; سنڌي شخصيتون: صوفي شاه عنايت شهيد

12 June, 2017

صوفي شاه عنايت شهيد

شاهه عنايت 
جهوڪ وارو شهيد، صوفي ۽ خانقاهي سوشلزم
مصطفيٰ  لاکو
شاهه عنايت الله صوفي ڳوٺ ميرانپور نزد هاڻوڪو جهوڪ تعلقو ميرپور بٺورو، ضلعو ٺٽو ۾ رهندو هو. پاڻ ذات جو لانگاهه هو، مخدوم فضل الله جو فرزند هو، جيڪو وري مخدوم صدر الدين عرف صدر لانگاهه جي اولاد مان هو. جنهن لاءِ تاريخ جي ڪتابن ۾ چيو وڃي ٿو ته پنهنجي وقت ۾ سنڌ جو مشهور بزرگ هو.
شاهه عنايت الله صوفي کي ۸ جنوري ۱۷۱۸ع تي شهيد ڪيو ويو. سندس زندگي ۽ شهادت بابت اصل حقيقتون شروع کان وٺي اونداهه جي پردي ۾ لڪل رهيون آهن. جيڪي ڪجهه مواد محفوظ ٿي سگهيو آهي تنهن لاءِ ”تحفة الڪرام“ جو ليکڪ مير علي شير ”قانع“ کيريون لهڻي، پر حالتن جي ستم ظريفي اهڙي جو ان ٿوري گهڻي مواد کي به ڇنڊي ڇاڻي، تور تڪ ۽ تجزيو ڪري اصل حقيقت تائين پهچڻ جي ڪنهن ڪوشش ئي ڪا نه ڪئي. نتيجو اهو نڪتو جو عوام جي اڳيان افسانه ۽ ڏند ڪٿائون مشهور ٿي ويون جن کي اڃا تائين زور شور سان ورجايو پيو وڃي. جڏهن ته اصل سوال انهن افسانن ۽ ڏند ڪٿائن جي تهه ۾ لڪل سچي حقيقت کي ڳولي لهڻ جو آهي. ۽ سچ تائين رسائي تيستائين محال آهي جيستائين جذباتيت کي پاسيرو رکي عقل جي آڌار تي ڇنڊڇاڻ نٿي ڪئي وڃي. ان ڪري اچو ته ڏند ڪٿائن جي مٿان اوڙهيل ڪاري چادر کي لاهي ڦٽو ڪريون ۽ حقيقت کي پرکڻ جي ڪوشش ڪريون.


شاهه عنايت صوفي جي باري ۾ هن سال سنڌي اخبارن ۾ ليکڪن پاران جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي تن ۾ انهن ٽن نقطن کي، جن جو ذڪر تحفة الڪرام وارو اڳ ۾ ئي ڪري چڪو آهي، جيئن جو تيئن يا وري ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان مختلف لفظن ۾ پيش ڪيو ويو آهي. پر تور تڪ ڪرڻ جي تڪليف کانسواءِ انهن واقعن جي صحت جي باري ۾ بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي غلط راءِ قائم ڪئي وئي آهي. اهي نقطا آهن؛
۱ ٺٽي جي نواب اعظم خان جو شاهه عنايت صوفي جي خانقاهه تي وڃي ساڻس ملاقات ڪرڻ وارو واقعو،
۲ گرفتاري کانپوءِ ۽ شهادت کان اڳ شاهه عنايت صوفي ۽ نواب اعظم جي وچ ۾ گفتگو
۳ شاهه عنايت صوفي جي گڏيل زراعتي تحريڪ.
هيٺ انهن ٽنهي نقطن جي باري ۾ ڪي سوچڻ جهڙا سوال اٿارجن ٿا.
۱- ٺٽي جي نواب اعظم خان جو شاهه عنايت صوفي جي خانقاهه تي وڃي ساڻس ملاقات ڪرڻ وارو واقعو-ڏند ڪٿا يا حقيقت..:
شاهه عنايت صوفي جي شهادت جو واقعو جنهن دور ۾ ٿيو اهو نواب اعظم خان جي نوابي جو زمانو هو، تحفقه الڪرام مطابق: نواب اعظم خان سن ۱۷۱۲ع ۾ ٺٽي جو نواب بڻجي آيو، نواب اعظم خان والد صالح خان بن فدائي خان، سيد هو، خان جهان ڪو ڪلتاش جي ڀاءُ جو ڏوهٽو هو، مير لطف علي خان رضوي ٺٽوي جي معزول ٿيڻ بعد پنهنجي جلوس فرخ سيري ۾ ۱۱۲۸هه (سن ۱۷۱۲ع) ٺٽي جي صوبيداري مليس پهريائين خواجه محمد خليل کي پنهنجو نائب ڪري موڪليائين پوءِ پاڻ آيو. ۱۱۲۸ کان ۱۱۳۱ هه جي آخر تايئن رهيو کانئس پوءِ ۱۱۳۲ هه ۾ نواب مهابت خان ڪاظم خلاف محمد منعم خان آيو.
افواهه آهن ته نواب اعظم خان شاهه عنايت صوفي جي خانقاهه تي وڃي ساڻس ملاقات ڪئي هئي جنهن ملاقات کي بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي بيان ته ڪيو ٿو وڃي پر ان جي حقيقي يا افسانوي حيثيت کان آگاهه نٿو ڪيو وڃي، نموني طور فقط هڪڙي مضمون جا حوالا هيٺ پيش ڪجن ٿا.
امان شيخ ان ملاقات کي اهڙي نموني پيش ڪري ٿو ڄڻ ته اها ملاقات افسانو نه پر هڪ حقيقت هجي، لکي ٿو:
”............ نواب اعظم خان صوفي شاهه شهيد تي کامندو ۽ پڄرندو هو، ڇو ته هڪ لڱا نواب اعظم ٽيڳر ۾ ڀرجي خانقاهه تي شاهه شهيد جي ملاقات لاءِ پهتو ته فقيرن کيس ويهاري ڇڏيو ته هن مهل صوفي صاحب جن ياد الاهي ۾ محو آهن، جڏهن اعظم خان جو شاهه شهيد سان مکا ميلو ٿيو ته اعظم خان خنڪي سان چيو....
درويش جي در تي دربان نٿو سونهي،. شاهه شهيد ٺهه پهه وراڻيو:
.......ان لاءِ جيئن دنيا جو ڪتو اندر پير نه پائي، انهن سڀني ڪار گذارين نواب اعظم جي سڀني ۾ شاهه شهيد جي خلاف دکندڙ دونهين تي تيل اڇلائڻ جو ڪم ڪيو ۽ انتقام جي آگ ۾ کامي ۽ پڄري رهيو هو. ان ڪري پنهنجي عملدارن کي وڏيرن، سيدن ۽ زميندارن سان صلاح ثبات ڪري دهلي ڏي موڪليو: صوفي شاهه عنايت ۽ سندس فقير ڪنهن کي به ليکي ۾ نٿا آڻين حڪومت جا دعويدار سڏائين ٿا ۽ مغل اعظم جي حڪم مڃڻ کان به ناڪاري ڪيو ويٺا آهن، فرخ سير به ته نه اڳ ڏٺو ۽ نه پٺ ۽ حڪم ڏنائين ته باغين کي طاقت جي زور سان فرمانبرداري سيکاري وڃي، (امان شيخ، اخبار عوامي آواز، تاريخ ۷ جنوري ۱۹۹۰ع). امان شيخ جي ابتڙ اڄ کان اٽڪل ٽيٽيهه (۳۳) سال اڳ سيد حسام الدين راشدي کي اها ملاقات حقيقت نه پر هڪ ڏند ڪٿا ڏسڻ ۾ آئي. هن شاهه شهيد جي سوانح جا ماخذ، جي عنوان سان لکيل پنهنجي مضمون، جيڪو سندس ڪتاب ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن ۾“ درج آهي، ۾ ان ملاقات جو ذڪر هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
”چيو وڃي ٿو ته هڪ دفعي اعظم خان پاڻ شاهه شهيد وٽ لنگهي ويو، پر دروازي تي دربان کيس روڪيو ته هن وقت شاهه صاحب درود وظيفي ۾ مشغول آهي ٿورو ترسو. اعظم خان کي مٺيان ته لڳي پر ٿوري دير ترسي پيو، جڏهن شاهه شهيد سان ملاقات ڪيائين تڏهن ئي کيس اهو ڏوراپو ڏيندي چيائين ته.... درويش جي در تي دربان نه هئڻ گهرجي، شاهه جواب ۾ چيس ته هئڻ گهرجي ته جيئن دنياوي ڪتا اندر اچي نه سگهن، چيو وڃي ٿو ته اهو اعظم خان جي مخالفت جو سبب ٿيو.
ليڪن کي اها محض ڏند ڪٿا ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اصل سبب اهي ئي آهن، جيڪي بيان ٿي چڪا آهن. ٺٽي جو حاڪم مخالف، ٺٽي جا علماءَ سڳورا دشمن، انهيءَ حد تائين جو شاهه غلام محمد کي آخر سندن مخالفت ڪري دهلي وڃڻو پيو. مخدوم محمد معين جي محبت شاهه شهيد سان ٿي ته نه فقط سندس مرشد ابوالقاسم ساڻس ناراض ٿيو بلڪ مولوي محمد هاشم جي خاندان جڏهن مخدوم معين جي مخالفت شروع ڪئي ته مٿس ٻين الزامن سان گڏ اهو به الزام مڙهيائون ته هو شاهه عنايت جو معتقد آهي.
شاهه عنايت جڏهن شهيد ٿيو تڏهن شڪارپور وارو شاهه فقير الله علوي ڏاڍو خوش ٿيو، جنهن جو اظهار هن پنهنجي خطن ۾ ڪيو آهي“. (صفحو ۴۳-۳۴۲)
مٿي بيانيل ٽڪري کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اڄ کان ٽيٽيهه سال (۳۳) اڳ يعني ۱۹۵۲ع ۾ سيد حسام الدين راشدي کي ٺٽي جي نواب اعظم پاران شاهه شهيد جي خانقاهه تي وڃي ساڻس ملاقات ڪرڻ وارو معاملو ”محض ڏند ڪٿا ڏسڻ ۾ اچي ٿي“.
۱۹ صدي واري روس ۾ هڪ عظيم مفڪر ٿي گذريو آهي جنهن جو نالو هيو نڪولائي گيور بلوچ چيرنيشيوسڪي. هي صاحب ادب ۽ فن ۾ هڪ عمدي ۽ عاليشان، عرش عظيم جي اوچاين کي ڇهندڙ نظريي جو پر جوش پشتيبان/ چئمپين هو، جيڪو نظريو، سندس چواڻي تڏهن ڪاميابيءَ سان حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ليکڪ معاشري جي مهاڙي وارين صفن ۾ آهي، جڏهن هو پنهنجي لکڻين ۾ نه رڳو حقيقت جي عڪاسي پر ان جي تشريح پڻ ڪري ٿو ۽ ان حقيقت جي مٿان پنهنجي فتويٰ به صادر ڪري ٿو جڏهن هو پنهنجي وقت جي ترقي پسند خيالن جو نقيب بڻجي زندگي گذاري ٿو، هن عظيم مفڪر جي ان چوڻي جي روشني ۾ سيد حسام الدين راشدي ڪهڙو مقام ٿو والاري، اهو بحث جيئن ته اسان جي هن مضمون جي دائري کان ٻاهر آهي تنهن ڪري في الحال ان کي پاسيرو رکي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته راشدي صاحب، نواب اعظم پاران شاهه شهيد جي خانقاهه تي وڃي ساڻس ملاقات ڪرڻ واري واقعي تي پنهنجي فتويٰ، فيصلو يا راءِ ڏئي ان کي ”ڏند ڪٿا“ ڪوٺيو.
ضروري ناهي ته ڪنهن جون فتوائون، فيصلا يا رايا صحيح هجن، اُهي غلط به ٿي سگهن ٿا پر غلط هئڻ جي ڊپ کان يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري پنهنجي فتويٰ، فيصلو يا راءِ ڏيڻ کان ڪيٻائڻ نه گهرجي. اڳ ۾ ڏنل فتوائن جي مٿان بعد ۾ فتوائون جاري ڪري انهن کي غلط يا درست قرار ڏئي سگهجي ٿو پر ائين ڪرڻ لاءِ معقول دليلن جو هجڻ نهايت ضروري آهي.
ڪو سڄڻ جڏهن ۱۹۹۰ع ۾ شاهه عنايت صوفي شهيد تي مضمون لکي ٿو ۽ ان مضمون ۾ ٺٽي جي نواب اعظم پاران شاهه شهيد مان اها اميد رکڻ اجائي نه ٿيندي ته اهو اڄ کان ٽيٽيهه سال اڳ سيد حسام الدين راشدي پاران ان ملاقات بابت ڏنل راءِ، جنهن ۾ ان ملاقات کي ”محض ڏند ڪٿا“ ڪوٺيو ويو، تي معقول دليلن جي آڌار تي پنهنجي حوالي سان ڪيترا ئي مونجهاري ۾ مبتلا ڪندڙ سوال ذهن ۾ اڀرن ٿا جن جو جواب ڏيڻ ضروري ٿيو پوي مثال طور:-
1.    ٺٽي جو نواب اعظم خان ڪهڙي ڪم سانگي شاهه عنايت صوفي وٽ لنگهي ويو هو؟
2.    نواب اعظم خان پاڻ شاهه شهيد وٽ ”لنگهي“ ويو هو، جيئن راشدي صاحب لکيو آهي، يا هو ”ٽيڳر ۾ ڀرجي“ خانقاهه تي شاهه شهيد جي ملاقات لاءِ پهتو هو، جيئن امان شيخ لکيو آهي؟
3.    جيتري قدر ”ٽيڳر ۾ ڀرجڻ“ جو سوال آهي ته نواب اعظم خان جهڙي آڪڙيل ماڻهو کي شاهه شهيد جي خانقاهه تي وڃي ساڻس ملاقات ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ اهڙي قسم جو ٽرڙو حاڪم ته بجاءِ پاڻ وٽس هلي وڃڻ جي حڪم صادر ڪري پنهنجي نوڪرن/ عملدارن جي هٿان به کيس پاڻ وٽ اوطاق تي/درٻار ۾ گهرائي پئي سگهيو ۽ شاهه شهيد جي پاران اچڻ کان انڪار ڪرڻ جي صورت ۾ کيس ”سبق سيکارڻ“ جو سٺو بهانو پڻ هٿ ڪري پئي سگهيو، جيڪڏهن ملاقات ڪرڻ مان سندس مقصد بهانو هٿ ڪرڻ هو، چيو وڃي ٿو: ”نواب اعظم به جيئن ٺٽي پهتو ته شاهه شهيد جي ويرين جي ور چڙهي ويو جن سندس ڪن ڀري ڳاڙهو ڪري ڇڏيو.
4.    اهو ”قدم کڻڻ“ ۽ شاهه شهيد پاران ”جواب ڏياري موڪلڻ“ کانپوءِ ترت ئي نواب اعظم ”ٽيڳر ۾ ڀرجي“ خانقاهه تي شاهه شهيد جي ملاقات لاءِ پهتو هو يا ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾ واپس موٽي وڃي اهم قدم کنيو هئائين؟
5.    نواب اعظم خان پروگرام مطابق اڳواٽ اطلاع ڏئي شاهه عنايت صوفي وٽ ويو هو يا تن ڏينهن جي حاڪمن ۾ اڄ جي حاڪمن وانگر اهڙي قسم جي ريت رسم رائج نه هئي تنهن ڪري اوچتو ئي اوچتو، بنا ٻڌائڻ جي ڪمهلو اچي ڪڙڪيو هو؟
6.    نواب صاحب جنهن وقت شاهه شهيد سان ملاقات ڪرڻ لاءِ آيو سو وقت ڪهڙو هو صبح هئي، شام يا رات؟
7.    نواب صاحب ملاقات ڪرڻ لاءِ ڪٿان سڌو ٺٽي کان يا ڪنهن ٻي جاءِ تان اڪيلو اسهيو هيو يا دربانن جي لوڌ به ساڻس گڏ هئي؟
8.    يا ان وقت جي حاڪمن ۾ دربانن جي لوڌ ساڻ کڻي هلڻ جو رواج نه هو ۽ بنا کٽڪي جي بي ڊپا ٿيو اڪيلائي اڪيلا گهمندا هئا؟
9.    ڇا شاهه عنايت صوفي سوچڻ سمجهڻ کانسواءِ اهڙا جملا اچاريندو هو، جيڪي سندس دشمنن جي دلين ۾ دکندڙ نفرت جي دونهين تي تيل  اڇلائڻ جو ڪم ڏيندا هئا؟
10. (۱۰ هر هنڌ حوالي طور ڪتب ايندڙ جملا اعظم خان چيو، ”درويش جي در تي دربان نه هئڻ گهرجي“ تنهن تي شاهه شهيد وراڻيو، ”هئڻ گهرجي ته جيئن دنياوي ڪتا اندر اچي نه سگهن“ انهن جملن کان سواءِ ٻين ڪهڙن مسئلن تي ٻنهي جي وچ ۾ گفتگو ٿي هئي؟
11. ٻنهي جي وچ ۾ گفتگو ٿي به هئي يا نه، يا شاهه شهيد جي واتان ورندي ٻڌندي ئي ٺپ ٺري ويا هيس ۽ اتان ئي کڻي کڙين تي زور رکيو هئائين؟
12. اهو جملو نواب اعظم پاران شاهه شهيد کي ”ڏوراپو“ ڏيندي چيو ويو هو، جئين راشدي صاحب لکي ٿو يا ”خنڪي وچان چيو ويو هو، جيئن امان شيخ ٻڌائي ٿو؟
13. لکيو وڃي ٿو، ”نواب اعظم به جيئن ٺٽي پهتو ته شاهه شهيد جي ويرين جي ور چڙهي ويو جن سندس ڪن ڀري ڳاڙهو ڪري ڇڏيو“ (امان شيخ) پنهنجي ويرين پاران پيدا ڪيل انهي خطرناڪ صورتحال کان صوفي سائين آگاهه هو يا نه؟ جي ها ته پوءِ،
14. پنهنجي دشمنن جي انهي سازش جو، جيڪي نواب اعظم کي سندس خلاف هٿيو ڪري استعمال ڪري رهيا هئا، ٽوڙ ڪرڻ لاءِ ڪهڙا اپاءُ ورتائين؟
15. اپاءُ ورتائين به يا انهن کي غير ضروري سمجهي اهميت نه ڏنائين”
16. نواب اعظم کي دوست بڻائڻ نه سهي پر گهٽ ۾ گهٽ اهڙو بڻائجي جو اهو سندس دشمنن جي هٿ ۾ هٿيو ٿي استعمال نه ٿئي اهڙي قسم جي ڪوشش به کيس اجائي پئي ڏسڻ ۾ آئي ڇا؟
17. نواب اعظم ٺٽي ۾ پهچندي ئي شاهه شهيد جي ويرين جي ور چڙهي ويو هو يا وري ان جي ابتڙ کيس دهلي جي حڪمران پاران صوبيدار ڪري موڪليو ئي خاص ان مقصد لاءِ ويو هو ته وڃي عنايت صوفي جي گڏيل زراعتي تحريڪ کي چٿي؟
18. هي ٻه جملا ”انت ته دشمن ۽ مخالفن جي منصوبن هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ دهلي جي حڪمران فرخ سير جهوڪ جي گڏيل زراعتي تحريڪ جا بخيا اڊيڙڻ واسطي نواب اعظم کي ۱۷۱۶ع ۾ ٺٽي جو صوبيدار ڪري موڪيلو. نواب اعظم به جيئن ٺٽي پهتو ته شاهه شهيد جي ويرين جي ورچڙهي ويو، جن سندس ڪن ڀري ڳاڙهو ڪري ڇڏيو“ انهن ٻنهي جملن مان ڪهڙو صحيح آهي ۽ ڪهڙو غلط؟ ٻئي جملا ته صحيح ٿي نٿا سگهن يقينن ڪو هڪڙو جملو صحيح هوندو اڳيون يا پويون؟ سوچڻ جهڙو سوال آهي ته جيڪڏهن فرخ سير کي جهوڪ جي تحريڪ جا بخيا اڊيڙڻا ئي هئا ته ان لاءِ کيس نواب اعظم کي صوبيدار ڪري موڪلڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، هو وقت جو حاڪم هو فرمان جاري ڪري شاهه عنايت صوفي جي خانقاهه کي انعام ۾ ڏنل زمينون ضبط ڪري پئي سگهيو پر آخر تائين، ويندي شاهه عنايت جي شهادت کانپوءِ تائين، اهو پتو نه پئجي سگهيو آهي انهن زمينن سان وقت جي سرڪار ڪهڙو حال ڪيو آهي، زمينون خانقاهه جون ئي رهيون يا وري ڪنهن ٻئي ڌر کي انعام ۾ ڏنيون ويون.
(۲) گرفتاري کانپوءِ ۽ شهادت کان اڳ شاهه عنايت صوفي ۽ نواب اعظم جي وچ ۾ ٿيل گفتگو-سچو يا منگهڙت قصو.
امان شيخ لکي ٿو، ”شاهه شهيد کي درٻار ۾ آندو ويو ۽ مغرور نواب هڏي سان پڇيس ۽ انهن بي ڌڙڪ جوابن مان ائين ٿو لڳي ته جنهن همت، حوصلي ۽ مردانگي سان شاهه شهيد وقت جي سامراجي ذهنيت کي منهن تي کتيون ٻڌايون سو هڪ انقلابي جو ئي وڙ آهي.
نواب اعظم: ٻڌاءِ ته هي ڇا جي شورش برپا ڪئي اٿئي؟
شاهه شهيد: جنهن ڏينهن سائين آسمان کي گردش جو حڪم ڏنو ۽ مشتريءَ کي ٻين ستن ستارن سان سينگاريو رب جي عدالت ۾ منهنجو ڀاڳ ائين ئي هو، ان ۾ منهنجي ڪهڙي خطا منهنجي نصيبن ۾ ئي ائين لکيل هو.
اتي ئي ڀرپاسي ۾ شيخ رضا نالي شاعر ويٺو هو تنهن چيس:
دوست عالم خواب منهنجان سجاڳ ٿي بيهوده ڳالهيون نه ڪر تنهن حساب ڪتاب جو وقت ويجهو آهي.
شاهه شهيد: مونکي نيڪ نامي جي گهٽ گهيڙ ۾ اچڻ ئي ڪو نه ڏنو ويو آهي توکي جيڪڏهن نٿو وڻي ته خدا جي حڪم کي مٽاءِ.
اعظم خان: ته پوءِ هاڻي پنهنجي ڪيتي جي سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي.
شاهه شهيد: حق جي عاشقن لاءِ سزا اهڙي حيثيت رکي ٿي جهڙي سون لاءِ باهه.
اعظم خان: بدنامي ڇو ٿو ڳنهين وٺين ۽ ڇو مصيبت جو نشانو بڻجين پيو؟
شاهه شهيد: عاشق ملامت جو بار نه کڻي ته ٻيو ڇا ڪري تمنا جي تير کان بچڻ لاءِ ڍال ڪنهن به سورهيه وٽ ڪانهي.
اعظم خان: هاڻي تون قتل ٿيڻ وارو آهين ته اجائي سجائي ڊيگهه پٽاڙ ڇو ٿو ڪرين؟
شاهه شهيد: جنهن جي دل عشق جي ڪري جيئري جاڳندي آهي، سا ڪڏهن به مري مات نه ٿيندي آهي، اسان جي ابديت جي مهر ڪائنات جي دفتر تي لڳل آهي.
اعظم خان: ڀلا ٻڌاءِ ته بادشاهه جي فرمانبرداري کان ٻاهر ٻاهر قدم ڇو رکيو جڏهن ته ”اولوالامر“ جي اطاعت جو حڪم آهي؟
شاهه شهيد: اسين مريد ڪعبي ڏانهن منهن ڪيئن ڪيون، جڏهن ته اسان جي مرشد جو منهن ميخاني ڏانهن آهي.
اعظم خان: هاڻي اميدن جي اڻهوند تي ڏک ڪرڻ مان ڇا حاصل؟
شاهه شهيد: مون جنهن وقت عشق جي چشمي تي وضو ڪيو ان وقت هستيءَ جي هر وٿ کي ست سلام ڪيا هئا؟
نيٺ اهو ڏينهن به اچي پهتو جو نواب اعظم خان، حق جي طرفدار، صوفي اعظم، مالڪ ۽ سنڌ ڌرتيءَ تي پهرين گڏيل کيتي جي پرچارڪ جو سر قلم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
اهو ڏينهن ۷ جنوري ۱۷۱۷ع مطابق ۱۵ صفر ۱۱۱۳هه جو هو.
اهڙي قسم جي گفتگو سيد سبط حسن، شاهه عنايت صوفي بابت پنهنجي اردو ٻوليءَ م لکيل مضمون، جيڪو ”جڏهن جهوڪ جهريو“ جي عنوان سان رشيد ڀٽي صاحب سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، ۾ پڻ نقل ڪئي آهي، لکي ٿو، ”نواب جيڪي سوال ڪيا پئي، صوفي صاحب گهڻي ڀاڱي انهن جا جواب خواجه حافظ شيرازي جي ٻوليءَ ۾ پئي ڏنا. (ص ۴۵) انهن سوالن ۽ جوابن جي ڏي وٺ تي تبصرو ڪندي اڳتي هلي ”جڏهن جهوڪ جهريو“ وارو لکي ٿو، ”چئي نٿو سگهجي ته اعظم خان ۽ صوفي شاهه عنايت جي وچ ۾ گفتگو جو داستان ڪنهن اعتبار جوڳي شاهدي ۽ ثبوت تي بيٺل آهي، يا صوفي شهيد جي ڪنهن خوش مذاق پوئلڳ جي خيالي اڏام جي تخليق آهي. پر ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته صوفي شاهه عنايت آخري دم تائين پنهنجي زندگيءَ جي اصول تي اٽل رهيو. ان جي اٽل ارادي واري بنياد ۾ گهڙي پل به لوڏو نه آيو“ (ص ۵۸).
شاهه عنايت صوفي پاران قائم ڪيل گڏيل زراعتي نظام تي ڳالهائڻ کان اڳ ۾ سندس اباڻين زمينن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي.
ڍل جي معافي سان زمينون ۽ بادشاهن جا مفاد:
ان وقت جا بادشاهه ڪهڙا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي ڍل جي معافيءَ سان زمينون ڏيندا هئا؟ بادشاهه پاران شاهه عنايت صوفي جي گهراڻي کي زمين ڏيئي ڪهڙا مقصد حاصل ڪيا ويندا هئا؟ امان شيخ لکي ٿو ”شاهه شهيد جهوڪ ۾ ٿانيڪو ٿيڻ سان علم ۽ عقل جي دونهين دکائڻ شروع ڪئي ۽ اباڻي ملڪيت کي گڏيل ملڪيت قرار ڏئي، چوڻ لڳو ته سڀ ڪجهه سائينءَ جو آهي اچو ته رلجي ڪاهيون، پاڻ کڻون ۽ پاڻ پچايون ۽ گڏجي کائون. انهيءَ فطرتي سڏ جي موٽ هينئن ٿي ته هارين جا ڪٽڪ لڏي اچي جهوڪ جي آس پاس رهڻ لڳا ۽ شاهه شهيد جي حلقه عقيدت ۾ داخل ٿيڻ لڳا. هينئر اردگرد جي زميندارن، پيرن ۽ وڏيرن ۾ اچي ٿرٿلو پيو ته جهوڪ ۾ شاهه شهيد جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان جو انت سندن موت تي ٿيڻو آهي. ڇو ته هنن جا ڪڙمي ڪاسبي به گڏيل کيتيءَ جي لاڀ حاصل ڪرڻ ۽ صدين کان استحصالي سرشتي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ جهوڪ ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا هئا“.
پڙهي معلوم ٿيو ته شاهه عنايت کي اباڻي زمين به هئي. پر اڃا تائين اهو پتو نه پئجي سگهيو آهي ته اها زمين گهڻن ايڪڙن تي ٻڌل هئي. لڳي ٿو ته صوفي سائينءَ کي ڳپل زمين هئي تڏهن ته ”هارين جي ڪٽڪن“ کي منهن ڏنو هئائين! ساڳئي وقت هي سوال پڻ اڀري ٿو ته وٽس اها زمين ڪهڙي وسيلي کان آئي هئي؟ ان سلسلي ۾، اسان جي رهنمائي ڪندي، سيد حسام الدين راشدي ٻڌائي ٿو، ”سندس (شاهه عنايت جو) خاندان مدتن کان معزز ۽ محترم هو، خدا آگاهي انهيءَ خاندان جي خمير ۽ ضمير ۾ موجود هئي، خانقاهه موجود، سند قائم ۽ مريدن جو وڏو گروهه انهيءَ گهراڻي سان وابسته هو، مغليه دستور مطابق انهيءَ خاندان کي ڍل جي معافيءَ سان پنهنجي ڳوٺ جي پسگردائي ۾ زمينون پڻ مليل هيون، جن تي سندس بزرگن جو گذران هو“. (ص ۳۵۵)
ظاهر آهي ته مغل سرڪار اهڙي قسم جو دستور، جنهن ۾ ڍل جي معافي سان زمين ڏني ويندي هئي، پنهنجي نقصان کي نظر ۾ رکي ته ڪونه جوڙيو هوندو! مغل سرڪار اهڙي قسم جو دستور خانقاهن کي پنهنجي خلاف استعمال ڪرڻ خاطر ته ڪونه جوڙيون هونديون! اهو ڏسڻ جي سخت ضرورت آهي ته ان وقت جون خانقاهون، تصوف سميت، ڪهڙي نموني سان وقت جي سرڪار جي فائدي لاءِ استعمال ٿينديون هيون؟
ساڳئي ڪتاب ۾ راشدي صاحب، صوفي صاحب جي زمينن جي سلسلي ۾ مير علي شير قانع جي حوالي سان لکي ٿو. ”شاهه عنايت الله صوفي مشرب فقيرن جي جماعت ۽ صلح مذهب خادمن جي گروهه سميت مدت کان پنهنجي قديمي ڳوٺ جهوڪ، جنهن کي ميرانپور سڏجي ٿو ۽ غازي واهه جي ڪناري تي بٺوري پرڳڻي ۾ آهي، ياد الاهي ۾ زندگي بسر ڪندو هو ۽ پنهنجو ۽ پنهنجي خانقاهه جو گذر بسر انهيءَ زمين کي آباد ڪري، ڪندو هو، جيڪا سندس گهراڻي کي تيموري سلطانن کان معافي ڍل سان مدتن کان وجهه معاش لاءِ مليل هئي.“ (ص ۳۱۸)
ان وقت جي بادشاهن جي دستور مطابق ڍل جي معافي سان زمين ڪنهن کي ڏني ويندي هئي، ڪهڙن شرطن تي ڏني ويندي هئي ۽ ايئن ڪرڻ ۾ بادشاهن کي ڪهڙو فائدو پهچندو هو؟ شاهه عنايت صوفي جي گهراڻي ۾ ان وقت جي بادشاهن کي ڪهڙي دلچسپي هئي جو کيس ڍل جي معافيءَ سان، يعني، انعام ۾ زمين ڏني ويئي؟
انهن سوالن جي جواب لاءِ اچو ڏسون ته ”جڏهن جهوڪ جهريو“ جو مصنف ڇا ٿو لکي:
”مغل سلطنت جي عمارت به جاگيرداري نظام جي پيڙهه تي بيٺل هئي، جيتوڻيڪ اصولي طور زمين رياست جي ملڪيت هئي ۽ رياستي سربراهه کي ان تي پورو پورو وس ۽ اختيار هو، تڏهن به قبضي جي لحاظ کان زمين جا چار قسم هئا: (۱) خالصه (۲) جاگير (۳) سيور غال يا مدد معاش يا انعام (۴) زمينداري.
(۱) خالصه جون زمينون بادشاهه جي ذاتي ملڪيت هوندي هئي، سنڌ ۾ مغلن جي ڏينهن ۾ خالصه زمينون تمام گهٽ هيون... ۽ ٻن حصن ۾ ورهايل هيون. پهريون خالصه سلطاني، جن جي آمدني شاهي خزاني ۾ شامل ٿيندي هئي، ٻيو اهي زمينون جي صوبيدارن، فوجدارن ۽ حاڪمن جي ڪفالت ڪنديون هيون.
(۲) جاگيردار طبقو حڪومت جو ٻانهن ٻيلي هو. گهٽ ۾ گهٽ مني زمين انهيءَ طبقي جي متصرفي ۾ هئي. مغلن جاگيرداري ۽ منصب داري کي ملائي فوجي رياست جو جيڪو نظام رائج ڪيو، ان ڪري جاگيردار طبقو بادشاهه جي رحم ڪرم جو ٿورائتو ٿي پيو. شاهي گهراڻي جي ڀاتين ۽ وزيرن وڙن کان وٺي صوبن جو ناظم ۽ ان جو ماتحت عملو، سڀئي فوجي عهديدار هوندا هئا ۽ منصبدار چوائيندا هئا.
اهي منصب داريون ڏهه هزاري کان شروع ٿينديون هيون ۽ ڏهن سوارن تي توڙ ڪنديون هيون. منصب دارن جي رتبي جو نبيرو انهيءَ نسبت سان (تعداد) سان ڪيو ويندو هو ۽ ان حساب سان ئي انهن کي سرڪاري خدمت جي بجا آوري لاءِ روڪ پگهار جي بدلي جاگيرون ڏنيون وينديون هيون. ڄڻ ته هو فوجي به هوندا هئا، نواب ۽ شهري انتظاميا جا رڪن به. منصبدارن جي بدليءَ“ برطرفيءَ يا موت جي صورت ۾ انهن جي جاگير رياست ڏانهن موٽندي هئي. جيئن ته سرڪاري عهدا موروثي نه هئا، ان ڪري جاگيرون به موروثي نه هيون، وڏن منصبدارن (جهڙوڪ صوبيدار) جي مقرري ۽ بدلي به ڪنهن قائدن يا نيمن انوسار ڪو نه ٿيندي هئي، پر بادشاهه جي مرضي تي هوندي هئي. ان ڪري انهن عهديدارن کي ڪا خبر ڪا نه هوندي هئي ته هو ڪڏهن بدلي يا برطرف ڪيا ويندا. هو پنهنجا فرض نهايت ئي غير يقيني جي صورت ۽ حالت ۾ ادا ڪندا هئا.
(۳) سيور غال يا مدد معاش اهي زمينون هيون،جي مڪتبن ۽ مدرسن جي خرچ لاءِ يا عالمن، فاضلن ۽ سيد خاندانن جي گذر بسر ڪرڻ لاءِ بطور معافي ڏنيون وينديون هيون. علم ۽ ڄاڻ کي هٿي ڏيڻ جو هي طريقو ارغونن شروع ڪيو هو ۽ ترخانن به ان کي جاري رکيو. البت مدد معاش جو هڪڙو شرط هوندو هو ته وظيفو وٺندڙ وقت جي حاڪم جا وفادار رهن. اهڙي ريت ارغونن ۽ ترخانن سنڌ ۾ پڙهيل ڳڙهيل شخصن ۽ بااثر خاندانن جو هڪ مکيه طبقو پيدا ڪيو جنهن جو مفاد حڪومت سان وابسته هوندو هو. مغلن جي ڏينهن ۾ مدد معاش جي ايراضي ۾ واڌ آئي، اورنگزيب کان اڳ اهي معافيون موروثي نه هونديون هيون، اورنگزيب انهن کي موروثي ڪري ڇڏيو.
ڊاڪٽر انصار زاهد جي اندازي مطابق سنڌ ۾ سيور غال کي موروثي ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ ۾ سابق عالمن ۽ مشائخن جي خاندانن جي اثر رسوخ ۾ درجي بدرجي واڌارو ٿيندو ويو ۽ نهايت ئي سگهارو فيوڊل گروهه ٺهي پيو. انهن خاندانن مان علم ۽ فضيلت ته هڪ ٻن پيڙهين پڄاڻان موڪلائي ويا پر جاگيرون اڃا به رهيون ۽ پيري مريدي جو ڪاروبار ڏاڍو چمڪيو ۽ چڙهيو. (ڏسو ”جڏهن جهوڪ جهريو“ صفحو ۲۰ کان ۲۵)
جواب ملي ويو! وقت جي بادشاهن پاران، ارغونن، ترخانن ۾ مغلن پاران، جن جي سنڌ دشمني عالم آشڪار آهي، مدد معاش لاءِ ڍل جي معافي سان زمينون ڏيڻ جو فقط ”هڪڙو شرط هوندو هو“ اهو هي ته ”وظيفو وٺندڙ وقت جي حاڪمن جا وفادار ٿي رهن. اهڙي ريت ارغونن ۽ ترخانن سنڌ ۾ پڙهيل ڳڙهيل شخصن ۽ بااثر خاندان جو هڪ مکيه طبقو پيدا ڪيو جنهن جو مفاد حڪومت سان وابسته هوندو هو.“ اهو هو شرط جنهن جي بنياد تي شاهه عنايت صوفي جي وڏڙن کي وقت جي حاڪمن هٿان انعام ۾ يا وظيفي طور زمينن سان نوازيو ويو هو.
شاهه عنايت صوفي جي گڏيل
زراعتي تحريڪ يا خانقاهي سوشلزم.
شاهه عنايت صوفي پنهنجي قائم ڪيل گڏيل کيتي جي نظام کي ڪهڙي نالي سان سڏيندو هو تنهن جو پتو پئجي نه سگهيو آهي، پر سيد سبط حسن سميت سندس سمورا اڄوڪي دور جا عقيدت مند ليکڪ وڏي شوق سان ان نظام کي سوشلزم جي نالي سان سڏڻ ۾ دلي تسڪين محسوس ڪن ٿا. تنهن ڪري ڏسڻو پوي ٿو ته آخر اهو ڪهڙي قسم جو سوشلزم هو. ڇو جو سوشلزم جا به گهڻا قسم آهن. گهڻو گهڻو پوءِ جي پيداوار آهي، اهو سوشلزم صوفي سائين جي شهادت کان اٽڪل سوا سئو سال پوءِ وجود ۾ آيو. سائنسي سوشلزم جي وجود وٺڻ کان اڳ غير سائنسي سوشلزم جا ڪيترائي قسم مروج هئا، جيڪي اڃا تائين نڪو ٿا مرن نه ئي وري ٿا منجو ڇڏين ۽ سائنسي سوشلزم انهن سڀني جو رد آهي. جيڪڏهن شاهه عنايت صوفي پاران قائم ڪيل اجتماعي زرعي نظام کي ڪو سهڻو ٺپو هڻي سنواري ۽ سينگاري سوشلزم جي ڪنهن خاني ۾ رکيو وڃي ته اهو ڪهڙي برانڊ جو سوشلزم هوندو. اهو هوندو جاگيرداراڻي دور جو خانقاهي سوشلزم. ڏسو نه سلطنت جي عمارت جي پيڙهه بيٺل هجي جاگيرداري نظام تي، زمين هجي رياست جي ملڪيت ۽ ان ملڪيت جو مالڪ هجي رياست جو حاڪم يعني سلطان، اهو سلطان سڳورو پنهنجي سلطاني کي بچائڻ لاءِ پڙهيل ڳڙهيل شخصن ۽ بااثر خاندانن جو مکيه حلقو پيدا ڪري ان کي لالچ ڏئي پنهنجي حڪومت سان ڳنڍي ۽ اهڙي “خير“ جي ڪم لاءِ خانقاهن کي خوش ڪرڻ خاطر انعام ۾ زمينون ڏئي ۽ انهن خانقاهن جا ڪي نيڪدل سجاده نشين ”مفت“ ۾ مليل زمينن جي مالڪاڻن حقن سان هٿ چراند ڪرڻ کانسواءِ مالڪي (ownership) کي جيئن جو تيئن برقرار رکي وظيفي ۾ مليل زمينن ۾ گڏيل کيتي جو نظام قائم ڪن، ان کي جاگيرداراڻو خانقاهي سوشلزم نه چئجي ته ڀلا ٻيو ڇا سڏجي؟ اهڙي قسم جي خانقاهي سوشلزم مان جيڪڏهن ڪو شخص اڄ ويهين صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ سمجهي ٿو ته استحصال جو خاتمو اچي ها ته اها نه رڳو خود فريبي جي انتها چئبي پر تاريخ کان ناواقفيت پڻ، جنهن جي پڙهڻ سان پروڙ ٿي پوي ته اوائلي دور جي انسان وٽ مشترڪ ملڪيت تي ٻڌل گڏيل کيتيءَ جو نظام هوندو هو پر ان دور کي سونهري دور نٿو چئي سگهجي. شايد اهو ئي سبب آهي جو اهڙي، گڏيل کيتيءَ جي نظام کي تاريخ جي ارتقائي عمل هڻي ڍڪو ڪري وڌو ۽ ان جي پيٽ مان استحصال ۽ اڻبرابري تي ٻڌل طبقاتي سماج ڄائو. اهو تازو ڄاول ٻار پنهنجي وقت جو نسبتا ترقي پسند هو جنهن جي ڄمڻ سان تهذيب جو آغاز ٿيو، جيڪو سماج، جيتوڻيڪ مري چڪو آهي، پر ان کي اها پرواهه ناهي ته عظيم مفڪر روسو سندس باري ۾ ڪهڙي راءِ ٿو رکي، اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿيو. يعني، گڏيل کيتيءَ جي نظام جي ڪُک مان اڻبرابري وارو طبقاتي سماج ڪيئن وجود ۾ آيو. تنهن جي اپٽار ڪرڻ اسان جو مقصد ناهي تنهن ڪري اصل موضوع ڏانهن واپس اچجي ٿو.
صوفي شاهه عنايت شهيد جي نيڪ نيتي تي شڪ ڪرڻ اجايو آهي ڇو جو دلين جو حال ته صرف الله ٿو ڄاڻي. پر هتي تاريخي ارتقا جي نقطئه نگاهه کان هڪڙي ڳالهه ذهن ۾ رکڻ نهايت ضروري آهي ته سندس خانقاهي سوشلزم نه ان وقت، 1718ع ۾ سنڌ جي مسئلن جو حل هو ۽ نه ئي وري اڄ سنڌ جي درد جي دوا آهي، ڇو جو صدين کان قائم استحصال ۽ اڻبرابريءَ واري سماج کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ اهڙي قسم جي سوشلزم سڳوري جي وس کان ٻاهر هو ۽ آهي. ناڪامي کي مقدر وٽان حڪم مليل  هو ته وڃي سوشلزم سڳوري جا قدم چمي، ڀلا جيڪڏهن دل کي بهلائڻ خاطر ٿوري دير لاءِ فرض ڪري وٺون ته اهو ڪامياب وڃي ها ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟ ظلم ۽ اڻبرابري ختم ٿي وڃي ها؟ نه. وڌ ۾ وڌ ظلم ۽ استحصال جي شڪل تبديل ٿئي ها ٻيو مڙئي خير هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته اها شڪل، سرمائيداراڻي شڪل هئڻ ڪري، جاگيردارڻي غلامي، اڻبرابري ۽ استحصال کان سوين ڀيرا سٺي هجي ها. باقي اهو چوڻ ته صوفي سائين جو سوشلزم سڳورو استحصال جو ئي خاتمو آڻي ڇڏي ها.
نسورو ڪوڙ آهي. سياسي معاشيات جي سائنس جي نقطئه نگاهه کان. اڄ سنڌ جن مسئلن سان منهن مقابل آهي تن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ شاهه عنايت صوفي وارو خانقاهي سوشلزم ڪنهن به قسم جي مدد نٿو ڪري سگهي ڇو؟ وقت جي حاڪمن تي ميار ناهي انهن جو ڪم ئي هوندو آهي اهڙين تحريڪن کي بي درديءَ سان ڪچلڻ، پر پنهنجو پاڻ کي ڪچلائڻ جي سامان سان اها تحريڪ پاڻ به سراپا سلهاڙيل هئي، جنهن حقيقت کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو عار نه هئڻ گهرجي، هاري تحريڪ سوشلسٽ ٿيندي ئي ڪو نه آهي اها بنيادي طور تي جمهوري تحريڪ ٿي سگهي ٿي. تاريخ چتاءُ ڏيندي چوي ٿي ته جيڪڏهن ڪنهن هاري تحريڪ جا ترا ڪڍڻا هجنوَ ته ان کي سوشلزم جا سڱ پهرايو، جي اڃا به پيٽ نه ڀرجيو ته ان کي صوفياڻي رنگ ۾ رنڱيو، باقي ڪسر رهيل هجي ته ان کي مريدن جي وفادار ٽولي سميت هڪ عدد خانقاهه جو مالڪ بڻائي ڇڏيو! چوڻ جو مطلب هي آهي ته ٽي عنصر- سوشلزم، تصوف ۽ خانقاهه انهن ٽنهي جو گڏ وچڙ هاري تحريڪ کي نهوڙڻ لاءِ ڪافي آهي.
خير جيڪو ٿيو سو ٿيو هاڻي جيئن ته اهڙي قسم جي خانقاهي سوشلزم کي تاريخ جو ارتقائي عمل قبر ۾ دفن ڪري چڪو آهي، ان کي اتي ابدي آرام ڪرڻ ڏيو ۽ ان کي مدد لاءِ پڪاري ان جي آرام ۾ خلل نه وجهو. سچي ۽ ڪڙي ڳالهه هي آهي ته اڄ جي حالتن ۾ صوفي سائين واري خانقاهي سوشلزم جو نسخو نه رڳو انتهائي بيڪار آهي پر شهادت جي سرهاڻ سان واسيل قاتل زهر جي هڪ پڙي پڻ آهي جنهن کي ترياق سمجهي جيڪڏهجن ڪنهن اڄاڻ استعمال ڪيو ته مريض چڱو ڀلو ٿيڻ بجاءِ سڌو وڃي حورن جي هنج ۾ ويهندو ۽ نه رڳو ايترو پر جيڪڏهن اهڙي دقيانوسي ۽ مردار نسخي (خانقاهه سوشلزم) جي شان ۾ اجايا، ابتا ۽ سبتا قصيدا ڳائي شهرين جي جمهوري ۽ سوشلسٽ شعور کي اڃا به وڌيڪ مڏو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اها ڪوشش پڻ قاتل زهر کان گهٽ خطرناڪ نه هوندي. شايد اهڙين تحريڪن ۽ انهن جي ساراهه ۾ ابتا سبتا قصيدا ڳائڻ وارن کي نظر ۾ رکي شاهه لطيف کي هي چوڻو پيو:
جِئِنِ جُهڳَا پائين جهول ۾، ائن نه مَرَنَ مِڇِ،
سَبَرَ ڌار سَمُنڊ جا، ڪي رائون رڱيون رَڇ،
هي ڇارون ۽ ڇَڇَ، اڃا اوڙاهه آڳاهون ٿيو.



