; سنڌي شخصيتون: استاد ڪرم حسين

02 May, 2020

استاد ڪرم حسين


استاد ڪرم حسين
ھيءُ يار به ھليو ويو
نصير مرزا
ڦليلي واهه جي ڪناري نوراني بستيءَ ۾ ڇا ته پُر فضا هنڌ تي هن پنهنجي رهائش ۽ نويڪلائي ۾ رياضت لاءِ هڪ ننڍڙو آشيانو جوڙايو هو. هن جي بزرگ والده، استاد منظور علي خان جي ھمشيره امان خيرالنساءِ ۽ ٽي ڀائر ديدار حسين، محبت علي ۽ احسان علي پُراڻي لياقت پاڙي ڀرسان فردوس ڪالوني ۾ ئي رهندا هئا، جنهن کي ماڙيچه گائڪن، ميراثين ۽ گواليار گهراڻي جي گائڪن پنهنجي فن جي وديا سبب نئين سڃاڻپ ڏني ھئي، پر دور حاضر تائين ايندي ايندي هيءُ سارو علائقو ايترو ته گنجان، ڳتيل ۽ ڪثير آباديءَ ۾ تبديل ٿي ويو، جو گهٽين مان گذرو ته ساهه کڻڻ دشوار...تڏهن هن تنهائي پسند يار گهر کان وٿيرڪو ڦليلي واهه جي ڪناري پنهنجي لاءِ هي گوشهءِ آفيت وڃي آباد ڪيو. جنهن لاءِ هن سدائين چيو ”يه گهر ميرا گلشن هئه“ جتي پرهه ڦٽيءَ جو پکين ۽ خوشبوئن جي سجاڳ ٿيڻ سان هو پنهنجي ڍولڪ يا طبلي تي روزاني رياضت ڪندو ۽ پنهنجي آڱرين جي نرت تي ڦليلي ڪناري بيٺل وڻن کي جهومندي ڏسندو ۽ ڪيڏو نه خوش ٿيندو رهندو هو. مون چند ڏينهن اڳ ڏهين اپريل تي تازو پنهنجي وڇڙي ويل يار ڍولڪ نواز ڪرم حسين جي ڳالهه پئي ڪئي. جنهن جو تعلق ننڍي کنڊ جي نامي گرامي گواليار گهراڻي جي گويا خاندان سان هو. ھنن هند کان سنڌ تائين گواليار گهراڻي جي گائيڪيءَ کي نئين حياتي، نئون انداز ڏئي ڇڏيو هو. اسان جي هن ڪمهلو لاڏاڻو ڪري ويل ڪرم حسين ان ئي گواليار گهراڻي جي عظيم راڳي استاد بيبه خان جو سڳو پوٽو هو ۽ جنهن جي پڙَ ڏاڏي جو نالو هو استاد گامڻ خان. سنڌ جي بي مثل راڳ جو بي تاج بادشاهه استاد منظور علي خان، ڪرم حسين جو مامو، عظيم موسيقار استاد نياز حسين، ڪرم جو وڏو چاچو، دور حاضر ۾ ڀٽائي صاحب جي باغ جا گل ۽ وائي کي جديد ڍنگ سان ڳائيندڙ ذوالفقار علي ۽ مظهر حسين اسان جي ڪرم حسين جا سڳا سئوٽ ۽ ماسات، جڏهن ته ڪرم جا ٻه ڀائر ديدار حسين ۽ محبت علي به ڪيڏا نه سٺا ۽ ڀلا راڳي، پر وڏو ماسات استاد فتح علي خان ته دور حاضر ۾ گواليار گهراڻي جو دستاربند پڳدار ۽ ڪلاسيڪل گائيڪي ۾ خانصاحب جي منصب تي فائز سمجهو.


هيڏانهن هاڻي هي جيڪو اسان جي ڪرم حسين جو والد استاد فدا حسين خان، جنهن گواليار گهراڻي جي ڪلاسيڪل روايتن کي اپنائڻ سان گڏ، رستو ئي نئون اختيار ڪيو، سو مزاجن مست ملنگ، زيرڪ جو عادي، ان ڪري هن اوتارا وڃي آباد ڪيا. درگاهي، خانقاهي ۽ رندي ڪافي ڪلام سان هٿ ڳنڍيو ۽ ائين سدا رنگي گائيڪيءَ سان مئخانا مهڪايا. ٻئي پاسي وري قصيدن، ڏوهيڙن ۽ اوسارن سان مجلسي رنگ ۾ پاڻ کي ڌار مڃرايو. هاڻي هي ڪچي قلعي اندر شاهه مڪيءَ جي درگاهه هجي يا شاهي بازار ۾ ڇٽن شاهه سرخ بخاري جو ميدان يا سخي پير درگاهه وارو صحن هجي، انهن سڀني آستانن تي استاد فدا حسين جو سدا رنگي انداز ۽ گڏ طبلي تي ديدار حسين ۽ ڍولڪ تي ڪرم حسين...مٿان سندس ڪافي ڪلام ۽ صوفياڻا ٻول ٻڌو ته ڪڏهن دادره، ڪڏهن قمروهه، ڪڏهن تين تال، ڪڏهن جهپُ تال ته ڪڏهن مغلي ٺيڪي سان ۽ بي شڪ ته ديدار ۽ محبت علي کي مون پنهنجي والد استاد فدا حسين خان سان گڏ آواز لڳائيندي تانن ۽ پلٽن ۾ گڏ گڏ ضرور ڏٺو، پر ڪرم حسين والد صاحب سان پنهنجي سنگت کي رڌم تائين ئي محدود رکندو آيو. ياالله! هي سڀ ڀائر ايڏا پُخته گائيڪ ۽ ڪلاسيڪل راڳي ۽ انهن ۾ هي ڪرم حسين صرف رڌم ڏي ئي مائل ڇو؟ خبر پئي ته گواليار گهراڻي جي راڳ سکيا جو پهريون ڏاڪو آهي ته تار ۽ تالَ تي مهارت حاصل ڪريو، ڇو ته سُر تي دسترس کان پهرين ”گرُ“ ۽ ”سم“ جي سمجهه ازحد ضروري آهي، تڏهن ئي ته گُني گوين قول ٺاهيو هو ”بي سُرو ته هلي ويندو، پر بي تالو نامنظور“ ته بس ٻين گهراڻن جي راڳين بابت ته آئون بي خبر، پر گواليار گهراڻي جي هر ننڍي وڏي راڳي کان بلڪل باخبر ۽ انهن ۾ هي ذوالفقار علي هجي، يا مظهر حسين، جيترا سُر جي جانڪاري رکندڙ اوتري ئي گُر جي به کين زبرست ڄاڻ آهي.
هاڻي موسيقي پسند ۽ موسيقي محفلن جي دلداده هجڻ سبب سنڌ جا هي ڇا گائڪ گويا ۽ وڄتا، آئون جن جي زماني ۾ هلان پيو، انهن کان ته ائين سمجهو، آئون خوب خوب واقف، مثال طور وڄتن ۾ ڍولڪ وارو ماڙيچو احمد نواز، طبله نواز غلام محمد غلامو، محمد بچل، غلام حسين ڪليري، استاد نذير خان، نئين کيپ جي جوانن مان ڪوٽڙيءَ وارو محمد آچر، دادوءَ وارو محمد رمضان مڱڻهار ۽ هي سڀ به بي شڪ ته بلي بلي ڍولڪ نواز، پر جيڪي ٻه يار مون سان گهڻا گهرگهلا، انهن ۾ هڪڙو ته هيءُ منور حسين مرحوم ۽ ٻيو پيارو ڪرم حسين خان...هاڻي ڪو پاڻ پڏائڻ نه سمجهي ته چوان، ريڊيو حيدرآباد تي موسيقيءَ واري شعبي جي انچارج ھجڻ وارن ڏهاڙن ۾ هي جيڪي ٻه ڍولڪ نواز آڊيشن ۾ مون ئي پاس ڪيا، يعني منور حسين ۽ هي ڪرم حسين، ٻئي ڪانٽي جي تور تي برابر برابر ۽ جينئس رڌم پلئر هئا! ٻنهي جا ميدان البته الڳ الڳ، مثال طور منور زبردست طبله ۽ رنگ رنگيلو ڍولڪ نواز، پر ڪرم حسين بيحد سنجيده، باوقار، معصوم معصوم اکين ۾ سُرمي جي لپ، وارن ۾ جام تيل، ڪن ۾ عطر جو ٻُڙو ۽ بي حد لذيذ گفتار ڪندڙ...مٿان وري اهڙو حوالي جو جهڙو فلم ”تيس مار خان“ ۾ فلم اسٽار علاو الدين هو. ڏسڻ ڪرڻ ۽ هلت ڦرڻ ۾ به اهڙو ئي ته لڳندو هو، فلم اسٽار علاو الدين جهڙو...ائين پوءِ هي ڪرم حسين هجي يا سندس برادر ديدار حسين، بي شڪ ته نهايت نھٺا، نماڻا نماڻا ۽ حيادار، پر ٻئي ڀائر ڳالهير ۽ زبردست سينس آف هيومر جا مالڪ...هاڻي ريڊيو حيدرآباد وارو هيءُ ڪچهري پروگرام، جنهن جو مور بابا سائين فتح خان، يعني سائين صالح محمد شاهه جيڪو پنهنجي ريڊيائي ڪردار ۾ بي حد جهونو، هڪ ڀيري مخصوص ڍنگ ۽ ڍار سان ديدار حسين ۽ ڪرم حسين کان پُڇڻ لڳو، ”ابا ڏيو خبر، بيبا خان جا پوٽا آهيو نه؟ جنهن جا ٺِڪر وارا ڪارا گراما فون رڪارڊ به ٺهيا هئا، جن ۾ ڀونپي وٽ جيڪو ڪن ڏيئي بيٺل ڀوڪندڙ جانور ٻُڌايو، اهو ڀلا نر يا مادي؟“ تڏهن ٻنهي خوش سڀاءُ ڀائرن مان ديدار حسين چيس، ”ڏاڏا توهين اسان کان وڏا ۽ گهڻا سينيئر آهيو، توهان کي پاڻ اسان کان وڌيڪ خبر هوندي، ته اهو جانور الائي ڪُتو يا الائي ڪُتي؟“ تڏهن هنن ڀائرن جي اهڙي حاضر جوابيءَ تي ڪچهريءَ ۾ ٽهڪن جا ڪوُڪريا هئا. هڪ ڀيري ڪرم کِلي کِلي ٻُڌايو پئي ته، ۱۴ هين آڪٽوبر ۱۹۹۶ع ۾ نيويارڪ ۾ ادي عابده پروين جو ڪنسرٽ وڄائي هوٽل تي پهتاسين ته هنڌ تي لِيٽڻ سان فيروز گل پگهر ۾ شل، شايد هن کي دل جو هي سائلينٽ اٽيڪ هو، سو آنڌ مانڌ ۾ چوڻ لڳو، هتي ته منهنجي زال به ڪانهي، ڪير سنڀاليندو مونکي؟ تڏهن ڳراٺڙي پائي، زور ڏيندي چيومانس، اڄ ائين سمجهو ته آئون ئي اوهان جي جوُرو آهيان. تڏهن وڏو ٽهڪ ڏئي، ماروڙي زبان ۾ چوڻ لڳو، تم بَڙو لچو هو، ڇورا حرامي!
