; سنڌي شخصيتون: جيجي خديجہ خانم دائود پوٽو

02 May, 2020

جيجي خديجہ خانم دائود پوٽو


خديجہ خانم دائود پوٽو
سنڌ جي نامور ليکڪا!
حسن پٺاڻ
سنڌ جي نامور ليکڪا ۽ صحافي بيگم خديجہ خانم دائود پوٽي جو پورو نالو خديجه خانم بنت ڊاڪٽر شمس الدين شيخ هو. سندن والد حيدرآباد جي مشهور علمي گهراڻي جو فرد هو، جن مان ڊاڪٽر ضياء الدين شيخ هڪ ناميارو شخص ٿي گذريو آهي.
خديجہ خانم دائود پوٽو ۱۹۱۸ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس هڪ ڀيڻ عائشہ شيخ سنڌ جي مشهور تعليمي ماهر رهي آهي. خديجہ خانم، سنڌ جي نامور عالم، اديب ۽ تعليمدان شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي گهر واري هئي. نامور تعليم دان عيسيٰ دائود پوٽو سندس فرزند آهي. خديجہ خانم دائود پوٽي، شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي سوانح عمري ’منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي‘ ترتيب ڏئي ڇپائي. ان کان سواءِ سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ’شاعرن جو سرتاج‘ (شاه عبداللطيف ڀٽائي) پڻ قابل ذڪر ڪتاب آهي.


ڊاڪٽر خديجہ خانم دائود پوٽو عورتن جي رسالي ’اديون‘ جي باني، سرپرست ۽ ايڊيٽر رهي چڪي آهي. هن رسالي سنڌي عورتن ۾ تمام وڏي علمي، سماجي ۽ ادبي سجاڳي آندي ۽ ڪيتريون ئي ليکڪائون هن رسالي ۾ لکي، وڏيون اديبائون بڻيون. خديجہ خانم دائود پوٽو جي وفات ۲۱ جولاءِ ۲۰۰۱ع تي اسلام آباد ۾ ٿي.


جيجي خديجہ خانم دائود پوٽو
بيدل مسرور
ڪالهه جڏهن ڀاءُ حسن پٺاڻ جو سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي ڪتاب تان ورتل مانواري جيجي خديجه خانم دائودپوٽي متعلق مختصر ليک پڙهيم، ته ان ئي وقت يادن جي دري کلندي محسوس ڪيم.
زمانو ڪو وڏو به ناهي گذريو، پر هاڻي اهو ماحول به ناهي رهيو، اڳي ڪنهن رسالي ۾ ڇپجڻ جو جيڪو موهه هوندو هو اهو هاڻي ناهي رهيو، ان جي سببن تي مان نه ٿو لکڻ چاهيان، ڇاڪاڻ ته هن وقت مان ۱۹۶۶ع جي دور ۾ هليو ويو آهيان:
مئي جو مهينو آهي، گرمي جي شروعات آهي ۽ مان ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”اديون“ جي ايڊيٽر مانواري جيجي خديجه خانم دائودپوٽي کي خط لکي رهيو آهيان:
جيجي! احساس ندامت ۾ آهيان جو فيبروريءَ جي بجاءِ مئي ۾ رسالي جو ساليانو چندو موڪلي رهيو آهي، اميد ته ناراض نه ٿيندءُ.
جيجي امان مون کي نوڪري ملي آهي! ڇا توهان خوش نه ٿيندءُ؟ ڇا توهان مون هن خوشخبري ٻڌڻ تي مبارڪ نه ڏيندءُ؟
اپريل ۾ مون کي ٽائون ڪاميٽي اوستو محمد ۾ ڪلارڪي ملي آهي. پگهار ملڻ جي انتظار ۾ هوس ته جيئن اوهان کي پنهنجي پياري ۽ دلچسپ رسالي ”اديون“ جو ساليانو چندو موڪلي، اوهان جي ناراضگي دور ڪرڻ جو سعيو ڪريان. سو اڄ پگهار ملي آهي، اڄ ئي رسالي لاءِ ساليانو چندو ارسال خدمت آهي.
اوستي محمد ۾ رهڻ جي ڪري فوٽو به گڏ ڪري نه سگهيس. ٻارن جا سڀ فوٽا شڪارپور واري گهر تي رکيل آهن، سو وري جڏهن شڪارپور وڃان ته هڪدم فوٽو اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪندس. فرط ندامت کان، ان عرصي ۾ مان ڪو به خط لکي نه سگهيو آهيان. ندامت جو سبب صرف رسالي جي خريداري نه ڪري سگهڻ هو.
جيجي امان! اڄ مان هڪ افسانو ”ڳوڙها ۽ ٽهڪ“ ارسال ڪري رهيو آهيان. اميد ته شايع ڪري ممنون و مشڪور ڪرڻ فرمائيندا. منهنجو افسانو قابل اشاعت هجي ته شايع ڪرڻ جو اطلاع ضرور ڏيندا. نوازش. مان اوهان جو اڳ ئي نهايت شڪرگذار آهيان جو اوهين منهنجو ۽ منهنجي والد بزرگوار جو نظم شايع ڪيو آهي.
رسالو اڳ کان اڳرو ٿو نڪري، بس دل بهار بهار ٿيو ٿي وڃي. چڱو اجازت، جوابي لفافو ارسال خدمت آهي، جواب جي نوازش فرمائيندا.
هاڻي مان شڪارپور وڃان ٿو، شاهه لطيف ڪاليج ۾ پرائيويٽ پڙهڻ لاءِ شام جي ڪلاسز لاءِ داخلا وٺان ٿو. ڪجهه ڏينهن ڪاليج وڃڻ کانپوءِ واقف شاگرد، شاگرد يونين جي اليڪشن ۾ بيهڻ لاءِ چون ٿا، پر مان نوڪريءَ ۾ هجڻ جي ڪري انڪار ڪريان ٿو. ٻئي ڏينهن پوسٽ مئن ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”اديون“ جولاءِ ۱۹۶۶ع وارو رسالو اچي ڏئي ٿو.
مان تڪڙ ڪري رسالو نه ٿو کوليان، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ مارچ ۱۹۶۶ع واري پرچي ۾ جڏهن سچل سائينءَ متعلق منهنجو هڪ نظم ڇپيو هو ته تڪڙ ڪري رسالو کولي ڏٺو هيم ۽ خوشيءَ کان ڄڻ چريو ٿي پيو هيم، جو دل چوي پئي ته رڙيون ڪري سڀني کي ٻڌايان ته ڏسو ڏسو منهنجو نظم ڇپيو آهي.
نه چاهيندي به بيقراريءَ وچان رسالي کي کولي ڏسان ٿو، جنهن ۾ منهنجي ڪهاڻي ”ڳوڙها ۽ ٽهڪ“ شايع ٿيل آهي.
”توهان لکندا به آهيو ڇا؟“ مون کي خوش ٿيندي ڏسي پوسٽ مئن پڇي ٿو.
مان رڳو هاڪاري انداز ۾ ڪنڌ لوڏيان ٿو.
اهو پوسٽ مئن منهنجي ڪلاس ميٽ اياز علي سومري جو والد تراب علي سومرو آهي. اياز علي ۽ مان سنڌيءَ جا چار درجا گڏ پڙهيا آهيون. اياز علي ڏاڍو ماٺيڻو ۽ جهيڻي آواز ۾ ڳالهيندڙ آهي، پر هوشيار ڏاڍو آهي. نبي شاه جي اولهه ۾ سومرن جي پاڙي ۾ شڪارپور جي مشهور صحافي شهاب الدين چشتي صاحب جي گهر جي سامهون سندس گهر آهي. پوءِ جڏهن مان هاءِ اسڪول وڃڻ شروع ڪيو ته اسڪول وڃڻ جو رستو به اهو ئي هو. ڇاڪاڻ ته ڪني تلاءَ واري رستي سان بدبوءِ تمام گهڻي هوندي آهي.
پر جڏهن پوسٽ مئن ڪاڪو تراب علي سومرو آگسٽ وارو رسالو نه ٿو آڻي ته مان جيجي خديجه دائودپوٽي ڏانهن خط ٿو لکان:
جيجل!
ڪالهه چوٿين تاريخ تائين پرچو ڪين مليو آهي، الائي ڇو؟ ٽپال کاتي کي مون سان ساڙ ٿي پيو آهي شايد! منهنجو خيال آهي ته آئيندي اوهان ڪو به پرچو موڪليو ته بُڪ پوسٽ لکي ان تي ٽڪليون نه هڻو، پوءِ سمجهان ٿو ته ڏنڊ جي بهاني پوسٽ مئن پرچو ضرور آڻيندو، ڏنڊ مان پاڻ ئي ڀري وٺندس، رسالو ته ملندو نه!