جو کيڙي، سو کائي
محمد حيات تنيو
سنڌ، صوفين، سرويچن، وطن پرستن ۽ دودن جي ڌرتي آهي، جن جي جدوجهد ۽ قربانين سان سموري تاريخ ڀري پئي آهي، جن پنهنجي قوم ۽ وطن جي حقن لاءِ ويڙهاند ڪندي نه صرف ڌارين، حملو ڪندڙن ۽ ڦورن سان، پر مقامي جاگيردارن، وڏيرن، ڀوتارن، سردارن، مُلن، مولوين ۽ پنڊتن جي دوکن، فريبن، چالاڪين، ٺڳين، ويساھ گهاتين، دلالين ۽ غدارين خلاف ويڙھ ۽ مزاحمت ڪندي سنڌ جي غريب، بي پهچ، بي  سهارا ۽ لاچار ماڻهن جي حقن ۽ سنڌ جي قومي سالميت، خودمختياري ۽ تشخص جي بقا ۽ تحفظ لاءِ وڙهندي ڪيتريون ئي تڪليفون، ڏک، صعوبتون، سختيون ۽ اذيتون برداشت ڪندي پنهنجي ۽ پنهنجن سرويچ ساٿين جي سرن جا نذرانا پئي پيش ڪيا آهن.
اهڙن ئي سچن سرويچن ۽ صوفين مان 1065 هجري  1655ع ۾ جنم وٺندڙ صوفي شاھ عنايت الله به هڪ آهي، شاھ عنايت جو جنم ان وقت ٿيو جڏهن هندستان تي مغل شهنشاهن جي شهنشاهيت هئي ۽ دهلي مان سنڌ تي گورنر مقرر ٿي ايندا هئا، جنهنڪري سنڌ ڪيترن ئي عذابن کي ڀوڳيندي رهندي هئي، هڪ طرف مرڪز پاران سنڌ تي مڙهيل، ڏنڊ، ڍلون ۽ ٽئڪس، ٻئي طرف سنڌ جي حڪمرانن ۽ گورنرن جي ڦرلٽ ته ٽئين پاسي وري مقامي ڀوتارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ناانصافين، بيواجبين ۽ اُرھ زوراين عوام جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي هئي، اهڙي ظلم، جبر، ناانصافي ۽ بربريت خلاف صوفي شاھ عنايت، سنڌ جي غريبن، مسڪينن، مجبورن، هيسيل ۽ هراسيل، هارين، پورهيتن، ڪمين ۽ ڪاسبين کي گڏ ڪري انهن جي ڦريل ۽ غضب ڪيل حقن جي حاصلات لاءِ ۽ سنڌ جي عزت، آجپي ۽ خوشحالي واري پرگرام کي عملي شڪل ڏيندي ”جو کيڙي، سو کائي“ جي نعري هيٺ سمورن مظلومن ۽ محڪومن کي گڏ ڪري ظالم، جابر ۽ ڦورو حڪمرانن ۽ انهن جي دلال مقامي جاگيردارن، زميندارن ۽ وڏيرن خلاف عملي جدوجهد ۽ مزاحمت جو اعلان ڪيو، جنهن ٺٽي کان وٺي دهلي تائين ويٺل شهنشاهن، بادشاهن، پيرن، ميرن، زميندارن ۽ انهن جي دلالن جي دلين ۾ لرزش ۽ خوف پيدا ڪري ڇڏيو، سمورن کي پنهنجا قهري ڪوٽ ڪرندي ۽ ڊهندي محسوس ٿي رهيا هيا، جنهنڪري صوفي شاھ عنايت جي صوفي ازم ۽ ڀائيچاري واري فلسفي، فڪر ۽ پروگرام کان ڊڄي سڀ کان پهريان پليجاڻي جي زميندار نور محمد پليجي، حمل بن لاکي ۽ سيد عبدالواسع، (جيڪو شاھ لطيف جي سوٽاڻن مان ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙي واري جو سجاده نشين هو) شامل هيا، جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته شاھ لطيف کيس گهڻو ئي سمجهايو ته ميرانپور جا صوفي حق تي آهن پر عبدالواسع لالچ ۽ لوڀ جي انڌي گهوڙي تي سوار  هڪ انتهاپسند جاگيردار ۽ پير هو، جنهن شاھ لطيف جي هڪ به نه ٻڌي ۽ صوفي فقيرن سان کئونس ۽ جهيڙو شروع ڪيائون، ڇو ته صوفي شاھ عنايت انسان ذات جي روحاني اصلاح ۽ تربيت ڪرڻ سان گڏ ان وقت جي حالتن آهر اقتصادي ۽ معاشرتي آزادي لاءِ هڪ نئون ۽ جديد فلسفو روشناس ڪرايو، جنهن ۾ هڪ صوفي جو ڪردار سمورن مسئلن کان ڪناري ڪشي ڪري وڃي جبل، جهنگ، برپٽ ۽ بيابان وسائي يا مئخانن ۽ اوتارن ۾ وڃي مونن ۾ منهن وجهي سموري دنيا کان لاتعلق ۽ لاپرواھ بڻجي ويهي رهڻ نه هو، پرصوفي شاھ عنايت جومقصد ۽ پروگرام اهو هيو ته حڪمرانن ۽ انهن جي ڦورو ٽولن، ظالمن ۽ انهن جي ساٿارين  ڦرلٽ ڪندڙ استحصالي قوتن جي سموري جبر، ڦرلٽ ۽ ناحق خلاف خاموش تماشائي بڻجي ڏسڻ بجاءِ ان سموري سسٽم ۽ طريقيڪار خلاف منظم تنظيم ڪاري ڪندي، سگهاري جدوجهد ۽ ويڙھ ڪجي، صوفي شاھ عنايت جي ان پروگرام سان، ظلم ۽ جبر جي چڪي ۾ پيسجندڙ هارين، پورهيتن ۽ مسڪين ماڻهن جي دلين مان جاگيردارن ۽ ڀوتارن جو خوف ختم ٿيڻ لڳو، ذهنن تي چڙهيل ڪَٽُ لهڻ لڳي، صدين جي غلاميءَ جا زنجير ٽٽڻ لڳا، ماڻهن ۾ همٿ حوصلو ۽ بغاوت جنم وٺڻ لڳي ۽ ماڻهن انڪار ڪرڻ شروع ڪيو، ”جو کيڙي سو کائي“ وارو انقلابي پروگرام عام ٿيڻ شروع ٿيو، صوفي شاھ عنايت جي تنظيم ۽ تحريڪ ڏينهون ڏينهن متحرڪ ۽ منظم ٿيندي رهي، جيڪي ڳالهيون مغل شهنشاھ تائين به پهتيون جنهن گورنر اعظم خان کي صوفي فقيرن جي وڌندڙ اثر ۽ بغاوت کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. گورنر اعظم خان، مير شهدادخان ٽالپر کي اها ذميواري سوپيندي چيو ته توهان ئي آهيو جيڪي مغل سلطنت، جاگيردارن ۽ پيرن جي عزت بچائي سگهو ٿا. مير شهدادخان وڏي چالاڪي ۽ مڪاري سان هڪ منصوبي تحت پنجويھه ٽيھه سپاهين کي اڇا جهنڊا هٿن ۾ ڏئي، مير محمد خان ڪلهوڙي کي ساڻ وٺي قرآن شريف هٿ ۾کڻي، امن جو صدائون هڻندي ٺاھ جون ڳالهيون ڪرڻ جي بهاني سان صوفي شاهه عنايت وٽ پهچي قرآن تي هٿ رکي کين يقين ڏياريو ته گورنر اعظم خان ۽ ٻيا جنگ کان بيزار ٿي چڪا آهن ۽ هنن جهوڪ شريف تي حملو ڪري پڇتايو آهي، گورنر اعظم خان پاڻ توهان وٽ اچڻ پيو چاهي پر جنگي پريشان جي ڪري بيمار ٿي پيو آهي ان لاءِ توهان مهرباني ڪري اعظم خان وٽ هلو ته جيئن ڳالهيون ڪري معاملي کي سلجهائي هميشه لاءِ حل ڪري ڇڏجي، شاهه عنايت پنهنجن فقيرن سان مشورو ڪرڻ بعد پنهنجي ڀاءُ رحمت الله شاھ، سندس پٽُ  محمد يوسف ۽ ٻين ٻارنهن فقيرن کي ساڻ وٺي ڳالهين لاءِ روانو ٿيو، فقيرن جو وفد جيئن ئي گورنر اعظم خان جي تنبو ۾ پهتو ته کين دوکي سان گرفتار ڪري سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي ان جي اڳيان ئي شهيد ڪرڻ کان پوءِ صوفي شاھ عنايت کي سندس ئي تلوار سان شهيد ڪيو ويو جيڪا تلوار گرفتاري وقت فوجين ضبط ڪئي هئي، هي اها تلوار هئي جيڪا شاھ عنايت بيجاپور ۾ پنهنجي مرشد کان موڪلائڻ وقت تحفن مان چونڊ ڪري کنئي هئي صوفي شاھ عنايت کي شهيد ڪرائڻ کانپوءِ جهوڪ شريف ۾ صوفين جي سڄي ڳوٺ کي باھ ڏئي ساڙي ظلم ۽ بربريت جو اهڙو مثال قائم ڪيو ويو جيڪو تاريخ ۾ سدائين ڪاري باب طور شامل رهندو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ اڄ به هارين ۽ پورهيتن سان اهو ساڳيو ظلم ۽ جبر جاري آهي، ٻج ۽ ڀاڻ مهانگا، نقلي زرعي دوائون ۽ ٻج، زرعي جنسن جا مناسب اگھه نه ملڻ سميت اڄ تائين وفاق جي نالي ۾سنڌ کي ڪالوني سمجهي ان جي وسيلن ۽ حقن تي ڌاڙا لڳندا رهن ٿا، هارين ۽  پورهيتن سان جاگيردارن، پيرن، ميرن ۽ انهن جي دلالن جا ڪلور اڄ به ساڳيا  آهن، پر افسوس ان ڳالھه جو آهي ته صوفي شاھ عنايت جي فڪر ۽ فلسفي کي سندن پونئيرن ۽ مريدن سميت اسان سڀ وساري ويهي رهيا آهيون، سنڌ جي وڏي اڪثيريت رکندڙ آبادي هارين ۽ پورهيتن جي اڄ ڪا به منظم ۽ متحرڪ تنظيم ڪونهي، سنڌ جي قومپرست پارٽين به هارين جي تنظيم ڪاري کي پنهنجي ايجنڊا تان ئي گم ڪري ڇڏيو آهي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هارين لاءِ ڪيل تاريخي جدوجهد به هاڻي ماضيءَ جو هڪ قصو بڻجي تاريخ جي صفحن ۾ دفن ٿي چڪي آهي.
هن وقت گهرج ان ڳالهھ جي آهي ته سنڌ جي قومپرست پارٽين کي ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾ وڃي هارين جي تعليم ۽ تربيت ڪري انهن کي پنهنجي تنظيم سان جوڙي منظم ۽ متحرڪ بڻائين ته جيئن هو سنڌ جي عزت، آجپي ۽ خوشحالي واري پروگرام ۾ سندن ٻانهن ٻيلي ٿي بيهن ۽ اليڪشن ۾ بيهاريل اميدوارن کي ووٽ ڪري اسيمبلين تائين پهچائن ته جيئن هارين، پورهيتن ۽ واڍن جي پٽن کي سنڌ جو حقيقي وارث  ۽ مالڪ بڻائڻ واري جدوجهد ڪاميابي ماڻي سگهي.
صوفي ازم جي علمبردار، حق ۽ سچ جو نعرو هڻندڙ ۽ سنڌ جي غريب، مسڪين ۽ محڪوم ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهندڙ صوفي شاھ عنايت جي 308 هون عرس مبارڪ جو افتتاح درگاھ جو گادي نشين عطاءُالله ستاري ڪري چڪو آهي جتي حڪمرانن جو رويو اڄ به ساڳيو آهي، جيڪو ان وقت جي حڪمرانن جو صوفي شاھ عنايت سان هيو! البته اها الڳ ۽ سوچڻ جي ڳالھه آهي ته اڄ جا گادي نشين ۽ سندس پيروڪار، صوفي شاھ عنايت جي شروع ڪيل تحريڪ ۽ ڏسيل رستي تي ڪيترو هلن ٿا.


جو کيڙي، سو کائي
علي ڏنو جروار
سنڌ سدائين صوفين، درويشن، بزرگن ۽ عالمن جي ڌرتي رهي آهي، جنهن ۾ شاهه عنايت سميت ڪيترا ئي صوفي ۽ عالم پيدا ٿيا. شاهه عنايت حق ۽ سچ لاءِ پنهنجي جان جي بازي لڳائي، پنهنجي حق، سچ ۽ انصاف واري ڳالهه تي قائم رهيو. شاهه عنايت جنهن مظلومن، هارين ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو هو، هن جيڪو نعرو ڏنو هو، اُهو سوشلزم ۽ ڪميونزم کان به اڳ ۾ وجود ۾ آيو هو. شاهه عنايت جو نعرو هو ته جو کيڙي سو کائي، مطلب ته جيڪو محنت ڪري ٿو، پنهنجو پگهر وهائي ٿو، ڏينهن رات ٻنين ۾ گذاري ٿو ۽ جڏهن فصل پچي تيار ٿئي ٿو، اپت ٿئي ٿي ته اها به اُنهيءَ جي ملڪيت آهي، جيڪا ڳالهه هتي جي وڏيرن، جاگيردارن ۽ نوابن کي ڏکي لڳي، نتيجي ۾ شاهه عنايت کي پنهنجي سوين ساٿين سميت جان جو نذرانو ڏيڻو پيو.
سوشلزم ۽ ڪميونزم جو نظريو به اُهو ئي آهي ته ڪمائيندڙ يا محنت ڪندڙ مزدور جو ئي اُن جي اپت ۾ مالڪيءَ جو حق آهي، پر سنڌ جي پيڙهيل ۽ مظلوم ماڻهن جي حالت ڏسي شاهه عنايت شهيد الاعلان اِهو نعرو هنيو ته هي ڌرتي انهيءَ جي ملڪيت آهي، جيڪو اُنهيءَ کي کيڙي ٿو. سنڌ جي جاگيردارن سدائين ڌارين جو سهارو وٺي پنهنجن کي نقصان پهچايو آهي. شاهه عنايت جي شهادت به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي ته هِتي جي بااثر ماڻهن اِهو نه پئي چاهيو ته جيڪي سدائين محڪوم رهيا آهن، اُهي اسان جي اڳيان ڪنڌ اوچو ڪري سگهن ۽ اسان سان برابري جي بنياد تي هلن. هنن دهليءَ جي حڪمرانن کي جن جي سنڌ حڪومت انهيءَ وقت جي حساب سان چوندا آهن ته آنڪي ڀريندي هئي، يعني ٽيڪس دهليءَ جي حڪمرانن کي ادا ڪندي هئي، تن کي ٻڌايائون ته سنڌ ۾ اوهان جي خلاف تمام وڏي بغاوت ٿيڻ واري آهي، جنهن کي ڪچلڻ تمام ضروري آهي.
سنڌ جي جاگيردارن جي درخواست تي ان وقت جي دهليءَ جي حڪمرانن پنهنجو لشڪر سنڌ روانو ڪيو، جن دوکي ۽ دغا سان شاهه عنايت ۽ سندس ساٿين کي شهيد ڪري اِها هاري حقدار تحريڪ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ظاهري طور ته شاهه عنايت ۽ سندن ساٿين شهادت جو جام پيتو پر ان جو جيڪو نتيجو نڪتو يا ان جو جيڪو اثر آهي، اُهو اڄ تائين قائم آهي. دنيا جا سڀئي بين الاقوامي نظريا شاهه عنايت جي مظلومن واري حق جي نعري بلند ٿيڻ کانپوءِ وجود ۾ آيا آهن. سنڌ سميت دنيا جا مظلوم ۽ محڪوم طبقا اڄ به شاهه عنايت کي شهيد ۽ مظلومن جو ساٿي سمجهي ياد ڪندا آهن، پر کيس مارائيندڙ يا شهيد ڪندڙ ڪردارن کي غدار جهڙي لفظ سان ياد ڪيو وڃي ٿو. سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن انهيءَ موضوع تي اُن وقت کان وٺي اڄ تائين پنهنجا رايا ڏنا آهن، سڀني شاهه عنايت شهيد کي زبردست قسم جو خراج تحسين پيش ڪيو آهي، لطيف سائين جو هيٺيون بيت
نه سي وونئڻ وڻن ۾، نه سي ڪاتاريون،
پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
به شاهه عنايت جي ياد ۾ آهي، ڇاڪاڻ ته شاهه عنايت جي وڇوڙي کانپوءِ لطيف سائين کي اِهو علائقو ويران نظر آيو. جنهن جو اظهار مٿين سٽن ۾ موجود آهي.
سنڌ جتي اڄ به پورهيتن، هارين، مزدورن ۽ پيڙهيل طبقي مٿان ظلم جاري آهي، اُتي شاهه عنايت جو اُهو نظريو کين اُتساهيندڙ آهي. سنڌي ٻوليءَ جي بهترين ليکڪ سراج به شاهه عنايت شهيد جي شهادت متعلق ٽن جلدن ۾ ناول لکيو آهي، جيڪو پيڙهيل طبقن جي حمايت جو هِڪ چٽو ثبوت آهي. سنڌ ۾ ضرورت هِن ڳالهه جي آهي ته اڄ به شاهه عنايت جي نعري جي روشنيءَ ۾ جدوجهد هلائي پورهيتن، هارين ۽ مظلومن کي پنهنجا حق ڏياري سگهجن ٿا. جتي ظلم آهي اتي ظالم به موجود آهي، جنهن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ ڪنهن تحريڪ جي ضرورت آهي، جيئن پورهيو ڪندڙ ماڻهو ڪو سُک جو ساهه کڻي سگهن، کين ٻه ويلا مانيءَ جا نصيب ٿي سگهن. سنڌ جي ماڻهن جي اڪثريت غربت جي آخري لڪير کان به هيٺ واري زندگي گذاري رهي آهي، اُنهن جي خوشحاليءَ لاءِ اديبن، شاعرن، صحافين ۽ سول سوسائٽيءَ جي نمائندن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، باقي غدار، موقعي پرست ۽ دوکي باز ماڻهو ته هر دور ۾ موجود رهيا آهن، جن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ سڀني ساڃاهه وندن کي پنهنجا سِر اڏيءَ تي رکي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ پورهيتن کي پنهنجا حق ڏيارڻا پوندا.
اڄ به سنڌ جو هاري هر طرفي ظلم جو شڪار آهي، ان کي فصلن لاءِ پورو پاڻي نه ٿو مِلي. جڏهن فصل پچي راس ٿين ٿا ته کيس اُن جو صحيح اگهه نه ٿو ملي، جڏهن ته ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، انهن سڀني کان بچاءَ لاءِ اڄ به شاهه عنايت شهيد جي نعري جو سهارو وٺي جدوجهد ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجا حق حاصل ڪرڻا پوندا.



صوفي شاهه عنايت
جهڄان پسيو جهوڪ، آيل سنگهارن جي
پروفيسر عطا بلو
۱۷ صفر جي حوالي سان خيال آيو ته، عظيم صوفي شاهه عنايت شهيد ميرانپور واري تي ڪجهه لکجي. حقيقت ۾ آئون پاڻ ڏهاڪو کن سالن کان هر سال جهوڪ جي ميلي تي ويندڙ آهيان، جتي سنڌ جي سڀني درگاهن کان هڪ منفرد ۽ نرالي قسم جو ميلو ٿئي ٿو، نه لائوڊ اسپيڪر جو شور ۽ نه وري ڪوبه مٿي اگهاڙو. درگاهه جي احاطي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ بوٽ يا چپل ٻاهر لاهي اچڻو پوندو آهي. ڀلي سڄي رات فقير راڳ ويراڳ ٻڌي واپس ٿئي ته بوٽ يا جُتي ساڳي ئي جاءِ تي ملندي. مطلب ته ايڏو امن! نه جيب ڪترن جو خوف ۽ نه وري ماني يا چانهه لاءِ  هوٽلن کي جاچڻ، ڇو ته، مانيءَ جو بندوبست درگاهه جي طرفان ٿيل هوندو آهي. وڏي ڳالهه هتي نشي پتي تي مڪمل پابندي آهي.
چون ٿا ته عشق، الاهي عنايت آهي ۽ علم انساني ڪوششن جو نتيجو ٿئي ٿو. مولانا ابوالڪلام آزاد هڪ هنڌ چيو هو ته، ”جن اکين ڪڏهن ڪنهن جي انتظار ۾ اوجاڳو نه ڪيو هوندو، تن کي حق جو جلوو ڪيئن نظر ايندو؟“ معنيٰ ته عشق جي لاٽ کانسواءِ حقيقي روشنيءَ جو نظر اچڻ ممڪن ئي ناهي، علم تي زوال اچي سگهي ٿو، پر عشق لازوال آهي. سرمد، منصور ۽ شاهه عنايت شهيد اڄ به زنده آهن، پر انهن مفتين ۽ قاضين  جا نه قلم آهن ۽ نه وري انهن جو  ڪو نانءُ ۽ نشان به! پر عاشقن جي قبرن جي صديون گذرڻ کانپوءِ به عشق  پاڻ ئي سنڀال ڪندو اچي ۽ انهن جي آبياري به پاڻ ئي پيو ڪري. دنيا جي تاريخ تي جيڪڏهن نظر وجهبي ته اتي انسان کي هڪ قاتل، ٻيو شهيد، ته ٽيون غدار به نظر اچي ٿو ۽ شاهه عنايت شهيد واري خوني راند ۾ به اسان کي اهي ٽئي ڪردار نظر اچن ٿا. قاتلن ۾ مغلن جو گورنر اعظم خان، شهادت ۾ شاهه عنايت شهيد ۽ ٽئين نمبر تي سنڌ جا وڏيرا ۽ فقير مان ڦري بادشاهه بڻيل خدا آبادي ڪلهوڙو ميان يار محمد ۽ ان کان  علاوه جن جن کي جاگيرن، پراونن ۽ نوابي لقبن جي گهرج هئي، تن سڀني کي مغلن شاهه عنايت کي شهيد ڪرائڻ لاءِ پڇ ٻڌي مهيري ڪيو هو. هونئن به ڏسو نه، علاؤالدين خلجي سومرن سان پاڻ ته جنگ ڪرڻ ڪونه آيو هو! ان کي به ته سومرن ئي سڏائي سنڌ تاراج ڪرائي هئي. مدد خان پٺاڻ کي به ته ميرن ئي ڪلهوڙن  خلاف دعوت ڏيئي سنڌ کي تباهه ڪرايو هو. بس ”ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾.“ اڃان به جيڪڏهن سؤ سوا سال پوئتي هلجي ته اسان کي سنڌ ۾ ساڳئي ئي قسم جا ابن الوقت وڏيرا، ملان، پير ۽ جاگيردار نظر اچن ٿا، جن جاگيرون ۽ نوابي، پيريءَ جا لقب القاب وٺي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي ٽياس تي ٽنگرايو هو، جنهن ۾ سنڌ جون خاص ڪري ۹۲ پيراڻيون گاديون آهن، جن انگريزن جي حق ۾ فتويٰ  جاري ڪئي هئي ته انگريز جي حمايت ۽ مدد ڪرڻ اسانجو عين اسلامي فريضو آهي.
اسان جڏهن صوفي عنايت شهيد جي زندگيءَ تي نظر ٿا وجهون ته پاڻ سڀ کان پهرين ملتان کان ٿيندا دهليءَ پهچن ٿا ۽ سڀ کان  پهرين مخدوم شاهه غلام محمد سان ملاقات ڪري ان کان ديني سبق ورتائون، پر استاد سمجهي چڪو هو ته جنهن سنڌي شاگرد کي آئون پاڙهي رهيو آهيان، سو ته ڄمندي ئي ڄام آهي، تنهن ڪري شاهه عنايت کي ساڻ ڪري بيجاپور (دکن) ۾ وڃي پنهنجي استاد ۽ مرشد مخدوم شاهه عبدالملڪ جيلانيءَ جن وٽ حاضر ڪيائون. روايتن ۾ اچي ٿو ته مخدوم شاهه عبدالملڪ وٽ شاهه عنايت شهيد سان گڏ سنڌ جا ٻيا شاگرد به هئا، جن ۾ حضرت سچل سرمست جو ڏاڏو  فقير صاحب ڏنو فاروقي، حمزه شاهه نِمائي، جنهن جي درگاهه اڏيري لعل جي ڀرسان آهي، فقير ابراهيم ڪاتيار مڪان شريف ديهه ٻائل ٻوچڙن وارو ۽ داسڙي وارو پير محمد امين درس ..... انهن سڀني بزرگن کي به فيض شاهه عبدالمڪ وٽان ئي مليو، پر حقيقت ۾ ميان صاحب ڏني فاروقي رحه کي فيض شاهه عبدالملڪ جي ٻئي نمبر ڀاءُ شاهه عبيدالله جيلاني القادري وٽان مليو هو. پاڻ صوفي شاهه عنايت شهيد، مرشد وٽ ۱۲ سال رهيا. مرشد کيس چيو ته، ”منهنجي حجري ۾ وڃو ۽ جيڪا شئي پسند اچي، سا ڀلي کڻو.“ پاڻ حجري ۾ داخل ٿيا، جتي تلوار، مصلو، تسبيح ۽ ڪئونرو رکيل ڏٺائون ۽ تلوار هٿ ۾ کڻي اچي مرشد جي حضور ۾ حاضر ٿيا، تنهن تي مرشد فرمايو ته اوهان شهادت قبول ڪئي آهي! هي ٻارنهن درهم اوهان پاڻ وٽ رکو، جيڪي اوهان کي پنهنجي قاتل کي اجوري طور ڏيڻا پوندا. تنهن کانپوءِ  قادري سلسلي جو خلافت وارو خرقو پارائي  فيض ورهائڻ جي اجازت ڏنائون ۽ صوفي شاهه عنايت ۱۲ سالن جي رياضتن ۽ مجاهدن کانپوءِ جڏهن سنڌ واپس اچڻ لڳو ته اهوئي مرشد ڀائي ۽ استاد مخدوم غلام محمد به سندن عشق ۾ سنڌ تائين گڏيو آيو ۽  ڪجهه  عرصو  هتي رهي به پيو پر پوءِ هتان جي مولوين بزرگ سڳوري تي قتل جي تعزير  متحرير ڪئي، جنهن تي شاهه عنايت شهيد کين واپس دهليءَ  ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو.
جيئن ته صوفي شاهه عنايت جو تصوف وارو طريقو وحدت الوجودي هو، معنيٰ سڀ ۾ اهو ئي آهي، جنهن ۾ نه ڪو ڀيد هو نه تعصب ۽ تفريق، زندگي صاف، روح پاڪ، ذاتي ضرورتون محدود، بس حق ئي حق. ان دور ۾ سنڌ جا ماڻهو صدين کان سور سهندي سهندي ٿڪجي پيا هئا ۽ دليون ڦٽيل هئن، هر وقت ٻاهريون ڪاهون، مفلسي، ڦرلٽ، غلامي، نه داد نه فرياد، نه انساني جسم جي سلامتي نه روح کي سڪون، ذاتين ۽ فرقن ۾ فساد، هر طرف اندروني نفاق، تعصب ۽ تنگدلي، ماڻهو ماڻهوءَ جو دشمن. ٿورڙو غور ڪبو ته اڄ جو سنڌي سماج به ساڳين ئي براين ۽ بڇڙاين جي ور  چڙهيل نظر اچي ٿو، بس هڪ عجيب ڳجهارت هئي، جنهن جي ڀڃرائڻ لاءِ قدرت جي طرفان انتظام ٿيڻ لڳ هو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي به پيدا ٿي چڪو  هو ۽ شاهه شهيد به ميدان ۾ سندرو ٻڌي لهي چڪو هو. نعرو هنيائين، ”جيڪو کيڙي سو کائي، زمين خدا جي آهي“. ماڻهو سندس نئين ڳالهه کي ٻڌڻ لڳا هئا، نئين ڳالهه ۽ پيغام بظاهر ته مختصر هو پر معنيٰ وارو هو، سندس پيغام  جو روح هو ته سنڌ وارن جو روح بيدار ٿئي، منجهانئن گندگيون، تعصب، تفريق ختم ٿي وڃن. اهو هو سندن اجتماعي ۽ اصولي تصور. شاهه ِڀٽائي رحه ان مضمون تي بيت پئي چيا، يعني هڪ لازوال لٽريچر  پئي پيدا ڪيو ۽ شاهه عنايت شهيد عملي طرح ماڻهن کي تيار پئي ڪيو، مرض ڳوڙهو هو تنهن ڪري علاج به ڳوڙهو تجويز ڪيل هو، سندن پيغام جو انجام اهو ئي هو ته سنڌ جي ماڻهن مان اندروني اختلاف ختم ٿين ۽ تعلقات جو محور محبت هجي، رياضت ۽ مشقت، قرباني جو جذبو ۽ زندگي بامقصد هجڻ گهرجي. جيئن جيئن اهو پيغام سنڌ جي ماڻهن ۾ پهچندو ويو، تيئن تيئن دشمن جي گهر ۾ مانڌاڻ مچندو ويو، خوف لڳن ته ان نظريي جو مقصد سنڌ اندر سرمد ۽ منصور پئدا ڪرڻ آهي ۽ سنڌ جيڪڏهن منصورن جو ملڪ بڻيو ته، سندن واسطي ڪٿان گنجائش رهندي؟
هتي هيءَ ڳالهه ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان ته صوفي شاهه عنايت جي هڪ شادي جيسلمير جي ٺڪر راجپوت گهراڻي مان ٿيل هئي، ۽ مير شهداد خان، جيڪو ميان يار محمد ڪلهوڙي جو وزير به هو، تنهن جي شادي به ساڳئي ئي ڪٽنب مان ٿيل هئي. مير شهداد پاڪ ڪتاب سان گڏ ڏاڙهيءَ جا وار به آندا هئا، جنهن تي صوفي شاهه عنايت چيس ته، ”آهي ته دوکو پر تون ٿو چئين ته پوءِ ضرور هلبو.“ ان وچ ۾ مير شهداد خان کي به ٺڳي ۽ ڊوهه جي خبر پئجي چڪي هئي، جنهن اچي شاهه عنايت کي قصو ٻڌايو، جنهن تي پاڻ فرمايائون ته قضا لهي چڪي آهي ۽ هاڻي مونکي ان تي راضي رهڻو آهي.  آخرڪار اعظم خان جي تنبوءَ ۾ پهتا، تلوارون اڳ ئي تيار هيون ۽ قتل جي فتويٰ جاري ٿي وئي! جنهن تي پاڻ فرمايائون ته اوهانجي لشڪر ۾ شيرين اکين وارو ماڻهو آهي، ان کي سڏايو. اهو ماڻهو آيو ۽ پاڻ مرشد جي طرفان ڏنل ۱۲ درهم معاوضي طور ان کي ڏنائون ۽ گڏو گڏ پنهنجي مرشد وٽان کنيل تلوار به ڏنائونس ۽ فرمايائونس ته،
رِهانيدي مَرا، از قيد هستي،
جزاک الله في الدارين خيرا
(تو کي جس هجي جو هن هستيءَ جي قيد مان آزاد ڪيئه ۽ الله سائين توکي ٻنهي جهانن جو خير ڏئي)
سنڌ ۾ برپا ٿيل دنيا جو پهريون پورهيت انقلاب
صوفي حضور بخش
جهن ڄان پسيو جهوڪ آيل سنگهارن جي،
جن ٿي پي پياريا منجهان مٽن موڪ،
لڏي وچان لوڪ اٺي ويا اڪري.
جهوڪ جي شهيدن کي ياد ڪندي شهيد صوفي شاهه عنايت الله سندس ڀاءُ شهيد رحمت الله ڀائيٽي محمد يوسف جي مزارن سان گڏ ميرانپور جهوڪ جي هن مقام ۽ ميدان ۾ هزارين پورهيت هارين صوفي شهيدن جو لاشن سان لٽيل کوهه مشترڪ قبرون جن کي اسان گنج شهيدان چئون باهه ڏئي ساڙيل قلعو، قلعي جي بچاءِ لاءِ چوڌاري کنيل کاهين جي مٽيءَ جون وڏيون ڊٻون باهه ۾ سڙي کنگهر ٿي ويل سرون جنڌين، دانگين، دلن مٽن، سون چاندي، ٽامي جي زيورن جا ملندڙ ذرا ڄڻ شاهدي ڏئي رهيا آهن ته جهوڪ جي پورهيت صوفين پنهنجي گڏيل پيداواري نظام کي بچائڻ لاءِ رت جي آخري قطري ساهه جي آخري هڏڪي تائين ويڙاهند پئي ڪئي آهي:
ڌڳايو ڌنين ڄيرو اندر جندڙي،
لڳي سيخ وجود ۾ سندي نيهن نئين،
مشاهدي تنهين مون کي وڌو مچ ۾.
هنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ”صوفي شاهه عنايت الله“ جڏهن ڦوهه جوانيءَ ۾ سنڌ مان دکن رياست بيجاپور ۾ پنهنجي مرشد سيد عبدالملڪ قادري وٽ پهتو هو ته هندستان ۾ مغل شهنشاهه اورنگزيب جي حڪومت هئي اورنگزيب عالم گير جنهن پنهنجي پيءُ شاهجهان کي پيريءَ ۾ گرفتار ڪرائي جيل ۾ وجهرايو هو اقتدار ۾ پنهنجي وڏي ڀاءُ داراشڪوه کي قتل ڪرايو مشهور صوفي سرمد کي شهيد ڪرايو هزارين اهل تشيع جو قتل عام ڪرائي سندن گهر تاراج ڪرايا. پر دکن رياست جا عادل حڪمران ۽ شيواجي مرهٽو اورنگزيب جي گلي ۾ هڏيءَ وانگر اٽڪيا رهيا ڪيترا حملا ڪرڻ جي باوجود هو دکن فتح ڪري نه سگهيو هي ڪٽر انتاپسند مغل شهنشاهه دکن لاءِ دل ۾ دکندو رهيو. صوفي شاهه عنايت ٻارهن سال دکن بيجاپور ۾ مرشد وٽ رهي دهلي، اجمير، گجرات، سورت، جئسلمير ٻاڙمير ۽ ٻين هندستان جي علائقن جو مشاهدو ماڻيندو سنڌ واپس ٿيو ته مرشد کين تحفه پيش ڪيا صوفي شاهه عنايت تلوار جي چونڊڪيءَ ته مرشد پڇيو ان تحفي جي قميت جي خبر اٿو شاهه عنايت سر نوائي چيو هي سر حاضر آهي.
سڄڻ سانوڻ مينهن جيئن جهنڻڪن پاسي جهوڪ،
ڏيندا پاهه پٽن کي ٿيندا، مينهن موڪ،
لس پيارين لوڪ اگم ڪيو اکين سين.
صوفي شاهه عنايت هندستان، دکن ۾ مغلن ۽ سندن ڪارندن جي ظلم ناحق جا عوام سان واقعا ڏسندو قصا ٻڌندو رهيو هو هتي سنڌ ۾ ته عام پورهيت مسڪين هاري ناري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا هو هڪ طرف هتان جي پنهنجي جاگيدار پير ملان شاهوڪار سندن  (عام جي) وات جو گرهه کسي بک ۾ پاهه ڪري بکيو بدحال تباهه برباد، نٻل، نسو، تابود، ڪمزور، ڪمتر ڪري ڇڏيو هو ته ٻئي طرف سنڌو مرڪز جا مغل ڪارندا ماڻهن لاءِ عذاب بڻيل هئا. انهن حالتن ۾ صوفي شاهه عنايت ذلتن ماريل تباهه حال غلام ماڻهن کي صوفي فلسفي جي بنياد تي گڏيل پيداواري (مشترڪ) سماج اڏڻ جو سڏ ڏنو ۽ چيو ته ” اَلاَرض الله“ زمين الله جي آهي ڪنهن جي به ذاتي ملڪيت ناهي.
”جيڪي کيڙي، سوئي کائي“ نڪمي، بي پورهيت، بيڪار، جيڪو ڪک ڇني ٻه نٿو ڪري ان کي خدا جي زمين مان پورهيو ڪندڙ هاريءَ کان حصو وٺڻ جو حق ناهي. اهڙي طرح ”جيڪو کيڙي سو ئي کائي“ جي بنياد تحت جهوڪ ۾ هاري پورهيت صوفين پنهنجو ”مشترڪ“ گڏيل پيداواري نظام هلائڻ شروع ڪيو (جهوڪ جي هن انقلاب کان ”۷۶ سال“ مني صدي پوءِ فرانس ۾ ايندڙ مشهور فرينچ انقلاب ۾ ”پئرس ڪميون“ نالي سڏيو ويو) ماڻهو مذهبي ڪٽرپڻي، قبائلي، ذاتيات، آئُپڻي، اڍنڀر، اوچ نيچ، وارين نفرتن مان نڪري. ميٺ محبت سهپ، رواداري، امن، آبرو، عزت، انصاف، اتحاد ڏانهن اڳتي وڌڻ لڳا.
وَڃ مِيران پور منگتا، جت ڏاتر ڏي ٿو ڏات،
ڪاَ نه پُڇي ٿو ذات، جيڪي آيا سَي اگهيا.
صوفي شاهه عنايت جهوڪ ميرانپور جي غريب پروري فيض واري نظام جا چرچا عام عوام جي زبان تي هئا هر هنڌ صوفين جي سچائي انصاف امن جو غوغيا متل هو دهليءَ جي مرڪزي مغل سلطانن ملتان، سنڌ، جي اتر توڙي لاڙ جا جاگيردار، پير ملان، ڪامورا، ڪلنگي دار پريشان هئا مٿن ڏڪڻي طاري هئي هنن کي سندن نظام ڊهندي انقلاب ايندي پي محسوس ٿيو. ڇو ته عام مظلومن کي پناهه نه ٿي ملي ته صوفين جو سهارو به ( سنڌ جو تاريخ نويس مير علي شير قانع لکيو) اڪثر غربا و سائر مردم از دست نظام عمال هنديه درديل امنيت فقراءَ آمده آباد گريد ند.
(ترجمو)
ڪئي غريب ۽ ٻيا عام ستايل ماڻهون هندستاني ڪامورن جي ظلم کان ڀڄي اچي فقيرن جي امن واري دامن هيٺ آباد ٿيا ( تحفته الڪرام جلد ٽيون صفحه ۱۷۰)
تڏهن سڀئي رجعت پرست دقيانوسي، سرڪارن وارا حڪومتي سربراهه سندن دلال ايجنٽ جاگيردار، پير ملان، بنيادپرست ٽولا جهوڪ جي صوفين جي هن مساوات انصاف امن آشتيءَ واري نظام کي ڊاهڻ لاءِ ميدان ۾ ڪاهي پيا.
۱۱۲۶ هجريءَ ۾ ٺٽي جي گورنر نواب لطف علي خان جي صلاح سان رات جي اونداهيءَ ۾ جهوڪ  ۾ صوفين جي مرڪز تي، ”شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ،“ جي گادي نشين پير عبدالواسع جاگيردارن حمل جت، نور محمد پليجو ۽ ٻين مختلف علائقن مان جنگو گهرائي اوچتو حملو ڪرايو.
جنهن ۾ ڪيترا پورهيت صوفي شهيد ٿيا پر سندن ڪو به تدارڪ نه ٿيو صوفي شاهه عنايت هڪ وفد وٺي دهليءَ جي شهنشاهه فرخ سير ڏانهن دادرسي لاءِ موڪليو ياد رهي ته فرخ سير جي دربار ۾ امير الامراءِ سيد حسين ۽ سندس ڀاءُ عبدالله شاهه ”صوفي شاهه عنايت“ جا حمايتي مريد، عقيدت مند هئا انهن نه صرف وفد کي شهنشاهه فرخ سير سان ملايو پر جاگيردارن قاتلن جون زمينون خون بها ۾ شهيدن جي وارثن کي ڏيڻ لاءِ حڪم نامون جاري ڪرايو. جاگيردارن پيرن جون زمينون خون بها ۾ ملڻ بعد عام ۾ وڌيڪ اتساهه پيدا ٿيو جهوڪ جي صوفين جي قوت ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳي. جيڪا ڳالهه انقلاب دشمن قوتن کي وڌيڪ چيڙائي رهي هئي آخر هنن سڀني ملي ڪري شهنشاهه فرخ سير کان جهوڪ تي فوجي ڪاهه جو فرمان جاري ڪرايو سنڌ جو ناليوارو تاريخ دان مير علي شير قانع لکي ٿو: ( ميان يار محمد، نواب اعظم خان وسائر زميندار جملڪي اهل احشام اين الڪ ڪ بافقراءَ ڪينه ديرينقد اشتند احڪام رهانت حاصل ڪرده با افواج بروز از شمار واز مور ملخ بيسار اڪ ازحد سبي وڍاڍرت ڪناره درياهه شعور جمع آمده بود بافقراءَ گرد آمدند)
(ترجمون)
ميان يار محمد خان، نواب اعظم خان سنڌ جي انهن سڀني ماڻهن زميندارن ڏانهن مدد جا حڪم ورتا جن وٽ پنهنجا لشڪر هئا جن کي اڳي ئي فقيرن سان ڪيو هو ائين وڏي فوج تيار ڪري فقيرن تي حملو ڪيائون جنهن جو شڪار نٿو ڪري سگهجي فوج ماڪوڙين ۽ مڪڙن کان به وڌيڪ هئي سبي، ڍاڍر، کان درياهه شور، سمنڊ جي ڪناري تائين سڀ سرڪاري عملدار هن ۾ شامل هئا ( مقالات شعراءَ قلمي نغسو صفحه ۱۷.
واليءَ سنڌ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ڪتاب
منشور الوصيت و دارالحڪومت جي تعارف ۾ صفحه ۱۹-۱۸ سنڌ جو جاکوڙي تاريخ نويس حسام الدين راشدي لکي ٿو: شاهه عنايت صوفيءَ جي شهادت (۱۱۳۰ هجري) جو سانحو ٻارهين صديءَ جي ابتدائي دور جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي. انهي ظالمانه ڪارروائي ۾ جيڪي ڌريون مغلن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي بيٺيون انهن جي پيشانيءَ تان بدناميءَ جو ٽڪو ۽ انهن جي دامن تان اهو خوني داغ، نه لهڻ جو آهي نه ڌوپڻ جو جيئن جيئن انساني عظمت ۽ فڪري آزاديءَ جو شعور پختو ٿيندو ويندو تيئن تيئن انهي ناحقي خون جو جرم ۽ ان واقعي جي سنگيني وڌندي ويندي اهو حادثو سنڌ اندر مغلن جي زوال واري دور ۾ٿيو ۽ اهو الميو تڏهن ٿيو جڏهن ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جي ابتدا ٿي رهي هئي. سيوهڻ تائين ميان يار محمد جو قبضو ٿي چڪو هو ۽ ٺٽي واري حصي مٿان سندس نظرون هيون.
ڪتاب منشور الوصيت و دارالحڪومت ۾ ٽي خط جهوڪ جي جنگ متعلق آهن جيڪي جنگ هلندي جنگ جي ميدان مان لکيا ويا آهن پهريون خط ميان يار محمد ڪلهوڙي جو آهي جيڪو پنهنجي ولي عهد ميان نور محمد ڪلهوڙي ڏانهن لکيو اٿس. ٻيو خط ملتان جي صوبيدار سيد حسين جي پٽ جي ڪارنامن متعلق آهي جي هن جهوڪ جي جنگ ۾ سر انجام ڏنا آهن. ٽيون خط آهي ميران سنگه کتري جو جيڪو پڻ جنگ جي ميدان مان لکيو ويو آهي. اهي ٽئي خط جنگ جي حقيقت، مغلن جي نيت ۽ واقعي جي نوعيت تي تفصيلي روشني وجهن ٿا. جنگ جي سٽا ڪيئن ٿي ڪهڙي ريت مقابلا ۽ مجادلا ٿيا ڪهڙن ماڻهن ڪهڙو نمايان ڪم ڪيو ڪيستائين جنگ هلي ڪيئن انهي جو انجام اختتام ٿيو؟ هنن خطن ۾ جو ڪجهه بيان ٿيل آهي سو ٻيءَ ڪنهن ۾ ناهي.
جان عاشق مٿي رت تان دعوا ڪري م نيهن جي،
سائو منهن سونهن ڳئي، سڪڻ اي شرط،
نڪي گوڏ گرٿ، مٿا سر سودا ڪري.
مٿي آيل سنڌ ميان يار محمد ”خدا يار خان“ ملتان جي نواب سيد حسين خان جي پٽ ۽ ميرانسنگهه کتريءَ جا جهوڪ جي جنگ هلندي حڪمران عزيزن ڏانهن موڪليل خطن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو سڀئي جنگ کان ٻاهر ويٺل عزيزن حڪمرانن جاگيردارن پيرن شاهوڪارن جي وڌندڙ پريشاني اڻتڻ کي دور ڪري اعتماد ڏيارڻ ۽ دلجوئي ڪري همٿ ڏيارڻ آهي. جنهن لاءِ سرڪاري فوج جا هي ڪمانڊر انتهائي چالاڪي مڪاري سان طرح طرح جا دم دلاسن وارا جملا چونڊي استعمال ڪن ٿا پر پوءِ به سندن ڀرم کلي پوي ٿو ۽ سرڪار جي مايوسي بزدلي سج جي روشنيءَ وانگر بکي پئي. هو صوفي شاهه عنايت  شهيد سندس ساٿي صوفي فقيرن جي جنگ رٿابندي حڪمت عملي بهادري سان سرڪاري فوج تي راتاها هڻن (گوريلا حملا) ڪرڻ جو اقرار ٿا ڪن.
مثلن: يار محمد ڪلهوڙو لکي ٿو قلعي جي چوڌاري اونهي کاهي کوٽيل هئي لشڪر گهيرو ڪري سڄو ڏينهن اچ وڃ ڪئي پر فسادين کي مقابلي جي همٿ نه ٿي؟
ڏسو نه حملو ڪرڻ لاءِ يار محمد فوج کي وٺي آيو آهي پاڻ حملو نٿو ڪري رڳو قلعي وٽ اچ وڃ ڪري. هڪ ميل پري وڃي ترسيو پئي؟ ڇا چئجي واهه سائين واهه يار محمد لکي ٿو فسادين جا ”يعني صوفي شاهه عنايت وارا“ روح روان سترهن سئو پيادا راتاهو هڻڻ لاءِ آيا جيتوڻيڪ انهن وسان ڪو نه گهٽايو ”مگر اسان جي جنگ جو دلير جوانن انهن سان خوب مهاڏو ڏنو ۽ ان رات فسادين کي ڪهڻ مارڻ ٻڌڻ ۾ چڱو پاڻ ملهايو.
يار محمد ڪلهوڙو قبول ٿو ڪري چوي ٿو: ته حسن اتفاق سان جنهن وقت هي هنگامون برپا هو گهڻا فقير جيڪي سرڪاري تنبن تي بيٺل نگهبان هئا اهي ٽڙي پکڙي ويا ۽ فسادين جي جماعت سرڪاري خيمن جي دروازي تي حملو ڪيو. هاڻي پڙهندڙ پاڻ ويچار ته جن خيمن ۾ يار محمد ڪلهوڙو سندس پٽ نواب اعظم خان ملتان جو شهزادو ۽ ٻيا عاليٰ عملدار رهائش پذير آهن اتي صوفي پهچي حملو ٿا ڪن ته باقي ڇا بچيو؟
ملتان جو شهزادو صوفي شاهه عنايت کي دلير فساديءَ چئي قبول ٿو ڪري ته فسادين جو لشڪر (صوفي جو) نواب اعظم خان مٿان بار بار حملا ٿو ڪري ميران سنگهه کتري صوفين جي تنظيم افرادي قوت بهادريءَ جو کليل صاف لفظن ۾ اقرار ڪندي نواب اعظم خان جي بزدلي مايوسيءَ ڪمتري واري حالت بابت لکي ٿو اعظم خان جڏهن پنهنجي ٿورن ماڻهن تي نظر ڊوڙائي ته پاڻ ۾ مقابلي جي همٿ ۽ مصلحت نه ڏٺائين ان ڪري مٿي خان وڏي شان واري کان مدد طلب ڪيائين. (ميران سنگهه جو اشارو دهليءَ جي مغل شهنشاهه فرخ سير ڏانهن آهي) ميران سنگهه ٻئي هنڌ لکي ٿو:
صوفي شاهه عنايت لاچار ٿي قلعه ڇڏي ڏهه هزار لشڪر مقابلي لاءِ موڪليو انهن نڪرندي ئي خدايار خان جي هاٿيءَ تي ويجهو حملو ڪيو.
ميران سنگهه کتري: ٻي اهم ڳالهه اها ٿو ڪري ته ”پهريان دشمن دشمن جي قلعي کي توبن بندوقن سان اڏايو وڃي ان کان پوءِ تلوارن جي باهه سان حياتيءَ جي بارکي جلايو وڃي. جڏهن انهن ٻنهي درياهه جي موتين اها (سندس اشارو نواب اعظم خان ۽ يار محمد ڪلهوڙو لقب خدا يار خان) صلاح پئي ڪئي ته فسادين جو جاسوس اتي ويٺو هو خابروءَ اها ڳالهه جهٽ وڃي شاهه عنايت کي ٻڌائي. انهيءَ مان اها به ڄاڻ ملي ٿي ته صوفي شاهه عنايت شهيد جي انقلابي ماڻهن جي رسائيءَ سرڪار جي انتهائي حساس ادارن تائين هئي.
خطن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته جهوڪ جي هن جنگ ۾ سرڪاري لشڪر هاٿين، توبن، بندوقن سان مسلح هو. ياد رهي ته جهوڪ واري جنگ کان ۱۱-۱۰ سال اڳ ميان يار محمد ڪلهوڙي ۱۷۰۷ع سبي ڍاڍر مان قلات جي بروهين کي ڪڍڻ لاءِ توبون بندوقون استعمال ڪيون هيون. حسام الدين راشدي لکي ٿو:
”شاهه شهيد رح“ جو سنڌ اندر توڙي ٻاهر وڌندڙ اثر ۽ اقبال ڏسي فقير، پير، گادي نشين، امير جاگيردار، ملان مولوي سڀ دهلجي ويا هئا ۽ پنهنجي پنهنجي وِت ۽ وس آهر هر ڪنهن کيس ختم ڪرڻ ۾ پنهنجي آڏڻي ۽ اقتدار کي بچائڻ خاطر ڪسر ڪا نه ڇڏي. بلڙيءَ وارا سيد، بڪيرن جا خانقاهه نشين، ٺٽي جي مسند قضا جا مالڪ نور محمد پليجي، حمل جت وارا زميندار اپر سنڌ جي ٺيڪيدار يار محمد ڪلهوڙي وارا ٺٽي جي رضوي خاندان وارا سيد مير لطف علي وغيره الغرض انهي فهرست ۾ سڀ پير، امير، يا زميندار ڏسڻ ۾ پيا اچن (ڪتاب ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون صفحه ۳۳۵)
صوفي شاهه عنايت جي مخالفت ۾، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي به هو“ جنهن کي پوءِ غلام شاهه ڪلهوڙي ٺٽي جو قاضي القضا مقرر ڪيو ته وري فقير الله علوي جيڪو اصل ۾ افغانستان جو هو پوءِ لڏي شڪارپور اچي ويٺو هي ٻئي عالم اڄ جي طالبان وارا خيال رکندڙ ان وقت جا ملان عمر هئا.
(پير حسام الدين راشدي لکي ٿو) جهوڪ جي مرڪز جي تباهيءَ ۾ تنها شاهه عنايت جو سوال نه هو، هي انهن سڀني مفلسن، مظلومن، بکايلن، انسانن جي موت ۽ زندگي جو مسئلو هو جيڪي هتان هُتان جي زمينداري آڙاھ مان نڪري شاهه عنايت جي رٿيل ”اقتصادي نظام“ هيٺ ڪجهه وقت کان سکجو ساهه کڻي رهيا هئا، جيڪڏهن اهو نظام درهم برهم ٿيو ٿي ته سندن لاءِ ساڳيو اوندهه ۽ انڌوڪار هو.
يعني اهو افلاس اها بک اها غلامي ۽ اها ذلت خواري جهالت واري زندگي! سبي ڍاڍر اپر سنڌ جي سڀني جاگيردارن ۽ زميندارن جو جڏهن ڪٽڪ اعظم خان جي ڪمان هيٺ ڪاهي اچي جهوڪ مٿان ڪڙڪيو ان وقت صوفي شاهه عنايت ۽ سندس ساٿين ”الارض لله“ جو نعرو هڻي پنهنجي گڏيل ملڪيت کي بهر صورت بچائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جڏهن جنگ جي نوبت آئي تڏهن مردانه وار پنهنجو بچاءُ ڪيائون ۽ ايڏي بي جگريءَ سان پنهنجي مدافعلت ۾ سينا تاڻي اڳتي وڌيا جو هيڏي ساري لشڪر جا بنهه ڇيهه ڇڄي پيا هي ياد رکڻ گهرجي ته دستوري طرح انهي لشڪر کي به مذهبي پيشوائن جي پشت پناهي حاصل هئي ۽ انهيءَ دور جي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو ته، صوفي شاهه عنايت جي مٿان ڪفر جون فتوائون حاصل ڪيون ويون هيون ۽ کيس پنهنجي سڄي جماعت سمت بي دين ٺهرايو ويو هو ( نئين زندگي شاهه عنايت نمبر ۱۹۷۰ع)
ڏسون ٿا ته ٽن مهينن کان وڌيڪ هلندڙ جهوڪ جي هيءَ جنگ وڏي ۽ ڊگهي جنگ هئي جيڪا پورهيت صوفين پنهنجي برابري مساوات (ڪميون سسٽم) گڏيل پيداواري مرڪز کي بچائڻ لاءِ وڙهي جهوڪ جي هيءَ جنگ جيئن جيئن طويل ٿيندي وئي ته دهليءَ جي مرڪزي حڪومت سميت ملتان، سبي، ڍاڍر، اپر سنڌ لاڙ جا حڪمران جاگيردار، سردار، پير، مير، شاهوڪار، ملان جيڪي سڀئي بذات خد پنهنجي پٽن ڀائرن آفيسرن سميت لشڪر جي ڪمان سنڀالي جهوڪ ۾ موجود هئا ته پويان دارالحڪومتن سميت هر هنڌ ڪارونهوار ٺپ ٿي بيهي ويا هئا. مسلسل جنگي خرچن سرڪارن جي معاشي طرح چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هئي. صوفين جي راتاهن (گوريلا حملن) ڪري سرڪاري لشڪر جو هي انتها جاني نقصان فوج کي مايوس پريشان ڪري ڇڏيو هو انهي صورتحال سڀني حاڪمن کي ڇرڪائي وڌو هو هنن کي ڄڻ شڪست سامهون ڏسڻ ۾ ٿي آئي.
تڏهن هنن حاڪمن جاگيردارن جنگ جي خاتمي لاءِ ڪوڙدوکي دولاب جي سازش جي رٿا رٿي ان دوکي دولاب لاءِ يار محمد ڪلهوڙي جي اهم عهديدار مير شهداد خان ٽالپر کي مهندار ڪيو ويو جنهن سان گڏ يار محمد ڪلهوڙي جو پٽ ميان دائود خان عباسي به گڏ هو هو هر دور وانگر مقدس ڪتاب قرآن شريف اڇا جهنڊا کڻي صوفي شاهه عنايت سان مليا مير شهداد خان ٽالپر قرآن شريف تي وچن ٿا ڏيون ۽ هيءَ بلوچڪي ڏاڙهي آهي شهداد خان ٽالپر ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيرائي چيو ڪا به ٺڳي دوکو، ناهي گهڻو انساني خون وهي چڪو آهي وڌيڪ انساني خون وهڻ نه کپي بيشڪ توهان حق تي آهيو يار محمد ڪلهوڙي پنهنجو پٽ دائود گڏ موڪليو آهي گونر اعظم خان ۽ ٻيا مذاڪرات لاءِ موجود ۽ انتظار ۾ آهن صوفي شاهه عنايت، سندس ڀاءُ رحمت الله شاهه ۽ ڀائيٽي مخدوم يوسف شاهه ڪجهه پنهنور فقير ساڻ کڻي قلعي کان ٻاهر آيا ۽ جيئن ئي سرڪاري فوج جي خيمن ويجهو پهتا ته هڪ فوجي دستي گڏ آيل پنهنورن فقيرن کي شهيد ڪري شاهه عنايت سندس ڀاءُ ڀائيٽي کي گرفتار ڪري ورتو اها ۸ صفر ۱۱۳۰ هجري پهرين جنوري ۱۷۱۸ع جي تاريخ هئي صوفي شاهه عنايت کي الڳ قيد تنهائي ۾ رکيو ويو واليءَ اپر سنڌ ميان يار محمد ڪلهوڙي ٺٽي لاڙ سنڌ جو والي گورنر اعظم خان نواب ملتان جو ولي عهد روزانه قيد ۾ صوفي شاهه عنايت وٽ وڃي کيس طرح طرح جون لالچون، ڊپ ڌمڪيون ڏئي پنهنجي گڏيل اقتصادي زرعي پيداواري نظام ”الارض لله“ زمين الله جي آهي، جيڪو کيڙي سوئي کائي، واري نظريه اصولن تان دستبردار ٿيڻ ۽ جهوڪ جي صوفين کي هٿيار ڦٽا ڪري جدوجهد تان هٿ کڻن لاءِ زور ڀريندا رهيا. صوفي شاهه عنايت ۽ سرڪار عملدارن ۾ ٿيندڙ انهي سوالن جوابن جو هڪ حصو سنڌ جي تاريخن ۾ محفوظ ٿيل آهي جڏهن حاڪمن جا سڀئي زور ضايع ٿيا تڏهن صوفي شاهه عنايت اڳيان سندس ڀاءُ ۽ ڀائيٽي کي شهيد ڪيو ويو ان تي به شاهه عنايت شڪر ڪيو. تڏهن ۱۵ صفر ۱۱۳۰ هجري ۸ جنوري ۱۷۱۸ شاهه عنايت کي شهيد ڪري سرنيزي تي رکي ٺٽي ۾ گشت ڪرائي فرخ سير جي دربار لاءِ دهليءَ موڪليو ويو جهوڪ جي قلعي کي باهه ڏئي ساڙيو ويو هزارين صوفي شهيد ٿيا. پوءِ جاگيردار پير شاهوڪار، زور ٿيندا ويا اڄ هاري مسڪين تباهه حال ذلتن جو شڪار بک بدحالي غلامي جي گهاڻي ۾ پيڙهجي رهيا آهن وري صوفي شاهه عنايت شهيد جي اوسيئڙي ۾ آهن.



شاهه عنايت شهيد
“جيڪو کيڙي سو کائي” جو نعرو هڻندڙ پهريون سوشلسٽ اڳواڻ
عامر جوڻيجو
شاهه عنايت شهيد صوفي وقت جي مشهور معروف مخدوم صدو لانگاهه جي خاندان مان هو. مخدوم صدو لانگاهه وڏو توڪلي مڙس هو، ايتري قدر، جو رات جو دلن ۽ مٽن جو پاڻي به هارائي ڇڏيندو هو ۽ “سڀاڻي جا نصيب سڀاڻي سان” واري چوڻيءَ مطابق ٻئي ڏينهن ڪجهه به ڪين رکندو هو. سندس بزرگيءَ ۽ ولايت جو اندازو انهيءَ مان لڳائي ٿو سگهجي، جو مٽياريءَ جي مشهور سادات سيد عبدالڪريم جهڙا به سندس مريديءَ ۾ داخل هئا. شاهه عنايت صوفي جي والد بزرگوار جو نالو مخدوم فضل الله هو. جيڪو پڻ پنهنجي وقت جو وڏو درويش هو. هن پنهنجي سموري زندگي گوشهءِ نشينيءَ ۾ گذاري ڇڏي، سندس ڏاڏو ملا يوسف ۽ پڙڏاڏو ملا شهاب الدين به بامعرفت بزرگ ۽ خدا جو صالح ٻانهو هو. تنهن کان اڳ سندس تڙڏاڏو ملا آجب بن مخدوم صدو لانگاهه پڻ ڪامل ۽ ڪرامتن جو مالڪ ٿي گذريو هو. اهڙيءَ طرح ائين کڻي چئجي ته شاهه عنايت صوفي پنهنجي خانداني شجري جي لحاظ کان “تاڃيءَ پيٽي پٽ” هو ته وڌاءُ نه ٿيندو.
صوفي شاهه عنايت الله شهيد سن ۱۰۶۵هه ۾ ميران پور (جهوڪ شريف) لڳ پيدا ٿيو، انهيءَ زماني جي سنڌ جون سماجي ۽ اقتصادي حالتون غير متوازن هيون. جنهن سبب افلاس، غربت، تنگ دستي ۽ بدحالي انتها تي پهچي چڪي هئي ڪنهن به مظلوم ۽ مجبور جي داد فرياد ڪون ٿي ٻڌي، جاگيردارن، پيرن، وڏيرن جو ظلم ۽ ڏاڍ انتها تي پهتل هو، حق گهرڻ ۽ حق چوڻ وڏو ڏوهه شمار ڪيو ويندو هو، انهيءَ زماني ۾ رياست توڙي معاشري ۾ ڪي به اخلاقي قدر موجود نه هئا، ڌاڙيل چور ۽ لٽيرا حڪمران. نواب، خانبهادر، امير وزير ۽ مشير بڻجندا رهيا.
صوفي شاهه عنايت شهيد ننڍي هوندي کان ئي پنهنجي اکين سان عوامي استحصال ظلم ۽ زيادتين ڀريا خوني ناٽڪ ڏسندو رهيو، انهيءَ دوارن کيس پنهنجي ڏکويل عوام کي عذابن مان آجپو ڏيارڻ جي پيڙا پيدا ٿي. هن انهيءَ ڏاڍ ڀري نظام کي هڪ منصوبي تحت تبديل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ۽ انهيءَ صورتحال جو عملي مشاهدو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد دکن (بيجاپور) جي مشهور عالم ۽ بزرگ عبدالمالڪ رحمت الله وٽ علم حاصل ڪيائون ۽ تصوف جو طريقو اختيار ڪيائين. تعليم سان گڏوگڏ کيس مرڪزي حڪومت جي ڪارگذارين ڏسڻ پرکڻ جو موقعو مليو ۽ کيس ڄاڻ ٿي ته ڪهڙي ريت مرڪزي حڪومت جا ڪارندا عوام جي رت ست تي عياشيون ڪري لٽ مار ڪن ٿا ۽ ڪهڙي ريت ڏاڍ ۽ دهشت جي آڌار تي استحصالي نظام لاڳو ڪن ٿا ۽ ڪهڙين ترڪيبن ۽ تدبيرن ذريعي سنڌ کي غلامي جي ڌٻڻ ۾ ڌڪين ٿا.
صوفي شاهه عنايت جي دور ۾ سنڌ جون مقامي قوتون وڏيرن، زميندارن، پيرن ۽ مغل ڪامورن تي مشتمل هيون، پاڻ ۾ ويڇي مسهائپ ساڙ ڪپت ۽ ڪيني هوندي به سنڌ جي غريب عوام تي انهن ئي سڀني قوتن جو گڏيل قبضو هو. جنهن ڪري هتان جي رهاڪن جو جسم غلام، ذهن جڏو، ڪڇڻ پڇڻ جي قوت گهٽيل ۽ سڀئي انساني حق کائن کسيل هئا. سنڌ هڪ عجيب ۽ نڌڻڪي ڪيفيت ۾ ورتل هئي ۽ بيان ڪيل حالتن سنڌ جي اقتصادي حالت حد کان وڌيڪ خراب ۽ لانجهي ڪري ڇڏي هئي. آبپاشي جو سلسلو سهنجو ڪونه هو. ۽ نه چارن پيچرن کانسواءِ آمدرفت لاءِ ڪي عام رستا ۽ شاهي سڙڪون هيون. اٻاڻڪي، نڌڻڪائي ۽ بک پيڙا انتها تي پهچي چڪي هئي. ڪنهن به مظلوم جو سڏ، واڪو ڪونه ٿي سڻيو ويو!
اهو هو سنڌ جو سياسي، سماجي ۽ اقتصادي حال جنهن وقت جهوڪ جو شاهه عنايت صوفي، جيڪو تصوف ۽ طريقت جي تعليم لاءِ دکن ويل هو، سو اتان موٽي سنڌ اندر پنهنجي ٿاڪ جهوڪ شريف ۾ اچي پهتو عالمگير گهٽ ۾ گھٽ پنجويهه ورهيه حيدرآباد دکن جي مسلم رياستن کي آڻ مڃائڻ ۽ ناس ڪرڻ ۾ گذاريا. شاهه عنايت صوفي انهي جهيڙي جهٽي، رتوڇاڻ ۽ مسلسل تباهين ۽ بربادين جا ڪيئي نظارا پاڻ اکين سان ڏسي چڪو هو. ۽ ڪنن سان ڪيترا خوني داستان ۽ درد ناڪ ڪهاڻيون پاڻ انهن مطلوبن واتان ٻڌيون هئائين جن مٿان اهي ويل وهيل هئا.
صوفي شاهه عنايت الله شهيد پهريون جرئتمند ۽ حق گو مرد مجاهد هو جنهن انهيءَ معاشي جبر ۽ استحصال مان مسڪين هارين کي ڪڍڻ لاءِ انقلابي نظام متعارف ڪرايو، جيڪو مظلومن جي خوشحالي ۽ آزادي جو مظهر ثابت ٿيو، صوفي شاهه عنايت شهيد انقلابي نظام جي پر چار ڪندي پنهنجي اباڻي ملڪيت کي گڏيل ملڪيت قرار ڏئي هڪ اهڙي سماج جو بنياد رکيو ۽ انهيءَ کي عملي طور هلائڻ جي شروعات ڪئي جنهن ۾ پيداوار ۽ آمدني تي سڀني جو برابر حق قائم ٿيو، سندن مريدن ۽ پاڙيسري هارين گڏجي انهيءَ نظام کي بيحد سگهارو بڻايو. اهو تجربو ڪامياب ٿيو ۽ آهستي آهستي انهيءَ نظام ۾ شموليت ڪندڙ ماڻهن جي معاشي حالت بهتر ٿيندي وئي جنهن سبب آس پاس جا ڪڙمي، ڪاسبي، هاري، ناري، اويجا، لوڊا، ناڏهه، پڙهياڙ، پنهور، ڪولهي، ڀيل ۽ ٻيا ڪيترا ئي راڄ گڏجي ويا ۽ جاگيردارن، زميندارن جون زمينون ڇڏي جهوڪ جي گڏيل اقتصادي نظام هيٺ گڏ ٿيا. صوفي شاهه عنايت شهيد انهن مظلوم هارين نارين وچان اوچ نيچ جا سڀ فرق ختم ڪري سڀني کي مساوات رواداري ۽ اسلامي اصولن موجب آزادي جو شعور ڏنو جنهن سبب رياستي فرعون مثل جاگيردارن جن ڪوڙ ڪپت، ٺڳي، ڏاڍ، دهشت ۽ بدمعاشي جي آڌار تي اقتدار جا جيڪي ڪاڪ محل جوڙيا هئا. سي سڀ ڊهندي ٿي نظر آيا، حڪومت جي سرپرستي ۾ شاهي خرچن تي پلجندڙ لالچي ۽ مڪار وڏيرن لاءِ اها ڌرتي سوڙهي ٿي چڪي هئي انهن پاڙيسري جاگيردارن، پيرن، وڏيرن ۽ هم خيالن کان سواءِ ڌارين، مغلن ميرن ۽ مُلن کي صوفي شاهه عنايت جي پروگرام کان واقف ڪيو ته هو ڪهڙي نموني هڪ نئين گڏيل رياست قائم ڪيو ويٺو آهي. ۽ ڪمين ڪاسبين کي ان نظريي تحت ڀائيچاري جي تعليم ويٺو ڏي جنهن سبب سندس فڪر مان ماڻهو متاثر ٿي جهوڪ جي گڏيل اقتصادي نظام هيٺ جمع ٿيڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽ ماڻهن جي وڏي اڪثريت اسان کان باغي ٿي چڪي آهي.. اورنگزيب عالمگير ۱۱۱۸هه ۾ وفات ڪري ويو هو، پٺيان نا اهل شهزادن جو هڪ وڏو تعداد ڇڏي ويو. جيڪا درندگي وحشت ۽ عقوبت جي روايت تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ لاءِ هن پيءُ کي قيد ڪري قائم ڪئي ۽ برادر ڪشي جو اهو دردناڪ لڱ ڪانڊاريندڙ دور هليو ۽ اها عظيم الشان سلطنت ٽڪر ٽڪر ٿي وئي.
صوفي شاهه عنايت شهيد جو نظريو امن اتحاد، ڀائيچاري ۽ خوشحالي هو هن پنهنجي گڏيل اقتصادي نظام تحت طبقاتي جبر ۽ ڦر لٽ جو خاتمو آڻي غريب ۽ مسڪين حال پورهيتن هارين جي حالت سنوارڻ ٿي چاهي هن چاهيو ٿي ته جيڪي هاري جاگيرداراڻي نظام هيٺ ظلم ۽ عتاب سهندي ڏڪار ۽ بدحالي واري زندگي گذاري رهيا آهن، اهو هن نئين نظام تحت خوشحالي ۽ عزت ڀري زندگي گذاري سگهن.



