شهيد تاج محمد جوکيو
لاڙ جو لعل
پروفيسر لطافت علي ’جوهر‘
سنڌ جي لاڙ واري علائقي ضلعي ٺٽي ۾ سياسي ڏاهپ، انسان دوستي
سماجي شعور، حب الوطني، آزادي، اَمن، اتحاد، ڀائيچارو، پيار پاٻوهه ۽ ماڻهپي جهڙن اعلى
انساني قدرن کي روشناس ڪرائڻ ۾ جن باشعور ساڃاهه وند سياسي اڳواڻن، سوشل ريفارمرز،
سماج سڌارڪ ۽ تاريخ اڏيندڙ آدرشي انسانن حق جو آواز بلند ڪندي پنهنجي جان جو نذرانو
پيش ڪندي هر ڏاڍ ظلم ۽ جبر جو مقابلو جنهن همت، دليري ۽ جوان مردي سان ڪيو، ان جو مثال
ملڻ ڏاڍو مشڪل آهن.
اهڙن ئي پارس مثل عظيم انسانن ۽ نئين سماج جي اڏاوت ڪندڙ
شخصيتن ۾ ضلعي ٺٽي جو باشعور زميندار، سياسي اڳواڻ، سماج سڌارڪ ۽ ٻهراڙي ۾ جديد شعور
جو بانيڪار، انسان دوست ۽ غريبن جو هڏڏوکي“شهيد رئيس تاج محمد جوکيو” جو نالو سڀني
کان مٿانهون آهي، جنهن ضلعي ٺٽي جي ٻهراڙين ۽ ڪوهستان جي پٺتي پيل علائقن ۾ صدين جي
جمود ۽ ماٺار کي ٽوڙي هڪ نئين اُمنگ جاڳائي زندگي ۽ زندگي جي عملن، فن ۽ فڪر ۾ وهڪرو،
تحرڪ ۽ احساس پيدا ڪيو. هن پنهنجي لاڳيتي جدوجهد ۽ بي لوث خدمتن ذريعي نظرانداز ٿيل
مظلوم ۽ محڪوم طبقي جي نمائندگي ڪندي منجهن نئون جوت، نئون ولولو ۽ نئون اتساهه پيدا
ڪندي جاگيرداراڻي سماج جي ريتن رسمن ۽ حدبندين کان نجات ڏيارڻ لاءِ عام انسانن کي پڻ
سجاڳ ڪيو ۽ کين سندن اهميت جو احساس ڏياريندي منجهن مڙسي ۽ همت پيدا ڪئي.
1937ع ۾ ڳوٺ رئيس وليداد جوکيو لڳ گجو ضلعي ٺٽي ۾ جنم وٺندڙ شهيد رئيس
تاج جوکيو پرائمري تعليم لاءِ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ٺٽو ۾ داخل ٿيو، جتان پهرين ڪلاس
پاس ڪري ٻئي درجي ۾ پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ قائم ٿيل اسڪول ۾ داخل ٿيو، جتان پرائمري تعليم
پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ گورنمينٽ مڊل اسڪول جنگشاهي ۾ داخل ٿيو ۽ اتان اٺ ڪلاس پاس
ڪري 1959ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٺٽي مان پاس ڪيائين. ان وقت ميٽرڪ
جو امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي، اِهو امتحان هن امتيازي نمبرن سان پاس ڪيو.
سندس والد صاحب تر جو هڪ نيڪ مرد، سخي ۽ غريب پرور انسان
هو، جنهن سندن تربيت اعلى اخلاقي ۽ مهذب انساني روايتن مطابق ڪئي. جنهن سبب سندن شخصيت
۾ انسانيت سان محبت ۽ همدردي پيدا ٿيندي ويئي ۽ انهي انسان دوستي ۽ مظلومن سان محبت
همدردي ۽ نرم دلي کيس عوامي خدمتن ۽ سياست جي رستي تي آڻي بيهاريو. قدرت کيس روشن دماغ
۽ حساس دل جي نعمتن سان نوازيو هو، هن جڏهن پنهنجي اردگرد ڏٺو ته کيس هڪ جهنگ نظر آيو،
جنهن ۾ چيتا، چراخ، بکيا بگهڙ، شڪاري ڪتا، باندر، لومڙ ۽ ٻلا نوس نوس ڪري رهيا هئا
پري پري جيڪڏهن ڪو ماڻهو نظر آيو ٿي، ته اُهو پنهنجي سر ۽ جان جي بچاءَ ۾ رڌل هو.
