; سنڌي شخصيتون: غالب لطيف

13 May, 2020

غالب لطيف


غالب لطيف
(جنم: ۱۷ آڪٽوبر ۱۹۳۴ع وفات: ۲۴ مئي ۱۹۸۳ع)
بيدل مسرور
فيس بوڪ تي رکيل سڪندر بختيار متعلق لکيل خاڪو پڙهي حيدر ڀرڳڙي لکيو ته:
”بيدل سائين، جيڪب آباد ۾ اسان جو دوست غالب لطيف به سارنگ اخبار ڪڍندو هو، غالب بعد ۾ دريا خان کوسي جي مدد سان اسلام آباد ۾ ليٽرل انٽري ذريعي آفيسر لڳو، ڇا ان سان به توهان جي ڏيٺ ويٺ هئي؟“
تنهن تي مون لکيو ته:


”غالب لطيف سان منهنجي تمام گهڻي ويجهڙائي هئي. جيڪب آباد ۾ جيئن راڳ ۾ منهنجو رهنما استاد ارباب خان کوسو هو، تيئن ادبي لائين ۾ موقعا فراهم ڪري ڏيڻ وارو غالب لطيف هو. مان سندس اخبار سارنگ جا ستئي صفحا ترتيب ڏيندو هوس، علمي، فلمي، ادبي، شاگردن، ٻارن جو صفحو سنڀاليندو هوس، ايتري قدر جو سندس همٿ افزائيءَ سبب مون اتي ”ڦلواڙي“ جي نالي سان ٻارن جي تنظيم به جوڙي هئي ۽ ان جي ڪل سنڌ ٻار ڪنوينشن جي تياري به ڪئي هئي. بهرحال تمام وڏا ۽ تمام گهڻا قصا آهن، مون پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب ۾ غالب لطيف کي پنهنجي محسنن جي فهرست ۾ رکيو آهي“
وري حيدر ڀرڳڙيءَ لکيو ته: ”غالب لطيف کي ضياءَ جي سرڪار، نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ آخري سالن ۾ تنگ هو، پوليس کيس هڪڙي غير اهم ڪيس ۾ گرفتار ڪيو، ان صدمي ۾ برين هيمريج ٿيس. ايئن ترت گذاري ويو. اسان کيس اسلام آباد جي قبرستان ۾ دفن ڪيو.“
مون کي اها خبر ته هئي ته غالب لطيف ۱۹۸۳ع ڌاري، ڪنهن حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو، پر اها خبر نه هئي ته ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق جي عتاب ۾ گذاري ويو آهي.
پر مان پنهنجي ذهن تي زور ٿو ڏيان ته مون کي ياد ٿو اچي ته مان ڊسمبر ۲۰۰۰ع دوران، پاڪستان ٽيليوزن جي هڪ ڊاڪيومينٽريءَ لاءِ اسلام آباد جو هڪ ڳوٺاڻو علائقو ڏسڻ ويو هوس، اهو علائقو ڪافي مٿانهينءَ تي هو، چاڙهيون چڙهندي هڪ هنڌ پهتس ته مون کي ڊاڪيومينٽريءَ لاءِ اهو علائقو مناسب لڳو ته موٽي وڃڻ بجاءِ کاٻي پاسي هيٺ نظر ايندڙ بازار ڏانهن لهي ويس. هيٺ افغاني ۽ ڪشميري ماڻهن جي تنبن ۽ قناطن سان تيار ڪيل بازار ۾ ڪوهه مريءَ جي دڪانن وانگر ڪجهه اوائلي ته ڪجهه ولايتي شيون ته ڪجهه پوٺوهاري ۽ ڪشميري شالون، ڪاٺيءَ جي اُڪر جو سامان، اٺ جي کل جا ٽيبل ليمپ، جنڊيءَ، ڪاشيءَ ۽ ڪپڙي مان ٺهيل پتليون، ڳوٺاڻا زيور ۽ ٻارن جا رانديڪا رکيل ڏٺم ته ڪجهه شيون پسند ڪري، خريد ڪندي اڳتي وڌندو ويس، بازار جي آخري ڇيڙي تي وري هڪ چاڙهي هئي، ان چاڙهيءَ تي اڳتي بس اسٽينڊ نظر آئي ته مٿي سڌي رستي تي چڙهي آيس، ته ڇا ڏسان ته هڪ خالي دڪان جي اڳيان ڪرسيءَ تي جيئرو جاڳندو غالب لطيف ويٺو آهي. حيران ٿيندي دل ۾ سوچيم ته هي وري هتي ڪيئن ويٺو آهي!؟
سو وڌي وڃي مليومانس.
سامهون خالي پيل ڪرسيءَ تي ويهڻ لاءِ اشارو ڪيائين ته مان ڪرسيءَ تي ته ويٺس پر هن جو جملو ٻڌي نه سگهيس جو هن نهايت جهيڻي انداز سان ڪجهه چيو پئي.
هو ڳالهائڻ وقت گهڻو ڪري چپ گهٽ کوليندو هو يا شايد ڏند ڀيڪوڙي ڳالهائيندو هو. تڏهن مان سمجهي ويس ته هو پڇي پيو ته ڪيئن آهين؟
”مان ته ٺيڪ آهيان.“ مون حيرانيءَ مان کانئس پڇيو: ”پر اوهان هتي ڪيئن؟ پويان سڀ ڪم ڪار ڇڏي هتي اچي رهيا آهيو، خير ته آهي؟“
منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ بجاءِ کلي ويٺو:
”ماڻهن جي بکيڙي کان ڀڄي هتي اچي رهيو آهيان.“
”ايئن ڪيئن ميان! جيڪب آباد ۾ روزاني سارنگ ڪڍيوَ، پريس ڪلب کي جيئاريوَ، سنڌي ادبي سنگت کي هلايوَ، ان ۾ نوَن نوَن ليکڪن جي آجيان ڪيوَ، اسٽيج تي ٽيبلو ۽ ناٽڪ پيش ڪيوَ....هارس اينڊ ڪيٽل شو دوران ڊراما، مشاعرا، مهمانن جو ن آجيائون.... گهر ٻار....“
منهنجي گفتگو دوران هو هلڪا هلڪا ٽهڪ ڏئي کلندو رهيو.
”مان هتي مزي ۾ آهيان.“
مون حيران ٿي سندس منهن ۾ نهاريو، سوچڻ لڳس ته ’يار هي جيڪب آباد ۾ نهايت مصروف ترين زندگي گذارڻ وارو شخص سڀڪجهه ڇڏي، هتي ڇو ويٺو آهي.‘
غالب لطيف، شڪارپور کان جيڪب آباد شهر ۾ گهڙڻ سان ئي، ٽڪنڊي باغ جي کاٻي پاسي ڪوئٽيا ويندڙ رستي جي مهڙ ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهندو هو، ان رستي جو شروعاتي حصو ڪامورا لائين سڏبو هو. غالب لطيف وارن جي گهر جي سامهون ميان در محمد اوستي مرحوم جو عاليشان بنگلو هوندو هو. لائين جي آخري ڇيڙي تي مرزا فيض محمد صاحب جو گهر هوندو هو، جيڪو جيڪب آباد جو نامور اثر رسوخ وارو شخص هو. قد جو ڊگهو هوندو هو، اسان جنهن عمر ۾کيس ڏٺو ته پيرن ۾ وڏي نمبر وارو چمپل پائيندو هو. سندس نياڻو ميان منظور احمد مغل هاڻي پوليس کاتي جي ڊي آءِ جي، جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو آهي، سندس هڪ فرزند ميان منصور احمد مغل به ايس ايس پي جي عهدي تي فائز آهي.
غالب لطيف جي والد ٻه شاديون ڪيون هيون، پهرين گهر واريءَ مان غالب لطيف مشهور ٿيو ته ٻي گهر واريءَ مان سندس ڀيڻ مهتاب تبسم قريشي هئي. غالب لطيف به ڪهاڻيون لکيون ته مهتاب تبسم به ڪهاڻيون لکندي هئي. پر مهتاب تبسم کي سنڌ جي ننڍي عمر واري پهرين سنڌي جج هئڻ جو اعزاز به حاصل رهيو آهي. سندن والد ڊاڪٽر آفتاب قريشي ڏندن جو ڊاڪٽر هو، سندس ڪلينڪ شڪارپور ۾ جمع خان مڏيءَ جي پنج گلي وٽ هوندي هئي. تمام بهترين لباس ۾، خاص طور اڇي پينٽ شرٽ ۾ رهندو هو، چڱو قداور شخص هوندو هو. مان جڏهن جمع خان مڏيءَ جي يونين ڪاميٽيءَ واري لئبرريءَ مان ڪتاب وٺڻ ويندو هوس ته هن سان به ٻه گهڙيون ادبي رهاڻ جو موقعو ملندو هو. تڏهن اهو ٻڌائيندو هو ته:
”منهنجا ٻار (غالب لطيف ۽ مهتاب تبسم) به ڪهاڻيون لکندا آهن.“
پر غالب لطيف سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۶۶ع ڌاري تڏهن ٿي هئي، جڏهن هو سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد شاخ جو سيڪريٽري هو. عمر ۾ مون کان اٽڪل ٻارهن تيرهن سال وڏو هو پر ننڍي قد جو ۽ ڦڙت نوجوان هو، ان ڪري ايڏو وڏو نه لڳندو هو. اونهاري سياري، پينٽ شرٽ پائيندو هو، ڪنهن سرڪاري ميٽنگ يا جلسي جلوس ۾ فل سوٽ به پائيندو هو. ڳالهائيندو گهٽ هو پر رلڻو ملڻو شخص هوندو هو، ڪاوڙ ۾ به کلي ڪاوڙ جو اظهار ڪندو هو.
