; سنڌي شخصيتون: رئيس علي نواز انڙ

01 September, 2015

رئيس علي نواز انڙ

رئيس علي نواز انڙ
غريبن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ
مولائي ملاح
ماڻهوءَ کي جڏهن دولت جو نشو چڙهندو آهي، ته اهو پنهنجي اوڙي پاڙي کان وٺي سڄو تر تپائي ڇڏيندو آهي ۽ ڪنهن به مسڪين ماڻهوءَ جو احساس نه ڪندو آهي. اهو به جيڪڏهن ڪو وڏيرڪو ٻار هجي پوءِ ته ڇٽيون ڳالهون ..! سنڌ  ۾ اسان کي سونن چمچن سان کاڌو کائڻ وارا اهڙا ڪيترا ئي وڏيرا ۽ امير ڪبير ملندا جن جا شوق اهڙا رهيا آهن، جن جي شوق جو ٻارڻ غريب عوام جون زندگيون رهيون آهن. اهڙن وڏيرن جا شوق ۽ شڪار به پنهنجي مزاج مطابق رهيا آهن، سندن جيئڻ جو مقصد به ڪنهن کي آزارڻ ئي رهيو آهي. وڏيرڪي سماج ۾ اوڙي پاڙي جي غريب تي دل کولي سخاوت ڪرڻ جهڙا تمام گھٽ ماڻهو ملندا، پر اهڙا انسان دوست وڏيرا آهن ضرور، جن جي ڪري هن جڳ جو چرخو هلي پيو. شاهه چواڻي ته: ”اڃا ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي“ اهڙن انسان دوست شخصيتن مان قاضي احمد جي هردل عزيز شخصيت الحاج رئيس علي نواز خان انڙ به هڪ هيو، جنهن اجتماعي طور تي غريب عوام جو مستقبل سنوارڻ لاءِ پنهنجي ذاتي ملڪيت وقف ڪري ادارا قائم ڪيا.


رئيس علي نواز خان انڙ، قاضي احمد جي امير گھراڻي جي اهڙي شخصيت هيو، جنهن اميراڻين روايتن کي ٽوڙي سماجي ڀلائيءَ وارن ڪمن کي هٿي ڏني. هن ڪتن، ڪڪڙن، تترن ۽ سوئرن جا ميل ڪرائڻ ۽ علائقي جي غريب عوام جي حقن ۽ جانين جو شڪار ڪرڻ بجاءِ وس آهر عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن عظيم انسان شهر قاضي احمد ۾ علم جي روشني ڦهلائڻ ۾ وسيع ڪردار ادا ڪري شهرين کي علم جي زيور سان آراسته ڪيو. شهر کي خوبصورت بڻائڻ ۽ شهرين کي سهولتون بخشڻ لاءِ هن شهر ۾ گل ٻوٽا، پارڪ ۽ هڪ عاليشان نازباغ لڳرايو. هي سچ ۽ سونهن جو عاشق، سڄي زندگي سونهن جو شڪار رهيو. هن جو عشق رڇ ڪتي ۽ سوئر جي بڇ بجاءِ انسانن جا اهنج دور ڪرڻ، سماجي تبديلي ڏانهن رهيو. سندس اهڙي عشق جا مثال اڄ به حقيقت جي روپ ۾ موجود آهن، جنهن کي ڪو ئي مٽائي نه ٿو سگھي. رئيس علي نواز خان انڙ، گھڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هيو، هو هڪ ئي وقت زرعي ماهر، سنڌ جو ناميارو آبادگار، سياستدان ۽ سماج سڌارڪ پڻ رهيو، عوامي سياست ۾ سندس کوڙ سارو حصو شامل رهيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ عوام جي بهتر مستقبل جي حفاظت لاءِ اهڙي فوج تيار ڪئي، جيڪا ڪنهن به محاذ تي ڪڏهن به شڪست نه ٿي کائي سگھي، جنهن جي جھلڪ سياست نامي جي مصنف نظام الملڪ طوسيءَ جي هن مشهور واقعي ۾ پسي سگھجي ٿي. ”هو سلطان وٽ وزيراعظم هيو ۽ مشهور شاعر عمر خيام جو دوست هيو. سلطان هن کي ڪجھ پئسا ڏنا ته فوج ڀرتي ڪر، پر هن اها سڄي رقم مڪتبن تي خرچ ڪري ڇڏي، جڏهن سلطان کي اها خبر ملي ته هن ٻيهر نظام الملڪ طوسيءَ کي گھرايو بنا ڪنهن پڇا ڳڇا ڪرڻ جي ٻيهر کيس پئسا ڏئي چيو ته فوج ڀرتي ڪر، نظام الملڪ طوسيءَ ٻيهر ساڳئي ڪار ڪئي ۽ اهو سمورو پئسو مڪتبن کولڻ تي خرچ ڪري ڇڏيائين، هاڻ سلطان کي ڪاوڙ لڳي، هن وزيراعظم کي گھرائي ان جو سبب پڇيائين نظام الملڪ طوسيءَ جيڪو جواب سلطان کي ڏنو اهو تاريخ ۾ سنهري اکرن ۾ لکيل آهي. هن چيو ته: ”سلطان! هيءَ جيڪا اڻ پڙهيل جاهل فوج آهي مان ان کان بهتر فوج پڙهيل ۽ عالم فوج ٺاهي رهيو آهيان. اها فوج، هن جاهل فوج کان بهتر طريقي سان تنهنجي سلطنت جو دفاع ڪندي.“ هن شخص جي زندگيءَ جو هڪ حصو اهڙي فوج تيار ڪرڻ ۾ گذريو آهي پر، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جڏهن سندس اميدن جو ميوو پچي راس ٿيو ته پاڻ هن دنيا ۾ نه رهيا. سنڌ جي ڪنهن علائقي ۾ ورلي ڪو وڏيرو، رئيس ائين هوندو جيئن هي شخص هيو. سماج جي تبديليءَ ۾ سندس زندگي هڪ نمونو هئي.رئيس علي نواز خان انڙ، پنهنجي تاريخ جو تمام وڏو ماڻهو هيو. هن علم، ادب، ڏاهپ ۽ صحت، پکين ۽ جانورن جي واڌ ويجھ لاءِ، بنا ڪنهن معاوضي جي لکن روپين جي زمين ادارن کي وقف ڪئي. جنهن جا سندس خاندان کان مليل تفصيل ڪجھ هن ريت آهن. گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول (هاسٽل) لاءِ مين روڊ جي ساڄي پاسي تي ڏنل ۸ ايڪڙ زرعي زمين، گرلزهاءِ اسڪول ۽ گرلز پرائمري اسڪول لاءِ (وچ شهر ۾) مليل ۴ ايڪڙن تي مشتمل پلاٽ، ايڌي سينٽر، پولٽري فارم ۽ ايگريڪلچر آفيسن لاءِ نيشنل هاءِ ويز تي زرعي زمين ۲ ايڪڙ، ان جي سامهون ئي رورل هيلٿ سينٽر لاءِ زرعي زمين ۴ ايڪڙ، ڪميونٽي سينٽر لاءِ ۲ ايڪڙ، علي نواز گرلز اسڪول لاءِ ۲ ايڪڙ، عورتن جي دستڪاري اسڪول ۽ شهر جي ۴ عدد پرائمري اسڪولن، ٽيلي فون ايڪس چئنج ۽ ٽائون ڪاميٽيءَ جي آفيسن لاءِ به سندس ئي زمين وقف ٿيل آهي. ان کان علاوه عوام جي تفريح ۽ تراوت خاطر جوڙايل ناز باغ جيڪو ۶ ايڪڙن ۽ سفاري پارڪ جتي پکي ۽ جانور رکيل آهن، اهو ۶۰ ايڪڙن تي مشتمل، بنا ٽڪيٽ ڏسڻ وٽان آهي. نور ماڊل وليج ۽ وچ شهر مان گذرندڙ ’ون وي‘ روڊ منظور ڪرائڻ ۾ به سندس ئي ڪاوشون شامل آهن. عوام جي ڀلي خاطر وقف ڪيل زمينن تي قائم ٿيل سرڪاري ادارن مان عوام ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيو آهي.
سنڌ جي اڪثر علاقن ۾ وڏيرن پاران وقف ڪيل اسڪولن ۽ اسپتالن لاءِ زمينن تي تعمير ٿيل عمارتن ۾ سندن اَن، بُههَ ۽ ڀاڻ جا ڀانڊا، ته ڪٿي ڪمدارن جون اوطاقون بڻيل آهن. هي وڏيرو اهڙي سوچ جي ابتڙ رهيو. شايد ته استاد بخاريءَ به علي نواز انڙ جهڙن ڪردارن لاءِ ئي چيو هيو ته:
مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
جو قوم جيئاري، اهو جيئندو رهندو.
علي نواز خان انڙ، جي گھاريل مثالي زندگي سماجي تبديليءَ جي تاريخ جو هڪ باب آهي، جيڪو سنڌ جي ٻين رئيس ۽ وڏيرن لاءِ هڪ مثال بڻيل آهي، جيڪڏهن سنڌ جا سڀ رئيس، علي نواز خان انڙ جيان بڻجي پون ته، سنڌ جا ڳوٺ واهڻ ۽ وسنديون ساڃهه ۽ شعور جي سگھ سان خوشحال ٿي ٻهڪي پون. استاد بخاري چواڻي ته:
جھنگ جھر ۾ روشنيون اڀري پون،
بر پٽ ۾ زندگيون اسري پون،
ماڻجن جيئري ئي جڳ ۾ جنتون،
سنڌ تنهنجا ڳوٺ جي سڌري پون.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته سندس حياتيءَ ۾ هن شهر، چوڪن ۽ چوراهن تي ڪڏهن به گندگيءَ جا ڍير لڳل ۽ ان مٿان مکين ۽ مڇرن جا ميڙ، ميلا متل نه ڏٺا. مين روڊ تان گذرندڙ تيز رفتار گاڏين جي حادثن ۾ مرد، عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي گاڏين سان ٽڪرجڻ ڪري روڊ تي تڙپندي نه ڏٺو ...! هڪ ڀيري صدر ايوب خان کي شهر جي شاهي بازار گھمائڻ لاءِ وٺي آيو ته، اهو به هن شهر جي صفائيءَ جو نظام ڏسي حيران ٿي ويو. رئيس علي نواز خان انڙ، پنهنجي حياتيءَ ۾ جيڪي به سماجي ڀلائيءَ جا ڪم ڪرايا، اهي بنا ڪنهن لالچ ۽ تختين جي ڪرايا،  پاڻ جن ادارن کي قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ورتائين، اهي ادارا اڄ به عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، جتان هن علائقي جو غريب عوام بنا ڪنهن سفارش جي فائدو حاصل ڪري رهيو آهي. رئيس علي نواز خان انڙ پنهنجي ڪردار جي ڪري هميشه تاريخ ۾ زندهه رهندو.