هيءُ ڪرم حسين، جيڪو جڏهن جڏهن ملندو ھو، هن وٽ ٻُڌائڻ لاءِ نت نوان حوال هوندا هئا. ڪنهن ڀيري بامبي مان ادي عابده پروين سان پروگرام ڪري موٽيو ته ڳالهين جو نئون ڳوٺ ساڻ کڻي آيو، چئي هن ڀيري ”امراءَ جان ادا“ واري پروڊيوسر مظفر عليءَ جي سڏ تي ماڌو لال حسين جي ڪافين جي رڪارڊنگ لاءِ وياسين، الائي ڪيتري رڪارڊنگ اسٽوڊيوز واري فلور تي پهتاسين ته ڇا ڏسون، ڪاريڊار ۾ شيشي جي ديوار جي هن پار مائيڪ تي لتا منگيشڪر صاحبه جنهن گاني جي مڪسنگ ۾ مصروف ان جا ٻول هئا ”ديدي تيرا ديور ديوانا، هاءِ رام ڪُڙيون ڪو ڊالي دانا“ پوءِ هي ڇا آئون ۽ ڇا ادي عابده، شيشي تي اکيون رکي ٻارن وانگر حيرت سان لتا صاحبه کي گهُورڻ لڳاسين. تڏهن اوچتو لتا صاحبه جون به ادي عابده سان جو اکيون چار ٿيون ته هوءَ به اديءَ مان اک ئي نه ڪڍي. اتي به اهڙي حالت جو ٿي ته افراتفري ۾ اسين سڌو پنهنجي اسٽوڊيو ۾ گهڙي وياسين. هاڻي ڪا گهڙي گذري ته ڇا ڏسون، لتا صاحبه ۽ ادي عابده پاڻ ۾ بغلگير، ان بعد جيترا ڏينهن پوءِ ادي عابده جي رڪارڊنگ اتي جاري رهي، ٻنپهرن جي مانيءَ وقت لتا صاحبه اسان سان موجود رهي. هڪ ڏينهن ته چئي ڏنائين، ”عابده تم مجهه سي بَڙي ڪلاڪار هو، اس لئه، ڪه مين سب ڪُڇ گاليتي هو، تمهاري طرح ”ڪافي“ نهين گا سڪتي!“
ڪرم حسين، جنهن جون ڍولڪ وڄائيندڙ آڱريون، طرحين طرحين جي عقيقن ۽ ياقوت وارين مُنڊين سان ڀريون پيون هونديون هيون، بي شڪ ته هن جو هٿ ڳرو، پر تِريون ڏاڍيون نرم هونديون هئس، انڪري هن جي وڄت ۾ کُهراڻ نه، پر نرماڻ محسوس ٿيندي هئي. اسٽيج پرفارمنس وقت وجد واري ڊگهي گائيڪي دوران ادي عابده ڪرم حسين کي پنهنجي نگاهه آڏو ويهاريندي هئي ۽ هن تي ئي گهڻو اعتماد به ڪندي هئي. خاص ڪري ڪافي ”چلو ري سيان چرچا ويکين“، ”تيري عشق نچايا“، ”ياعلي مولا...مولا علي مولا“ جي مسلسل تڪرار دوران هي ڪرم حسين ئي ته هوندو هو، جنهن کي اندازو ٿي ويندو هو ته اديءَ جو آواز هاڻي ٿڪجي پيو ۽ هو ان وقت هوشياريءَ سان گُر مڪائي ٺاڌوڻ وڄائي ادي عابده کي ساهي وٺرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هو. ڪرم جي وڄايل ڍولڪ هونئن ته سوين ڪلامن ۾ ٻُڌي سگهجي ٿي، پر هن کي خود پنهنجي وڄايل ڍولڪ جنهن ڪافيءَ ۾ وڌيڪ وڻندي هئي، ان جا ٻول هئا ” جنهن ڪيو بيمار، سو منهنجي شفا پاڻهي ڪندو.“ پوئين وقت ۾ هو جڏهن ۵۴ ورهين جو هو ته شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر هن جي دل جي دهڪي تي قابض ٿي چُڪا هئا ۽ نيٺ ڏهين اپريل تي هن تڪڙا تڪڙا ساهه کڻي حياتي جو گُر مڪائي ڇڏيو ۽ پاڻ کي مالڪ حقيقيءَ جي سپرد ڪري ڇڏيو.

(روزاني ڪاوش ۲۰ اپريل ۲۰۲۰ع)

No comments:

راءِ ڏيندا