مون کي ساڻس پهرين ملاقات کان وٺي، سڀئي رفاقتون ياد اچڻ لڳيون ته مون کيس چيو؛ ”توهان کي ته خير ياد نه هوندو ته مون پهرين توهان کي سارنگ اخبار جي اجراءَ تي تعريفي خط لکيو هو، جيڪو سارنگ اخبار جي ۱۹ جولاءِ ۱۹۶۶ع جي شاگردن واري صفحي ۾ ڇپيو به هو.“
هو انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي چوڻ لڳو: ”نه مون کي ياد ناهي.“
”پوءِ توهان سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ کانپوءِ مون کي پنهنجي اخبار جو شاگردن وارو صفحو سنڀالڻ لاءِ چيو هو.“
”ها اهو مون کي ياد آهي. سارنگ جا اهي هفتيوار صفحا پهرين عبدالڪريم گدائي، شعبان بخت، غلام رسول ڪلهوڙو، فتاح عابد ۽ اڪبر اديب سنڀاليندا هئا، پر توهان جي دلچسپي ڏسي انهن جي ئي چوڻ تي مون اهي سڀئي صفحا توهان جي حوالي ڪيا هئا.“
غالب لطيف هر سال لڳندڙ هارس اينڊ ڪيٽل شو ۽ زرعي صنعتي نمائش دوران نمائش ڪاميٽيءَ جو سرگرم ڪارڪن هوندو هو. مون کي ياد آهي ته هو هارس اينڊ ڪيٽل شو دوران وڏي پئماني تي سنڌي اسٽيج ڊرامن جو بندوبست ڪندو هو، جن مان، مون کي مرزا قليچ بيگ وارو مشهور ڊرامو ”انڪوائري آفيسر“ ياد آهي، جنهن ۾ اداڪاري ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ريڊيو جا ڪيترا ئي آرٽسٽ آيا هئا ۽ مون پهريون ڀيرو مصطفى قريشي صاحب کي اتي ڏٺو هو.
ڊرامو ”انڪوائري آفيسر“ ان ڪري به ياد آهي جو اهو منهنجو پڙهيل هو، اٽڪل ستر اسي صفحن جو ڪتاب هوندو هو شايد ڇپيو به ۱۹۶۶ع ۾ هو.
”مون کي ياد ٿو اچي ته اديبن ۽ فنڪارن کي ريل تان وٺي، سرڪٽ هائوس ۾ پهچائڻ جي ذميداري گهڻو ڪري قطب الدين ”تاب“ ۽ عبدالڪريم ”گدائي“ صاحب پاڻ کڻندا هئا.“
مون غالب لطيف کي مخاطب ڪيو، جنهن چانهن لاءِ دڪان ۾ ويٺل ڇوڪري کي سڏيو هو، منهنجو جملو ٻڌي هن ڇوڪري کي اشاري سان ٻن چانهين کڻي اچڻ جو چيو ۽ مون ڏانهن رخ ڪري منهنجي ڳالهه ٻڌڻ لڳو.
مون پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو: ”سو انڪوائري آفيسر ۾ اداڪاري ڪرڻ لاءِ جڏهن مصطفى قريشي ۽ روبينه قريشي حيدرآباد کان ريل رستي، جيڪب آباد اچڻا هئا ته اتفاق سان گدائي صاحب پروفيسر لجپت گانڌيءَ جي گهر واريءَ کي روبينه قريشي سمجهي، وڏو آڌرڀاءُ ڏئي پليٽ فارم کان گاڏيءَ تائين وٺي پئي آيو ته پويان پروفيسر لجپت گانڌي کيس روڪي پئي چيو:
”گدائي صاحب! هيءَ تنهنجي ڀاڀي آهي.“
گدائي صاحب خوش ٿيندي ڏانهس نهاريو، پر وري پروفيسر لجپت گانڌيءَ کيس چيو: ”گدائي صاحب هي منهنجي ڌرمپتني آهي.“
ٻه ٽي ڀيرا ته گدائي صاحب ٻڌي کيس لنوائي ڇڏيو پر پوءِ جڏهن خود سندس پتنيءَ گدائي صاحب کي چيو ته: ”مان مسز گانڌي آهيان!“
تڏهن وڃي گدائي صاحب ڍرو ٿيو.
غالب لطيف کل ۾ ٻٽجي ويو، ٿوري دير کانپوءِ کل روڪيندي چوڻ لڳو: ”اها ڳالهه اسان پاڻ ٺاهي هئيسي، گدائي صاحب سان مذاق ڪرڻ لاءِ....“
مون چيو: ”اڇا! اسان وري واقعي سچ سمجهندا هئاسي.“
غالب لطيف جيڪب آباد ۾ ڪل سنڌ سنڌي ۽ اردو مشاعرا منعقد ڪرائيندو هو. خاص طور ڪراچيءَ مان آيل شاعرن مان تنوير عباسي، بلاول پرديسي، تاج بلوچ، راز ناٿن شاهي ۽ الطاف عباسيءَ سان منهنجي ملاقات، انهن مشاعرن ذريعي ٿي هئي. ان کان علاوه انهن مشاعرن ۾ حمايت علي شاعر، شمشير الحيدري، الله بخش سرشار عقيلي، سردار علي شاه، سليم ڳاڙهوي، شفيع احمد اوج علوي، يا ڪلچرل شو جي دوران ٿيندڙ محفلِ موسيقيءَ ۾ سنڌي ڳائڻن؛ استاد محمد جمن، استاد محمد ابراهيم، روبينه قريشي، زرينه بلوچ، يا اردو ڳائڻن ۾ ميڊم اقبال بانو، ميڊم فريده خانم، سلامت علي خان، نزاڪت علي خان، مهدي حسن، سائين اختر، احمد رشدي وغيره جيڪب آباد جي بلوچي مزاج ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي هئي. وري انهن سان گڏ جيڪي سازنده ايندا هئا ته انهن کي جيڪب آباد جو شهر گهمائڻ وٺي ويندا هئاسين ته اسان به وڏي ٽانءِ سان ساڻن گڏ گهمندا هئاسين. اصل ۾ جيڪب آباد جا سڀئي امير راڳ جا شوقين هوندا هئا، ان ڪري انهن سڀني فنڪارن جي رهائش جو گهڻو بندوبست، مير سڪندر خان کوسي، مير جعفر خان جمالي، خير محمد خان پنهور، شاهنواز خان شاهلياڻي، مير افضل خان کوسي، مير سندر خان سندراڻي ۽ مير الهيار خان کوسي جي بنگلن تي هوندو هو. مير الهيار خان کوسو جيئن ته استاد ارباب خان جو ويجهو مائٽ به هو ته راڳ ۾ سندس شاگرد به هو، ان ڪري جيڪي ڳائڻا جيڪب آباد ايندا هئا ته مير الهيار خان سڀني کي پنهنجي جيپ تي ويهاري استاد ارباب خان سان ملائڻ وٺي ايندو هو. جيڪب آباد جي ان سموري ڪاڄ ۾ ضلع جون سڀئي ڪائونسلون فنڊنگ ڪنديون هيون پر ان سرڪاري خرچ کان وڌيڪ خرچ جيڪب آباد جا اهي امير ڪندا هئا جن ۾ حامد علي خان پنهور، احمد ميان سومرو، ميان درمحمد اوستو، عبدالرزاق ٿهيم، شاهنواز خان پنهور، عبدالنبي شيخ، قيصر خان واگهو، ۽ دريا خان کوسو به شامل هوندا هئا. ان کان علاوه جيڪب آباد جي ان سموري سونهن کي وڌيڪ حسين بنائڻ لاءِ جيڪب آباد جون پڙهيل لکيل عورتون به پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون هيون، خاص طور تي بيگم لياقت علي خان جي جوڙيل ”اپوا“ جي پاران ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي پويان ڪنڊرگارٽن اسڪول واري وڏي وسيع پلاٽ ۾ عورتن جو ميلو لڳندو هو، جنهن ۾ ڊاڪٽر محموده جي اڳواڻيءَ ۾ شهر جون ڪيتريون ئي پڙهيل لکيل عورتون شامل ٿينديون هيون. ان جي ڪلينڪ به ان چوراهي تي هوندي هئي، جنهن جي هڪ پاسي ڊي سي آفيس ته ٻئي پاسي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج هو، ڪلينڪ جي سامهون هڪڙو پيٽرول پمپ به هوندو هو.
غالب لطيف، مهر لطيف، گدائي صاحب، برڪت علي آزاد، ارشاد شڪيب، نگهت عارف ۽ خود سنڌي ادبي سنگت جا سڀئي ميمبر ۽ ڪيترا ئي سرڪاري ملازم انهن سمورن انتظامن ۾ جيڪب آباد جي عزت ۽ شان وڌائڻ لاءِ به اٺ ئي پهر اڳرا بيٺا هوندا هئا. انهن مشاعرن، ڊرامن ۽ موسيقيءَ جي پروگرامن لاءِ مختلف ڪاميٽيون ٺهيل هونديون هيون، جن ۾ منظور اعواڻ صاحب، منظور مغل صاحب ۽ محمد عثمان چانڊيو ۽ اسان جهڙا يونين ڪاميٽين ۽ يونين ڪائونسلن جا سيڪريٽري انهن مختلف ڪمن جي نگراني ڪندا هئا، پر زرعي صنعتي نمائش ۾ يونين ڪائونسلن جا اسٽال به لڳندا هئا، جن ۾ اسان پنهنجي پنهنجي ديهن مان رلهيون، گج، ۽ برٿ ۽ ٽُڪ جو سامان آڻي رکندا هئاسين.
ٻيو ته ڇڏيو خود هارس اينڊ ڪيٽل شو جي انهن پندرهن ڏينهن ۾ ٽائون پوليس ۽ ٽرئفڪ جو انتظام به بلي بلي ٿي ويندو هو. هر طرف پوليس وارا ايندڙ ويندڙ گاڏين کي سلام پيا ڪندا هئا. شهر کي ڪنهن خراب صورتحال کان بچائڻ لاءِ الرٽ نظر ايندا هئا.
اصل ۾ هارس اينڊ ڪيٽل شو يا ساڳئي وقت زرعي صنعتي نمائش، يا اپوا جي پاران لڳايل ميلو، پوليس جا ڪرتب، نيزي بازي، گهوڙن ۽ ڏاندن، اٺن، ٻڪرين ۽ رڍن جي پڙي به لڳندي هئي ته زميندارن جي پاليل گهوڙن ۽ ڏاندن جي گوءِ به ٿيندي هئي، پر ڏسڻ وٽان گوءَ جو اهو مقابلو هوندو هو، جيڪو زميندارن ۽ پوليس جي گهوڙن جي وچ ۾ ٿيندو هو، جنهن ۾ ان وقت جي اولهه پاڪستان جو گورنر ملڪ امير محمد خان اچي انعام ورهائيندو هو. اصل ۾ اهو سڀڪجهه جيڪب آباد ضلعي جي ماڻهن جي تفريح ۽ همٿ افزائيءَ لاءِ ڪيو ويندو هو.
ان زماني ۾ هڪ ته شهر جيڪب آباد جون رنگينيون هيون مٿان اسان جي جوانيءَ جي خوشبو هئي، جنهن جي ڪري هر شيءِ عمدي، ماڻهو وڻندڙ ۽ گهٽيون هٻڪاريل لڳنديون هيون ۽ گدائي صاحب چواڻي:
رخسار ها گلابي، لب سرخ ۽ عنابي،
اکڙيون صفا شرابي، مستانه ٽور ٽلندي،
هر درد کان بي خبر.... بي خبر.
جيڪب آباد ۾ زرعي صنعتي نمائش، هر سال ڊسمبر جي آخري ۽ جنوريءَ جي پهرئين هفتي دوران پندرهن ڏينهن جي سردين وارين موڪلن ۾ شڪارپور روڊ جي کاٻي پاسي هڪ وڏي گرائونڊ ۾ لڳندي هئي، ۽ پوليس هيڊڪوارٽر واري پاسي تمام وڏي ميدان ۾ ڏاندن ٻڪرين ۽ اٺن جي نمائش ٿيندي هئي. ايئرپورٽ واري پاسي جيڪب آباد جي وڏيرن جي گهوڙن جي ريس ٿيندي هئي ۽ فوجي سپاهي وري نيزي بازيءَ جا ڪرتب ڏيکاريندا هئا ۽ پاڻ اسلم قريشيءَ سان گڏجي ڪڏهن ريس ڏسڻ وڃبو هو ته ڪڏهن نيزي بازي، پر گهڻو شوق نمائش گهمڻ جو هوندو هو. شام ٿيندي هئي ته بدن تي اندران ڪو سئيٽر ته ٺهيو الٽو بنا گنجيءَ جي ٽيٽران جي قميص پائي، ماڻهن کي پنهنجي جواني ڏيکارڻ جي شوق ۾ سيءَ ۾ سينو تاڻي نمائش جا حسين نظارا پيا ڏسندا هئاسين.
نمائش ۾ هڪڙي پاسي وارن اسٽالن تي صرف مختلف قبيلن جي ڀرت جا نمونا، رلهين جا رنگ ۽ اٺن گهوڙن جا سنج، جنڊيءَ ۽ ڪاشيءَ جا نمونا، ته ٻئي پاسي، تر ۾ ٿيندڙ هر قسم جي فصل جا ميوا، اناج ۽ ڀاڄيون رکيل هونديون هيون، ڀرسان ئي فصلن لاءِ ڪم ايندڙ جديد مشينري، رکيل هوندي هئي پر اسان جي دلچسپي انهن وڏن وڏن هنداڻن، تورين ۽ خاص طور ٽيوب ويل جي ماڊل کي هلندي ڏسڻ ۾ هوندي هئي.
نمائش ۾ ٻارن ۽ انهن جي والدين جي رش وري انهن سيهڙن، باندرن، بگهڙن، لومڙن، شينهن ۽ چراخن واري حصي ۾ هوندي هئي، جتي هڪ پاسي کان ٽڪيٽ وٺي هر ڪو اندر ٿي ويو ته ٻئي پاسي کان ٿي موٽيو، پر گهڻن ٻارن جو ضد ته اسان کي ٻيهر وٺي هلو ۽ والدين جو پرچائڻ ته بابا سڀاڻي وري اينداسي، اڃا ته هيڏي ساري نمائش پئي آهي، هلو ته اها به ته ڏسون، بهرحال ٻار ته پرچي پوندا هئا پر اسان وڏا هر هر هرکي وڃي سرڪس ۽ موت جي کوهه تي نچندڙ کدڙن جو ناچ ڏسڻ بيهندا هئاسين. انهن کدڙن جي ناچ ڏسڻ لاءِ شهر جا چڱا چڱا ماڻهو به گڏ ٿيندا هئا. اصل وڏو ميڙ هوندو هو ۽ هر ڪنهن جي دل ۾ انهن کدڙن سان ملڻ ۽ کلي ڳالهائڻ جي تمنا هوندي هئي. اسان به ڪافي لوڻا هنيا، نيٺ هڪ کدڙي سان پنهنجي به واقفيت ٿي وئي. اهو اصل سکر جو هو، قد ننڍو هوندو هوس، اردو ڳالهائيندڙ هو، چڱو ڀلو نوجوان هو. بس غربت سبب نچڻ جو پيشو اختيار ڪيو هئائين. جڏهن سرڪس جو شو شروع ٿيندو هو ته اسٽيج تي نچڻ کان واندڪائيءَ جي ڪري اسان سان گڏجي چانهن پيئندو هو.
نمائش ۾ هر جاءِ تان رڳو لائوڊ اسپيڪرن تان هوڪا، سڏ، تعريفون، ٽڪيٽ وٺو، جلدي اچو، دنيا جا اڻلڀ جانور، هاٿي ڏسو، ممتاز محل ڏسو ۽ اهڙا سوين آواز هڪ ٻئي ۾ گڏ وچڙ ٿي ميلي جو  ماحول پيا جوڙيندا هئا.
نمائش ۾ اڳي رڳو هڪڙو ٿيٽر لڳندو هو، جنهن جو مالڪ به ڪو پنجابي ٺيڪيدار هو پر مشهور عنايت حسين ڀٽيءَ جو ٿيٽر هو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ نه رڳو جيڪب آباد ضلعي جا شوقين ايندا هئا پر شڪارپور، سکر توڙي خيرپور ضلعي جا شوقين به عنايت حسين ڀٽيءَ کي ٻڌڻ ايندا هئا.
عنايت حسين ڀٽيءَ جي مشهوري سندس دلا ڀٽي فلم واري گاني، ڀاگان واليو نام جپو، مولا نام.. جي ڪري هئي، پر اسان جڏهن کيس روبرو ٻڌو ته بي اختيار چيوسي: ”ير واهه جو ڳائي پيو“، گهڻو مٿين سُرن ۾ ڳائيندو هو، ڳائيندي گهڻو ڪري سندس کاڏي نڙگهٽ سان وڃي لڳندي هئس، شايد شراب به پيئندو هو، يا اداڪاري ڪندو هو، پر ڳائيندو ڀلو هو.
شروع ۾ ته پاڻ به ٻين وانگر ٿيٽر جي ٻاهران وات پٽي ماڻهن کي ٽڪيٽ وٺي اندر ويندي پيا ڏسندا هئاسين. ٿيٽر جي ٻاهران مٿين حصي ۾ پوسٽر لڳل هوندا هئا، جن تي ٿيٽر جي فنڪارن جون تصويرون پينٽ ٿيل هونديون هيون، پر ڪڏهن ڪڏهن خود عنايت ڀٽي يا ان سان گڏ ڪا ڳائڻ واري يا نچڻ واري نوجوان ڇوڪري به اسٽيج تي اچي بيهندي هئي ۽ ماڻهن کي پنهنجو پرستار سمجهي، گهڙي کن کين ديدار ڏئي اندر هلي ويندي هئي.
نيٺ هڪ ڏينهن کيسي ۾ ڏوڪڙ کڻي اچي ٿيٽر تي پهتاسي، ۽ ٽڪيٽ وٺي وڃي اڳيان اڳيان ويٺاسين. ٿيٽر ۾ پهرين ڳائڻي جيڪا اسٽيج تي آئي، اها قداور، سانوري ۽ جوان عورت هئي، پر ڳايائين تمام ڀلو، وچ وچ ۾ هٿن سان نچڻ جون مختصر ۽ ادب واريون ادائون ٿي ڪيائين، پوءِ ٻن عورتن ڪنهن هندستاني گاني تي ٽيبلو ڪيو، جن مان هڪ کي مرداڻا ڪپڙا پاتل هئا ۽ هٿ ۾ شراب جي بوتل جهليل هئس ۽ پس منظر ۾ محمد رفيع جي گاني: ”مجهي دنيا والو شرابي نه سمجهو، مئن پيتا نهين هون پلائي گئي هئي“ تي ائڪٽنگ ڪرڻ لڳا.
پوءِ ٻه ڪچ ٻالڪ ڇوڪريون گڏجي ٽوئسٽ ڊانس ڪرڻ لاءِ آيون ته پنهنجي دماغ ۾ ڪا گهنٽي وڳي، ڇاڪاڻ ته اهو رقص مون کي نه رڳو وڻندو هو پر مان پاڻ به ڪندو هوس. ناچ جو اهو انگ نئون نئون زماني ۾ متعارف ٿيو هو، ۽ جيئن ته انڊين ڪلاسيڪي، يا پاڪستاني پنجابي فلمي توڙي پنهنجي هوجمالي کان به بنهه مختلف هو، ۽ راڪ رول کانپوءِ ٽوئسٽ ئي انگريزي فلمن ۾ پيش ٿيندو هو.
دل اڌما پئي کائي ته جيڪر پنڊال مان اٿي، اسٽيج تي وڃي انهن ڇوڪرين سان نچان، پر پوءِ به دل ڏئي ويٺس، بقول شمشيرالحيدريءَ جي مصرع جي: ”هڪڙي دل سا به ڪٿ وساري ويو.“
ابا! ڇوڪريءَ به ته صفا چريو ڪري ڇڏيو هو.
”گدائي صاحب چواڻي:
جوانيءَ اچڻ سان عجب رنگ لاتو
ٿيو روح ڪنهن سان ملڻ لاءِ آتو
اچي دل ۾ ڪنهن دلربا پير پاتو...
پوءِ ته بس ان قيد ٿي ويل دل جي تلاش ۾ صبح شام ٿيٽر جا چڪر شروع ٿي ويا.
چانهن جو ڪوپ هيٺ زمين تي رکندي مون غالب لطيف کي مخاطب ڪيو:
”توهان کي اهو ياد آهي ته هڪڙو ڪو موسيقيءَ جو پروگرام هيو، جنهن ۾ مير سڪندر خان کوسو مهمان خصوصي هو، توهان ذڪر ڪيو هو ته اوهان وٽس، ان پروگرام جي چندي لاءِ ويا هئا؟“
غالب لطيف مرڪندي چوڻ لڳو:
”شايد اهو جشنِ لطيف هو، جنهن جي لاءِ اسان ڪجهه اديب گڏجي وٽس چندي لاءِ به ويا هئاسي، پر ڏنائين رڳو ويهه رپيا.“
”تڏهن ويھ رپيا به وڏي رقم هوندي هئي، غالب صاحب! مان سمجهان ٿو اڄ جي حساب سان هن اوهان کي ويهه هزار ڏنا هئا... مون کي ان ڪري به ياد آهي جو آخر ۾ اوهان سنڌي ادبي سنگت طرفان سرٽفيڪيٽ ان جي هٿاران ورهايا هئا، مون وٽ ان جو فوٽو به آهي، ۽ مون کي اهو به ياد آهي ته جڏهن گهر پهتو هوس ته منهنجي مربي ڀاءُ ادا ميران بخش اسٽيج تي ڪم ڪرڻ تي دٻ به پٽي هئي.“
”سرٽيفڪيٽن وارو پروگرام شايد ڇهين سيپٽمبر ۱۹۶۶ع وارو هو.“
”نه ڇهين سيپٽمبر وارو پروگرام ٽائون هال ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ توهان جو لکيل ٽيبلو ’سنگهارن جي سار‘ به پيش ٿيو هو. هي پروگرام گورنمينٽ ڪاليج جي عمارت جي پويان واري گرائونڊ تي ٿيو هو.“
”اهو به سنڌي ادبي سنگت جو ئي پروگرام هو، جيڪو ڇهين سيپٽمبر تي ٿيو هو.“
تڏهن مون کي ياد آيو ته محمد عثمان چانڊيي پنهنجي ٽيم جي فنڪارن: واجد علي مهر، محمد عمر ديواني، نواب الغوزي واري، ڪمال فقير ٽالاڻي، عنايت راهي، پلومل، محمد اسماعيل سومرو، نبي بخش لاشاري، افضل فقير لاشاري، سميت ڪو پروگرام ڪرايو هو، ۽ ان ئي پروگرام کانپوءِ هن مون کي استاد ارباب خان کوسي سان سندس ڊيري تي ملايو هو. ان پروگرام جي مشاعري ۾ گدائي صاحب، فيض بخشاپوري، قطب الدين تاب، ارشاد شڪيب، نگهت عارف، شعبان بخت، سعيد ڪيوٽي، مراد علي نور ۽ صوفي پير بخش شرڪت ڪئي هئي ۽ ان جي صدارت ايڊيشنل مئجسٽريٽ برڪت علي شيخ ڪئي ۽ غالب لطيف اسٽيج سيڪريٽريءَ جا فرائض انجام ڏنا هئا.
”سرٽيفڪيٽن وارو پروگرام جشنِ لطيف هو، جيڪو اسان سنڌي ادبي سنگت جي طرفان پنجويهين سيپٽمبر ۱۹۶۶ع تي ڪيو هيوسي، جنهن ۾ منهنجو ئي لکيل ٽيبلو ’سنگهارن جي سار‘ به پيش ٿيو هو، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر مسٽر سجاد احمد قريشي به آيو هو.“ ايئن چئي هو وري کلڻ لڳو، ٿوري دير کانپوءِ چوڻ لڳو:
”اصل ۾ ڊي سي صاحب جي Chief گيسٽ جي اسپيلنگ ۾ C جي جاءِ تي T لڳي ويو هو جيڪو Thief ٿي پيو هو. اهو ته خير ٿيو جو ڊي سي صاحب ان کي پروف جي ئي غلطي سمجهي، درگذر ڪيو نه ته هڪ اڌ ته اندر ضرور هجي ها.“
”اهو پروگرام به ڀلو ٿيو هو، مون کي ياد آهي ته محمد بخش سومري شاھ لطيف تي مقالو پڙهيو هو ته ڊي سي صاحب اٿي ويو هو.“
”مقالي کان بيزار ٿي نه اٿيو هو، پر هن کي اوچتو لاهور وڃڻو پيو هو، جنهن کان پوءِ پروگرام جي صدارت سڪندرخان کوسي کان ڪرائي هئيسي، ان ۾ مشاعرو به ڪرايو هيوسي، ته ٽيبلو به پيش ڪيو هيوسي، جنهن جي ڊائريڪشن مهر لطيف ڏني هئي ۽ تڏهن حيدرآباد مان غلام نبي عبداللطيف ميوزڪ ڊائريڪٽر جي ڀاءُ عبداللطيف کي گهرايو هيوسي، جنهن ان جي موسيقي ڏني هئي... ٽيبلو ۾ عمر جو ڪردار انور سومري ادا ڪيو هو.“
”ها مون کي ياد آهي انور سومرو صاحب، بجليءَ جي محڪمي ۾ نوڪري ڪندو هو، ڪافي پڙهيل لکيل شخص هو، پر ڪجهه سالن کانپوءِ هو الائي ڪٿي بدلي ٿي ويو هو، جو ان کانپوءِ ساڻس ملڻ ئي ڪو نه ٿيو.“ مون چيو.
”اسان ته ان پروگرام ۾ حيدرآباد ريڊيو جي فنڪارن زرينه بلوچ، محمد يوسف ۽ خميسي خان کي به گهرايو هو،“ ٿوري دير لاءِ سوچي چوڻ لڳو؛ ”ڇو ان ۾ تو به ته ڳايو هو، ارباب خان جي شاگردن سان گڏجي.“
”ها مون کي ياد آهي، اسان شيخ اياز ۽ نياز همايونيءَ جا گيت ڳايا هئا ۽ مون کي ته اهو به ياد آهي ته مشاعري ۾ ڪراچيءَ کان تاج بلوچ ۽ نوابشاه کان نور عباسي به آيا هئا.“
جيڪب آباد ۾ ٿيل ”جشنِ لطيف“ کي ياد ڪندي مون غالب لطيف ڏانهن نهاريو، جيڪو چانهن جو ڪوپ هٿ ۾ ئي جهلي ويٺو هو، شايد ڪجهه سوچي پيو، ان ڪري مون پنهنجي منهن ڳالهائڻ واري انداز سان کيس مخاطب ڪيو: ”جيڪب آباد جي سنڌي ادبي سنگت شاخ جو بنياد ته ۱۹۵۵ع ڌاري پيو هو نه؟“
ڪنڌ لوڏي چوڻ لڳو: ”اصل ۾ برڪت علي ”آزاد“، عبدالڪريم ”گدائي“، گوپال ”پرواني“ ۽ هڪڙو ڊاڪٽر هوندو هو.... الهورايو انهن سنگت جي نالي ۾ ڪم شروع ڪيو هو. پر انهن جي سياسي ۽ سماجي سرگرمين جي ڪري ادبي سنگت گهڻو پوءِ اٽڪل ۱۹۶۳ع ڌاري مستحڪم بنيادن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.“
”ان وچ ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لڳي چڪو هو، ملڪ ڊڪٽيٽرن جي هٿ اچي ويو هو، نئين ملڪ هجڻ سبب ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي نظام ۽ خارجه پاليسيءَ جو بنياد به نئون رکيو ويو، ميجر جنرل اسڪندر مرزا پهرين چوڌري محمد عليءَ کي برطرف ڪري، حسين شهيد سهرورديءَ کي وزير اعظم بڻايو ويو هو ۽ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع کان ملڪ ۾ ڏهن سالن لاءِ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو هو، تڏهن بري فوج جو ڪمانڊر-ان-چيف جنرل محمد ايوب خان چيف مارشل لا ايڊمنسٽر مقرر ٿيو ۽ سموري پاڪستاني فوج جي ڪمان به سندس حوالي هوندي هئي. ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۾ مهاجرن جي آبادڪاري ڪئي وئي ۽ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو هو. سنڌ هندستان هجڻ کان پوءِ وري به سنڌ ويسٽ پاڪستان سڏجڻ لڳي هئي، خطن پٽن ۾، روڊن رستن تي، عمارتن يا دڪانن جي سائين بورڊن تي ڏنگين ۾ (سنڌ) لکبي هئي.
ان ايوبي دور ۾ نواب شاه کان جيڪب آباد بدلي ٿي آيل اڪائونٽنٽ مرحوم گل محمد چني جي ادب سان ذوق شوق کي ڏسي ”گدائي“ صاحب ۽ برڪت علي آزاد صاحب وارن کيس سنگت کي هلائڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ ايئن پهريون سيڪريٽري به گل محمد چنو ئي ٿيو هو.“
ان ۾ ٿورو به شڪ نه آهي ته غالب لطيف نهايت ٽئلينٽيڊ نوجوان هو ۽ ان جي همٿ افزائيءَ ۾ وڏو ڪردار ”گدائي“ صاحب ئي ادا ڪيو هو. ان سلسلي ۾ ”گدائي“ صاحب پنهنجي ڪتاب ”خان ڳڙهه کان جيڪب آباد تائين“ ۾ لکي ٿو ته: ”گل محمد چني، غالب لطيف، عبداللطيف مهر، گوپال ”پروانه“، حاجي عبدالڪبير، منظور مغل، قطب الدين ”تاب“ ۽ سنگت جي ٻين ساٿين، سنگت جي قائم ٿيڻ بعد، جلد ئي هڪ انقلابي جرئتمندانه قدم کنيو ۽ هنن باوجود مالي تنگيءَ جي ساڳئي سال ۱۹۶۳ع ماه آڪٽوبر ۾ سنڌ جي سرتاج حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ۲۱۱هين ورسي، ٻه ڏينهن سانده نهايت شاندار طريقي تي ملهائي، جنهن جي صدارت مير دريا خان کوسي ميمبر قومي اسيمبليءَ ڪئي.
راڳ رنگ جي محفل ۽ شاه ڀٽائيءَ عليه رحمت جي سُر سسئي منجهان بيتن تي مشتمل تمثيلاتي نشست جي صدارت به مير دريا خان کوسي ڪئي. هن تقريب ۾ سنڌيءَ جي چوٽيءَ جي اديبن، شاعرن، اداڪارن، پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. مسٽر غالب لطيف هن تمثيل جي تصنيف ۽ ان جي ترتيب ۾ جيڪا ڪاوش ورتي ۽ ماستر عبداللطيف مهر جنهن سهڻي ۽ دل پسند پيرائي ۾ ان کي اسٽيج تي پيش ڪيو، ان لاءِ ٻئي حضرات مبارڪباد جا مستحق آهن.
مسٽر گل محمد چني جي ڪنڌڪوٽ ٽرانسفر ٿي وڃڻ ڪري، سندس جاءِ تي هتان جي نوجوان ۽ سرگرم اديب، افسانه نگار ۽ ڊرامه نگار مسٽر غالب لطيف کي هن ادبي سنگت جو سيڪريٽري چونڊيو ويو، جنهن جي ڪاوش ۽ ڪوشش سان سنڌي ادبي سنگت کي پنهنجي ادبي سرگرمين ۽ خدمات جي صلي ۾ سال ۱۹۶۴- ۶۵ لاءِ ڊسٽرڪٽ ڊيويلپمينٽ ائسوسيئيشن جيڪب آباد کان هڪ هزار روپيه ۽ ميونسپل جيڪب آباد کان به هڪ هزار روپيه گرانٽ ملي آهي، ان کان علاوه ٻن هزار روپين جي گرانٽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل کان ملڻ لاءِ لکپڙه هلندڙ آهي ۽ هينئر سنگت طرفان ڪتابن جو هڪ اشاعتي سلسلو به شروع ٿيڻ وارو آهي. هيءَ سنڌي ادبي سنگت هينئر مستحڪم بنيادن تي قائم آهي ۽ ان جون هفتيوار ڪچهريون باقائدگيءَ سان ٿينديون رهن ٿيون. سنگت جي جوان سال سيڪريٽري مسٽر غالب لطيف ۽ سرگرم سنگتين طرفان گذريل ڊسمبر ۱۹۶۴ع ۾ هارس شو جي يادگار موقعي تي هڪ دو-روزه سنڌي ادبي ڪانفرنس پڻ شاندار نموني منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ مقالاتي نشست جي صدارت مسٽر بي ڪي شيخ، ڊائريڪٽر تعليم حيدرآباد ريجن ڪئي، مشاعري ۽ ’افساني جي شام‘ جي نشست جي صدارت بالترتيب جناب مخدوم محمد زمان صاحب طالب المولى ۽ مير دريا خان کوسي ڪئي، ’سنڌي راڳ رهاڻ‘، جي صدارت به جناب مخدوم محمد زمان صاحب طالب المولى جن ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌي زبان جي مشهور اديبن، افسانه نگارن، شاعرن ۽ سنڌي راڳيندڙن ۽ ريڊيو پاڪستان جي فنڪارن شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس جي ناٽڪ ”راءِ ڏياچ“ جو هڪ آئيٽم سخت طوفان ۽ برفاني هوا سبب منسوخ ڪيو ويو. (ص: ۷۹- ۸۰)
”هڪ ڀيري تو مون کي حيدرآباد جي هڪ آرٽسٽ سان ملايو هو، جيڪو ماهوار ”سهڻيءَ“ جا سرورق ٺاهيندو هو.“
غالب لطيف الائي ته منهنجي من ۾ آيل ڳالهه جهٽي ورتي هئي يا هن کي پاڻ ئي ڪو اهڙو خيال آيو هو.
منهنجي به هن جملي دوران ئي، يادگيرين جي ان ورق تي نظر پئجي وئي، جتي مون ڏٺو ته واقعي اهو ٿلهو متارو مظفر قريشي ڏند ٽيڙي کلي رهيو هو، ڄڻ چئي رهيو هجي: ’ڏس مان چوانءِ نه پيو ته هڪ ڏينهن تون کي مون ياد ضرور ڪندين.‘
”اهو مظفر قريشي هو، اسلم قريشي: جنهن سان گڏ مان نمائش گهمڻ ويندو هوس ان جو سئوٽ هو.“
مون غالب لطيف کي چيو: ”۽ اسلم جو ڀاءُ شهاب الدين قريشي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم هو ۽ ڄام شوري جي رهائشي ڪالونيءَ ۾ رهندو هو، ۽ مظفر قريشي حيدرآباد جي کوکر پاڙي ۾ رهندو هو.“
اصل ۾ مظفر قريشيءَ جڏهن مون کي ٻڌايو ته هو حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ سنڌي ماهوار رسالي ”سهڻيءَ“ جا ٽائيٽل ٺاهيندو آهي ته پهرين مون مٿس اعتبار ڪونه ٿي ڪيو، پر جڏهن هن منهنجي بابا سائين مسرور جو پينسل اسڪيچ ٺاهي ڏنو ته واقعي ڄڻ تصوير ۾ روح ڀري ڇڏيائين، تڏهن مون کي اعتبار آيو ۽ پوءِ جڏهن منهنجو حيدرآباد وڃڻ ٿيو ته کوکر پاڙي ۾ سندس گهر تي به ويس. حيدرآباد ۾ مرحوم طارق اشرف ۽ مظفر وارن جي گهر جي وچ ۾ رڳو هڪ گهٽي هئي يعني هڪ ڪنڊ تي طارق اشرف جو گهر هو ته سامهون ڪنڊ تي مظفر وارن جو گهر هو ۽ ٿورو اڳيان غلام نبي مغل جو گهر هو ۽ ٿورو اڳيان فريد نواز بلوچ رهندو هو، خود مدد علي سنڌيءَ جو گهر به طارق اشرف جي ڀرسان هوندو هو. بس هڪ سنهڙي گهٽي سندن وچ ۾ هوندي هئي، جيڪا اڳيان اسٽيشن روڊ تي نڪرندي هئي. گاڏي کاتي جي مرڪزي چوڪ جي پاسي ۾ منهنجي پياري غمخوار دوست آفتاب چنا جو گهر هوندو هو. 
”مظفر وارا بس هڪ ٻن هفتن لاءِ جيڪب آباد ايندا هئا، هاڻي ته شايد گذاري ويو آهي. تازو سائين غلام نبي مغل کان به پڇيو هيم ته ٻڌايائين پئي ته هاڻي اهي اتي رهندا به ناهن.“
”۽ محمد بخش سومري سان گڏجي به ته ڪو ڪتابي سلسلو شروع ڪيو هيهءِ، ان جو ڇا ٿيو؟“ غالب لطيف پڇڻ لڳو.
”محمد بخش سومري ڪتابي سلسلي لاءِ غلام رسول ڪلهوڙي جي صلاح سان ”اداره ادب سنڌ“ جو بنياد رکيو هو، جنهن جي طرفان انهن جو ”امنگ“ نالي ڪتابي سلسلو شروع ڪرڻ جو ارادو هو. ادارت ۾ انهن مون کي به شامل ڪيو هو، پر بس آگسٽ ۱۹۶۷ع ڌاري، اهو هڪڙو ئي شمارو شايع ڪري سگهياسي، پوءِ ته توهان کي به ياد هوندو ته سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري شپ جي چونڊن لاءِ محمد بخش سومرو به بيٺو هو.“
غالب ڪنڌ لوڏي تصديق ڪئي پر چيائين ڪجهه به نه.
محمد بخش سومرو ڪافي پڙهيل لکيل ۽ ترقي پسند نوجوان هو، هو سنڌي ادبي سنگت شاخ جو سيڪريٽري ٿيو ته هن جو ادب سان چاهه ان حد تائين هوندو هو جو ڪچهريءَ ۾ خاص هڪ نواڻ پيدا ڪرڻ لاءِ نوان نوان موضوع ڏئي، انهن تي مضمون لکڻ لاءِ چوندو هو. پاڻ به گهڻو ڪري سماجي ۽ سياسي نظرين جي حوالي سان معلوماتي مضمون لکندو هو، ۽ مختلف ڪتابن مان سماجي سجاڳيءَ وارا چونڊ مضمون ترجما ڪندو هو. نهايت اڻٿڪ، دلير ۽ دوستن جي ذاتي ڪمن ۾ مدد ڪرڻ وارو شخص هو. وڪالت ڪندو هو، سندس ڪجهه ڪتاب سنڌيڪا وارن شايع ڪرايا آهن، جن مان ”تاريخ جا اڏيندڙ“ سندس مشهور انگريزي ڪتاب ”ميڪرس آف هسٽري“ جو ترجمو آهي.
انهن ئي ڏينهن ۾ مون ”ڦلواڙي“ نالي ٻارن جي تنظيم به جوڙي هئي.“ مون غالب لطيف کي ڪنهن سوچ ۾ مبتلا ڏٺو ته چيو، هن بنا ڪنهن مقصد جي پنهنجي ساڄي پاسي نهاريو ۽ چيو: ”سارنگ ۾ مون خبر هلائي هئي... چڱا ڇوڪرا گڏ ٿي ويا هئا.“
”گهڻا نالا ته ياد ناهن البت نبي بخش لاشاري، هيرانند بادل، هريلال، محمد اقبال ڪٽو، محمد اسحاق ’مذاقي‘ وارا ياد آهن، ان ڪري جو اهي عهديدار هيا، ۽ مون کي ته ٺل وارو جشنِ لطيف به ياد آهي، جنهن ۾ توهان به هليا هئا.“
”سنڌي ادبي سنگت ٺل شاخ جو پروگرام هيو، سيد عيسن شاه جي سرپرستيءَ ۾ ٿيو هو، اچڻو ته دريا خان کوسي کي به هو پر اهو نه اچي سگهيو هو.“
”منهنجي زندگيءَ جو اهو پهريون اسٽيج مشاعرو هو.“
مون کي ياد آهي ته مون ان مشاعري ۾ استاد شاعرن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي تازي لکيل وائي پڙهي هئي:
تو در آيو آهيان،
هڪڙي صدا کڻي،
سائين ڀٽ ڌڻي.
اسريا اڀريا اوپرا،
ڪيهر ڪر کڻي،
سائين ڀٽ ڌڻي.
اڄ هت ويڙهيچن سان،
ٿي آ جاڙ گهڻي،
سائين ڀٽ ڌڻي.
مارو مهاڻا ٿيا،
ڌاريا تڙ ڌڻي،
سائين ڀٽ ڌڻي.
”ٺل واري ادبي سنگت ۾ مسٽر محمد شريف قريشي ۽ محمود قريشي گهڻا سرگرم هوندا هئا.“
”مسٽر محمد شريف قريشي ته گذاري ويو آهي، پر محمود قريشيءَ سان ڪي سال ٿيا شڪارپور ۾ ملاقات ٿي هئي، نيڪ نمازي ٿي ويو آهي.“
”اتي جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماسٽر غلام هادي خان بلوچ، هزار خان عاصي، مسٽر علي نواز مشتاق، شعبان بخت ۽ گدائي صاحب وار به هيا.“ چوندي هو اٿي اندر دڪان ۾ هليو ويو.
”گدائي صاحب به ڪمال ماڻهو هو، مذاق ڪندو به هو ته سهندو به هو.“ مون ٿورو وڏي آواز سان غالب لطيف کي چيو، جيڪو اندر دڪان ۾ ڪا شيءِ ڳولهي رهيو هو. ڳولهڻ ڇڏي هو ٻاهر آيو ۽ ايندي ايندي چوڻ لڳو:
”گدائي صاحب جي ڇا ڳالهه ڪجي.“ چوندي چپ ٿي ويو، ٿوري ھجت رکي مرڪندي چوڻ لڳو:
”هڪ ڀيري مذاق مذاق ۾فيض بخشاپوريءَ جي فارسي زده شاعريءَ وانگر هڪڙو شعر جوڙيو هيائين:
”لرزيده لڪڻ، ڏمريده جگر، ڦڙڪيده ڪمر...“
”مون سندس واتان به ٻڌو هو پر اهو سڄو ڪلام الائي ڪٿي آهي، تمام بهترين ڪوشش هئي ”گدائي“ صاحب جي. مان به الائي ته ڪيترا ڀيرا مختلف وقتن تي اهو شعر ماڻهن کي ٻڌايو آهي ته گدائي صاحب، فيض بخشاپوريءَ جي فارسي گاڏڙ سنڌي شاعري ان ئي انداز سان ڪندو هو:
نقش بنقش آئينه، حسن و جمال خوب رو
مهر بمهر، مهه بمهه، خلدِ برين جو رنگ و بو...
کلندي چوڻ لڳو: ”بس رڳو ٻه اکر سنڌي جا هوندا هئس، باقي سڀئي اکر فارسي لکندو هو .... هڪ ڀيري ڇا ڪيوسي جو تڏهن بشير مورياڻي صاحب جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪمشنر ٿي آيو هو ۽ اهو فيض بخشاپوري جي بار بار تنگ ڪرڻ تي ته: ’مون کي وظيفو گهٽ ٿو ملي، مون کي ڪو سرڪاري اعزاز ڏيو‘، تڏهن پاڻ کي ”غالبِ سنڌ“ به لکندو ھو پر اسان فيصلو ڪيو ته اٺ گاڏي تي ڪرسي رکي، فيض صاحب کي ان تي ويهاري، جيڪب آباد جي شهر ۾ گهمائجي، اٺ جي ڳچيءَ ۾ بينر ٻڌجي، جنهن تي لکيل هجي ”حضرت فيض بخشاپوري غالبِ سنڌ عرف طوطيهءِ سنڌ“ دهل تي پڙهي ڏيڻ وارو هڪڙو دهلاري به ساڻ کڻجي ۽ باقي اسان سڀئي اديب پيادل سندس پويان پويان نعرا هڻندا هلون ”غالبِ سنڌ غالبِ سنڌ زنده باد.“ پر اسان ايئن نه ڪيو. ظاهر آهي، شاعر ته هيو نه! ۽ شاعر به اهڙو جو اردو مشاعري ۾ داٻو ڏئي صدارت وٺندو هو، ۽ اردوءَ وارا به گهڻا ئي شاعر هن جي ڪاوڙ جي ڪري کيس برداشت ڪندا هئا ۽ سندس اهي انگل سهندا هئا.“
فيض صاحب جي شاعري نهايت پختي هوندي هئي، هن جي اسلوب ۾ ڪٿي به ڪا وزن يا بحر جي ڪمي نه هوندي هئي، مضمون به تز انداز سان پيش ڪندو هو، جنهن ۾ شعري رعنائي ۽ مضمون جي گهرائي ٻڌڻ وٽان هوندي هئي. اسان جي استاد ارباب خان جي ڊيري تي به ايندو هو، هڪ ڀيري ان کي به چيائين ته:
”ارباب خان تنهنجي شهر جو شاعر آهيان، هي ڏس منهنجا هيترا ڪتاب شايع ٿيل آهن، ميان ڪو هڪ اڌ ڪلام اسان جو به ڳاءِ.“
ان کانپوءِ استاد ارباب خان جيڪب آباد جي ڪافي سنجيده محفلين ۾ سندس ڪجهه غزل به ڳائيندو هو، خاص طور تي:
سجده ته صنم هر هنڌ ڪيم، ڪعبه نه سهي بتخانه سهي،
رڳو نام هو تنهنجو وردِ زبان، يزدان نه سهي جانانه سهي.
جيڪو هاڻي به استاد ارباب خان جا شاگرد ڳائيندا آهن.
فيض صاحب سان اصل مسئلو اهو هوندو هو ته سندس سموري شاعري زير اضافت ۽ فارسي اکرن سان ٽمٽار آهي ۽ ان ڪري مٿس هوٽنگ به خوب ٿيندي هئي:
پُر خم نه صنم زلفِ گره گير هجي ها!
هي مست نه پابستهءِ زنجير هجي ها..
بس ٻڌندڙن جا هوڪرا هوندا هئا ته سائين سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو، ٻڌندڙ ته ٻڌندڙ پر مٿي ساڻس گڏ ويٺل شاعر به منهن پاسيرو ڪري کلندا هئس. ادا ميران بخش ته اهو به ٻڌائيندو هو ته هڪ ڀيري سنڌي مشاعري ۾ ساڻس غلام قادر ”قيس“ به اٽڪي پيو. آخر ۾ فيض بخشاپوري صاحب جڏهن پنهنجو شعر پڙهيو:
زلفِ سياه نه ڏنگ هڻي خدا خير ڪري...“
ته غلام قادر ”قيس“ بلوچ کيس چيو: ”واه مقرر“
فيض صاحب ٻيهر پڙهيو ته وري ڪنهن ٻئي شاعر کيس چيو: ”واه واه مقرر مقرر“
پوءِ ته ڄڻ سڀني کي موقعو ملي ويو ۽ فيض صاحب اڃا اها مصرع پڙهي ئي پيو ته کيس داد سان گڏ ”مقرر مقرر مقرر مقرر“ شروع ٿي وئي. تڏهن ان قسم جي کوچرائپ کي ڏسي ”قيس“ صاحب کيس چيو:
”هُڻ اڳون تي آک فيض صاحب“ (هاڻي اڳتي پڙهه)
پوءِ جڏهن فيض صاحب پنهنجو آخري بند پڙهيو:
”حضرتِ فيض ٿيو بيمار خدا خير ڪري.“
ته پهرين ته سڀ خاموش ٿي ويا ته ”قيس“ صاحب ڪا اڳرائي ڪري ته پوءِ ڪو داد ڏجي، تڏهن ”قيس“ صاحب کيس مخاطب ڪيو:
”فيض صاحب او فيض صاحب! يرا اٿئين مزا نه ڪيتهءِ.“ (هتي مون ان گندي لفظ کي حذف ڪيو آهي)
بس پوءِ ته مشاعري جا شاعر توڙي ٻڌندڙ رڳو ٽهڪن ۾ پورا هئا.
اهو شعر هن شايد اتي مشاعري ۾ في البديهه پڙهيو هو، ڇاڪاڻ ته سندس شعري مجموعي ”خمخانهءِ فيض“ ۾ جيڪو ڪلام آيل آهي، اهو هن ريت اهي:
دست ۾ گيسوِ شب رنگ خدا خير ڪري،
نانگ ڪارو نه هڻي ڏنگ خدا خير ڪري.
تاب زنجيرِ گران بار نه آ فتنه طراز
ٿا وجهن وار وري ونگ خدا خير ڪري.
”فيض“ شوريده سر آيو آ، ڀڄو دور هٽو،
سِر ۾ ڪنهن کي نه هڻي سنگ خدا خير ڪري.
”آغا سليم جو لکيل ڊرامو: ’دودو چنيسر‘ به ته ڪرايو هو توهان.“
”اهو سنڌي ثقافتي سنگت جي طرفان ٿيو هو!“
”مون کي ياد ٿو اچي ته اهو اپريل ۱۹۷۰ع ۾ ٿيو هو، ويهين تاريخ!“
”تو کي تاريخون ڏاڍيون ياد آهن.“
”مون لکي ڇڏيون آهن، شروع کان ئي مون ڪيترا ئي پروگرام ۽ انهن جا تفصيل ڊائريءَ تي لکي ڇڏيا آهن.“
”واه واه!“
جيڪب آباد جي ٽائون هال ۾ ئي ٿيو هو. ڊرامو ريڊيو تان مڪالمن ۽ صوتي اثرات سميت اسپول (ڦيٿي واري ٽيپ) تي رڪارڊ ڪري آندو هئائون. هتي اسٽيج جي پويان شايد ريڊيو جي سائونڊ رڪارڊسٽ جعفري صاحب ان کي آپريٽ ڪيو هو، ان ڪري اسٽيج تي رڳو، باڊي لئنگئيج (جسماني چرپر) جي طريقي سان پيش ٿيو هو. منظور قريشي، دودو ٿيو هو. استاد عبدالحق، چنيسر جو رول ڪيو هو. انور سولنگي، علاءُالدين ٿيو هو ۽ غزالا خورشيد، ٻاگهل ٻائي ٿي هئي. جنهن سان گڏ نسرين به هئي، ان شايد ڪويل جو ڪردار ادا ڪيو هو. نسرين ڪجهه وقت اسان سان گڏجي اسٽيج تي به ڳايو ته پوءِ جڏهن مون کي ٽيليويزن ۾ نوڪري ملي ته ٽي ويءَ تي به ان جي ڳائڻ جا پروگرام ڪيا.
مان ته سنگت ۾ ڪارڪن جي حيثيت ۾ بيٺو هوس، جو جتي ڪو ڪردار کٽو ٿي اتي مون کي ڌڪو ڏئي اسٽيج تي پئي موڪليائون، باقي محمد عثمان چانڊيي، محمد اسماعيل سومري ۽ ارباب آرٽس سرڪل جي ڪجهه ٻين فنڪارن به ننڍن ننڍن ڪردارن ۾ ساڻن گڏ ڪم ڪيو هو.“
غالب لطيف منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌي چيو: ”اسان انهن جي رهائش جو بندوبست سرڪٽ هائوس ۾ ڪيو هو.“
”ها مون کي ياد آهي. مان ٻئي ڏينهن وٽن ويو هوس، وڏي کل ڀوڳ لڳي پئي هئي. خاص طور ڪنهن اچي آغا سليم کي چيو ته؛ باٿ روم ۾ هڪڙو صابڻ رڳو ڪارن وارن سان ڀريل آهي.“
تنهن تي آغا صاحب کلي چوڻ لڳو: ”يار اسان ته سڀئي لسا لسا آهيون. بدن تي وار ته آهن ئي ڪو نه. باقي استاد عبدالحق جو بدن سڄو وارن سان ڀريو پيو آهي، پوءِ لڳي ٿو ته اهو صابڻ ابڙي استعمال ڪيو آهي. تون هيئن ڪر، هيٺان ٻيو گهرائي وٺ.“
”ها! مان جڏهن آيو هوس ته ٽهڪڙو متو پيو هو.“ غالب لطيف ٿورو مرڪي وري چوڻ لڳو: ”حيدرآباد مان انهن فنڪارن جي اچڻ جي ڪري قمر شهباز جو خيال به هو ته هڪ ئي چڪر ۾ اهو ڊرامو ڪنڌڪوٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ به ڪرائجي، پر ٽيم کي واپس حيدرآباد وڃڻو هو.“
”ڊرامو ته ڪو نه ٿيو هو، البت ماسٽر عبداللطيف ۽ نسرين ترسي پيا هئا، جيڪي چوٿين ڏينهن تي ڪنڌڪوٽ هليا هئا. سائين قمر شهباز مون تي به زور ڀريو هو ته تون به انهن سان گڏجي اچجان ۽ ڪجهه ٻيا يارڙا به وٺيو اچجانءِ. پوءِ محمد عثمان چانڊيو، مان، عنايت راهي، عمر شاد ڪنڌڪوٽ ڪاليج جي پروگرام ۾ ويا هئاسين، جتي ماسٽر عبداللطيف ۽ نسرين اسان سان ڪورس ۾ ڪافي گيت ڳايا هئا.
”ڀلا شعبان بخت وارو غزل اڃان به ڳائيندو آن يا وساري ڇڏيهءِ؟“
”ان زماني ۾ ته ڳائيندو هوس پر جيئن ته اهو فلمي گاني، ’اڪيلي نه جانا، همين ڇوڙ ڪر تم، تمهاري بنا هم ڀلا ڪيا جيئين گي.‘ جي طرز تي لکيل هو. ان ڪري گهڻو وقت نه ڳائي سگهيم. ڇاڪاڻ ته مان پنهنجون ڌنون ٺاهي ڳائڻ لڳو هوس.“
”پوءِ به ٿورو ته ياد هوندءِ.“
”بس ٻه لائينون ئي ياد آهن.“
”پوءِ الله جي ڏني مان ٿي وڃي.“
مون نڙي صاف ڪئي ۽ فلمي گاني جي طرز تي لکيل شعبان بخت جو غزل ڳائڻ لڳس:
”وساري نه ڇڏجو، وڃڻ سان اسان کي
اوهان جو وسارڻ گوارا نه ٿيندو.“
سارنگ اخبار ۾ غالب لطيف جي موجودگيءَ ۾ يا ان جي پرپٺ ”گدائي“ صاحب، شعبان بخت ۽ مان، واري واري سان ڳائيندا به هئاسين. ادبي ڪچهري پئي ٿيندي هئي، گدائي صاحب بس ٿورو ڳائي کلي چوندو هو:
”يار جوانيءَ ۾ ڳائيندا هئاسي، هاڻي اهڙو ڳائڻ ڪاٿي!“
شعبان بخت به سريلو هوندو هو، شاعر به تمام ڀلو هوندو هو، بس ويچاري کي پذيرائي گهڻي نه ملي سگهي، نه ته طرزن تي ته ڪمال جي شاعري ڪندو هو.“
”سارنگ اخبار ۾ علامه مقناطيس عرف چقمق ”چڻگائي“ جي نالي سان فرمائش ڪندڙ نوجوان جي وندر لاءِ فلمي گانن جي طرز تي سنڌي شاعري ڀلي ڪندو هو، اصل ڪشمور جو هو، ذات جو منگي هو، ننڍي قد جو هوندو هو، مڇون رکندو هو پر ڏاڙهي روزاني نه ڪوڙيندو هو. وڏڙي عمر جي ڪري سندس مٿي جا وار اڇا هوندا هئا، سندس منهن تي مرڪ ائين رهندي هئي، ڄڻ ڪا کل جهڙي ڳالهه ٻڌي هجيس.
”سندس هڪ فرزند صفي اختر منگي، ڪشمور ۾ ادبي سرگرمين ۾ مصروف رهي ٿو.“
”تنهنجون ڇا سرگرميون آهن؟“
”مان ۱۹۷۴ع کان پاڪستان ٽيليويزن تي پروڊيوسر لڳو آهيان. هاڻي به هڪڙي ڊاڪيومينٽريءَ جي سلسلي ۾ لوڪيشن ڏسڻ آيو هوس.“
”هتي ته چوڌاري تمام سهڻيون لوڪيشنس آهن.“
”ها! پر اوهان سان ملي ڄڻ مون پنهنجي ڊاڪيومينٽري مڪمل ڪري ورتي آهي.“
”ڪيئن ڀلا؟“
”اوهان سان هيڏيون ڳالهيون ڪيون اٿم. اهي گهٽ ڊاڪيومينٽس آهن.“
غالب لطيف مرڪي، داد وارين نظرن سان منهنجي منهن ۾ نهارڻ لڳو، ته مون کانئس موڪلايو. هن جي دل ڇڏڻ تي ڪا نه هئي، تڏهن چيومانس ته:
مان وري اسلام آباد ايندس، اوهان سان ملڻ.“
چانهن وارو ڇوڪرو آيو، ان کي پئسا ڏنائين. سدائين وانگر اٿي ڀاڪر پائي موڪلايائين ۽ ساڳئي ڀڻ ڀڻ واري انداز سان چيائين:
”چڱو... الله حافظ.“
مان غالب لطيف کان موڪلائي، اڳتي وڃڻ بجاءِ پوئتي موٽي وڃڻ بهتر سمجهيو جو اڳيان رستي جي خبر ڪا نه هئي، پر منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي، جڏهن پوئتي موٽندي مون کي چانهن جو ڪو به هوٽل نظر نه آيو. تڏهن مان پويان نهاريو جتي غالب لطيف ويٺو هو. مون ڏٺو ته اتي واقعي غالب لطيف ئي ويٺو هو. پر مون کي سمجهه ۾ ڪو نه آيو ته چانهن ڪٿان آئي هئي ۽ ڪير کڻي آيو هو. مان پنهنجي حيرت مٽائڻ لاءِ موٽي غالب لطيف وٽ ويس:
”توهان چانهن ڪٿان گهرائي؟ هتي ويجهڙ ۾ ته چانهن وغيره جو ڪو هوٽل ڪونهي؟“
ايتري ۾ مون ڏٺو ته سامهون هڪ بهترين مِني ويگن اچي اسٽاپ تي بيٺي، ۽ غالب لطيف منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ بجاءِ چوڻ لڳو: ”شهر وڃين ته هن بس ۾ وڃ، ڏاڍي آرامده ڪوچ اٿئي، پر جي رات رهين ته پنهنجو گهر آهي، صفا عاليشان.“
مون چيو: ”مان رات ته ڪو نه ٿو رهان ۽ مون کي پنهنجي سواري به آهي، جنهن تي چڙهي لوڪيشن ڏسڻ آيو هوس، لوڪيشن مون کي ڏاڍي وڻي آهي، وري ايندس ته شوٽنگ به ڪندس ته ڪچهري به ڪري وٺنداسين.“
هن کان موڪلائي مان وري پوئين پير موٽيس. رستي تي سوچيندو پئي آيس ته: ’دنيا جي بکيڙن کان دور، ڪيڏي نه حسين وادي آهي، هتي ئي ڪو گهر وٺي رهجي ته بهتر ٿيندو.‘
مزي جي ڳالهه ته آڪٽوبر ۲۰۰۳ع دوران، الائي ڪهڙي خيال کان منهنجي ڪراچيءَ جي ٽيليويزن سينٽر تان پي ٽي وي هيڊڪوارٽر اسلام آباد بدلي ڪئي وئي. اها منهنجي ملازمت دوران ٽين بدلي هئي. پهرين بدلي به آڪٽوبر ۱۹۸۱ع ۾ ڪوئٽيا ڪئي وئي هئي. ٻيو ڀيرو به آڪٽوبر ۱۹۹۱ع ۾ ڪوئٽيا بدلي ٿي هئي. ٽيون ڀيرو به ڪراچيءَ کان اسلام آباد آڪٽوبر ۾ ٿي هئي. پهرين بدلي ته فوجي آمر ضياءُ الحق جي عتاب هيٺ ٿي هئي. پر ٻيو ڀيرو وري فوجي ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق جي جوڙيل مهاجر قومي موومينٽ جي عتاب ۾ ٿي هئي. الله سائينءَ جا لک شڪرانا جو پنهنجو وقت ڪوئٽيا ۾ به عاليشان نموني گذاري آيس، پر اسلام آباد پنهنجي پيارن دوستن جي مئنيجمينٽ جي عتاب هيٺ بدلي ٿي هئي.
ڪوئٽيا جهڙي سينٽر تي گذارڻ کانپوءِ، اسلام آباد لاءِ مون کي ڪو اونو ڪو نه هو. اتي مربي ڀاءُ پاڪستان ايگريڪلچر ريسرچ ڪائونسل ۾ سينيئر آفيسر هو ته منهنجو ڀاڻيجو ڊاڪٽر بدرالدين سومرو پي اي آر سي جو چيئرمين هو، جنهن لاءِ مان ايئن چوندس ته اهو پهريون سنڌي آفيسر هو جيڪو پي اي آر سي جو چيئرمن ٿيو هو.
پر پي ٽي وي هيڊڪوارٽر اسلام آباد جي نوڪري ۽ سا به انٽرنيشنل رليشن ڊويزن ڊپارٽمينٽ جي ڊگهي ۽ ويڪري ٽيبل تي ويهي دستخط ڪرڻ واري اسسٽنٽ ڪنٽرولر جي! اف سوچيندي ئي دل ڪچي ڪچي ٿيڻ لڳي هئي، ڇاڪاڻ ته ان قسم جي آفيشل لکپڙه کان مون کي هميشه ٻرو چڙهندو هو ۽ مٿان انٽرنيشنل رليشن ڊويزن جي ڪم ڪار جي مون کي ٿوري به ڄاڻ ڪا نه هئي، پر بقول شمشيرالحيدريءَ جي: ”مولا تي ننگ“ رکي منهن ڏئي ويس.
اسلام آباد ۾ اٽڪل نوَ مهينا رهيس، پر مون کي غالب لطيف جي ٿوري به ياد ڪا نه آئي.
پر اسلام آباد کان ڪراچيءَ بدلي ٿي ته اسٽاف وارن جي الوداعي دعوتن دوران منهنجي ڊپارٽمينٽ جو هڪ اڪائونٽ آفيسر مون کي پاڻ سان گڏ راولپنڊي گهر تي وٺي ويو، جنهن سان گڏجي ماني به کاڌي ته ٻن پهرن واري نماز به پڙهي، پوءِ هو مون کي بس اسٽاپ تائين ڇڏڻ آيو.
تڏهن بس اسٽاپ کي ڏسي، مون کي محسوس ٿيڻ لڳو ته مان اڳ به هتي آيو آهيان. اوسي پاسي نگاه ڦيرايم ته کاٻي پاسي تنبن ۽ بانس جي لڪڙن سان ٺهيل افغانين ۽ ڪشميري پٺاڻن جي دڪانن جي هڪ ڊگهي بازار نظر آئي، ته دل ۾ آيو ته يار هتي ته مان اڳي به آيو آهيان... پر ... ڪڏهن؟؟
پوءِ مان واپس اسلام آباد شهر واري گهر تي وڃڻ جو خيال لاهي بازار ۾ گهڙي ويس، ۽ مسلسل اهو ئي سوچيندو رهيس ته اڳ هتي ڪڏهن آيو آهيان؟ دڪان به ساڳئي انداز جا، ان ۾ رکيل ٻارن جي دلچسپيءَ جا رانديڪا، ڪشميري ۽ پوٺوهاري شالون ڪاٺيءَ جي اُڪر جو سامان، اٺ جي کل جا ٽيبل ليمپ، جنڊيءَ، ڪاشيءَ ۽ ڪپڙي مان ٺهيل پتليون، ڳوٺاڻا زيور مختلف ملڪن جون جرسيون ۽ ڊيڪوريشن جو سامان ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه رکيل ڏٺم ته اڳتي وڃڻ بجاءِ بيهي رهيس.
ايئن مون سان ڪيترا ڀيرا ٿيو آهي، پر اهڙن منظرن کي ڏسي اندر ۾ ان قسم جو احساس پيدا ٿيندو آهي ته کن پل لاءِ بيهي رهندو آهيان ۽ دل ئي دل ۾ الله سائينءَ جا شڪرانا ادا ڪندو آهيان.
ٿوري دير کانپوءِ بازار جي آخري ڇيڙي تائين ويس ته پويان هڪ ٺل هيو، پر ان تي چڙهڻ جو ڪو رستو نه هو تڏهن اڳ ڏٺل دڙي جي ياد اچي وئي ته مون کي غالب لطيف واري ملاقات ياد اچي وئي، جيڪو بازار جي کاٻي پاسي واري دڙي جي ڪنڊ تي ويٺو هو. اوچتو ان وقت چانهن جي ڪيتلي ۽ ننڍڙن گلاسن جو ڇڪو کنيو هڪ ڪشميري ڇوڪرو منهنجي ڀرسان لنگهيو ۽ منهن ورائي، مرڪي پڇڻ لڳو: ”چاءِ....“
مون کي هي اهو ئي ڇوڪرو پئي لڳو، جيڪو غالب لطيف جي دڪان تي چانهن کڻي آيو هو. مون کانئس چانهن ورتي، چانهن نهايت لذيذ هئي، مون کيس چانهن جا پئسا ڏنا ته هن مرڪي چيو: ”آپ همارا بابا جيسا، آپ سي پئسا نهين!“ ايئن چئي هو پوئتي موٽي ويو.
تڏهن مان اهو سوچي مرڪي پيس. ڇاڪاڻ ته اهو نوجوان ڇوڪرو به منهنجو اڳ ڏٺل پئي لڳو! پر غالب لطيف سان ملاقات نه ٿي سگهي.
تڏهن پڪ ٿي ته حيدر ڀرڳڙي سچ ٿي چيو ته غالب لطيف جو انتقال ڪافي عرصو اڳ ۱۹ مئي ۱۹۸۳ع ۾ ٿي چڪو آهي. پوءِ واپس اچي بس اسٽاپ تي بيٺس. ساڳئي بهترين مني ويگن اچي بيٺي ۽ مان ان تي چڙهي اسلام آباد آيس. بس جي سفر ۾ ننڊ جو گهيرٽ اچي ويو، ته ڏٺم ته غالب لطيف ان ئي ٺل تي دڪان جي ٻاهران ويٺو آهي ۽ مرڪي چوي ٿو: ”آئين ڪو نه! ڀرسان ته هئس.“
مون چيو: ”توهان جو ته انتقال، ڪي سال اڳ ٿي ويو آهي ۽ شايد ڪنهن حادثي ۾.“
کلي ٿو: ”مان جيئرو آهيان، باقي حادثي واري ڳالهه به ماڻهن الائي ڇو هُلائي ڇڏي آهي.“
اوچتو ڪن تي آواز آيو ڄڻ ڪو رڙ ڪري چوندو هجي: ”آءِ ايٽ ٽو، آءِ ايٽ ٽو....“
ان آواز تي منهنجي اک کلي وئي، ڏٺم ته سامهون اسلام آباد جو I -8 /2 اسٽاپ اچڻ وارو آهي. تڏهن اٿي دروازي تي آيم. مني ويگن بيٺي ته ويگن مان لٿس ۽ رستي تي بيهي سوچڻ لڳس؛ ’سپنا به ڪيڏا نه سندر ٿيندا آهن.‘

No comments:

راءِ ڏيندا