....
در ٿو کڙڪي، ترسو شايد پوسٽ مئن آيو آهي.
شڪارپور اچان ٿو ته گهر ۾ گهڙندي شرط امان ماهوار ”اديون“ جو اپريل ۱۹۶۷ع وارو پرچو ڏيندي چوي ٿي:
”ڪلهه ڪاڪي ٽپاليءَ تنهنجي پڇا پئي ڪئي، مان ٻڌايومانس ته: ”ڇوڪر! جيڪب آباد ۾ نوڪريءَ تي چڙهيو آهي. شڪارپور موڪل واري ڏينهن تي ايندو آهي.“
مان مٿو کنهان ٿو، حالانڪ مٿي ۾ جونئان ڪونهن. پر اصل ۾ ان پرچي ۾ منهنجي اها ڪهاڻي شايع ٿي آهي، جنهن کي جيڪڏهن امان پڙهيل هجي ها ته چڱي جٺ ڪري ها. اها ڪهاڻي ”هوءَ“ جي عنوان سان آهي، جنهن ۾ مان پاڻ کي ننڍي عمر وارو عاشق مزاج مڙس ۽ زال کي سهڻو ۽ لاڏڪو ڏيکاريو آهي. پر ڀائر به پڙهن ها ته ڀائرن جي ٽوڪ ان ڪري سهڻي پوي ها جو اڃا ته منهنجي شادي به ٿيل ڪا نه آهي.
ماهوار ”اديون“ جي جنوري ۱۹۶۸ع وارو پرچي ۾ جڏهن منهنجو هڪ ترجمو ٿيل مضمون ”عورت ۽ مرد“ ڇپيل ٿو ڏسان ته پنهنجي ماضيءَ جي ماضيءَ مان ان ترجمي ڪندڙ جو نالو ٿو ڳولهيان. پر افسوس ٿو ٿئي ته ان مضمون جي ترجمي ڪرڻ وقت مون ان جي اصل ليکڪ جو نالو ڇو نه لکيو هو، هاڻي ڪهڙي خبر پوندي ته اهو مضمون اصل ڪنهن جو لکيل آهي.
افسوس جي ان احساس سان ماهوار “اديون“ نومبر ۱۹۶۹ع وارو پرچي ۾ پنهنجي ڪهاڻي ”مجبوري يا بي وفائي“ ڇپيل ڏسان ٿو ته لڳي ٿو ته ڄڻ ان ترجمو ڪيل مضمون جي افسوس جو عنوان هجي، پر ماهوار ”اديون“ جي ڊسمبر ۱۹۶۹ع جي پرچي ۾ ڀٽو شمس الدين ”اعجاز“ شڪارپوري جو خط پڙهان ٿو ته افسوس جي شدت ڪجهه وڌندي محسوس ڪريان ٿو، لکي ٿو:
”بيدل مسرور بدويءَ جي ڪهاڻي ”مجبوري يا بي وفائي“ جيتوڻيڪ ترجمو ٿيل آهي ته به سٺي آهي ۽ منجهس سنڌي محاورا سٺا ڪم آندل آهن، اميد ته اڳتي هلي بيدل صاحب هڪ سٺو ليکڪ ثابت ٿيندو.“
حالانڪ  ماهوار ”اديون“ جي ڊسمبر ۱۹۶۹ع واري پرچي ۾ منهنجو ”اڌورو افسانو“ به ڇپيو آهي، ۽ مون کي ان تي شرمندگي محسوس ٿي رهي آهي ته مون ان افساني کي ترجمو ظاهر ڇو نه ڪيو آهي. ان ڳالهه جو افسوس ٿئي ٿو ته ماهوار ”اديون“ جي سيپٽمبر ۱۹۷۰ع واري پرچي ۾ نفسيات متعلق ترجمو ڪيل مضمون ”ٻار ۽ ڪوڙ“ جي به اصل مصنف جو نالو ڇو نه لکيو آهي؟
افسوس جي ان آڙاهه ۾ جيجي خديجه دائودپوٽي جي اها شفقت، من تي ٿورو ڇنڊو وجهي ٿي. هاڻي مان سندس گهر ۾ ويٺو آهيان، ڪراچيءَ جي ڊي سلوا گارڊن لس ٻيلي واري سندن بنگلي تي. اڇا اڇا وار، اڇي اڇي ساڙهي، پيرن ۾ اڇو اڇو چمپل، چانهن جا اڇا اڇا ڪوپ. گهر ۾ اڪيلي آهي، ويهي ڪا نه ٿي. بس گهر جي مختلف ڪم ۾ مصروف ٿي نظر اچي. فون جي گهنٽي ٿي وڄي ته ان تي به مختصر ۽ جهيڻو ٿي ڳالهائي، فون بند ڪري چوي ٿي:
”اوهان جي شڪارپور جو آغا عبدالنبي صاحب ۽ ان جي گهر واري به ڪراچيءَ آيل آهن، شام جو اسان وٽ ايندا، توهان به ترسو! چانهن پي اچي هن پاسي آرام ڪريو، شام جو آغا صاحب وارن سان ملاقات به ڪري وٺجو، توهان ته واقف هوندا انهن کان؟“
”جيجي! اصل ۾ مان، سندن جاءِ تي ئي انهن سان ملي آيو آهيان. وري سڀاڻي مون کي موٽي شڪارپور به وڃڻو آهي.“
جيجيءَ منهنجي ڳالهه نه ٿي ٻڌي يا ٻڌڻ نه ٿي چاهي. وڌي هڪ ڪمري ۾ وڃي وري جلد ئي موٽي اچي ٿي؛ ”هن پاسي ”اديون“ جا رسالا رکيا آهن، اهي ئي ويهي ڏسو.“
مان اٿي سندس پويان ان ڪمري ۾ اچان ٿو، جتي رڳو ڪتاب ۽ رسالا پکڙيل آهن. رسالا ۽ ڪتاب ڏسڻ ويهان ٿو خبر ئي ڪا نه ٿي پئي ته وقت ڪيئن ٿو گذري وڃي، ۽ جيجيءَ اچي چوي ٿي: ”اچو آغا صاحب وارا اچي ويا آهن.“
ڪمري مان ٻاهر اچي، مان آغا عبدالنبي خان ۽ سندس گهر واريءَ سان ملان ٿو. آغا صاحب مون کي ڏسي ڏاڍو سرهو ٿئي ٿو ۽ گهر واريءَ کي چوي ٿو: ”سڃاڻوس ٿا؟“
آغا صاحب جي گهر واري پنهنجي پياري مرڪ سان مون ڏي نهاري چوي ٿي: ”اتي شڪارپور ۾ پنهنجي بنگلي تي ايندا آهن،“ ڪجهه ياد ڪندي وري چوي ٿي: ”هي ڳائيندا به ته آهن.“
آغا صاحب ننڍي قد جو، بدن ۾ ڀريل پر وڏي حشمت وارو شخص آهي. ڪمشنر جي عهدي تان رٽاير ٿيڻ جي باوجود، سندس هٿ ۾ ساڳيو گهاٽي ناسي رنگ جو ننڍو رُول آهي. فارسي شاعريءَ کي تمام گهڻو پسند ڪندو آهي. پاڻ سنڌيِءَ ۾ به شاعري ڪندو آهي، ۽ سندس تخلص ”عليگ“ آهي. گهر تي مشاعرا ۽ راڳ جون محفلون ڪرائيندو آهي، جتي سنڌ جا ناميارا شاعر وٽس ايندا آهن. ان لاءِ اسان جي مربي ڀائرن کي به دعوت ڏئي گهرائيندو آهي، جتي اسان سندن مشاعري جي محفل کانپوءِ گڏجي ڳائيندا آهيون. خاص طور امير خسرو واري قوالي کيس ڏاڍي پسند آهي. ايتري قدر جو ان کي ٻڌندي وجد وچان پاڻ به جهومڻ لڳندو آهي ۽ اسان سان گڏجي ڳائيندو آهي. وٽس شڪارپور جا گهڻو ڪري سڀئي شاعر ايندا آهن، جن کي دعوت، شڪارپور جو مشهور شاعر جهامنداس ”عاشق“ ڏئي ايندو آهي. جيڪو پاڻ اداري سچل سرمست جو باني آهي، ۽ جيئن ته خود آغا صاحب به سچل سائينءَ جو پانڌيئڙو آهي، ان ڪري انهن ٻنهي جي پاڻ ۾ گهاٽي دوستي به آهي. ان کان علاوه سلطان ڪوٽ وارا پٺاڻ: آغا نادر علي ”نادر“ پٺاڻ، آغا گل حسن خان ”گل“، اسان جو ڪلاس ٽيچر سائين حبيب الله ڀٽو ۽ جيڪب آباد وارو فيض بخشاپوري سندس ويجها دوست آهن.
آغا صاحب جي گهر واري به نهايت سهڻي سيبتي، ۽ تمام گهڻي پڙهي لکي آهي. شڪارپور ۾ سندن بنگلي تي ٿيندڙ مشاعرن ۾ هوءَ آغا صاحب جي ڀرسان ادب سان ايئن ويهندي آهي، ڄڻ نماز پڙهڻ لاءِ ويٺي هجي. مشاعري جي شاعرن کي رڳو داد ئي نه ڏيندي آهي پر انهن جي کائڻ پيئڻ ۽ آرام جو اونو به رکندي آهي.
رسالن واري ڪمري مان ٻاهر اچان ٿو، آغا صاحب سان جهڪي ملان ٿو. هو مون کي ٻانهن کان پڪڙي سڌو ڪري ڳلي لڳائي ٿو. سندس گهر واري به وڏي عمر جي باوجود تمام حسين لڳي رهي آهي. عينڪ جي پائڻ سان سندس منهن وڌيڪ رعبدار ٿي ويو آهي. مان سندس منهن ۾ نهاري نه ٿو سگهان ته هوءَ ان ڳالهه کي محسوس ڪري مرڪي، هيج منجهان منهنجي ڳل تي ٿپڪي ٿي ڏئي.
”هي ڇوڪر پنهنجي سنگت کان سواءِ اڪيلي سر به سٺو ڳائيندو آهي. پر هنن جو والد فقير ميان غلام علي ”مسرور“ جو جواب ئي ناهي. اهو ته اسان جي شڪارپور جي سونهن هيو. جيترو سٺو ڪلام لکندو هو، اوترو ئي سٺو ڳائيندو به هو، ۽ ڇا ته ستار وڄائيندو هو...“
جيجي خديجه خانم حيرت مان مون ڏانهن نهاري چوي ٿي: ”توهان ڳائيندا به آهيو؟“
مان مرڪي ڪنڌ لوڏي هائو ڪريان ٿو.
”مون کي خبر پئي هئي ته ٻه چار ڏينهن اڳ ابراهيم علي ڀائي آڊيٽوريم ۾ ڪو سنڌي فنڪشن ٿيو هو، جنهن ۾ شڪارپور جي هڪڙي ڇوڪري، شيخ اياز جو ڪو ڪلام ڳايو هو، جنهن تي سارو هال اٿي نچڻ لڳو هو.“
”اهو ڇوڪرو اهو آهي، خانم!“
”هان، واهه! پوءِ اسان کي به ٻڌايو نه!“
پوءِ مان ڳايان ٿو:
مون گيت چيا ها ڪويل ٿي ڪلهه ڪيسوڦل جي ٽارين جا
ٿو جهرمر جهرمر گيت چوان اڃ جهومر جهومر سارين جا
ڪي گيت ڏجهايل ڏاٽن جا، ڪي گيت هپايل هارين جا...
ڪلام ڳائي پورو ٿو ڪريان ته جيجي خديجه خانم ۽ آغا صاحب جي گهر واري هلڪي انداز سان تاڙي وڄائي خوشيءَ جو اظهار ڪن ٿيون، پر آغا صاحب تعريف ڪندي محسوس ڪرائي رهيو آهي ته هو ڪجهه چوڻ ٿو چاهي.
”ڀلا ڪويل ڪيسوڦل جي ٽاريءَ تي ته ويهي ڳائي نه ٿي سگهي، اها ته نهايت نازڪ ٽاري هوندي آهي.“
آغا صاحب پنهنجي گهر واريءَ ڏانهن نهاري، معلوم ڪرڻ واري انداز سان چوي ٿو.
”ڪيسوڦل جي ٽاري واقعي نازڪ ٿيندي آهي آغا صاحب، پر شاعر ڪويل کي ٽاريءَ تي ويهڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي، پر چوي ٿو ته مون ڪويل جيان، ڪالهه ڪيسوڦل جي ٽارين جا گيت ڳايا هيا.“
آغا صاحب خاموش ٿي وڃي ٿو، پر وري چوي ٿو:
”شاعريءَ ۾ ڪيسوڦل جهڙين سُتين ڦڪين جو ذڪر ڪجهه معيوب نه ٿو لڳي.“
”جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هاڻي گل، بلبل جو ذڪر نه ٿو ٿئي آغا صاحب. سنڌي شاعريءَ وٽ پنهنجا وڻ ٽڻ آهن، پنهنجون وسيون واهڻ آهن، پنهنجي غريباڻي حال ۽ ميرن ڪپڙن وارن جا دک درد آهن. پر توهان پنهنجي شاعريءَ ۾ جڏهن ڪنهن حسين دوشيزه جو ذڪر ڪريو ٿا، جنهن جي آمد تي اوهان جو ڪمرو به سندس حسن سان روشن ٿي وڃي ٿو ته اهو حسن جو تصوراتي احساس کي ته اڀاري ٿو پر حقيقت ۾ اهو مبالغو آهي..“ چوندي منهن تي مرڪ تري اچيس ٿي، پل جي وقفي کانپوءِ وري چوي ٿي:
”اهو هڪ شاعراڻو خيال آهي، جيڪو فارسي شاعريءَ جو مزاج آهي!“ چوندي عينڪ لاهي ان جي شيشن کي چتائي ڏسي ٿي، ڄڻ محسوس ڪندي هجي ته ان تي ڪو داغ لڳي ويو هجي. سندس ڪنڌ جهڪيل آهي ۽ انهيءَ دوران ئي هوءَ آغا صاحب کي مرڪي مخاطب ٿي ڪري:
”ڀلا مان به ته اوهان جي ڪمري ۾ ايندي آهيان ته ڪمرو روشن ٿيندو آهي آغا صاحب؟“
آغا صاحب جي منهن تي هڪ لازوال مرڪ تري اچي ٿي، ڄڻ چوندو هجي:
’اوهان جي اچڻ سان ته اسان جا ٻئي جهان روشن ٿي ويندا آهن.‘
سندن گفتگو دوران جيجي خديجه خانم چانهن واري ٽرالي ڇڪي اچي سندن سامهون رکي آهي، جنهن ۾ چانهن کان علاوه پڪوڙا ۽ فروٽ به رکيل آهي، جيجي پنهنجي هٿن سان چانهن ٺاهڻ لڳي ٿي.
”ته هي سڀڪجهه اوهان اڪيلي سر ٿا ڪيو؟“ آغا صاحب تعريفي انداز سان جيجيءَ کي مخاطب ٿو ڪري.
”جي آغا صاحب! مرحوم ڊاڪٽر صاحب جي هوندي به مان نوڪر رکڻ ڪڏهن پسند نه ڪيو، منهنجا فرزند خاص ڪري عيسى ۽ عظيم به گهڻو ئي زور ڪندا آهن ته ڪا نوڪرياڻي رکو پر مان پنهنجا ڪم پاڻ ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪندي آهيان، ۽ خاص طور مهمانن جي اچڻ کان اڳ ئي مان سڀڪجهه تيار ڪري وٺندي آهيان ته جيئن مهمانن سان ويهي ڳالهيون ڪري سگهجن.“
چانهن ڪوپن ۾ لهي ٿي ته آغا صاحب ڪو فارسي شعر چوي ٿو، جيجي خانم ۽ آغا صاحب جي گهر واري سندس شعر ٻڌي واهه واهه ڪرڻ لڳن ٿيون. پر جيئن ته آغا صاحب شعر فارسيءَ ۾ ٿو ٻڌائي ۽ جيئن ته مان اسڪول ۾ به فارسي پڙهڻ کان لنوائيندو هوس، ان ڪري مان جيجيءَ وارن کان موڪلائڻ بهتر ٿو سمجهان، پر سچ پڇو همٿ ڪانه ٿي ٿئي ته آغا صاحب جي شاعري ٻڌائڻ جي وچ مان، اٿي وڃان. ظاهر آهي، اهو محفل جي آداب جي خلاف آهي، سو ماٺ ڪري ويهي، آغا صاحب جي شاعري ٿو ٻڌان.
۽ اها فارسي شاعري ٻڌندي مان پاڻ کي ماضيءَ جي رٿ تان لهندي محسوس ٿو ڪريان، پنهنجي اوسي پاسي ڏسان ٿو، هي سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ واري گهر جو منهنجو ڪمرو آهي ۽ مون کي ياد ٿو اچي ته مان اپريل جي ويهين تاريخ سن ۲۰۲۰ع  جي صبح جو اٺين وڳي پنهنجي ڪمپيوٽر تي اهي يادون لکڻ ويٺو هوس ۽ هاڻي بس رڳو منجهند جو هڪ ٿيو آهي، پر تاريخ ساڳي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا