن، ڊرامن ۽ تقريرن ۾ حصو ورتو. پر فتح خان جي ڪردار کيس عالمي شهرت تائين پهچايو هن ”ڳوٺاڻي ڪچهريءَ“ جو پروگرام لاڳيتو چاليھه سالن تائين پيش ڪيو. هي پروگرام ۳ آڪٽومبر ۱۹۵۹ع کان ۲۰ جولاءِ ۱۹۶۰ع تائين “ڳوٺاڻي ڪچهري جي نالي سان پيش ٿيندو رهيو. بعد ۾ هن پروگرام جو نالو ٿبديل ڪري ”جمهور جو آواز“ رکيو ويو. سيد صلاح محمد شاھ هن پروگرام کي وڌيڪ ڪارائتو بنائڻ لاءِ ان ۾ موسيقي لوڪ ادب، سگهڙ هنر، بيتن، لوڪ ڪهاڻين، مذهبي واقعن قصن، ڳجهارتن، ڪافين، صحت، تعليم، ادب ۽ تاريخ شامل ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا جنهن ڪري سندس هي پروگرام ريڊيو پاڪستان جي تاريخ ۾ يادگار پروگرامن ۾ ليکيو وڃي ٿو.
سيد صالح محمد شاھ نج ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ  هيو. جنهن ڪري کيس ٻهراڙيءَ جي ريتن رسمن، سونڻن  ساٺن ۽ رهڻي ڪهڻي جي سٺي ڄاڻ هئي. انهيءَ ڪري سندس پروگرام ۾ ٻهراڙي جي ڪچهري جا روايتي عڪس شامل هئا سندس ادا ڪيل جملن جي جوڙ جڪ پڪي پختي ٻولي، وسيع تر مطالعو، ٺيٺ سنڌي لهجو، محاورن پهاڪن ۽ لوڪ ادب جي سمورن صنفن جهڙوڪ، ڏٺ، پرولي، سينگار، گرچيلو، ڳجهارت وغيره سان گڏ فني موسيقي ۾ تمام وسيع معلومات رکندو هيو پاڻ سخن ور، يارويس، راڄائتو مهمانواز، ڳڻ ڀريو سڀاءُ، کل مک طبيعت جو مالڪ هيو. سيد صالح محمد شاھ ڀٽائي ڳوٺ جو حد درجي جو مداح هيو. ۽ ڀٽائي جي ڪلام جو قدردان هيو. جڏهن به ڪو بيت پڙهندو هيو ته زير زب مد پيش ۽ صحيح اچار سان پڙهندو هيو. اهڙي طرح هي سنڌي ٻولي جي مزاج، سٽاءُ ۽ اثرن کان ڀلي ڀت واقف هيو. سيد صالح محمد شاھ علم ۽ ادب جو ڄاڻو هئڻ سان گڏ نجي زندگي ۾ به باوقار ۽ باڪردار شخصيت جو مالڪ هيو. پروگرام ڪچهري دوران ڪچهريءَ ڪرڻ وارا کيس ڏاڏا يا جهونا چئي مخاطب ٿيندا هئا. سندس آواز ۾ شاھ لطيف جو رسالو تحت اللفظ رڪارڊ ڪيو ويو. جيڪو ريڊيو پاڪستان ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور، لاڙڪاڻي تان اڄ تائين به پيش ڪيو وڃي ٿو.
سيد صالح محمد شاھ، پاڪستان ٽيلي ويزن تي پڻ ڪم ڪيو. جنهن ۾ سندس پروگرام ”اوطاق“ جي نالي سان مشهوري ماڻي کيس عبدالڪريم بلوچ ٽي وي تي آندو پاڻ سنڌي فلمن ۾ به ڪم ڪيائين جنهن ۾ فلم ”رنگ محل“ ۽ ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيائين. ان کان علاوه پي ٽي وي تي پنجن ڊرامن ۾ ڪم ڪيائين جنهن ۾ نسيم کرل جو لکيل ڊرامو ”پهرئين مراد“ شامل آهي. ”مهراڻ آرٽ سرڪل“ جي پليٽ فارم تان اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم پڻ ڪيائين جنهن ۾ ليليٰ چنيسر ۽ ٻيو اسٽيج ڊرامو ڊرامو “خوني” شامل آهن ان کان علاوه سندس منظوم ڊرامو ستارا ۽ راج ڏاهر به ذڪر جوڳا آهن. سنڌي ثقافت جي هن سفير ۽ گهڻ رخي شخصيت پنهنجي زندگي ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻي سنڌ واسين کان عزتون ۽ محبتون حاصل ڪيون. ۽ سندس فتح خان جي ڪردار پروگرام اوطاق ۽ پروگرام رس رهاڻ کي ڪڏهن به نه وساري سگهندا.
سيد صالح محمد شاھ کي سندس فني خدمتن عيوض حڪومت پاڪستان صدارتي ايوارڊ حسن ڪارڪردگي ڏنو. ان کان علاوه پاڪستان ٽيليوزن طرفان گولڊ ميڊل سگا گولڊ ميڊل شاھ لطيف ڪلچر سوسائٽي طرفان گولڊ ميڊل ۽ ٻين ڪيترن ئي مختلف تنظيمن طرفان ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ سندون مليون. سنڌ جو هي بي بها ۽ انمول ماڻهو پهرئين سيپٽمبر ۲۰۰۷ع تي سنڌ واسين ۽ پنهنجن پر ستارن کان جسماني طور وڇڙي ابدي آرام ٿيو سندس يارهين ورسي جي موقعي تي کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.





صالح محمد شاهه
المعروف فتح خان
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڳوٺاڻي ڪچهري المعروف فتح خان جي هو ڪچهري ۾ امُلهه ماڻڪ ڪردار هو. سيد صالح محمد شاهه عُرف ڏاڏو فتح خان سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف جي شاعري جو پارکُو هو، فتح خان جي ڪچهري سڄي سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ وڏي مشهوري ماڻي ورتي. فتح خان جي ڪچهري جنهن وقت ريڊيو پاڪستان تان شام جو نشر ٿيندي هئي، ان وقت ڪچهري ٻڌڻ وارا سمورا ماڻهو پنهنجي سمورو ڪم ڪار ڇڏي، ڪچهري کي وڏي غور سان ٻڌندا هئا. هر ڪو ماڻهو اهو محسوس ڪندو هو ته ڏاڏو فتح خان اسان سامهون ويٺل آهي، سندس ڪچهري جو انداز ٻهراڙي وارو هو. ڏاڏي فتح خان جي ڪچهري سنڌ توڙي پرڏيهه ۾ مشهور هئي. سندس ڪچهري واري پروگرام جي ڪيسٽ ريڪارڊ ڪري، ماڻهو دبئي، سعودي عرب موڪليندا هئا. اتي رهندڙ سنڌي به وڏي دلچسپي سان ڪچهري کي ٻڌندا هئا. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ۲۹ آڪٽوبر ۱۹۵۹ع ۾ هفتيوار ڪچهري وارو پروگرام جمهور جو آواز جي نالي سان شروع ڏاڏي فتح خان جو ڪردار نجُ ثقافت ۽ ٻهراڙي سنڌي وڏي جهُوني جي حيثيت سان ڪچهري وسيلي سنڌ جي نمائندگي ڪئي. ڪچهري واري پروگرام جمهور جو آواز کي تمام گهڻي مڃتا ملي، جنهن تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي انتظاميه ڪچهري کي روزانو شام جو اڌ ڪلاڪ جي وقت تائين نشر ڪيو. ماڻهن جي وڌيڪ اسرار تي ڪچهري جو وقت وڌائي ۵۰ منٽ ڪيو ويو. ڪچهري جا نالا تبديل ٿيندا رهيا، جمهور جو آواز مان اوطاق، ڪچهري جو نالو رکيو ويو. ڪجهه وقت کان پوءِ ڪچهري جو پروگرام سون ورني ڌرتي جي نالي سان نشر ٿيندو رهيو. صالح محمد شاهه ڏاڏي فتح خان جي بهترين ڪچهري واري ڪردار تي سندس ئي زندگي ۾ مڃتا ڏيندي ڪچهري واري ڪردار تي سندس ئي زندگي ۾ ڪچهري جو نالو فتح خان جي ڪچهري رکيو ويو. مشهور شاعر قمر ڪوهستاني ڏاڏي فتح خان جي وڇوڙي تي نظم وسيلي پنهنجو اظهار ڪيو آهي. 
فتح خان ڀائو! آهين تون ڪٿي؟
ڀلا يار هاڻي رهين ٿو ڪٿي؟
سڄو سارو مهينو آ گذري ويو
مگر يار تنهنجو پتو ڪونه پيو
ڏاڏي فتح خان جهڙا املهه ماڻڪ ماڻهو ڌرتي تي تڏهن ڪڏهن پيدا ٿيندا آهن. اهڙا ماڻهو هر وقت تاريخ ۾ زندهه هوندا آهن. سيد صالح محمد شاهه عرف ڏاڏي فتح خان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو سڄو رسالو تحت اللفظ رڪارڊ ڪرائي آڊيو ۾ محفوظ ڪيو. سيد صالح محمد شاهه حيدرآباد ريڊيو تي ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو. سائين صالح محمد شاهه ريڊيو جي مشهور ڊرامي امرت جيون پيار ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سيد صالح محمد شاهه ولد سيد دادن شاهه ۴ اپريل ۱۹۳۸ع تي حيدرآباد ويجهو درياهه بيگ مغل ۾ جنم ورتو هو. سيد صالح محمد شاهه سنڌي لاءِ ادب، ثقافت ۽ فن جي دنيا ۾ وڏو مان حاصل ڪيو. هُن ۴ اپريل ۱۹۵۸ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي انائونسر جي حيثيت سان شروعات ڪئي هئي. سيد پاڻ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان ٽيليڪاسٽ ٿيندڙ عوامي پروگرام اوطاق ۽ رس رهاڻ ۽ ڪچهري ۾ پڻ ڪئي. سيد صالح محمد شاهه کي سڄي سنڌ ۾ ڏاڏا سائين ۽ جهوني جي نالي سان هينئر به ياد ڪيو وڃي ٿو. رِيڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪچهري واري پروگرام ۾ ڏاڏي فتح خان سان مون به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ڏاڏي فتح خان جي رهنمائي هيٺ مون گهڻو ڪجهه سنڌي ٻولي جي تلفظ بابت سکيو، ٻولي جو اچار ٻولي لاءِ انتهائي اهم آهي. ڏاڏي فتح خان جي ڪچهري آئون ٻڌندڙن طرف موڪليل خط سائين کي پڙهي ٻڌائيندو هئس. سائين سان گڏ ريڊيو وسيلي ڪيل ڪچهري مون کي هميشه ياد رهندي آئون هينئر به ڪچهري پروگرام فتح خان جي اوطاق ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان. ڏاڏي فتح خان جي نه هئڻ ڪري اوطاق اداس لڳي ٿي. ڏاڏي فتح خان جي وفات کان پوءِ ڪچهري پروگرام جو نالو صرف ڪچهري رکيو ويو. اسان سنڌ جي مشهور شاعر ۽ موجوده وقت ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صلاحڪار سرفراز راڄڙ، لياقت علي شاهاڻي ۽ مون گڏجي صلاح ڪئي ته سيد صالح محمد شاهه ڏاڏي فتح خان کي مڃتا ڏيارڻ لاءِ ڪچهري پروگرام جو نالو فتح خان جي اوطاق رکرايون. اسان گڏجي اڳوڻي وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات شيري رحمان آڏو ڪچهري جو نالو رکڻ لاءِ لکت ۽ تجويز ڏني. جنهن تي پ پ پ جي جمهوري حڪومت فوري طر اسلام آباد پي بي سي هيڊڪواٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي انتظاميه ڏي ليٽر جار ڪيو جنهن تي پروگرام جو نالو فتح خان جي ڪچهري رکيو ويو، جيڪو اڃا تائين برقرار آهي. سيد صالح محمد شاهه جون ڪيل خدمتون هميشه ياد رهنديون. تاريخ وسيلي ڏاڏو فتح خان هر وقت ياد رهندو.

No comments:

راءِ ڏيندا