رئيس علي نواز انڙ
ذڪر سنڌ جي شاھجھان باغبان جو
نصير مرزا
مون ڪن سرلا ڪيا ته ڀرسان ايندڙ اهي بيقرار بلبلين جا آواز هئا، جيڪي پاڻ ڏانهن سڏي رهيا هئا مونکي. اگرچه صرف ٿوري وقت لاءِ ئي انهيءَ بس اسٽاپ لڳ آئون ترسيو هوس، سو اتاولائي مان بلبلين جي آوازن ڏانهن ڏيان ڏيندي، نگاهه جو مون مٿي کنئي ته ڇا ڏسان، سامهون دروازي جي ڪمان مثل اڌ گول مٿان وڏن وڏن اکرن ۾ لکيل هو، ”ناز باغ قاضي احمد“. تڏهن اوچتو ياد آيم، ڪيئي ورهيه اڳ، ڪمشنر سکر شفيق احمد مهيسر جي ڏاڏا سائين، غلام محمد مهيسر جي عرس لاءِ ڪمال ديري ڏانهن ويندي، نفيس احمد شيخ تي زور ڀرڻ تي اڻ ڪوٺيو ئي سهي، ان باغ ۾ آئون هليو ويو هوس ۽ اندر باغ ۾ ڇا ته گل گلزاريون هيون. هر پاسي سرينهن، نمن ۽ انبن جا هڳاءُ ڀريا وڻ، جن جي ٽارين تي رنگ رنگ جا پکيئڙا، بلبليون، ڪٻريون ۽ ڳيرا پنهنجي پنهنجي لات لنوڻ ۾ مست مگن. الائي ڪنهن اطلاع ڏنو ان هستيءَ کي، جيڪو سنڌ جي ان واحد پرائيويٽ پبلڪ پارڪ جو دياوان ديالو باغبان هو ۽ جنهن جو نالو هو رئيس علي نواز انڙ. ڇا ڏسان سامهون راهداريءَ  تان اسان جي آڌرڀاءُ لاِ ويجها ايندا پيا وڃن. ڀانئيان ٿو اهو ناشاد جو ڪرشمو هو، جنهن ڳجهه ڳوهه ۾ پنهنجي متوقع آمد جو اطلاع ڪو اڳي ئي کين ڏيئي ڇڏيو هو. بدن بيهڪ سندن مناسب هئي. تڏهن ناز باغ ۾ جيڪا سنڌي طرز تعمير واري اوطاق، جنهن کي پاڻ لانڍي پئي سڏيائون، اتي ڪيڏو نه پرتڪلف ضيافت جو انتظام رکيو هئائون اسان لاءِ پر اها ته ڪيئي ورهيه پراڻي ڳالهه مون هتي لکي، جيڪا منهنجي حافظي مان گم ئي ته ٿي وئي هئي ۽ اجهو هاڻي هڪ دفعو ٻيهر ناز باغ جي در وٽ وڃي بيٺس ته هڪ پاسي ڪنُڊ سان ڪنهن گلفروش جو هٽ هو، جنهن جو مالڪ گلاب جي گلن تي پاڻي ڇڻڪاري رهيو هو ۽ جنهن جا ڪجهه ڪامي ڪنهن گهوٽ جي ڪار کي گلن سان سينگاري رهيا هئا ته ڪي ٻيا مزدور وري ڪنهن مرحوم جي مڙهه لاءِ گلن جي چادر تيار ڪري رهيا هئا، پر ناز باغ جي در سامهون پٽ تي دونهين دُکائي ويٺل هي ’قلعي گر‘ به ته اوچتو منهنجي دلچسپي جو سبب بڻجي ويو هو. هڪ هٿ ۾ ٽامي جو گرو ميرو ٿانءُ، ان تي چاندي رنگ، ڪيميڪل رڳڙي مٿان نوشادر ٻُرڪي، موئي سان مهٽڙو ٿي ڏنائينس ته اهو ’مَر- هاڻو‘ ٿانءُ، اک ڇنڀ ۾ ’چم چم‘! تڏهن دل ۾ ”هئه ڙي رنگي تنهنجا رنگ“ چوندو ۽ در وٽان ورتل کٽڙيون مٺڙيون نارنگيون ڇلندو کائيندو ناز باغ ۾ داخل ٿي ويس.
ورهين پڄاڻان، باغ ۾ قدم جو رکيم ته ڇا ڏسان، اها ئي سنگ مرمر واري شاندار قديم مسجد پاڪ، جنهن جي صحن مبارڪ ۾ ڪيئي ڳوٺاڻا شلوار يا گوڏ قميص ۾ مٿي تي سنڌي ٽوپي پائي، ڪلهي تي پوتڙو رکي ظهر واري نماز پڙهڻ ۾ مصروف. ناز باغ جيئن ته بس اسٽاپ سان لڳو لڳ هو، ان ڪري ڪيترا ٻار ۽ خواتين شايد سواريءَ جي انتظار ۾ باغ جي ڇٻر تي پوتڙا وڇائي آرامي هئا. ڪنهن ڪنهن وڻ جي هيٺان ڪي شاگرد به ته مونکي مطالعي ۾ مصروف نظر آيا. هاڻي اتان اڳتي وڌيس ته ڇا ڏسان هڪڙو ٻيو دروازو. نگاهه مٿي کنيم ته ڏٺم، ان تي لکيل هو، ”باب مخدوم سائين محمد زمان طالب الموليٰ“. انهيءَ دروازي مان اندر داخل ٿيس ته ناز باغ جو اندريو منظر صفا اهڙو، جهڙو لاهور وارو شالامار باغ. وچ وچ راهداري ۽ پاسن کان چمن چمن، ڪلي ڪلي، گل ئي گل. تڏهن راهداريءَ تي پسار ڪندي، اڳيان وڌندي منهنجي ته چپن تي بيدل سائينءَ جي ڪافيءَ جا هي ٻول ”هر جا گُل گلزاريون، وهه وا.... چلو ري سيان چرچا ويکين...“ راهداري تان اڳتي ويندي دل ۾ چوان ٿو، جيڪو به جوان ان تان لنگهندو پڪ سان سمجهندو، آئون شهزادو سليم آهيان. حُسن اتفاق سمجهو ته مون به پاڻ کي شهزادو سليم ئي سمجهيو هو پر پوڙهو شهزاد سليم پر هي ناز باغ جي رنگا رنگي گلن ۽ خاص ڪري گلاب جي گلن ۾ ايتري ته ايڏي تيز خوشبو ڇو هئي؟ تڏهن باغ جي مالهيءَ ٻڌايو، بيشڪ اسلام آباد کان لاهور، ڪراچيءَ جي سرڪاري پبلڪ پارڪن ۾ طرحين طرحين جا رنگين گل، پر اهي سڀ ته ولايتي آهن ۽ جن جا رنگ ته چوکا چوکا پر منجهن خوشبو بنهه ندارد. پوءِ ٻُڌائڻ ٿو لڳي، گلاب جا گُل، سنڌ ۾ ڪي تبت چپن مان ۽ ڪي ڪوهه ڪاف مان به هتي پهتا هئا. انهن کي جڏهن سنڌوءَ جو پاڻي ۽ هتان جي خوشبودار مٽي نصيب ٿي ته انهن جي مهڪ ئي دوبالا ٿي وئي. پوءِ ٻڌائڻ لڳو، سنڌ ۾ گلابن جا هونئن ته سوين رنگ ۽ قسم آهن پر سنڌ جي ”سدا گلاب“ جي سُڳنڌ تي ڳالهه ختم.
اڳتي وڌيس ته نمن جي گهاٽن چهچ ساون ڏارن تي ڳاڙهين چُهنبن ۽ ساون کنڀن سان طوطن جا ڪٽڪ... يقين ڪريو، ڪنهن هڪ هنڌ ۽ ايترا طوطا مون ته زندگي ۾ ڪڏهن به نه ڏٺا هئا. لڳو اهي طوطا ساري ناز باغ کي ڄڻ کنڀن تي کنيو بيٺا هئا. راهداريءَ جي انت تي هڪڙو نئون چوڪور باغ هو، جنهن جي وچ ۾ هڪ اسٽينڊ اڀو هو، جنهن جي چوطرف گولائي ۾ ڇڄهرو هو ۽ ان جي چوگرد وري ڪاٺ جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڪبوترن جون کُڏيون هيون. هاڻي ڇڄهري جي ڪٽهڙي تي ڇا ڏسان.. اڇا اڇا ۽ ڪاسني ڪبوتر جوڙا جوڙا ٿي ائين، جيئن ڌرتي سج جي چوطرف ڦري ٿي. ”ڳٽرڪون ڳٽرڪون“ ڪري هڪ ٻئي جي چوطرف کان ڦرندا نظر آيا. اهڙا ڪبوتر، جن جون ماديون اندر آنن تي هيون، اهي وري نوخيز ڪبوترين جي چوطرف ٺڙڪ هڻڻ ۾ مصروف هئا. باغ جي ان حصي ۾ ڊيل ۽ مور به ته پسار ڪندي نظر آيا. تڏهن مون هر وقت ڪجهه نه ڪجهه جهونگاريندڙ قلمڪار جي چپن تي اوچتو آيو، ”راڻا راڻا مور ڀلي ٿو ٽلي....“ مالهي ٻُڌائي ٿو، سنڌي  فلم ”ممتا“ جا ڪي گيت، هيرو مشتاق چنگيزي ۽ هيروئن ريٽا تي جڏهن پڪچرائيز پئي ٿيا ته ناز باغ جي اندر جيترا به ڏينهن شوٽنگ ٿي پئي، چوطرف کان ماڻهو ڏسندا ۽ خوش ٿيندا رهيا.
