برج موهن
وسري ويل اديب
نامديو تارا چنداڻي
برج موهن ۽ موهن ديپ، ٿورو ئي سَمو
اڳ وڇڙيل اَديب، هنن جي هوندي ئي وِساريل اَديب چئي سگهون ٿا.
جئن هندي ادب ۾ ڪيترا دفعا وشنو
پرڀاڪر ۽ پرڀاڪر ماچوي ٻه وڏا اَديب گڏ ياد ڪيا ويندا آهن. تئن اسان برج موهن ۽
موهن ديپ کي گڏ ياد ڪري سگهون ٿا.
هو ٻئي سنڌي اَدب ۾ بهتر جڳهه
حاصل ڪرڻ بعد ڄڻ سنڌي اَدبي دنيا کان پاسيرو ٿي ويا ۽ پوءِ ڪجهه سڀاويڪ طور وسرجندا
به ويا. پر هُو هريش واسواڻي يا گورڌن ڀارتيءَ جيان ناراض ٿي پاسيرا ڪو نه ٿيا هئا.
اڄ هنن ٻنهي ٻنهي اَديبن کي ياد
ڪرڻ تي دِل ٿي آهي، اڳ به مون لعل پثپ، شيام جئسنگهاڻي وشنو، ڀاٽيا ۽ ڪن ٻين اديبن
بابت، جن سان ويجهي پنهنجائپ هئي، لکيو آهي.
برج موهن سنڌي اَدب ۾ ڪهاڻي، ناٽڪ،
ڪويتا جي نسبت ۾ يادگار اَديب رهيو. هن سنڌي ادبي بئٺڪن ۾ دلچسپيءَ سان بهرو ورتو
هو هريش واسواڻيءَ ساڻ وڌيڪ ويجهو رهيو. جڏهن هن منهنجو ڪتابي انٽرويو وارو ڪتاب”هريش
واسواڻيءَ سان ملاقات.” پڙهيو ته فون ڪري تمام ڏاڍي خوشي ظاهر ڪئي ۽ ڪافي دير تائين
يادگريون تازيون ڪندو رهيو.
ويجهڙ ۾ ٻه ٽي دفعا ڪن سيمينارن
۾ به شامل ٿيو ۽ پاڻ اَچي ڀاڪر پائي گڏ جندو هو، هيري شيوڪاڻيءَ سان به هن جو ملڻ،
ڳالهائڻ جو سلسلو جاري رهيو هو. هڪ ياد جا اڃان تازي آهي.
مان ننڍڙو مِسڪين ليکڪ هن سان مُبئيءَ
جي وي، ٽي، ڀرسان ڪورٽ جي ٻاهران ملڻ ويو هوس. ڪاري ڪوٽ وارا ڪيترا وڪيل مون کي گراهڪ
سمجهي ورائي ويا. برج به هنن ساڻ هو. هن مون
کي ڇڪي ورتو ۽ چيو ته هي منهنجو دوست آهي، فقط ملڻ آيو آهي.
مون ڏٺو، هو به ان وقت معمولي
پئسن ڪمائڻ لاءِ ڪورٽ ۾ ننڍا وڏا ڪم ڪندو هو. پوءِ هن کي هرائي جهاز جي ٽڪيٽن بوڪ ڪرڻ
جي بزنيس جي ڪمپنيءَ مان لک، ڪروڙ نه پر ان کان به گهڻو وڌيڪ ڪمائڻ جو موقعو مليو.
اها ڪمپني هُن جي اِسٽيج ڪلاڪار پتني پونم جي نالي آهي.
هن پوءِ وري لکڻ، پڙهڻ طرف ڌيان
ڪو نه ڏنو، پر ليکڪن سان ملڻ اڪثر ادبي جلسن ۾ پونم ساڻ به ايندو رهيو ۽ سڪ سان
ملندو رهيو. هن جو هڪ ايڪانڪي ناٽڪ “پڇ” مون سنڌيءَ ۾ ۽ پوءِ هنڌي، گجراتيءَ ۾ اِسٽيج
تي گهڻا دفعا ڪيو. ڀاونگر ۾ اهو ڏاڍو مشهور ٿيو هو. هڪ ڪاليج جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ انعام
مليو. مون اهي پئسا هن کي موڪليا. هن خوشيءَ سان پهچ به ڏني هئي.
پر هو سنڌي داب سان ڪنهن طرح
وري جُڙي ڪو نه سگهيو ۽ اَچانڪ هڪ “خبر” بڻجي ويو. لنڊن مان مئڊم گيتا راج هن جي
ان وڇوڙي جي خبر ۾ ٻڌايو ته.
Yes، it is saddening news. Poor Chap all of
sadden had some fever،
chest infection، nice lovely person full
of excitement ... ... (e.mail. 19-11-2016)
موهن ديپ به لکيو.
It is
really a sad. Brij Mohan was a good friend always full of life and
grinning at it. He was one of the dozen odd writers، me included, who used to meet at a Bazaar gate, Irani hotel (near
Hari Motwani’s shop) to do our readings over drinks. Amen. Mohan Deep. (E.mail 19-11-2016)
برج موهن جي ساهيته ادب بابت. پرم
ابيچنداڻيءَ واري “سنڌي ڀاشا ۽ ساهتيه ڪوش” جي ص ۱۶۷ ۽ ۱۶۸
تي آيل داخلا ۾ “ممتا جا ٻٽدن ۱۹۶۲” ٽٽل ماڻهو سندر مٽنا (۱۹۶۴) “پٿر
جو ديوتا (۱۹۶۶) گم ٿيل چهرو” (۱۹۷۳) ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ناٽڪن جي ڪتاب “بندوبست” جو ذڪر ٿيل آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا