رئيس علي نواز انڙ
غريبن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ
مولائي ملاح
ماڻهوءَ کي جڏهن دولت جو نشو چڙهندو آهي، ته اهو پنهنجي اوڙي
پاڙي کان وٺي سڄو تر تپائي ڇڏيندو آهي ۽ ڪنهن به مسڪين ماڻهوءَ جو احساس نه ڪندو آهي.
اهو به جيڪڏهن ڪو وڏيرڪو ٻار هجي پوءِ ته ڇٽيون ڳالهون ..! سنڌ ۾ اسان کي سونن چمچن سان کاڌو کائڻ وارا اهڙا ڪيترا ئي
وڏيرا ۽ امير ڪبير ملندا جن جا شوق اهڙا رهيا آهن، جن جي شوق جو ٻارڻ غريب عوام جون
زندگيون رهيون آهن. اهڙن وڏيرن جا شوق ۽ شڪار به پنهنجي مزاج مطابق رهيا آهن، سندن
جيئڻ جو مقصد به ڪنهن کي آزارڻ ئي رهيو آهي. وڏيرڪي سماج ۾ اوڙي پاڙي جي غريب تي دل
کولي سخاوت ڪرڻ جهڙا تمام گھٽ ماڻهو ملندا، پر اهڙا انسان دوست وڏيرا آهن ضرور، جن
جي ڪري هن جڳ جو چرخو هلي پيو. شاهه چواڻي ته: ”اڃا ڪي آهين ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي“ اهڙن انسان
دوست شخصيتن مان قاضي احمد جي هردل عزيز شخصيت الحاج رئيس علي نواز خان انڙ به هڪ هيو،
جنهن اجتماعي طور تي غريب عوام جو مستقبل سنوارڻ لاءِ پنهنجي ذاتي ملڪيت وقف ڪري ادارا
قائم ڪيا.