ناز باغ جي هن باغ بهار چوڪ جي ڀرسان، بلڪه ائين چوان ته محل نما هي ڇا ته خوبصورت عمارت! اصل ۾ اها ئي ته اوطاق هئي، جنهن کي رئيس علي نواز انڙ صاحب ”لانڍيءَ“ جو نالو ڏنو هو ۽ جنهن جي ديوارن تي بوگن ويلا جون گلن سان ڀريل ٽاريون ائين پئي لڳيون، ڄڻ شهزاديون آرام فرمائي رهيون آهن. لانڍيءَ جي وچ اڱڻ ۾ جيڪو سرينهن نما وڻ هو، اهو ته ڄڻ لانڍيءَ اندر محفل جو مور وڻ پئي لڳو. تڏهن ان وڻ وٽ پهچي ان لانڍيءَ ۽ ناز باغ جي باغبان رئيس علي نواز انڙ کي مون آواز ڏنو، تڏهن در و ديوار مان هي اداس آواز آيو، ”اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين“. خبر پئي سنڌي طرز تعمير جي اعليٰ نموني ۽ هن اوطاق لانڍيءَ جي دور حاضر جا وارث هاڻي رئيس علي نواز جا فرزند آهن. رئيس شوڪت علي انڙ، رئيس ذوالفقار علي انڙ ۽ رئيس آفتاب علي انڙ. ڪنهن وقت رئيس علي نواز بابت جيڪو يادگار ڪتاب شايع ٿيو هو ”اچي بوءِ بهار جي“، اهو ناشاد صاحب وٽان تحفي طور به ته مليو هئم ۽ ان ۾ هن شاندار باغ بابت هي ڇا ته دل وڻندڙ سٽ مون پڙهي هئي: ”ناز پرور ساڻ گهمجي ناز باغ“. هيءَ ڳالهه به ته ان ئي ڪتاب ۾ پڙهي هئم ته ناز باغ، لانڍي اوطاق ۽ قاضي احمد ۾ هاءِ اسڪول جي شاندار عمارت تعمير ڪرائڻ تي رئيس علي نواز کي سنڌ جو شاهجهان به ته ڪري سڏيو ويندو هو. تڏهن سنڌ ۾ چوطرف نظر ڦيري سنڌ جي جاگيردار دبنگ وڏيرن، دياوان ديالو مڙسن ۽ هڪ کان هڪ سياستڪار کي ذهن ۾ مون آندو ۽ پاڻ کان سوال ڪيو هو، رئيس علي نواز انڙ جهڙي اهل دل انسان کانسواءِ ڪو ٻيو باذوق وڏيرو به هئو ڇا، جنهن ناز باغ  وانگر سنڌ ۾ ڪو ٻيو اهڙو پبلڪ پارڪ ٺهرايو هجي؟ جواب آيو، ٻيو ته بابا ڪو به نه! تڏهن باغ جو مالهي ٻُڌائي ٿو، ڪيترا ورهيه اڳي رئيس علي نواز انڙ جڏهن وصال ڪيو ته سندن مڙهه کي لانڍيءَ ۾ عام ديدار لاءِ آڻي رکيو ويو هو ۽ پوءِ مسجد پاڪ جي اڳيان هزارين ڪانڌين جنازي نماز ادا ڪئي هئي، تنهن بعد وصيت مطابق، کين ناز باغ ۾ پنهنجي مٺي امڙ جي ويجهو ئي سپرد خاڪ ڪيو ويو هو. هاڻي ان طرف به ويس ته ڇا ڏسان، لان ۾ ڪنڊ سان ٻه ڪچيون قبرون هيون، جن جي مٿان ريشمي سائي ڇٻر ائين وڇايل هئي، جيئن ڪنهن درگاهه ۾ اولياءَ جي مزار مٿان عقيدت وارو معطر پڙ پيل نظر ايندو آهي. سندن لحد جي ڀرسان ڪي گهڙيون وڃي ويٺس ته ڪتاب ”اچي بوءِ بهار جي“ ۾ پنهنجي باري ۾ چيل سندن ڪيئي نقشا ۽ گفتا منهنجي ذهن ۾ گونجڻ لڳا. ”مون هميشه پاڻ کي ڪمتر سمجهيو، جواني کان پيريءَ تائين ڪم ڪرڻ جو عادي رهيس، پنهنجي تر ۾ باغ، اسڪول ۽ اسپتال قائم ڪرڻ کي پنهنجو فرض ڄاتم، مون هميشه سوچيو، جيڪڏهن ڪنهن جي خدمت ڪجي ته سچي نيت سان ڪجي، بي لوث ۽ بي غرض ٿي ڪجي، انشاءَ الله اهو وقت جلد ايندو، جو هن علائقي جو ننڍو وڏو علم جي زيور سان سينگاريل هوندو.“ تڏهن هي وچئين جو وقت هو جو، سنڌ جي هن سنڌ سينگار ۽ قاضي احمد جي هن شاندار شخصيت رئيس علي نواز جي تربت وٽان اُٿي ناز باغ مان روانو پئي ٿيس ته، لانڍيءَ واري باغ جي وڻ، جهولن ۾ جُهولندڙ جهرڪين جي چرٻر، چبوتري مٿان چهڪندڙ ڪبوترن، ڪٻرين جي لاتين، ڳيرن جي گهوگهو ۽ گلاب گلن جي ٽارين تي بود ۾ ڀرجي ٻوليندڙ بُلبلين جا رنگ رنگيلا ۽ سُريلا آواز پري پري تائين منهنجو پيڇو ڪندا آيا.



الحاج رئيس علي نواز خان انڙ

”ناز باغ“ جو مالڪ

مومن جوڻو

رئيس الحاج علي نواز خان انڙ، سن ۱۹۲۲ع ڌاري، قاضي احمد جي انڙ گهراڻي ۾، رئيس ولي محمد خان انڙ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي والد بزرگوار جي نظرداريءَ هيٺ، ديني ۽ مدرسي جي تعليم حاصل ڪيائين. رئيس علي نواز خان انڙ جي شخصيت، پنهنجي وجود ۾ گهڻ پاسائي شخصيت آهي. کيس زمينداري ته ورثي ۾ ملي هئي، تنهنڪري زراعت سان سندس محبت ۽ محنت شامل هئي. ان ڪري کيس پوري سنڌ ۾ زرعي ماهر طور سڃاتو ويندو هيو. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي زمين جو ڪافي حصو، جنهن تي زرعي فارم، سفاري پارڪ ۽ قاضي احمد شهر جي سونهن ناز باغ قائم آهن. آرٽ جو فن به کيس قدرت طرفان ڏات ۾ عطا ٿيو. سندن نظر ايڏي تيز ھئي جو هڪ دم اهو محسوس ڪري وٺندا هئا، ته هڪ شيءِ ڦڏي/ٽيڙي آهي يا سڌي.

زراعت ۾ نوان نوان تجربا متعارف ڪرايائين. سال ۱۹۶۵ع ۾، آمريڪا گورنمينٽ جي هڪ پروگرام تحت، پاڪستاني وفد سان گڏ ويا ۽ واپس اچي آمريڪا جا زرعي سسٽم متعارف ڪرايائين.

رئيس علي نواز خان انڙ، قدرت ۽ فطرت جي سونهن جو عاشق هيو. سندس پاران جوڙايل ناز باغ، جنهن ۾ قسمين قسمين گل فطرت جو حسين منظر پيش ڪندا رهندا آهن. ناز باغ جي اندر جوڙايل مسجد به هن دور جي شاھڪارن مان هڪ آهي. اڄ به پري پري کان ماڻهو ناز باغ ۽ مسجد گهمڻ لاءِ ايندا آهن.

کيس عمارتن جي اڏاوتن جي فن سان پڻ دلچسپي هئي. سندس باغ ۾ ٺهيل مخدوم طالب الموليٰ لانڍي به ڏسڻ وٽان آهي ۽ ان اندر لڳل تصويرون به هڪ يادگار ماضي آهن، جيڪي هر ڏسندڙ ماڻهو کي پاڻ ڏانهن متوجھه ڪن ٿيون.

رئيس علي نواز خان انڙ سياست جي شروعات پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي شروع ڪري ڇڏي هئي، پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سياست جي ميدان ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻيائين.

سڀ کان پهريائين هن ننڍڙي شهر شهر قاضي احمد کي يونين ڪائونسل جو درجو ڏياريو ۽ پاڻ انجو پهريون چيئرمين مقرر ٿيو ۽ پوءِ ٽائون ڪميٽي جو درجو ڏياري چيئرمين ٿيو، ۽ شهر کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندو رهيو.

حاجي علي نواز خان انڙ ۱۹۷۱ع ۾ ملڪي اليڪشن ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ حصو ورتو ۽ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو MPA چونڊجڻ بعد پ پ پ جي چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ٽڪيٽ تي هڪ دفعو وري MPA جي سيٽ تي سوڀارو ٿيو.

رئيس علي نواز خان انڙ جنهن جي سروري جماعت (هالا شريف) سان آهي وٽ ڪيترا ئي سياسي، سماجي، مذهبي رهنما ۽ ذاتي دوست زميندار اڪثر مهمان ٿي ايندا هيا جيڪي سندس پاران جوڙايل عمارتون ۽ ناز باغ ۽ ان ۾ اندر بيهاريل جانور ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندا هيا، جن جون يادگار تصويريون اڄ به مخدوم طالب الموليٰ لانڍي جون سونهن بڻيل آهن انهن ۾ حضرت قبله مخدوم محمد زمان (طالب الموليٰ)، حضرت پير حاجي فيض محمد نقشبندي) (پير آف لواري شريف) قبله مخدوم امين فهيم صاحب، پير صاحب پاڳارو، سردار غلام محمد مهر، سردار واحد بخش سرڪي، احمد ميان سومرو، سائين محمد علي شاھ درٻيلو، سيد حسن بخش شاھ، فيلڊ مارشل محمد ايوب خان، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، ميان محمد نواز شريف، غلام مصطفيٰ جتوئي، سيد بشير احمد شاھ، سيد ظفر علي شاھ، ارباب غلام رحيم، رئيس غلام مجتبيٰ خان جتوئي. ڊاڪٽر سهراب سرڪي، ڄام صادق علي، شاھنواز خان جوڻيجو، سردار خان محمد ڏاهري، ۽ ٻيا ملڪ جا ڪيترائي نالي وارا سياستدان ۽ صحافي شامل آهن.

حاجي علي نواز خان انڙ جتي سياست ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايو اتي علمي ادبي خدمتن ۾ پڻ خوب نڀايو، تعليم جي ميدان ۾ گرلس هاءِ اسڪول، پرائمري اسڪول، بوائز هائير سيڪنڊري اسڪول، تعلقه اسپتال، جانورن جي اسپتال، وغيره جا پلاٽ ڏئي، ڪوششون وٺي قاضي احمد شهر جي لاءِ سهولتون مُهيا ڪيون، جڏهن ته روڊ رستن جي حوالي سان پڻ هن شهر کي سهولتن سان آراسته ڪيو، سندس پاران تعمير ٿيل (ناز باغ) جنهن کي سنڌ جو شالامار باغ سڏيو وڃي ٿو اڄ به تفريح ڪندڙن جي لاءِ باعث سڪون بڻيل آهي.

رئيس علي نواز خان انڙ پنهنجي ذات ۾ دين دار ماڻهو هو، مختلف وقتن تي ديني پروگرامن جو انعقاد ڪرائيندو هيو ۽ باغ اندر مسجد ۽ ان سان گڏوگڏ مدرسه قائم ڪرڻ ۾ به سندس ڪردار آهي. ان مدرسي سان گڏ لائبريري جو قيام پڻ عمل ۾ آندائين، ۱۹۸۶ع ۾ ڪعبت الله جو پيش امام پڻ قاضي احمد ۾ رئيس علي نواز خان انڙ جو مهمان بڻيو.

اهڙي طرح هن الله لوڪ ۽ شريف النفس انسان ۸۴ سالن جي عمر ۾ ۳۱ آگسٽ ۲۰۰۶ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو- سندس ڪيل خدمتون، سنڌ وارن لاءِ ساراھ جوڳيون آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا