; سنڌي شخصيتون: سڪندر بختيار کوسو

02 May, 2020

سڪندر بختيار کوسو


سڪندر بختيار کوسو
بيدل مسرور
سڪندر بختيار کوسي جي وفات جي خبر پڙهي، فون کنيم، نمبر ملايم، مزي جي ڳالهه ته فون به سڪندر بختيار ئي کنئي. ”اڙي يار اخبار ۾ پڙهيو اٿم ته تنهنجو انتقال ٿي ويو آهي.“
”منهنجو نه شاهمراد دائودپوٽي جو انتقال ٿي ويو آهي، خبر غلط لڳي آهي.“
شاهمردا جي گذاري وڃڻ جو ٻڌي وري ٻوڏارن ۾ پئجي ويس. ڪافي دير تائين ان جي يادن ۾ گم ٿي ويس. ڇاڪاڻ ته منهنجي علمي ادبي زندگيءَ جا ابتدائي نوَ سال (۱۹۶۵ع کان ۱۹۷۳ع) جيڪب آباد ضلعي سان وابستا رهيا آهن، جن جو هڪ الڳ ۽ وڏو داستان آهي..


شاهمراد دائود پوٽو رنگ جو اڇو ۽ کڙو تڙو ۽ نهايت سليقي وارو پيارو نوجوان هو، جيڪب آباد ۾ ئي پنهنجي ڀاءُ عبدالله دائود پوٽي سان گڏجي پنهنجي والد محمد اشرف دائودپوٽو عرف ”مجاهد“ جي اخبار ”مجاهد“ کي سنڀاليندو هو. ساڻس گڏجڻ جي ڪا مقرر جاءِ ڪانه هوندي هئي، ڪڏهن آتمارام واري گهٽيءَ (هاڻوڪي مسجد روڊ) ۾ لڳل سندن پريس تي ته ڪڏهن ميونسپل لئبرريءَ ۾ ڪوٺايل سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ يا وري ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي سامهون واري پريس ڪلب ۾، پر گهڻو ڪري رستي تي هلندي گڏبا هئاسين.
پر اڄ اوچتو وري فيسبوڪ تي سڪندربختيار جي تصوير سان گڏ سندس رحلت جي خبر پڙهيم ته في الحال ٻوڙٽ چڙهي ويا، ڇاڪاڻ ته گذريل سال جيڪب آباد ۾ استاد ارباب خان کوسي جي ملهايل ٽربيوٽ ۾ مون سان ٽائون هال جي ٻاهران ٿيندڙ پروگرام ۾ اچي مليو هو.
جيڪب آباد ۾ فيملي لائين ۾ اسان جي ماسڙ غلام حسين واگهي جي والد عنبير خان واگهي جو وڏو شاهي گهر هوندو هو، جتي اسان جون ٻه ڀينرون به پرڻيل هيو، انهن جي گهر کي هڪڙو پويون دروازو به هوندو هو، جتان ڊگهي گهٽيءَ جي آخر ۾ سڪندر بختيار کوسي وارن جو گهر هوندو هو، ٻاهرين وڏي روڊ جي هڪ ڪنڊ اتي ئي مرداڻي قد ڪاٺ واري سومري نالي هڪڙي بروهي خاتون جو سيڌي پاڌي جو هٽ هوندو هو، جيڪو گهڻو ڪري سڪندر بختيار جي پوڙهي والده هلائيندي هئي، ڏاڍي نماڻي مائي هوندي هئي، سنڌي گهٽ سمجهندي هئي ان ڪري هر ڳالهه تي کلندي هئي، ان کلڻي مائيءَ توڙي سڪندر يا ان جي گهر وارن جو عنبير خان واگهي وارن جي گهر گهڻو اچڻ وڃڻ هوندو هو.
ان زماني ۾ يا پوءِ به منهنجي اٽڪل نوَ سال جيڪب آباد ۾ رهڻ جي باوجود سڪندر بختيار سان گهڻي اٿ ويهه ڪانه هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته يونين ڪائونسل جي سيڪريٽريءَ واري منهنجي نوڪري هڪ جاءِ تي ڪا نه هوندي هئي، ڪڏهن حامد پور سنهڙي ته ڪڏهن ڀليڏني آباد، ڪڏهن بخشاپور ته ڪڏهن جهٽ پٽ، البت منهنجي وڏي ڀاءُ ادا ميران بخش سان سندس گهڻي گهاٽي ياري هوندي هئي. پر جڏهن جيڪب آباد شهر جي ڀرسان واري يونين ڪائونسل ۾ نوڪري لڳي ته سڪندر سان به ملاقات جهجهي ٿيندي هئي.
پاپوليشن پلاننگ جي آفيس ۾ منهنجو شڪارپور وارو دوست عبدالغني چنا به نوڪري ڪندو هو، ان ئي کاتي ۾ خدا بخش سومرو (سنڌي ڳائڻي نجف عليءَ جو والد)، محمد بخش سومرو ۽ سڪندربختيار به نوڪري ڪندا هئا، ۽ انهن جي ئي ڪوشش سان حفيظ شيخ جيڪب آباد جي مختلف آرٽس سرڪلن ۾ به اچڻ لڳو هو، جنهنجي گذارڻ کانپوءِ انهن دوستن گڏجي حفيظ آرٽ سرڪل به قائم ڪئي هئي، جنهن جي بينر هيٺ ڪجهه پروگرام به ٿيا، پر اهي گهڻو ڪري سرڪاري قسم جا هوندا هئا، جن ۾ جيڪب آباد جي ٻين فنڪارن سان گڏ خود خدا بخش سومرو ۽ سندس فرزند نجف علي به ڳائيندا هئا.
حفيظ شيخ جي گذارڻ کانپوءِ مون به ڪوشش وٺي حفيظ شيخ جون ڪهاڻيون گڏ ڪرڻ شروع ڪيون. ڪتاب جو سمورو مواد مڪمل ٿي ويو ته سائين ظفر حسن شاه وٽ ڇپائڻ لاءِ حيدرآباد پرفيڪٽ پرنٽر تائين پهچي ويس، جو ان وقت سائين ظفر شاهه ڪتابن جي وڪري جي به ايجنسي کولي هئي، پر ٿيو ايئن جو انهن ئي ڏينهن ۾ مون کي پاڪستان ٽيليويزن جي نوڪري ملي وئي ته مان ڪراچيءَ هليو آيس، ۽ ان ڪتاب جو نالو ”ساگر جي لهرن تي“ ۽ ان جو ٽائيٽل ٺهرائي جڏهن حيدر آباد پهتس ته خبر پئي ته پويان مانواري اسلم لغاريءَ مرتب جي حيثيت ۾ پنهنجي نالي ڇپائي ڇڏيو آهي. تڏهن گاڏي کاتي وڃي، هڪڙي دڪان تان حفيظ جو اهو ڪتاب خريد ڪيم.
ڪجهه سال اڳ، سڪندر بختيار کوسي حفيظ شيخ جي ان مجموعي جي گهر ڪئي ته مون کيس چيو؛
”مون وٽ هڪڙي ئي ڪاپي آهي، جيڪا پوءِ ناز سنائيءَ ڇپائي آهي.“
چوڻ لڳو: ”فوٽو اسٽيٽ ئي ڪرائي ڏي.“
هن اهڙي ته پيار ۽ پاٻوه وچان چيو جو مون کيس پنهنجي اها ڇپيل ڪاپي ۽ مسرور پبليڪيشن جا ڪجهه ڪتاب پوسٽ ذريعي موڪلي ڏنا. موٽ ۾ فون تي ٿورا به مڃيائين، هيو ته کلڻو ملڻو ماڻهو پر ان ڏينهن حفيظ شيخ جي ان مجموعي سان ٿيندڙ ادبي ڏاڍائيءَ تي ڏک جو اظهار ڪندي مون کي ڏاڍو سنجيدو لڳو هو.

No comments:

راءِ ڏيندا