اچو ته شاهه عنايت شهيد جي فڪر کي ڳولهيون!!
شهباز پيرزادو
صوفين ۽ سنتن واري سنڌ اڃان لطيف سرڪار جي ميلي ۾ ڇڙيل تنبوري جي تار مان سرور وٺندي مسرور لڳي پئي هوندي آهي ته مٿان وري  مسروريءَ جي عالم ۾ حق موجود جي صدا گونجندي آهي، ۽ شاهه عنايت شهيد جي ميلي جو آغاز حق موجود جي صدا سان ٿيندو آهي .. صوفي شاهه عنايت شهيد جنهن “جو کيڙي سو کائي” جو نعرو هڻي جاگيردارن کي للڪاريو به هيو ۽ پوري دنيا اندر پهريون ڀيرو سوشلزم جو جهنڊو به هٿ ۾ جهليو هيو .. ان عظيم مقصد ۽ هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ وڙهندي هزارين منصورن سان گڏ شاهه عنايت به جام شهادت نوش ڪيو ۽ هميشه لاءِ امر ٿي ويو  تڏهن ته کانس کانپوءِ پيدا ٿيل شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبدلطيف ڀٽائيءَ کي فخر وچان چوڻو پيو ته
“هم منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهين”
جدوجهد جو سائنسي اصول اهو آهي ته اها معروضي حالتن پٽاندر ڪجي ۽ پنهنجي سماجي بيهڪ کي نظر ۾ رکندي وک وڌائجي، ان لاءِ اڄ جي دور اها گهرج آهي ته ٻاهرين ملڪن جي فلسفن يا نظرين تي عمل ڪرائڻ کان بهتر آهي ته پنهنجي سنڌ جي سورمن جي نظرين جو حقيقي جوهر تلاش ڪجي انهن جو ڳر پنهنجي قوم کي ٻڌائجي ۽ انهن جي پيروي ڪجي جيڪا اسان جي مفادن ۾ آهي ..
اسان جي قوم کي ڌارين ٻولين جا ڏکيا سياسي اصطلاح پڙهائي ان ڳالهه تي قائل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش تي رهي آهي ته ٻاهريون نظريو جاندار ۽ گهڻ پاسائتو آهي جڏهن ته اسان جي سنڌ وٽ صوفي شاهه عنايت جهڙو رهنماءُ ۽ انقلابي موجود آهي ته ڌاريين ڏانهن توجهه ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت !!
مان ٻاهرين نظرين مخالف هرگز نه آهيان پر اها ڳالهه ڪرڻ به لازمي ٿو سمجهان ته اسان جا تاريخي نظريا ۽ فلسفا جيترا اسان جي مفادن ۾ هوندا اوترو ڪو ٻيو نظريو نه هوندو ،ڇو جو جدليات جو اهو به اصول آهي ته حال جو ڪو به عمل ماضيءَ کان خالي ناهي. انڪري هي جيڪو دور حاضرِ ۾ اسان سا وهي واپري پيو ان  جو ماضيءَ سان ضرور ڪونه ڪو تعلق آهي هاڻي جڏهن تعلق آهي ته حل به لازمي هوندو، پوءِ ان حل کي ڳولهڻ بجاءِ اسان ڌارين فلسفن کي پاڻ مٿان مڙهي ڪٿي پنهنجو پاڻ کي مونجهاري جي ٻيلي ۾ ته گم نه ڪري رهيا آهيو. ان معاملي تي لازمي ويچارڻ گهرجي.
اسان وٽ صوفي شاهه عنايت بابت ڪجهه شعرن ۽ “جو کيڙي سو کائي” جي نعري کان علاوه ٻي ڪا به معلومات ڪٺي ناهي. مطلب اسان جو قومي ورثو اسان سان ڪٺي ناهي ان لاءِ ان تي ريسريچ ڪرڻ گهرجي ان نظريي جي ڇانوءَ ۾ جيڪي ٻيا ننڍا وڏا ڪم ٿيا انهن تي نظر رکڻ گهرجي جيئن اسان پنهنجي سورمن جو فڪر ۽ فلسفو سنڀالي ۽ بعد ۾ ان تي ويچاري پنهنجي قوم جي مسئلن جو حل ڪڍي سگهون ..
سنڌ اندر موجود ريسريچ وارن ادارن سميت يونيورسٽين جي پڻ اها تاريخي ذميواري آهي ته اهي  به پنهنجي فسلفين ۽ نظرياتي رهنمائن تي ريسرچ ڪرائن. انهن جو فڪر ۽ فلسفو عام ڪن جيئن اسان جي قوم کي خبر پوي ته ڪارل مارڪس جي ڄمڻ کان سئو سال اڳ شاهه عنايت ۱۷۱۷ع ۾ سوشلزم جو سڀ کان اڳ ۾ جهنڊو جهلي ان تي جدوجهد ڪئي آهي ۽ پوري دنيا کي پهريون دفعو سوشلزم سمجهايو آهي .. اسان وٽ المياتي صورتحال اها به آهي ته اسان وٽ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي به ڪاپي پيسٽ واري حساب ڪتاب سان ٿي رهي آهي هڪ هڪ موضوع تي الائي ڪيتريون ٿيسزز اچن ٿيون جن ۾ هزارين ڳالهيون ساڳيون ساڳيون آهن پر اسان جي سورمن، اسان وٽ پنهنجي حقن لاءِ ٿيل جنگين ۽ اسان جي نظرياتي رهنمائن جي فڪر جي پرچار طور ڪا به ٿيسزز ناهي ان لاءِ مان سنڌ جي شاگرد ۽ استادن کي پڻ چوان ٿو ورجاءُ کان هٽي ڪري پنهنجي قومي هيروز جي فڪر تي ريسرچ ڪيو جيئن اسان جا نسل پنهنجي اڳواڻن جي پيروي ڪن ۽ انهن جي ئي فڪر ۾ پنهنجي مسئلن جو حل تلاش ڪري سگهن ..
اڄ جي دور ۾ اسان جن ٻاهرين فلاسافرن جي فڪر کي ئي ڪم سڀ ڪجهه سمجهي رهيا آهيون. انهن کان صديون اڳ اسان جي سورمن هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي آهي ۽ پنهنجو پاڻ به قربان ڪيو آهي پوءِ ڇو نه اسان انهن جا پرچارڪ ٿيون جيڪي هن زمين ۾ سوچيل سمجهيل سازش تحت غرق ڪيا ويا آهن جن جي نظرين کي مذهبي رنگ ڏئي انقلابي کان جدا ڪيو ويو آهي ان لاءِ اسان جي مسئلن جو حل جيترو اسان جي ماڻهوءَ سمجهيو يا پرکيو هوندو اوترو ڪنهن ٻئي نه سمجهيو هوندو ..
اچو ته صوفي شاهه عنايت جي فڪر کي ڳولهيون ۽ ان فڪري سنڌي ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪتب آڻيون ۽ صوفي شاهه عنايت جو تاريخي خواب جو کيڙي سو کائي وارو نظام پوري دنيا اندرقائم ڪري دنيا کي سرمائيدارن مان نجات ڏياريون جيڪا اسان جي تاريخي فتح هوندي .. پوءِ ان تاريخي فتح جي تسلسل ۾ اسان کي دنيا جي ٻئي ڪنهن به فلسفي يا رهنما جي ضرورت پئي ته ان جي نظريي مان به مدد وٺنداسين ان تي به ويچارينداسين پر بنياد پنهنجي قوم کي بنائڻ جي بعد، اسان جو بنياد اسان جو عنايت ۽ لطيف هجڻ گهرجن ۽ انهن به پنهنجو بنياد پهرين سنڌ ۽ پوءَ پوري دنيا کي بڻايو هيو ان جو اشارو شاهه سائينءَ جي بيت ۾ چٽو ڏنل آهي ته
سائيم سدائين ڪريم مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين
پوري عالم جي آباديءَ لاءِ دعاڳو لطيف سرڪار شروعات سنڌ ڌرتي کان ڪري ٿو مطلب ته هن پنهنجو بنياد سنڌ کي بڻايو آهي ۽ صوفي شاه عنايت به  دنيا ۾ پهريون سوشلزم جو نعرو فقط سنڌ لاءِ نه پوري دنيا لاءِ هنيو هيو. اڄ اسان سڀ انهن کي نظريي ۽ نعري جي بنياد بڻائي هڪ دفعو وري سنڌ نظريي جي ڳولهينداسين ته مان يقين سان چوان ٿو ته سندن نظريو ايترو ته وشال ۽ گهرو آهي جو اڄ به اسان کي پنهنجي مسئلن جو حل انهن عظيم سپهه سالارن وٺان ملندو انڪري در در ڀٽڪڻ کان بهتر آهي پنهنجي سورمن  جو فڪر ڳولهيون ۽ ان فڪر جي ڇانوءَ ۾ وهي پنهنجي اهنجن، ايذائن ۽ تڪليفن تي مرهم رکون


شهيد شاهه عنايت
عرس مبارڪ جي حوالي سان- جو کيڙي سو کائي..
سنڌ، صوفين، سرويچن، وطن پرستن ۽ دودن جي ڌرتي آهي، جن جي جدوجهد ۽ قربانين سان سموري تاريخ ڀري پئي آهي، جن پنهنجي قوم ۽ وطن جي حقن لاءِ ويڙهاند ڪندي نه صرف ڌارين، حملو ڪندڙن ۽ ڦورن سان، پر مقامي جاگيردارن، وڏيرن، ڀوتارن، سردارن، مُلن، مولوين ۽ پنڊتن جي دوکن، فريبن، چالاڪين، ٺڳين، ويساھ گهاتين، دلالين ۽ غدارين خلاف ويڙھ ۽ مزاحمت ڪندي سنڌ جي غريب، بي پهچ، بي  سهارا ۽ لاچار ماڻهن جي حقن ۽ سنڌ جي قومي سالميت، خودمختياري ۽ تشخص جي بقا ۽ تحفظ لاءِ وڙهندي ڪيتريون ئي تڪليفون، ڏک، صعوبتون، سختيون ۽ اذيتون برداشت ڪندي پنهنجي ۽ پنهنجن سرويچ ساٿين جي سرن جا نذرانا پئي پيش ڪيا آهن.
اهڙن ئي سچن سرويچن ۽ صوفين مان ۱۰۶۵ هجري ۱۶۵۵ع ۾ جنم وٺندڙ صوفي شاھ عنايت الله به هڪ آهي، شاھ عنايت جو جنم ان وقت ٿيو جڏهن هندستان تي مغل شهنشاهن جي شهنشاهيت هئي ۽ دهلي مان سنڌ تي گورنر مقرر ٿي ايندا هئا، جنهنڪري سنڌ ڪيترن ئي عذابن کي ڀوڳيندي رهندي هئي، هڪ طرف مرڪز پاران سنڌ تي مڙهيل، ڏنڊ، ڍلون ۽ ٽئڪس، ٻئي طرف سنڌ جي حڪمرانن ۽ گورنرن جي ڦرلٽ ته ٽئين پاسي وري مقامي ڀوتارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي ناانصافين، بيواجبين ۽ اُرھ زوراين عوام جي زندگي زهر بڻائي ڇڏي هئي، اهڙي ظلم، جبر، ناانصافي ۽ بربريت خلاف صوفي شاھ عنايت، سنڌ جي غريبن، مسڪينن، مجبورن، هيسيل ۽ هراسيل، هارين، پورهيتن، ڪمين ۽ ڪاسبين کي گڏ ڪري انهن جي ڦريل ۽ غضب ڪيل حقن جي حاصلات لاءِ ۽ سنڌ جي عزت، آجپي ۽ خوشحالي واري پرگرام کي عملي شڪل ڏيندي ”جو کيڙي، سو کائي“ جي نعري هيٺ سمورن مظلومن ۽ محڪومن کي گڏ ڪري ظالم، جابر ۽ ڦورو حڪمرانن ۽ انهن جي دلال مقامي جاگيردارن، زميندارن ۽ وڏيرن خلاف عملي جدوجهد ۽ مزاحمت جو اعلان ڪيو، جنهن ٺٽي کان وٺي دهلي تائين ويٺل شهنشاهن، بادشاهن، پيرن، ميرن، زميندارن ۽ انهن جي دلالن جي دلين ۾ لرزش ۽ خوف پيدا ڪري ڇڏيو.
سمورن کي پنهنجا قهري ڪوٽ ڪرندي ۽ ڊهندي محسوس ٿي رهيا هيا، جنهنڪري صوفي شاھ عنايت جي صوفي ازم ۽ ڀائيچاري واري فلسفي، فڪر ۽ پروگرام کان ڊڄي سڀ کان پهريان پليجاڻي جي زميندار نور محمد پليجي، حمل بن لاکي ۽ سيد عبدالواسع، (جيڪو شاھ لطيف جي سوٽاڻن مان ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو سجاده نشين هو) شامل هيا، جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته شاھ لطيف کيس گهڻو ئي سمجهايو ته ميرانپور جا صوفي حق تي آهن پر عبدالواسع لالچ ۽ لوڀ جي انڌي گهوڙي تي سوار  هڪ انتهاپسند جاگيردار ۽ پير هو، جنهن شاھ لطيف جي هڪ به نه ٻڌي ۽ صوفي فقيرن سان کئونس ۽ جهيڙو شروع ڪيائون، ڇو ته صوفي شاھ عنايت انسان ذات جي روحاني اصلاح ۽ تربيت ڪرڻ سان گڏ ان وقت جي حالتن آهر اقتصادي ۽ معاشرتي آزادي لاءِ هڪ نئون ۽ جديد فلسفو روشناس ڪرايو، جنهن ۾ هڪ صوفيءَ جو ڪردار سمورن مسئلن کان ڪناري ڪشي ڪري وڃي جبل، جهنگ، برپٽ ۽ بيابان وسائي يا مئخانن ۽ اوتارن ۾ وڃي مونن ۾ منهن وجهي سموري دنيا کان لاتعلق ۽ لاپرواھ بڻجي ويهي رهڻ نه هو، پرصوفي شاھ عنايت جومقصد ۽ پروگرام اهو هيو ته حڪمرانن ۽ انهن جي ڦورو ٽولن، ظالمن ۽ انهن جي ساٿارين  ڦرلٽ ڪندڙ استحصالي قوتن جي سموري جبر، ڦرلٽ ۽ ناحق خلاف خاموش تماشائي بڻجي ڏسڻ بجاءِ ان سموري سسٽم ۽ طريقيڪار خلاف منظم تنظيم ڪاري ڪندي، سگهاري جدوجهد ۽ ويڙھ ڪجي.
صوفي شاھ عنايت جي ان پروگرام سان، ظلم ۽ جبر جي چڪي ۾ پيسجندڙ هارين، پورهيتن ۽ مسڪين ماڻهن جي دلين مان جاگيردارن ۽ ڀوتارن جو خوف ختم ٿيڻ لڳو، ذهنن تي چڙهيل ڪَٽُ لهڻ لڳي، صدين جي غلاميءَ جا زنجير ٽٽڻ لڳا، ماڻهن ۾ همٿ حوصلو ۽ بغاوت جنم وٺڻ لڳي ۽ ماڻهن انڪار ڪرڻ شروع ڪيو، ”جو کيڙي سو کائي“ وارو انقلابي پروگرام عام ٿيڻ شروع ٿيو، صوفي شاھ عنايت جي تنظيم ۽ تحريڪ ڏينهون ڏينهن متحرڪ ۽ منظم ٿيندي رهي، جيڪي ڳالهيون مغل شهنشاھ تائين به پهتيون جنهن گورنر اعظم خان کي صوفي فقيرن جي وڌندڙ اثر ۽ بغاوت کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
گورنر اعظم خان، مير شهدادخان ٽالپر کي اها ذميواري سوپيندي چيو ته توهان ئي آهيو جيڪي مغل سلطنت، جاگيردارن ۽ پيرن جي عزت بچائي سگهو ٿا. مير شهدادخان وڏي چالاڪي ۽ مڪاري سان هڪ منصوبي تحت پنجويھه ٽيھه سپاهين کي اڇا جهنڊا هٿن ۾ ڏئي، مير محمد خان ڪلهوڙي کي ساڻ وٺي قرآن شريف هٿ ۾کڻي، امن جو صدائون هڻندي ٺاھ جون ڳالهيون ڪرڻ جي بهاني سان صوفي شاهه عنايت وٽ پهچي قرآن تي هٿ رکي کين يقين ڏياريو ته گورنر اعظم خان ۽ ٻيا جنگ کان بيزار ٿي چڪا آهن ۽ هنن جهوڪ شريف تي حملو ڪري پڇتايو آهي، گورنر اعظم خان پاڻ توهان وٽ اچڻ پيو چاهي پر جنگي پريشانيءَ جي ڪري بيمار ٿي پيو آهي ان لاءِ توهان مهرباني ڪري اعظم خان وٽ هلو ته جيئن ڳالهيون ڪري معاملي کي سلجهائي هميشه لاءِ حل ڪري ڇڏجي، شاهه عنايت پنهنجن فقيرن سان مشورو ڪرڻ بعد پنهنجي ڀاءُ رحمت الله شاھ، سندس پٽُ  محمد يوسف ۽ ٻين ٻارنهن فقيرن کي ساڻ وٺي ڳالهين لاءِ روانو ٿيو، فقيرن جو وفد جيئن ئي گورنر اعظم خان جي تنبو ۾ پهتو ته کين دوکي سان گرفتار ڪري سندس ڀاءُ ۽ ڀائٽي کي ان جي اڳيان ئي شهيد ڪرڻ کان پوءِ صوفي شاھ عنايت کي سندس ئي تلوار سان شهيد ڪيو ويو جيڪا تلوار گرفتاري وقت فوجين ضبط ڪئي هئي، هي اها تلوار هئي جيڪا شاھ عنايت بيجاپور ۾ پنهنجي مرشد کان موڪلائڻ وقت تحفن مان چونڊ ڪري کنئي هئي، صوفي شاھ عنايت کي شهيد ڪرائڻ کانپوءِ جهوڪ شريف ۾ صوفين جي سڄي ڳوٺ کي باھ ڏئي ساڙي ظلم ۽ بربريت جو اهڙو مثال قائم ڪيو ويو جيڪو تاريخ ۾ سدائين ڪاري باب طور شامل رهندو.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ اڄ به هارين ۽ پورهيتن سان اهو ساڳيو ظلم ۽ جبر جاري آهي، ٻج ۽ ڀاڻ مهانگا، نقلي زرعي دوائون ۽ ٻج، زرعي جنسن جا مناسب اگھه نه ملڻ سميت اڄ تائين وفاق جي نالي ۾سنڌ کي ڪالوني سمجهي ان جي وسيلن ۽ حقن تي ڌاڙا لڳندا رهن ٿا، هارين ۽  پورهيتن سان جاگيردارن، پيرن، ميرن ۽ انهن جي دلالن جا ڪلور اڄ به ساڳيا  آهن، پر افسوس ان ڳالھه جو آهي ته صوفي شاھ عنايت جي فڪر ۽ فلسفي کي سندس پونئيرن ۽ مريدن سميت اسان سڀ وساري ويهي رهيا آهيون، سنڌ جي وڏي اڪثيريت رکندڙ آبادي هارين ۽ پورهيتن جي اڄ ڪا به منظم ۽ متحرڪ تنظيم ڪونهي، سنڌ جي قومپرست پارٽين به هارين جي تنظيم ڪاريءَ کي پنهنجي ايجنڊا تان ئي گم ڪري ڇڏيو آهي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هارين لاءِ ڪيل تاريخي جدوجهد به هاڻي ماضيءَ جو هڪ قصو بڻجي تاريخ جي صفحن ۾ دفن ٿي چڪي آهي.  هن وقت گهرج ان ڳالهھ جي آهي ته سنڌ جي قومپرست پارٽين کي ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾ وڃي هارين جي تعليم ۽ تربيت ڪري انهن کي پنهنجي تنظيم سان جوڙي منظم ۽ متحرڪ بڻائڻ گهرجي ته جيئن هو سنڌ جي عزت، آجپي ۽ خوشحاليءَ واري پروگرام ۾ سندن ٻانهن ٻيلي ٿي بيهن.


صوفي شاهه عنايت شهيد
ٻاٽ ۾ ٻرندڙ لاٽ
ارشد سومرو
وقت جي جابرن سان حق جي جنگ جوٽيندڙ جوڌن ۽ جوانن جو سرواڻ
’سوري هيٺان سر پوءِ به  نعرا نينهن جا‘
مغلن ۽ ڪلهوڙن جي جاگيرداراڻي نظام خلاف سر تي ڪفن ٻڌي ميران پور جي مٽي کي پنهنجي سرخ خون سان ريڄ  ڏيندڙ شاهه عنايت شهيد
جنهن جبر سامهون جهڪڻ بدران
سر سولي تي ڪٽائڻ کي ترجيح ڏني.
هارين، مظلومن ۽ هيٺين پيڙهيل طبقن جو سرواڻ
جنهن ’جو کيڙي سو به کائي‘ جو نظريو يا نعرو پيش ڪري سنڌ ۽ هند ۾ هاري انقلاب جي خواب کي حقيقت جو رنگ ڏنو ته
هر طرف شاهه عنايت جا پروانا هن جي پويان هئا
پر هو نه جهڪيو
نه وڪيو
نه هچڪيو
نه هٻڪيو
عشق انقلاب
۽ دليري جو اهو باب رقم ڪري ويو ،
جنهن تي سنڌ جي سرزمين فخر ڪري ٿي.
هو موڀي هو،
هو مرد مجاهد هو
هو انقلابي هو.
جيڪو آدرشن جو پوئلڳ هو
هو ٺڳ جاگيردارن، نام نهاد حڪمرانن ۽ هٿ ٺوڪيون فتوائون جاري ڪندڙن خلاف هو.
هو هڪ نظريو
هڪ فلسفو
هڪ ڪردار
هڪ تاريخ هو
هڪ انقلابي ڏهيسر هو
جنهن سچ جي راهه تي دهليءَ جي مغل حڪمرانن کي للڪاريو
هٿن ۾ ڏانٽا ۽ ڪهاڙيون کڻي مغل بادشاهت خلاف ميدان جنگ ۾ نڪتو ۔
وڙهيو، ڪڙهيو
پر ڪڏهن به نه مڙيو.
هو سچ جو علمبردار هو
هو فقيرن جو يار هو
هو ڌڪاريل انسان جو غمخوار هو.
جن کي ٻين ڌڪي ڪڍيو
هن تن کي گلي سان لڳايو.
هو پنهنجي قوم سميت پوري برِصغير جو سورهيه سپهه سالار هو
هن جي نيزي تي لٽڪيل سسي به دهلي جي گهٽين ۾ پئي دانهيو ته
حق موجود
صدا موجود.
اڄ ان عظيم رهبر جي اڱڻ تي ان جو عرس، هن جا هزارين عاشق پتنگن جيان اڏامي پنهنجي مرشد جي اڱڻ ۾ پهچي نچن پيا.
اڄ هن جي دربار تي
امير، وزير توڙي فقير
سڀ هڪ قطار ۾ بيٺل آهن
۽ هر ڪنهن وات وائي آهي ته
صوفي جي سوز ساز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ،
هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ.


شهيد شاهه عنايت ۽ اڄ جو سوشلزم
سجاد ظهير
سنڌ جي سرزمين کي اهو اعزاز رهيو آهي ته هن مختلف ٻاهرين آبادين کي پنهنجي امن پسند روايتن سان پنهنجي مٽي ۾ موهي ڇڏيو آهي. سنڌ جو پيڙهيل طبقو امن پسند هجڻ باوجود پنهنجي حق لاءِ جاکوڙيندو رهيو آهي. مختلف بادشاهي حڪومتن ۾ هتي مظلومن جون بغاوتون پئي ٿينديون رهيون آهن. بادشاهت جو نظام غريب طبقي کي لٽيندو رهيو آهي، انهي جي خلاف هڪ منظم بغاوت جي ضرورت هجي ٿي. اسان وٽ اهڙي بغاوت جو مثال ۱۷ هين صدي جي آخر ۽ ۱۸ هين صدي جي شروعات ۾ ملي ٿي، هيءُ دور سنڌ ۾ ڪلهوڙا بادشاهت جو آهي. جڏهن ته برِصغير ۾ اورنگ زيب (مغلن) جي حڪمراني هئي. انهي دور جي پهرين عوامي بغاوت کي اسان جهوڪ (ٺٽي) واري  بغاوت جي نانءَ سان سڃاڻون ٿا. اڄ انهي جو عرس ميلي جي صورت ۾ شروع آهي جيڪو ٽي ڏهاڙا جاري رهندو آهي. اڄ سندس آخري ڏهاڙو آهي. انهي سموري منظر کي سمجهندي ۽ ڄاڻندي نه فقط عرس جي تبليغ ڪرڻ گهرجي پر اڄ جي دور ۾ انهي تحريڪ کي حالتن ۽ عالمي پسمنظر مطابق سمجهڻ جي ضرورت آهي. اچو ته انهي جو جائزو وٺون.
اسان کي اسان جي تاريخ کان ڏورانهون ڪيو ويو آهي، اسان هڪ انقلابي تاريخ جا امين آهيون. اسان جو خطو سرسبز ۽ آباد رهيو آهي، مختلف ٻاهرين يلغار هن ڌرتي کي لٽيندي ۽ ڊاهي پٽ ڪرڻ جي سازش ڪندي رهي آهي. تاريخ جي مختلف ڄاڻو ماڻهن پنهنجي پنهنجي فڪر جي تاريخ لکي آهي، اسان کي پنهنجي تاريخ پنهنجي قلم سان لکڻي پوندي. هتي بادشاهن جو راڄ پڻ عوامي تاريخ کي عملي توڙي غلط عملي نظرين جي تحت دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهيو آهي. تاريخ جڏهن عوام وٽ پهتي ته بادشاهت فقط قصا بڻجي وئي ۽ تاريخ کي عوام سنڀالي ورتو. جهوڪ ٺٽي واري انهي بغاوت جو سرواڻ شهيد شاهه عنايت آهي،
هو سترهين صدي جي وچ ڌاري ۱۶۵۵ع واري سال دوران سنڌ جي علائقي جهوڪ( ٺٽي) ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق لانگاهه قبيلي سان هئو. هن جي  تعليم۽ تربيت وقت جي تمام وڏن عالمن جي فڪر سان ٿي، شهيد شاهه عنايت مختلف سماجي فڪرن سان گڏ صوفي ازم جي تربيت پڻ وٺندو رهيو.
شهيد شاهه عنايت هندستان جي مختلف صوفين سان ملاقاتون پڻ ڪيون، هو جن استادن جو شاگرد رهيو، انهن مان ڪيترا ئي شاهه عنايت جي نظرئي ۽ خيالن جي انقلابي اڏار ڏسي سندس فڪر جا ديوانا ٿي ويا. هو حيدرآباد( ڏکڻ) جي بيجاپور واري علائقي ۾ وڃي ويهي رهيو. هيءُ اهو ئي حيدرآباد آهي جتي تلنگانا هاري تحريڪ ڏيڍ صدي پوءِ جنم ورتو ، جيڪو ڪميونسٽ تحريڪ جو سبب بڻيو، هن شهر ۾ ئي حسن ناصر جو جنم ٿيو، حسن ناصر سنڌ ۾هارين جي تحريڪ سان شامل رهيو. شهيد شاهه عنايت پڻ انهي حيدرآباد ۾ ڪيترا ئي سال رهيو، اتان جي سماجي ۽ سياسي حالتن کان واقف ٿيو. شهيد شاهه عنايت اتان گهڻو ڪجهه رياستي داءُ پيچ ۽ انهي جي نظام کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، کيس رياست کي ويجهي ڏسڻ کان پوءِ پتو پيو ته هيءُ سماج انسان دشمن سماج آهي هن ۾ طبقا آهن ۽ اهي ڪهڙي قدر مظلومن جو استحصال ڪن ٿا. ۱۰ سال سنڌ کان ٻاهر رهڻ کان پوءِ هو پچي راس ٿي نڪتو تنهن کان پوءِ موٽي پنهنجي ماڳ اچي رسيو، هن مختلف ملڪن جهڙوڪ افغانستان، عراق ۽ ٻين ڏيهن جو سفر پڻ ڪيو . هو فارسي ۾ پختو شاعر ٿي اڀريو، سندس عشق جي انتها ۾ مولانا رومي جو فڪر شامل ٿي ويو، جنهن هن کي هن سماج ۾ نابرابري خلاف هڪ بنياد ٻڌي ڏنو. هن انهي خلاف آواز بلند ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو.
سال ۱۷۱۳ع ۾ جڏهن شاهه عنايت واپس ٺٽي موٽيو سموري هند ۾ اورنگ زيب جو پٽ ۽ سنڌ جوحڪمران ميان يار محمد ڪلهوڙو هو. ميان دين محمد ڪلهوڙو هڪ مضبوط حڪمران ٿي اڀريو، هو بکر کان وٺي بلوچستان تائين مغلن لاءِ هڪ وڏي رڪاوٽ بڻيو بيٺو هو، سخت ويڙهه کان پوءِ کيس گرفتار ڪري مغل حڪمران اورنگزيب پاران کيس قتل ڪيو ويو. اورنگ زيب جو اقتدار ڪمزور ٿيو ته دين محمد ڪلهوڙي جي ڀاءُ وڃايل اقتدار واپس حاصل ڪري ورتو.
سال ۱۶۰۸ع ڌاري ايسٽ انڊيا ڪمپني جو هند اچڻ ڄڻ هتان جي بادشاهت جو موت ثابت ٿيو. انگريزن وڏي چالاڪي سان هتي بادشاهت کي جاگيرداري سماج ۾ تبديل ڪيو جنهن هتي هڪ ڀڄ ڊاهه کي جنم ڏنو. هندستان ۾ پڻ بادشاهت جي خاتمي جو سبب ايسٽ انڊيا ڪمپني کان پوءِ جڙندڙ انگريز حڪمراني هئي. انهي تبديلي هتان جي عام ماڻهو کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪلهوڙا حڪمران مغلن کي ٽيڪس ادا ڪندا هئا، هاري پڻ ڍل هندستان جي بادشاهن کي ڏيندا هئا. خطي ۾ هارپو ڪندڙ پڻ سکيا ستابا هئا. جيتوڻيڪ اهو ظالم طبقو جيڪو هارين کي لٽيندو هئو، ان جو ڪاروهنوار جو ذريعو عام ماڻهو جو استحصال هئو، ائين چئجي ته استحصال کي ان دور ۾ هڪ روايت بڻايو ويو هو. بغاوت جو هڪ سبب هيءُ ڏاڍ ۽ پِڻ هئو. انهي دور ۾ هاري جبر جو شڪار هئا سندن اُپت تي انهي دور جي حڪمرانن جو ناجائز قبضو هو. سنڌ پيري، جاگيرداري ۽ غلامي جي ڌٻڻ ۾ جڪڙيل هئي. رياست جي ڏاڍ مڙسي جي آڌار تي پير ۽ سيد پڻ  فصل جي اُپت جا مالڪ بڻيو بيٺا هئا. شاهه عنايت کان اهو ظلم برداشت  نه ٿيو هن مظلوم طبقن جي حق ۾ انهي ڏاڍ خلاف ظالمن سان مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ انقلابي تحريڪ جو اعلان ڪيو. هن جهوڪ ۾ رهڻ پسند ڪيو ته جيئن اتان جي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪجي. هن هڪ اهڙي خانقاهه جو بنياد وڌو جيڪو انهن جابر حڪمرانن، پيرن ۽ وڏيرن لاءِ هڪ چتاءُ ثابت ٿيو. سندس مقصد اجتمائي پوکي هو، هن انهي جي شروعات پنهنجي ابن ڏاڏن واري زمين کان ڪئي جيڪا هارين ۾ مفت ورهائي وئي. گهٽ زمين وارا هاري به شاهه عنايت سان گڏجي ويا،  سندس دائري ۾ مال، ڏاند وغيره  سموريون شيون اتان جي ماڻهن جون قرار ڏنيوويون.
جهوڪ ۾ قائم هن ننڍڙي سماج ۾ سمورا ماڻهو پنهنجي سرواڻ سان گڏ زرعي پورهيت بڻجي ويا. تاريخ جو تجزيو ڪيو وڃي ته هيءُ اجتمائي پوکي  جو پهريون مثال هئو جتي سمورا ماڻهو پيداواري عمل ۾ شريڪ هئا. هڪ خاندان وانگر فيصلا ڪندا هئا ۽ اپت ورهائي کڻندا هيا. صوفي شاهه عنايت جي نعري ”جيڪو کيڙي، سو کائي“ وقت جي حاڪم طبقي ۽ مغل سلطنت جا هوش اڏائي ڇڏيا، خود سنڌ جي حاڪمن جون ننڊون به حرام ٿي ويون. مغل حڪمران ۽ ڪلهوڙا سمجهي ويا هئا ته شهيد شاهه عنايت جي جنگ عملي سان گڏ نظرياتي پڻ آهي انهن سندس خلاف هڪ وڏو لشڪر تيار ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف برادرين کي لالچون ڏئي شامل ڪيو ويو. هندستان جي بادشاهت ۾ حڪمرانن سلطنت بچائڻ لاءِ سڳن رشتن کي قتل ڪيو اتي شهيد شاهه عنايت کي شهيد ڪرڻ انهن لاءِ ڪو وڏو مسئلو نه هو.
وقت جا حاڪم سمورن غدارن سان  جھوڪ ٺٽي پڳا هئا ۽ وري شاهه عنايت هڪ نئين سماج ۽ پورهيت ڪميون لاءِ جنگ ۾ ڪاهجي پيو. شهيد شاهه عنايت شهيد جي هن عوامي تحريڪ ان دور جي حڪمرانن کي ايترو مجبور ڪيو جو هو ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا، جيتوڻيڪ انهي ڳالهين جي پٺيان فقط منافقت ۽ ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه به نه هو. صوفي ولي الله جي اڳيان پاڪ ڪتاب کي ضامن بڻائي ڳالهيون ڪرڻ تي ويٺا. پاڪ ڪتاب کي بنياد بڻائي وقت جا ڪوڙن حڪمرانن شاهه عنايت تي ٽل سان وار ڪرڻ پئي چاهيو. شهيد شاهه عنايت جنهن جو سر انهن ظالمن ۽ قاتل حڪمرانن جي اڳيان جبل بڻيو بيٺو هو، اهو ان پاڪ ڪتاب جي واسطي انهي احترام ۾ جهڪي ويو، کيس اٽڪل سان محفوظ قلعي مان ٻاهر آندو وڃي ٿو. مخالف فوج کيس گهيري ۽ گرفتار ڪري پنهنجي قلعي ۾ يرغمال بڻائي وٺي ٿي. شاهه عنايت جي اکين ۾ خوف بجاءِ هڪ ڪرشماتي سحر هئو، شهيد شاهه عنايت کي خبر هئي ته آءُ قتل ڪيو ويندس پر هو ڄاڻي پيو ته اهو انقلابي ڪڏهن به ناهي مري سگهندو جنهن جي دل ۾ سندس عشق فڪر جي صورت زندهه رهندو، شهيد شاهه عنايت کي خبر هئي ته اسان جي تاريخ ريٽي رت سان لکي ويندي، اسان هونداسين فقط انهي لاءِ ته اسان عام لاءِ ماريا وياسين، جيڪي خاص بڻيا رهيا اهي اڄ تاريخ جي ڪنهن به ڪاڳر ۾ فقط قصو ئي آهن تاريخ وري به انهن سورمن جي آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ جي عظيم هيري کي ۷ جنوري ۱۷۱۸ع ۾ سندس پُٽ ۽ ڀاءُ سميت شهيد ڪيو ويو.
فقط سنڌ صدين کان صوفي آهي واري اصطلاح سان ڪم نه ٿيندو هتي نظرياتي ويڙهه ڪرڻي پوندي. جنهن ويڙهه جو بنياد شهيد شاهه عنايت جي عظيم جدوجهد، ڪارل مارڪس جي تاريخي عالمي فڪر ۽ لينن جي سامراج مخالف عملي ڪارناما آهن.



صوفي شاه عنايت شهيد
سندس تاريخي هاري هلچل
ارشاد ڪاغذي
صوفي شاه عنايت شهيد ”جو کيڙي، سو کائي“ جي فڪر ۽ فلسفي جو موجد ۽ اڳواڻ هو. شاه شهيد جهوڪ واري جو سمورو فڪر جو لُبِ لُباب هارين جي اقتصادي ۽ معاشي خوشحالي هو. صوفي شاه عنايت سنڌ ۾ سڀ کان اول هلچل جو بنياد وجهي هارين جي حقن سان سَلهاڙڻُ جو تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو. شاه شهيد جي جدوجهد هارين جي حقن جي حاصلات لاءِ هئي ۽ هڪ گڏپ جي سرشتي تي آڌاريل هئي جنهن کي سوشلسٽ 'ڪميون' بـ ڪوٺين ٿا. جديد دور ۾ سوشلسٽ ۽ ڪميونزم جي نتيجي ۾ زمينن کي گڏيل ملڪيت تصور ڪري قومي تحويل ۾ ورتو ويو هو، ان ڪري سائين سبط حسن ۽ پير حسام الدين راشدي شاه شهيد کي سنڌ جو پهريون سوشلسٽ سڏين ٿا. صوفي شاه عنايت جديد سوشلسٽ معيشت جي طرز تي نعرو هڻي جدوجهد جي ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي پيو، ان وقت ڪميونزم جو وجود ئي نـ هو ۽ نـ وري ڪميونزم جو خالق ڪارل مارڪس پيدا ٿيو هو. پر سنڌ جي پهرئين ”صوفي سوشلسٽ“ عوام سان گڏجي ڌارين سان جنگ ڪئي. سنڌ جي هارين، فقيرن ۽ مسڪين ماڻهن کي تبديلي ۽ انقلاب جو درس ڏنو ۽ غاصب حڪمرانن ۽ ظالم زميندارن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي خلاف حق جو آواز بلند ڪيو ۽ هٿ ۾ تلوار کڻي جنگ ڪئي. ان ڪري هو سنڌ جي هارين جي تاريخي هلچل جو موجد ۽ سرواڻ  سڏجي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو سنڌ جي هارين جي هلچل ۽ انقلاب لاءِ پنهنجي سر جي قرباني ڏئي امر ٿي ويو ۽ سندس پيغام ۽ عمل پنهنجي نوعيت جو نرالو ۽ سڀ کان پهريون مثال هو تـ هڪ صوفي ماڻهو پنهنجي ديس جي مسڪين ماڻهن لاءِ تلوار کڻي ويڙه ڪئي. ظالم زميندارن، جاگيردارن، پرمارن ۽ ان جي ديسي دلالن سان جنگ جوٽي ۽ ويڙه ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، پر ڌارين حاڪمن ۽ ان جي جوڙيوالن سازش سِٽي قرآن تي هٿ رکي دوکيبازي ۽ ويساه گاتي ڪري شاه کي شهيد ڪيو. شاه شهيد صوفي هوندي، رواداري ۽ عدم تشدد تي يقين رکندي بـ جهيڙو جهيڙيو هو. جڏهن تـ ان قسم جو مثال ڪٿي بـ نٿو ملي تـ صوفي پاڻ بنفس نفيس جنگ ۾ ملوث ٿيو هجي. سنڌ جي صوفين جي تاريخ ان جي شاهدي ڏئي ٿي تـ هو ڦڏي فساد ۽ ويڙه جهيڙه کان پري رهيا آهن ۽ درس تدريس، شاعري ۽ صلاح وثواب جي حد تائين ڪنهن بـ تحريڪ سان سهمت ضرور رهيا آهن، پر ڪڏهن بـ هٿيار کڻي يا حڪمت عملي تحت ڪنهن سان مهاڏو اٽڪايو هجي. سنڌ جي تاريخ ۾ جهوڪ وارو معرڪو پنهنجي نوعيت جو انوکو ۽ نرالو واقعو آهي جنهن ۾ درگاه، پيري مريدي ۽ بزرگي جي باوجود پنهنجي هارين ۽ مريدن جي باقاعده فوج تشڪيل ڏئي جنگ جي فني اصولن پٽاندڙ دشمن کي للڪاري ميدان ملهايو هجي. صوفي شاه عنايت جي صوفي مت ۽ فڪري لاڙي ۾ ان ويڙهاند جي گنجائش نـ هئي. جيئن مان پهريان عرض ڪيو آهي تـ سنڌ جون خانقاهون ۽ درگاهون گھڻي ڀاڱي چپ جو روزو رکيو هو، ۽ مصلحت پسندي کان ڪم وٺندا هئا، ۽ آڱرن تي ڳڻڻ جهڙا مثال ۽ واقعي ٿيا آهن جن ۾ گادي نشينن عوام جي پاران ۽ انهن سان گڏجي هٿياربند جدوجهد ڪئي هجي.
صوفي شاه عنايت جهوڪ واري ”سو کيڙي سو کائي“ جي عوامي نعري هيٺ گوريلا جنگ شروع ڪئي. ان باري ۾ تحقيقي ۽ علمي ڪم تمام ٿورو ٿيو آهي پر شاه شهيد جهڙي نموني ڌارين جي ڪٽڪ ۽ ڪلهوڙن جي ڪمڪ ۽ ڪاه کي منهن ڏنو ۽ فقيرن جي فوج محاصري ۾ هوندي بـ گوريلا طريقي سان ڪاروائي ڪندي رهي اهو عمل ان وقت فوجي پلاننگ جو اعليٰ مثال آهي، گوريلا جنگ جي بنيادي اصولن مطابق اوچتو ۽ ڦڙتي ۽ چپ چپات ۾ حملو ڪرڻ ۽ وري موٽي پنهنجي ماڳ تي پهچڻ ۽ پاڻ کي گھڻي نقصان کان بچائڻ، ان کي خبرداري ۽ گوريلا ادراڪ ۽ عقلمندي جو فن چئجي تـ وڌاءُ نـ ٿيندو. نـ تـ صوفي جو مطلب ۽ شعوري پهچ تـ سڀ جو خير آهي، ڪو برو ڀلو چئي بـ خاموش رهجي، ڪو ٿڦڙ هڻي تـ بـ ٻيو ڳل پيش ڪجي، ڪو زمين ڀيلي تـ اُف نـ ڪجي، ڪو سنڌ کي تين وال ڪري تـ بـ ٻڙڪ نـ ڪڇي وڃي!! اهو ٿيندو رهيو آهي ۽ اڃا تائين صوفي درگاهن وارا اهو ڪم ڪن ٿا. پر شاه شهيد پنهنجي فطرت ۽ صوفي فلسفي جي اصولن تي قائم رهندي بـ عوام جي ساٿ سان هڪ الڳ ڌڳ ورتو جنهن کي ويڙھ ئي چئي سگھجي ٿو ۽ اڳواٽ رٿابندي ڪري، گڏيل صلاح ومصلحت ڪري جماعت جي خاص ۽ عام ماڻهن جو اجلاس ڪوٺائي متفق راءِ سان فيصلو ڪري جنگ جي باريڪبيني جو اڀياس ڪري ڊيوٽي ۽ ذميواري ورهائي ۽ لڳائي تـ هي دستو فلاڻي هنڌ ڊيوٽي ڏيندو ۽ هي دستو راتاهو ڏيڻ لاءِ رات جي هن پهر ۾ وڃي دشمن جي سپاهين تي ڪڙڪندو، ڪوبـ آواز ۽ شور ۽ شرابو نـ ڪندو، تنهن ڪري هنن ڪاميابي سان دشمن کي سخت نقصان پهچايو هو ۽ مغلن ۽ ڪلهوڙن جي فوج ۾ ٽاڪوڙو مچي ويو هو. ڪيترن مهينن تائين جهوڪ جو گھيرو ڪيو ويو، چوگرد رستا سيل ڪيا ويا هئا پر پوءِ بـ ڪي رستا جيڪي اڳواٽ ئي ڳجها رکيا ويا تـ جيئن دشمن ان کان بي خبر رهي، اتان تازي ڪمڪ آساني سان پهچندي رهي ۽ اها سپلائي لائين آخر تائين ڪم ڪندي رهي.
جهوڪ جي معرڪي جا ٻـ واقعا اهم آهن هڪ تـ آخري حملو جنهن ۾ جهوڪ کي گھيري ۾ آندو ويو ۽ لڙائي ۾ ناڪامي جي ڪري قرآن وچ ۾ آڻي ٺاه جون ڳالهيون ڪرڻ لاءَ چيو ويو.  جنهن ۾ شاه شهيد کي ڳالهين جي بهاني گرفتار ڪري شهيد ڪيو ويو. پر ان کان اول، گھڻو عرصو اڳ۾ شاه شهيد جي وڌندڙ اثر رسوخ ۽ طاقت کي ڏسي مغل سامراج جا ڪارنده ۽ تر جا ظالم وڏيرا ۽ جاگيردار سازشون سِٽڻ لڳا، ڇاڪاڻ تـ شاه شهيد پنهنجي نعري جي بنياد تي سنڌين کي متحد ۽ منظم ڪري رهيو هو، ۽ جهوڪ کي ان جو مرڪز بنايو هو. ٺٽو گادي جو هنڌ هئڻ ڪري اهميت جو ڳو هو ۽ ان جي ڀر ۾ ڪا تحريڪ ۽ تنظيم منظم ٿئي اهو وڏو خطرو هو، تنهن ڪري مغلن جي گورنر جي چرچ تي تر جي وڏيرن ۽ جاگيردارن دلالي ڪندي شاه عنايت جي فقيرن ۽ هارين کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، شاه ۽ ان جا فقير اهي عقوبتون برداشت ڪندا رهيا ۽  سٺي ترتيب سان پنهنجي صفن جي جوڙجڪ ڪندا رهيا. شاه شهيد سڀ کان اول پنهنجي پيغام ”جو کيڙي سو کائي“ جي نرالي عوامي نعري هيٺ سنڌ جي هارين کي جيڪو سڏ ڏنو هو تنهن جي موٽ ۾ سنڌ جي مختلف علائقن کان هاري ناري، مسڪين، محتاج ۽ بيروزگار ماڻهو پنهنجي اهل عيال سميت جهوڪ ۾ اچي رهيا ۽ ان کي پنهنجو مسڪن بنايو. ايڏي گھڻي تعداد ۾ ماڻهن جو جهوڪ ۾ رهڻ ۽ وري گڏجي پوکي راهي ڪرڻ جي ڪري سنڌ ۾ نئين روايت پئي ڇاڪاڻ تـ گھڻي تعداد ۾ ماڻهن جو پورهيو ڪرڻ ۽ گڏيل ملڪيت هئڻ جي ڪري ڄڻ تـ اڄوڪي جديد دور واري فارمنگ جو سسٽم رائج  هئو. گڏجي پوکي راهي ۽ صلاح مشوري جي ڪري فصل سٺو ۽ جام ٿيڻ لڳو ۽ فقرا جي محنت جي ڪري سڀئي گڏجي کائيندا ۽ گذاران ڪندا هئا. ان سڄي سياسي، سماجي ۽ معاشي تاڃي پيٽي جي ڪري گورنر ۽ مڪاني وڏيرن جي ننڊ ڦٽي وئي ۽ هو شاه عنايت ۽ سندس فقرا سان کئونسڻ لڳا. ٺٽي جي گورنر جي چرچ تي صوفي شاه عنايت تي حملو ڪيو ويو، صوفي شاه عنايت معجزاڻي نموني بچي ويا پر ڪيترا هاري شهيد ٿيا. شاه عنايت فقيرن جو هڪ وفد دهلي موڪليو ۽ مغل شهنشاه فرخ سير کي ان خوني قضئي ۽ فقرا جي شهيد ٿيڻ جي دانهن ڏني. ياد رهي تـ بادشاه فرخ سير اورنگزيب عالمگير جو پوٽو هو. شهنشاه فرخ سير فرمان جاري ڪيو تـ قاتلن جون زمينون ضبط ڪري شهيد هارين جي وارثن کي خون جي عيوض ڏنيون وڃن. ٺٽي جي گورنر مير لطف الله کي حڪم جاري ڪيو ويو، گورنر مجبور ٿي پيو ۽ ان تي عمل ڪرايو ۽ وارثن کي زمينون خون بها عيوض ملي ويون. ڍل معاف ڪئي وئي ۽ ٻيون سهوليتون ڏنيون ويون.
مير لطف الله بعد مير اعظم ٺٽي جو گورنر مقرر ٿيو، هن بـ صوفي شاه عنايت سان سختي ڪرڻ شروع ڪئي ۽ غلط رپورٽون دهلي ڏانهن موڪليندو رهيو تـ جيئن بادشاه کي برغلائي شاه شهيد کي ختم ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. گورنر پنهنجا فوجي موڪلي ڍل اڳاڙڻ لڳو پر صوفي شاه عنايت ڍل ڏيڻ کان ٺپ جواب ڏنو. گورنر بادشاه کي لکي موڪليو تـ صوفي شاه عنايت بغاوت ڪري رهيو آهي ۽ اجازت ڏني وڃي تـ هن جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي. اجازت ملڻ شرط گورنر مڪاني وڏيرن جي لوڌ ڪٺي ڪرڻ لڳو ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي کي مدد جي درخواست پڻ ڪئي. چون ٿا تـ ميان يار محمد ڪلهوڙي پنهنجو پٽ ميان محمد خان ڪلهوڙو ۽ ٻين سردارن سوڌو مير شهداد خان بلوچ جي اڳواڻي ۾ هڪ فوجي دستو جنگ لاءِ موڪلي ڏنو. پر ڪيترن مورخن جو چوڻ آهي تـ خود ميان يار محمد ڪلهوڙو ۽ سندس ٻـ پٽ ميان غلام حسين ۽ دائود ڪلهوڙو بـ فوج سميت شاه عنايت تي ڪاهي آيا.
سن ۱۳ آڪٽوبر ۱۷۲۷ع تي مغلن، ڪلهوڙن ۽ غدار وڏيرن جي فوج جهوڪ جي ناڪابندي ڪئي. آئون مٿي چئي آيو آهيان تـ شاه عنايت اڳواٽ پوري تياري ڪئي هئي، کيس معلوم هو تـ مغل سامراج ۽ ڪرائي جا قاتل حملو ضرور ڪندا. جڏهن اها فوج جهوڪ طرف وڌي ۽ گھيرو ٿيو تـ شاه شهيد ان رات پنهنجي سمورن خاص ماڻهن جو خاص اجلاس ڪوٺايو جنهن ۾ جنگ ڪرڻ جي پلاننگ ڪئي وئي ۽ گڏيل صلاح سان اهو فيصلو ڪيو ويو تـ هتان ٻاهر نڪرڻو ناهي ۽ رات جي پهر ۾ دشمن جي فوج تي راتاهو هڻبو رهبو پر ان ۾ ڪنهن بـ  قسم جو هل هنگامو يا نعرو وغيره لڳائڻ نـ گھرجي ۽ ايئن ڪيو ويو ۽ ان جي ڪري دشمن جي فوج کي سخت نقصان رسايو ويو. روزانو اوچتو حملو ڪري دشمن جي فوج ۾ ٽاڪوڙو مچايو ويندو هو ۽ ڪيترائي ماڻهو ماريا ويندا هئا ان جي ڀيٽ ۾ صوفي شاه عنايت جا جانثار صحيح سلامت واپس موٽي ايندا هئا. گوريلا جنگ جي ڪري گھڻي عرصي تائين مغل سامراج جي فوج کي پيشقدمي کان روڪيو ويو. ٽن مهينن تائين اهو ڪڙو جاري رهيو پر هو ڪجهـ ڪري ڪونـ سگھيا. آخر هڪ منصوبو ۽ سازش تيار ڪئي وئي. ميان يار محمد ڪلهوڙي جي پٽ ۽ مير شهداد خان بلوچ قرآن شريف وچ ۾ رکي صلح جي آڇ ڪئي. شاه شهيد گڏجاڻي ڪوٺائي سمورن ساٿين اڳيان ڳالهـ رکي، ڪيترن چيو تـ دوکو ڪيو ويندو. پر آخر ۾ متفقـ راءِ سان فيصلو ڪيو ويو تـ قرآن کي عزت ڏيڻي آهي جيڪو بـ انجام ٿئي تيار رهو. شاه شهيد ڪيترن پنهنجي خليفن، پيارن مريدن کي جهوڪ ڇڏڻ جو چيو  ۽ پاڻ انهن جي اتان وڃڻ بعد ڳالهيون ڪرڻ ويا.
۱۵ صفر سن ۱۱۳۰ هجري مطابق ۷ جنوري ۱۷۱۸ عيسوي تي صوفي شاه عنايت کي شهيد ڪيو ويو.                                                        
سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،
اين بار گران بود ادا شد چه بجا شد
(حق جي راه ۾ سر قربان ڪرڻ سان زندگيءَ جي بنيادي مقصد پوري ڪرڻ جو ذمون لهي وڃي ٿو)
اڄ نـ اوطاقن ۾ طالب تنوارين؛
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين؛
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا. شاه لطيف
irshadkagzi@yahoo.com
محترم سائين
هي نئون نڪورو مضمون صوفي شاه عنايت شهيد موڪليان ٿو، هي عبرت ۾ شايع ٿيو هو پر مڪمل شايع نه ڪيو هو.
اوهانجو پنهنجو
ارشاد ڪاغذي
پراڻو صدر شڪارپور



صوفي شاهه عنايت شهيد
ٻاٽ ۾ ٻرندڙ لاٽ
رشيد سومرو
هو وقت جي جابر جي فرعوني تلوارن ۽ ڀالن سامهون هٿين خالي، سڪل سينن ۽ بکايل پيٽن سان رڪ جي ديوار بڻجي مزاحمت جو اهو سونهري باب رقم ڪيو، جنهن کي تاريخ ۾ سونهري لفظن سان هميشه ياد ڪيو وڃي ٿو. هڪ طرف دهلي جي مغل حڪمران جي قانوني فوج هئي ته ٻئي طرف ڏاٽن ۽ ڪهاڙين سان ليس غريب هاري ۽ پورهيت هئا، ميرانپور جو ميدان سرخ خون سان رنڱجي ويو، پر هر طرف کان حق موجود ۽ صدا موجود جون صدائون سُڻڻ ۾ اينديون رهنديون ۽ هر مظلوم جي زبان مان سچ جو آواز ئي نڪرندو.
صوفين جي امام صوفي شاهه عنايت ان وقت جي جاگيردارن، وڏيرن ۽ حڪمرانن سان ويڙهه اقتدار ماڻڻ لاءِ نه پيئي ڪئي، پر هن مغلن جي يزيديت، بربريت ۽ غلامي جي پنجوڙ ۾ جڪڙيل مظوم هارين ۽ پورهيتن جي دائمي نجات لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيو. هي حق ۽ باطل جي درميان اها جنگ هئي، جنهن جو مثال برصغير جي تاريخ ۾ ڪو نه ٿو ملي. سهپ، صبر ۽ برداشت جي انسان دوست فلسفي، محبت، برابري ۽ ڀائيچاري جي خواهشمند صوفين کي نيزن تي لٽڪايو ويو، هنن جي بيگناهه لاشن کي اجتماعي قبرن ۾ ليٽو ويو، پوءِ به هو شهيد جي اکين ۽ زبان سان اها صدا بلند پيئي ٿي ته:
نٿو جو تڙ مان مٿان تڙي سو سنڌ مان لڏي وڃي،
سو سنڌ کي ڇڏي وڃي، سو سنڌ مان لڏي وڃي.
ميرانپور جي ان موڀي پٽ جي فلسفي جا لکين عاشق اڄ به سنڌ ۽ هند ۾ موجود آهن، جيڪي هر سال جهوڪ شريف جي نگري ۾ اچي پنهنجي شهيد مرشد کي عقيدت جي ڀيٽا، لورين ۽ گيتن سان ڀيٽا پيش ڪن ٿا، ڇو ته سنڌ ۾ ٿيل هي اها جنگ آهي، جنهن ۾ شڪست جي باوجود صوفين جي سربلندي ٿي ۽ مغليت جو نالو نشان مٽجي ويو.
تاريخ جي ورقن تي گهري نظر گهمائبي ته معلوم ٿيندو ته ميرانپور جي صوفين ۽ دهلي جي مغلن ۾ وڙهي ويل هي تاريخي جنگ گهڻن حوالن سان دنيا جي ٻين جنگن کان انتهائي منفرد ۽ مختلف آهي. هي جنگ هارين ۽ حڪمرانن، ظالم ۽ مظلوم جي درميان وڙهي ويندڙ انوکي جنگ هئي، جنهن جي جنگ جو محاذ ميرانپور هو. صوفي شاهه عنايت جي شهادت به دوران نماز ٿي، هن کي سنڌ جي ٻي ڪربلا چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. ڪربلا جي عظيم مظلومن کي يزيد جي لشڪر يرغمال بڻائي کين اُڃو رکي دوران نماز امام عالي مقام کي شهيد ڪيو ۽ ڪربلا جي عظيم انسانن کي به جنهن نموني سان شهيد ڪيو ويو، تنهن تاريخ جي ورقن کي به لڙڪ هاڻو ڪري ڇڏيو هو. ساڳي ريت ميرانپور جي معرڪي ۾ جنهن بربريت ۽ يزيديت جو مظاهرو ڪيو ويو، تنهن تي لکين اکيون آليون ۽ ڪروڙين دليون رنجيده آهن.
صوفي شاهه عنايت جي شهادت تاريخ ۾ اهو باب رقم ڪيو، جنهن جا پڙاڏا اڄ به ميرانپور جي خشڪ سرزمين تان ٻڌي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ صوفي شاهه عنايت اڄ اسان ۾ موجود نه آهي، پر هن جي عدم تشدد، ڀائيچاري ۽ مساوات جي نظرئي جا انيڪ اڻوسار اسان وٽ موجود آهن. اڄ دنيا جنهن بدامني، دهشتگردي، عدم مساوات جو شڪار آهي، هر طرف افراتفري ۽ انتشار آهي. اهڙي دردناڪ دور ۾ دنيا ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ صوفين جي فلسفي تي عمل ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. روحاني سڪون جا لکين طالب اڄ به جهوڪ شريف ۾ اچي پنهنجي مرشد جي اڱڻ ۾ حاضري ڀري پنهنجن روحن کي راحت ۽ قلبن کي سڪون بخشين ٿا.
هونئن به هن وقت دنيا ۾ سڀني کان اڻلڀ ڪا شيءِ آهي ته اها سڪون ۽ امن آهي، جنهن جي حصول لاءِ هر فرد ڪوشان آهي پر منجهن اخلاص جي کوٽ، عدم جدوجهد هئڻ سبب صوفي شاهه عنايت جي فلسفي تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب اڄ لکين بيقرار روح سڪون جي تلاش ۾ هر سال ميرانپور جي نگري ۾ پهچي چند گهڙين لاءِ پاڻ کي سڪون بخشين ٿا ۽ ذهني ٿڪاوٽ تي آسيس بخشڻ لاءِ صوفياڻي سماع ۾ ويهي پاڻ کي تصوف جي رنگ ۾ رنڱي پنهنجي وجود کي صوفيت جو پاجامون پارائي پاڻ کي محبت جي رنگن ۾ رنڱين ٿا.
ڪاش! دنيا مان پرتشدد ڪاررواين، مظلومن تي ٿيندڙ اتياچارن کي ختم ڪرڻ لاءِ صوفي شاهه عنايت جي عظيم فلسفي تي عمل ڪيو وڃي ته هڪ ڀيرو وري هي ڌرتي محبتن جو درٻار بڻجي وڃي.



صوفي شاه عنايت شهيد رح
[۱۶۵۵ع – ۱۷۱۸ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
شاه عنايت صوفي ولد مخدوم فضل الله، ۱۰۵۶هه مطابق ۱۶۵۵ع ۾، ٺٽي ۾ تولد ٿيو. سندس جد امجد مخدوم صدو لانگاه (”لانگاه“، سنڌ جي قوم آهي؛ جنهن ڳچ وقت ملتان تي حڪومت ڪئي آهي. ۹۳۱هه مطابق ۱۵۲۴ع ۾، مرزا شاه حسن ارغون، لانگاه قوم جي قائد، سلطان حسين کي شڪست ڏيندي، سندن خاتمو آندو. ڏسو؛ [History of Sind – Mirza Qalich Beg, 1931: P.P 87]) بٺوري پرڳڻي جي شهر نصريه جي وڏن مشائخن مان هو. ننڍپڻ کان ئي شاه عنايت جي طبيعت ماٺيڻي هئي. صوفي طريقي ۾ سني مذهب رکندڙ هي بزرگ جهوڪ (ميرانپور) ۾ رهندو هو. سندس وڏا بغداد شريف کان هجرت ڪري اُچ شريف (پنجاب) ۾ رهندي، مشهور غوثيه درگاه جا مريد ٿيا، جتان درس و تدريس ۽ شرعي احڪامن جي فروغ لاءِ سنڌ ۾ وارد ٿيا.
شاه عنايت حق گو، باشريعت، ڪامل اُستاد، ولي الله، صاف دل ۽ صوفي درويش ٿي گذريو آهي. حق جي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪافي سير سفر ڪيائين؛ جنهن ڪري حيدرآباد دکن ۾ سيد عبدالملڪ شاه جو معتقد ٿيو. ڪجهه وقت مرشد جي خدمت ۾ رهي، خوب رياضتون ۽ مجاهدا ڪيائين. زماني جي علم لاءِ شاهه غلام محمد قادريءَ کي رهبر ڪري ورتائين. مرشد جي اجازت سان شاهجان آباد ۾ فقيري فڪر جي گاديءَ تي ويٺو، جتان پوءِ ٺٽي ۾ آيو.
شاه عنايت ڪجهه وقت ٺٽي ۾ رهي، ميرانپور (جهوڪ) طرف ويو. اُتي پيري مريديءَ جو سلسلو شروع ڪيائين. سندس اِنهيءَ وڌندڙ عقيدت کان تر جي بااثر زميندارن ۽ وڏن ماڻهن کي سخت مٺيان لڳي. اُنهن مان نور محمد پليجو ۽ حمل بن لاکو جت ۽ بلڙيءَ جي بزرگ جي پوٽي سيد عبدالواسع جا نالا ورتا وڃن ٿا. اُنهن پاڻ ۾ ساز پاز ٿي فقيرن سان اُچائڻ شروع ڪيو. نتيجو آخر سر عام خونريزيءَ قتل ۽ غارت تي وڃي پهتو؛ جنهن ۾ فقيرن جو وڏو اَٽالو بي گناه ڪسجي ويو. آخر ڳالهه وڌي ويئي؛ جنهن ڪري شاه صاحب پاڻ به شهادت جو جام نوش فرمايو. هي واقعو ۱۷ صفرالمظفر ۱۱۳۰هه مطابق ۱۷۱۸ع ۾ ٿيو. ان وقت مغل سلطنت جي زوال جو زمانو هو.
ڪن ڪتابن ۾ ذڪر آيو آهي، ته ميان نور محمد ڪلهوڙي، شاه صاحب کي شهيد ڪرائي، سندس سسي دهليءَ ڏانهن اُماڻي هئي. اُنهيءَ سريءَ مان هيٺيون بيت ٻڌو ويو:
”جنت، جوکيو، نومڙيو، ٽيئي ليکي مان لاهه؛
ڪلهوڙاڻي باهه؛ ڪا نه ٻرندي ڪڏهين.“
شاه شهيد صوفي رح نه فقط تصوف جي تصور کي ڏيهان ڏيهه پکيڙيو، بلڪ ادبي ميدان ۾ پڻ پنهنجو ناموس نروار ڪيو. فارسي شاعريءَ کان علاوه سندس سنڌي ڪلام فڪر انگيز آهي. سندس ڪلام نهايت پاڪيزه ۽ پراثر آهي. پاڻ قرآن پاڪ، حديث، تفسير ۽ تصوف وغيره ۾ ماهر ۽ عربي توڙي فارسيءَ جي به وڏي ڄاڻ هيس.
شاه عنايت پهريون سنڌي شاعر آهي؛ جنهن تمثيل نگاريءَ کان ڪم وٺندي، سنڌ جي نيم تاريخي قصن، ڪهاڻين ۽ رومانوي داستانن جي وسيلي روحاني رمزون، اِلاهي اسرار ۽ تصوف جا باريڪ بين نڪتا سمجهايا آهن. حقيقت ۾ شاه شهيد صوفي رح جو سمورو ڪلام تصوف جي رنگ ۾ رتل آهي؛ جنهن ۾ روحاني گفتا ۽ فقيري هدايتون رقمطراز ٿيل آهن. سندس انقلاب انگيز ڪلام مان جن پرت جو پاڻي پيتو، تن مان فقير جان الله شاه روهڙائي رح، حضرت سچل سرمست درازي رح، فقير قادر بخش ”بيدل“ رحه، سيد رکيل شاه رح ۽ سيد چيزل شاه بادشاهن جا نالا ورتا وڃن ٿا.
سندس آخري آرام گاه بلڙي شريف کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي، ”جهوڪ شريف“ ۾ آهي، جتي هر سال ۱۷ صفرالمظفر تي وڏيءَ ڌام ڌوم سان ميلو لڳندو آهي. هيٺ سندس ڪلام جو نمونو ملاحظه فرمايو:-
آڌر نڌر اُڀري، ڪوجهي ڪميڻي؛
تنهن سان ٻاروچل ٻاجهون ڪيو، هوت ڏسي هيڻي؛
اگهائي ”شاه عنايت“ چوي، تنهنجي نڪر نيڻي؛
جا هي ور جي وهيڻي، تنهنکي محب مليو مهاڙ ۾.



صُوفي شاھ عنايت شھيد
سندس زندگيءَ جو فلسفو
فداحسين ڪُٻر
جنگ ٻن ڌُرين ۽ ٻن قومن جي وچ ۾ نه ھُئي جنگ ٻن فلسفن ۽ نظرين جي وچ ۾ جُٽيل ھُئي. ھڪ پاسي غريبن کي پنھنجي حق ڏيارڻ لا۽ نيڪي پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھي ھُئي ته ٻئي پاسي عوام جي حق غضب ڪرڻ لا۽ برائي ور کُنجو ويٺل ھُئي. صوفيت جو نظريو ھُيو حقدار کي پنھنجو حق ڏيارڻ، ڪنھن جي ڪيل محنت جو انھي کي اجورو ڏيڻ، پر نيڪي جي رستي تي سدائين برائي ٽنگ ضرور اٽڪائيندي آھي. نظريو ھُيو ‘جو کيڙي سو کائي’! جيڪو ھر ھلائي زمين کيڙي محنت ڪري انھي جو ئي ان ڦل تي حق آھي. ھزارين اھڙا الله جا ڪامل وليھ پيدا ٿيا جن جي زندگي جو مقصد، لفظن جو فلسفو، ۽ روحانيت جو نظريو صرف امن، پيار ۽ مُحبت آھي. صوفي شاھ عنايت شھيد به الله جو ڪامل وليھ ٿي گُذريو آھي. سندس نظريو ۽ فلسفو ھُيو ته غريب ۽ اٻوجن کي پنھنجي حق ڏيارڻ، جيڪڏھن ڪير محنت ڪري ٿو ته ان شي تي حق به اُنھي جو ھُجڻ گھُرجي. ڪنھن غريب جو حق دٻائي رکڻ ھرگز نه کپي. صوفي شاھ عنايت شھيد جو جنم سن ۱۰۶۶ع ۾ ٽٺي ضلعي جي ويجھو ميرانپور، جھوڪ شريف ۾ ٿيو. ۽ سندس وفات ۷ جنوري ۱۷۱۸ع مطابق ۱۷ صفر ۱۱۳۰ ھ تي ٿي. ھي قصعو،ڪٿا جيڪا لڳ ڀڳ مغلن جي دور سان تعلق رکي ٿي. صوفي شاھ عنايت شھيد ھڪ روحاني پيشوا، سماجي ورڪر، ۽ صوفي شائر ھُيو، سندس قوم لا۽ شاھ سائين پنھنجي خوائشن جو ھزارين ڀيرا قربانيون ڏنيو ۽ سندن حقن لا۽ سڌو بيٺو رھيو ۽ ڪڏھن به پنھنجي ڪوششن ۾ لچڪ کي ڪردار نڀائڻ نه ڏنائين! صوفي شاھ عنايت شھيد سنڌ جي عامل ۽ ڪامل وليھن حضرت سچل سرمست،  حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي، ۽ روحل فقير جي روحانيت کان متاثر ٿي انھن جي پيران کڻڻ لڳو. شاھ عنايت شھيد ٽٺي ضلعي جي علائقي ميرانپور جھوڪ ۾ پيدا ٿيو ۽ اُتي ئي نپنو سندس اباڻا مائٽ درحقيقت بغداد ۾ رھندا ھُئا جتان لڏي اچي اُچ شريف وسايائون جنھن کان پو۽ اچي جھوڪ شريف ۾ پنھنجا بسيرا اڏي زندگي بسر ڪرڻ لڳا. شاھ عنايت پنھنجي وقت ۾ عربي ۽ فارصي ۾ ماھر ھُوندو ھُيو، کيس انھن ٻولين منجھ وڏو اُبور حاصل ھُيو. شاھ عنايت شھيد پنھنجي باعزت استاد شاھ عبدالمالڪ وٽ علم جي فيزيابي وٺڻ لڳو، شاھ عبدالمالڪ کان مڪمل تعليم پرائڻ کان پو۽ شاھ عبدالمالڪ ۱۶۹۹ ۾ شاھ عنايت شھيد کي وڌيڪ تعليم ڏيارڻ لا۽ دھلي جي شھر ھندستان ۾ شاھ غلام محمد ڏانھن موڪليو.  دھلي، ھندستان کان واپسي اچڻ وقت شاھ سائين جو روحاني علم ۽ عقيدو آسمانن جي بلندين کي ڇُئڻ لڳو. جھوڪ جي ماڻھن لا۽ سندس دل ۾ پيار حدون، سيمائون، ريکائون پار ڪرڻ لڳو، پر سندن ھر نسل لا۽ پيار، مُحبت، امن، برداشت، ٻڌي، برابري جو پيغام ھُيو ۽ آھي. سندس ماڻھن جي حقن لا۽ اُڀرندڙ آواز ڏسي اُتي جا ماڻھُون سندس روحانيت جي علم ۾ وڌڻ لڳا، وٽس عقيدو رکڻ لڳا.

شاھ عنايت شھيد جون غريبن لا۽ اُڀريل حقن جو آواز ميان يار محمد ڪلھوڙو کي پسند نه آيو! سندس مقصد ٺٽي تي قبضو ڪرڻ ھُيو ۽غريبن جا حق کائڻ جو ھُيو، جتي مغلن جي حڪومت قائم ھُئي. يار محمد ڪلھوڙي کي شاھ عنايت شھيد جي سرگرمين سبب سندس مقصد پُختو ۽ لاچار نظر اچڻ لڳو ته سندس جاني دشمن ٿي پيو، تنھنڪري زميندارن ۽ آسپاس جي وڏيرن سان پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري دھلي حڪومت ڏانھن نياپا موڪليائون ته شاھ عنايت ۽ سندس ساٿين خلاف بغاوت ڪئي وڃي، ۽ کين قتل ڪيو وڃي! مغلن جي گورنرن پاران ڪلھوڙن ۽ مغلن جي وچ ۾ جنگ جو ممڻ ٻري ويو. ٻئي طرف شاھ عنايت شھيد کي دشمنن ۽ مخالفن پاران ڪجھ عرصو جھوڪ ڇڏڻ جا آديش جاري ڪيا پر شاھ سائين اُھو شرط قبول کان انڪار ڪندي پنھنجا پير پُختا رکيا. جنھن کان پو۽ آخرڪار شاھ عنايت شھيد تي ۱ جنوري ۱۷۱۸ھ تي دشمن تي حملو ڪرڻ ڪاھ ڪرڻ لا۽ سنڌرو ٻڌايو ويو. شاھ ڪلھوڙي گورنر شھداد خان ٽالپر جي مٿي تي قرآن رکي موڪليو، ته شاھ عنايت ڳالھيون ڪري مُزاڪرات ڪري! شاھ عنايت قرآن جي لڄ رکندي ڳالھيون ڪرڻ لا۽ راضي ٿيو، پر دوکي سان دشمن يار محمد ڪلھوڙي کيس گرفتار ڪري مغل گورنرن جي حوالي ڪري ڇڏيو. شاھ عنايت شھيد کان ھزارين ڳجھا سوال ڪُڇا ويا، ۽ کيس ازيتون ۽ تڪليفون ڏنيون ويون، برحال آخرڪار ۷ جنوري ۱۷۱۸ع تي شاھ عنايت کي شھيد ڪيو ويو! سندس آخري جملا ھُيا ته “توھان مون کي ھستي جي زنجيرن کان آزاد ڪيو آھي، خدا توھان جي ھنڃر نه حفاظت ڪري ته ان کان پو۽ به”! شاھ عنايت جو ڪُٺل ڪنڌ دھلي، ھندستان جي درٻار ۾ مغلن جي اڳيان تحفي طور پيش ڪيو ويو. جنھن ڪُٺل ڪنڌ ست سو آيتون، سورتون پڙھيون ۽ ثابت ڪيائون ته شھيد ڪڏھن به مرندا نه آھن. شاھ عنايت شھيد جھوڪ ۾ دفن ٿيل آھي، جتي سندس ست ساٿي پڻ دفن ٿيل آھن، جن کي ‘گنبد-شھيد’ ڪوٺيو ويندو آھي، ھن جنگ دوران چوويھ ھزار ماڻھون شھيد ڪيا ويا. جيڪا سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي جنگ ھُئي. جنگ ٻن ڌُرين جي وچ ۾ نه ھُئي جنگ ٻن نظرين ۽ فلسفن جي وچ ۾ ھُئي. جنگ شاھ عنايت ۽ يار محمد ڪلھوڙي جي وچ منجھ نه ھُئي پر جنگ حق ۽ ناحق تي ھُئي، شاھ عنايت جي زندگي جي فلسفي مان اسان کي سبق ملي ٿو ته اسان سنڌين کي پيار، مُحبت، امن، ميٺ، محبت ۽ برابري سان رکڻ گھرجي. ھڪ مُٺ ٿي سنڌ ڌرتي کي پنھنجا حق ڏجن. جن حقن کي فرض سمجھي عامل اولياھ پنھنجون قربانيون ڏئي ويٺا اسان کي به عامل وليھن جي پيرن تي پيرڻا رکي ھلن کپڻ جي ضرورت آھي.


صوفي شاھ عنايت شھيد

جو کيڙي سو کائي.

“جو کيڙي سو کائي” جو انقلابي نعرو ڏيندڙ، صوفي ازم ۽ انسانيت جي حقن جو پرچارڪ، صوفي شاھ عنايت شھيد جو ۳ روزه ساليانو عرس ان جي نگري جھوڪ شريف ضلعي سجاول ۾ شروع ٿي رھيو آھي. ٽي ڏينھن لڳندڙ ميلي دوران ان جون تياريون پوريون ڪيون ويون آھن. جنھن ۾ درگاھ جي ۽ ان جي اردگرد جي صفائي سٿرائي ۽ ايندڙ ھند ۽ سنڌ کان زائرين جي لاءِ مناسب بندوبست ڪرڻ جا ڪم ڪار جاري آھن.  مليل معلومات موجب درگاھ ٻاھران ۳۰۰ کان وڌيڪ ٻاريون تيار ڪيون ويون آھن، جنھن ۾ راڳي صوفياڻا ڪلام ڳائي صوفياڻي محفل مچائيندا. درگاھ جو گادي نشين عطاالله ستاري ميلي جي افتتاح دوران اڳڀرو ھوندو. اھا ھڪ حقيقت آھي، جيڏي خاموشي، شانتي ۽ سڪون شاھ عنايت جي درگاھ ۾ ھوندو آھي، اھو ٻي ھنڌ ناھي ملندو. اتي ڪو مذھبي ويڇو انسانن جي وچ ۾ اچي انھن کي جدا ناھي ڪندو، بلڪ ھندو مسلمان توڙي ٻي مذھب جا گڏجي ڪري اچي حاضري ڏين ٿا. انھي درگاھ تي خوبصورت روشنائي ٿيل ھوندي آھي ۽ صوفياڻا راڳ ڳائي راڳي سڪون قلب حاصل ڪندا آھن.

صوفي شاھ عنايت شھيد غريبن،  لاچارن ۽ ڪڙمين جو ھڏڏوکي ھيو. ان جي شخصيت سادي ۽ گھڻ رُخي گُڻن تي مشتمل ھئي.

شاھ عنايت شھيد ھارين جي ھيسيل طبقي کي ڏسندي، ان جي لاء آواز بلند ڪيو ته جيڪي زمين کيڙي سرسبز بڻائين ٿا، جيڪي ڏينھن رات جا اوجاڳا ڪري اوھانکي تازا فصل اپائي ڏين ٿا، اصل ۾ پھريون حق انھن جو آھي ته پھرين ھو کائين ۽ پوء ئي اوھان کائو. ھاري ويچارا پرھ ڦٽي کان اڳ جڏھن رات جا پاڇا باقي ھوندا آھن ته،  آرامده بستري کان موڪلائي اڌ بکئي پيٽ ٻنين ۾ نڪري وڃن ٿا ۽ انھن جي سار سنڀار ڪنھن ننڍي ٻار جيان وڏي خلوص سان ڪن ٿا. زمين جي کيڙي، ان ۾ ٻج پوکڻ، پوءِ سلا ڦٽڻ ۽ انھن جو وڏو ٿيڻ، انھن کي مناسب پاڻي ڏيڻ، گُڏ کٽڻ، انھن کي پکين، جيتن ۽ مويشي مال کان بچائڻ سڀ ڪجھ وڏي محنت سان ڪن ٿا، پر جڏھن فصل پچي راس ٿئي ٿو ته انھن زمينن جا مالڪ پنھنجي زمين ڄاڻائي سڄي اُپت پنھنجي ھڙ ۾ جمع ٿا ڪري ڇڏين ۽ انھن جي اصل حقدار ھاري کي ان جو گھربل حصو ته ٺھيو پر اڌ به نٿو ڏنو وڃي. جنھن ڪري ھاري ۽ انھن جو خاندان سدائين مفلسي واري زندگي گزارين ٿا. جنھن فصل لھڻ جي آسري ۾ اُھي ڏکيا ڏينھن صبر سا ڪٽين ٿا ته فصل لڻڻ بعد سکيا ڏينھن ايندا،  پر انھي فصل لھڻ بعد ھاري جو حال جھڙو جي تھڙو. اھي سڀ ناحقي ظلم ڏسي شاھ عنايت ھارين جي جائز حق لاء جاکوڙيندي ھڪ انقلابي نعرو بلند ڪيو ته جيڪو کيڙي ٿو اُھو ته کائي.

شاھ عنايت انسانيت سان محبت ڪندڙ سنڌ ڌرتي جو اھو سچو سپوت ھو جنھن امن ۽ ڀائيچاري جو پيغام پري پري تائين پھچايو.

پاڻ ھڪ ھنڌ فرمائي ٿو ته؛

“سر در قدم يار فدا شد چه بجا شد،

اين بارِ گران بود ادا شد چه بجا شد.”

ترجمو: “حق جي راهه ۾ سر قربان ڪرڻ سان زندگي جي بنيادي مقصد پوري ڪرڻ جو ذمو لهي وڃي ٿو.”

شاھ عنايت چوي ٿو ته منھنجو سر منھنجي جان منھنجي يار (حق جي راھ) تان جيڪر صدقي ٿي ته سمجھو اُھا ڪامياب وئي ڇوته جان اچڻي وڃڻي آھي ۽ ھي جسم ھڪ ڏينھن فنا ٿيڻو آھي، سو منھنجو جيڪر حق جي راھ  ۾ ناحق سان وڙھندي دم نڪري ٿو ۽ ظلم خلاف آواز بلند ڪندي اگر ساھ سسي مان نڪري ٿو ته مان سمجھندس ته منھنجي حياتي جا ھڙئي مقصد پورا ٿيا ۽ مون اُھا منزل حاصل ڪري ورتي، جنھن ڪاڻ انھي جنت جھڙي ڌرتي سنڌ ۾ آيو ھئس.

ٻي ھنڌ ارشاد اٿس ته؛

“مُلا تون مسجد لاءِ، پني ڪرين ٿو لک،

سجدي جي سڪ لاءِ، نرم وڇائين ٿو نک،

هتي ماڻهو مرن بک، تو کي فڪر فردوس جو.”

ھن ٽن سٽن واري بيت ۾ شاھ عنايت مذھبي پيشوائي ڪندڙ مُلن کي تنقيد بڻائي اھا ھدايت ٿو ڪري ته، اوھان انسانيت جي قدر ڪري انھن جي وڌ ۾ وڌ مدد ڪريو باقي انسانيت کي نظر انداز ڪري خدا کي خوش ڪرڻ جو سوچيو به نه. احمق نه ٿيو بلڪه خدا جي خلق کي خوش ڪرڻ کي ترجيح ۾ رکو.

شاھ عنايت پنھنجي لفظن ۽ ڪردار ذريعي سدائين امن،  ڀائيچاري،  محبت کي ساراھيو آھي. تاريخي حوالن ۾ آھي ته شاھ عنايت جا وڏا عراق جي گادي جي ھنڌ بغداد جا ھئا. شاھ عنايت جي والد فضل الله جن جا ابا ڏاڏا اتان بغداد جا رھاڪو ھئا، جتان اُھي لڏ پلاڻ ڪري اچي پنجاب جي شھر اُچ شريف ۾ رھيا ۽ ان بعد سنڌ جي ڳوٺ نصريه ۾ رھڻ لڳا ۔  پوء ميران پور ۾  اچي ترسيا جيڪو ھاڻوڪي جھوڪ شريف جي اوڀر ۾ واقع آھي.

صوفي عنايت شاھ جو ميران پور  ۾ جنم  ۱۰۶۶ ھجري بمطابق ۱۶۵۴-۵۵ع ۾ ٿيو. ھن عربي فارسي جي تعليم حاصل ڪئي ۽ پوء حيدرآباد دکن ۾ شاھ عبدالملڪ برھانپوريء جي صحبت ۾ ۵ ورھيه گزاريائين.  شاھ عبدالملڪ ھڪ ڳاڙھو خرقو ترار ۽ ٽوپي ڏيئي صوفي جي لقب سان نوازيو ۽ ان کي سنڌ جي سھڻي ڌرتي تي وڃڻ جي ھدايت ڪيائين. ھي واپسي تي اچي ميران پور ۾ آباد ٿيو ۽ اتي اچڻ سان ان جي فقيري ۽ درويشي ڦھلجڻ لڳي ۽ ماڻھن جي دلين شاھ عنايت جو مزاج ۽ سادگي گھر ڪرڻ لڳي.  ھن ايندي ئي غريبن ۽ ھارين جي حمايت ۾ آواز اٿاريو ۽ انھن جو ساٿ ڏيڻ لڳو. پر جئين ئي ۱۱۲۸ھجري سن ۱۷۱۵ع ۾ ٺٽي جو گورنر نواب اعظم خان ٿي آيو ته ايندي ئي ويڌن مچايائين ۽ اچي باھ ٻاريائين ۔  شاھ عنايت ۽ ان جي عقيدتمندن کي جھڪڻ جو  ۽ ڍَل ڏيڻ جو مطالبو ڪيائين. پر نواب اعظم شاھ عنايت جي انڪار تي يار محمد ڪلھوڙي جا ساٿ سان وڏو لشڪر ڪاھي اچي ميران پور ۾ ڪاھ ڪئي ۽ ويڙھ دوران ڇھ مھينه تائين گھيرو جاري رھيو ۔  پوء ۱۷ صفر ۱۱۳۰ھجري بمطابق ۱۷۱۸ع تي شاھ عنايت ھارين ۽ ڪُڙمين خاطر وڙھندي شھيد ٿي ويو.هي شعر پڙهيائين:

“رها نيدي مرا از قيد هستي

جزاک الله في الدارين خيرا.”

ترجمو: “تو مون کي حياتيءَ جي قيد مان آزاد ڪري ڇڏيو. الله توکي ٻنهي جهانن ۾ ان جو بدلو ڏئي.”

جلاد جي ترار جڏهن سندس ڪنڌ تي ڪِري ته پاڻ چار تڪبيرون چئي، پنهنجي جان، جان آفرين جي حوالي ڪيائين. انا الله و انا اليه راجعون... .  

ڪن ڪتابن ۾ ذڪر آيو آهي، ته ميان نور محمد ڪلهوڙي شاه صاحب کي شهيد ڪرائي، سندس سسي دهليءَ ڏانهن اُماڻي هئي. اُنهيءَ سسي مان هيٺيون بيت ٻڌو ويو:

“جنت، جوکيو، نومڙيو، ٽيئي ليکي مان لاهه؛

ڪلهوڙاڻي باهه؛ ڪا نه ٻرندي ڪڏهين.”

صوفي شاھ عنايت جيڪو غريبن جي حقن لاء وڙھندي شھيد ٿي ويو، سو ويندي ويندي سنڌ ڌرتي سان سچو ساٿ نڀائي ويو. اڄ کان جھوڪ جي نگري ۾ شاھ عنايت شھيد جي ميلي جي شروعات ٿي رھي آھي ۽ ان جا ڪيترا ئي عقيدتمند پھچي حاضريون ڏئي صوفياڻا راڳ ڳائيندا. سنڌ جي اصلي روايت اھا ئي آھي ته ھر وقت امن ۽ شانتي قائم ھجي ۽ سيڪيولر سنڌ ڪڏھن به مذھبي انتھاپسندي ۽ انتشار جي ور نه چڙھي. اسان سڀني سنڌين کي انھي ڳالھ جي شدت سان ضرورت آھي ته پنھنجي سونھاري سنڌ ۾ امن جي دائمي قيام لاء صوفين جي پيار ۽ ڀائيچاري واري روايت اپنائي پنھنجي ڌرتي جي حفاظت پنھنجو فرض سمجھي انھي ۾ جُنبي وڃون.


صوفي شاهه عنايت شهيد جو عرس مبارڪ

جهوڪ واري سماجوادي تحريڪ

عرفان منان چانڊيو

دنيا جي اهڙين بيمثال تحريڪن مان جهوڪ واري تحريڪ به هڪ آھي، اها تحريڪ منظم ۽ متحد هئي، جنهن پنهنجي انقلابي رٿابنديءَ سان ان وقت جي جاگيردارن ۽ سندن آقائن کي ٽوٽا چٻرايا، انهن جي قافلن تي راتاها هڻي انهن جو متيون ئي منجهائي ڇڏيو، ان تحريڪ جو روح روان صوفي شاھ عنايت شھيد هيو. شاھ عنايت جديد صوفي نظرئي جو باني هيو، هي اهو صوفي هرگز نه هيو جنهن جي نظر ۾ ظالم ۽ مظلوم هڪ جهڙو هجي، ۽ نه وري هو اهو صوفي هيو جيڪو فقط اڌ وال گيڙو ڪپڙي جو ڪنڌ ۾ ويڙهي منهن مونن ۾ ڏئي سکڻو حق حق ۽ تون تون جو هٿ ٺوڪيو ۽ بي سرو راڳ الاپيندو رهي. شاھ عنايت حقيقي صوفي هيو جنهن وٽ رهزن ۽ مظلوم جي وچ ۾ پوري پرک ۽ ڪسوٽي هئ.

شاھ عنايت پورهيتن ۽ ھارين جي حقن جي حاصلات لاءِ وقت جي حمڪرانن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهايو، هن جو پيغام به غير معمولي ۽ منفرد هيو، جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آھي، جهوڪ واري تحريڪ پورهيت راڄ قائم ڪرڻ لاءِ هلائي وئي هئي، اها ويڙھ قومي ۽ طبقاتي نوعيت جي هئي. شاهه عنايت دنيا جي تاريخ ۾ پهرئين سوشلسٽ سماج جو بنياد وڌو، اهڙي طرح جهوڪ واري تحريڪ دنيا جي پهرين سماجوادي تحريڪ هئي. هڪ پاسي مقامي جاگيردار، پير ۽ مير جهڙوڪ، وڏيرو حمل جت، نور محمد پليجو، ۽ پير عبدالواسع هئا، ته ٻئي پاسي وري دهلي جا مغل حڪمران هئا، سنڌ جا ڪلهوڙا حڪمران مغلن جي درٻار جا ڏن ڀرو هيا. سنڌ جي تاريخ جا جڏهن ورق ورائي پڙهجن ٿا ته ميان يار محمد ڪلهوڙي جو دؤر سنڌ ۽ سنڌي قوم لاءِ وڏي تڪليف ۽ مصيبت وارو دؤر هو. هن دؤر ۾ سنڌين کي مذهبي جنونيت ذريعي ويڙهايو ويو، هندو ۽ مسلم جي نالي تي مذهبي نفرت جو ٻج پوکي ان کي ساڙ، تعصب ۽ حسد جو ڀاڻ ڏنو ويو.

شاھ عنايت جڏھن عام ماڻھن سان مليو ته کيس معلوم ٿيو ته هو ڪهڙين ڪهڙين تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آھن، اهي ويچارا سڄو ڏينهن محنت مزدوري ڪرڻ کان پوءِ به گهر جي چلھه ٻاري نه ٿي سگهيا. مزدوريون ڪري ڪري پورهيتن جا نسل لوڙي لوڙي مري کپي ويا، پر پوءِ به انهن کي سک پلئه ڪونه پيو. اهڙي صورتحال کان پوءِ شاھ عنايت باقائده عام ماڻھن بلخصوص هارين ۽ پورهيتن ۾ اهو پرچارڪيو ته اوهان جا حال هيڻا تر جي جاگيردارن، پيرن ۽ زميندارن سان ٻٽ بنيل ٻاهرين ڦورو ٽولي ڪيا آھن. زمين جا مالڪ اوهان آھيو، کيڙيو به اوهان پاڻ ٿا، پر اوهان جي اڻٿڪ محنتن کان پوءِ پيدا ٿيندڙ اناج تي ڀڀ وري جاگيردار ۽ سرمائيدار ڀرين ٿا، اوهان سدائين نسل در نسل بکيا ڏکيا رهندا اچو پيا.

اها صورتحال قدرت نه پر هٿ ٺوڪين قانونن ۽ قائدن جي ڪري آهي، جنهن کي ٺاهڻ ۽ لاڳو ڪرڻ وارا سرمائيدار، نواب، وڏيرا ۽ جاگيردار آھن. جيڪي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر اوهان جا حق ڦٻائيندا ۽ ڦريندا پيا اچن. هاڻ وقت اچي ويو آھي ته اوهين هٿرادو ٺاهيل ڪارن قانون خلاف ميدان عمل ۾ نڪري نروار ٿيو، تڏھن ئي اوهان پنهنجا ڦريل سمورا حق واپس وٺي سگهو ٿا. کيڙيندڙ به خود اوهان آھيو ۽ کائو به اوهان، ڇو ته ان تي پهريون حق به اوهان جو ئي آھي. اوهان جي وات مان جن جن به هڪ گرهه کسيو آھي، تن سان مهاڏو اٽڪائڻ ۽ سجاڳ ٿيڻ جو وقت اچي چڪو آھي. ان موقعي تي شاھ عنايت هڪ نعرو بلند ڪيو؛

“جيڪو کيڙي سو ئي کائي.”

هن جو نظريو غير طبقاتي هيو، ان جي نظر ۾ سڀ برابر هئا، ڪا به ذات پات اوچ نيچ ۽ ڪو به رنگ نسل نه هيو، ۽ نه ئي ڪا مذھبي متڀيد هئي، هڪ جهڙي مساوات هئي جنهنڪري سڀ ڪو هن کان ڏاڍو متاثر ٿي هن جي سٿ ۾ شامل ٿيندو رهيو. شاهه عنايت جي نظرئي جي پرچار جو اهڙو ته اثر ٿيو جو حقن کان ڦريل ڏتڙيل ۽ محڪوم ماڻھو ڄڻ ته صدين جي اگهور ننڍ مان ڇرڪ ڀري اٿي کڙا ٿيا، جيڪا ڳالھه تر جي جاگيردارن ۽ انهن  جي پشت پناهي ڪندڙن کي هرگز نه وڻي. هنن شاھ عنايت ۽ گوريلا ويڙھ ڪندڙن سندن ساٿين خلاف خطرناڪ سازشون سٽڻ شروع ڪيون.

ان وقت ٺٽي جو گورنر نواب اعظم خان هيو جنهن جي مٿي تي هٿ وري هند سرڪار جو هيو. جهوڪ انقلابي جدوجهد جا پڙاڏا مغلن جي ڪوٽن ۽ قلعن ۾ گونجڻ لڳا. تنهن ڪري اهي نه پيا چاهين ته جهوڪ، ميران پور ۽ سڄي خطي جا ماڻھو اسان خلاف بغاوت ڪن. انهن سوچيو ته جيڪڏھن عام ماڻھو خاص ڪري هاري ۽ مزدور سجاڳ ٿيا ته اسان جي بادشاھي قائم رهي ڪين سگهندي، انهن ظالم قوتن کي هڪ قسم جو خوف ورائي ويو ته جيڪا بغاوت جي چڻنگ جهوڪ مان اٿي آھي اها ڪٿي واقعي اسان کي ساڙي ڀسم ڪري نه ڇڏي. تنهنڪري علائقي جي سڀني نوابن، جاگيردارن ۽ پيرن کي پنهنجي آقائن جو حڪم مليو ته جهوڪ مان برپاٿيندڙ عوامي انقلابي تحريڪ کي جلد کان جلد ختم ڪيو وڃي. اها تحريڪ هر حال ۾ بند ٿيڻ گهرجي.

هوڏانهن جهوڪ جرڪي پيو، ساري سنڌ جون نظرون جهوڪ جي جوڌن ۽ جوانن ۾ هيون. اهو عوامي اڀار درياھ جي ڇولين وانگر اڳتي وڌندو رهيو، ماڻھن غلاميءَ جي زنجيرن مان پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ وڏي منظم طريقي سان پنهنجون صفون مضبوط ڪرڻ لڳا، ديس مان اونداهين راتين جو خاتمو اچڻ لڳو، ظلم ستم ۽ قهر جي سڀني اوچن ڪوٽن ۽ قلعن کي ڪيرائڻ لاءِ ميران پور جي مڙسن گڏجي ترڪيبون سوچڻ شروع ڪيون. اهڙين تيارين دشمن جي دلين کي دهڪائي ڇڏيو، هو پنهنجي شڪست کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا. شاھ عنايت جي فقيرن دشمن جي لشڪرن تي ڪي ئي راتاها هنيان جنهن سبب دشمنن جون وايون بتال ٿي ويون،

جهوڪ جي جهانگيئڙن، کاهوڙين ۽ انقلابين  کي مات ڏيڻ سندن وس جي ڳالھه ڪونه هئي. جهوڪ واري تحريڪ جي ماٺار ٿيڻ جو سوالي پيدا ڪونه پئي ٿيو. دشمن جي حملي کي ناڪام ڪرڻ سولو ناهي هوندو، اهو به ان وقت جڏهن دشمن وڏي رٿابندي سان اچي مٿان ڪڙڪي، پر ميران پور جي کاهوڙين وڏي حڪمت عمليءَ سان سڀني هلائن ۽ حملن کي بري طرح ناڪام ڪري ڇڏيو هيو. وقت جي حڪمرانن ٻي ڪا واهه نه ڏسندي مڪاري ڪرڻ جو سوچي دل ۾ دغا رکي شاھ عنايت سان ڳالهيون ڪرڻ بهاني کيس گهرائي قيد ڪرڻ جي سٽ سٽي، اهڙي طرح وڏي مڪاري ۽ چالاڪيءَ سان يار محمد ڪلهوڙي شاهه عنايت ڏي قرآن ڏياري موڪليو ته هن قرآن جي واسطي اسان سان صُلح جون ڳالهيون ڪر، نه ته بيگناهه انسان پيا ڪسبا، مان ڏاڙهي ٿو ڏيان ته صُلح ضرور ٿيندو. شاهه عنايت جڏهن ڳالهيون ڪرڻ پهتو ته ميان يار محمد ڪلهوڙي وڏي دوکي ۽ دولاب سان کيس گرفتار ڪرائي ورتو.

شاھ عنايت کي شھيد ڪرڻ کان اڳ ۾ سندس ويجهن عزيزن کي ان جي سامهون بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو. نه صرف اهو پر معصوم ٻارن ۽ عورتن کي به بخش نه ڪيو ويو، اهڙي ڪوس تي جهوڪ جهڄي ۽ جهري پيو، شاھ عنايت ۽ سندس هزارين انقلابي جوانن پنهنجي سرن جا نظرانا ڏئي تاريخ جي سرخ ڳلن تي اڻمٽ اھڃاڻ ڇڏيا. شاھ عنايت ۽ سندس پوئلڳن جي شهادت مان اهو پيغام ملي ٿو ته جبر جي آڏو ڪنهن به صورت ۾ جهڪڻ نه گهرجي، ان لاءِ جيترا به سر قربان ڪرڻا پون ان کان ڪڏهن به نه ڪيٻائجي.

سر يار جي قدمن فدا ٿيو ته چڱو ٿيو،

هي بار ڳرو هو، جي ادا ٿيو ته چڱو  ٿيو.


شاھ عنايت شھيد

(هڪ عالمي مفڪر ۽ انقلابي – ۹ جنوري شھادت جي ڏهاڙي جي مناسبت سان)

سارنگ ڄام

تاريخ ٻڌائي ٿي، ته انساني سماج جو شروعاتي دور طبقن کان پاڪ ۽ اوائلي اشتراڪي سماج جو دور هو. جنهن جي وجود جو هڪ عظيم ثبوت موئن جو دڙو به آهي. جنهن ۾ سمورا انسان گڏجي ڪمائيندا ۽ گڏجي کائيندا هئا. هتي ڪا به محرومي ۽ غربت ڪو نه هئي، هتي بي گهري ۽ بيروزگاري جو ڪو به نشان نه هو، پر هتي سڀئي انسان خوشحال هئا ۽ سڀني کي هڪجهڙيون سهولتون مليل هيون. پر تاريخ جي هن سفر ۾ اڳتي هلي، جڏهن کان اهو سماج طبقن ۾ ورهائجي ويو، تڏهن کان ئي سماجي استحصال ۽ انسانن جي اجتماعي ڦرلٽ وارو نظام به وجود ۾ آيو. انهي ڦرلٽ ۽ استحصال جو شڪار ٿيندڙ پورهيت ۽ محروم طبقن اندر هڪ بيچيني کي پڻ پيدا ڪيو. پوءِ  اها بيچيني وڌندي وڌندي استحصالي طبقاتي نظامن خلاف ڊگهين جدوجهدن جي شڪل اختيار ڪئي. جيڪي سوين سالن تائين  دنيا جي مختلف علائقن ۾ جاري رهيون ۽ غلامداري کان جاگيرداري تائين وارن استحصالي نظامن جي خلاف ڪيتريون بغاوتون ۽ انقلاب برپا ڪيا. جن جو ذڪر تاريخ جي ورقن تي اڄ به موجود آهي. جنهن ۾ روم جي سلطنت ۾ غلامداري خلاف اسپارٽڪس جي بغاوت جو ٿيڻ ۽ انهي جي ڪکِ مان جنم وٺندڙ جاگيرداري نظام، جيڪو ان وقت جي لحاظ کان غلامداري جي ڀيٽ ۾ ته هڪ بهتر نظام هو، پر اهو نظام به هاري ۽ زمينداري جي ڦرلٽ تي مشتمل هجڻ جي ناتي هڪ استحصالي نظام هو. جنهن جي خلاف به ويڙھ ٿيڻ اڻٽر هئي. ان خلاف به دنيا اندر ڪيتريون ويڙهيون ٿيون، پر ان خلاف ڪامياب بغاوت، ۱۷۸۹ع وارو فرينچ انقلاب ثابت ٿيو. جنهن يورپ اندر جاگيرداري نظام جو مڪمل خاتمو آڻي، سرمائيداري نظام جا بنياد پختا ڪيا.

تاريخ جي هن سفر ۾ سنڌ جي شھيد شاھ عنايت جي فڪر هيٺ ميرانپور جي هارين جي پنچائيت وارو بغاوت به سونهري اکرن ۾ درج ٿيل آهي. جيڪا اڄ کان اٽڪل ٽي سو ٽي سال اڳ (۱۷۱۸ع)جي زماني جي آهي. ان وقت هند سنڌ اندر پيداوار جو وسيلو (Mode of Production) زراعت تي مشتمل هو. جنهن جي بنياد تي سماج جي سياسي بيهڪ جو نظام بادشاهت هو. جيڪو مغل شهنشاهت جي سامراجي ڦرلٽ ۽ استحصال هيٺ جاري هو. اهو هن ميرانپور جي انقلابي پنچائيت کان اڳ ۾ تقريبن ۲۰۰ سالن جي عرصي (۱۵۲۶ع)کان جاري هو. ان وقت واري سنڌ، موجوده سنڌ وانگر متحد نه هئي، پر اها ڏهاڪو کن راڄن ۽ پرڳڻن ۾ ورهايل هئي. اهڙي پٺتي پيل دور ۾ هارين تي مشتمل اشتراڪي نظام جي اها انقلابي پنچائيت حيران ڪندڙ ضرور هئي.

هن پنچائيت جي همعصر يا ان جي اڳ ۽ پوءِ وارن دورن ۾ چين، جرمني ۽ يورپ جون جاگيرداري ۽ زمينداري خلاف اڀريل تحريڪون ۽ بغاوتون بلڪل سطحي ۽ ڳاڻيٽي ۾ نه اچڻ جهڙيون هيون، سواءِ فرينچ انقلاب جي. پر ان انقلاب جي پويان به بيٺل سائنسي طورسموري يورپ جي صنعتي ۽ سرمائيداري نظام جي قوت هئي. جنهن فرانس جي انقلاب جا بنياد تعمير ڪيا هئا. پر ان جي ڀيٽ ۾ شاھ عنايت شھيد جي عظيم فڪر ۽ نعري “جيڪو کيڙي سو کائي” هيٺ ميرانپور واري هي انقلابي پنچائيت گهڻا درجا بلند حثيت واري هئي. ڇاڪاڻ ته صنعتي انقلاب کان پوءِ سڄي دنيا ۾ فڪري لحاظ کان يورپ سڀ کان اڳتي هو. ان جا سمورا مفڪر جن کان خود دنيا جو عظيم مفڪر ۽ حقيقي انساني سماج جو خالق ڪارل مارڪس (۱۸۸۳-۱۸۱۸)پڻ گهڻو متاثر هو، جن ۾ ڪانٽ (۱۸۰۴-۱۷۲۴)، فوريي (۱۸۳۷-۱۷۷۲)، فيوئر باخ (۱۸۷۲-۱۸۰۴)، سينٽ سائيمن (۱۸۲۵-۱۷۶۰)۽ هيگل (۱۸۳۱-۱۷۷۰)وغيره شامل هئا، جن سماج اندر ذاتي ملڪيت هجڻ واري برائي جي سڃاڻپ ڪرڻ سان گڏ،اهي خيالي يا يوٽوپيائي سوشلزم جا پڻ داعي هئا، انهن سڀني ڏاهن کان هڪ صدي اڳ ۽ يورپ کان هزارين ڪلوميٽر پري، ٺٽي جي بلڪل پوئتي پيل ۽ ٻهراڙي واري علائقي، ميرانپور ۾ شاھ عنايت شھيد (۱۷۱۸-۱۶۵۵)جو فڪر ۽ ان جي جدوجهد جو رتبو وڌيڪ آهي. جنهن نه صرف مغل سامراجي حڪمرانن کي للڪاريندي (زميندارن جي) ذاتي ملڪيت کي چئلينج ڪيو، پر انهيء خلاف پاڻ عملي طور جدوجهد ڪري ۽ پنهنجي قيادت ۾ گڏيل سماج تي مشتمل هارين جي پنچائيت جوڙي، انسان جي سموري سماجي تاريخ کي حيران ڪري ڇڏيو. 

جيڪڏهن تاريخ جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي، ته شاھ عنايت جي فڪر هيٺ هارين جي هن انقلابي پنچائيت وارو واقعو انسان جي سموري تاريخ جو هڪ غيرمعمولي واقعو آهي. ان وقت جنهن جا پري پري تائين نه، ته به گهٽ ۾ گهٽ هند ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن تائين ته ان جا اثر لازمي پيا هوندا. پر مغل شهنشاهت جي سامراجي ڏاڍ، ڏمر ۽ جبر سبب يا هن فڪر جي ان جي پوئيرن طرفان گهربل  اوسر نه ٿيڻ جي ڪري، شاھ عنايت شھيد جو هيء انقلابي فڪر ڦهلجي نه سگهيو ۽ ايسيتائين جو ان فڪر جو اثر سنڌ جي اندر باقي علائقن تي به نه پيو ۽ اهڙي طرح سنڌ اندر ڏاهپ جو هڪ خال پيدا ٿي ويو. 

سچ پچ اهو ته يقين سان چئي سگهجي، ٿو، ته موئن جي دڙي کان وٺي، شھيد شاھ عنايت تائين ۽ شاھ عنايت کان وٺي اڄ تائين سنڌ اندر ڏاهپ جو خال رهيو آهي. سنڌ جا پڙهيا لکيا ماڻهو اڄ جن شين تي فخر ڪن ٿا، اهي کين  جون نہ پر ٻاهرين ماڻهن جون دريافتون ڪيل آهن، مثال طور سنڌي ٻولي جي رسم الّخط (الف، ب، ت)سر بارٽل فريئر ترتيب ڏياري، شاھ لطيف جي شاعري ارنيسٽ ٽرمپ ۱۸۶۶ع ۾ رسالي جي صورت ۾ سھيڙي هئي ۽ موئن جو دڙو سرجان مارشل دريافت ڪيو هو وغيره. سنڌ جي ماڻهن ۾ ايتري به ساڃاھ ڪو نہ هئي، جو انگريزن کي ٻانهن کان جهلي چئي سگهن ها، ته ۱۸۴۳ع ۾ توهان اسان جي سنڌ تي قبضو ڪيو هو، هاڻ جيڪڏهن توهان واپس وڃو ٿا، سنڌ اسان کي واپس ڏئي وڃو؟ ان جي بجاءِ هتي جي ماڻهن جي ڪل ڏاهپ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو،ته انهن گڏيل هندستان جي سي پي ۽ يوپي جي رهواسين (مهاجرن) کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ خط لکي دعوتون ڏئي رهيا هئا. جيتوڻيڪ ان وقت سنڌ کان هزارين ڪلوميٽر پري ويٺل مولانا ابوالڪلام آزاد گڏيل هندستان جي ورهاڱي کان اڳ ۾ ريڊڪلف جي خوني لڪير سميت سنڌ جي سياست جو جيڪو تجزيو ڪري ويو هو. اهو بلڪل ھوبھو سچ ثابت ٿيو ۽ اڄ به ائين ئي ٿي رهيو آهي. ان ۾ حيران ٿيڻ جي ڪا ڳالھ نه آهي. ها باقي پنهنجي جهالت تي ضرور حيران ٿي سگهجي ٿو، ته اڄ جي جديد سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به اسان سماجي سائنس ۽ ان جي اثرن کي قبول ڪرڻ کان انڪاري آهيون. ٻيو ته ٺهيو، پر پنهنجي ڌرتي جي عظيم مفڪر شاھ عنايت شھيد جي ذاتي ملڪيت کي چئلينج ڪرڻ واري فڪر “جيڪو کيڙي سو کائي” جي مٿان به لڳاتار لت رکيو بيٺا آهيون!! مجال آهي جو اسان ان کي تسليم ڪريون!! سنڌي ادبي سنگت جا اڪثر دانشور جن ۾ مڃيل مها ڏاها به شامل آهن، انهن جو ته اهو به چوڻ آهي، ته سنڌ جي “مستند” تاريخ ۾ “جيڪو کيڙي سو کائي” وارو نعرو شامل ئي ڪو نه آهي، پر اهو نعرو اشتراڪين هٿرادو طورتي بعد ۾ شامل ڪيو آهي. هنن ڏاهن جي ڳالھ کي درست به کڻي مڃجي، ته لفظي طور تي اهو نعرو ائين ھوبھو شڪل ۾ نه به هجي، پر شاھ عنايت شھيد جي هزارين هارين تي مشتمل هن پنچائيت کي برقرار رکڻ لاءِ فڪري طور تي ڪو نه ڪو معاشي پروگرام ته لازمي هوندو، جيڪو ان وقت ۾ زرعي پيداوار کان سواءِ ٿي نه ٿو سگهي. اڄ به جيڪڏهن مختلف درگاهن جي اندر وڏي تعداد ۾ مريدن کي پاڻ سان سلهاڙيو وڃي ٿو، ته انهن جي معيشت به آفيسرشاهي جي ڦرلٽ سميت مختلف قسمن تي مشتمل ڪاري ناڻي وارن ڪارندن جي ڪمائي سان بيٺل آهي. جنهن تحت اهي پنهنجي پيري مريدي کي منظم رکيو ويٺا آهن. جنهن بنياد تي پيرن جون اهي درگاهون ۽ گاديون هلن ٿيون. پر شاھ عنايت جي هارين جي هن پنچائت (ڪميون) جو رنگ ئي نرالو آهي. جنهن ۾ وقت جي وڏي مغل سامراج سان گڏ پاڙي جي پليجن ۽ ميرجت زميندارن سان معاشي ٽڪراء ۾ اچڻ، انهن سان ٽن مهينن تائين لڳاتار جنگ جو جاري رهڻ ۽ ۲۵ هزارن تائين انقلابين جو شھيد ٿيڻ سميت سمورا ثبوت هارين جي هن پنچائيت جي هڪ مستحڪم معاشي پروگرام جي عڪاسي ڪن ٿا. بهرحال ڪو مڃي نه مڃي، پر شاھ عنايت شھيد جي فڪر سان گڏ ان جي هيء انقلابي جدوجهد هڪ عالمي مفڪر هجڻ جو ڏس ضرور ڏئي ٿي. جنهن زمين جي ذاتي ملڪيت کي چئلينج ڪندي، زمين جو مالڪ ان جي کيڙيندڙن کي بنائي ڇڏيو. ان لاءِ پاڻ عملي طرح جدوجهد ڪئي.ان هارين تي مشتمل هڪ پنچائيت بنائي سڀني جي گڏجي ڪمائڻ ۽ گڏجي کائڻ واري سماج جو ٻيهر بنياد رکيو. جنهن جو دنيا اندر اهڙو ڪو ورلي مثال ملندو.

سچ پچ ته شاھ عنايت جو هي فڪر سماجي طور تي اسان لاءِ اڄ به مشعل راھ بنيل آهي ۽ عين سماجي سائنس جي اصولن موجب به آهي. هن وقت جيتوڻيڪ موجوده سرمائيداراڻي نظام اندر زراعت فقط ان جي هڪ شعبي جهڙي حثيت رکي ٿي، پر ان جو ذاتي ملڪيت بجاءِ گڏيل ملڪيت وارو سوشلسٽ فڪر سڀ کان اهم آهي. ان ذريعي ئي اسان آزادي ۽ خوشحالي ماڻي سگهون ٿا.

سماجي سائنس جو هيء چٽو اصول آهي، ته اسان جو سماج پورهيتن جي ئي محنت سان هلي ٿو. ان ڪري هتي پورهيو ڪندڙ ئي سماج جا مالڪ آهن. اهي هاري آهن يا مزدور، هٿ جو پورهيو ڪن ٿا يا ذهن جو، سڀئي پورهيت طبقو آهن. انهن جو استحصال ڪندڙ هڪ ئي طبقو، سرمائيدار طبقو آهي، جيڪو بورجوا سياستدانن، ججن ۽ جنرلن تي مشتمل آهي، اهي عالمي سامراج جي دلالي جي ذريعي پنهنجي حڪمراني قائم ڪيو ويٺا آهن. انهن جي دهشت، وحشيت، ظلم ۽ استحصال تي مشتمل سرمائيداراڻي نظام کي پورهيتن جي سوشلسٽ انقلاب ذريعي ئي ڊاهي، انساني برابري ۽ مساوات تي مشتمل سماج جوڙي سگهجي ٿو ۽ اها ئي شاھ عنايت شھيد جي فڪر جي گهرج ۽  تقاضا بہ آهي.

پورهيتن کي وڃائڻ لاء صرف زنجيرون آهن ۽ کٽڻ لاءِ سارو جھان آهي.

 

(سارنگ ڄام جي فيسبڪ ٽائيم وال تان کڻي، مخدوم زاھد عباس مسينجر ذريعي ۱۹ جنوري ۲۰۲۲ع تي موڪلي)



صوفي شاھ عنايت شهيد

عنايت کٽياڻ

سنڌ ڌرتي صوفي درويشن ۽ روحاني رهبرن جي درگاهن سان ڀري پئي آهي. صوفي درويشن پنهنجي پنهنجي وقت ۾ تصوف جي فلسفي کي روشناس ڪرايو آهي. هنن تصوف جي نظريي موجب حق ۽ انصاف لاءِ آواز پئي اُٿاريو آهي. مذهبي ڪٽرپڻي ۽ فرقيواريت کان پاسو ڪرڻ ۽ انساني برابريءَ جو درس ڏيندي امن، ڀائيچاري ۽ آجپي لاءِ جدوجهد ڪئي اٿائون.

سنڌ جي تاريخ ۾ صوفين جي سرتاج صُوفي شاھ عنايت شهيد جو اهم ڪردار آهي، جنهن سنڌ ۽ هند جي صوفين کي گڏ ڪري هاري ۽ پورهيتن کي حق ڏيارڻ لاءِ “جو کيڙي سو کائي” جي نظام واري فلسفي جو بُنياد وڌو. هُن جي ئي فلسفي جي بُنياد تي يورپ جي ڏاهن “سوشلسٽ “نظام جو بُنياد رکيو.

شهيد شاھ عنايت هڪ اهم انقلابي اڳواڻ هئو، جنهن پورهيت ۽ هاريءَ جي زمين تي مالڪيءَ جي حق، خوشحاليءَ ۽ برابريءَ جي نظريي کي عام ڪرڻ ۽ اُن جي تي عمل ڪرائڻ جي ڏوھ ۾ اُن وقت جي هندستان جي مغل شهنشاھ ۽ اُن جي ڏن ڀرُو سنڌ جي ڪلهوڙن حُڪمرانن جي هٿان شهادت ماڻي.

سنڌ جي هن سورمي جي پيدائش ۱۰۶۵ھ بمُطابق ۱۶۵۵ع ۾ مُلتان ۾ ٿي. مُلتان اُن وقت سنڌ جو حصو هئو. صوفي شاھ عنايت کي سنڌ جي تاريخ ۾ لانگاھ لکيو ويو آهي ۽ سندس نسبت جو سلسلو مخدوم صدرالدين کان شروع ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻيو خيال هي به آهي ته شاھ عنايت جو شُجرو حضرت امام حسين رضه جي پٽ حسن مثنيٰ کان شروع ٿئي ٿو ۽ اُن جي شُجري کي اُچ شريف جا جيلاني پاڻ ڏانهن منسوب ڪن ٿا.

صوفي شاھ عنايت دهليءَ ۾ رهي تعليم پرائي. اُن وقت اورنگزيب مُغل هندستان جو شهنشاھ هو. دهلي هندستان جي گاديءَ جو هنڌ هُئي ان ڪري شاھ عنايت تعليم سان گڏوگڏ حڪومتي حڪمت عملين ۽ مُلڪي حالتن جو مُطالعو به ڪيو. خاص طور تي مرڪز پاران سنڌ جي لُٽ مار ۽ پنهنجي حاڪميت جو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ سنڌ جي عوام سان ظلم ۽ ڏاڍ جي پروڙ ڪري اُن وقت مغل سلطنت جي ايندڙ زوال کي پرکيندي پنهنجي اُستاد محترم سيد عبدالملڪ کان سنڌ وطن وڃڻ جي اجازت گهُريائين. سندس اُستاد کيس خوش دليءَ سان اجازت ڏني ۽ کيس صوفياڻي خلعت سان گڏ هڪ تلوار به ڏني ۽ چيائين تون منهنجو هڪ ذهين شاگرد آهين ۽ تنهنجي اندر مظلوم ۽ مسڪين انسانن لاءِ ڪُجھ ڪرڻ جي لوچ آهي. ان کي ڏسندي توکي هيءَ تلوار ڏئي رهيو آهيان.

صُوفي صاحب جڏهن سنڌ ڏانهن سفر شروع ڪيو ته ڪافي تعداد ۾ سندس مريدن گڏ هلڻ لاءِ چيو پر پاڻ وڏي ميڙ کان پاسو ڪندي ۵۰۰ فقيرن کي ساڻ وٺي سنڌ پهتو ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان گذرندي تصوف جي پرچار ڪندي سنڌ جي اُن وقت جي گاديءَ واري شهر ٺٽي ۾ اچي رهائش اختيار ڪيائين. صوفي شاھ عنايت وٽ سنڌ ۽ هند جي مختلف علائقن مان ماڻهو ايندا رهيا ۽ سندس پوئلڳ بڻجندا رهيا. ائين صوفي ازم جو پيغام سڄيءَ سنڌ ۾ ڦهلجي ويو. ٺٽي ۾ شاھ لطيف به شاھ عنايت سان ملاقاتون ڪيون.

اُن وقت سنڌ جون حالتون تمام خراب هيون. مرڪزي ۽ صوبائي حاڪمن ۽ سندن ڇاڙتن جي عوام سان انتهائي بدسلوڪي، ڏاڍ ۽ ڦر لٽ وارو دؤر هلي رهيو هيو. ان ڪري صوفي ازم جي پرچار، برابريءَ ۽ ڀائيچاري جي درس سنڌ جي ڏُکايل ۽ بُکايل عوام ۾ هڪ نئين اُميد پيدا ڪئي. هونءَ به جڏهن ۽ جتي به ظلم ۽ ڏاڍ وڌي ويندو آهي ته اُن علائقي يا مُلڪ جا ماڻهو مجبور ٿي ظلم خلاف آواز اُٿاريندا آهن ۽ پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ميدان تي نڪري ايندا آهن. ان سوچ کي سمجهندي صوفي شاھ عنايت ٺٽي کان ٻاهر نڪري تڏهوڪي ميران پور ۽ هاڻوڪي جهوڪ شريف ۾ اچي پنهنجي فقيرن سميت اچي رهائش اختيار ڪئي. اُتي “جو کيڙي سو کائي” جي نظام کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ زمين گڏجي آباد ڪئي ۽ اُن جي آمدني سڀني ۾ برابر ورهائڻ جو بنياد رکيو ويو. اُن نظام جو ٻُڌي پري پري کان هاري پورهيت جهوڪ شريف اچڻ لڳا ۽ هِن پرڳڻي تي آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جو خواب ساڀيان ٿيڻ لڳو. سنڌ جي حُڪمرانن ۽ مُغل شهنشاھ جي استحصالي قوتن ان انساني برابريءَ واري نظام جي مُخالفت ڪندي ان کي ختم ڪرڻ جا سانباها شروع ڪيا.

هيءُ اهو دؤر هئو جڏهن هڪ طرف ته سنڌ جي هن علائقي ۾ ڏُڪار پيل هو ته ٻئي پاسي حڪمرانن جي ظلم ۽ ڏاڍ جي به انتها هُئي. عام ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڪُجھ به ڪونه هئو ۽ دانهن ٻُڌڻ وارو به ڪو نه هئو. بربريت واري اهڙي دور ۾ شاھ عنايت جو فلسفو ۽ اُن تي عمل ڪرڻ جي واکاڻ سڄيءَ سنڌ ۾ ٿي وئي ۽ جهوڪ “ميران پور” ۾ بُکن ۽ ڏُکن جا ستايل ماڻهو ايندا رهيا ۽ “جو کيڙي سو کائي” واري نظام مان فيضياب ٿيندا رهيا. هِن نظام هيٺ سڀني کي برابريءَ جي بُنياد تي عزت به ملي رهي هُئي ته مال به برابريءَ جي بُنياد تي ملي رهيو هو. ان ڪري فطري طور هنن ۾ آزاديءَ ۽ خوشحاليءَ جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ صوفي فقير وقت جي حُڪمرانن کان پاڻ کي آزاد سمجهن پيا، جيڪا ڳالھ حڪومت جي ڪارندن کان برداشت نه پئي ٿي ۽ هُنن گورنر لُطف عليءَ کي صوفين کي سيکت ڏيڻ لاءِ اُڪسايو. پوءِ پير واسع، حمل جت ۽ نور محمد پليجي جي اڳواڻيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ لشڪر اچي هڪ رات جي اونداهيءَ ۾ سارو ڏينهن پورهيو ڪري سُتل صوفي فقيرن تي حملو ڪري ڏنو. صوفين کي وهم گُمان به نه هو ته ائين اوچتي سَوَن جي تعداد ۾ هٿياربند مٿن حملو ڪندا. ان ڪري هُنن بي هٿيار ۽ سُتل ماڻهن تي ڄڻ قيامت ڪڙڪي پئي. ڪُجھ ئي دير ۾ “ميران پور” جي ماڻهن جي مال متاع جي لٽ مار سان گڏوگڏ ۳۰ کان ۳۵ ماڻهن کي قتل به ڪيو ويو. هِن حملي تي صوفي فقيرن ۾ وڏو تاءُ پيدا ٿيو پر شاھ عنايت پنهنجي عقل ۽ فهم جي بُنياد تي اها ڳالھ سمجهي ٿي ته دُشمن اسان کي اشتعال ڏياري اسان جي طاقت ۽ تنظيم جو اندازو ڪرڻ لاءِ هيءُ حملو ڪيو آهي. سو هُن فقيرن کي ٿڌو ڪيو ۽ فيصلو ڪري صوفين جو هڪ وفد سنڌ جي گورنر کي هن راتاهي ۾ قتل ٿيل ۽ ڦر لٽ جي دانهن ڏيڻ لاءِ موڪليو پر گورنر لُطف عليءَ وفد جي ڳالهين کي ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري کين باغي ۽ شرارتي چيو ۽ حڪومت خلاف انتشار ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ وارين ڪاررواين کي بند ڪرڻ جي تنبيھ ڪندي کين واپس موڪلي ڇڏيائين.

گورنر جي هن اُبتي انصاف جي دانهن دهليءَ جي شهنشاھ کي پُڄائڻ لاءِ صُوفي شاھ عنايت هڪ وفد ٺاهي دهليءَ ڏانهن اُماڻيو ۽ دهليءَ پنهنجي دوستن ڏانهن خط به لکي ڏنو ته سنڌ ۾ صوفين سان ٿيل ظلم بابت هن وفد سان گڏ وڃي شهنشاھ کي آگاھ ڪن. هُنن ائين ئي ڪيو ۽ شاھ عنايت جي دوستن جو دهليءَ جي شهر ۾ خاص اثر هئو جنهن ڪري هي دهليءَ جي درٻار ۾ پهتا جتي هُنن مُغل شهنشاھ فرخ سير کي دانهن پهچائي. هن عمل جو مُغل شهنشاھ فرخ سير تي وڏو اثر پيو ۽ هُن سنڌ جي گورنر کي لکيو ته پير واسع، حمل جت ۽ نور محمد پليجي وارن جي زمين جا ڪُجھ ٽُڪرا مقتولن جي وارثن کي خون بها طور ڏنا وڃن ۽ زمينن تان ڍَل به نه ورتي وڃي. هيءُ حُڪم نامو جڏهن سنڌ جي گورنر وٽ پهتو ته اها ڳالھ هُن کي ۽ هُن جي درٻاري وڏيرن کي پنهنجي بي عزتي محسوس ٿي پر شهنشاھ جو حڪم هئو ان تي کين عمل ڪرڻو پيو.

انهيءَ عرصي دوران سڄيءَ سنڌ مان صوفين جي حوصلي افزائيءَ لاءِ ماڻهو جهوڪ اچڻ لڳا ۽ پنهنجي جاني ۽ مالي قربانيءَ لاءِ پاڻ کي صوفي شاھ عنايت سامهون پيش ڪندا رهيا. نتيجي ۾ صُوفين جي تحريڪ وڌيڪ طاقتور ٿي وئي. پير ۽ وڏيرا پاڻ کي ڪمزور ٿيندو ڏِسي سنڌ جي حاڪم يار محمد ڪلهوڙي کي وڃي دانهين ٿيا ته صوفي حڪومت جي اندر پنهنجي حڪومت ٺاهيون ويٺا آهن ۽ اها اوهان جي حڪُومت خلاف سازش آهي، ان کي ڪچليو وڃي. يار محمد ڪلهوڙي کين تسلي ڏئي اها ڳالھ مُغل شهنشاھ تائين پهچائي ۽ سنڌ جو گورنر به تبديل ٿيو ۽ نئون گورنر نواب اعظم خان ۱۱۲۸ع ۾ مُقرر ٿيو. نواب اعظم خان يار محمد ڪلهوڙي جو دوست هئڻ سان گڏ شهنشاھ فرخ سير جو به خاص ماڻهو هئو ۽ هي سڀ صوفين جا مُخالف هُئا ۽ اونهن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ شروع ڪيائون ۽ جنگ جي تياري ٿي وئي. توپن ۽ ٻئي ڳري جنگي سامان تي ٻڌل ميرن، پيرن، جاگيردارن ۽ مُغلن جو تمام وڏو لشڪر سپھ سالار گورنر نواب اعظم خان، ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ مير شهداد خان ٽالپر جي اڳواڻيءَ ۾ صوفين کي ڪُچلڻ لاءِ اُسهيو. هنن ۱۱۲۹ھ بمُطابق ۱۷۱۷ع ۾ ذوالقعد جي مهيني ۾ جهوڪ ميران پور جو گهيرو ڪيو. ميران پور جي صوفين شهر جي ٻاهران هڪ وڏي کاهي کوٽي ڇڏي، جنهن ڪري لشڪر هڪ دم شهر ۾ داخل ٿي نه سگهيو. هيءَ جنگ تاريخ ۱۸هين ذوالقعد ۱۱۲۹ھ بمُطابق ۱۳ هين آڪٽوبر ۱۷۱۷ع کان شروع ٿي ۽ ٽي مهينا جاري رهي، جنهن ۾ هڪ طرف وڏو ۽ تربيت يافته لشڪر ۽ ٻئي طرف عام هٿيارن سان سنڌ جا صوفي فقير هُئا تنهن ڪري شاھ عنايت پنهنجي فقيرن کي رات جو مُغل فوج تي ڇاپا هڻڻ جي حڪمت عملي ڏني جنهن ۾ شاهي فوج جو تمام گهڻو نُقصان ٿيندو رهيو. هڪ رات صوفي فقيرن شاهي لشڪر تي راتاهو هنيو. يار محمد ڪلهوڙي ۽ گورنر نواب اعظم جي خيمن تائين وڃي پهتا، جنهن ڪري شاهي سالارن کي پاڻ دوبدو وڙهڻو پئجي ويو ۽ پنهنجي جان بچايائون. هن وڏي لشڪر تي پنهنجي سرسي ڏسندي هڪ صوفي فقير جوش ۾ اچي نعرا هنيا ۽ هن جي نعرن هڻڻ ڪري هو ظاهر ٿي پيا ۽ شاهي لشڪر کين گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ پوءِ صوفي فقيرن جو به وڏو نقصان ٿيو.

(هلندڙ)

(ڏھاڙي ايڪتا ۱۷ آڪٽوبر ۲۰۱۹ع.)


 

شھيد شاھ عنايت جو انقلابي پيغام

سڪندر ھاڙھو

سنڌ ڌرتي تي رب پاڪ جا اڻ ڳڻيا احسان آهن، جنهن اسان کي صوفين، دويشن، روحاني رھبرن ۽ عظيم بزرگن جهڙيون هستيون پيدا ڪري ڏنيون، جن پنهنجي پنهنجي دور ۾ تصوف جي فلسفي کي روشناس ڪرايو، نظريه موجب حق ۽ انصاف لاءِ آواز اٿاريو، انساني برابري جو درس ڏيندي، امن، ڀائيچاري ۽ آجپي لاءِ جھدوجھد ڪئي. اهڙن نيڪ انسانن ۾ سنڌ جوصوفي شاھ عنايت شهيد به ھڪ آهي.

صوفي شاھ عنايت جو جنم سن ۱۰۶۵ھه بمطابق ۱۶۶۵ع ملتان مخدوم فضل الله جي گھر ۾ ٿيو. ان وقت ملتان سنڌ جو حصو ھو، ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان ئي حاصل ڪيائين ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لاءِ ھند جي شھر حيدرآباد دکن ويو. جتي صوفي شاھ عنايت کي تعليم سان گڏو گڏ روحاني فيض حاصل ٿيو، جيڪو صوفي بزرگ شاھ عبدالماڪ جي نگراني ۾ مليو، پر ڪن جو چوڻ آهي ته شاھ عبدالمالڪ جو سنڌ ۾ اچڻ ٿيو هو، ان دوران صوفي شاھ عنايت جي هن صوفي بزرگ سان ملاقات ٿي. پهرين ملاقات جي اثر ۾ صوفي شاھ عنايت کي شاھ عبدالمالڪ کان فيض حاصل ڪرڻ لاءِ حيدر آباد دکن پهچايو ويو. صوفي شاھ عنايت تصوف جو فيض حاصل ڪرڻ بعد جڏهن پنهنجي استاد کان وطن واپس ورڻ جي اجازت ورتائين ته شاھ عبدالمالڪ اجازت ڏيندي ترار بطور نشاني صوفي شاھ عنايت جي آڏو رکيائين، جڏھن صوفي شاھ عنايت ترار کنئي ۽ مرشد چيس هن جو ته اجورو وڏو آهي. صوفي شاھ عنايت استاد جو احترام ڪندي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته منھنجي جان حاضر آهي! پوءِ مرشد کيس ترار ڏيندي چيو ته هتان منهن ڪڍي وڃ. مرشد جي چوڻ موجب منهن تي نقاب چاڙهڻ باوجود به ھند کان رستي ۾ ئي جھوڪ پهچڻ تائين ۵۰۰ سئو بزرگ ساڻ آيا ھئا، جيڪي ڪڏهن به ٻيھر هند موٽي ويا ھئا. ايئن ھند ۽سند مان صوفي شاھ عنايت مريد گڏ ڪري فرمايائين “مان جڏهن به عبادت ڪريان ٿو ته مظلوم ماڻهن جون دانھون ۽ ڪوڪون منهنجي ڪنن تائين پھچن ٿيون، جيڪي منهنجي عبادت ۾ رخني جو سبب بڻجن ٿيون. ان ڪري مان چاھيان ٿو ته پھرين اھي دانھون ورنايان ته جيئن منهنجي عبادت ۾ رخنو نه پوي”.

صوفي بزرگ شاھ عنايت شھيد انھن ماڻهن جي دانھن ۽ ڪوڪن کي ورنائيندي جو کيڙي سو کائي جو نعرو هنيو، جنهن کانپوءِ ان نعري انقلاب جي صورت اختيار ڪئي. تنهن وقت صوفي شاھ عنايت، تصوف جي علم کي سنڌ سميت پوري دنيا تائين امن، پيار، محبت ۽ عملي جدوجهد کي جاري رکندي ماڻهن جي اندر مان نفرت، ساڙ، ڪينو، لالچ ۽ لوڀ کان پري رھڻ جو چيو، ته ٻه طرف ان وقت جي تعصب پرستي جي جلادن صوفي شاھ عنايت جي فلسفي تي وڏيون ڪوڙيون فتوائون مڙهيندي ۱۸ ذوالقعد ۱۱۲۹ ھ، ۱۳ آڪٽوبر ۱۷۱۷ع تي صوفي شاھ عنايت کي شھيد ڪرائي ڇڏيو.

ان کان اڳ شهيد شاھ عنايت ۽ ساٿين کي اذيتون ڏيڻ شروع ڪيون ويون، اها جنگ ۴ مهينن تائين جاري رهي ۽ ان جو انت شهادت جي جام نو ش ڪرڻ تي ٿيو. دنيا جو ٻيو وڏو سانحو ھو، جنهن ۾ شاھ عنايت سان گڏ هن جا ۲۴ هزار ۽ صوفين مان ۲ هزار ۴ سئو صوفين، جيڪي تصوف جا طالب علم پڻ هئا، انهن پنهنجي مرشد شهيد شاھ عنايت سان گڏجي ظالم جي خلاف بغاوت ڪندي شهادت جو جام نوش ڪيو.

اهڙي هانءُ ڏاريندڙ واقعي کي اڍائي سئو سال گذرڻ باوجود شهيد شاھ عنايت جو پيغام عالمي موضوع بڻجي ويو آهي. “جو کيڙي سو کائي” جو نعرو هر وقت جي حڪمرانن کي پريشان ڪيو آهي، اهو نعرو ان وقت جي اقتدار کي ساڙي رک ڪرڻ ڏانهن وڌڻ لڳو هو، ان ڪري ئي انهن سوچيو ته شاھ عنايت ۽ سندس ساٿين کي قتل ڪرڻ سان انهي نعري جي پچار ختم ڪئي وڃي، پر انهن جو خيال غلط ثابت ٿيو، ھزارين وس هلائڻ باوجود به اهي صوفي شاھ عنايت جي فڪر کي خاموش نه ڪري سگهيا. شهيد شاھ عنايت جو پيغام صديون گذرڻ باوجود اڄ به زندھ آهي ۽ صدين تائين زندھ رهندو.


 

شاھ عنايت شهيد

سنڌ جو پهريون زرعي سڌارڪ

انجنيئر اوڀايو خشڪ

فنون لطيفه، تعميراتي شوق ۽ عشقيا داستان جوڙيندڙ مغليه سطلنت جي پڄاڻي جا باقي ڪي ڏينهن هئا ته سنڌ ۾ حق جا نعرا بلند ڪندڙ صوفي شاھه عنايت سر جو سودو ڪري تاريخ ۾ ھڪ وڏي لھر برپا ڪري ڇڏي ھئي.

شاھه عنايت شهيد جي آخري آرام گاھه جھوڪ شريف ۾ آهي جتي ۱۷ صفر تي هر سال سندس ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. سندن وڏن لاءِ روايت آهي ته اهي بغداد مان ملتان آيا ۽ اتان پوءِ سندن جدامجد صدو لانگاه جھوڪ شريف ۾ اچي رهيو. لانگاه قبيلي ملتان تي ۱۴۳۷ع کان ۱۵۲۹ع تائين حڪومت ڪئي. شاھه شهيد جو جنم ۱۶۵۵ع مطابق ۱۰۶۵ھ ميرانپور جھوڪ ۾ ٿيو. شاھه شهيد جي شهادت ۱۷ صفر ۱۱۳۰ھ، ۸ جنوري ۱۷۱۸ع تي مغل حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ ٿي. ۱۷۰۶ع ۾ اورنگزيب جي وفات کانپوءِ تخت جي وارثن ۾ موت جي راند شروع ٿي وئي. ۱۷۰۶ع کان ۱۷۱۳ع تائين ڇھه تخت جا وارث قتل ٿيا. آخر ۱۷۱۳ع ۾ فرخ سير پنهنجي چاچي جهاندار شاھ کي قتل ڪري تخت تي قابض ٿيو. مغلن جي خانه جنگي جو فائدو وٺندي ڪلهوڙن سيوي کان سيوهڻ تائين پنهنجي حڪومت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪلهوڙا خاندان جو وڏو آدم شاھ ڪلهوڙو آهي. ڪلهوڙا پاڻ کي عرب نسل مان ڄاڻائڻ لاءِ عباسي سڏائڻ لڳا. ڪلهوڙن ۱۷۰۱ع ۾ افغانستان ۽ سنڌ جي واپاري شاهراه تي اهم شهر شڪارپور تي قبضو ڪري، دائود پوٽن کي ڀڄائي ڪڍيو. شڪارپور جو بنياد دائود پوٽن ۱۶۱۶ع ۾ رکيو هو. آدم شاھ ڪلهوڙو ميران محمد جونپوري جو مريد هو ۽ هن سنڌ ۾ دائري جو بنياد رکيو. ميرانپور شهر لاءِ اهو عام تاثر آهي ته ان تي نالو ميران محمد جونپوري جي پويان پيو. ميران محمد جونپوري، ڄام نظام الدين سمون جي دور حڪومت ۾ سنڌ آيو هو ۽ هو ڪجھ وقت ٺٽي ڄام نظام الدين جي درٻار ۾ پڻ رهيو. جونپوري مھدي هئڻ جي دعوا ڪئي. ميران محمد جونپوري جي مخالفت کي نظر ۾ رکندي ڄام نظام الدين، سندس وزير اعظم دولھ دريا خان جي مشوري تي هن کي سنڌ ڇڏي وڃڻ جو چيو. ميران محمد جونپوري جو جنم ۹ سپٽمبر ۱۴۴۳ع تي جونپور ۾ ٿيو. هن جي پيءُ جو نالو سيد خان ۽ ماءُ جو نالو آمنه هو. ميران محمد جونپوري جي تحريڪ جا مکي اصول هئا ۱. ترڪ مال ۲. هجرت ۳. صحبت صادقين ۴. گوشه نشيني ۵. توڪل ۶. طلب ديدار ۷. عشر ۽ ۸. گهڻو ذڪر. سندس تحريڪ جي حلقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ اهو ضروري هو ته هو پنهنجي ملڪيت ميمبران تحريڪ جي حوالي ڪري ته اهي ان کي تحريڪ جي راھ ۾ خرچ ڪن. (حوالو تصوف هڪ تحريڪ – از غلام حسين رنگريز).

صوفي شاھ عنايت هندستان مان تعليم پرائڻ کان پوءِ پهرين ٺٽي ۾ اچي رهيو. ٺٽي ۾ هو ويڙهي ۾ رهڻ لڳو. (مانجھي) ويڙهو ۽ ميران محمد جونپوري جو دائرو اقتصادي پھلو کان هڪ ئي معنى ۽ مفهوم رکن ٿا. شاھ شهيد جڏهن ٺٽو ڇڏي جهوڪ ۾ اچي رهڻ لڳو ته اتي به اهو گڏجي رهڻ جو عمل جاري رکيو. شاھ شهيد جي سوچ مطابق حلقي جا ماڻهو جن ۾ هاري، ڪاسبي ۽ زميندار اچي ٿي ويا سي جيترو به ڪمائين ان جو ڪجھ حصو ڀانڊاري ۾ جمع ڪرائين ۽ باقي ضرورت مطابق ورهائي کپائين.

صوفي مت ۾ ٻه بنيادي مسلڪ آهن. هڪ وحدت الوجود ۽ ٻيو وحدت الشهود. ٺٽي ۾ وحدت الوجود مسلڪ جو اڳواڻ مخدوم معين ۽ جڏهن ته وحدت الشهود جو اڳواڻ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي هو. مخدوم معين، شاھه عنايت ۽ شاھه عبداللطيف ڀٽائي وجدت الوجودي هئا ۽ هنن جو نعرو همه اوست هو. هنن وٽ مذهبي رواداري وڏي پئماني تي موجود هئي، جڏهن ته مخدوم محمد هاشم لاءِ اها روايت آهي ته هو مردن ۽ عورتن جو گڏ ڪعبي جي طواف جي خلاف هو. اها سوچ اڄ اسان وٽ نسري ۽ سنگ جهلي طالبان جي صورت ۾ موجود آهي. صوفي شاھ عنايت صوفي هئڻ باوجود ٻين صوفين کان هٽي ڪري پنهنجن پوئلڳن کي فقط ذڪر ۽ فڪر تائين محدود نه رکيو پر سماج ۾ عملي تبديلي آڻڻ لاءِ جاکوڙ پڻ ڪئي. اها پڻ حقيقت آهي ته شاھ عنايت قادري طريقت جو پوئلڳ هو، پر هن جي ذڪر ۽ فڪر ۾ سهروردي طريقي ۽ ميران محمد جونپوري جا رنگ نظر اچن ٿا. شاھه عنايت شهيد جو رستو خانقاه کا اڳتي وڌي سماج ۾ معاشي نظام ۾ سڌاري تائين وڃي ٿو، انهي ڪري هو ٻين صوفين کان نرالو نظر اچي ٿو.

شاھه شهيد جي شهادت کي ۳۰۰ سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ جي باوجود ان تي ڪنهن به قسم جي سائنسي ۽ تاريخي بنيادن تي تحقيق نه ٿيڻ ڪري، ان جي معاشي فلسفي جون ڪڙيون گم آهن. اڃان اهو به فيصلو نه ٿيو آهي ته شاھه عنايت جو کيڙي سو کائي جو نعرو هنيو يا گڏيل پوکي راهي ۽ ضرورت مطابق ورهاست جو نعرو ڏنو. جيستائين جو کيڙي سو کائي جو تعلق آهي ته اهو نعرو ويجهي ماضي جي پيداوار لڳي ٿو. ڇاڪاڻ جو ۱۹۵۷ع ۾ نئين زندگي رسالي طرفان شاھه عنايت شهيد نمبر ۾ سنڌ جي تمام وڏي نالي واري دانشورن جا ليک شامل آهن، انهن مان ڪنهن به اها ڳالھه نه لکي آهي. محترم حسام الدين راشدي، شاھه عنايت کي پهريون زرعي سڌارڪ لکيو آهي. اها ڳالھ به تحقيق طلب آهي ته شاھه عنايت جو دکن وڃڻ صرف تعليم پرائڻ هو يا اتان جي سياسي سماجي حالتن جو جائزو وٺڻ پڻ. ياد رهي ته ان وقت دکن جو شيواجي مرهٽو مغلن خلاف برسرپيڪار هو. شيواجي جي انهيءَ ويڙھ جي ڪري مغل دکن تي قبضو نه ڪري سگهيا.

پير حسام الدين راشدي صاحب لکيو آهي ته “شاھه عنايت صوفي پهريون ماڻهو هو، جنهن انهيءَ ڏکوئيندڙ صورتحال کي دکن کان ايندي شرط شدو مد سان محسوس ڪري پنهنجي اباڻي زمين کي گڏيل ملڪيت قرار ڏئي پيداوار تي مساوي حق ۽ حصي جي رٿا تي مريدن، ڳوٺاڻن ۽ پاڙيسرين کي گڏي، انهيءَ رٿا تي عملي قدم کنيو”. انهيءَ مان اهو صاف نظر اچي ٿو ته شاھه شهيد هڪ نئين سماجي معاهدي جي ڳالھ ڪئي. شاھه شهيد نه صرف نئون معاشي نظام ڏنو، پر ان تي عمل پڻ ڪيو. انهيءَ نئين معاشي ۽ سماجي نظام تي عمل ڪرڻ جي ڏوھ ۾ شاھه شهيد پاڻ ۽ پنهنجي خاندان سان گڏ هزارين ساٿين سميت شهادت ماڻي، پنهنجي مقصد ۽ عظمت جو علم بلند رکيو. اسان پوءِ آيل ڪميونسٽ/سوشلسٽ انقلاب جي بنيادي اصولن تي غور ڪنداسين ته اهي شاھه عنايت جي نئين سماجي ۽ معاشي سرشستي جي برابر نه، تڏهن به ان جي ويجهو نظر ايندا. اڄ دنيا ۾ سوشلزم ۽ سرمائيداري هڪ ٻئي جي خلاف نبرد آزما نظر اچن ٿا. اڄ جڏهن سرمائيداري نظام سوشلزم کي ناڪام ڪرڻ لاءِ هر قسم جو حربو استعمال ڪري رهيو آهي ته اسان کي شاھه شهيد خلاف سڄي هندستان جي حڪومتي ڌرين جو حملو آور ٿيڻ سمجھ ۾ اچي ٿو. انهن نه ٿي چاهيو ته شاھه شهيد جي تحريڪ ڪامياب وڃي. اهو صاف نظر اچي ٿو ته شاھه شهيد مرهٽن جي تحريڪ کان متاثر ٿي موٽي اچي جهوڪ ۾ عدم تشدد جي بنياد تي نئين سماج اڏڻ جي ڳالھ ڪئي جيڪا ان وقت جي فرسوده ۽ مدي خارج سوچ رکندڙ سياسي ۽ مذهبي قوتن کي نه آئڙي ۽ انهن ملي ڪري شاھه عنايت جي پوکيل ٻوٽي کي وڻ ٿيڻ کان پهرين پاڙان پٽي اڇلائي ڇڏيو. اها ڳالھ سبط حسن نويد فڪر ۾ هنن لفظن ۾ ڪئي آهي، “هڪڙو اهڙو وقت به آيو جڏهن معاشرو ماضي جي ڌٻڻ ۾ گپي، اڳتي وڌڻ جون خوبيون وڃائي ويٺو، تڏهن اڍائي ٽي سو ورهيه اڳ هڪ مانجهي مڙس گڏيل معيشت جو بنياد رکي اسان کي اڳتي وڌڻ جي راھه ڏيکاري. هن انهيءَ سرءُ جي سٽيل سرزمين ۾ اڻ ڏٺي گلشن جو خواب ڏٺو ۽ “وقت کان اڳي” جي سونهري سپني جي تعمير ۾ شهادت ماڻي، انهيءَ نيڪ بزرگ جو نالو شاھ عنايت هو. ”

هن وقت سنڌ ۾ شاھه شهيد مخالف ٻه سوچون موجود آهن. هڪ سوچ مطابق شاھه عنايت ڪا تحريڪ ئي نه هلائي ۽ ٻي سوچ مطابق ڪلهوڙا شاھه عنايت جي شهادت جا ذميدار نه آهن. پهرين سوچ رکندڙ طبقو سنڌ ۾ نه هئڻ برابر آهي. اهڙي قسم جا منفي ۽ مدي خارج ماڻهو هر سماج ۾ ۽ هر هنڌ هوندا آهن، جن کي اهميت نه ڏيڻ گهرجي. جيستائين ٻي سوچ جو تعلق آهي ته اها حقيقت آهي ته ڪلهوڙا تاريخي طرح شاھه شهيد جا قاتل آهن. انهيءَ ڪري جو شاھه شهيد سنڌ جي انهيءَ حصي ۾ رهندو هو جتي مغلن جي حڪومت هئي ۽ هو ڪلهوڙن جي حڪومت کان ٻاهر هو. حقيقت ۾ انهيءَ سڄي معاملي ۾ هنن جو ونگار وهندڙ وارو ڪردار آهي. تاريخ تي نظر رکندڙ اها ڳالھ بخوبي سمجهي سگهن ٿا ته آخر ۾ مغل خانه جنگي جي ڪري ايترا ڪمزور ٿي ويا هئا، جو چاهڻ جي باوجود به هو ڪلهوڙن خلاف ڪاروائي نه ڪري سگهن ها، انهيءَ وقت ٺٽي تي مغل گورنر جلدي جلدي تبديل ٿيندا رهيا. اها ڳالھ ڪلهوڙن جي اڌ سنڌ تي قبضي مان پڻ ثابت ٿئي ٿي. جيڪڏهن ڪلهوڙا مغلن سان ونگار نه وهن ها ته شايد هي واقعو نه ٿئي ها. ڪلهوڙا باقاعده جهوڪ واري جنگ ۾ شامل هئا، انهن کي شاھه شھيد جي قتل کان مبرا قرار نٿو ڏئي سگهجي. ڪلهوڙن طرفان شاھه عنايت سان ڪيل جنگ متعلق هالن واري صوفي آسورام جا چيل هي شعر شاهدي لاءِ ڪافي آهن.

ست کوھ شهيدن جا، ڀرجي ٿيا ٽمٽار،

ڪاٺ جي تلوار جي، موڪل ملي لاچار،

جنهن لشڪر ملعون جو، ماري ڪيو مردار

صوفين جو سرنثار، صوفي مرشد تان ڪيا.

هڪ ٻي بيت ۾ ڪلهوڙن متعلق چيو اٿس

هي ٿي قيامت، ٿي تکون تارون تار

ڪلهوڙي جي ڪار، لعنت لاڳ پرائيو.

ڪلهوڙا صرف شاھ شهيد جي قتل ۾ شريڪ نه هئا، پر هنن پوءِ سنڌ جي هڪ ٻي وڏي عالم مخدوم عبدالرحمان کهڙن واري کي به شهيد ڪرايو.

جهوڪ واري جنگ ۾ مغلن ۽ انهن جي حامين طرفان ڪيل جنگي طاقت جو مظاهرو، مقالت الشعرا جي هنن سٽن مان پسي سگهجي ٿو. “اعظم خان هڪ اهڙي فوج تيار ڪري فقيرن تي حملو ڪيو جا ڳڻپ کان ٻاهر هئي ۽ ماڪوڙين ۽ ماڪڙ کان وڏي تعداد ۾ هئي. سبي ۽ ڍاڍر کان وٺي سمنڊ جي ڪناري تائين سڀئي سرڪاري عملدار ان ۾ شريڪ هئا. ”

مدي خارج قوتن ۽ نئين سوچ جي وچ ۾ ۳۰۰ سال اڳ شروع ٿيل جهيڙو اڃان جاري آهي. اڄ به سنڌ جون معروضي حالتون ڪنهن شاھه عنايت جي اوسيئڙي ۾ آهن.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۲۵ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

شاھ عنايت شهيد

سنڌ جو سوشلسٽ صوفي

سارنگ جويو

سنڌ جو باغي شاھ عنايت شھيد اصل ذات جو لانگاھ ھو، سندس وڏا ۽ پاڻ به اصل سنڌ جي تخت گاھ رھندڙ ملتان جا ھُئا. سنڌ جو ھي پھريون سوشلسٽ باغي ھُيو، جنھن سنڌي قوم جي غريب ۽ پيڙيل طبقن لاءِ حق جو آواز بُلند ڪيو ۽ پنھنجي ھزارين ايڪڙ زمين غريب ھارين ۾ ورھائي ڇڏي ۽ چيائين ته زمين الله جي آھي، جيڪو ان کي کيڙيندو اهو ئي اُن جو مالڪ آهي ۽ ھي نعرو ڏنائين ته؛ “جو کيڙي، سو کائي”، جنھن نعري ھيٺ ھزارن جي تعداد ۾ غريب ۽ پيڙيل ھاري ان وقت جي زميندارن، وڏيرن، پيرن، سيدن ۽ پليجن سان گڏ ڪلھوڙن جي زمينن کي ڇڏي شاھ عنايت وٽ اچي زمين کيڙي سوشلسٽ انقلاب جو عملي روپ ورتائون، جنھن تي ان وقت جي ڪلهوڙا حڪمرانن يار محمد ڪلھوڙي، نور محمد ڪلهوڙي، مقامي پيرن ۽ زميندارن جي چُرچ تي شاھ عنايت جي شڪايت ٺٽي جي صوبيدار اعظم خان جي ذريعي مغل بادشاھ فرخ سير تائين دھلي پُهچائي ته، “شاھ عنايت ماڻھن کي باغي پيو بڻائي ۽ مغلن سان بغاوت ٿو ڪرڻ چاھي”، جنھن تي مغلن يار محمد ڪلھوڙي، ميان نور محمد ڪلهوڙي ۽ اُتان جي وڏيرن کي فوجي مدد ڏياري موڪلي، جن شاھ عنايت ۽ ان وٽ گڏ ٿيندڙ ھزارين ھارين خلاف جنگ ڪئي، جنھن تي شاھ عنايت حق جو نعرو ھڻي مغل سامراج خلاف بغاوت جو عَلم بُلند ڪيو.

اُن بغاوت ويڙھ جي صورت اختيار ڪئي، ۽ اها جنگ پنھنجي دور جي گوريلا طرز جي واحد جنگ ھُئي. تاريخ ۾ آيو آھي ته، اُھا ويڙھ مغل فوج، ڪلھوڙا فوج ۽ مقامي زميندارن ملي ڪري شاھ عنايت ۽ ان جي ساٿين سان ميرانپور جھوڪ ۾ وڙھي، جيڪا ويڙھ ساندھ ڇھ مھينا ھلي، جنھن ۾ ھڪ اندازي موجب ۲۴ ھزار شھيد صوفي شاھ عنايت جا ساٿي شھيد ٿيا پر پوءِ به اُھي شاھ عنايت کي شڪست نه ڏئي سگھيا ته پوءِ اهي دغا سان نور محمد ڪلهوڙي، نور محمد پليجي، حمل جت، مير شهداد ٽالپر، عبدالواسع شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ اڇا جھنڊا ۽ قرآن شريف ھٿن ۾ کڻي ٺاھ ڪرڻ لاءِ شاھ عنايت وٽ آيا، جنھن تي شاھ عنايت قرآن مجيد کي مان ڏيندي انھن سان ٺاھ ڪرڻ لاءِ راضي ٿي ويو، جڏھن ته شاھ عنايت ۽ ان جا ساٿي اھو سمجھن پيا ته ان جي پُٺيان ڪا نه ڪا سازش ضرور آھي، پر شاھ عنايت قرآن شريف تي يقين ڪندي ٺاھ ڪرڻ لاءِ انھن سان گڏ ويو، ۽ اُتي دوکي سان شاھ عنايت کي شھيد ڪيو ويو.

تاريخ جي ڪتابن ۾ آيل آھي ته شاھ عنايت شھيد ٿيڻ کان ڪجهھ وقت اڳ فارسي ٻوليءَ ۾ ھي شعر پڙھيو ھو ته،

سر در قدم يار، فدا شُد، چه بجا شُد،

اين بارِ گران، بُود ادا شُد چه بجا شُد”

مطلب؛ سِرُ يار جي قدمن ۾ فدا ٿيو ته سُٺو ٿيو،

اھو ڪُلھي تي وڏو بارُ ھو، ادا ٿيو ته سُٺو ٿيو.

اھڙي عظيم شخصيت جنھن پنھنجي قوم جي آزاديءَ لاءِ ۽ انھن جي غربت مٽائڻ لاءِ کلندي مُرڪندي موت کي قبول ڪيو اُن جا پونئر ۽ ان جي گاديءَ جا گادي نشين سندس فڪر ۽ فلسفي کي وساري ويٺا آھن ۽ ان جي اُبتڙ عمل ڪري رهيا آھن، جڏھن ته صوفي شاھ عنايت بغير ڪنهن رنگ نسل، ذات پات، اوچ نيچ ۽ مذھبي تفرقي جي انسانيت جي خدمت ڪئي، ايتري قدر جو پاڻ ھندو توڙي مسلم گڏ ويھاري انھن سان گڏ ھڪ ئي پاٽ ۾ ماني کائيندو هئو. سندس ان تحريڪ بابت سنڌ جي ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجا ڪتاب لکيا آهن پر انهن مان پروفيسر محمد علي مانجهي جو ’صوفي شاھ عنايت ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘، صوفي حضور بخش جو ڪتاب ’شاھ عنايت‘، دانش نواز گهانگهرو جو ’شهيد صوفي شاھ عنايت’اهميت جوڳا آهن، جن ڪتابن جي مطالعي مان اسان کي صوفي شاھ عنايت جي فڪر، فلسفي ۽ سندس جدوجهد بابت تفصيل ملن ٿا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۵ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


 

شاھ عنايت شھيد

سنڌ جو پهريون ۽ آخري سوشلسٽ صوفي!!

اعجاز انڙ

سنڌ جي قديم سياسي نظرين موجب زمين آبادگارن جي گڏيل ملڪيت يا ذاتي ملڪيت تصور ڪئي ويندي هئي اها رياست جي ملڪيت نھ هئي، صرف اهو هو تھ آبادگار پيداوار جو هڪ مخصوص حصو رياست کي ڏيندا هئا، ڳوٺ وارا گڏجي ٻني ٻارو ڪندا ھئا هڪٻئي جي مدد ڪندا هئا ۽ ڏيتي ليتي جي ذميواري ڳوٺ جي چڱي تي مڙس هئي. مسلمانن جي زماني ۾ ۱۸۴۳-۷۱۲ع تائين سنڌ ۾ هڪٻئي پٺيان يارنهن مختلف خاندانن حڪومت ڪئي ان ۾ سومرا، سما، ڪلهوڙا ۽ ٽالپر هتان جا ماڻهو هئا پر پنهنجو نسلي رشتو عرب، عراق، ايران ۽ ترڪستان سان جوڙيندا هئا سنڌ جي مقامي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ساڳي هئي جيڪا ڌارين ترڪن، ايرانين ۽ عربن کان مختلف هئي، عربن جي دور کان وٺي انگريزن جي دور تائين سنڌ جي ٻهراڙين ۾ گوتم ٻڌ جي زماني وارا هارپي جا اوزار هلندا پئي آيا هزار سالن ۾ ان ۾ ڪابھ نواڻ نھ آئي هئي نھ ئي سماجي بيهڪ بدلي هئي جيتوڻيڪ سنڌ ۾ سنڌي حڪمران رهيا پر انهن جي درٻار ۾بھ سنڌي بدران فارسي هلندي هئي سرڪاري دفتر ۾ فارسي، ڪتاب فارسي شعر و ادب ۾ فارسي ۽ جيڪي خاندان ايران، عراق، ترڪستان ۽ افغانستان مان ڀڄي سنڌ ۾ ايندا هئا تن کي نوڪريون ۽ زمينون سولائي سان ملي وينديون هيون سنڌ ۾ سيدن ۽ پيرن جي گهڻائي تنهن وقت ۾ گهڻي وڌي.

اسلامي نقطه نظر موجب زمين جو مالڪ الله آهي پر جيڪو ان کي کيڙي ٿو زمين جو حقدار اهو آهي اسلام ۾ زمين تي قبضو ڪري هارين کان آباد ڪرائڻ جي سخت منع آهي ان تي محقق ڊاڪٽر ضياءُ الحق جو ڪتاب The land lords and peasants in early Islam ۾ تفصيلي بحث ڪندي ڊاڪٽر صاحب ثابت ڪيو آهي تھ حضرت محمد صلعم زمين کي بٽئي تي ڏيڻ ۽ هارپي جي سخت منع ڪئي آهي امام ابو يوسف بھ پنهنجي ڪتاب الخرج ۾ آبادگارن جي زمين تي حق ملڪيت کي تسليم ڪيو آهي. اسلامي ملڪن ۾ جاگيرداري جو نظام سڀ کان پهرين بنو اميه جي خليفن شروع ڪيو جن ساسانين ۽ بازنطيني شهنشاهن وانگر پنهنجن مٽن مائٽن ۽ سنگت کي جاگيرون ڏنيون ۽ ڪن کي انعام ۽ خيرات طور زمين ڏني خليفي الموڪل جي دور ۾(۸۶۱ -۸۴۷ع) جڏهن هو فوج کي نئين سر منظم پيو ڪري تھ هن فوجين کي زمينون ڏنيون جيڪي فوجي ۽ انتظامي خرچن لاءِ ھيون. ۱۲۳۶- ۱۲۱۰ع ۾ دھلي جي سلطان التمش جاگير ڏيڻ جي شروعات ڪئي ان جي جانشين بلبلن دھلي کي ميواتين جي حملي کان بچائڻ لاءِ ٻن هزار پٺاڻن جي لشڪر کي دھلي جي آس پاس زمينون ڏيئي آباد ڪيو.

سنڌ ۽ هند تي جيڪي بھ ڌارين جون ڪاهون ٿيون انهن سنڌ ۽ هند جي ڌرتي کي سالگرهه جو ڪيڪ سمجهي ٽڪرن ۾ ورهايو، هڪڙا فوجن کي ٻيا سياسي ڀوتارن کي، مٽن مائٽن اميرن ۽ وفادارن کي ٽيان پيرن ۽ مخدومن کي خيرات طور ڏنا ويا تھ جيئن صوفي، عالم، مشائخ ۽ استاد حاڪم وقت جي ثنا خواني ڪن، امر بالمعروف جي اطاعت جو خلق کي درس ڏين تھ جيئن ماڻهو هرمصيبت کي تقدير جو لکيو سمجهي رب کان دعائون گهرن، عبادتون ڪن، چلا ڪاٽي پاڻ کي بکيو رکن پاڻ کي گناهگار سمجهن ۽ حڪمرانن جي پاليسين جي ڪري پيدا ٿيندڙ بک جا هيراڪ ٿين ۽ پوءِ حاڪم وقت جي حڪم ۽ نذراني مان سالئون سال عرس ڪري ديڳيون چاڙهي خلق کي کارائي بادشاھھ سلامت جو شڪر گذار ٿين ۽ بادشاھ کان پنهنجي وفاداري عيوض مراعتون حاصل ڪن اهو سسٽم پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ٿورر گهڻي فرق سان جيئن جو تيئن جاري آهي.

ان وقت جيئن تھ سماج زرعي هو تنهنڪري زمين ۽ پالتو جانور سڀ کان وڏي ملڪيت هئا ۽ ان ملڪيت کي جڏهن جاگيرن جي صورت ۾ پنهنجي اقتدار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو تھ هڪ خوفناڪ جاگيرداري سسٽم طاقتور ٿيو پوءِ انهن جاگيردارن هارين، مزدورن ۽ پورهيتن مٿان جيڪي ظلم ڪيا سڄي تاريخ انهن جي شاهد آهي صوفي شاهه عنايت ان جبر واري دور ۾ پيدا ٿيو ۽ ان جاگيرداري نظام جا هارين ۽ پورهيتن مٿان ٿيندڙ ظلم ماڻهن جي واتان ٻڌا ۽ اکين سان ڏٺا.

صوفي شاهه عنايت جي پيدائش ۽ جواني جو دور. .

صوفي شاهه عنايت شهيد جي پيدائش جي صحيح تاريخ نٿي ملي پر محققن موجب زمانو سترنهن صدي جو آهي ۽ مغل بادشاھ اورنگزيب(-۱۶۵۸ -۱۷۰۷ع) جو دور آهي. .

نالو؛ عنايت الله

پيءَ جو نالو؛ مخدوم فضل الله

ذات؛ لانگاهھ

ڳوٺ؛ جهوڪ ضلعو ٺٽو

خاندان جو وڏو؛ صدو لانگاهھ اصل نصرپور ضلعو ٺٽو

مخدومن جي خاندان ۾ جنم وٺندڙ شاهه عنايت جڏهن هوش سنڀاليو تھ مغلن جي شهنشاهيت زوال جو شڪار هئي چئوطرف مرهٽن، راجپوتن ۽ سکن جون بغاوتون پئي هليون دھلي جي مرڪزي حڪومت ڏچي ۾ هئي جاگيرداري نظام سڄي سماج کي پيڙهي تباهھ ڪري ڇڏيو هو خلق خدا عذابن ۾ هئي شاهھ عنايت“پاڻ سڃاڻڻ يار سڃاڻڻ” واري حق جي ڳولا ۾ سير سفر ۾ نڪري پيو دوران سفر دکن ويو جتي هن جي شاهھ عبدالمالڪ سان ملاقات ٿي ڪچهريون ٿيون ان کانپوءِ دهلي پهتو دھلي ۾ سندس ملاقات شاهه غلام محمد سان ٿي جنهن جي شاگردي اختيار ڪيائين استاد پنهنجي شاگرد جي حسن سلوڪ ۽ ڏاهپ تي موهجي پيو ۽ دهلي ڇڏي شاگرد سان گڏجي ٺٽي اچي جهوڪ ۾ رهيو. شاهه غلام محمد کي شريعت کان وڌيڪ طريقت جي راهھ سان عشق هو اها ڳالھھ ٺٽي جي شرعي عالمن کي پسند ڪونھ هئي مٿس تعذير جاري ٿي شاگرد استاد کي عرض ڪيو؛ سائين هتان جا شرعي عالم اوهان کي جيئڻ ڪونھ ڏيندا بهتر آهي توهان دھلي موٽي وڃو شاهه غلام محمد دهلي موٽي ويو ۽ شاهه عنايت جهوڪ ۾ رهي پيو. ان وقت سنڌ ٻن حصن ۾ ورهايل هئي اپر سنڌ جو صدر مقام بکر(سکر) هو ۽ لوور سنڌ جو صدر مقام ٺٽو هو بکر جي واڳ ملتان جي حاڪم جي حوالي هئي ملتان جي حڪمراني جو اهو حال هو ۱۵۷۴ع کان ۱۶۷۹ع جي ۱۰۵ سالن جي عرصي ۾ ۵۰ حاڪم آيا يعني حاڪم جي حڪمراني جو عرصو رڳو ۲ سال هو. مغل سلطنت جي غيريقيني جو اهو عالم هو جو بغاوتن کي منهن ڏيندي ڏيندي فوج ساڻي ٿي پئي ھئي هنن جو فوجي مهمون ناڪام ٿينديون پئي ويون نيٺ مغلن اپر سنڌ جو سڄو علائقو ڪلهوڙي سردار ميان يار محمد حوالي ڪيو، لوور سنڌ ۾ مرزا جاني بيگ جي خودمختيار حڪومت هئي مرزا جاني بيگ جي مرڻ کانپوءِ سندس پٽ مرزا عيسيٰ خان ترخان کي مغلن سنڌ رياست جو باجگذار حاڪم تسليم ڪيو عيسيٰ خان جي مرڻ کانپوءِ جهانگير ۱۶۱۴ع ۾ سنڌ کي الڳ صوبو بڻايو.

ٺٽي ۾ ۱۶۱۴ع کان ۱۷۳۲ع تائين ۱۱۸ سالن جي عرصي ۾ ۶۷ صوبيدار آيا ۽ ويا جن جي ملازمت جو عرصو ڏيڍ سال هو انهن مان ڪيترا تھ اهڙا هئا جن ٺٽي اچڻ جي بھ تڪليف گوارا نھ ڪئي اتان ويٺي ويٺي حڪم پئي جاري ڪيائون. ان وقت لاهري بندر سنڌ جو واحد بندرگاهه هو جنهن کي بھ مرڪزي ملڪيت قرار ڏنو ويو ان سان سنڌ جي آمدني گهٽجي وئي سندس سياسي اهميت بھ اوتري نھ رهي تنهنڪري گهٽ گريڊ وارا ٺٽي جا منصب دار مقرر ڪندا هئا ڪڏھن ڪڏھن تھ بکر ۽ سيوهڻ جي فوجدارن کي ٺٽي جو صوبيدار ڪري موڪليندا هئا.

صوفي شاهه عنايت جي تحريڪ جو آغاز. .

صوفي شاهه عنايت جهوڪ ۾ رهندي ان وقت جي مرڪزي حڪومت ۽ صوبائي عملدارن ۽ جاگيردارن جا هارين سان ٿيندڙ ظلم بيواجبيون، ڳرا ٽيڪس ۽ بيگر جي ڪري اتنهائي غربت ۽ لاچاري ۾ رهندڙ هارين کي ويجهڙائي کان ڏٺو هو ان وقت جي عالمن، مشائخن، صوفين ۽ مفتين جي حال کان بھ واقف ٿيو جيڪي دنياداري ۾ مصروف ٿي ويا هئا هنن کي خلق جي اهنجن ۽ تڪليفن جي ڪا پرواهه نھ هئي انهن جو ڪردار ڪنهن بھ طرح جاگيردارن کان گهٽ ڪونھ هو صوفي شاهه عنايت انهن صوفين منجهان نھ هو جيڪي منهن مونن ۾ وجهي اڻ ڏٺي پرين جا عاشق سڏائين. صوفي شاهه عنايت ان ڳالھھ کي سمجهي ورتو هو تھ انسان جي اصل هيڪڙائي تڏهن ممڪن ٿي سگهندي جڏهن سڀ انسان پيداواري عمل ۾ گڏجي شرڪت ڪندا ۽ پيداوار کي پاڻ ۾ ورهائي کڻندا اهو سوچي ۽ هارين سان ٿيندڙ ظلمن کي ڏسي صوفي شاهه عنايت جي وڏي کي خيرات ۾ مليل جيڪا زمين هئي جنهن تان شهنشاهي ٽيڪس معاف ٿيل ھو اتي هن هارين جي اجتماعي زراعت ۽ برابر ورهاست وارو سوشلسٽ نظام قائم ڪيو. اهو نظام صوفي جي پنهنجو تخليق ڪيل ڪونھ هو پر اها ڪوشش سنڌ جي سماج ۾ ٿيندي رهي هئي. ٿي سگهي ٿو تھ صوفي شاهه عنايت سيد محمد جونپوري جي مهدوي تحريڪ جي اصولن مان بھ متاثر ٿيو هجي جيڪو ڄام نندي جي دور ۾ ۱۵۰۵- ۱۴۴۳ع ٺٽي ۾ اچي ٻھ سال رهيو هو ۽ پنهنجا ڪيترائي مريد پيدا ڪيا هئائين، جنهن ۾ آدم شاهه ڪلهوڙو بھ ان جو مريد ٿيو هو. صوفي کي ورثي ۾ مليل ان زمين تان سرڪاري ٽيڪس معاف ٿيل هو هاري کي نھ ٽيڪس ڀرڻو هو نھ ئي جاگيردار جي بٽئي ۽ بيگر جو ڪو عذاب هو سڀ کان وڏي ڳالهه تھ هيڪڙائي وارو محبت، رياضت ۽ محنت وارو جهان هو جنهن ۾ پيڙهيل هاري کي آزادي سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ هنن دل سان محنت ڪري جهوڪ کي گل و گلزار بڻائي ڇڏيو صوفي شاهه عنايت ان نظام کي “جو کيڙي سو کائي” جو نالو ڏنو. صوفي جي اعليٰ ڪردار، ايثار ۽ گڏيل زراعت ۽ ورهاست واري طريقي ايتري تھ مشهوري ماڻي جو آس پاس جي زميندارن جا هاري گهڻو متاثر ٿيا انهن پنهنجن زميندارن سان سوال جواب ڪيا ۽ ڪيترائي هاري راتو واهھ پنهنجن زميندارن کي ڇڏي اچي صوفي شاهه عنايت جي سٿ ۾ شامل ٿيا. صوفي سندن آدرڀاءُ ڪندي گڏيل زراعتي نظام جو حصو بڻائيندو رهيو انهن جي تعليم تربيت ڪندو رهيو. صوفي جي “جو کيڙي سو کائي” واري نعري تر جي زميندارن جون ننڊيون ڦٽائي ڇڏيون، انهن جي هارين جي ڇڏڻ سان کين زمينداري ۾ نقصان پئي ٿيو. بلڙي شاهه ڪريم ۽ ٻين جا ڪيترائي هاري ۽ مريد اچي صوفي شاهه عنايت جا طالب ٿيا، جهوڪ هم اوست جي روحاني مستي ۽ محبت سان جهرڪڻ لڳو سندس تحريڪ سڄي لوور سنڌ جي ضلعن ۾ پکڙجي وئي جيئن امن، سک ۽ عشق جو پيغام در در چهچڻ لڳو تيئن فقيرن جي وڌڻ سان انهن جي دشمنن ۾ به واڌارو ٿيندو ويو.

صوفي جي سوشلسٽ سرشتي خلاف سازشن جي شروعات

۱۷۰۷ع ۾ اورنگزيب مايوسي جي عالم ۾ اورنگ آباد دکن ۾ گذاري ويو. هن جي مرڻ کانپوءِ دھلي جي مرڪزي حڪومت ۾ تخت حاصل ڪرڻ لاءِ سازشون ٿيون خانه جنگي ٿي اورنگزيب جي اولاد هڪٻئي جا سر قلم ڪيا ڇهن سالن ۾ ۶ بادشاھھ قتل ٿيا نيٺ مغل بادشاھھ فرخ سير(۱۷۱۳- ۱۷۱۹ع) دھلي ۾ تخت نشين ٿيو جيڪو نهايت سفاڪ ظالم ۽ عيش پرست حڪمران هو. هن نواب عطر خان کي ٺٽي جو صوبيدار ڪري موڪليو عطر خان کي ٺٽي جي صوبيداري حاصل ڪرڻ لاءِ لطف علي خان سان مقابلو ڪرڻو پيو عطر خان قتل ٿيو لطف علي خان صوبيداري تي قبضو ڪيو تھ تر جي سمورن پيرن ميرن ۽ جاگيردارن لطف علي خان کي صوفي شاهه عنايت جي دانهن ڏيندي ڪن ڀريا تھ صوفي باغي آهي هن خليفي وقت جي حڪمن جي انحرافي ڪندي پنهنجو رياستي سرشتو جوڙيو آهي جيڪا سراسر حڪم عدولي آهي جنهن سان اسان جي زمينداري کي نقصان ٿي رهيو آهي تمام گهڻي سختي ڪرڻ جي باوجود اسان جا هاري صوفي جي سٿ ۾ شامل ٿي رهيا آهن جيڪڏھن اهو سلسلو ايئن هليو تھ اسان ڪنگال ٿي وينداسين نھ صوبائي سرڪار کي ٽئڪس ڏيئي سگهندا سين نھ ئي مرڪزي حڪومت جي فوجي مدد ڪري سگهنداسين. دانهيندڙن ۾ پيش پيش بلڙي شاهه ڪريم جو گادي نشين سيد عبدالواسع، شيخ بهاءُالدين ذڪريا ملتاني جو گادي نشين شيخ سراج الدين، پليجاڻي جو زميندار نور محمد بن منبه پليجو ۽ حمل بن لاکو هئا. لطف علي خان کين معاملو حل ڪرڻ جي دلجاءِ ڏني پر شاهھ عنايت جي مقبوليت ۽ فقيرن جي طاقت کي ڏسندي خاموش رهيو. کيس خبر هئي تھ اها زمين شاهھ عنايت کي مرڪز طرفان مدد معاش لاءِ مليل هئي تنهن ڪري صوبيدار هن کي ڪجھھ نٿي ڪري سگهيو. زميندارن مرڪزي حڪومت کي دانهون ڏنيون بادشاھھ فرخ سير کي فقيرن جي طاقت جو اندازو ٿي ويو هو. هن کي لڳو ته مير لطف علي خان فقيرن سان نرمي سان پيش اچي رهيو آهي تنهن ڪري هن مير لطف علي خان کي هٽائي ان جي جاءِ تي ۱۷۱۶ع ۾ نواب اعظم خان کي ٺٽي جو صوبيدار مقرر ڪيو. نواب اعظم خان جي اچڻ سان آس پاس جي زميندارن ۾ اميد جاڳي تھ هاڻي هن تحريڪ جو خاتمو ممڪن آهي. هنن نواب اعظم خان جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا. چون ٿا تھ نواب اعظم خان کي صوفي سان ذاتي رنجش هئي جو هڪ ڀيري هو صوفي سان ملڻ ويو تھ فقيرن هن کي دروازي تي اهو چئي روڪيو تھ سائين عبادت ۾ مصروف آهي اوهان انتظار ڪريو. نواب اعظم خان کي اها ڳالھھ نھ وڻي جڏهن صوفي سان ملاقات ٿيس تھ اعظم خان چيو؛ درويش جي در تي دربان سٺا نٿا لڳن تنهن تي صوفي صاحب فرمايو؛ دربان ان ڪري آهن جيئن دنيا جا طالب ڪتا اندر نھ اچي سگهن نواب اعظم صوفي صاحب جو جواب ٻڌي اندر اندر ڪڙهندو رهيو.

نواب اعظم خان پنهنجي ڪابينا سان صلاح مصلحت ڪئي ۽ مرڪزي سرڪار کي شڪايت ڪئي تھ صوفي شاهه عنايت بغاوت تي لهي آيو آهي هن جا فقير آس پاس جي هارين کي ورغلائي پنهنجي تحريڪ ۾ شامل ڪري رهيا آهن، زميندارن وٽان هاري ڀڄي وڃي هن وٽ پناهھ وٺن ٿا، ان سان زميندارن جو وڏو مالي نقصان ٿئي ٿو، صوفي انهن کي بغاوت لاءِ اڀاري رهيو آهي جيڪا ڳالھھ صوبي جي نظم ۽ نسق لاءِ نقصان ڪار آهي هو خليفي جي حڪمن جا انڪاري آهن، پنهنجي سلطنت جي دعويداري ڪن ٿا، تنهن ڪري انهن خلاف ڪارروائي جي اجازت ڏني وڃي. فرخ سير ڪنهن تحقيق ڪرڻ کانسواءِ حڪم صادر ڪيو تھ باغين خلاف جنگي ڪارروائي ڪري اطاعت تي مجبور ڪيو وڃي. مرڪزي حڪومت جي اجازت ملڻ سان نواب اعظم خان جهوڪ تي حملي جي تيارين ۾ مصروف ٿي ويو.

جهوڪ تي حملي جي تياري.

نواب اعظم خان سڄي سنڌ جي پيرن، اميرن ۽ زميندارن کي پروانا جاري ڪيا تھ پنهنجي سپاهھ سميت جهوڪ مدد لاءِ پهچن ميان يار محمد ڪلهوڙي کي مرڪزي حڪومت طرفان آيل حڪم تحت چيو ويو تھ توهان سپاهھ سميت تر جي سمورن زميندارن کي پنهنجي اڳواڻي ۾ جهوڪ وٺي اچو. ميان يار محمد ڪلهوڙي سبي ۽ ڊاڊر کان بھ ماڻهو گهرايا. هڪ لشڪر جرار صوفي صاحب تي ڪاهڻ لاءِ جهوڪ طرف روانو ٿيو سبي، ڊاڊر، بکر، سيوهڻ ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان فوج جهوڪ جهڙي ننڍڙي ڳوٺ تي ڪاهھ ڪرڻ نڪتي. ٺٽي جي سامونڊي پٽي وارا سڀ زميندار پيش پيش هئا صوفي شاهه عنايت امن پسند انسان هو جڏهن هن کي خبر پئي تھ سڄي سنڌ جي فوج مٿس ڪاهھ ڪرڻ لاءِ اچي پئي تھ هن چيو“مان عشق جي بازار ۾ هي وکر ان لاءِ تھ نھ آندو هو تھ شور شرابو ٿئي ۽ ڳالھھ جنگ جدل تائين پهچي”. صوفي صاحب کي فقيرن تجويز ڏني تھ ڇونه شاهي لشڪر کي رستي ۾ روڪجي تھ جيئن هو افراتفري جو شڪار ٿين ۽ جهوڪ محاصري کان بچي وڃي مگر صوفي صاحب فقيرن کي اڳرائي کان روڪي ڇڏيو. جهوڪ پرامن ڳوٺ هو ڪا فوجي ڇانوڻي نھ هئي نھ ئي فقيرن وٽ ڪي جنگي هٿيار هئا. هنن وٽ ڪاٺيءَ جون تلوارون ۽ ڏڦا هئا جڏهن تھ دشمن جنگي هٿيارن سان ليس هو، وٽس هاٿي کي مارڻ واريون لوهي توپون هيون. فقيرن جهوڪ کي حملي کان بچائڻ خاطر چوڌاري خندق کوٽي ان ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري ڇڏيو. جهوڪ پري کان جزيري جو ڏيک ڏيئي رهيو صوفي شاهه عنايت فقيرن سان شاهي لشڪر سان مقابلي بابت صلاح مشورو ڪيو. هم اوست ۽ انسان جي آجپي جي عاشقن سندرا ٻڌا ۽ ناحق مٿان ٿاڦيل شاهي لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ سر تري تي رکيا.

جهوڪ جو محاصرو.

ميان يار محمد ڪلهوڙي پنهنجي پٽ نور محمد ڪلهوڙي کي جيڪو فارسي ۾ خط لکيو آهي تنهن مان پتو پوي ٿو تھ جهوڪ جو محاصرو تاريخ ۱۲ آڪٽوبر ۱۷۱۷ع ۾ ڪيو ويو. فوج جهوڪ کان هڪ ميل پري پڙاءُ ڪيو ميران سنگهھ کتري ملتاني جي خط مان خبر پوي ٿي نواب اعظم خان جي فوج تمام ٿوري هئي جڏهن ته اصل مقابلو ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ فقيرن وچ ۾ ٿيو. جهوڪ جي هڪ پاسي کان ميان يار محمد ڪلهوڙي گهيراءَ ڪيو ۽ ٻئي پاسي نواب اعظم خان جو لشڪر هو.

فقيرن جا شاهي لشڪر مٿان شب خون حملا.

يار محمد ڪلهوڙو پنهنجي خط ۾ ذڪر ڪري ٿو تھ ۱۲آڪٽوبر ۱۷۱۷ع تي رات جي اونداهي ۾ فقيرن فوجي ڪئمپ مٿان حملو ڪيو اهي تعداد ۾ ۱۷۰۰سئو هئا جيڪي ڪنهن نھ ڪنهن طريقي سان لشڪر تائين پهچي ويا هئا. هنن ڌار ڌار ٽولين ۾ اوچتو حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ ٺٽي جو سيد بولو شاهه، احمد بوبڪاڻي، اوڍيجا قوم جا زميندار ۽ ٻيا زميندار مارجي ويا پر اسان جي دليرن بھ زبردست مقابلو ڪيو ۽ ڪي ٿورا فقير جان بچائي نڪري ويا. ميان يار محمد لکي ٿو تھ جڏهن حملو ٿيو مان پنهنجي خيمي ۾ موجود هوس جيڪي پهريدار هئا سي هيڏي هوڏي ٿي ويا هئا، اهو تھ شڪر ٿيو جو ٻھ پٽ ميان دائود، ميان غلام حسين ۽ ڀاءَ ميان مير محمد ۽ ميان نصير واردات مهل موقعي تي موجود هئا انهن دليري سان مقابلو ڪيو ۽ فقيرن کي تھ تيخ ڪيو پر ان ۾ ميان غلام حسين زخمي ٿي پيو. يار محمد ڪلهوڙي جي خط مان اها بھ خبر پئي ٿي تھ فقيرن جو تعداد ٻن کان اڍائي هزار جي وچ ۾ هو. فقيرن طرفان لشڪر مٿان ٿيندڙ شب خون حملن فوج کي منجهائي وڌو هو ڪيترائي فقير لشڪر اندر موجود هئا جيڪي شاهي لشڪر جي سپاهين سان گڏجي ويا هئا ۽ انهن کي جنگ نھ ڪرڻ لاءِ تيار ڪري رهيا هئا. سپاهي جيئن تھ مختلف علائقن مان ڪانڍيل هئا انهن جي فقيرن سان ڪا ذاتي دشمني نھ هئي تنهن ڪري انهن جي فقيرن سان همدردي وڌڻ لڳي. جهوڪ جي محاصري کي ٻھ مهينا ٿي ويا هئا پر هٿيارن سان ليس شاهي لشڪر جهوڪ تي قبضو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو هو لشڪر ۾ بيچيني وڌندي پئي ويئي. صوفي صاحب پنهنجن فقيرن کي چيو هو شب خون هڻڻ مهل خاموشي اختيار ڪرڻي آهي پر هڪ رات هڪ فقير جذباتي ٿيندي نعرو هنيو الله جيڪو فقيرن جو اسم اعظم هو. نعري لڳڻ سان شاهي لشڪر هوشيار ٿي ويو ۽ ڪيترائي فقير شهيد ٿي ويا فقيرن جي شب خون حملن شاهي لشڪر کي ڏڪائي ڇڏيو هو ڇو تھ هو کين سڃاڻي نھ پئي سگهيا تھ هي پنهنجي لشڪر جا آهن يا صوفي جا ساٿي آهن. شب خون ڪارروائين جي ڪري شاهي لشڪر ۾ ڦڙ ڦوٽ هئي جهوڪ جي فتح ۾ دير ٿي رهي هئي نيٺ نواب اعظم خان ۽ يار محمد ڪلهوڙي صوفي شاهه عنايت کي صلحنامو ڪرڻ جي پيشڪش ڪئي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



شاه عنايت شھيد

سنڌ جو پهريون سوشلسٽ صوفي

طفيل مگسي

صوفي شاه عنايت شھيد جو گڏيل پوکي راهي وارو تجربو وڏو ڪامياب ثابت ٿيو. ۽ تر جا هاري ناري به سندس تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ شروع ٿيا. بس اهائي تحريڪ جي مقبوليت هئي جنهن زميندارن جا ترا ڪڍي ڇڏيا ۽ ھنن صوفي صاحب جي باري ۾ ٺٽي جي صوبيدار کي شڪايت ڪئي. پر ڇاڪاڻ ته صوفي صاحب جي زمين گذرسفر جي زمين هئي. ۽ صوييدار جو ان تي ڪو اختيار نه هو. ان ڪري صوبيدار ته ان سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪري سگهيو پر هن زميندارن کي هن ڳالهه جي اجازت ڏني ته اهي پاڻ جهڙي ريت چاهين صوفي صاحب کي روڪين. زميندارن وجهه وٺي جهوڪ جي وسندي تي حملو ڪري ڏنو پر انهن کي شڪست نصيب ٿي.

صوفي صاحب جي فقيرن وڏي بهادري سان زميندارن جو مقابلو ڪيو. اهو اهڙو وقت هو جڏھن فرخ سير دهلي جي لال قلعي ۾ ترسيل هو. ان کي جڏھن سنڌ ۾ جاري ان ڇڪتاڻ جي پروڙ پئي ته ان ٺٽي جي صوبيدار مير لطف علي خان کي تبديل ڪري نواب اعظم خان کي مقرر ڪيو. اها ۱۷۴۶ع جي ڳالهه آھي. نيئن صوبيدار جي آمد مقامي زميندارن جي لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هئي. جيتوڻيڪ هنن اعظم خان کي پنهنجو ڪري ورتو. نواب اعظم خان جي طرف کان صوفي صاحب کي تنگ ڪرڻ جي شروعات ڪئي. ان کان ڍل جي نالي تي زبردستي رقم گهري وئي ۽ صوفي صاحب جي انڪار تي ان بادشاه کي صوفي صاحب جي شڪايت لکي ۽ فرخ سير صوفي صاحب جي خلاف آرڊر حاصل ڪري ورتو. اعظم خان مقامي زميندارن کان مدد گهري ۽ جهوڪ تي حملو ڪري ڏنائين.

جهوڪ جا فقير پرامن انسان هئا. هنن گڏيل زراعت جو تجربو ضرور ڪيو هو مگر انهن جي وسندي ڪنهن فوجي ڇانوڻي جي حيثيت نه رکندي هئي. صوفي صاحب جي فقيرن وسندي جو وڏي بهادري سان دفاع ڪيو ۽ جڏھن اعظم خان ڏٺو ته هينئر ان جي فقيرن کي شڪست ڏيڻ ممڪن ناهي ته هن ان وسندي جو گهيرو ڪيو. چئن مهينن جي گهيراءُ کانپوءِ صوفي صاحب کي ٺاھ جو پيغام موڪليو ويو. صوفي صاحب ان پيغام کي قبول ڪيو. پر جڏھن هو ٺاهه تي صحيون ڪرڻ جي لاءِ نواب اعظم خان جي خيمي ۾ پهتو ته هن کي گرفتار ڪيو ويو. جهوڪ جي فقيرن تي ڀرپور حملو ڪيو ويو. انهن جو قتل عام ٿيو. انهن جا گهر ساڙيا ويا. جهوڪ جي تباهي کانپوء اعظم خان صوفي شاه عنايت کي درٻار ۾ گهرايو جتي نواب اعظم خان ۽ صوفي صاحب ۾ اهو بحث ٿيوجيڪو تاريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آھي. ۽ جنهن کان صوفي صاحب جي باغي ۽ مزاحمتي مزاج کي سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي. صوفي صاحب اعظم خان جي هر سوال جو جواب ڏنو ۽ اعظم خان کي لاجواب ڪري ڇڏيائين. جنهن جو انجام اهوئي ٿيو جيڪو ٿيڻو هو. اهو هي ته صوفي شاه عنايت کي ۷جنوري ۱۷۱۸ع ۾ شھيد ڪيو ويو.

صوفي شاه عنايت جي تحريڪ ارڙھين صدي جي ٻيئي ڏھاڪي ۾ سامهون آئي. اها ڳالهه ذڪر جي قابل آھي ته جهو ڪ جو قضيو آڪٽومبر ۱۷۱۷ع ۾. يعني آڪٽومبر ۱۹۱۷ع جي روسي انقلاب کان پوڻا ٻه سو سال اڳ جو آھي. اڄ جڏھن ته روسي انقلاب جي نتيجي ۾ اچڻ واري رياست يعني سوويت يونين کي به وکرندي ويه ٻاويه سال ٿي چڪا آھن. ڪن عالمي ڌرين ۾ اهو تجربو بحث جي هيٺ آھي ته شايد سوويت يونين جو انقلاب به وقت کان اڳ جو هو. اسان هن وقت سوويت انقلاب جي وقت تي اچڻ يا نه اچڻ تي ته ڳالهه ناهيون ڪري رهيا پر سوچي سگهجي ٿو ته جيڪڏھن ۱۷۱۷ع ۾ برصغير جي هڪ ننڍڙي علائقي ٺٽي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جهوڪ ۾ ڪيل وقتي تجربو ڪيئن وقت کان اڳ جو نٿو ٿي سگهي.

صوفي شاه عنايت جون لازوال ۽ بي مثال خدمتون تاريخ جو حصو بڻجي چڪيون آھن. ان کان ڪافي سبق به حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ پاڻ تصوف جي باب ۾ ڳالهه ٻولھه ڪرڻ وقت صوفين جي ڪمن ۽ صوفي صاحب جي حوالي سان خاص روشني وجهي سگهجي ٿي ته تصوف صرف توڪل جو نالو ئي ناهي بلڪ اهو انصاف جي حاصلات ۽ گڏيل جدوجهد جي مقصدن سان به جڙي سگهي ٿو. اهو سوچڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ اڄ اسان ماضي جي ڪنهن سماجي يا فڪري نظام کي جيئن جو تيئن اڄ جي دنيا ۾ واپس ته نٿا آڻي سگهون. مگر اسان ماضي جي انهن نظامن کان سبق حاصل ضرور ڪري سگهون ٿا ۽ انهن منجهان اهڙي روشني وٺي سگهون ٿا ته جيڪا اسان کي اڄ جي هن ڇڪتاڻ. بربريت ۽ وحشيت ڀري زندگي ۾ حق ۽ سچ جو رستو ڏيکاري سگهي ٿي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۶ سيپٽمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا