برج موهن
وسري ويل اديب
نامديو تارا چنداڻي
برج موهن ۽ موهن ديپ، ٿورو ئي سَمو
اڳ وڇڙيل اَديب، هنن جي هوندي ئي وِساريل اَديب چئي سگهون ٿا.
جئن هندي ادب ۾ ڪيترا دفعا وشنو
پرڀاڪر ۽ پرڀاڪر ماچوي ٻه وڏا اَديب گڏ ياد ڪيا ويندا آهن. تئن اسان برج موهن ۽
موهن ديپ کي گڏ ياد ڪري سگهون ٿا.
هو ٻئي سنڌي اَدب ۾ بهتر جڳهه
حاصل ڪرڻ بعد ڄڻ سنڌي اَدبي دنيا کان پاسيرو ٿي ويا ۽ پوءِ ڪجهه سڀاويڪ طور وسرجندا
به ويا. پر هُو هريش واسواڻي يا گورڌن ڀارتيءَ جيان ناراض ٿي پاسيرا ڪو نه ٿيا هئا.
