هاسي ٻائي نماڻو فقير
حسيب ناياب منگي
سنڌ ڌرتيءَ جي جن عورتن علم ۽ ادب ۾ پنهنجو نانءُ پنهنجي
علمي ادبي ڪاوشن سان مٿانهون ڪيو، انهن مان هاسي ٻائي نماڻو فقير به هڪ ٿي گذري آهي.
هاسي ٻائي جو ڪلام انهن ڏينهن جو چيل آهي جن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ڪي ٿورڙيون عورتون شعر چونديون
هيون. سندس ڪلام سادو ۽ مٿس حضرت سچل سرمست جو اثر نظر اچي ٿو. هن صرف شعر ئي ناهي
چيو پر سچل سائين جو ڪلام به گڏ ڪري ڇپرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار ادا ٿيل آهي.
هاسي ٻائي شڪارپور ۾ پنهنجي پتا ڏوڍارام جي گهر ۾ 1888ع ڌاري
ڄائي. ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي ڪتاب دنيا جون شاعر عورتون ۾ رڪي ٻائي به نالو ڄاڻايو
آهي. سندس تعليم بابت ته ڪا معلومات نه پئي ملي ها البت سندس توجه خاص نظر هيٺ ٿيل
معلوم ٿئي پئي. هو سهڻي ۽ سلڇڻي هئي، مگر سندس هڪ پير ۾ عيب هيو، هاسي جڏهن وڏي ٿي
ته سندس وهانءُ هڪ وڏي عمر واري مرد سيٺ پوڪرداس سان ڪرايو ويو جيڪو شاديءَ کانپوءِ
ستت ئي ديهانت ڪري ويو ۽ هاسي ويراڳ ۾ وڪوڙجي وئي، ايستائين سڪون نه آيس جيستائين من
کي شانتي بخشڻ واسطي حضرت سچل سرمست جي مزار تي نه پهتي
ان کان اڳ به هوءَ اولاد جي سڪايل من جي مراد پوري ٿيڻ خاطر
سچل سائين جي در تي حاضري ڀري دعائون پنندي هئي ۽ سخي قبول محمد ثالث جي طالبياڻي پڻ
هئي پر هن ڀيري ويراڳي ۾ جو اچي درگاهه تي پهتي ته سائين سخي قبول محمد ثالث جي مريدياڻي
ٿي، سائين سخي قبول محمد ثالث به کيس دين جي نياڻيءَ جو درجو ڏنو ۽ مٿس نالو ”نماڻو
فقير“ رکيو ۽ هاسي شعر چوڻ شروع ڪيا. هاسي مٿان رکيل اهو مرداڻو نالو ئي سندس سڃاڻپ
بڻيو.
پنهنجي مرشد جي شان کي بيان ڪندي پاٻوهه مان اظهار ڪندي نظر
ٿي اچي ته مرشد تنهنجي قدمن تان گهور وڃان تون مون مٿان مهر جي نظر ڪئي ۽ مون کي پنهنجي
مريدياڻي بڻايو.
تنهنجي
قدمن تان گهور وڃان
مٺا مهر
ڪري تو مون کي پنهنجو ڪيو
عشق نه
ڄاڻان آئون آهيان اياڻي
هٿڙو ڌريو
تو پنهنجو ننگ سڃاڻي
او لک
لک ٿورا ، ٿورا هادي تنهنجا مڃان
تنهنجي
قربن جو ڪونهي ڪاٿو
قول ڪري
تو پنهنجي سيني لاٿو
او روز
ڪرين پيو ڀلايون اڃان
هاديءَ
جي دعا سان اڳتي وک وڌايان
”نماڻا“
پوئتي شل پير نه هٽايان
او جهنگل
جبل ٽڪر هجن توڙي اڃان
ورهاڱي ٿيو ته هاسي ٻائي سخي قبول محمد جي اجازت سان هندستان
بڙودي وئي ۽ اتي ئي رهائش اختيار ڪيائين جتي سندس مٽ مائٽ به رهڻ لڳا هئا، اتي ”سخي
ڪُٽيا“ جي نالي سان آشرم هلائيندي هئي ۽ هر سال بڙودي ۾ سچل سائين جو ميلو لڳرائي هتان
جي ميلي جون سِڪون اُتي لاهيندي هئي ۽ من کي سڪون بخشيندي هئي. هڪ ڀيري ته بڙودي ۾
لڳرايل سچل سائين جي ميلي ۾ سخي قبول محمد ثالث پڻ شرڪت ڪئي هئي، ميلي ۽ مرشد جي آمد
تي ڪجهه هئين اظهار ڪري ٿي ته
منهنجا مٺڙا يار ــــ شال هجين بهار
شال سدا هجين بهار، نت نئون نروار
قبول محمد نام دري تي، آئين صورت جو سردار
هاڪ تنهنجي آهي هر هنڌ پکڙيل، هند سنڌ ۾ چوڌار
درازن مان ڪهي آئين، قدم رکيئي هر دوار
داسيءَ کي ڏسڻ سان سڏي محبوب نهال ڪيئه منٺار
”نماڻا“ تي ڏاڍو ڀال ڀلائي پنهنجو ڪيئه قربدار
هاسي ٻائي نماڻو فقير پنهنجي مرشد حضرت سچل سرمست رح جو ڪلام
بڙودا مان 1952ع ۾ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سچل سائين جو 700 سنڌي ۽ اردو ڪلام شامل هو.
هاسي ٻائي نماڻو فقير جي پنهنجي شاعريءَ جا ٽي مجموعا ”حق موجود“، ”نماڻا ماڻ“ ۽ ”نماڻل
شاهه يادگار“ پڻ ڇپيل آهن جيڪي هاڻي ناياب آهن. هاسي ٻائي نماڻو فقير 23 مارچ 1963ع
تي بمبئي ۾ ديهانت ڪيو، 24 مارچ 1963ع تي اگني سنسڪار ٿيس ۽ سندس هاٺيون درازن ۾ درگاهه
حضرت سچل سرمست رح جو نائون گادي نشين سائين عبدالحق بڙودا مان کڻائي آيو ۽ مزار جي
پيراندي کان رکرايائين.
هاسي ٻائي جي ڪلام تي سچل سائين جو اثر نظر اچي ٿو ، هو به
پنهنجي ڪلام وسيلي پاڻ سڃاڻڻ جو درس ڏي ٿي. سندس سنڌي شعر سان گڏ اردو ڪلام به مقبول
آهي . هڪ اردو ڪلام ۾ الله تعاليٰ جو ذڪر ڪندي چوي ٿي ته
ميري دل مين هي تيري يادگيري
ميري آنکهون مين صورت هي تيري
الا الا هو الله الا الا هو الله
شب و روز هي ”نماڻا“ منتظر منتظر
کرتا پڪار تيري در پر در پر
هاسي ٻائي جي اردو ڪلام تي لکندي رشيده ع شيخ لکيو ته؛ ”جڏهن
نماڻي فقير جو اردو ڪلام پڙهبو ته حيرت وٺي ويندي، لاشڪ هيءَ پهرين سنڌي عورت آهي جنهن
پنهنجي ڪلام ۾ پختگي، پاڪائي ۽ وسيع نظريي جا ويهي موتي پويا آهن ۽ اردو زبان ۾ طبع
آزمائي ڪري وڏو مثال قائم ڪيو آهي.“.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ”نماڻي فقير“ لاءِ لکي ٿو ته؛
”سندس ڪلام سادو آهي پر پُراثر آهي ، ان مان سندس پيار ظاهر ٿئي ٿو.“
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته؛ ”نماڻي فقير جو ڪلام هڪ
سچي سالڪ ۽ عاشق جي اندر جو آواز آهي . وٽس سڪ جو ثمر سرس آهي.“
نماڻي فقير جي ڪلام جو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ اسان کي معلوم ٿيندو
ته هوءَ مرشد جي ياد ۾ گهڻو ڪجهه لکي وئي آهي سندس ڪلام کي يڪجا ڪري شايع ڪرايو وڃي
ته هوند بهتر ٿيندو.
No comments:
راءِ ڏيندا