; سنڌي شخصيتون: May 2020

31 May, 2020

مولانا الحاج علامہ خادم حسين جتوئي رح


مولانا الحاج علامہ خادم حسين جتوئي رح
مولانا نذير حسين جتوئي
سنڌ جي مردم خيز سرزمين اسلام ۽ اسلامي علوم و فنون جي عروج جي دؤر ۾ جيڪي علمي شخصيتون پيدا ڪيون، تاريخ شاهد آهي ته انهن جي غير معمولي علمي ڪارنامن، اَفتاءَ ۽ اجتهاد جي صلاحيتن ۽ معقول ۾ انتها درجي جي مهارت عرب ۽ عجم کان خراج تحسين حاصل ڪيو. انهن مان هر شخصيت پنهنجي پنهنجي دؤر جي برگزيده شخصيت هئي، ۽ اسلامي علوم و فنون جي هر شعبي تي آخري سنَدَ.

18 May, 2020

سيد غلام مصطفيٰ شاهه


سيد غلام مصطفيٰ شاهه
هڪ اعليٰ تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ - سئو سالا جنم ڏينهن جي مناسبت سان
پروفيسر اعجاز قريشي
ٺٽي ضلعي جي تعلقي ميرپور جي تاريخي ڳوٺ ٻنون جي پريان سيد قادر ڏني شاهه جي ڳوٺ ۾ جنم وٺندڙ سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي ڄائي ڄم کان بلڙي شاهه عبدالڪريم جي پاڙيسري هجڻ جو شرف نصيب ٿيو. سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪنهن رسمي رفرنس، يادگيريءَ محتاج ڪونهي. هو هڪ گھڻ پاسائين ۽ گوناگون قسم جي هستي آهي، جنهن کي سيد غلام مصطفيٰ شاهه چيو وڃي ٿو، ايترو وڏو ماڻهو آهي جو رسمي طور جيڪڏهن چئجي ته هو پنهنجي اندر ۾ هڪ ادارو هو، ته به گهٽ ٿيندو.

15 May, 2020

اوستو ڪريم بخش - ادل سولنگي


اوستو ڪريم بخش
منهنجو جيءُ جڙي، سُپرين سوگهو ڪيو
ادل سولنگي
هيءَ زرعي سماج ۾ ”آهتي ۽  ونگاري وهنوار“ جي اوج واري زماني جي ڳالهه آهي ته مُهين جي دڙي کان ٻارهن ڪلوميٽر اتر پاسي، قديم ناري سان آباد قديم ڳوٺ محراب پور، جنهن ۾ پنهنجي دور جو وڏو عالم ۽ نظم جو وڏو شاعر مولوي غلام رسول جتوئي، ناميارو بزرگ خليفو صوبدار جتوئي ۽ مولوي لعل بخش سولنگي جهڙا شاعر پيدا ٿيا. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شهر کان ۲۵ ڪلوميٽر ۽ ڏوڪري کان ۵ ڪلوميٽر، حيدر بخش جتوئي ريلوي اسٽيشن ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو زرعي ڪاليج جي ڀرسان انبن ۽ زيتونن جي باغن وچ ۾ آباد آهي. جنهن ڳوٺ جي هر هڪ گهر جي اڱڻ ۾ قديم نمن جا وڻ، ڇپر ۽ ڇانو ڪيو بيٺا هوندا هئا. پرين جي پار جهڙي هن ڳوٺ ۾ ڪنڀر، لوهار، واڍا، زميندار، ڀوتار ۽ سوين ڏاڍا به رهندا هئا، جتي عيدون، هوليون، ڏياريون، ويساکيون ۽ ٿڌڙيون، گڏ ملهايون وينديون هيون. آرهڙ جا ڏينهن ۽ سياري جون راتيون گڏجي گهاريون وينديون هيون. جنهن ڳوٺ ۾ ڪئي، ويڄ، طبيب، بزرگ، درويش، عالم، اڪابر، عاشق ۽ شاعر رهندا هئا. محرابپور ڳوٺ جي چڱاين، مٺاين، نيڪين، سٺاين، راندين، روندين، واپارن، هنرن، عالمن ۽ اديبن جون ڳالهيون ٿينديون رهنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ماضيءَ جون ڏکوئيندڙ ڳالهيون ته وري ڪڏهن اُتساهيندڙ ڪردارن جا قصا ماضيءَ مان اُڀري حال جي منظر ۾ ڏيک ڏيندا آهن ۽ انهن جو ذڪر به ٿيندو رهندو آهي. محرابپور جيڪو نه رڳو منهنجو پر منهنجي وڏڙن ۽ منهنجي ننڍڙن جو به ڳوٺ آهي. فطرت هن ڳوٺ سان اسان جو اڻ ٽٽ سڱ ڪري ڇڏيو آهي.
شاهه سائين چواڻي ته:.

موهن ديپ - نامديو تارا چنداڻي


موهن ديپ
وسري ويل اديب
نامديو تارا چنداڻي
برج موهن سان ته وري به ملاقات ۽ ٽيليفون تي رابطو ٿيو پئي، پر موهن ديپ سان ته مون ۴۰ سال پوءِ فيس بوڪ تي فرينڊ رڪوسيٽ ڪري فقط ٽيڪسٽ ميسيج ذريعي ئي وري دوستي ڪئي، البت هن جي موٽ بر وقت ۽ وڻندڙ هئي، هن بابت گوپ ڪمل اڳ ئي ٻڌايو هو ته هو هاڻ ناليرو ليکڪ آهي، مون هن جي مڌوبالا واري بايوگرافيءَ بابت نيشنل T.V تي لڳاتار ٻه ايپيسوڊ به ڏٺا هئا ۽ هن جا ليک گجراتيءَ ۾ انواد ٿي ايندا به ڏٺا هئا.

برج موهن - نامديو تارا چنداڻي

برج موهن
وسري ويل اديب
نامديو تارا چنداڻي
برج موهن ۽ موهن ديپ، ٿورو ئي سَمو اڳ وڇڙيل اَديب، هنن جي هوندي ئي وِساريل اَديب چئي سگهون ٿا.
جئن هندي ادب ۾ ڪيترا دفعا وشنو پرڀاڪر ۽ پرڀاڪر ماچوي ٻه وڏا اَديب گڏ ياد ڪيا ويندا آهن. تئن اسان برج موهن ۽ موهن ديپ کي گڏ ياد ڪري سگهون ٿا.
هو ٻئي سنڌي اَدب ۾ بهتر جڳهه حاصل ڪرڻ بعد ڄڻ سنڌي اَدبي دنيا کان پاسيرو ٿي ويا ۽ پوءِ ڪجهه سڀاويڪ طور وسرجندا به ويا. پر هُو هريش واسواڻي يا گورڌن ڀارتيءَ جيان ناراض ٿي پاسيرا ڪو نه ٿيا هئا.

14 May, 2020

موتي لال جوتواڻي


موتي لال جوتواڻي
هڪ لطيف شناس جي موڪلاڻي
تاج جويو
”ادا تاج! ڏک ڀري خبر آهي ته ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي، رات پوني ۾، پنهنجي پُٽ انيل جوتواڻيءَ جي گهر، دل جي دوري سبب ديهانت ڪري ويو آهي. سنڌ جي سڄڻن کي آگاهي ڏجو!“ صبح جو ۷  لڳي ۰ ۲  منٽ ٿيا هئا. موبائيل فون تي وينا شرنگي، دهليءَ مان ڳالهائي رهي هئي. مون کان رڙ نڪري وئي:”الا! موتي جوتواڻي به ويو! سنڌيت ۽ شاهه جا عاشق کٽندا وڃن.“ هڪدم محسن ڪڪڙائيءَ جو شعر ذهن تي تري آيو. محسن ۽ موتي، وزن ۾ برابر آهن، ان ڪري ترميم سان شعر هن ريت آهي:
ابول! ڪيڏو نه ”موتي“ فقير ماڻهو هو،
ابول! پنهنجي سنگت مان به هڪڙو يار کٽو!

13 May, 2020

غالب لطيف


غالب لطيف
(جنم: ۱۷ آڪٽوبر ۱۹۳۴ع وفات: ۲۴ مئي ۱۹۸۳ع)
بيدل مسرور
فيس بوڪ تي رکيل سڪندر بختيار متعلق لکيل خاڪو پڙهي حيدر ڀرڳڙي لکيو ته:
”بيدل سائين، جيڪب آباد ۾ اسان جو دوست غالب لطيف به سارنگ اخبار ڪڍندو هو، غالب بعد ۾ دريا خان کوسي جي مدد سان اسلام آباد ۾ ليٽرل انٽري ذريعي آفيسر لڳو، ڇا ان سان به توهان جي ڏيٺ ويٺ هئي؟“
تنهن تي مون لکيو ته:

04 May, 2020

رحمت الله ماڃوٺي


رحمت الله ماڃوٺي
ادبي رڃ جو انوکو ۽ ارڏو راهي - سالگرهه تي پيار ڀري قلمي ڀيٽا
آصف رضا موريو
رحمت الله ماڃوٺي، سنڌ جي انهن چند لکارين منجهان آهي، جن جي لکڻين ۾ حوصله افزائي، اميد ۽ پٺڀرائي جون اهڙيون شاندار قوتون متحرڪ نظر اينديون آهن، جنهن سان مايوس انسانن ۽ بگڙيل قومن جي اجتماعي سوچ بدلائي سگهجي ٿي. پر ان لاءِ شرط آهي ته ”کيس پڙهڻ وارن جو ماڻهو ۽ قوم هجڻ لازم آهي“. فقيراڻي مزاج ۽ دعائيه فطرت وارو موضوعاتي لکاري، رحمت الله ماڃوٺي، سنڌي ادب جي آسمان جو هڪ اهڙو بيدار مغز دانشور آهي جنهن جي اندر فنون لطيفه جون بي پناهه هنرمنديون سانڍيل هئڻ ڪري، ٿورڙي زندگيءَ ۾ هن گڻي انسان بيشمار زندگين جو ڪم ڪندي هر موضوعِ سخن تي تمام سٺو ۽ گهڻو لکندي، سنڌي ادبي کيتر کي پنهنجي رت ۽ ست سان اهڙا سهسين سينگار جوڙايا آهن، جو سندس نالو وقت جي عظيم تخليقڪارن ۾ جوڙيو وڃي ٿو.

قمر ڀٽي


قمر ڀٽي
اسان کيس ڏاڍو دير سان سُڃاتو
ادل سولنگي
۳۱ جنوري ۱۹۵۸ع تي باڊهه ڀرسان ڳوٺ فيض محمد کوکر ۾ محمد سليمان ڀٽيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ قمر ڀٽي بنيادي/پرائمري تعليم باڊهه مان ورتي، ۱۹۷۳ع ۾ هاءِ اسڪول باڊهه مان مئٽرڪ پاس ڪئي. ۱۹۷۵ ع ۾ لاڙڪاڻي ڊگري مان انٽر پاس ڪئي. ۱۹۸۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي اي پاس ڪئي. ڀائو قمر ڀٽي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهڻ واري زماني ۾ جساف جي پليٽ فارم تان شاگرد سياست ڪئي. جيڪو اڳتي هلي جساف جو مرڪزي صدر به رهيو.

02 May, 2020

سڪندر بختيار کوسو


سڪندر بختيار کوسو
بيدل مسرور
سڪندر بختيار کوسي جي وفات جي خبر پڙهي، فون کنيم، نمبر ملايم، مزي جي ڳالهه ته فون به سڪندر بختيار ئي کنئي. ”اڙي يار اخبار ۾ پڙهيو اٿم ته تنهنجو انتقال ٿي ويو آهي.“
”منهنجو نه شاهمراد دائودپوٽي جو انتقال ٿي ويو آهي، خبر غلط لڳي آهي.“
شاهمردا جي گذاري وڃڻ جو ٻڌي وري ٻوڏارن ۾ پئجي ويس. ڪافي دير تائين ان جي يادن ۾ گم ٿي ويس. ڇاڪاڻ ته منهنجي علمي ادبي زندگيءَ جا ابتدائي نوَ سال (۱۹۶۵ع کان ۱۹۷۳ع) جيڪب آباد ضلعي سان وابستا رهيا آهن، جن جو هڪ الڳ ۽ وڏو داستان آهي..

استاد ڪرم حسين


استاد ڪرم حسين
ھيءُ يار به ھليو ويو
نصير مرزا
ڦليلي واهه جي ڪناري نوراني بستيءَ ۾ ڇا ته پُر فضا هنڌ تي هن پنهنجي رهائش ۽ نويڪلائي ۾ رياضت لاءِ هڪ ننڍڙو آشيانو جوڙايو هو. هن جي بزرگ والده، استاد منظور علي خان جي ھمشيره امان خيرالنساءِ ۽ ٽي ڀائر ديدار حسين، محبت علي ۽ احسان علي پُراڻي لياقت پاڙي ڀرسان فردوس ڪالوني ۾ ئي رهندا هئا، جنهن کي ماڙيچه گائڪن، ميراثين ۽ گواليار گهراڻي جي گائڪن پنهنجي فن جي وديا سبب نئين سڃاڻپ ڏني ھئي، پر دور حاضر تائين ايندي ايندي هيءُ سارو علائقو ايترو ته گنجان، ڳتيل ۽ ڪثير آباديءَ ۾ تبديل ٿي ويو، جو گهٽين مان گذرو ته ساهه کڻڻ دشوار...تڏهن هن تنهائي پسند يار گهر کان وٿيرڪو ڦليلي واهه جي ڪناري پنهنجي لاءِ هي گوشهءِ آفيت وڃي آباد ڪيو. جنهن لاءِ هن سدائين چيو ”يه گهر ميرا گلشن هئه“ جتي پرهه ڦٽيءَ جو پکين ۽ خوشبوئن جي سجاڳ ٿيڻ سان هو پنهنجي ڍولڪ يا طبلي تي روزاني رياضت ڪندو ۽ پنهنجي آڱرين جي نرت تي ڦليلي ڪناري بيٺل وڻن کي جهومندي ڏسندو ۽ ڪيڏو نه خوش ٿيندو رهندو هو. مون چند ڏينهن اڳ ڏهين اپريل تي تازو پنهنجي وڇڙي ويل يار ڍولڪ نواز ڪرم حسين جي ڳالهه پئي ڪئي. جنهن جو تعلق ننڍي کنڊ جي نامي گرامي گواليار گهراڻي جي گويا خاندان سان هو. ھنن هند کان سنڌ تائين گواليار گهراڻي جي گائيڪيءَ کي نئين حياتي، نئون انداز ڏئي ڇڏيو هو. اسان جي هن ڪمهلو لاڏاڻو ڪري ويل ڪرم حسين ان ئي گواليار گهراڻي جي عظيم راڳي استاد بيبه خان جو سڳو پوٽو هو ۽ جنهن جي پڙَ ڏاڏي جو نالو هو استاد گامڻ خان. سنڌ جي بي مثل راڳ جو بي تاج بادشاهه استاد منظور علي خان، ڪرم حسين جو مامو، عظيم موسيقار استاد نياز حسين، ڪرم جو وڏو چاچو، دور حاضر ۾ ڀٽائي صاحب جي باغ جا گل ۽ وائي کي جديد ڍنگ سان ڳائيندڙ ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين اسان جي ڪرم حسين جا سڳا سئوٽ ۽ ماسات، جڏهن ته ڪرم جا ٻه ڀائر ديدار حسين ۽ محبت علي به ڪيڏا نه سٺا ۽ ڀلا راڳي، پر وڏو ماسات استاد فتح علي خان ته دور حاضر ۾ گواليار گهراڻي جو دستاربند پڳدار ۽ ڪلاسيڪل گائيڪي ۾ خانصاحب جي منصب تي فائز سمجهو.

جيجي خديجہ خانم دائود پوٽو


خديجہ خانم دائود پوٽو
سنڌ جي نامور ليکڪا!
حسن پٺاڻ
سنڌ جي نامور ليکڪا ۽ صحافي بيگم خديجہ خانم دائود پوٽي جو پورو نالو خديجه خانم بنت ڊاڪٽر شمس الدين شيخ هو. سندن والد حيدرآباد جي مشهور علمي گهراڻي جو فرد هو، جن مان ڊاڪٽر ضياء الدين شيخ هڪ ناميارو شخص ٿي گذريو آهي.
خديجہ خانم دائود پوٽو ۱۹۱۸ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس هڪ ڀيڻ عائشہ شيخ سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر رهي آهي. خديجہ خانم، سنڌ جي نامور عالم، اديب ۽ تعليمدان شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي گهر واري هئي. نامور تعليم دان عيسيٰ دائود پوٽو سندس فرزند آهي. خديجہ خانم دائود پوٽي، شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي سوانح عمري ’منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي‘ ترتيب ڏئي ڇپائي. ان کان سواءِ سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ’شاعرن جو سرتاج‘ (شاه عبداللطيف ڀٽائي) پڻ قابل ذڪر ڪتاب آهي.