هن جو پهريون ۽ آخري استاد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو، جنهن
جي فڪر ۽ فلسفي کان متاثر ٿي هن پيپلزپارٽي جي پليٽ فارم تان پنهنجي سياسي سفر جي شروعات
ڪئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو هميشه ذهين ۽ ڏاهپ سان مالا مال ۽ مثبت سوچ رکندڙ
ماڻهن جو قدر ڪندو ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو، هن شهيد ڀٽي جي فڪر ۽ فلسفي کي امانت
سمجهيو ۽ پنهنجي قائد شهيد ڀٽي جي هنن لفظن کي دل ۾ سانڍي رکيو ته:
“The paradise of God Lies under
the feet of our mother
The paradise of politics lies
under the feet of the people”
(Z.A
Bhutto)
هنن لفظن منجهس هڪ نئون اتساهه پيدا ڪيو، هو هر وقت پنهنجي
آس پاس جي غريب ۽ مسڪين حال ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن، مسڪينن بدحال غريبن ڌتڙيل ۽ پيڙهيل
طبقي جي زندگي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ فڪر مند رهندو هو، سندس انهن عوامي خدمتن جي آڌار
تي 1980ع ڌاري، شهيد رئيس تاج محمد جوکيو کي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽي جو ميمبر چونڊيو ويو.
جتي هن وڏي ايمانداري سان ٻهراڙي ۾ ڪيتريون ئي ترقياتي اسڪيمون منظور ڪرايون، خاص طور
نياڻين جي تعليم لاءِ اسڪول قائم ڪرايا، ٻهراڙي ۽ ڪوهستاني ايريا ۾ اسڪول، راندين جا
ميدان ٺهرايا ۽ مختلف راندين جا مقابلا پڻ ڪرائيندو رهيو. ان کان علاوه روڊ رستا پڪيون
ناليون، مسافر خانن ۽ بس اسٽاپن تي انتظار گاهون پڻ تعمير ڪرايون، جيڪا سندن وڏي خدمت
آهي. پ پ پ سان وفا نڀائيندي پيپلزپارٽي جي حڪومت سندن خدمتن جو اعتراف ڪندي کيس پ
پ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر منتخب ڪيو، جيڪو پڻ هڪ وڏو اعزاز آهي. ان کان علاوه 2008ع جي
پ پ حڪومت کيس ڊسٽرڪٽ ڊولپمينٽ بورڊ ٺٽو جو ميمبر مقرر ڪيو، جنهن تحت هن وڌ کان وڌ
ٻهراڙين جي ترقي کي زور وٺرايو.
شهيد رئيس تاج محمد جوکيو هڪ سماجي سائنسدان (Social Scientist) ۽ سماج سڌارڪ
(Social
Reformer) جيان هڪ خوشحال صحت مند ۽ مضبوط سماج ڏسڻ جو خواهشمند هو. هن پنهنجي
ڏاهپ ذريعي ڄاڻي ورتو هو ته دنيا ۾ تعليم کانسواءِ ترقي ناممڪن آهي ۽ امن کانسواءِ
ڪٿي به صحت مند ۽ خوشحال سماج قائم نٿو ڪري سگهجي. تعليم اَمن ۽ شانتي ذريعي ئي هڪ
صحت مند ۽ پڙهيل لکيل “سول سنڌي سوسائٽي” ۽ معاشي لحاظ کان مستحڪم معاشري جي ضمانت
ڏيئي سگهي ٿي. انهيءَ نظريي تي قائم رهندي هن پنهنجي ڳوٺ کان تعليم جي شروعات ڪندي
خاص طور تي نياڻين جي تعليم تي زور ڏنو، اَڄ سندن ڳوٺ جي وڏي اڪثريت پڙهيل لکيل اعلى
تعليم يافته ماڻهن تي مشتمل آهي. جنهن جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته اَڄ
سندس ڳوٺ ۾ (5) پنج Ph.D اسڪالرز موجود آهن، جيڪي سڀئي پرڏيهي يونيورسٽين
مان پڙهيا آهن، جن ۾ پروفيسر ڊاڪٽر گل احمد جوکيو، پروفيسر انجنيئر عمران علي جوکيو
۽ پروفيسر ڊاڪٽر فريد احمد جوکيو ۽ سندن گهر واريون به (Ph.D) اسڪالرز آهن،
جيڪي مختلف يونيورسٽين ۾ تدريس جي پيشي سان وابسته آهن. رئيس تاج محمد جون نياڻيون
به ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ MBBS جي تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. اتهاس جي آئيني ۾ سنڌ
جو چهرو هميشه لڙڪن سان آلو نظر آيو آهي پر پوءِ به سنڌ ڌرتي پنهنجي سيني ۾ دکندڙ درد
کي پنهنجي ڪک مان جنم ڏيندڙ تخليق ۾ سمائي اتهاس جي سينڌ ۾ سندور ڀرڻ جو عظيم فرض نڀائيندي
آئي آهي. هن ڌرتي جي آجپي لاءِ مخدوم بلال، دودو، دولهه دريا خان کان هيمون ڪالاڻي
تائين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ شهيد ڀٽو کان شهيد بينظير ڀٽو صاحبه تائين هميشه پنهنجي
ريٽي رت جو نذرانو ڏيندي آئي آهي.
شهيد رئيس تاج محمد جوکيو به شهيدن جي انهيءَ قافلي جو پانڌيئڙو
هو، پنهنجي طبيعت ۾ مڪمل طور سادو ۽ کرو انسان هو ۽ ماڻهن سان بي انتها محبت ڪندڙ بزرگن
سان نوڙت ۽ مهمان نواز پڻ هو ته ساڳئي وقت يارن جو يار به هو. شهيد ڀٽي جي انهيءَ فڪري
سپاهي جي اِها عوام دوستي ۽ عوامي خدمتن، ڀلائي ۽ نيڪي واريون سرگرميون عوام دشمن قوتن
کي نه وڻيون، جن کيس وڏي بيدردي سان سندس گهر آڏو شهيد ڪري ڇڏيو، اهو ٻارنهن سيپٽمبر
جو ڏينهن هو.
رهجي ڳڻ ويا، مارن جا ملير ۾
سيد غفور شاهه تقوي
اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجهارا وڃڻ جون
هلڻ هارا سپرين، روئان تان نه رهن
آئون جهليندي ڪيترو، آيل سامونڊين
پڳهه ڇوڙي جن، وڌا ٻيڙا ٻار ۾
يار ساقي شاهه تون 7 آگسٽ 2015 تي جمعي جي ڏينهن صبح 11 وڳي
پنهنجي موٽر سائيڪل تي چڙهي درگاهه شيد شاهه حسن جي صدين کان ٿيندڙ سالياني ميلي جي
پرميشن وٺڻ لاءِ ڊي سي آفيس ويو هُئين پوءِ آئون، سيد خدا ڏنو شاهه ۽ ذوالفقار شاهه
پنهنجي پارڪ واريءَ بيٺڪ تي تنهنجي اوسيئڙي ۾ نيڻ وڇائي ويٺا آهيون پر اڃا تائين تنهنجو ڪو ڏس ۽ پتو ئي ناهي، هوڏانهن رشيد شاهه جو ننڍڙو جميل شاهه ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا تنهنجو پڇائون ڪندي تو کي ڳولهيندي مايوس ٿي واپس گهر هليو
ويندو آهي ان کانسواءِ هر روز تو کي چاهيندڙ تنهنجا پرستار ٽولن جي شڪل ۾ تنهنجي اوطاق
تي تنهنجو انتظار ڪندي ڪندي تو سان بنا ملڻ جي موٽي ٿا وڃن.
اوطاق واري صندل تي ويٺي ويٺي دل ۾ خيال آيو ۽ سوچيم ته آئون
صبح ننڊ مان دير سان اٿندو آهيان ۽ سلطان شاهه فجر جو اٿندو آهي. سو متان اسان کان
پهرين پنهنجن پپرن جي پراڻن پٽن تان گهمندي گهمندي هميشه جيان پنهنجي ڊيوٽي انجام ڏيڻ
خاطر درگاهه طرف هليو ويو هجي. هن وقت شام جا 4 ٿي چڪا آهن مزار تي چادر چاڙهڻ جو ٽائيم
قريب اچي چڪو آهي سو آئون سيد خدا ڏنو شاهه، شفيع موساڻي ۽ ڊاڪٽر مجيد بلوچ، حاجي شفيع
ڄاموٽ سان گڏ درگاهه طرف نڪري پيا آهيون اسانجي
ڪار جيئن ئي ٽيهر ۽ ٻاڪراڻ وارين ڀٽن تان هيٺ لٿي آهي ته منهنجي خيال ۽ تصور ۾ پنهنجي
جنم ڀوميءَ جا اهي پراڻا نقشا اڀري پيا آهن جن جو هن وقت ڪو وجود ئي ناهي هيءَ ته اُهائي ڪتي ڏاڙهه واري
ريل ۽ ڀٽون آهن. جتي اسان جا معصوم ارمان دفن آهن جتي اسانجي ننڍڙن پيرن جا نشان لڳل
آهن، جتي ڪڏهن پاڻ مال چاريا مڇين ۽ تترن جا شڪار ڪيا پوءِ هڪ دم آئون ماضيءَ جي يادگيرين
۾ گم ٿي ويس ۽ سوچيم ته متان سلطان شاهه ڳوٺ جي ٻارن سان گڏ پنهنجيءَ ڪنهن پراڻيءَ ڪرت ۾ مصروف هجي، پوءِ مون
مُٽڪي واريءِءَ ڀت کان ڪُتي ڏاڙهه واري ۽ ٽپ واريءَ ڀٽ کان ڌونئري ڀٽ ۽ بن قاسم پاور
هائوس واريءَ کڏيءَ تائين تو کي ڳولهيم پر هتي به تون نظر نه آئين ايتري ۾ اسانجي گاڏي
پنهنجي پراڻن پٽن تي پهتي جتي ڪڏهن اسان جو ڳوٺ هو ۽ اسڪول هو جتان اسان ابتدائي تعليم
سان گڏ زندگي جي شروعات ڪئي هئي هتي پهچڻ سان منهنجي اڻکٽ تلاش ۾ هڪ نئون طلاتم بيدار ٿي پيو ۽ مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ته ساقي
شاهه هاڻي تون مون کان لڪي نٿو سگهين ڇو ته آئون تنهنجي لڪڻ جي آخري ٺڪاڻن تائين پهچي
چڪو آهيان. پوءِ کاري ڊهي، مائي ملهو واريٽ، ماڻڪ واري مسيت ۽ ننڍي کانٽي کان ويندي.
هيٺيون کيٽ، هاتار وارو ڍورو، اڪن واري ٽڪر ۽ کاريءَ جي ڀٽ تائين تنهنجي تلاش جو سلسلو
جاري رهيو، هتي منهنجو ڌيان جهڪي ۽ ٿو هرال جي کيٽن طرف هليو ويو، جتي پاڻ ڪڏهن ڍڳن
تي هر رکي پنهنجي هٿن سان کيٽ کيڙيا هئا، جتي پاڻ ڪڏهن مال چاريندي ڏٿ چونڊيا هئا،
يار ساقي شاهه هي ته اهي ئي جايون آهن جتي پاڻ لڪ لڪوٽي راند کيڏندي فقط چند گهڙين
لاءِ ئي هڪ ٻئي کان لڪي سگهندا هئاسين پوءِ هن ڀيري تون الائي ڪهڙي کنڊر ۾ لڪي ويو
آهين جو ڪتي ڏاڙهه واريءَ ڀٽ کان جهڪي ۽ ٿوهرال طرف ويندڙ هر رستي تي تنهنجا ننڍپڻ
کان جوانيءَ تائين لڳل قدمن جا نشان ته نظر آيا پر تون اڃا تائين نظر نه پيو اچين.
پوءِ پڪ ٿيم ته اسان کي اچڻ ۾ دير ٿي ويئي آهي درگاهه تي چادر چاڙهڻ ۽ ڪند وري تقسيم
ڪرڻ ۾ باقي ڪجهه گهڙيون وڃي بچيون آهن. سوساقي شاهه پنهنجي ڊيوٽي انجام ڏيڻ خاطر درگاهه
تي پهچي چڪو هوندو. هن وقت اسانجي گاڏي وڏي کانٽي ۽ چيلاٽي کي ڪراس ڪندي درگاهه تي
پهتي آهي هن هزارن جي ميڙ ۾ منهنجي اکين کي جي ڪڏهن ڪنهن جي تلاش آهي ته ساقي شاهه
اهو فقط تون ئي آهين، بهرحال ڀٽائي سرڪار جي هن صلاح تي عمل ڪندي ته
پڇن سي پسن، جڏهن تڏهن پرين کي
ڏورينديون ڏسن، اڱڻ عجيبن جا
سو آئون پنهنجي تلاش جي تسلسل کي برقرار رکندي ميلي ۾ ايندڙ
هر شخص ۾ تو کي تلاش ڪرڻ لڳس، ايتري ۾ ملير
پريس ڪلب جا اهي صحافي دوست نظر آيا جن جي ٽولي ۾ ڳچ عرصي کان تو کي ڏسندو پيو اچان،
ٿوريءَ دير لاءِ دل کي آٿت ملي ۽ سوچن لڳس ته هاڻي چند ئي لمحن ۾ ساقي شاهه منهنجي
سامهون هوندو، انهن صحافي دوستن ۾ خاص طور حمزو پنهور، حنيف سومرو، طارق پٺاڻ، سامي
ميمڻ، علي محمد گبول، محمود گهوٽو ۽ مصطفيٰ عباسي جن ۾ هميشه مون کي ساقي شاهه نظر
ايندو هو، سو منهنجي تلاش جو رخ اچانڪ تبديل ٿيندي انهن صحافي دوستن طرف هليو ويو.
۽ آئون اهن دوستن جي چهرن ۾ تنهنجو چهرو تلاش ڪرڻ لڳس، دل جو دل ۾ سوچڻ لڳس ته انهن
چهرن ۾ لڪل هڪ چهرو ساقي جو به هوندو جيڪو هميشه جيان مون کي سڏي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري
مونسان پنهنجا ڏک ۽ سور ونڊيندو، پوءِ آئون ڪلاڪن جا ڪلاڪ خاموش ٿي انهن دوستن جي چهرن
طرف ڏسندو رهيس پر شايد اڄ اهي چهرا سلطان شاهه جي خوبصورت چهري کي ڪٿي وساري آيا هئا
۽ هتي به مونکي مايوسين جو منهن ڏسڻو پيو پر منهنجي نه ٿڪجڻ واري تلاش ختم نه ٿي سگهي.
ايتري ۾ درگاهه جي مزار تي چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪندڙ
مهمان درگاهه طرف روانا ٿيا پڪ ٿيم ته ساقي شاهه هن ميڙ ۾ ضرور شامل هوندو ڇو ته انهن
مهمانن جي تصويرن سان گڏ ميلي ۾ ٿيندڙ مختلف پروگرامن کي ڪوريج ڏيئي اخبارن تائين پهچائڻ
جي ڊيوٽي به تنهنجي هئي پر هتي به ناڪامي منهنجو مقدر بڻي. يار ساقي شاهه هن کان اڳ ته تو ڪڏهن به پنهنجي ذميوارين کان منهن نه موڙيو
۽ نه ئي پنهنجا ڪم ٻين جي آسري ڇڏيا پوءِ اڄ تو کي ڇا ٿي ويو جو مسلسل غائب آهين ٻيلي
مون کي ته سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته تنهنجا ڇڏيل ڪم ڪيئن پورا ڪجن، تو کي تلاش ڪندي ڪندي
مهنجي حالت ڀٽائيءَ جي ان وڻجهاريءَ جيان ٿي ويئي آهي جنهن لاءِ لطيف سرڪار فرمايو
آهي ته
سامونڊي ساري، مٿي تڙ گذاريان
مون کي ٿي ماري، اُني سندي ڳالهڙي
ساقي شاهه اهو ڪم جيڪو اڄ تون منهنجي حوالي ڪري هليو ويو
آهين اهو بار ته 2 سال پهرين مون تنهنجي ڪلهن تي اڇلايو هو ۽ تو قبول ڪيو هو پوءِ جيڪڏهن
تو مونکا ڪجهه لکرائڻ جو فيصلو ڪيو هو ته مون کي لکڻ جو ڍنگ به سيکاري وڃي ها، تو تي
لکڻ لاءِ مون وٽ اهي لفظ ۽ جملا ئي ناهن جيڪي تنهنجي امر ڪردار سان انصاف ڪري سگهن.
ساقي شاه آئون اهو به ڄاڻا ٿو ته مهينو ڏيڍ اڳ وڇڙي ويل پنهنجي پياري ڀاءُ سيد غلام
حسين شاهه جي وڇوڙي تنهنجي دل تي نه ڀرجڻ جهڙا گهاءَ رسايا هئا جن تو کان تنهنجا ٽهڪ
۽ دڙڪا کسي خيالن جي ڪنهن خاموش واديءَ طرف اماڻي ڇڏيو هو، پر تو کي شايد اها خبر ئي
ناهي ته تون پاڻ سان محبت ڪندڙ ڪيترين دلين کي زخمي ڪري هليو ويو آهين، اها سنڌ جيڪا
سدائين تنهنجي تخليق جو مرڪز ٿي رهي. اها جيجل جنهن سان تنهنجا جنم جنم جا ناتا جڙيل
هئا پوءِ الائي ڇو تنهنجي دل ۾ سمايل پنهنجي ڌرتيءَ جو بي انتها درد به ايڏو ڏور وڃڻ
کان تو کي روڪي نه سگهيو، ساقي شاهه، اڄ تنهنجي اچڻ ۽ وڃڻ جا اهي رستا ۽ ٺڪاڻا جيڪي
ڪڏهن مهڪندا هئا. سي اڄ ويرانگيءَ جا منظر ڏيکاري رهيا آهن. اڄ اسانجي هن برسيل باغ
کي شايد ڪنهن ڏائڻ جي نطر لڳي وئي آهي اڄ انهن محفلن ۾ اداسين جا پاڇا منڊلائڻ لڳا
آهن. جتي ڪڏهن مرڪن جا مينهن وسندا هئا. هتي منهنجي ذهن ۾ لطيف سرڪار جون هي سٽون گردش
ڪندي نظر ٿيو اچن ته
پسيو آسڻ ان جا اُڇنگارون اچن،
پاڻان وڌيس پٽ تي، لاهي لاهوتين
جي راڙي منجهه رهن، آئون نه جيئندي ان ري
اڄ آئون جڏهن پنهنجي اکين سامهون گذريل حقيقت کي قلمبند ڪندي
تنهنجي نالي اڳيان مرحوم لکڻ پيو چاهيان ته منهنجا هٿ ڏڪي ٿا وڃن ۽ منهنجو ذهن ان جملي
کي قبول ڪرڻ کان انڪار ٿو ڪري، پوءِ مون کي پڪ ٿيڻ لڳي ٿي ته تون جيئرو ته آهين، پر
جنت ۾ به آهين، تو منهنجي شاعريءَ جي ڪتاب تي منهنجو تعارف.
ساقي شاهه تو سان ته اهي رشتا آهن جيڪي چنڊ سان ستارن جا،
لهرن سان ڪنارن جا، ۽ دل سان ڌڙڪن جا، پوءِ جيڪڏهن جسماني ساٿ سلامت نه رهي سگهيو ته
ڇا هي اسان جا هڪ ٻئي سان روحاني رشتا آهن جيڪي ڪڏهن به ٽٽي ناهن سگهندا. تون پنهنجي
تخليق وسيلي هميشه اسانجي محفلن م موجود رهندي ۽ منهنجي تلاش جو سلسلو يا قيامت جاري
رهندو، هاڻي هاڻي آئون دل ۾ تو سان ٻيهر ملڻ جي حسرت سمائي شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه
جي هن بيت سان تو کي خدا حافظ چوندس ته
جي قيام مڙن، ته ڪر اوڏا سپرين
تيهان پوءِ سُجن، واڌايون وصال جون.
No comments:
راءِ ڏيندا