محمد حسين ”ڪاشف“
شهنشاهه لطيف جو پورهيت
ٽئين ورسيءَ جي مناسبت سان
سليم العارف
محمد حسين ”ڪاشف“ لطيفيات تي ۱۹۵۲ع ۾ ڪم جي شروعات ڪئي، شاهه سائين جي فڪر و فهم، شعور ۽ وجدان جي اعليٰ
مقام کي محمد حسين ”ڪاشف“ وقت، حالات، انساني فڪر جي اوسر، سماجي معروضات، تاريخي حقائق،
ثقافتي روين ۽ تصوف جي حرڪياتي نظريه وحدت الوجود جي روشني ۾ انساني جذبات ۽ ان جي
فطري روين ۽ تقاضائن سان گڏ انساني نفسيات ۽ احساس جي پيرهن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
آهي. لطيف سرڪار تي سندس لکيل مقالن تي مشتمل پهريون ڪتاب ”ڪنڌي ڪونئر ٽڙن“ لطيف سرڪارجي
۳۰۰ ساله
جشن ولادت جي موقعي تي مارچ ۱۹۹۰ع
۾ مقصود پبليڪيشن حيدرآباد ڇپرائي پڌرو ڪيو.
محمد حسين ”ڪاشف“ جي لکيل مقالن تي ان ڪتاب ”ڪنڌي ڪونئر ٽڙن“ کي اڪادمي
ادبيات پاڪستان طرفان ”قومي ادبي ايوارڊ“ براءِ سنڌي زبان ”شاهه عبداللطيف ايوارڊ ۱۹۹۰ع“ ڏنو ويو، جنهن جو فقط خط ۽ ۲۵۰۰۰ هزار روپين جو چيڪ کيس مليو
باقي نه کيس ايوارڊ تقريب ۾ گهرايو ويو ۽ نه ئي شيلڊ کيس پڄائي وئي. اها ايوارڊ شيلڊ
اڃا تائين اڪيڊمي ادبيات وٽ پيل آهي. ان بعد شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، ڀٽ
شاهه جي گولڊن جوبلي (۵۰ سال پوري ٿيڻ) جي موقعي تي سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتي
جي سيڪريٽري محترمه مهتاب اڪبر راشدي شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي پاران
ايسٽ لائينز ڪميونيڪيشنز ڪراچي مان محمد حسين ”ڪاشف“ جو ڪتاب ”لطيفي فڪر ۽ سرن جي ساڃاهه“
جولاءِ ۲۰۰۵ ع
۾ ڇپائي ڀٽ شاهه ۾ پڌرو ڪيو. ڀث شاهه ثقافتي مرڪز طرفان ڇپرايل سندس هي ڪتاب ۳۰۱ صفحن تي مشتمل آهي.
محمد حسين ”ڪاشف“ جي لکيل مقالن تي مشتمل هن ٻئي ڪتاب ”لطيفي فڪر ۽ سرن
جي ساڃاهه“ کي هڪ ئي وقت تي اڪادمي ادبيات پاڪستان طرفان ٻن ”قومي ادبي ايوارڊن“ سان
نوازيو ويو، هڪ ”قومي ادبي ايوارڊ“ براءِ سنڌي زبان ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ ۲۰۰۵ع“ ۽ ٻيو ”قومي تصوف ايوارڊ ۲۰۰۵ع“ پڻ سندس هن ڪتاب کي ڏنو ويو. هن ڪتاب جي گذارش ۾ محمد حسين ”ڪاشف“
لکيو آهي ته، ”لطيف شناسي هڪ اهو سلسلو آهي، جنهن جو وقت جي ڌارائن جي لحاظ کان ڪڏهن
به ڪو ڇيهه نه آيو آهي ۽ نه وري اچي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته لطيف هڪ اتهاس جو نمائندو آهي،
سندس وجود انهي اتهاس جو رچيندڙ ۽ پيغامبر آهي. سندس ڪلام ۾ دائيميت وارو جيڪو عنصرآهي،
ان هميشه وقت جي پرن تي پرواز ڪيو آهي ۽ تاريخ ۾ ان لاءِ سونهين جو ڪم ڏنو آهي. سندس
ڪلام ۾ فڪر جو ادب ۽ تاريخ لاءِ نه کٽندڙ سلسلي سان مواد موجود آهي.“ لطيف سنڌ آهي
۽ سنڌ لطيف آهي. ڀٽ ڌڻي دنيا جي عظيم شاعرن جي صف جو ساٿاري ۽ صوفياڻي واردات توڙي
عشق جو سرواڻ آهي.“
شاهه عبداللطيف ڀٽائي تي ڪتابي اشاعت جي سلسلي ۾ محمد حسين ”ڪاشف“ جو
ٽيون ڪتاب ”شاهه جي رسالي جي سڄاڻي“ آهي. هي ڪتاب ۶۳۷ صفحن تي مشتمل آهي جيڪو ثقافت
۽ سياحت کاتي حڪومت سنڌ عربيه پبليڪيشن ڪراچي مان ڇپرائي جنوري ۲۰۱۰ع تي شاهه سائين جي ۲۶۶هين عرس مبارڪ تي ادبي ڪانفرنس دوران ڀٽ شاهه ۾ پڌرو ڪيو.
محمد حسين ”ڪاشف“ جي شاهه سائين تي ڪيل پورهئي مان فقط ٽي ڪتاب سندس حياتي
۾ ڇپجي سگهيا جنهن جو مختصر تفصيل مٿي ذڪر ڪيو اٿم ان کان علاوه سنڌ جي سدا حيات ڀلامانس
۽ جڳ مشهور عظيم شاعر، صوفي ۽ عارف باالله حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن جي ڪلام
جي فڪري ۽ روحاني عظمت تي سائين ڪاشف جي اڻ ڇپيل پورهئي جو وچور پڻ ڪنهن ٻئي هنڌ ضرور
پڙهندڙن سان ونڊبو.
ان کان علاوه شاهه سائين تي بيان جي صورت ۾ سندس مواد ريڊيو پاڪستان حيدرآباد
وٽ پڻ موجود آهي. جيڪو ۸۰ واري ڏهاڪي ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان نشر ٿيندڙ
پروگرام ”ساڻيهه جا سينگار“ ۾ شاهه سائين جي سرن، راڳ ۽ سوانح جي حوالي سان بيان ڪيل
آهي. هن پروگرام ۾ شاهه سائين تي نه فقط محمد حسين ”ڪاشف“ جو مواد موجود آهي پر ان
وقت جي نالي وارن ڏاهن، سگهڙن ۽ گمنام ساڃاهه وندن جا ويچار ۽ شاهه سائين متعلق معلومات
پڻ رڪارڊ ڪيل آهي. هن پروگرام کي شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۽ ثقافت کاتي
سنڌ کي پاڻ وٽ نه فقط محفوظ ڪرڻ گهرجي پر ان تي ڇنڊ ڇاڻ جو ڪم پڻ ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ
ته ان پروگرام ۾ نه فقط ليکڪ يا اديب شريڪ ٿيندا هئا پر ان پروگرام ۾ شاهه سائين سان
لاڳاپيل سياڻا، سگهڙ ۽ عام ماڻهو به مدعو ڪيا ويندا هئا. شاهه سائين جي رسالي جي حوالي
سان انهن عام ماڻهن جي ٻولي، لهجا ۽ حقيقتن سان گڏوگڏ شاهه سائين جو مروج ۽ گمنام راڳ
۽ راڳيندڙ پڻ انهي پروگرام ۾ رڪارڊ ٿيل آهن. ان کان علاوه محمد حسين ”ڪاشف“ جي نجي
لائبريري ۾ شاهه سائين جي ۳۴
چپيل نسخن سميت شاهه سائين
۽ تصوف سان لڳاپيل ڪتابن جو هڪ هزار جي قريب تعداد پڻ موجود آهي.
محمد حسين ”ڪاشف“ شهنشاهه لطيف سرڪارجي هڪ پورهيت جي ناتي سن ۱۹۹۵ع ۾ وزير اعظم پاڪستان محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي
خاص هدايتن تي قائم ڪيل ”سينٽر آف ايڪسيلينس شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جي انچارج جي حيثيت
سان خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون. هي ادارو نومبر ۱۹۹۵ع ۾ عمل ۾ آيو ۽ ۲۰۰۴ع
تائين محمد حسين ”ڪاشف“ هن اداري جو انچارج رهيو، انهي عرصي دوران تحقيقي مرڪز جي مقصدن
هيٺ شاهه سائين جي ڪلام جا ڪلمي نسخه، بمبئي ڇاپي کان وٺي ليٿو، پراڻي پرنٽنگ پريس
۽ نئين سنڌي صورتخطي ۾ وقتن فوقتن شايع ٿيل ۶۱
جي لڳ ڀڳ شاهه سائين جا رسالا
تحقيقي مرڪز جي ڪتب خاني ۾ گڏ ڪيا، لطيف سائين جي ڪلام جا شرح سان شايع ٿيل مختلف محققن
جا سمورا رسالا، شاهه صاحب جي فڪر کي سمجهڻ ۽ تصوف جي خيالن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ صوفي
فڪر تي مشهور مشرقِ عالم ڊاڪٽر نڪلسن جي مولانا رومي تي شرح، مولانا رومي، ابن عربي،
ابو القاسم قشيري، حضرت جيند بغدادي، حضرت امام غزالي، حضرت داتا گنج بخش، اشرف علي
ٿانوي، حضرت شاهه باهو، حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، حضرت سچل سرمست، سامي، خليفو
نبي بخش، گرهوڙي فقير ۽ ٻين عالمن، محققن ۽ شارحن جا ڪتاب لائبريري ۾ پڻ گڏ ڪيا، ان
کان علاوه تحقيقي مرڪز جي ڪم کي وڌيڪ مستند ۽ لاڀائتو بنائڻ لاءِ سنڌ جي برک اديبن،
عالمن، دانشورن ۽ ڏاهن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. ۲۰۰۴ع کان پوءِ محمد حسين ”ڪاشف“ جي تحقيقي مرڪز کان الڳ ٿيڻ بعد تحقيقي مرڪز
پنهنجي مقصد ۽ منزل طرف نه وڌي سگهيو.
محمد حسين ”ڪاشف“ شهنشاهه لطيف سرڪار جو هڪ ادنيٰ طالب هو، هن پنهنجي
حياتي جا ۵۸ سال
هڙان وڙان، درمي سخني لطيف سرڪار جو پورهيو ڪيو جنهن مان کيس تمام گهڻي اپت ٿي. هن
ڏاڍو علم ۽ اتساهه ڪمايو جنهن سندس قلبي ۽ شعوري ڪيفيتن کي عشق ۽ وجدان سان نوازي ڇڏيو.
شاهه سائين جي ڪلام جي هر لفظ پٽاندڙ سندس دامنِ درس تي خُلق ۽ خلوص، سرت ۽ ساڃاهه،
علم ۽ ادراڪ، غور ۽ فڪر جا اڻ ڳڻيا پيوند پيوست هئا. سندس ڪشتي ڪيرت ۾ شهنشاهه سرڪار
جي باب بصيرت تان پنيل محبت ۽ معرفت جا، فڪر ۽ فهم جا، شعور ۽ وجدان جا، ڪثرت ۽ وحدت
جا، تصوف ۽ الهويت جي رنگن وارا ماڻڪ ۽ موتي موجود هئا. تنهن هوندي به ”ڪاشف“ صاف گوئي
سان انهي احساس جو اظهار ڪيو ته، ”لطيف فڪرو فهم، شعور ۽ وجدان جي انهيءَ منزل ۽ اعليٰ
مقام تي آهي جنهن کي احاطه خيال و قلم جي دائري ۾ آڻڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي سواءِ بصيرت
۽ مطالعي جي، سچ ۽ حق اهو آهي ته حق ادا نه ٿي سگهيو آهي ان جو مون کي پورو احساس آهي.“
محمد حسين ’ڪاشف‘
لطيف شناسي لطيف
جو پارکو
علي ڏنو جروار
لطيفي رهاڻ جي هن لطيف شناسي واري مضمون ۾ آئون توهان سڀني
پڙهندڙن کي لطيف جي هڪ پارکو سائين محمد حسين ”ڪاشف“ بابت ۽ ان جي لطيف سائين جي فڪر
بابت ڪيل پورهئي کان آگاهي ڏيندس.
جيئن ته ”ڪاشف“ صاحب هڪ پرائمري استاد هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ
جا ۵۸ سال لطيف جي حاضري ڏيندي، تحقيق ڪندي گذاريا، ان جيڪو اسان
جي مرشد لطيف بابت پورهيو ڪيو آهي، ان کي نروار ڪرڻ بيحد ضروري آهي ۽ ٻيو اِهو ته جيڪي
چون ٿا ته سنڌ جو پرائمري اُستاد نااهل آهي، اڻ پڙهيل آهي، انهن کي ٻڌائڻو آهي ته سنڌ
جا پرائمري استاد ڪيترو ۽ ڪهڙو پورهيو ڪري ڄاڻن، انهن وٽ علم ۽ ادب جا ڪيترا ماڻڪ موتي
آهن، جيڪي هو مالهائن ۾ پوئيندا رهندا آهن. هي مضمون انهن کي اڻ سڌو (Indirect) جواب پڻ آهي.
هاڻ اچو ته سائين محمد حسين ڪاشف جي لطيف بابت ڪيل تحقيق
جو جائزو وٺون ته هن ڪيتري حد تائين لطيف سائين کي پرکيو ۽ پروڙيو آهي. محمد حسين
”ڪاشف“ جو تعلق چمبڙ شهر سان آهي، جيڪو هاڻ ٽنڊوالهيار ضلعي جو هڪ تعلقو آهي، اتي سائين
محمد حسين ڪاشف جي گهر ۾ نجي لائبريري اندر لطيف سائين جي ۳۴ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل نسخن
کانسواءِ هڪ هزار جي لڳ ڀٽائي جي فڪر ۽ تصوف سان لاڳاپيل ڪتابن جو تعداد موجود آهي.