فرهاد جيلاني


فرهاد جيلاني
سيد احمد علي جيلاني
فرهاد جيلاني جنهن جو اصل نالو سيد محمد علي شاهه آهي. فرهاد، سنڌ جي الستي شاعر ۽ بزرگ سيد پير تقي شاهه جي سجاده نشين سيد محرم علي شاهه جيلاني جو وڏو فرزند آهي.
سندس پيدائش ۳ اپريل، ۱۹۹۹ع جي ڏينهن صبح سوير ڏوڪري شهر ۾ ٿي.
فرهاد، ابتدائي تعليم صلاح پبلڪ هاءِ اسڪول باڊھ مان حاصل ڪئيي، مئٽرڪ ماڊل اسڪول ڪيڊٽ ڪاليج مان ڪرڻ کانپوءِ انٽرميڊيئٽ ۲۰۱۶ع ۾ سيبسٽ ڪاليج مان ڪئي.
هن وقت قائد عوام نوابشاهه ۾ سول انجنيئرنگ جي آخري سال ۾ آهي. يونيورسٽيءَ ۾ به علمي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن جون اڳواڻي ڪري رهيو آهي. هن وقت سنڌي ادبي سنگت شاخ قائد عوام نوابشاهه جو سيڪريٽري آهي. بحث مباحثي جي تنظيم قوئيسٽ ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جو صدر به آهي جتي هن ٻن سالن ۾ ٻه ميگا ايوينٽ ڪرائي چڪو آهي. ان کان علاوه غريبن ۽ مستحقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم راههِ حق چيريٽيءَ جو سپروائيزر به آهي، هن پليٽفارم تان فرهاد جيلانيءَ نوابشاهه جي آس پاس رهندڙ ماڻهن جي يونيورسٽيءَ جي ٻين دوستن سان گڏجي مدد پڻ ڪندو رهي ٿو.

قادرداد خشڪ


قادرداد خشڪ
پنھنجي ڪٿا
جنم :
منھنجو جنم ڳوٺ حاجي امدادا علي خشڪ تعلقو ڪنڊيارو ۾ ۱۹۷۲ ۾ ٿيو پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي ان کانپوء ۱۹۸۷ع ۾ مون مئٽرڪ گورنمينٽ ھاء اسڪول خانواھڻ مان ۽ ۱۹۸۹ ع ۾ انٽر ميڊيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو مان حاصل ڪئي ان کانپوءِ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام ۾ BSc ڪراپ پروٽڪيشن ڊيپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي. سن ۱۹۹۲ع ۾ سنڌ پوليس جي پاران اخبار ۾ اشتھار آيو ته ريور اينڊ ھيليري فورس جوڙي پئي وڃي، ان ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر ASI جون سيٽون آھن. مون ان ۾ فارم سميت درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. ۲۵.۱۲.۱۹۹۲ اھا تاريخ ھئي، جڏھن مون کي سنڌ پوليس ۾ ASI طور ڀرتي ڪيو ويو ان ڏينھن مان بيحد خوش ھوس ۽ مون زرعي يونيورسٽي کي خير آباد ڪيو. ان کانپوءِ ۱۵ جنوري ۱۹۹۳ تي ٽريننگ لاءِ پوليس ٽرينگ ڪاليج شھدادپور وڄڻ ٿيو جتان ۱۵ آڪٽوبر ۱۹۹۳ ۾ پاس آوٽ ٿي زندگي کي پنھنجي پيرن تي بيھاريو منھنجي پھرين پوسٽنگ ٺري ميرواھ ٿاڻي تي ٿي جيڪو ضلعي خيرپور ميرس ۾ آھي ان دوران جبلتن ۽ احساسن جي جنگ جاري رھي. ۲۰۰۵ع ۾ موٽر وي پوليس ۾ ڊپوٽيشن تي نوڪريءَ لاءِ پھريان اسلام آباد ۽ پوءِ پوري پاڪستان ۾ نوڪري ڪرڻ جو موقعو مليو جيڪو ۲۰۰۸ تائين جاري رھيو پوءِ پروموشن لاءِ واپس پنھنجي ڊيپارٽمينٽ اچڻ ٿيو مان ۲۰۰۷ ۾ سب انسپيڪٽر ۲۰۱۶ ۾ انسپيڪٽر پروموٽ ٿيس ۽ پوء مون ٻارن جي تعليم جي ڪري سن ۲۰۱۱ کان حيدرآبا رھائش اختيار ڪئي آھي.