سندس ڀٽائي بابت ڪيل خدمتن عيوض ۱۹۹۵ع ۾ انهيءَ وقت جي وزيراعظم محترمه
بينظير ڀٽو کيس ”سينٽر آف ايڪسيلينس شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ جو انچارج مقرر ڪيو هو،
جنهن ۾ سائين محمد حسين ڪاشف نومبر ۱۹۹۵ع کان ۲۰۰۴ع تائين انچارج جون خدمتون
سرانجام ڏنيون ۽ ان ئي اداري کي ترقي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
سندن فرزند سليم العارف جيڪو پڻ هڪ سٺو ليکڪ آهي، اُن هڪ
هنڌ لکيو آهي ته ”تحقيقي مقصدن تحت انچارج جي حيثيت سان بابا سائين ان سينٽر ۾ لطيف
سائين جي ڪلام جا قلمي نسخا، بمبئي ڇاپي کان وٺي ليٿو، پراڻي پرنٽنگ پريس ۽ نئين سنڌيءَ
صورت خطي ۾ وقتن بوقتن شايع ٿيل ۱۰۱ جي لڳ ڀڳ شاهه سائين جا رسالا تحقيقي
مرڪز جي ڪتب خاني ۾ گڏ ڪيا. شاهه سائين بابت ڪيل ”ڪاشف“ جي تحقيق تي ڪتاب ”ڪنڌيءَ ڪونئر
ٽڙن“ مارچ ۱۹۹۰ع ۾ ”لطيفي فڪر ۽ سُرن جي ساڃاهه“ ۲۰۰۵ع ۾ ۽ ”شاهه جي رسالي
جي سڄاڻي“ ۲۰۱۰ع ۾ پهريون حصو ۽ ۲۰۱۱ع ۾، ان جو ٻيو حصو شايع
ٿي چڪا آهن.
محمد حسين ”ڪاشف“ کي سال ۲۰۱۱ع ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جي ۲۶۷هين عرس مبارڪ جي موقعي
تي سنڌ ثقافت کاتي پاران سنڌ جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ ”شاهه لطيف ايوارڊ“ ڏنو ويو.
جڏهن ته کيس پهرين ڪتاب ”ڪنڌيءَ ڪونئر ٽڙن“ تي اڪيڊمي آف
اديبات پاڪستان پاران ”قومي ادبي ايوارڊ“ براءِ سنڌي زبان ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ايوارڊ
۱۹۹۰ع ۾ ڏنو ويو، جنهن ۾ بقول سندن فرزند ته ”هڪ خط ۾ صرف پنجويهن
هزارن جو چيڪ موڪليو ويو، پر کيس ڪابه شيلڊ وغيره نه ڏني وئي ۽ نه ئي وري ڪنهن تقريب
۾ هن کي گهرايو ويو.“
ڀٽائي گهوٽ متعلق هڪ هنڌ سائين محمد حسين ڪاشف لکيو آهي ته،
”شاهه عبداللطيف ڀٽائي هڪ شهنشاهه شاعر آهي، اُن جي ڪلام جي معنوي خوبين کي سمجهڻ
۽ انهن تي لکڻ لاءِ شينهن جو جگر ۽ عارفانه بصيرت گهرجي، جيڪا القائي ۽ وهبي صورت سان
قلب تي لڳل قلف کي کولي تڏهن ئي هن عظيم شاعر جو حق ادا ٿي سگهي ٿو، ڇو ته لطيف فڪر
۽ فهم، شعور ۽ وجدان جي انهي منزل ۽ اعليٰ مقام تي آهي، جنهن کي اِحاطه خيال ۽ قلم
۾ آڻڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي سواءِ بصيرت ۽ مطالعي جي. سچ ۽ حق اِهو آهي ته حق ادا نه ٿي
سگهيو آهي، ان جو مون کي پورو احساس آهي.“
لطيف تي لکڻ واقعي ڏکيو ڪم آهي، پر ڇا ڏکيو آهي، انهي ڪري
اُن کي ڇڏي ڏيڻ گهرجي يا ڇيڙڻ ئي نه گهرجي؟ اِها ناانصافي آهي. چون ٿا ته لطيف جي شاعري
هڪ اونهي سمنڊ جيان آهي، ته پوءِ اُن ۾ جهاتي پائڻ يا غوطا هڻڻ نه گهرجن؟ اونهي سمنڊ
۾ ٽپو ڏيڻ سان سچن ماڻهن کي ته ضرور ماڻڪ موتي نصيب ٿيندا آهن، پر مون پارن کي غوطا
۽ جهاڳ حاصل ٿيندي آهي. زندگي ۾ اهڙا تجربا ڪرڻ گهرجن، عميق بحر مان حاصل ڪرڻ لاءِ
ڪجهه نه ڪجهه وڃائڻو ته پوندو!! پوءِ ڀلي اُهو موت جي صورت ۾ ڇو نه هجي!! پر ڪجهه حاصل
ڪرڻ لاحاصل طرف ضرور وڃڻو پوندو!! هڪ هنڌ محمد حسين ”ڪاشف“ لطيف جي فڪر ۽ خيالن جي
تشريح ڪندي سچل سرمست ۽ ڀٽائي جو موازنو ڪيو آهي، جنهن ۾ هِن اِها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي ته ڀٽائي جي سوچ سگهاري ۽ مضبوط هئي سطحي نه هئي. سندس لفظ آهن ته ”لطيف
سرڪار ۽ سچل بادشاهه ٻئي تصوف جي ’نظريه وحدت الوجود‘ جا پيامبر ۽ شارح آهن. لطيف انهي
فڪر کي نهايت ٿڌائي ۽ ماٺار سان بيان ڪندو نظر اچي ٿو، جڏهن ته سچل نهايت بيباڪيءَ
۽ بيخوديءَ سان ان جو اظهار ڪيو آهي. لطيف سائين ڪٿي به ڪا هام هڻي سطحيت جو شڪار نه
ٿيو آهي، اُن جي برعڪس سچل سائين اڳتي وڌي ’حق‘ جو هوڪو ڏئي ٿو ۽ هن ڪٿي به ڪي ڪک نه
رکيا آهن. ائين کڻي چئجي ته سچل جو ڪلام شيخ ابن العربي جي فڪر ۽ فلسفي جي تشريح آهي
ته اُن ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.“
هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي لطيف جو فڪر ۽ روح
سمجهڻو پوندو. اسان جا محقق ۽ ڏاها ماڻهو جيڪو پورهيو ڪري ويا آهن، انهن جو ڀرم رکڻ
۽ تحفظ ڪرڻ سنڌ واسين جو اولين فرض آهي. سائين محمد حسن ڪاشف ۽ ٻين اڪابرن جون اڻ ڇپيل
تحريرون ۽ تحقيقي مواد شايع ڪرائڻ اسان جي اِدارن جي اولين ذميواري هئڻ گهرجي، جيڪي
شاهه لطيف جي نالي سان تحقيقي سينٽر قائم ٿيا هئا سي هاڻ بند ٿي ويا آهن. اسان سڀني
کي گهرجي ته انهن ادارن کي فعال ڪرڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪريون. پنهنجن بزرگن،
تاريخدانن، ڏاهن ۽ محققن جي پورهئي جي مالڪي وارو حق ادا ڪريون، انهن جي محنت کي سجايو
ڪريون ۽ تاريخ جي تسلسل کي زنده رکون.
الهداد جهنجهي، فقير غلام حيدر نظاماڻي، فقير تاج محمد نظاماڻي
۽ ٻيا جيڪي لطيف بابت پنهنجا پنهنجا فرض پورا ڪري وارو وڄائي ويا آهن، انهن جي محنت
جو تسلسل جاري رکون ۽ پنهنجا فرض پورا ڪريون.
محمد حسين ‘ڪاشف’
ادبي خدمتون
سليم العارف ڪنڀار
ادب
جي تاريخ ۾ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شمار دنيا جي قديم ٻولين ۾ ٿئي ٿو. سنڌ جي مهان
ڏاهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق مطابق، “سنڌي ٻولي وادي سنڌ جي پيداوار ۽
هتان جي قديم سنڌي قوم جي زبان آهي. سنڌي ٻولي نه سنسڪرت جي ڄائي آهي ۽ نه ئي ان
جي پراڪرتي خاندان مان آهي، ۽ نه ئي وري غير آريائي ٻولين آرامي، سرياني، عبراني،
ڪلداني جيڪي سامي زبانن جي سٿ مان آهن، تن جي خاندان مان تصور ڪري سگهجي ٿي.” سنڌي
ٻولي جو ادب هڪ وسيع سمونڊ آهي، جنهن جي تهه ۾ ڄاڻ جا اڻ ڳڻيا موتي موجود آهن.
تاريخ جي هر دور ۾ سالڪ ۽ ساڃاهه وند ادب جي هن وسيع ۽ اونهي سمونڊ مان موتي ميڙي
ڌرتيءَ تي سچ ۽ ساڃاهه جي روشني ڦهلائيندا رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته بتدريج
تاريخ جي مختلف دورن مان سنڌي ادب گذري تحقيق جي آئيني ۾ اڄ جنهن شڪل ۾ موجود آهي
انهيءَ لاءِ هر دور ۾ فطري، زميني ۽ سائنسي حقيقتن جي بنياد تي سالڪن ۽ ساڃاهه
وندن جيڪي محنتون ڪيون ۽ ڪوششون ورتيون اهي نه فقط قابل تحسين آهن پر انهن سمورين
حقيقتن جو هڪ جامع تسلسل ۽ ڳانڍاپو ماضي، حال ۽ مستقبل جي منزلن سان آهي، جيڪو
سنڌي قوم جي وجود جو اصل ۽ مڪمل روح آهي جنهن جو تعلق سنڌ ۽ سنڌي زبان جي نه فقط
تاريخ ۽ جاگرافي سان آهي پر ان جو تعلق سنڌ ۽ سنڌي زبان جي تهذيب و تمدن، ثقافت و
وراثت، وجود ۽ بقا سان پڻ آهي.
سنڌ
۽ سنڌي ٻولي جا اهي سالڪ ۽ ساڃاهه وند يقينن پنهنجي حياتيءَ ۾ طالب ئي رهيا هوندا
ڇاڪاڻ ته ڳولا هڪ اهڙو فطري عمل آهي جنهن ۾ سواءِ طلب جي ٻيو ڪو به جذبو حاوي نه
ٿو ٿي سگهي. ڄاڻ (علم) جي جستجو هر طالب کي ماضي جو مطالعو، حال جو مشاهدو ۽
مستقبل جو تعين ضرور ڪرايو هوندو اهو ئي سبب آهي جو تحقيق جو عمل ڏاڪي به ڏاڪي
ڪائنات ۾ نت نوان راز ۽ رمزون متعارف ڪرائيندو رهيو آهي. هر طالب ڄاڻ جي جستجو ۾
پنهنجي عقل ۽ علم پٽاندڙ مطالعي جي بنيادن تي مشاهدو ماڻيو آهي ۽ نت نوان ماڻ،
معيار ۽ معنائون، سخن، سبق ۽ سرا، تشريح، ترويج ۽ تفسير خلق اڳيان سکڻ ۽ سمجهڻ
لاءِ مهيا ڪيا آهن جيئن ڪائنات ۾ رازن ۽ رمزن کي سمجهڻ ۽ زندگي کي لاڀائتو بنائڻ ۾
خلقِ عام کي ڪا ڏکيائي درپيش نه اچي. يقينن ڄاڻ جي راهن تي روشني ڦهلائڻ وارا
انسان هر دور ۾ مَهَان سڏبا رهيا آهن، انهن انسانن ۾ هڪ نانءُ
محمد حسين “ڪاشف” جو به شامل آهي. جنهن هڪ طالب جي حيثيت سان، سڄي ڄمار علم ۽ ادب
جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي. ادبي ۽ علمي خدمتن جي بنياد تي سنڌي ادب ۾ کيس هڪ مانائتو
مقام حاصل رهيو. جيتوڻيڪ سندس حياتيءَ ۾ سندس پنج ادبي ۽ علمي ڪتاب ۽ ٻه نصابي
ڪتاب شايع ٿيا، جيڪو مقدار سندس لکيل مواد جي حساب سان بنهه گهٽ آهي. ليڪن معيار
جي نسبت سان فڪري اهڃاڻن جي مقام تي پهتل آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس حياتيءَ ۾
ئي کيس ٻين اعزازن ۽ ايوارڊن سان گڏو گڏ ٽن قومي ادبي ايوارڊن سان نوازيو ويو ۽
وفات کانپوءِ به ثقافت کاتي سنڌ سندس هڪ وڌيڪ ڪتاب شايع ڪرايو ۽ سنڌ جو وڏي ۾ وڏو
ايوارڊ شاهه عبداللطيف ايوارڊ ۲۰۱۱ع پڻ کيس ڀيٽا ڪيو.
بنيادي
طرح سان محمد حسين “ڪاشف” هڪ محنت ڪش گهراڻي جو ڄائو هو. ۰۳ فيبروري ۱۹۳۰ع
بروز سومر هڪ انتهائي ايماندار ديندار ۽ محنت ڪش انسان حافظ محمد عمر ڪنڀار جي گهر
۾ جنم ورتو. محمد حسين “ڪاشف” جو والدِ حافظ محمد عمر ڪنڀار هئڻ جي ناتي هڪ
تخليقڪار هو. مٽيءَ جا ٿانو ٺاهي پچائي آهتين کي پهچائيندو هو ۽ پنهنجو گذر سفر
ڪندو هو. ان سان گڏو گڏ هو بادشاهن جون ڳالهيون/ حقايتون پڻ تخليق ڪندو هو ۽
پنهنجي ڳوٺاڻي ماحول جي ڪچهرين ۾ نه فقط سبق آموز انداز ۾ ٻڌائيندو هو پر ان جا
مثبت ۽ منفي پهلو پڻ مختلف مثال ڏئي بيان ڪندو هو، جيڪي سماج جي سڌارڻ ۾ هڪ اهم
ڪردار ادا ڪندا هئا. اهو ئي سبب هو جو سندس ڏاهپ ڀريا نقطا ماڻهن لاءِ مشڪل حالتن
۾ مددگار ثابت ٿيندا هئا. جنهنڪري ماڻهو انتهائي پيچيده مسئلن تي کانئس رهنمائي پڻ
حاصل ڪندا هئا. حافظ محمد عمر پنهنجي اولاد جي پرورش انتهائي سادي نموني سان ڪئي ۽
تربيت انتهائي بهتر انداز ۾ ڪئي. محمد حسين “ڪاشف” ٻاروتڻ ۾ نه فقط ڪم ۾ پنهنجي
والدِ محترم جو هٿ ونڊايو پر ڪنڀارڪو هنر مڪمل طريقي سان پڻ سکيو. هن فائينل تائين
نصابي تعليم پنهنجي ڳوٺ چمبڙ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي.
محمد
حسين “ڪاشف” ۱۹۴۴ع ۾ فائينل پاس ڪئي ۽ ۱۹۴۶ع ۾ تعليم
کاتي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. اهو تقريبن ٻن سالن جو وچ وارو عرصو هڪ ته ميرپور
خاص ۾ پنهنجي مامي محمد شريف وٽ درزڪو ڪم سکڻ ۾ گذاريائين، ۽
باقي وقت رازڪي ڪم جي سکڻ ۾ گذاريائين. پاڻ هڪ بهترين درزي ۽ رازو پڻ هو. ۱۹۵۱ع
۾ ايس-وي جي سکيا خاطر ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ زيرِ تربيت رهيو. جتي ٻين قابل
استادن سان گڏ حضرت مولانا غلام محمد گرامي صاحب جن سندن مربي استاد رهيا جن سندن
نه فقط تعليمي تربيت ڪئي بلڪ مولانا گرامي صاحب ان وقت کان وٺي مرڻ گهڙي تائين
محمد حسين “ڪاشف” جي علمي، ادبي ۽ قلبي تربيت تي متوجه رهيا. محمد حسين کي “ڪاشف”
جو لقب پڻ غلام محمد گرامي صاحب جن جو عطا ڪيل آهي.
مٿي
ذڪر ڪيل مختصر احوال جو مقصد فقط ايترو آهي ته محمد حسين “ڪاشف” جي تعليمي،
اخلاقي، علمي، ادبي ۽ ذهني پرورش انتهائي معتبر ۽ مانائتين شخصيتن جي هٿن ۾ ٿي ۽
پاڻ به انهيءَ جو درست درس حاصل ڪيائون. اهو ئي سبب آهي جو اڳتي هلي، مرڻ گهڙي
تائين سندس تعلق علم، قلم ۽ ادب سان رهيو ۽ پاڻ سڄي حياتي سنڌ جي علم ۽ ادب جي
تحقيق ۽ تحرڪ لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. هيسيتائين سندس ڇهه ڪتاب سنڌ جي نالي وارن
علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن طرفان شايع ٿيا آهن. ان کان علاوه لڳ ڀڳ ۱۵۰
تحقيقي ۽ علمي مضمون ۽ مقالا پڻ سنڌ جي مختلف ادبي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل آهن.
سندس ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مواد، سندس لائبريري ۾ موجود ڪتابن، سندس ڪيل مختلف تقريرن ۽
ذاتي زندگيءَ جو مٿاڇرو اڀياس ڪجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته، سندس علمي ۽ ادبي رجحان
جو لاڙو تحقيق جي ڪم ڏانهن نسبتن وڌيڪ هو. سندس لکيل مواد ۾ تحقيق جي عنوان سان
تمام گهڻا مضمون ۽ مقالا لکيل آهن، جن ۾ خاص ڪري دنيا جي عظيم شنهشاهه شاعر حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله عليه ۽ تصوف جي عنوان هيٺ انتهائي مستند ۽ معياري
مواد لکيل آهي. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي قديم تاريخي ماڳن، سنڌ جي معتبر محققن ۽ اديبن
۽ انهن جي تحريرن بابت پڻ تحقيقي مواد تحرير ڪيل آهي.
محمد
حسين “ڪاشف” پنهنجي ادبي اوائلي دور ۾ هڪ ناول پڻ لکيو آهي، جنهن جي مرڪزي ڪردار
جو نانءُ “سلميٰ” آهي. هي ناول سندس ذاتي زندگيءَ سان وابسته آهي ۽ زندگيءَ جي
آخري ڏهاڪي ۾ شاعري پڻ ڪئي اٿس. سندس شاعري ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي روح تصوف جي جهلڪ
نمايان نظر اچي ٿي. سندس تحرير جي ٻولي نهايت ئي پختي ۽ ٺيٺ آهي، سنڌي ٻولي جي
گرامر ۽ مقالي يا مضمون لکڻ جي قاعدن جي ضابطي جي گرفت سندس هر ننڍي توڙي وڏي
تحرير تي حاوي نظر اچي ٿي. سندس تحريرن ۾ فارسي لفظن جو استعمال پڻ ٿيل آهي، جيڪو
ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته هن فارسي اديبن ۽ محققن جو پڻ گهرائيءَ سان مطالعو
ڪيو هوندو.
سندس
تحقيق جو سڄو ڪم حقيقي تاريخي حوالن ۽ زميني ثبوتن تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن هن ڪٿي
تنقيد لاءِ قلم کنيو به آهي ته اها تعميري ۽ اصلاحي هئڻ سان گڏ موضوع جي معيار جي
بلندي ۽ بهتري تي مبني آهي. شاهه سائين جي ڪلام جي مختلف مرتب ڪيل ڇاپن جو اڀياس
لکندي تمام مضبوط وضاحتون ۽ شرحون پيش ڪيون آهن ۽ لطيف سائين جي قلمي نسخن جو
اڀياس پڻ باريڪ بيني سان ڪيو آهي. هن شاهه سائين جي تقريبن سڀني سرن تي تحقيقي
مضمون به لکيا آهن ۽ “شاهه جي رسالي جي سڄاڻي” جي عنوان هيٺ ٻن جلدن ۾ شاهه سائين
جي نون(۹) سُرن جي بيتن جي سمجهاڻي ۽ لفظن جي معنيٰ پڻ لکي آهي. ان کان
علاوه شاهه سائين جي سوانح جا اسم، ماڳ ۽ آثار، شاهه سائين جون سنڌ جي عالمن ۽
عارفن سان ملاقاتون، شاهه سائين جي فقيرن ۽ انهن جي حوالي ڪمن تي پڻ تحقيقي ڪم ڪيو
آهي.
محمد
حسين “ڪاشف” نه فقط شاهه سائين جي پيغام مان لاڀ پرايو بلڪ هن سچل سائين، سامي
فقير، خليفي نبي بخش قاسم، گرهوڙي فقير، مخدوم محمد زمان لنواري واري، مخدوم معين
الدين ٺٽوي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، ۽ مخدوم نوح سان گڏوگڏ حضرت لعل شهباز قلندر،
حضرت شاهه آغا جان سرهندي جي سخنن ۽ سلوڪن مان پڻ پنهنجي طلب جي اُڃ اجهائڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي ۽ انهن جي فڪر ۽ نظرئي جو اڀياس ڪري ناياب ماڻڪ ۽ موتين جا جهول ڀري،
حق جي طالبن ۾ ورهايا آهن. سندس سموري حياتي ڳولا ۽ جستجو ۾ گذري آهي. هُن سڄي
ڄمار اها ڪوشش ڪئي آهي ته فڪر جي روح تائين پهچجي ۽ وڌ کان وڌ چٽو ۽ خوبصورت ڪري
سمجهجي ۽ پيش ڪجي، جيئن ان تي عمل ۾ ڪا ڪمي يا پيشي نه ٿئي. جنهن لاءِ هن علامه
مشرقي، ابن العربي، منصور حلاج، بايزيد بسطامي، علامه سعد الدين، شاهه ولي الله،
مولوي غلام محمد خانزئي ۽ ٻين انهي پايي جي محققن ۽ مصنفن کي پڻ پڙهيو ۽ لاڀ حاصل
ڪيو.
سندس
ڪتب خاني ۾ تصوف جي موضوع تي تمام گهڻن مستند ۽ معياري ڪتابن جي موجودگي ۽ سندس
تحريرن ۽ تقر يرن ۾ تصوف ۽ صوفي ازم تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ ان ڳالهه جو دليل آهي ته
سندس سوچ ۽ خيال جو مرڪز تصوف جي تاريخ ۽ فڪر رهيو آهي. جنهن کي هن پنهنجي ذهني ۽
قلبي صلاحيتن سان سمجهڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي آهي ۽ جيڪو پروڙيو آهي ان کي پڌرو
پڻ ڪيو آهي.
جيئن
ته محمد حسين “ڪاشف “ هڪ پرائمري استاد هو، هن زندگيءَ جا ۴۵ سال بحيثيت
هڪ محنتي استاد جي ٻارن کي پرائمري تعليم پڙهائي، جنهن عمل زندگيءَ
۾ کيس تمام گهڻي سکيا ڏني. مختلف قوميتن، مختلف مزاجن ۽ مختلف طبقن جي ٻارن سان
سلهاڙيل انهن جي روين، انهن جي ذهني قوت ۽ رجحان محمد حسين “ڪاشف” کي گهڻائي سبق
پڙهڻ، سکڻ ۽ انهن مان عملي طرح لاڀ حاصل ڪرڻ جا موقعا ميسر ڪيا. مطلب ته هن سکڻ جو
ڪو به موقعو هٿان نه وڃايو. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ هڪ قابل استاد ڪوٺيو وڃي ٿو.
سنڌ
جي تعليمي نصاب ۾ به سندس خدمتون ڪتب آيل آهن. محمد حسين “ڪاشف” سنڌ ايجوڪيشن
ڪائونسل حڪومت سنڌ جو ميمبر رهيو. ضلعي ايجوڪيشنل ڪائونسل ضلعي حيدرآباد جو ميمبر
رهيو. بيرو آف ڪرڪيوليم سنڌ جو ميمبر رهيو. سنڌي لينگئيج اٿارٽي ۾ درسي ڪتابن جي
جاچنا ڪميٽي جو ميمبر ۽ اعزازي صلاحڪار رهيو ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۾ بطور ليکڪ پڻ
رهيو. هو درسي ڪتابن ۾ سنڌي ٻيو ڪتاب ۽ سماجي اڀياس ڪلاس ٽيون سنڌي ۽ اردو جو ليکڪ
آهي.
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به
وڌاءُ نه آهي ته محمد حسين “ڪاشف” سڄي عمر علم پرايوآهي ۽ علم ورهايو آهي. هن ڄاڻ
جي راهن تي ڪيئي ڏيئا ٻاريا آهن. يقينًا باک ڦٽڻ تائين جي ان سچيت سفر ۾ سندس
ساٿ سڦل ثابت ٿيندو. ميدان ِعلم ۽ ادب ۾ سندس محنتي طالب جو مقام مانائتو ۽
لاڀائتو رهندو.
سنڌ
جو ھيءُ مانائتو شخص، زندگيءَ جا ستر سال پورا ڪري، ۲۵ سيپٽمبر ۲۰۱۰ع
تي دارالبقا ڏانھن راھي ٿي ويو.
محمد
حسين ڪاشف
سنڌي
ادب لاءِ پاڻ ارپيندڙ
منظور ڪالرو
ٽنڊو الهيار ۾ رهڻ
دوران ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن محمد حسين ”ڪاشف“ ادبي اڪيڊمي ٽائون ڪاميٽي چمبڙ پاران
سنڌ جي حوالي سان دنيا جي مشهور شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي زندگي، ادب، ٻولي
۽ ماڳ مڪانن بابت کوجنا ڪري خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيت محمد حسين ”ڪاشف“ جي ۸۹هين جنم ڏينهن جي مناسبت سان چمبڙ (ٽنڊو
الهيار) ۾ تقريب جو سڏ مليو. (جنهن جي صدارت وزير ثقافت ۽ تعليم کاتو حڪومتِ سنڌ ۽
مهمان خاص هتان جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٽنڊو الهيار جو
چيئرمين، ڊپٽي ڪمشنر ۽ اديب دوست شرڪت ڪري رهيا آهن) جس آهي ڪاشف صاحب جي علم ادب
دوست فرزند سليم العارف ڪنڀار (آرگنائيزر) ۽ سياسي سماجي شخص جبران امين حيدري
(چيئرمين-ڪاشف ادبي اڪيڊمي چمبڙ) کي جو سنڌ جي هن علمي ادبي، سڄاڻ ۽ پارکي جو جنم ڏينهن
شاندار ملهائڻ جو اعليٰ اهتمام ڪندي ڪيترن ئي اديبن ليکڪن، شاعرن، ساڃاهه وندن،
استادن ۽ شاگردن کي مدعو ڪيو ويو آهي.
سر زمينِ سنڌ جي هڪ
پوئتي پيل شهر چمبڙ ۾ ۳ فيبروري ۱۹۳۰ع تي حافظ محمد عمر ڪنڀار جي گهر ۾ جنم وٺندڙ محمد حسين نالي ٻارڙي بابت ڪنهن
کي اها خبر نه هئي ته هي ڪو سنڌ جي ادب علم ۽ ثقافت جو ڀرجهلو ٿيندي خاص طور حضرت
شاهه لطيف رحه جي زندگي شاعري ۽ علم، ادب، ماڳ مڪانن بابت پنهنجي ذوق ۽ شوق ۽
جستجو سان يادگار ڪارناما سرانجام ڏيندو. سچ پچ سنڌ جي ٻولي، ادب سان چاهه رکندڙ
شخصيت محمد حسين ”ڪاشف“ بابت مون کي به ايتري معلومات نه هئي. هاڻ جڏهن دعوت نامو
ملڻ کان پوءِ نيٽ تي سندس نالو لکي ڳولا ڪئي ته گهڻي معلومات ملي وئي. مون کي اها ڄاڻ
هئي ۽ مون ڏٺو ۽ ملاقات به ڪئي هئي، جڏهن هو گورنمينٽ مين سنڌي پرائمري اسڪول ٽنڊوالهيار
۾ هيڊماستر طور فرض ادا ڪري رهيو هو، اهڙيءَ ريت پاڻ تعليمي سرگرمين سان گڏوگڏ ادب
خاص طور شاهه لطيف رحه تي تحقيق ۾ گهڻو مصروف رهڻ ڪري ڪتاب لکڻ ۽ انهن کي ڇپرائڻ جهڙن
ڏکين مرحلن مان به پار پوندي پنهنجو علمي ادبي پورهيو منظر عام تي آندو. پاڻ
تقريبن سموري زندگي انهيءَ ادبي ۽ فڪري خدمت ۾ گذاري ڇڏي، کيس پنهنجو پاڻ وڻائڻ ڪڏهن
به سٺو نه لڳو، تنهن ڪري هيڏو وڏو تحقيق جو ڪم خاموشيءَ يا جهڙوڪر گمنامي ۾ نهايت
شاندار ۽ پُروقار انداز سان سرانجام ڏنو. استاد ڪاشف پنهنجي زندگي ۾ ۳ يا ۴ ڪتاب پڌرا ڪيا ۽ سنڌ جي نالي وارين ڀلوڙ
شخصيتن، اديبن، استادن ۽ تحقيقي ادارن سان پنهنجي شوق ۽ ڪم واري جذبي تحت ساڻن
رابطي ۾ رهيو.
سنڌ جي پوئتي پيل
علائقي جي تمام وڏي شخصيت سنڌي علم، ادب، تحقيق ۽ ماڳ مڪانن بابت آگاهي ڏيندڙ محمد
حسين ”ڪاشف“ هڪ اصول پسند زندگي گذاري، پنهنجن ٻارڙن کي به تعليم جي خوبصورت زيور
سان سنواريو ۽ پنهنجي ليکي ڪنهن به سرڪاري اداري يا شخصيت کان ذاتي فائدو نه ورتو،
سندس مڪمل ڌيان پڙهڻ پڙهائڻ ۽ وڌيڪ علمي ادبي ثقافتي ڳولا جاکوڙ طرف رهيو. اڄڪلهه
جي گهڻن نالي جي ليکڪن تاريخدانن توڙي شاعرن کان سندس طبيعت ۽ مزاج مختلف ڏسڻ ۾
آيو. شايد انهيءَ ڪري کيس اها مڃتا جنهن جو پاڻ وڌ کان وڌ حقدار هو ۽ آهي، جيڪا
کيس نه ملي سگهي، پوءِ به ڪجهه ادب علم ۽ سنڌ دوست ادارن ۽ قدر ڪندڙ شخصن طرفان
سندس پورهئي کي مڃتا ملي ۽ ڪيترائي اعزاز ايوارڊ سرٽيفڪيٽ ڏئي مَان مٿانهون ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي. استاد ڪاشف ادب جي صفن سميت سياست تي به سوچ ويچار ڪندي سنڌ جي سياسي
معاشي ۽ جاگرافيائي حالتن بابت فڪرمند رهندي ڳالهائڻ ۽ تقرير ڪرڻ ۾ بهتر مقرر طور
سڃاتو ويندو هو. اهڙي طرح ريڊيو ۽ ٽي وي ۾ ڪڏهن ڪڏهن سندس ادبي شاهڪار خدمتن بابت
پروگرام به ٿيا، جن ۾ ريڊيو تان ”ساڻيهه جا سينگار“ به مقبوليت ماڻي.
ٽنڊو الهيار ضلعي
جو شيخ اياز، نبي بخش خان بلوچ جهڙو دلبر ۽ دانا شخص ڪاشف پنهنجي فقير منش طبيعت ۾
هڪ يگانو ۽ ڪيترين ئي خوبين وارو املهه ماڻڪ هو پر سندس همت افزائي ۽ قدر داني
سندس زندگيءَ ۾ ايتري ٿيندي نٿي ڏسجي يا ٻڌجي. هونئن اسان سنڌين ۾ هاڻ جهڙوڪر اهو
مزاج ٿيندو پيو وڃي ته اسان پنهنجن محبوب ڏات ڌڻين ۽ لازوال خدمتون سرانجام ڏيندڙن
کي سندن حياتيءَ ۾ ايترو نٿا ساريون جيتري قدر هو ان جا گهڻي کان گهڻا مستحق
سمجهيا وڃن ٿا.
سنڌي ٻولي، علم،
ادب ۽ ثقافت جو هي فخر لائق شخص محمد حسين ڪاشف پنهنجي فرضن جي ادائگي سان به
انصاف ڪندو رهيو ته پنهنجين تحقيق ڪيل مواد کي ڪتابي شڪل ڏيڻ جهڙو ڏکيو مرحلو به
پار پوندي انهن کي شايع ڪرايو. (ادب دوستن کي خبر آهي ته ڪتاب ڇپرائڻ ڪيترو نه ڏکيو
۽ وقت ڏيندڙ ڪم آهي) استاد ڪاشف جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ (۱) شاهه لطيف ۽ خليفو قاسم (۲) شاهه جي رسالي جي سُڄاڻي ٻه جلد (۳) سنڌ ۾ ڪنڀارڪو ڪم (۴) لطيفي فڪر ۽ سُرن جي ساڃاهه (۵) ڪنڌي ڪونئر ٽِڙن (۶) شاهه جو ڪلام: مقدار يا معيار (۷) سڀيتا جو سونهان ان کانسواءِ آسان سنڌي ڪتاب
جيڪو مختلف درجا پڙهندڙ شاگردن کي پڙهايو ويندو هو تنهن ۾ هن جا مضمون اهميت ڏئي
شايع ڪرايل آهن. ٿي سگهي ٿو ته ڪي ٻيا به ڪتاب ڇپيل هجن، جڏهن ته اڻ ڇپيل مواد ۾ ۱۱ کن ڪتاب اڃان ڇپائيندڙ ادارن جو اوسيئڙو ڪري
رهيا آهن. پاڻ اردو ٻولي ۾ ڪتاب لکيو جيڪو ذاتين، ڌنڌن ۽ ماڳ مڪانن جي باري ۾ آهي.
وٽس ادبي شخصيتن جا خط به ايندا هئا. جنهن ۾ اهو به پتو پوي ٿو ته پاڻ خطن ذريعي
به معلومات جي حاصلات ۾ اڳڀرا رهيو ۽ ساڻن اڌ ملاقات جاري رکي سندس هڪ مڪالمو
”شاهه لطيف ۽ تصوف“ گهڻو اهميت سان ڏٺو وڃي ٿو. هن همدرد خدمتگار استاد ڪاشف کي
سندس جنم ڏينهن تي ياد ڪريون ٿا، جيتوڻيڪ پاڻ اڄ اسان سا سٿ ۾ شامل نٿو ڏسجي پر
سندس ڪيل پورهيو لازوال حيثيت ۾ روشني بڻجي هر وقت گڏ آهي، اميد ته ادبي ادارا
ادبي سنگت کيس هميشه ياد ڪندا رهندا، اسان سندس خدمتن کي محبت جا سلام پيش ڪريون ٿا.
محمد حسين ڪاشف
سندس لطيف شناسي
ڊاڪٽر پروين
موسيٰ ميمڻ
محمد حسين، حافظ
محمد عمر ڪنڀار جي گهر ۳ فيبروري ۱۹۳۰ع ۾ چمبڙ ۾ جنم ورتو، “ڪاشف” تخلص جي ڪري محمد حسين ڪاشف سڏيو ويندو آهي،
ورنيڪيولر فائينل ۽ اديب عالم جا امتحان پاس ڪري پرائمري استاد طور تعليم کاتي ۾ ڪم
ڪيائين. شاهه عبدالطيف ريسرچ سينٽر جو انچارج ڏهاڪو کن سال رهيو. کيس لطيفي لنئون
لڳي. هن ڏس ۾ ۱۹۵۲ع ۾ تحقيقي ڪم شروع ڪيائين جو پوءِ مستقل ۽ مسلسل ڪندو رهيو. هن نثر ۽ نظم ٻنهي
۾ لکيو. هڪ سٺي شاعر طور سندس سڃاڻپ آهي، پر کيس گهڻي مشهوري لطيف شناسيءَ جي ڪم
باعث ملي، اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد طرفان شاهه عبداللطيف قومي ادبي ايوارڊ ٽي ڀيرا
مليس ته ثقافت کاتي پاران پڻ شاهه عبداللطيف ايڪسيلنسي ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا اعزاز
انعام ۽ اڪرام مليس، محمد حسين ڪاشف جا مقالا لطيفي ڪانفرنسن جي ڪتابن ۽ ٻين گڏيل
مجموعن ۾ ڇپيل آهن، جيئن، “موجوده دور ۾ شاهه لطيف جي اهميت”، “لاکو ڦلاڻي”، “گوندر
هٿ نه پير”، “تصوف جو سنڌي سماج تي اثر”، “سامونڊي ڪوسنگ”، “ويٺي ويڄن وٽ”، “ڀنيءَ
ٿيون ڀڙڪن”، “کٿيءَ وٽيون کٿيون”، “شاهه جي رسالي جي تحقيق ۽ شرح”، “سر ديسي ترتيب
۽ تفهيم”، “شاهه جي ڪلام جا فڪري ماخذ” ۽ ٻيا ڪافي مقالا ۽ مضمون آهن.
ڇپيل ڪتابن ۾ ڪنڌي ڪونئر
ٽڙن: پهريون ڇاپو مقصود پبليڪيشن حيدرآباد ۱۹۹۰ع ۾ شايع ڪيو، ۲۲۶ صفحن جي هن ڪتاب تي ليکڪ کي اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد
پاران شاهه لطيف قومي ايوارڊ مليو، ٻيو ڇاپو سنڌي ساهت گهر ۲۰۲۱ع ۾ شايع ڪيو،
لطيفي فڪرن ۽ سرن
جي ساڃاهه: شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ۲۰۰۵ع ۾ شايع ڪيو، جنهن ۾ آيل موضوع “صوفي فڪر ۽
لطيف”، “لطيفي فڪر جا مزاحمتي رويا”، “سسئي ۽ سور ويا پٽيندا پاڻ ۾”، “کاهوڙيءَ
خفي سان”، “ڀلي ڄائي مارئي”، “ليلان ڇڏ ليهور”، “کراويڻ کنگهار کي”، “سر مومل جو
فلسفو/ماهيت”، “شاهه جي رسالي جي تحقيق ۽ شرح”، “اي تان آهه عشق جي”، “گودڙيءَ ۾
گل”، (عثمان علي انصاريءَ جي مرتب ڪيل رسالي جو جائزو)، “سر پرڀاتيءَ جو تفهيمي اڀياس”
۽ ٻيا آهن.
شاهه جي رسالي جي سڄاڻي:
جا پهريان ٻه جلد ثقافت ۽ سياحت کاتي پاران ۲۰۱۰ع ۽ ۲۰۱۱ع ۾ ڇپيا آهن، پهرين جلد ۾ “سر ڪلياڻ”، “يمن ڪلياڻ”، “کنڀات”
۽ “بروو سنڌي” بيتن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻيءَ سان آهن ته ٻئي جلد ۾ “سر سريراڳ”،
“سامونڊي”، “گهاتو” ۾ ڪم آيل اسمن، راڳ، بيتن ۽ لفظن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي ڏني وئي
آهي، .
شاهه، سچل ۽ خليفو
نبي بخش قاسم: ثقافت کاتي ۲۰۱۲ع ۾ شايع ڪيو ۲۰۴ صفحن جو هي ڪتاب ٽن بابن (يعني ٽن شخصيتن جي فن بابت)
آهي، جنهن ۾ لطيف سرڪار بابت آيل مواد ۾ “شاهه جي ڪلام جا فڪري ماخذ”، “لوچيان ٿي
لاحد ۾”، “هيڪائي هيڪ هئي”، “تتي ٿڌي ڪاهه”، “غافل غفلت ڇوڙ” آهن.
سڀيتا جا سونهان:
ثقافت کاتي پاران سيپٽمبر ۲۰۱۲ع ۾ ڇپيو،
شاهه جو ڪلام مقدار
۽ معيار: هن ڪتاب ۾ آيل موضوع “شاهه جي ڪلام جو مقدار يا معيار”، “شاهه جي رسالي
جي تحقيق ۽ تشريح”، “پلئه پايو سچ”، “لطيف جي ڪلام جي قلمي نسخن جو اڀياس”، “شاهه
جو رسالو شاهه جو ڪلام جلد پنجين جو جائزو”، “ٻانهي خان شيخ جي مرتب ڪيل شاهه جي
رسالي جو جائزو”، “عثمان علي انصاريءَ جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جو جائزو” ۽ ٻيا
آهن.
محمد حسين ڪاشف
وفات تائين لطيف شناسيءَ جي ڪم سان دل سان لاڳاپيل رهيو، هن ۲۵ سيپٽمبر ۲۰۱۰ع بمطابق ۱۵ شوال المڪرم ۱۴۳۱هه چمبڙ شهر ضلعي ٽنڊي الهيار ۾ وفات ڪئي.
شاهه جي وقت جي
سياسي حالتن جي تجزيي کي بيان ڪندي لکي ٿو ته؛ ”لطيف رحه جي دور ۾ هتان جي سانگيئڙي
۽ ماروءَ کي سک جو ڪو سمون نصيب نه ٿيو هو، ۽ هو ڌرتي ڌڪاڻن جي يلغار سبب اهنج ۽
آزار سهندو رهيو، جنهن پيڙا کان شاهه رحه بيساخته چئي ڏنو ته؛ وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل
ڪوڪاري، پنهنجي مَنَ جي مونجهه ۽ حالتن کي تبديل ڪرڻ لاءِ چيائين ته “تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه
ڪانهي ويل ويهڻ جي” تاريخي حقيقتن موجب لطيف جي وقت ۾ ملڪ وڏي مانڌاڻ مان گذري
رهيو هو. ڪلهوڙا سنڌ جي آزاديءَ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ هٿ پير هڻي رهيا
هئا. نادر شاهه هند ۽ سنڌ تي پنهنجا خوني چنبا آزمائي چڪو هو. احمد شاهه ابداليءَ
جي قيامت خيز چڙهائيءَ هتان جي رهواسيءَ کي ايڏو ته هيسيل ڪري وڌو هو جو ڪنهن کي ڪاسمڪ
۽ سڌ نٿي پئي ته آخر هي ڇا آهي؟ (ص ۸۰، ۸۶) لطيف رحه استحصالي نظام جو مخالف آهي، جيڪو انسان جي
روحاني، جسماني ۽ فڪري آزاديءَ تي ڌاڙو هڻي ٿو، پوءِ ڇو نه اهو مذهبيت جي روپ ۾
هجي يا سرمائيداري ۽ آمريت جو نقاب پهريل هجي.
اڄ جو انسان سماجي
هڪجهڙائيءَ، نسلي تفريق، آزادي ۽ نوآبادياتي جوڙجڪ، جمهوريت ۽ ملوڪيت، نجات ۽
غلامي، سائنسي ڄاڻ ۽ اڻ چاڻائي، طاقت ۽ ڪمزوري، انقلاب ۽ عاجزي، ڪميونزم ۽ سرمايه
داري، ۽ قوميت جهڙن حقيقي تضادات جو مشاهدو ڪري رهيو آهي، ۽ ان مان گذري رهيو آهي،
ڪنهن صحيح صورتحال نه هئڻ سبب دنيا جي هر حصي ۾ انسان پر ماريت جي چنبي ۾ آهي،
جنهن انسان جي ذهن کي مهميزون ڏيئي جهوري وڌو آهي، اسان کي لطيف جي ڪلام مان انهن
امڪاني توڙي ٻين حقيقتن لاءِ رهبري وٺڻي آهي، شاهه جو ڪلام انهن سڀني حقيقتن تي
حاوي ۽ زندگيءَ جي وسعت جيان اجهاڳ سمنڊ آهي. (ص، ۸۷، ۹۷)
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۵ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا