; سنڌي شخصيتون: شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو

27 June, 2017

شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو

ڊاڪٽر علامه عمر بن دائودپوٽو



ڊاڪٽر علامه محمد عمر بن دائودپوٽو سنڌ جو هڪ وڏو عالم، اديب ۽ ڄاڻو رهي چڪو آهي، جنهن جي ڪوشش سان سنڌ جي علم ۽ ادب نهايت ترقي ڪئي. علامه ڊاڪٽر دائودپوٽو ۲۵ مارچ ۱۸۹۶ع تي ضلعي دادو جي ڳوٺ ٽلٽي ۾ پيدا ٿيو.


سندس پيءُ هاري هيو، هن پنهنجي پرائمري تعليم هڪ مسجد اسڪول ۾ حاصل ڪئي. لاڙڪاڻي ۽ نوشهروفيروز جي مدرسن ۾ پڙهڻ لڳو ۽ ان کانپوءِ ۱۹۱۶ع ۾ سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو. علامه دائودپوٽو هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندو هيو.

اهڙي طرح هن ۱۹۱۷ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پهريون نمبر کڻي پاس ڪيو. ان کانپوءِ ۱۹۲۱ع ۾ هن بي اي بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين ۽ ۱۹۲۳ع ۾ ايم اي عربي ۾ ڪيائين ۽ کيس گولڊ مڊل سان نوازيو ويو ۽ ان کانپوءِ ۱۹۲۴ع ۾ هن کي انڊين اسڪالر شپ تي انگلينڊ ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ موڪليو ويو ۽ اتان ۱۹۲۷ع ۾ هن ”عربي شاعري جا فارسي شاعري تي اثر“ جي عنوان هيٺ مقالو لکي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي، ان کانپوءِ ڊاڪٽر دائودپوٽو ۱۹۲۷ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جو پرنسپال مقرر ٿيو ۽ اتي پڻ هن کي پڙهائي جا پيرڊ به ڏنا ويا ۽ پاڻ پرنسپال جي ذميواري سان شاگردن کي پڙهائيندو رهيو، ان کانپوءِ هي ڪجهه وقت بمبئي گيشوري ڪاليج ۾ عربي جو پروفيسر پڻ رهيو. ان کانپوءِ ۱۹۳۹ع ۾ هي سنڌ صوبي جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر ٿيو. علامه صاحب جي ڊائريڪٽري دوران تعليم کاتي وڏي ترقي ڪئي. نيون پاليسيون ٺهيون، تعليم کاتو سنڌ صوبائي حڪومت جي ماتحت ڪيو ويو، پرائمري تعليم لازمي ڪئي وئي ۽ بالغن جي تعليم لاءِ به ڪوششون ورتيون ويون. ۱۹۴۰ع ۾ حيدرآباد ۾ عربي جو ڪاليج کوليو ويو. اهي خدمتون ڏسندي سرڪار کي علامه صاحب ۱۹۴۱ع ۾ شمس العلما (عالمن جو سج) جو قلب ڏنو ويو. ۱۹۴۷ع ۾ پاڪستان ڌار ٿيڻ کانپوءِ شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيندي پاڻ پنهنجيون توانائيون وقف ڪري تعليم کي عام ڪيو، ان کان بعد ۾ پاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر به پڻ رهيو ۽ انهيءَ کانپوءِ هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو سنڀاليندڙ چانسلر پڻ رهيو. ۱۹۵۳ع ۾ پاڪستاني سرڪار ايران لاءِ ڪلچرل مشن جو ميمبر پڻ ڪيو ويو. ان کان بعد پاڻ اولهه جي ملڪن جهڙوڪ دمشق، بيروت، يروشلم، بغداد وغيره جو دورو پڻ ڪيو. ۱۹۵۵ع ۾ پاڻ اولهه پاڪستان جي پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر چونڊيو ويو. ......... (قاسم سنڌي) علامه صاحب نه صرف هڪ تعليمي ماهر هئو، پر ان سان گڏوگڏ پاڻ هڪ بلند پائي جو عالم ۽ اديب هئو. پاڻ سه-ماهي مهراڻ جو ڪجهه وقت ايڊيٽر به رهيو. سندس ڪتاب جيڪي چاليهارو کن آهن، اهي انگريزي، سنڌي، عربي ۽ فارسي ۾ آهن، انگريزي زبان ۾ پڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين جيڪي ڏاڍا مشهور آهن.

عمر بن محمد دائودپوٽو

شمس العلماءَ ۽ سندس لطيف شناسي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو جو جنم ۲۵ مارچ تي دادوءَ جي ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ ٿيو، بنيادي تعليم ڳوٺ ۾ حاصل ڪرڻ بعد سنڌ مدرسته الاسلام مان مئٽرڪ ڪيائين. ايم اي کانپوءِ ڪئمبرج يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. دائودپوٽو ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. کيس انگريزي، سنڌي، عربي ۽ فارسي ٻولين تي مڪمل دسترس حاصل هئي. سندس تحقيقي مقالي جو موضوع ”عربي شاعريءَ تي فارسي ٻوليءَ جو اثر“ آهي. پاڻ مضمون نويسي ۽ مقاله نگاريءَ ۾ وڏو ڪم ڪيو اٿس ۽ لطيف شناسيءَ ۾ لکيل مقالا اهميت جوڳا آهن، جي گهڻي ڀاڱي ڪتاب ”مضمون ۽ مقالا“ ۾ سهيڙيل آهن. ڊاڪٽر صاحب جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”تاريخ معصومي“ (فارسي)، ”چچ نامو“ (فارسي)، ”شاهه جو رسالو“، ”ڊاڪٽر گربخشاڻي“ سان گڏ، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ جو احوال ”سرها گل“، ”ابياتِ سنڌي“، ”منهاج العاشقين“، ”ڪلام گرهوڙي“، ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“ ۽ ٻيا آهن. پاڻ شاهه جو رسالو الڳ ترتيب ڏنائون. هو هڪ ڪڙميءَ جو ٻار هيو، پر پنهنجي محنت ۽ علمي شوق سان ڊاڪٽر ٿي شمس العلماءَ جي درجي تي پهتو. سنڌ جي تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ڊاڪٽر دائودپوٽو تعليم کاتي ۾ ڊي پي آءِ (ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪٽر) مقرر ٿيو ۽ آخر ۾ سنڌ اولهه پاڪستان ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر پڻ مقرر ٿيو. کيس درسي ڪتابن جي بهتر مواد جو وڏو اونو هوندو هو. سندس مطابق ته سنڌ ۾ بهترين نصاب هئڻ گهرجي. ڊاڪٽر صاحب جا چند اهم مقالا سنڌي ۾ انٽرميڊيٽ ۽ ڊگري ڪلاسن جي سنڌي نصاب ۾ آهن ته ٻيا ڪتاب پڻ هائر ايجوڪيشن لاءِ ڪارائتا آهن. علامه صاحب کي سنڌي ٻولي ۽ ادب سان تمام گهڻي محبت هئي. شاهه ڪريم، خواجه زمان ۽ گرهوڙي تي لکيل سندس مقدما ڏسڻ سان دائودپوٽي جي علميت جو متعرف ٿيڻو پوي ٿو. شاهه ڀٽائيءَ جو عاشق هو ۽ سندس ئي ڀرسان مدفون آهي. هن مقالي ۾ سندس ڪتاب مضمون ۽ مقالا جو جائزو پيش ڪيو اٿم.

”مضمون ۽ مقالا“ علامه عمر بن محمد دائودپوٽو جي مضمونن ۽ مقالن جو مجموعو ۱۹۷۵ع ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز وارن ڇپايو ۽ سندس اشاعتي سلسلي جو هيءَ ايڪيهون نمبر ڪتاب آهي. هن  دائودپوٽي جا چاليهه مقالا ۽ مضمون آهن، جيڪي هن مختلف وقتن ۾ لکيا ۽ ماهنامه ”نئين زندگيءَ“ ۾ ڇپبا رهيا. هنن مضمونن ۽ مقالن ۾ گهڻو حصو شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام، سوانح ۽ فلسفي متعلق آهي. انهيءَ ڪري انهن کي يڪجا ڪري، ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ جو ڪارنامو به ”ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز“، ادا ڪيو. ڪتاب کي ترتيب ڏيندڙ خانم خديجه دائودپوٽو آهي. پاڻ مهاڳ ۾ ڄاڻائي ٿي ته ”هن ڪتاب جا تحقيقي مضمون ۱۳۷۵ع ۾ هڪ درويش جي بيت کان ۱۹۴۲ع ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت تائين جي تاريخي وقت کي بيان ڪن ٿا. انمول ۽ انيڪ ادبي خوبين ۽ خصوصيتن کي ايتري اختصار واري ادب ۾ سمائڻ، سنڀالڻ ۽ پيش ڪرڻ مرحوم ڊاڪٽر دائودپوٽي جي قلمي قوت جي مرهونِ منت آهن.“

مضمون ۽ مقالا هڪ جائزو: ڪل چاليهه ادبي ۽ تحقيقي ليک آهن، جيڪي سنڌي علم ادب جي تاريخ جو احاطو ڪن ٿا، جنهن مان سنڌي نثر ۽ نظم جي ڄاڻ ملي ٿي. هيءَ ڪتاب پنجن حصن ۾ ورهايل آهي. پهريون ڀاڱو سنڌي ادب ۽ شاعري آهي، جنهن ۾ ڪُل يارنهن مضمون آهن، جن ۾ قديم شاعري خاص طور قاضي قاضن، شاهه ڪريم، شيخ عبدالرحيم گرهوڙي ۽ ميون عيسيٰ کانسواءِ بيڪس مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي سوانح سان گڏ سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشن کي ساراهيو ويو آهي. ٻيو ڀاڱو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سوانح ۽ شاعريءَ جي فلسفي جي باري ۾ آهي، جنهن ۾ ڪل سترهن ليک شاهه سائين جي سوانح ۽ ڪلام جي باري ۾ آهن. ارڙهون مضمون تمر فقير جي باري ۾ آهي (تمر شاهه جي ڪلام جو ڪاتب هو ۽ پاڻ مدينه منوره ۾ کجيءَ جي وڻ هيٺ پيدا ٿيو هو. سندس نالو تمر معنيٰ ”کارڪ“ انهيءَ ئي ڪري رکيو ويو. مائٽن هيءُ ٻار روحاني تربيت لاءِ شاهه سائينءَ جي حوالي ڪيو) هن سوانحي مضمون ۾ تمر جي شاعراڻي ڪلام ان انتخاب به ڏنل آهي. ”شاهه جي باري ۾ مضمون اهم موضوعن تي آهن، جيئن ”شاهه جي عظمت“، سندس شاعريءَ ۾ صوفياڻو رنگ، ”وحدت الوجود جو فلسفو“، ”تقدير ۽  تدبير جو مسئلو، ”شاهه جي نظر ۾ انسان جو تصور“، ”گنج جو مطالعو“، ”شاهه جو سر سارنگ“، ”شاهه جي رسالي جا قديم نسخا“، ”قلمي نسخا“، ”رسالي جا گم ٿيل بيت“ وغيره.

شاهه جي عظمت: مضمون ۾ علامه صاحب ڊاڪٽر سورلي جي تحقيق جو مثال ڏنو آهي، جنهن ۾ ڇهن ٻولين جي تيرهن شاعرن جي غنائي شعر جو انتخاب شاهه جي ڪلام سان ڀيٽي کين اُتم ڄاڻايو آهي. انهيءَ کانسواءِ پاڻ شاهه جي ڪلام جي عظمت کي سندس وطن پرستي، تصوف، بزرگي، تمثيلي شاعري ۽ ٻوليءَ جي وسعت کانسواءِ انيڪ خوبين سان بيان ڪيو اٿس.

شاهه ۽ روميءَ جي ڀيٽ: هڪ اهم موضوع آهي. فارسيءَ جي ڄاڻ رکندي. علامه صاحب ۽ روميءَ جي شعر جي ڀيٽ ڪئي آهي ۽ ڪجهه مثال ڏنا اٿم. علامه صاحب جي نظريي مطابق بيشڪ شاهه سائين سُر ڪلياڻ ۾ روميءَ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ پاڻ سان مثنويءَ رومي به لکندو هو پر ته به شاهه جو ڪلام روميءَ جو ترجمو ڪونهي ۽ نه ئي پاڻ سندس پيروي ڪئي اٿس. شاهه سائينءَ جي ڪلام تي کانئن اڳ ۽ همعصر سنڌي صوفي شاعرن، قاضي قاضن، شاهه ڪريم، شاهه لطف الله قادري ۽ شاهه عنايت رضويءَ جو ڪجهه اثر آهي، پر سندس هڪ الڳ حيثِيت آهي کين ٻين ٻولين جي صوفيانه شاعريءَ جي به مڪمل خبر هئي.

تقدير ۽ تدبير جو مسئلو: هن موضوع تي ڪيترن ئي عالمن ۽ محققن لکيو آهي. اياز قادري ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي مقالن ۾ به هيءَ موضوع ڏسڻ ۾ آيو. علامه صاحب جو هيءَ مضمون پڙهي، متعرف ٿيڻو ٿو پوي. پاڻ جبريه ۽ قدريه فرقي جي وضاحت تمام سٺي ڪئي اٿس. علامه صاحب جي چوڻ مطابق شاهه سائين نه ”مطلق جبري“ هو نه ”مطلق قدري“ هڪ سچي مومن وانگر کيس تقدير ۾ يقين هو ته هو تدبير لاءِ به ڪوشان هو.“

جڏهن ڀٽ ڌڻي هيئن چون ٿا:

لکيو جو نراڙ، سو انگ ڪياڙيءَ نه وهي،

پاڙيو ويٺي پاڙ، جيڪي لالن لکيو لوح ۾.

شاهه ۽ وحدت الوجود: ان فلسفي کي ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ ڄاڻائڻ لاءِ علامه صاحب صوفين جي منزلن، خصوصيتن ۽ تصوف جي رنگن کي کولي بيان ڪيو آهي ”وحدت الوجود“ ۽ ”وحدت الشهوءَ“ جا فرق بيان ڪيا اٿس. سندس نظريي مطابق ”شاهه سائين وجودي هو، جنهن ”وحدت الوجود“ واري مسئلي ۾ پنهنجي ڏاڏي شاهه ڪريم جي پيروي ڪئي آهي.“

شاهه جي نظر ۾ انسان جو تصور:

هن اهم ترين موضوع جو حاصل مطلب آهي ته ”انسان جي ڪماليت بشري تقاضن جي فنائيت آهي. اهو ئي شاهه سائينءَ جو فلسفو آهي، جنهن کي دائودپوٽي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته رب جي حضور قرب جي اعليٰ مقام تي پهچڻ ئي انسان زندگيءَ جي معراج آهي.


 

شمس العلماءُ علامه دائودپوٽو

پير علي محمد راشدي

ست ورهيه سنڌ کان ٻاهر رهڻ بعد، ۱۹۶۲ع جي آڪٽوبر مهيني ۾ موٽي اچي ڏٺم ته ان عرصي اندر ڪيترا ئي ساٿي ساٿ سهيڙي وڃي جنت ۾ جائگير ٿيا هئا. سندن ماڳ، سندن سانگ موجود هئا. اهي ٿر، اهي بر، اهي پنڌ، اهي پيچرا، اهي گهٽ، اهي گهيڙ، اهي اڱڻ، اهي آستان- فقط جوءِ اندر جـَـتن جو پنهنجو پـَـرو ڪو نه هو.

لڏي ويا ڇڏي، ڪاهي ڌڻ ڌنار،

نڪا ٻيڪ ٻڪر جي، نڪا تڙ تنوار!

انهن وڇڙي ويل ويڙهيچن جي ياد وسرڻ جي نه آهي. هر هڪ جي صورت هينئر به پئي اکين اڳيان ڦري. ڊاڪٽر دائودپوٽو، عثمان علي انصاري، مولانا محمد صادق راڻيپوري، حڪيم شمس الدين، سيٺ محمد جعفر خواجو، پير عبدالغفار شاهه، مولوي عبدالحي حقاني، نسيم تلوي، علي احمد خان افغان بيچانجي وارو. هر هڪ پنهنجي جاءِ تي جانب، لائڻ ۽ نباهڻ جو لائق، وساريي نه وسري. ڪنهن جو قصو ڪري ڪنهن جو قصو ڪجي، سواءِ هن جي ته:

”اباڻن جي اڪير، راتو ڏينهان روئاري!“

ڊاڪٽر دائود پوٽه عليه الرحمة کي تڏهن کان سڃاڻندو هوس، جڏهن هو صاحب اڃا ڊاڪٽر ڪو نه ٿيو هو. ايم. اي. پاس ڪري ولايت وڃڻ واسطي، اسڪالرشپ وٺڻ لاءِ بمبئي آيل هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ اڃا بمبئي پريزيڊنسيءَ سان پيوست هئي. بمبئي جي ڪمبيڪر اسٽريٽ ۾ آءٌ پنهنجي ڏاڏي مرحوم جي خدمت ۾ هڪ ميمڻ دوست وٽ مهمان هوس. جاءِ جي هيٺان هڪ ريڊنگ روم هوندو هو، جتي اخبارون ۽ رسالا رکيل هوندا هئا. اخبارن سان منهنجو واسطو اڃا ڪو نه ٿيو هو. علم جي شوق وچان فقط اردو رسالن جا پيو ورق ورائيندو هوس. رسالن جو اڃا رواج ڪو نه پيو هو.

هڪ پونياڙيءَ جو مٿان لهي آ اچي ريڊنگ روم ۾ ويٺس. اتي ٻين ماڻهن سان گڏ، هڪ سنڌي نوجوان به ويٺل هو. مٿي تي ڳاڙهي ترڪي ٽوپي، جسم تي ڊگهو ڪارو ڪوٽ، هيٺ تي موڪرو پاجامون، پيرن ۾ سليپر، چهري تي ڏاڙهي، پر قدري ڪتريل. اهو ياد ڪو نه اٿم ته هو پاڻ مون ڏانهن متوجه ٿيو يا مون وڌي وڃي ساڻس ڳالهايو، پر اسان جي ڏي وٺ بروقت ٿي ويئي. پاڻ ٻڌايائين ته: ”منهنجو نالو عمر الدين آهي، آءٌ ٽلٽيءَ ضلعي دادو جو ويٺل آهيان. ايم. اي پاس ڪئي اٿم ۽ يونيورسٽيءَ طرفان سونو ٻلو به مليو اٿم. (ائين چوندي سونو ٻلو کيسي مان ڪڍي ڏيکاريائين). ميان عبدالرحيم شاهه سجاول واري سان گڏجي هت آيل آهيان. انهيءَ ارادي سان ته چئوچوات ڪرائي، بمبئي سرڪار وٽان اسڪالرشپ وٺان ۽ ولايت وڃي ڊاڪٽري پاس ڪري اچان.“

سنڌي دستور موجب، مون کان احوال ورتائين. مون عرض ڪيس؛ ”فارسي پيو پڙهان، مسجد جو ملان درس ڏيندو اٿم، اسڪول ۾ وڃڻ جو ڪو سوال ڪو نه آهي، پير ماڻهو آهيون، زمين به آهي، نوڪري ڪا نه ڪرڻي اٿم جو اسڪولي تعليم وٺان.“

منهنجو اهو قصو ٻڌي، مسٽر عمر الدين مرحوم اچرج ۾ پئجي ويو. چيائين: ”تون هوشيار ڇوڪرو نظر پيو اچين، تو کي باقاعده سنڌي ۽ انگريزي تعليم اسڪول ۾ وٺڻ گهرجي. تنهنجا وڏا تو کي ڇو پيا گهات ڪن؟ وقت اچي رهيو آهي، جڏهن علم کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ ڪم اچڻي ڪا نه آهي.“

مون چيس؛ ”منهنجو ڏاڏو به هت آهي ۽ مٿي رهيل آهي، اوهان موقعي سارو ساڻس ڳالهائي ڏسو.“

رات جو مون پنهنجي ڏاڏي کي ٻڌايو ته؛ هڪ تمام غريب سنڌي نوجوان هن پاڙي ۾ اچي رهيو آهي، کيس اسڪالرشپ کپي ٿي. اوهان ساڻس ملاقات ڪريو ۽ اسڪالرشپ واري ڪم ۾ سندس مدد به ڪريو. سر علي محمد خان دهلوي مرحوم، انهن ڏينهن ۾ بمبئي سرڪار ۾ وزير هو ۽ ڏاڏي مرحوم جي ساڻس پراڻي واقفيت هئي. ٻئي ڏينهن صبح جو مون عمر الدين مرحوم کي وٺي ڏاڏي مرحوم سان ملايو.

پاڻ منهنجي انگريزي تعليم بابت زوردار لفظن ۾ چيائين ۽ ڏاڏي مرحوم کان وعدو ورتائين ته مون کي ڪرنل برائون جي ڪيمبرج اسڪول ۾ انگريزي تعليم وٺڻ لاءِ ضرور موڪليندو.

سنڌ موٽي اچڻ بعد خط پٽ ذريعي به عمر الدين مرحوم منهنجي تعليم واري قصي جي پوئواري ڪندو رهيو. جڏهن آ ديرادون وڃڻ لڳس ته اتان جي پرنسپال ڪرنل برائون جي نالي تعارفي خط به لکي موڪليائين، حالانڪ ڪرنل برائون سان سندس ڪا به ذاتي واقفيت ڪا نه هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ پاڻ عمر الدين (مرحوم) به ولايت اسهي ويو.

ديرادون اسڪول ۾ مون فقط هڪ ڏينهن تعليم ورتي. ٻئي ڏينهن صبح جو ٽپڙ کڻي واپس اچي گهر پهتس. اسڪول سان دل ڪا نه لڳي.

عمر الدين (مرحوم) جي تاڪيد جو اثر منهنجيءَ دل تي پوءِ به قائم رهيو. محض کيس منهن ڏيکارڻ جي قابل ٿيڻ خاطر مون زور سان انگريزي پرائڻ جي ڪوشش ڪئي- خانگي طرح، ڪتابن ۽ اخبارن جي وسيلي.

وقت گذرندو ويو، وچان ورهيه پئجي ويا.

عمر الدين (مرحوم) ولايت مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري موٽي آيو ۽ هت رسڻ بعد سنڌ مدرسة الاسلام جو پرنسپال مقرر ٿيو. آ پاڻ به مٿا مونان هڻي ڪجهه سنڌي، ڪجهه انگريزي سکي پيو هوس. سنڌ زميندار سکر جي ايڊيٽريءَ سان گڏ محترم خانبهادر کهڙي صاحب جي سيڪريٽريءَ طور انگريزيءَ ۾ لکپڙهه ڪندو ٿي رهيس.

ولايت مان موٽڻ بعد عمر الدين مرحوم ڊاڪٽر يو ايم دائودپوٽو سڏجڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ مدرسي جي پرنسپالي به ڪا شيءِ هوندي هئي. هر وات تي ڊاڪٽر صاحب جي وائي هئي. سنڌ جو پهريون مسلمان پي ايڇ ڊي هو.

انهيءَ ئي زماني ۾ محترم خانبهادر کهڙو صاحب، سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪري چڪو هو. اڪيلي سر، پنهنجي ذميداريءَ تي. اڪثر دنيا سندس مخالفت پئي ڪئي. هندن ته بنهه منهن مٿا پئي پٽيا، پر اوائلي ڏينهن ۾ مسلمانن مان به ڪيترن صاحبن بمبئي سرڪار ۽ هندن کي خوش رکڻ خاطر، وڃي واهن جا پاسا ورتا هئا. ان تحريڪ جو مرڪز پهريائين لاڙڪاڻو هو ۽ بعد ۾ ڪراچي. تحريڪ جي سلسلي ۾ خانبهادر کهڙي کي اڪثر ڪراچي اچڻو ٿي پيو ۽ بطور سندس سيڪريٽريءَ جي مون کي به. ڪراچيءَ جي فضا ڪنهن حد تائين ناموافق هوندي هئي. سرڪاري ڪامورا ڪڙا ۽ ليڊرن مان به ڪيترا سڄڻ وقت جا سلامي هئا ۽ کهڙي صاحب کان مڙيو ئي پاسو پيا ڪندا هئا. الڪو اهو هوندو هون ته اها خبر سنڌ جي ڪمشنر کي نه وڃي رسي. وقت جو ڪمشنر هڪ کـُـهرو انگريز هوندو هو، جي اي ٿامس بمبئيءَ جي اخبار ٽائمز آف انڊيا، سندس انيشلز (ڇوٽين صحيحن) ”جي اي“ جو شرح ڪيو هو ”گاڊ المائٽي“ (يعني خود خدا) نعوذ باالله.

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته کهڙو صاحب ۽ آءٌ ڪراچي آيل هئاسون. مرحوم حسين عليءَ جي بنگلي تي، سندس مهمان طور، رهيل هئاسون. حسين علي، خانبهادر حسن علي مرحوم جو پوٽو هو ۽ پڇاڙيءَ ۾ جيل کاتي ۾ نوڪري ورتي هئائين. سندس بنگلو وڪٽوريا روڊ، پراڻيءَ ڪمشنريءَ جي ٻاهران هوندو هو.

حسين عليءَ مرحوم، کهڙي صاحب جي اعزاز ۾ ڊنر پارٽيءَ جو انتظام ڪيو. گهڻن ئي ڏٺن وائٺن ماڻهن ڏانهن دعوت ناما موڪليائين، پر سواءِ ٻن شخصن جي، باقي سڀني کي وقت تي ڪو نه ڪو عارضو ٿي پيو، جنهنڪري دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ کان لاچار ٿي پيا. اهي ٻه جيڪي اچي ڊنر ۾ شامل ٿيا، سي هئا: مير بنده علي خان ٽالپر ۽ مرحوم ڊاڪٽر دائودپوٽو.

ڊاڪٽر صاحب کان پڇيو ويو ته کين وقت جي قلت جو ڇو ڪو نه خيال ٿيو؟ پاڻ فرمايائين: ”و تعز من تشاءُ و تذل من تشاءُ.“ قادر ڪريم پنهنجا اختيار ڪمشنر جي حوالي ڪو نه ڪيا آهن، جو آ ويهي کانئس ڊڄان.

ڊاڪٽر مرحوم ان موقعي تي پهريان مون کي ڪو نه سڃاتو، ڇو ته طرفين جي عمر ۽ حيثيت ۾ ڪافي ترقي ٿي چڪي هئي. بعد ۾ وجهه وٺي مون کيس اڳيان بمبئيءَ وارا ڏينهن ياد ڏياريا. عين شفقت وچان ڀاڪر پاتائين ۽ فرمايائين: ”آءُ اڄ تائين تنهنجي ڳولا ۾ هوس. ولايت مان موٽڻ بعد آءٌ علي محمد راشديءَ جو نالو اڪثر ٻڌندو پئي رهيس، پر اهو پتو ڪو نه هوم ته جنهن ڇوڪري سان آءٌ بمبئيءَ ۾ مليو هوس، سو هينئر علي محمد راشدي ٿي پيو آهي. وغيره وغيره.“

چڱن کان هميشه چڱايون پيون پڄن.

تجديد ملاقات بعد، تعلقات جو نئون دؤر شروع ٿيو. تنهن کي ڊاڪٽر صاحب مرحوم آخر وقت تائين نباهيو. مون کي ياد نه آهي ته مون کيس ڪڏهن ڪو عرض ڪيو هجي ۽ هن صاحب نه مڃيو هجي.

سياسي زلزلا آيا، جهيڙا ٿيا، وزارتون ٺهيون ۽ ڊهيون، پارٽيون ٿيون ۽ ڪريون، جاني دوست، جاني دشمن بنجي ويا، وقتن ڦرندي دشمن، دوستيءَ جا دم هڻڻ لڳا، پر مون ڏانهن سندس اوائلي شفقت ۽ روايتي ڪريميءَ ۾ ڪڏهن به ڪا ڪوتاهي ڪا نه ٿي، حالانڪ طبعاً پاڻ قدرتي زود رنج هئا ۽ آءٌ بنهه ”سيدڪو ٻار!“

سنڌ مدرسي جي پرنسپاليءَ بعد، ڊاڪٽر صاحب مرحوم اسماعيليه ڪاليج انڌيري جو پروفيسر مقرر ٿي بمبئيءَ روانو ٿي ويو. آءٌ ”سنڌ زميندار“ ڇڏي ”ستاره سنڌ“ جاري ڪري چڪو هوس.

اميرو نالي هڪ باورچي مون وٽ ملازم هو. ماني چڱي رڌيندو هو، پر دماغ جي ڪل ٿڙڪيل هيس. ڪنهن مهريءَ جي موهه جا هٿ لڳل هئس. مون وٽ سندس پگهار هڪ آنو روز هوندي هئي ان اپرانڌ الائونس جي، مون کي ۽ منهنجي متعلقين کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهندو هو. ڪفايت ۽ مانيءَ جي چشڪي جي ڪري آءٌ ۽ حسام الدين به صبر ۽ سڪون سان سندس بڙ بڙ جي بوڇاڙ برداشت ڪندا ٿي رهياسين.

سياري جي موسم هئي ۽ سکر سونهاري جي صبح جو ڦرڪڻي. اميرو منهنجي ڪمري ۾ اچي دانهون ڪرڻ لڳو. چي: ”صبح مڙدان سان هڪ ”ڏاڪدر بنگلي“ ۾ لنگهي پيو آهي، مون گهڻو ئي پيو چوانس ته هن گهر ۾ ڪو به بيمار ڪو نه آهي، پر هو مـُـڙي ڪو نه ٿو. چوي ٿو: ”ممبئيءَ“ کان آيو آهيان. مون چيس ته هينئر وڃ، سيءُ واءُ لاهي، عبدالرحمان جي هوٽل تان چانهه پاڻي پـِـي، پهر سج موٽي اچي پير سان ملجانءِ، پر منهنجي ڪا ڳالهه ڪا نه ٿو مڃي. ڪتابن جي ڀري کنيو ٻاهر ڀت تي چڙهيو بيٺو آهي. آءٌ ته دروازي تي ڪڙا ڪنڍا چاڙهي آيو آهيان، پاڻ ئي ٿڌ تپائيندس ۽ هليو ويندو...“

منهن ٻاهر ڪڍي ڏٺم ته ڊاڪٽر دائودپوٽو مرحوم پاڻ ويٺو آهي. ناگهان، بي گمان، ڊوڙي وڃي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽ اميري جي بدتميزين بابت تڪڙي تڪڙي معافي گهرڻ لڳس. پاڻ فقط کلندو رهيو.

حال احوال وٺندي معلوم ٿيو ته سنڌ جي تاريخ تي مواد گڏ ڪرڻ لاءِ پاڻ سنڌ جي سفر تي چڙهيل آهي. ان سلسلي ۾ کيس معلوم ٿيو هو ته مان اڳ ۾ ئي سيد محمد معصوم بکري عليه رحمة جي حالات متعلق تحقيق پيو ڪريان، جنهنڪري ضرورت محسوس ٿيس ته مون سان اچي مليو.

ڊاڪٽر صاحب اڱڻ اچي ۽ عيدان نه ٿين؟ خوشيءَ وچان آءٌ سندس خدمت ڪرڻ لڳس. جيڪو حاضر هو، سو کڻي پرينءَ جي پيش ڪيم. سال کن کان پوءِ سندس ڪتاب تاريخ معصومي شايع ٿيو، جنهن جي ديباچي ۾ مون کي به ياد فرمايو هئائين.

پر اڃا جا ڳالهه اهم هئي ۽ ان موقعي تي مون کي معلوم ٿي، سا اڃا ٻي هئي. ڊاڪٽر صاحب پهريون دفعو سنڌ جي ذهني ترقي متعلق، مون کي پنهنجو پروگرام ٻڌايو.

سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جا آثار ان وقت تائين نه فقط ظاهر، بلڪ يقين جي حد تائين پهچي چڪا هئا. ان حقيقت کي سامهون رکندي، ڊاڪٽر صاحب فرمايو ته سنڌ جي جدائي اوسيتائين بي معنيٰ ثابت ٿيندي، جيستائين سنڌين کي ذهني طرح جهنجهوڙي، جاڳائي، پيرن ڀر کڙو نه ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سندس خيال هو:

۱. سنڌ جي تاريخ جي تحقيق ڪجي. بغير ماضي معلوم ڪئي ۽ ماضيءَ مان سبق حاصل ڪئي، مستقبل جو صحيح تعمير ٿيڻ ناممڪن آهي.

۲. سنڌي ٻوليءَ تان ٻاهرين ٻولين جا ڇلهڙ ۽ ڇوڏا لاهي، ان کي سندس اصلي ۽ نج حالت ۾ پيش ڪجي. پنهنجي ٻوليءَ جي مدد کان سواءِ ماڻهو پنهنجي اندر جا ٻول ٻولي نه سگهندو.

۳. سنڌ جي مخصوص روحاني تعليمات کي زندهه ڪجي، جيئن سنڌي پنهنجي ان بي مثال ورثي تي فخر ڪري سگهن.

۴. سنڌ اندر تعليم عام ڪجي.

۵. ڊاڪٽر صاحب فرمايو ته سردست هو سنڌ جي تاريخ گڏ ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري. جيڪڏهن حياتيءَ هٿ نه ڪڍيس ته هلندي هلندي باقي ڳالهين جي به پوئواري ڪندو رهندو.

هينئر سندس حياتيءَ جو مجموعي جائزو ورتو ويندو ته معلوم ٿيندو ته ڊاڪٽر صاحب مرحوم ان پروگرام کي پوريءَ طرح نباهيو ۽ ائين ڪرڻ سان سنڌ جي اجتماعي زندگيءَ کي هڪ نئين دور جي دروازي تي آڻي بيهاريو.

۱۹۳۶ع ۾ سنڌ جدا ٿي. ۱۹۳۷ع ۾ آزاد سنڌ جون پهريون چونڊون ٿيون. ٿوري ئي عرصي اندر ڊاڪٽر صاحب مرحوم به بمبئيءَ کان موڪلائي اچي پنهنجي ڳوٺ جا وڻ ڏٺا ۽ تعليمي کاتي جو ڊائريڪٽر مقرر ٿيو.

سندس دفتر بندر روڊ تي، اسٽار (هينئر مئجيسٽڪ) سئنيما جي سامهون هو ۽ منهنجو گهر رام باغ تي. وچان فاصلي جي ٿورائي ڪري اسان جو گڏجڻ روزانو نه، ته به هڪ نه ٻئي ڏينهن ضرور پيو ٿيندو هو. اهي ڏينهن امنگن ڀريا هوندا هئا. نئين ولولي جو وهڪرو اڃا وير جي ٽڪرين سان ٽڪرجي ٽـُـڪر ڪو نه ٿيو هو. اميدن جو بهار هو، خزان جو خطرو محسوس ڪو نه ٿي ٿيو.

ڊاڪٽر صاحب مرحوم پنهنجي قلم ۽ پنهنجي تعليمات ذريعي اها ڪوشش شروع ڪئي ته سنڌي زبان کي هندي ۽ سنسڪرت جي نامناسب ۽ غير ضروري ملاوٽ کان آزاد ڪري، سندس اصلي صورت ۾ پيش ڪري. سنسار سماچار ۽ ڪن ٻين ڪٽر هندو اخبارن جو شغل ٿي چڪو هو ته سنڌيءَ ۾ ٻاهرين ٻولين جا اکر ٽـُـنبي سندس حـُـليو بگاڙيو وڃي. ان تحريڪ ۾ سنڌ جا سڀ هندو شامل ڪو نه هئا. منجهن گهڻا اهڙا بزرگ به هئا، جن ان جعلسازيءَ کي قطعاً نفرت جي نگاهه سان ٿي ڏٺو، پر پري ڪو نه ٿي سگهيا. سنڌ اندر هندو قلم اهڙن بدمستن جي هٿ چڙهي ويل هو، جن کي اڳ پوءِ جي پروڙ بلڪل ڪا نه ٿي پئي ۽ ڦريل وقت ۽ مستقبل جي امڪانن جو منجهن ڪو به احساس ڪو نه هو. في الحقيقت اها ئي چڻنگ هئي، جنهن وقت گذرندي ڀڙڪو کائي سنڌي سوسائٽيءَ جي يڪ-رنگي واري ساري سرمايي کي ساڙي ڇڏيو ۽ نيٺ خود هندن کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو.

۱۹۴۰ع ۾، ڊاڪٽر صاحب مرحوم جي پيدا ڪيل جذبي جو خاص نتيجو نڪتو. سنڌ جي تعليمي وزير محترم غلام مرتضيٰ شاهه سنائي (جي ايم سيد) سنڌ جي زبان ۾ ادب کي اُجارڻ لاءِ سرڪاري ادبي بورڊ قائم ڪيو. ان بورڊ جي سايه هيٺ سنڌي ادب جون ڪيتريون زندهه جاويد شخصيتون هڪ جاءِ تي ڪٺيون ٿي ويون. مرحوم مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مرحوم مولانا دين محمد وفائي، مرحوم خانبهادر محمد صديق ميمڻ، محترم سيد ميران محمد شاهه، سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻي، سرڳواسي ڪاڪو ڀيرومل مهرچند، سرڳواسي لالچند امرڏنومل، سرڳواسي ديوان سوڀراج نرملداس ۽ ڊاڪٽر دائودپوٽو عليه الرحمة پاڻ! منهنجي خوشقسمتي هئي، جو ڪنهن طرح سان منهنجو نالو به ميمبرن جي لسٽ ۾ اچي ويل هو.

اهي ڏينهن، اهي شينهن، وري هي اکيون ڪو نه ڏسنديون. اهڙن انسانن جي قدمن ۾ ويهڻ جو موقعو ملي ويل هو، جن انسانن جا نالا سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ قومون قيامت تائين انتهائي عزت، ادب ۽ احترام سان ياد ڪنديون رهنديون. انهن جي گفتگوءَ جو چهچٽو، انهن جي زبان جي چاشني، انهن جي معلومات جي ڳوڙهائي، انهن جي اٿڻ ويهڻ جي تهذيب، انهن جي صورتن جو شان ۽ وقار، غرض سندن ڪهڙي خوبي ڳڻي ڪهڙي ڳڻجي! علمي آسمان جي ڪـَـتين ۽ ٽيڙن، آفتابن ۽ ماهتابن جو ميڙو هو.

موقعو به تاريخي هو، سنڌ جي قديمي مقامي تمدن جو اڻويهين صديءَ وارو دور ختم ٿي رهيو هو. سنڌ جي زبان جا ابا پنهنجو عرصو پورو ڪري، قومي ادب جو ورثو نئين نسل جي حوالي ڪري رهيا هئا. سنڌي تاريخ جي تحقيق جو نئون دور شروع ٿي چڪو هو. سنڌيت ڏانهن موٽڻ لاءِ نئين تحريڪ جو بنياد پئي پيو. احساس ۽ آس، اميدن ۽ آسرن جي هڪ نئين دنيا، اکين اڳيان اچي ويل هئي. سمجهيو ائين پئي ويو ته هڪ اهڙو سال شروع ٿيو آهي، جنهن جو چيٽ ٻارهن ئي مهينا چالو رهندو ۽ جنهن جي دوران نه گل جو گلچين سان، نه بلبل جو صياد سان سابقو پوندو.

ڊاڪٽر دائودپوٽو مرحوم پاڻ انهن ميڙن جو مور هوندو هو. ڏکئي کان ڏکيا علمي سوال ڳولي آڻي رفيقن اڳيان رکندو هو. بورڊ جي ساري ڪم جو نقشو سندس دماغي خوبين جو ٿورائتو هوندو هو. اصولي ڳالهين ۾ پاڻ ڪنهن جي ڪو نه مڃيندو هو. هڪ دفعي ڪنهن اکر جي سلسلي ۾ اچي زير زبر تي جهڳڙو لڳو. هڪ طرف ڊاڪٽر صاحب پاڻ، ٻئي طرف بورڊ جي ميمبرن جي گهڻائي. جيتري قدر مون کي ياد آهي، اهو جهيڙو ٻه سال کن هلندو رهيو ۽ بورڊ پاڻ گروپن ۾ ورهائجي ويو. تڪرار وڌي وڃي اخباري ڪالمن تائين به پهتو، پر پڇاڙيءَ تائين آڻ ڪنهن، ڪنهن جي ڪا نه مڃي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجيءَ ڳالهه تي قائم رهيو.

ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي حيثيت ۾ ڊاڪٽر صاحب عليه الرحمة صوبي ساڻ اڪيچار ڀال ڀلايا. خوش قسمتيءَ سان کين وزير به پير الاهي بخش ملي ويو هو. انهن ٻنهي صاحبن جي ڪوشش سان سنڌ اندر تعليم کي وڏو فروغ رسيو. نيون ڪاليجون برپا ٿيون. سنڌ يونيورسٽي قائم ٿي، اسڪالرشپون ورهايون، زوري تعليم عام ٿي، سون پيرين نوان پرائمري اسڪول کليا، قيمتي ڪتاب ڇپيا، سنڌ جي تايخ ۽ زماني کي جيارڻ ۽ اجارڻ واري اصول ۾ عام دلچسپي پيدا ٿي. غرض سنڌ اندر علم جو اجهامندڙ ڏيئو انهن ٻن صاحبن جي حب الوطنيءَ وسيلي روشن ٿي پيو. ڪيترن سالن تائين پوءِ به، آءٌ گهڻن ادارن تي پير الاهي بخش جو نالو ڏسندو رهيس. پر عرصو گذرندي:

”لڳي ڪا جا واءُ، ويا انگڙا لٽجي.“

۱۹۵۶ع ۾ جڏهن آءٌ ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ تيار ٿيس ته ڊاڪٽر صاحب مون کان موڪلائڻ آيو. پاڻ سان ديوان حافظ جو هڪ طلائي نسخو کڻي آيو، جيڪو مون کي بطور تحفي جي ڏنائين ۽ فرمايائين:

”جلاوطنيءَ جي زماني ۾ هيءَ سوکڙي ساڻ رکجانءِ، هيانءُ مـُـنجهيئي ته هن ڏانهن رجوع ڪجانءِ!“

۱۹۵۸ع ۾ ڊاڪٽر صاحب عليه الرحمة جي رحلت جي خبر پئي. اهو هڪ اهڙو حادثو هو، جنهن جي اثر هيٺ دل دانهون ڪندي رهي، پر قدرت جي فيصلن ۽ فتوائن اڳيان چارو چلي ڪو نه ٿي سگهيو. سندس ڏنل ديوان حافظ ڏانهن رجوع ڪيم، هن شعر تي نظر پئي:

”اي دلِ ريش مرا با لب تو حق نمک،

حق نگهدار که من ميروم، الله معک.“

انا لله و انا اليہ راجعون.

۱۹۶۲ع جي آڪٽوبر ۾ موٽي اچي ڏٺم ته ساز توڙي جو پاڻ خموش ٿي چڪو هو، پر ان جا نغما اڃا تائين به فضا ۾ پئي ڦريا. ڌڻي ڪري شال نغمن سان به ڪا ويڌن نه واڻجي.


 

 

شمس العلماءُ علامه ڊاڪٽر دائودپوٽو

(۱۸۹۷ع – ۱۹۵۸ع)

ميمڻ عبدالغفور سنڌي

شمس العلماءُ علامه عمرالدين ولد محمد خان دائودپوٽو، ضلعي دادوءَ جي ٺٽي ڳوٺ ۾، ۹ شوال ۱۳۱۳ هه مطابق پهرين جون ۱۸۹۷ع تي تولد ٿيو. عام طرح کيس ”محمد عمر“ ڪري سڏيندا هئا. سندس والده ”صفوران“ جنڊ پيهندي هئي ۽ والد بزرگوار هارپ ڪندو هو.

سندس شخصيت ڪنهن به تعارف جي محتاج نه آهي. تمام وڏيون تڪليفون وٺي، ايم اي پاس ڪرڻ بعد ولايت جا وڻ واسيائين، جتان ٽن سال جي مختصر عرصي (۱۹۲۷ع) ۾ ”عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر“ جي عنوان تحت تحقيقي مقابلو (Thesis) لکي، ڊاڪٽري سند ورتائين. پوءِ واپس وري اُستاد بڻيو. انهيءَ سلسلي ۾ ڪجهه وقت لاءِ بمبئي انڌيري ڪاليج ۾ عربي زبان جو پروفيسر به ٿي رهيو. آخر سنڌ مدرسه ڪراچيءَ جي پرنسپال کان سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڊائريڪٽر جي عهدي تائين وڃي رسيو. افسوس جو کيس موت مهلت نه ڏني؛ جنهن ڪري ۲۲ نومبر ۱۹۵۸ع تي ڪراچيءَ ۾ انتقال ڪيائين. وصيت موجب کيس، حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جي روضي جي ڇانءَ ۾ پيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو.

رٽاير ڪرڻ بعد، سہ-ماهي ”مهراڻ جو ايڊيٽر به ڪجهه وقت رهيو. سندس برپا ڪيل ”سنڌي ادبي سوسائٽي“ جي سهڪار سان سنڌي زبان ۾ ڪتاب ڇپيا. هڪ اندازي موجب سندس تصنيف وتاليف جو ڳاڻيٽو چاليهن جي لڳ ڀڳ چيو وڃي ٿو. تاريخ، تنقيد، شاعري، شخصيات، تحقيق، مذهب، علم ادب، تعليم ۽ سنڌي ٻوليءَ بنسبت لکيل مختلف ڪتابن مان: ”شاه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام“ (۱۹۳۷ع)، ”ابيات سنڌي“ ( ۱۹۳۹ع)، ”ڪلام گروهڙي“ (۱۹۵۷ع)، ”منھاج العاشقين“ (۱۹۶۴ع) ۽ ”سنڌي شعر جي مختصر تاريخ“ لافاني حيثيت رکن ٿا.

علامه صاحب جو سنڌي زبان کان علاوه عربي ۽ فارسي زبانن تي به عبور حاصل هو. آخري وقت ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائيؒ  جي رسالي تي راتيان ڏينهان نور نچوڙي، هڪ جامع نسخو تيار ڪيو هئائين (جيڪو اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي). پاڻ ادبي ڪانفرنسين، جلسن ۽ محفلين جو مور هو. سندس نثر نهايت سادو هو، البته تحقيقي مقالا معلومات جي لحاظ کان وڏي اهميت رکن ٿا. موجوده وقت ۾ هر پڙهيل لکيل ۽ علم ادب سان سينگاريل سنڌي زبان جي ڄاڻوءَ تي علامه صاحب جو احسان آهي. سندس عقيدي موجب ”اکر، اَخلاق تي وڏو اثر وجهن ٿا“ نهايت عالمانه انداز بيان آهي.


 

شمس العلماءَ عمر بن دائودپوٽو

سنڌ جي تعليم ۽ ادب جي خدمتگار جي ياد ۾

ابراهيم لاشاري

سونهاري سنڌ جي ٽلٽي شهر کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ڳوٺ جي معزز شخصيت محترم محمد خان دائودپوٽي صاحب جي گهر ۾ ۲۵ مارچ ۱۸۹۶ع اربع جي سڀاڳي صبح پرهه ڦٽي مهل سنڌي ادب جو محسن، عظيم محقق، تاريخدان، سنڌي ٻولي جو وڏو ڄاڻو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي تعلقي سيوهڻ ۾ پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو. سندس خاندان شاهي زماني جو عروج پسي ورتو هو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي ڪٽنب جو تعلق به انهي ئي خاندان سان هو. سندس خاندان سال ۱۹۵۵ع تائين رياست بهاولپور تي حاڪميت ڪندو رهيو آهي. هن عظيم انسان جي وڏن منجهان سندس ڏاڏو محترم عبدالمطلب هڪ خوشحال آبادگار هو، جنهن جي وفات کان پوءِ سندس ملڪيت جا مالڪ ان زماني جا هندو قرضدار ٿي ويا، سندس ڏکن اچي پاسو ورايو. جنهن سبب جي ڪري خاندان مٿان سڃائي اچي ڪڙڪو ڪيو، ان زماني منجهه هن جي والد فصلن تي به وڏي محنت ڪئي، مگر سندن ڀاڳ نه جاڳي ويتر غريبي اچي وراين .مجبور ٿي (واڍڪو) ڪم ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي گهر ڀاتين جو سهارو بڻجي ڪم پئي ڪيو، ايتري ۾ سندس ذهين صفت پٽ عمر به پڙهائي جي ڄمار کي اچي پهتو. ننڍي عمر جي ڇهن سالن جي پٽ کي هن پنهنجي ڳوٺاڻي اسڪول منجهه داخل ڪرايو جتي هن زبردست محنت سان انگريزي جا چاردرجا پاس ڪري  پنهنجي والد جو نالو روشن ڪيو، هڪ ڏينهن جڏهن اسڪول منجهه قاضي عبدالوهاب بوبڪائي اسڪول جو امتحان وٺڻ سانگي آيو هو. ته ان زماني ۾ عمر بن محمد دائودپوٽي جا اکر ڏسي کيس چيائين (اکر لکيا اٿي يا ماڪوڙي جون ٽنگون ) ان لفظي جملن دائودپوٽي تي ايترو ته سخت اثر ڇڏيو جو مشق مٿان مشق لکي، اکر موتين جهڙا بڻايائين . تنهن بعد هي ذهين طالب علم ڳوٺ جي اسڪول کي الوداع ڪري ڳوٺ جي ڀرسان ڪرم پور جي اسڪول ۾ داخلا ورتي، اتي محمد ابراهيم سومرو صاحب جيڪو ان زماني ۾ انسپيڪٽر اسڪولس جڏهن امتحان وٺڻ پهتو ته عمر به محمد دائودپوٽي جي ذهانت ڏسي خوش ٿيو ۽ ان اسڪول جي هيڊ ماستر صاحب کي حڪم ڪيائين ته (اهڙو املهه ماڻڪ هتي تعليم پيو پرائي) هن کي وڌيڪ تعليم لاءِ انگريزي اسڪول ۾ داخل ڪيو وڃي،

ان زماني ۾ ثانوي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ عمربن محمد دائودپوٽو سال ۱۹۱۴ع ڌاري لاڙڪاڻي جي مدرسي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ محنت سان پئي پڙهيو. سڀني هم ڪلاسي شاگردن کان گوءِ کڻي ويو، ان زماني ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪليڪٽر پاران کيس مفت رهائيش گاهه جي منظوري پڻ ڏني وئي، دائودپوٽو صاحب خوش قسمت شاگرد هو جو ان زماني ۾ نوشهروفيروز مدرسي منجهان هڪ محنتي استاد (حاجي محمد ميمڻ) صاحب لاڙڪاڻي مدرسي ۾ بدلي ٿي آيو هو، جنهن دائودپوٽي جي غربت، ۽ ذهانت ڏسي نوشهروفيروز جي مدرسي ۾ سال ۱۹۱۵ع ڌاري کيس اتي داخل ڪرايو ۽ ترت مسلم فنڊ منجهان (ٽن رپين) جو وظيفو وٺرائي ڏنو. تنهن بعد عمر بن محمد ڊائودپوٽو صاحب وڌيڪ تعليم حاصل ڪندو رهيو، هن علم دوست شاگرد ايتري ته محنت سان پئي پڙهيو جو پهرين ڏينهن سندن هم ڪلاسي شاگردن سندس بينچ تي سڀني کان آڏو ويهارڻ جو اعزاز ڏنو، هن محنتي شاگرد محنت منجهان هٿ نه ڪڍيا، دائودپوٽوصاحب روزانو اٺاويهه ميلن جو پنڌ پنهنجي ڳوٺ کان نوشهروفيروز مدرسي تائين (اٺ) تي ويهي پهچندو هو، سندس پڙهائي منجهه اهڙي دلچسپي ۽ غربت ۽ مفلسي ڏسي نوشهروفيروز مدرسي جي پرنسپال مسٽر (جي اين قاضي) صاحب سندس همدردي ڪري سموريون فيون جلد ئي معاف ڪري ڇڏيون، اهو دائودپوٽي صاحب لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڳالهه نه هئي، تنهن بعد دائودپوٽو صاحب وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي منجهه کيس (مفت بورڊ شپ) ملي ۽ هن اتي داخلا ورتي،

جڏهن عمربن محمد دائودپوٽو صاحب نوشهروفيروز جي سڀني شاگردن ۽ استادن کان اتان (اٺ) تي چڙهي ڪراچي روانو ٿيو ته سندس شاندار نموني سان الوداعي پروگرام ڪيو ويو، هن محنتي شاگرد جي ڪراچي رواني ٿيڻ وقت سڀني شاگردن ۽ استادن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، سادي طبيعت ٻهراڙي جي هن شاگرد نيٺ سال ۱۹۱۷ع ڌاري سنڌ مدرسته الاسلام منجهان بهترين نمبرن ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري ورتو، دائودپوٽي صاحب ان زماني ۾ ان امتحان ۾ سڄي سنڌ منجهان (پهريون نمبر کڻي )سنڌ ايگزيبيشن پرائيز پڻ کٽي ورتائين، هي محنتي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو صاحب ڪراچي پڙهڻ دوران هاسٽل ۾ زندگي جا پل گذاريندو هو، ان سان گڏ هي اتي پاڻ (کٽون واڻي، ڪتابن جي جلد سازي ڪري ۽ ٽيوشن ڏيئي پنهنجي زندگي جي گاڏي کي ڌڪي پنهنجو خرچ جو پورائو ڪندو هو ۽ پنهنجي والد صاحب کي به اتان ڪجهه پيسا پڻ ڏيندو هو ته جيئن گهروارن جي زندگي به بسر ٿي سگهي، عمر بن محمد دائودپوٽي صاحب سال ۱۹۱۷ع ڌاري ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي جتان سال ۱۹۲۱ع ڌاري بي اي جو امتحان سڄي سنڌ منجهان پهريون نمبر کڻي پاس ڪري (ڊڪشنا فيلوشپ) ماهوار (سٺ رپيا) به حاصل ڪندو رهيو، سال ۱۹۲۳ع ڌاري سڄي بمبئي يونيورسٽي ۾ پوسٽ گريجوئيٽ (ايم اي) جو امتحان پڻ اول نمبر ۾ پاس ڪري (چانسلر ميڊل) پڻ حاصل ڪيو، نيٺ هن ذهين انسان کي سال ۱۹۲۴ع ڌاري هندستان سرڪار ولايت منجهان اعليٰ سنڌ (پي ايڇ ڊي) ڪرڻ لاءِ برطانيا موڪليو، جتان ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي صاحب مسلسل ٽن سالن جي محنت سان هڪ تحقيقي مقالو عنوان (فارسي شاعري تي عربي شاعري جو اثر) لکي ڪيمبرج يونيورسٽي منجهان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري سيپٽمبر مهيني، سال ۱۹۲۷ع ڌاري پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان اچي پهتو، تنهن بعد ستت ئي سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي جو پرنسيپال جو منصب ماڻيائين، سال ۱۹۳۰ع ڌاري وري اسماعيليه ڪاليج انڌيري بمبئي منجهه عربي جو پروفيسر مقرر پڻ ٿيو ۽ مسلسل نَوَ سال ان منصب سان سلهاڙيل رهيو، تنهن بعد هو تيزيءَ سان ترقي ڪندي، سال ۱۹۳۹ع ڌاري سنڌ صوبي جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر (ڊي پي آءِ) جو عهدو ماڻيائين، جنهن تي سال ۱۹۵۰ع تائين ڪم ڪندو رهيو.

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي صاحب کي علمي، ادبي خدمتن عيوض سال ۱۹۴۰ع تي مڃتا طور کيس سرڪار پاران (شمس العلماءَ) جي لقب سان نوازيو ويو، سال ۱۹۵۰ع کان ۱۹۵۵ع تائين (سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن) جو ميمبر پڻ ٿي رهيو، سال ۱۹۵۵ع ڌاري کيس مڪي ۽ مديني شريف جي اڪير لڳي، ڪجهه عرصو سرڪار کان موڪل وٺي پنهنجي گهر ڀاتين سميت حج ڪرڻ لاءِ سعودي عرب پهتو حج ڪرڻ بعد ٻين اسلامي ملڪن دمشق، بيروت، يروشلم، قاهرا، پڻ سيرسفر ڪرڻ بعد واپس موٽندي رستي ۾ ڪجهه عرصو بغداد، ڪربلا، نجف، ۽ بحرين پڻ گهميا، تنهن بعد هو واپس وطن پهتو، سال ۱۹۵۶ع تائين اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جو پڻ ميمبر رهيو، سال ۱۹۵۶ع ڌاري رٽائرمينٽ وٺي ڪراچي ۾ پنهنجي زندگي جا پل پئي گذاريا، سنڌ ادب جو هي هڏڏوکي انسان، اعليٰ پائي جو اديب، محقق، عالم، تعليمدان لطيف سائين جو پارکو سال ۱۹۵۷ع ڌاري ٽه ماهي مهراڻ رسالي ايڊيٽر ۽ شعبي تصنيف ۽ تاليف جو پڻ نگران مقرر ٿيو، مهراڻ رسالو سندس سوچ جو عڪس هو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين پڌرو ٿيندو پيو اچي.

هي عظيم انسان زندگي جي چاليهه ورهين تائين سنڌي، عربي، انگريزي، فارسي، زبانن ۽ تاريخ سنڌ، شاعري، تحقيق، مذهب، تنقيد، علم ادب ۽ سنڌي ٻولي ۽ ڌرتي جي وڏي مان وڏي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ  تي پنهنجي قلم سان سنڌي ادب کي آسودو ڪندو رهيو، پاڻ ڪافي انداز ۾ سنڌي ادب کي ڪتاب ڏئي، سنڌي ادب جي جهول ڀرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي جن منجهان مرشد المبتدي، منهاج العاشقين، شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام، ڪلام گرهوڙي، ابيات سنڌي، منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي، سرها گل، هندستان ۾ عام تعليم، سنڌي نظم، بيان العارفين، چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم، سليڪشن فرام حافظ اينڊ عارف وغيرهه قابل ذڪر آهن ان کان علاوهه سنڌي ٻولي دنيا جي مهّذب ۽ سڌريل ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي، ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب زبردست مضمون ۽ مقالا پڻ لکيا، جنهن کي سندن شريڪ حيات خانم خديجه دائودپوٽي ترتيب ڏئي، مضمون ۽ مقالا، جي نالي سان سال ۱۹۷۸ع ڌاري شاهه عبداللطيف ڀٽائي مرڪز حيدرآباد مان پڌرو ڪرايو، جنهن منجهه تقريبن چاليهه کن مضمون مقالا مختلف عنوانن سان ڏنل آهن.

سنڌي ادب جو هي عظيم اديب تعليمدان ۽ سنڌي ادب جو سچو خدمتگار ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو دل بيهي وڃڻ سبب سنڌي ادب جا سڀ ڪم ۽ قلم بند ڪري راهه رباني ٿي ويو، سندس اڄ ۵۸ هين ورسي نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي، سندس جسم کي وصيت موجب سنڌ ڌرتيءَ جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي پيرانديءَ منجهه ڀٽ شاهه تي دفن ڪيو ويو، حڪومت سنڌ سندس مرتئي کان پوءِ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران حيدرآباد منجهه سندس نالي پويان (شمس العلماءَ دائودپوٽا) لائبريري قائم ڪئي وئي آهي جيڪا حيدرآباد شهر جي سڀ کان وڏي پبلڪ لائبريري مڃي وڃي ٿي.


 

شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو

سنڌ جو قابل فخر فرزند

تاج جويو

شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جو نالو عمر هو ۽ هن ۲۵ مارچ ۱۸۹۶ع تي محمد خان دائودپوٽي جي گهر ۾ ٽلٽي، تعلقي سيوهڻ (ضلعي دادو، موجوده ڄام شوري) ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي نهايت سلجهيل ۽ سياڻو هو. ابتدائي تعليم سنڌي پرائمري اسڪول ٽلٽيءَ مان ۱۹۰۳ع کان ۱۹۱۰ع تائين حاصل ڪيائين. ان کان پوءِ انگريزي تعليم اي وي اسڪول ٽلٽيءَ مان حاصل ڪرڻ بعد نوشهري فيروز مدرسي ۾ ۱۹۱۵ع کان ۱۹۱۷ع تائين پڙهيو. مئٽرڪ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان شاندار پوزيشن ۾ پاس ڪيائين. سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر کڻڻ تي ايگزيبيشن انعام کٽيائين. ۱۹۱۷ع ڌاري هن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ بي اي (فارسي) فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين، کيس ڪاليج جي ڊسڪائونٽ فيلوشپ ۶۰ روپيا ماهوار حاصل ٿي. ۱۹۲۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي جو امتحان ڏنائين ۽ فرسٽ ڊويزن ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيائين، جنهن تي کيس ۱۹۲۳ع ۾ چانسلر ميڊل حاصل ٿيو. ۱۹۲۴ع ڌاري ڪئمبرج يونيورسٽي لنڊن جي ايمبونيل ڪاليج ۾ داخلا وٺي، ٽي سال اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. هن ’عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر‘ عنوان هيٺ انگريزيءَ ۾ مقالو لکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ان کان پوءِ جڏهن وطن واپس آيو ته کيس سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جو پرنسپال مقرر ڪيو ويو، جتي ۱۹۲۷ع کان ۱۹۳۰ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. ۱۹۲۸ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان فيلوشپ لاءِ نامزد ٿيو. ۱۹۳۰ع کان ۱۹۳۹ع تائين ڊاڪٽر صاحب کي اسماعيل ڪاليج انڌيري، بمبئيءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. ۱۹۳۹ع کان ۱۹۵۰ع تائين ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ جي عهدي تي فائز ٿيو. ۱۹۴۰ع ۾ کيس اعليٰ علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور شمس العلماءِ (عالمن جو سج) جو خطاب ڏنو ويو.

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو ۱۹۵۰ع کان ۱۹۵۵ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر رهيو. ڊاڪٽر صاحب ۱۹۵۶ع ۾ رٽائرمينٽ وٺي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. ۱۹۵۷ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽو سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر دائودپوٽو فواد يونيورسٽيءَ جو مراسل، پاڪستان ايران ثقافتي انجمن جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچيءَ جو باني ميمبر پڻ رهيو.

هن عربي توڙي سنڌيءَ ۾ ڪيترا اهم ڪتاب تحقيق جي جديد بنيادن تي ايڊٽ ڪيا ۽ لکيا، جن ۾: (۱) ’شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام‘، (۲) ’عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو ڪلام‘، (۳) ’سنڌي نظم ۽ نثر‘، (۴) ’بيان العارفين‘، (۵) ’هندستان ۾ عام تعليم‘، (۶) ’ابيات سنڌي‘ (عربي شرح سميت) وغيره شامل آهن.

ڊاڪٽر دائودپوٽي ’شاهه جي رسالي‘ تيار ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي، خاص ڪري رسالي ۾ موجود عربي لفظن، اصطلاحن، قرآن پاڪ جي آيتن ۽ حديثن جي معنيٰ جي سلسلي ۾ وڏي مدد ڪئي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، دائودپوٽي صاحب جو استاد هو، ۽ هن شاهه جي رسالي ۾ مدد ڪرڻ تي سندس شڪر گذاري پڻ ڪئي آهي. ڊاڪٽر صاحب عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي ڪلام، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام ۽ ملفوظات ’بيان العارفين‘ تي جديد قسم جي تحقيق ڪئي. ’ابيات سنڌي‘ (ڪلام مخدوم محمد زمان لنواري) جي عربيءَ ۾ شرح به لکي. ان کان سواءِ شاهه جو رسالو به ترتيب ڏنو، جنهن جي ۱۳ سرن تائين ڪم ڪري سگهيو، جنهن کي اڳتي هلي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ مڪمل ڪيو. ڊاڪٽر دائودپوٽي ’منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي‘ به لکي، جنهن کي سندس وفات کان پوءِ سندس بيگم خديجه خانم دائودپوٽي ڇپائي پڌرو ڪيو هو. ان کان سواءِ ڊاڪٽر صاحب جي مضمونن جا ڪتاب ’مضمون ۽ مقالا‘ (ثقافت کاتي) ۽ ’سون برابر سڳڙا‘ (سنڌي لئنگئيج اٿارٽي) ڇپائي پڌرا ڪيا آهن.

ڊاڪٽر دائودپوٽي ۱۹۵۸ع ۾ دل جي دوري سبب وفات ڪئي. ثقافت کاتي حڪومت سنڌ پاران حيدرآباد ۾ سندس نالي تي ’شمس العلماءِ دائودپوٽا لائبريري‘ قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا حيدرآباد جي سڀ کان وڏي پبلڪ لائبريري آهي. هن عالم ۽ تعليمدان تي سنڌ کي صدين تي فخر حاصل رهندو. اڄ سندس جنم ڏينهن آهي، سنڌ کي هن عالم جي جنم ڏينهن تي مبارڪون، جنهن اهڙو لاکيڻو لعل پيدا ڪيو.

عوامي آواز سنڊي ميگزين جي ٿورن سان


 

شمس العلماءُ علامه دائودپوٽو

ذوالقرنين شاهه /ڀٽ شاهه

سنڌ جي وڏي عالم، مدبر، تعليمي ماهر ۽ لطيف شناس علامه عمر بن محمد دائودپوٽي جي ۲۲ نومبر ۲۰۱۱ع جي ۵۳ هين ورسي خاموشيءَ سان گذري ويئي. جڏھن ته سنڌ جي ھن محسن کي، ادبي ۽ سرڪاري ادارن پاران ياد ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي ويئي.

سنڌ جي فخر لائق فرزند علامه دائودپوٽي صاحب مارچ۱۸۹۴ع ۾ جنم ورتو ۽ ۲۲ نومبر ۱۹۵۸ع تي وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرام گاهه ڀٽ شاهه تي آهي. هن صاحب ڀٽ شاهه ۾ رهي لطيف سائين جو گنج رسالو نئين سر لکيو، جيڪو ۱۲۰۷ هه ۾ سيد عبدالعظيم دائري جي سيد لکي محفوظ ڪيو هو.

علامه دائودپوٽو پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکي ٿو ته؛ “فيبروري ۱۹۵۲ع تي گنج شريف لکڻ لاءِ ڀٽ شاهه پهتو، جتي ان وقت جي سجاده نشين مون کي رهڻ لاءِ هڪ ڪمرو ڏنو. علامه دائودپوٽو صاحب لکي ٿو ته سيد غلام شبير شاهه جي معرفت وڏي اوطاق ۽ تمر فقير جي گاديءَ جي سرواڻ گنج شريف ڪجهه شرطن تي فراهم ڪيو، جيڪي هئا؛

(۱) پٽ تي ويهي ان رسالي جو مطالعو ڪيو ويندو ۽ ڪرسي يا ٽيبل تي ويهي نه.

(۲) گنج کي وڏي اوطاق کان ڪنهن به صورت ۾ ٻاهر نه نيو ويندو ۽ رات ٿيڻ کان پهرين ان کي ساڳي صندوق ۾ بند ڪيو ويندو ۽ ساڳي جاءِ تي نواز فقير اڳيان رکيو ويندو.

علامه صاحب لکي ٿو ته؛ مون سڀ شرط مڃيا. ان بعد گنج شريف مون کي ڏنو ويو. جڏهن هيءُ ڪتاب مون ڏٺو ته گد گد ٿي ويس. ان بعد پنهنجي ڪم کي لڳي ويس.

علامه دائودپوٽو صاحب لکي ٿو ته؛ ٺيڪ انهيءَ سال يعني ۱۹۵۲ع ۾ ڪو شاهينگ رات جو لطيف سائين جي روضي مٿان لڳل سون جو ڪلس (نيل) لاهي کڻي ويو. جنهن بعد سڄو ڳوٺ درگاهه تي گڏ ٿي ويو ۽ سڀ ڏکايل هئا. مون کي پڻ گهڻو ملال ٿيو. ڇو ته اهو ڪم منهنجي ڀٽ شاهه ۾ موجودگيءَ دوران ٿيو.

دائودپوٽو صاحب وڌيڪ لکي ٿو ته؛ ۱۴ اپريل کان ۳۰ مئي ۱۹۵۲ع تي موڪل ورتم ۽ ۱۶ اپريل۱۹۵۲ع تي ڀٽ شاهه پهچي رسالي جو باقي رهيل ڪم پورو ڪيم.

منهنجو والد مرحوم سيد حسين شاهه، تمام سريلو ۽ ڄاڻو راڳائي هو. هر سومر جي رات، سائين غلام شاهه مرحوم سان گڏجي راڳ ڳائيندو هو ۽ سندس (يعني منھنجي والد صاحب جو) چوڻ آهي ته؛ “آئون وڏي اوطاق ۾ دائودپوٽي صاحب کي بيت ٻڌائيندو هوس ۽ لکندو ويندو هوس.”

اهي بيت الائي ڪيڏانهن ويا! ڇو ته ٻڌڻ ۾ آيو آ ته جيڪو مسودو علامه دائودپوٽي صاحب لکيو هو، اهو منظر عام تي اچي نه سگهيو.

منهنجو والد صاحب چوندو هو ته؛ علامه کي کاڌي ۾ تورين جي ڀاڄي ۽ رات جو نج ماهيو کير تمام گهڻو وڻندو هو. جيڪو کين سجاده نشين جي حويلي تان مانيءَ سان گڏ ملندو هو. ڪڏهن ڪڏهن آئون (والد) کيس ٻاجهريءَ جي سوڪ ماني ۾ تازو مکڻ وجهي مٿان مستي وجهي کيس صبح جو ناشتي ۾ ڏيندو هوس، جيڪا علامه صاحب کي تمام گهڻي وڻندي هئي. بالآخر هي علم جو آفتاب ۲۲ نومبر۱۹۵۸ع تي گذاري ويو. تدفين ۾ سادات لطيف کان علاوه مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ ٻين گهڻن اديبن شرڪت ڪئي. علامه دائودپوٽي جو مزار لطيف سائين جي روضي جي سيراندي آهي ۽ هيءَ قبر سندس گهر واري خديجه خانم دائودپوٽي جوڙائي. افسوس جو هن وڏي عالم جي ورسي وڏي پيماني تي نٿي ملهائي وڃي. نه ته وري وفات ڏهاڙي سندس مزار تي ڪو ماڻهو اچي گلن جي چادر چاڙهي قل پڙهي ٿو. سندس وفات کان پوءِ ڪجهه سال، بيگم خديجه خانم ايندي هئي. اسان درگاهه جي کوهه تان پاڻيءَ جا دلا ڀري ايندا هئاسين. قبر کي ٿڌو ڪيو ويندو هو. گل چاڙهيا ويندا هئا. آهستي آهستي اهو سلسلو به ختم ٿيندو ويو.


 

شمس العلماءُ ڊاڪٽر دائودپوٽو

هڪ علم دوست شخصيت ۽ محقق

محمد رحيم لغاري/سنجهورو

علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو هڪ وڏو عالم، محقق، اديب، ماهر تعليم ۽ محب وطن بزرگ ٿي گذريو آهي. سندس تعلق ڳوٺ ٽلٽي، تعلقي سيوهڻ، ضلعي دادو سان هو. سندس والد حاجي محمد ولد ميان عبدالمطلب، جيڪو واڍڪو ڪم ڪندو هو.

شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان جتان کانپوءِ لاڙڪاڻي مدرسي ۽ جتان پوءِ ڪراچي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ پڙهيو. مئٽرڪ امتحان ۾ سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو.

سندس هوشياري ۽ ڏاهپ جي ڪري اڪثر هن کي سرڪاري وظيفا ملندا رهندا هئا. بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم اي عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪيائين.

سندس ملازمت جو عرصو سن ۱۹۲۳ع کان ڊي جي ڪاليج ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور رهيو، پر سگهو ئي انگريز سرڪار طرفان کيس اسڪالر شپ ملي ۽ انگلينڊ مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري، ۱۹۲۷ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جو ڪجهه وقت پرنسپال رهيو.

پاڻ ڪيترا ئي ڪتاب پڻ لکندو رهيو، جن ۾ خاص طور تاريخي ڪتاب تاريخ معصومي ۽ تاريخ چچنامه شامل آهن. اهي ٻئي ڪتاب فارسي زبان ۾ لکيائين پر بعد ۾ سنڌ جي ٻين اديبن ۽ محققن سندس انهي ٻنهي ڪتابن جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو.

سنڌ، بمبئي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار طرفان کيس ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن جي عهدي جي آڇ ڪئي وئي ته ان کي قبولي پاڻ سنڌ هليو آيو. سنڌ جي تعليمي سلسلي ۾ تمام گهڻا سڌارا آندائين. تاريخي ۽ تحقيقي مواد بابت سندس وڏي ڪاوش ۽ جاکوڙ ڪيل هئي، جيڪا ڇپجڻ کان رهجي وئي ۽ زندگي ساڻس وفا نه ڪئي.

پاڻ ۲۲ نومبر سن ۱۹۵۸ع ڌاري دل جي تڪليف سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويا.

ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا، جن کي تاريخي لحاظ کان وڏي اهميت حاصل آهي. جنهن قوم جي عملدار طبقي ۾ اهڙي حب الوطنيءَ جو جذبو هجي، ان قوم جي ثقافت ۽ آزاديءَ کي ڪير به ختم ڪري نه سگهندو.


 

عمر بن محمد دائود پوٹو

سندھ کا عظیم دانشور

آصف جیلانی

شمس العلما ڈاکٹر دائودپوٹو کو اس جہان فانی کو خیر باد کہے اکسٹھ سال ہوگئے ۔ عظیم ماہرلسانیات و تعلیم، ممتاز تاریخ دان اور دانشور ڈاکٹر دائود پوٹو پر سندھ کو فخر ہے ۔ ان کا تعلق سندھ کے ضلع دادو کے قصبہ ٹلٹی کے ایک غریب گھرانے سے تھا۔ ان کے والد ہاری اور بڑھئی تھے۔ ابتدائی تعلیم انہوں نے لاڑکانہ اور نو شہرو فیروز میں حاصل کی جس کے بعد سندھ مدرسہ کراچی سے میٹرک کیا اوراس کے بعد ڈی جے سائینس کالج سے اول پوزیشن حاصل کرکے کریجیوشن کیا ۔اس امتیازی کامیابی پر انہیں اسکالر شپ ملا اور وہ انہوں نے اعلی تعلیم کے لئے کیمبرج یونیورسٹی میں داخلہ لیا۔ کیمبرج میں انہوں نے فارسی شاعری پر عربی شاعری کے اثرات پر پی ایچ ڈی کی۔ وطن واپسی پر وہ ۹ سال تک اسمعیل یوسف کالج بمبئی مین عربی کے پروفیسر کے فرایض انجام دیتے رہے ۔ ۱۹۴۰ میں برطانوی حکومت نے ڈاکٹر دائود پوٹو کو تعلیم اور لسانیت کے میدان میں اہم خدمات کے اعتراف کے طور پر شمس العلما کا خطاب دیا۔ قیام پاکستان کے بعد ۱۹۵۰ سے ۱۹۵۵ تک پاکستان پبلک سروس کمیشن کے ممبر رہے ۔ ۲۲ نومبر ۱۹۵۸ کو شمس العلما نے کراچی میں اس جہان فانی کو خیرباد کہا، انہیں شاہ عبدالطیف بھٹائی کی درگاہ میں آخری آرام گاہ کا شرف حاصل ہوا۔

ان کے فرزند عظیم دائود پوٹو پر بھی سندھ کو فخر ہے کہ وہ پاکستان فضایہ میں پہلے سندھی پایلٹ تھے اور ترقی کرکے ایر مارشل کے عہدہ تک پہنچے۔ ان کے دوسرے فرزند عیسٰی دائود پوٹو اسلام آباد یونیورسٹی میں پروفیسر ہیں۔

شمس العلما سے میرے والد صاحب کے بہت قریبی دوستانہ تعلقات تھے ان کے ساتھ مجھے ڈاکٹر دائود پوٹو سے کئی بار ملاقات کا شرف حاصل ہوا جن کی خوشگوار یادین میرا گراں قدر خزینہ ہیں۔


 

شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو

(۵ مارچ ۱۸۹۱ع - ۱۹۵۸ع - سيوهڻ جون ادبي شخصيتون)

مير حاجن مير

ماهر لسانيات، ماهر تعليم، ماهر تاريخ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو تعلقي سيوهڻ جي مشهور ڳوٺ ’ٽلٽي‘ ۾ پيدا ٿيو. سندس ڏاڏي جو نالو عبدالمطلب، سندس والده جو نالو سفورا هو. سندس والد ۽ خاندان وارا واڍڪو ۽ ڪورڪو ڪم ڪندا هئا. هن ابتدائي تعليم ٽلٽيءَ ۾ ۱۹۰۳ع کان ۱۹۱۰ع تائين ورتي. ۱۹۱۴ع ۾ هي لاڙڪاڻي مدرسي ۾ پڙهڻ ويو. ۱۹۱۶ع کان ۱۹۱۷ تائين هن سنڌ مدرسةالسلام ڪراچي ۾ تعليم ورتي هن اتي ميٽرڪ جو امتحان ڏنو جنهن ۾ سنڌ اندر هي پهريون نمبر آيو. ۽ ’سنڌ ايگزيمشن‘ انعام کٽيائين. ۲۰ جون ۱۹۱۷ع تي ڏيا رام ڄيٺمل سنڌ آرٽس ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ويٺو جتان فارسي ۽ عربي ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪيائين. جنهن ڪري ڊڪشا فيلو شپ مليس. ۱۹۲۳ع بمبئي يونيورسٽيءَ جي ايم اي ڊگري فارسي ۽ عربي ۾ فرسٽ ڪلاس ورتائين ان بعد کيس ڊي جي ڪاليج ۾ اسٽنٽ پروفيسر ڪري رکيو ويو.

۱۹۲۴ع ۾ کيس اسڪالرشپ ملي. ڪمبرج يونيورسٽي جي پيمبروڪ ڪاليج ۾ ڊاڪٽري جي ريسرچ لاءِ داخل ٿيو. کيس ۱۹۲۷ع عربي جو فارسيءَ شاعريءَ تي اثر، جو مقالو لکڻ تي Ph. D جي سند ملي. ۱۷ سيپٽمبر ۱۹۲۷ تي موٽي وطن سنڌ آيو ۲۱ سيٽمبر ۱۹۲۷ تي هن کي سنڌ مدرسة السلام ڪراچي جي پرنسپال جي عهدي تي مقرر ٿيو. جنهن تي ۱۹۳۰ع تائين فائز هو کيس ۲۰ جون ۱۹۳۰ع اسماعيل ڪاليج انڌيري ۾ عربيءَ جو پروفيسر ڪيو ويو. بمبئي ۾ ڊاڪٽر صاحب ۱۰ مارچ ۱۹۳۹ تائين تعليم ڏيندو رهيو. بمبئي کان سنڌ جي جدا ٿيڻ بعد ۱۹۳۹ع ۾ ڊاڪٽر صاحب کي سنڌ سرڪار طرفان ڊائريڪٽر آف پبلڪ انٽرڪشن آڇ ٿي ساقبول ڪيائون، انهيءَ عهدي تي ۱۹۵۰ع تائين ڪم ڪندو رهيو.

ڊاڪٽر عمر دائود پوٽي جو سنڌي ادبي بورڊ ٺهڻ ۾ ڪردار :

۱۹۴۰ع ڊاڪٽر صاحب جڏهن بمبئي مان موٽي آيو. سندس ذهن ۾ خيال هو. ڪو ادبي بورڊ ٺاهجي جتان، ويهي علمي ادبي خدمتون ڪجن. ٻئي پاسي جي ايم سيد ۽ مرزا قليچ بيگ ڏي خط لکيو ته ندوت العلما جي دارا لمصنفين وانگر هتي ڪو ادارو قائم ڪجي جي ايم سيد لکي ٿو ته:

“مرزا قليچ کان پوءِ ۱۹۴۰ع ۾ جڏهن ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب سان ان بابت مشهورو ڪيم ته هن صرف ان تجريز جي تائيد ڪئي ليڪن ان جي مقصد ۽ قاعدن قانونن جو مسودو ٺاهي ان ڪم ۾ مدد گار ثابت ٿيڻ جهڙن ڪن ماڻهن جا پڻ نالا پيش ڪيائين جنهن تي “سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ” سيد ميران محمد شاهه جي چيئرميني هيٺ قائم ڪيو ويو. ان جو سيڪريٽري عثمان علي انصاري جوائنٽ سيڪريٽري مسٽر لعل چند امر ڏنو جڳتياڻي مقرر ڪيا ويا ۽ ميمبر علامه دائود پوٽو پاڻ، علامه آءِ آءِ قاضي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، پير علي محمد شاهه راشدي مولوي دين محمد مسٽر ڄيٺمل پر سرام انهي بورڊ جا مکيه ميمبر هئا. (سيد، ۲۰۰۹: ۴۳۵)

ڊاڪٽر دائود پوٽو پاڻ ميڙن جو مور هوندو هو. ڏکيي کان ڏکيا، علمي سوال ڳولي آڻي رفيقن آڳيان رکندو هو بورڊ جي ساري ڪم جو نقشو سندس دماغي خوبين جو ٿورائتو هوندو. هو اصولي ڳالهين ۾ پاڻ ڪنهن جي ڪونه مڃيندو، هڪ دفعي ڪنهن اکر جي سلسلي ۾ اچي زير زبرتي جهڳڙو ٿيو. هڪ طرف ڊاڪٽر صاحب پڻ ٻئي طرف بورڊ جي ميمبرن گهٽائي، جيتري قدر مون کي ياد آهي. اهو جيهڙو ٻه سال کن هلندو رهيو ۽ بورڊ پاڻ گروپن ۾ ورهائجي ويو. تڪرار وڌي ويو اختياري ڪالمن تائين به پهتو پر پڇاڙي تائين آڻ ڪنهن جي ڪانه مڃي ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب پنهنجيءَ ڳالههه تي قائم رهيو. “( راشدي، ۲۰۱۰: ۴۰۰)

۱۹۵۱ع ۾ وزير تعليم غلام نبي خان پٺاڻ حڪومت اندر طرفان بورڊ جو نالو، “سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ” مٽائي “سنڌي ادبي بورڊ” رکيو ويو. جنهن جا پهريان ميمبر ڊاڪٽر دائود پوٽو صاحب، عثمان علي انصاري، شيخ عبدالمجيد، جي ايم سيد ۽ ٻيا هئا.

ڊاڪٽر صاحب جون تصنيفون:

ڊاڪٽر صاحب بهترين نقاد، اعليٰ پايي جو محقق، اعليٰ نثر نويس، پرک رکندڙ شخص هو. سندس ڪيل علمي ادبي خدمتون ساراهه واريون آهن ڪنهن رک رکاءَ جي پنهنجي راءِ ڏيندو هو. “ڊاڪٽر صاحب سنڌ جو بهترين عالم، محقق، محب وطن، سچو دوست، ايماندار، جو شيلو، بي خوف برزگ هو. هن کي هم ۽ قومي غيرت جو جوش وقتي اهڙي صاف گوئيءَ تي آمده ڪندو هو. جو مصلحت ۽ دور انديشيءَ کي پٺن پويان اڇلائي ڇڏيندو هو جنهن ڪري سندس دوست ڊڄي ويندا هئا ته ڊاڪٽر صاحب انهيءَ ڪري متان نقصان هيٺ اچي پر کيس پرواهه نه رهندي هئي.” (سيد ۲۰۰۹: ۴۲۹)سندن ڪتان جو وچور هن ريت آهي.

شاهه جو رسالو پروفيسر گربخشاڻي سان شرڪت ۱۹۲۳ع

طيبات سعدي (انگريزي) ۱۹۲۳ع

روائح بوستان (انگريزي) ۱۹۲۴ع

مرشد المبتدي ۱- ۲ حصا، ۱۹۲۹ع کان ۱۹۳۱ع (عربي)

انتخاب نثر ۽ نظم (فارسي) ۱۹۳۱.

سرها گل، تمهيد، تراجم، تعليقات ۱۹۳۲ع

سياست نامو نظام الملڪ طوسي،

نفحات حافظ

عيار دانش، ابو لفضل ۱۹۳۴ع

عربي شاعري جو فارسي شاعري تي اثر لکيل ۱۹۲۷ ڇپل ۱۹۳۴ع ph. d.

مجموعه نثر و نظم عربي ۱۹۳۶.

سروري آف ماس ايڊيوڪيشن انگريزي ۱۹۷۳ع

سفر نامو ناصر خسرو ۱۹۳۸ع

روشنائيان ناصر خسرو ۱۹۳۸ع

تاريخ معصومي، تعليقات فارسي ۱۹۳۸ع

قطعات ابن يمين منتخيات، تمهيد، تعليقات ترجمعي سميت ۱۹۳۸ع

تاريخ چچ ناما فارسي، تعليقات ۱۹۳۹ع

ابيات سنڌي مخدوم محمد زمان لنواري واري جو ڪلام جي شرح، تعليقيات ۱۹۳۹ع

منهاج العاشفين

حمزه الا صفحاني جي تاريخ مان هڪ باب جو ترجمو انگريزي ۾

سنڌي نثر ۽ نظم ۳ ڀاڱا ۱۹۴۲ع ۱۹۴۴ع - ۱۹۴۸ع

مدارج القرائت العربيه ۳ ڀاڱا- ۱۹۵۰ع

آغاز فارسي، ۴ حصا، ۱۹۵۱ع

دورس العربيع ۴ حصا – ۱۹۵۳ع

ڪلام گرهوڙي، تمهيد تعليقات وغيره. ۱۹۵۷ع

منهنجي مخصر آتم ڪهاڻي، ۱۹۵۹ع

مضمون ۽ مقالا (مضمون ۽ مقالا) مرتب، خانم خديجه دائودپوٽو، ۱۹۷۸.

مٿين ڪتابن کان سواءِ دائود پوٽي صاحب سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌين لاءِ ڪم ڪيو. ۱۹۵۰ع کان ۱۹۵۵ع تائين سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر پڻ رهيو. ۱۹۵۵ع تي حج جي سعادت ماڻيائين، ۱۹۵۵ع – ۱۹۵۶ع اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر رهيو. علامه دائود پوٽو ڪيترن ئي ملڪي ۽ غير ملڪي ثقافتي ادارن جو رڪن هو. ۽ سنڌ لاءِ باعث ناز هو. هو مصر جي فواد يونيورسٽي جو مراسل ميمبر هو. پاڪستان ’ايران ثقافتي انجمن‘ جو ميمبر هو. سنڌ تاريخي سوسائٽي ۽ ٻين ڪيترن ادبي ۽ ثقافتي ادارن جو سرگرم رڪن هو. سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي جو باني هو. سندس ايامڪاري جا مکيه ڪار ناما هيٺيان آهن.

زوري تعليم جو جاري ٿيڻ، ان تي باقاعدي عمل ڪرائڻ.

بالغن جي تعليم جو انتظام ڪرڻ.

پرائمري اسڪولن جو انتظام لوڪل بورڊ ۽ ميونسپل کان کيسي سرڪار جي حوالي ڪرڻ.

حيدرآباد ۾ عربي اسڪول کولڻ.

سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرڻ ۾ صلاح ۽ مدد ڪرڻ.

سنڌي ادبي بورڊ قيام لاءِ پتوڙڻ، ان لاءِ صلاحون ۽ چارٽ پيش ڪرڻ.

 مهراڻ رسالي جو نالو ’مهراڻ‘ تجويز ڪرڻ ۽ مهراڻ جي ادارت ۽ شعبهءِ تحقيق وتاليف جي نگراني ڪرڻ.

ڊاڪٽر غلام علي الانه لکي ٿو ته:

سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي، لاءِ ڊاڪٽر صاحب پاڻ چڱو پتوڙيو، “سنڌي ادبي بورڊ جي بانين مان هڪ هو. ۽ مهراڻ رسالي جي جاري ٿيڻ ۾ هن جو خاص هٿ هو. ڊاڪٽر صاحب مختلف مشرقي ۽ مغربي، زبانن جي ادب جو تسليم شده ماهر ۽ عالم هو. هن جو تصنيفون انگريزي عربي، فارسي، سنڌي زبانن ۾ موجود آهن، (الانا ۱۹۹۹: ۲۱۹)

مضمون ۽ مقالا:

ڊاڪٽر صاحب کي چئن ئي زبانن سنڌي، فارسي، عربي ۽ انگريزي تي دسترس هئي. هو چئني ٻولين جو ماهر هو پر هن سنڌيءَ ۾ گهڻو لکيو آهي. بيان العارفين، ڪلام گرهوڙي، سنڌي ابيات، چونڊ سنڌي شاعري طويل تحقيقي مقدما لکيا. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيا جن ۾ (۱) انسان ڪامل شاهه لطيف جي نظر ۾ (۲) شاهه جو صوفياڻيو شعر (۳) شاهه ۽ رومي (۴) شاهه جي تصوير (۵) ڀٽ تي ڀيرو (۶) شاهه کان اڳ جا شاعر (۷) سنڌي علم ادب، (۸ سنڌي شاعر ۽ سنڌي شعر (۹) سنڌ جي ادبي تاريخ (۱۰) سنڌي ادبي سوسائٽي(۱۱) برٽن صاحب جي سنڌي ادب تي نظر (۱۲) ادبي ذوق، (۱۳) بيڪس سنڌ جو هڪ مشهور شاعر (۴) مئين عيسيٰ جي تربت جي تلاش (۱۵) قاض قاضن (۱۶) عيدالفطر (۱۷) حج (۱۸) عورت ۽ اسلام (۱۹) باران رحمت وغيره.

ڊاڪٽر دائود صاحب سنڌي ادب جو روشن ستارو هو تاريخ تحقيق، سان گهڻو پيار ڪندڙ، محنتي ايماندار سچار، حب الوطني جي جذبي سان سرشار هوندو هو. علمي ادبي ٿيل ڪم سنڌي ادب ۾ هڪ پنهنجي جدا حيثيت والاري ٿو. هندستان جي مشهور معروف محقق اسلامي دنيا جي مفسر ۽ عالم مولانا ابو الڪلام آزاد تاريخ معصومي فارسي ۾ ڊاڪٽر ڊائود پوٽي جي مقدمي ۽ تعليمات کي ڏٺو ته تڏهن فرمائڻ لڳو. سرزمين سنڌ اڃا محققن ۽ عالمن کان خالي نه آهي. (آزاد، ۱۹۹۹: ۱۰۳).

شمس العلماءُ جو خطاب:

سرڪار سندس علمي ادبي، خدمتن جو قدر ۽ علمي عظمت جو اعتراف ڪندي کيس ۱۹۴۰ع ۾ شمس العلماءُ (عالمن جو سج) جو خطاب ۽ خلعت بخشي علام سنڌ جو چوٿون شمس العلماءُ آهي. سڄي سنڌ ۾ چار شمس العلماءَ ٿيا هڪ پارسي ٽي مسلمان. سندس وصال کان پوءِ سيوهڻ هاءِ اسڪول سندس نانءُ ڪيو ويو. جنهن جو نالو “شمس العلماءُ عمر بن محمد دائود پوٽو هاءِ اسڪول سيوهڻ رکيو ويو.

ڊاڪٽر صاحب ٻوليءَ جو ويجهار هو. هرشيءِ تي عالمانه نظر سان ڏسندو هو. هو غربت جا ڌڪا ٿاٻا سکائي پوءِ وڃي منزل تي رسيو هو. منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي جو نثر ته پڙهو اصل ٻوليءَ جا وڻ وڄائي ٿو ڇڏي. دائود پوٽو لکي ٿو ته:

ٻئي ڏينهن پنجن درجي واري ڪلاس ۾ وڃي ويٺس ڇوڪرا مون کي ڏسي هڪ ٻئي کي پيا اکين جا اشارا ڏين ۽ اکين اندر پيا لکن ۽ کچڪن. ڪلاس ماستر ميان سبحان علي شاهه مون کي مٿي کان وٺي پيرن تائين نهاري ڏٺو، ۽ حيرت جو پتلو بنجي پيو مڙس قدوارو ڀورو، مٿي تي اڇو پٽڪو، شهپر وڏا، نڪ چتونءَ جنهن جو سٿڻ جهولدار قميس مٿان قيمتي واسڪوٽي ۽ پيرن ۾ چمڪدار چڪمو هوس. شاگردن کي ڪرڙي اک سان ڏٺائين سڀ سن کائي ويهي رهيا. آخر پهرين گهنٽي جو سبق شروع ٿيو. منهنجي انگريزي ۾ قرات ٻڌي سڀئي حيرانن ٿي ويا. اگرچه اهو اڳ پڙهيل نه هو سوال جواب هليو لفظن جون معنائون پڇيون ويون. جن ۾ آئون سڀني کان ڪسر کڻي ويس. ۽ انهيءَ ئي ساعت ۾ پهريون نمبر ٿي ويٺس سڀني جا ڏند چپن سان لڳي ويا. ماستر صاحب جي حڪم تي يڪدم چندوٿي ويو ۽ مون لاءِ سٺا ڪپڙا ٺهرايا ويا. ٿورن ئي ڏينهن ۾ مان ڳوٺاڻي شاگرد مان ڦري شهري ٿي پيس.

پنجين درجي ۾ چڱا شاگرد هئا. مون کي مرحوم شيخ الله بخش ۽ عزيزه غلام حسين ڦل جي سنگت وڻندي هئي ڦل صاحب سان اها اڳوڻي آشنائي ۽ محبت اڃا هلندي اچي ڇاڪاڻ ته هو اصل کان سهڻيءَ اخلاق جو مجموعو آهي. سندس نهٺائي هوشياري، ۽ شيرين زباني منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويئي، هو پڻ هاڻ مون وانگر فارغ البال ٿي ويٺو آهي. ليڪن اڄ سند س مرڪندڙ منهن ۽ دلپزير مرڪ اندر جي ڦرهيءَ تي اڪريل اٿم. نوڪري جو سارو زمانو شرافت ايمانداريءَ پاڪدامني بي ريائيءَ سان گذاريائين ۽ ڪنهن جي چيڙ کي به ويجهو نه ويو. خوشامد به آمدکان پري هو. ۽ سڀ ڪنهن کي سچي ڳالهه چئي ڏيندو هو. افسوس جو پاڪستان کان ظهور بعد حڪومت جي ڪارپردازن سندس قدر نه ڪيو (ايمانداري جو قدر ڪٿي آهي) ۽ کيس ڪليڪٽريءَ جي عمدي تان قبل از وقت پينشن وٺڻي پئي (دائود پوٽو، ۲۰۰۵ :۳۷- ۳۸)

عمر بن محمد دائود پوٽو کي ٻه ڀائر هئا (۱) امام بخش دائود پوٽو) (۱۲) غلام حسين دائود پوٽو. ڊاڪٽر صاحب پاڻ ٻه شاديون ڪيون هئائين. پهرين گهر واري مان ۲ پٽ چار نياڻيون هيون ٻي گهر واري مان عيسيٰ قمرالدين هو.

سنڌ جي هن يگاني نثر نويس، محقق، تاريخ جي عاشق محب وطن، محنتي سچار ايماندار ۲۲ نومبر ۱۹۵۸ ع تي دل جي دوري سبب دم ڌڻي حوالي ڪيو. ۽ سڄي سنڌ کي ويڳاڻو ڪري ويو. سندس وصيعت موجب لطيف سرڪار (ڀٽ شاهه) جي پيرن ۾ مدفون ڪيو ويو. ۽ سنڌ هاڪاري عالم کان محروم ٿي وئي.

نتيجو:

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو ٽلٽي ۾ ۵ مارچ ۱۸۹۶ع تي پيدا ٿيو. سندس خاندان وارا تمام غريب هئا. پر هن محنت ڪري پاڻ مڃايو.

سندس سنڌي ادب لاءِ ڪيل ڪم تاريخي آهي. جنهن ۾ بالغن جي تعليم پرائمري اسڪولن جي قيام لاءِ جاکوڙڻ، سنڌي ادبي بورڊ جي قيام ۽ ادارت کي هلائڻ لاءِ صلاحون، ٽه ماهي مهراڻ جو نالو، سوچ ويچار سان رکڻ.

سندس ٿيل تحقيقي ڪم بيان العارفين، تاريخ معصومي، ڪلام گرهوڙي، چچ نامو، ابيات سنڌي، ۽ ٻين ڪتاب جا حواشيه، تعليقات، تمهيد، شرح، ۽ مقدمه شاندار آهن.

ڊاڪٽر صاحب انگريزي، سنڌي، فارسي، عربي تي عبور رکندو هو. ۽ ان سان گڏ اردو به بهترين ڄاڻندو هو.

پاڻ بهترين مترجم به هو.

ڊاڪٽر نج نبار ٻهراڙي جو هو. ٻوليءَ تي وڏي دسترس هيس زير، زبر، پيش جزم اعرابن تي خاص توجهه ڏيندو هو.

 حوالا:

سيد، جي، ايم، ۲۰۰۹:، جنب گذاريم جن سين، روشني پبليڪشن ڪنڊيارو.

راشدي، پير علي محمد، ۲۰۱۰: اُهي ڏينهن اُهي شيهن، روشني پبلڪيشن ڪنڊيارو.

سيد، جي، ايم، ۲۰۰۹: جنب گذاريم جن سين، روشني پبليڪشن ڪنڊيارو.

الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، ۱۹۹۹: سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد.

آزاد، عبدالڪلام، ۲۰۰۵: منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي، شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد.

دائود پوٽو، عمر، بن محمد، ۲۰۰۵: منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي، ڊاڪٽر، شمس العلماءُ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد.

 

(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۶ مئي ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)


 

شمس العلماءُ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو

ڪريم بخش خالد

محمد عثمان عباسي

ادبي اڪابرن جو ذڪر ڪندي اسان کي انهن جي علم ۽ ڏاهپ جو تجزيو ڪرڻو پوندو ڇو ته اڪابر جي لغوي معنيٰ ۾ نه پر اصلاحي معنيٰ ۾ ئي انهن جي حياتيءَ ۽ آثارن جو مطالعو مراد آهي. جيئن ته مون شمس العلماء مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، حڪيم مولوي فتح محمد سيوهاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گُربخشاڻي، مولوي دين محمد وفائي، پير حسام الدين راشدي ۽ شمس العلماء ڊاڪٽر عمربن محمد دائودپوٽي سنڌي ادب جا ست ستارا (گرھ هئا)، کي ذهن ۾ رکيو. انهن صاحبن جو ادبي اڪابرن ۾ شمار ٿئي ٿو. هي سنڌي ادب جا محسن هئا ۽ انهن جي روشني ۽ اندر ۾ پيهي وڃڻ وارو ۽ اثر ڪندڙ ڪردار رهيو آهي، علم ۽ ڏاهپ جي اعتبار کان اڄ ڊاڪٽر دائود پوٽي جو تذڪرو ئي منهنجي موضوع جو عنوان آهي. ڇو ته هيءُ بزرگ گفتگو ۽ ڪردار، عقل ۽ دانائي، قديم ۽ جديد علمن کان واقفيت جي ڪري قداور شخصيت آهي. پاڻ فلسفي، تاريخ، ادب، دينيات ۽ منطق وغيره کان چڱي طرح واقفڪار هئا. انکانسواء هن پنهنجي علمي، عقلي، فڪري ۽ تخليقي صلاحيتن جي زور تي انهن علمن جي سرحدن کي اڳتي وڌائڻ ۾ پنهنجو انفرادي ڪردار ادا ڪيو. فڪري بلندي ۽ گهرائي، نظر جي ڪشادگي ۽ وزنائتي ڳالھ ڪرڻ، ان جي علمي ۽ عمليءَ جي نرالي سڃاڻپ هئي. ڪنهن علم سان حقيقي تعلق هن شخص جي علمي ڪارنامن ۾ ملي سگهي ٿو، جنهن جو ان علم جي ترقي ۽ روشنيءَ ۾ دخل هجي. انڪري فڪري ۽ دليل بازيءَ جي حد کي پهچڻ ۽ موقعي مهل واري سهڻي گفتگو نهايت ضروري آهي ۽ اها ئي ان شخص جي دانشوريءَ ڏاهپ جي صحيح علامت به هئي.

سنڌي زبان جي قدامت جي باري ۾ ضروري طور تي ڪجھ به نه نٿو چئي سگهجي ڇو ته موئن جو دڙي مان هٿ آيل مهرون (Tablets) جن تي مختلف شڪليون اُڪريل آهن، اڃا تائين رمز واري لکت (Decipher) نه پڙهجي سگهي آهي، پر تهذيبي ۽ ثقافتي آثارن ۽ روايتن جي بنياد تي دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته سنڌي زبان هن خطي جي پنهنجي زبان آهي ۽ علم السان جي اصولن جي مطابق هيستائين ڪيترن ئي ٻاهرين اثرن مثال جي طور تي آريائي، منگولي، يوناني، ايراني، عربي ۽ انگريزيءَ جي ڪري انجي صورت ۽ لفظن جي ذخيري ۾ تبديليون ۽ واڌارا ٿيندا رهيا آهن، پر ان جو ثقافتي مزاج اهو ئي رهيو آهي، جيڪو اڄ کان هزارين سال اڳ هو.

هر قوم جو تشخص ماڻهن جون تهذيبي روايتون ۽ ثقافتي مواد سان پرکيو ويندو آهي، جيڪو ادب جي مختلف صنفن مان ظاهر ٿيندو آهي، نثر ۽ نظم ٻنهي شعبن ۾ سنڌي زبان جا شاهڪار ملن ٿا، جن جي لکتي تاريخ ڇھ سؤ سال پراڻي آهي ۽ هيءُ ثقافتي ورثو ماڻهن جي فڪري هيڪڙائي ۽ گڏيل سماجي روايتن جي مخبري ڪري ٿو. قاضي قاضن جي ڪلام ۽ ساهن پال (گجرات) جي حاجي نوشه جي ”گنج“ ۾ شراڪت فڪر جو ڪيتريون جايون ڏسڻ ۾ اچڻ ۽ هي روايتون سچل سرمست تائين لڳاتار هلنديون پئي آيون آهن. اسلام جي اچڻ کانپوءِ سنڌ جي عوام دل جي سچائيءَ سان گڏ اسلامي تعليم کي پنهنجي روزاني حياتيءَ جي لاءِ رهنما ٺاهيو. سج، چنڊ، تارا، باهه، پاڻي، جانورن ۽ مورتين جي پوڄا ختم ڪري هڪ اڪيلي الله جي عبادت کي پنهنجو طريقو ٺاهيو. سنڌي زبان تي عربي زبان جو اثر ٿيو، جنهن سون تي سهاڳي جو ڪم ڪيو. ان کانپوءِ سومرن ۽ سمن جي دور ۾ مذهب جو پرچار ادب جي ذريعي به ٿيو. ڏهين صدي هجريءَ ۾ مدرسن جي لاء جدا عمارتون تعمير ٿيون ۽ ائين اسلامي دنيا جي عالمن فاضلن، اديبن ۽ شاعرن جو سنڌ ۾ اچڻ شروع ٿيو، جيڪي سنڌ جي لاءِ سٺو سؤڻ ثابت ٿيو. ٺٽي علمي مرڪز جي حيثيت اختيار ڪئي ۽ سنڌي عالمن جي عالمانه شهرت کي عرب ۽ عجم ۾ روشني ۽ رونق حاصل ٿي.

سنڌ ۾ فارسي زبان جو، اثر ته گهڻو قديم آهي پر سرڪاري زبان جي حيثيت سان اُها سما دور حڪومت ۾ ئي رائج ٿي چڪي هئي، پر سورهين صدي عيسويءَ ۾ ارغون ۽ ترخان خاندانن جي دور اقتدار ۾ فارسيءَ کي تمام گهڻي ترقي حاصل ٿي. فارسيءَ درٻاري حيثيت اختيار ڪئي هئي. ان کانپوءِ مغليه دور جي نوابن جي عملداريءَ ۾ فارسي علم ۽ ادب جو هر جاءِ تي ذڪر ٿيڻ لڳو. ان دور جي اسڪولن مدرسن ۽ دانشورن جو احوال تذڪرو مقالات الشعراءُ ۽ ضميمو مقالات الشعراءُ مان لڳائي سگهجي ٿو، جيڪو ترتيب سان مير علي شير قانع (وفات سنه ۱۲۰۳ھ) ۽ مخدوم محمدابراهيم ٺٽوي (وفات سنه ۱۳۱۷ ھ) جي تاليف آهن ۽ سيد حسام الدين راشديءَ جي محققانه تاليف کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ سنه ۱۹۵۷ع ۾ شايع ڪيو پر ان دور ۾ عوام جي روزمره زبان سنڌي هئي ۽ صوفي شاعرن جي ڪلام کي فارسي رسم الخط ۾ لکيو ويندو هو. جيئن ته شاھ ڪريم جو ڪلام انجي ملفوظات ”بيان العارفين“ ۾ ڏنو ويو آهي.

مغلن جي دور حڪومت جي آخري اڌ صديءَ ۾ شاھ عبداللطيف سنڌي زبان ۽ ادب کي نئون موڙ عطا ڪيو، ان فطرت جو مطالعو، ماحول ۽ منظرن جي عڪاسي ڪئي. نوان موضوع ۽ لوڪ داستانن جي ڪردارن کي علامتن جي روپ ۾ بيان ڪيو. هن جن روايتن جو بنياد وڌو اهو پويان ايندڙ شاعرن ۽ اديبن جي لاءِ رهنماعيءَ جو سبب ٺهيا. ٽالپرن جي دور ۾ انهن ئي روايتن کي اڳتي وڌايو ويو، پر فارسي عروض جي طرز ۾ به شاعري ٿيڻ لڳي. مرثيه جي صنف کي واڌارو حاصل ٿيو، دهلي، لکنو ۽ ڏکڻ هندستان جي علمي ۽ مذهبي رجحان اثرانداز ٿيڻ لڳا.

اڻويهين صدي عيسويءَ جي پنجين ڏهي ۾ انگريزن حڪومت سنڀالي ۽ ڇهين ڏهي ۾ سنڌي زبان جو موجوده عربي رسم الخط طئي ڪيو. انگريزي دور حڪومت ۾ سنڌ جي عوام جو جديد علمن سان واسطو پيو، ماڻهن ۾ قومي جذبو پيدا ٿيو. دنيا جي سياسي، اقتصادي، معاشرتي حالتن جي تبديلين جو برصغير جي ٻين علائقن وانگر سنڌ تي به اثر ٿيو. انگريزي ۽ ٻين زبانن جي نصابي ۽ تفريحي شاهڪارن جا ترجما ٿيا. صوفي شاعرن جو ڪلام ۽ مذهبي ڪتاب مشينن تي ڇپجي شايع ٿيڻ شروع ٿيا.

مان معذرت گهران ٿو ته صدين جي ادبي روايتن کي چند گهڙين ۾ بيان ڪرڻ تي مجبور آهيان. ان ادبي ۽ ثقافتي ماحول ۾ عمربن محمد دائود پوٽو ۲۵ مارچ ۱۸۹۶ع تي دادو ضلع جي هڪ ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ اک کولي. سندن تعلق اڳئين رياست بهاولپور جي حڪمران دائودپوٽي خاندان سان هو. سندن ڏاڏو عبدالمطلب هڪ خوشحال آبادگار هو، پر ان جي وفات کانپوءِ هن خاندان تي مصيبتن جو جبل ٽٽي پيو، انهن جو زمينون ۽ مال هندو واپاري سيٺ کڻي ويا، جنهن جي ڪري انهن کي پهريان پوکي راهي ۽ بعد ۾ ڊکاڻڪي جي طور تي روزگار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻي پئي، پر الله تعاليٰ هن ننڍڙي ٻار جي قسمت ۾ دين ۽ دنيا جي عظمت ۽ علم جي حاصلات ۽ خدمت جو ڪم لکيل هئو. غريبيءَ ۽ محتاجيءَ جي ان پُرآشوب دور ۾ ڇهن سالن جي عمر ۾ دائودپوٽي صاحب هڪ سنڌي اسڪول ۾ تعليم جي شروعات ڪئي. الله تعاليٰ ان کي هوشيار ذهن ۽ موزون طبيعت وارو، عزم جو پختو حوصلو عطا ڪيو هو. ان وقت جي تعليم کاتي جي آفيسرن هن هوشيار ڳوٺاڻي ٻار ۾ دستور جي خلاف ذهانت ۽ روشن مستقبل جا آثار ڏٺا ۽ هنجي امداد ڪئي. هن ٽلٽيءَ کان لاڙڪاڻي مدرسي ۽ بعد ۾ نوشهروفيروز جي مدرسي ۾ تعليم حاصل ڪئي ۱۹۱۵ع ۾ دائودپوٽي صاحب سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخلا ورتي، جتان ۱۹۱۷ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪئي، شاگرديءَ دوران هن سدائين پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ ميٽرڪ ۾ ته سڄي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو ۽ ”سنڌ ايگزيبيشن پرائز“ حاصل ڪيو. اعليٰ تعليم جي لاءِ ۱۹۱۷ع ۾ هن ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ۱۹۲۱ع ۾ بي اي (آنرز) ۽ ۱۹۲۳ع ۾ ايم.اي نمايان حيثيت سان پاس ڪئي ۽ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ جي ڪري هنکي ”چانسيلر ميڊل“ مليو. سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ رهائش دوران هن پنهنجو پاڻ کي محنت ۽ پورهئي جو عادي ڪري ڇڏيو. هو جونيئر شاگردن کي ٽيوشن ڏيڻ کانسواءِ هاسٽل جون کٽون واڻيندو هو ۽ هر قسم جي محنت ڪرڻ لاءِ سدائين تيار رهندو هو ته جيئن عزت نفس برقرار رهي ۽ ڪنهن جي سامهون هٿ ڊگهيڙڻو نه پوي.

ايم.اي ڪرڻ کانپوءِ ڪجھ عرصي لاءِ هن کي ڊي.جي سنڌ ڪاليج ۾ ئي عربيءَ ۽ سنڌيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ ۱۹۲۶ع تي کيس اسسٽيٽ اسڪالرشپ ڏئي ڪيمبرج يونيورسٽي لنڊن ۾ تحقيقي مطالعي جو ڪم حوالي ڪيو ويو. ان دوران دنيا جي وڏن وڏن مشهور عالمن ۽ محققن مثلاً پروفيسر اي.جي برائون، پروفيسر اي اي بيون، پروفيسر آر، اي نڪلسن وغيره جي سامهون ادب سان ويهي شاگرديءَ جو موقعو مليو ۽ انهن جي خيالن ۽ تحقيق جي طريقي مان فائدو حاصل ڪيو. اتي ئي هن پروفيسر ڪوئيلو ڪوچ سان ارسطوءَ جي گفتگو تشبيهن جي قاعدن تي، پروفيسر رچرڊس هينوي ۽ اي ايم فاسٽر جون عالمانه تقريرون ٻڌيون، انهن کانسواءِ پروفيسر ايس ڊي مارگو لوٿ، پروفيسر ٽي.ڊبليو.آرنالڊ، پروفيسر ايف.ڪرنيڪو، پروفيسر وينسنڪ ۽ ٻيا مشهور مستشرقين (مشرقي ٻولي ۽ علمن تي عبور رکندڙن) سان ويجهڙائي رهي. دائودپوٽي صاحب جي تحقيقي مقالي جو عنوان هئو ”فارسي شاعريء جي ترقيءَ تي عربي شاعريءَ جو اثر“ جيڪو ۱۹۳۴ع ۾ شايع ٿيو ۽ علوم شرقيه (اوڀر جي عالمن) جي ڪيترن ئي ماهرن مثلاً آڪسفورڊ يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر ڊيوهرسٽ پنهنجي پسندگيءَ جو اظهار ڪيو. پروفيسر برائون پنهنجي ڪلاسڪ نيف ”تاريخ ادبيات ايران“ ۾ جنهن خواهش جو اظهار ڪيو هو. ڊاڪٽر دائود پوٽي ان کي پورو ڪندي واضح ۽ مضبوط دليل سان ثابت ڪري ڇڏيو ته فارسي شاعري تخيل ۽ بيان انداز ۾ عربي شاعريءَ کان متاثر ٿي آهي ۽ فارسي شاعرن جا استاد عربيءءَ جا اهي شاعر آهن، جن جي انهن پيروي ڪئي آهي ۽ شاگرديءَ جو اقرار ڪيو آهي. جيئن انوريء امراء القيس کي نذرانو عقيدت پيش ڪندي اقرار ڪيو آهي.

پي ايڇ ڊي ڪرڻ کانپوءِ ڊاڪٽر دائود پوٽو سيپٽمبر ۱۹۲۷ع تي ڪراچيءَ واپس آيو ته انکي سنڌ مدرسة الاسلام جو پرنسپل مقرر ڪيو ويو. ڪنهن کي وهم گمان به نه هئو ته مدرسي جو هڪ هوشيار شاگرد هڪ ڏينهن پنهنجي ”مادر علمي“ جي خدمت تي اهڙي طرح مقرر ڪيو ويندو. ڊاڪٽر دائود پوٽو ٽن سالن تائين مدرسي جو پرنسپل رهيو ۽ ان دوران تدريسي ۽ انتظامي ماحول جي اصلاح ڪئي. شاگردن جي دلداري کانسواءِ انهن جي رهنمائي ڪندو هو. ٽن سالن جي سخت محنت خدمتن کانپوءِ پاڻ بمبئيءَ ۾ نئين قائم ٿيل سر اسماعيل ڪاليج ۾ عربيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو جتي نون سالن تائين نهايت سخت محنت ۽ خلوص سان عربيءَ جي واڌاري ۾ مشغول رهيو.

۱۹۳۹ع ۾ کين کي صوبي سنڌ جو ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن (D.P.I) مقرر ڪيو ويو. جتان هن آڪٽوبر ۱۹۵۰ع ۾ رٽائرمينٽ ڪيو. ان کان پوءِ هن کي ۵ سالن جي لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ ان وقت ۾ هڪ سال جو واڌارو ڪري کين کي اولھ پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر ڪيو ويو. ۳ آڪٽوبر ۱۹۵۶ع تي ڊاڪٽر صاحب نوڪريءَ کي هميشه جي لاءِ ڇڏي ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ادبي ۽ تحقيقي سرگرمين ۾ مصروف ٿي ويو.

اعليٰ تعليمي ادارن جو قائم ڪرڻ:

ڊاڪٽر دائودپوٽي نه فقط پرائمري تعليم کي لازمي قرار ڏنو، پر زميندارن جي ٻارن کي تعليم مان فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ۱۹۴۲ع ۾ خاص انتظام ڪيو ڇو ته ان طبقي ۾ علم دوستيءَ جي نالي جي ڪا به شيءِ نه هئي. ان کان سواءِ ۱۹۳۹ع ۾ تعليم بالغان جو بندوبست ڪيو. ثانوي تعليم جي واڌاري جي سلسلي ۾ ڪوشش ڪرڻ سان گڏ هن سنڌ مدرسة الاسلام جي حدن ۾ سنڌ مسلم ڪاليج کي عملي جامو پارائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي.

بمبئي پريزيڊنسي کان سنڌ جو الحاق ٽٽڻ کان پوءِ به سنڌ ۾ جدا يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪيو ويو. هندن جي سخت مخالفت جي باوجود ۱۹۴۷ع تي هيءُ اسڪيم منظور ڪئي ويئي. ڊاڪٽر داؤد پوٽي ان تعلق ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ اهائي اميد هئي ته هنکي وائيس چانسلر چونڊيو ويندو، پر ان وقت جي وزير تعليم سان اڻ-وڻندڙ تعلق جي ڪري فال ڪڻو پروفيسر اي بي اي حليم جو نڪتو. جنهن کي علي ڳڙھ کان آڻي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر مقرر ڪيو ويو، پر ڪراچي يونيورسٽيءَ جي قائم ٿيڻ ڪري ان سنڌ يونيورسٽيءَ جي اعليٰ منصب ڇڏيو، ڪراچي يونيورسٽيءَ جو وي.سي ٿيڻ کي اهميت ڏني ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ علامه آءِ آءِ قاضي جي مقرري عمل ۾ آئي

تحقيقي ڪارناما:

ڊاڪٽر دائود پوٽو فقط علم جو ئي موتي نه هو. اهو قلم جو به ڌڻي هو. سنڌي علم ۽ ادب جي حوالي سان هُو اعليٰ حيثيت وارو هو. انجي هيءءَ حيثيت فقط هڪ طرف تي مشتمل نه هئي پر ڪيترن ئي طرفن تي حاوي آهي، ان جي نگاھ نهايت گهري هئي. ان جو هڪ ڪارنامو هيءُ آهي ته هن سنڌي زبان جي تهذيبي ۽ ثقافتي تشخص جي حفاظت جي لاءِ جدوجهد ڪئي، انجي گنجائش ۾ واڌرو ڪيو ۽ صحتمند ادبي روايتن کي وڌايو. ان جو جيڪو ڪجھ ادبي ورثو اسانکي ورثي ۾ مليو آهي، اهو هڪ قيمتي سرمايو آهي ۽ ايندڙ دور ۾ به انجي اهميت گهٽ نه ٿيندي.

سندن تحقيقاتي ڪمن جي فهرست ڊگهي آهي (ضميمو الف) انڪري ڪن خاص ڪارنامن جي مختصر ذڪر ڪرڻ تي ڪفايت ڪريان ٿو، جن جو تعلق سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقيءَ سان آهي. شاھ عبداللطيف ڀٽائيء جو مجموعي ڪلام ”رسالو“ سنڌي زبان جو ڪلاسيڪ آهي. انجا تقريباً ۵۰ نسخا مسودي طور ۽ ڇپيل حالت ۾ موجود آهن. سنڌي زبان جي هرهڪ عالم جي هيءُ ڪوشش رهي آهي ته ”رسالي“ جو صحيح ۽ مستند ايڊيشن مرتب ڪري. ان تعلق ۾ پروفيسر ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي جو مرتب ڪيل ”رسالو“ ٽن جلدن تي مشتمل ۱۹۳۱- ۱۹۲۳ع دوران شايع ٿيو. هن عظيم ڪارنامي ۾ دائود پوٽي پنهنجي استاد گربخشاڻي سان گڏ رهيو. دائود پوٽي صاحب جي تعاون جو اعتراف ۾ ذيلي طور تي رسالي جي ٽنهي جلدن جي ديباچن ۾ ڪيو ويو آهي، پر بعد جي واقعن هي ثابت ڪري ڇڏيو ته ٽئين جلد جي اشاعت (۱۹۳۰ع) کانپوءِ پروفيسر گربخشاڻي سترهن (۱۷) سال جيئرو رهيو. پر رسالي جو چوٿون جلد شايع نه ڪري سگهيو. ڇو ته انکي ڊاڪٽر دائود پوٽي جو تعاون نه رهيو هو. بهرحال دائودپوٽي صاحب پنهنجون تحقيقي سرگرميون جاري رکيون ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي چوڻ مطابق هن اعليٰ سنڌي شاعريءَ جي قديم ذخيرن کي گڏ ڪيو ۽ تحقيق سان شايع ڪيو.

۱۹۳۲ع ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ”سرها گل“ شايع ٿيو، جنهن ۾ تمهيد، ترجمو ۽ تعليقات (واسطا) شامل آهن. شعرن جي هن گلدستي ۾ اخلاقي، اصلاحي، قومي ۽ نعتيه ڪلام شامل آهي ۽ ڪن گمنام شاعرن جو احوال ۽ ڪلام پهريون دفعو مليو آهي. ان ڪتاب جي تمهيد وجداني انداز ۾ لکي ويئي آهي، جيڪا نهايت دلچسپ ۽ وڻندڙ آهي، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب کي سنڌي زبان تي ايتري ئي ڄاڻ آهي جيترو عربي ۽ فارسي لکت تي عبور حاصل آهي.

۱۹۳۴ع ۾ هن ”منهاج العاشقين“ (فارسي) جو ترجمو ڪيو ۽ ضروري درستگين کانپوء شايع ڪيو. مولوي غلام محمد خانزئيء هي ڪتاب شاھ عبداللطيف جي هڪ معتقد (اعتقاد رکندڙ) طور لکيو هو، جنهن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي يا انجي تقليد ۾ بيت چيا ويا. ٻئي سنڌي ابيات ۾ ڪيل لوڪ ڪهاڻين جي ڪردارن ۽ قاعدن جي باري ۾ سلوڪ جي روشنيءَ جي باري ۾ تشبيھ جي طور تي معنيٰ سمجهائي ويئي آهي. موضوع خواھ معنيٰ جي لحاظ کان هيءُ رسالو سنڌ ۾ سلوڪ ۽ تصوف جي فڪر ۽ فلسفي جي روايت جو نشان آهي ۽ سنڌ جي صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ اسلامي تصوف جي رنگ کي چٽو ڪري ٿو.

۱۹۳۷ع ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پڙ ڏاڏي شاھ عبدالڪريم جي ملفوظات ”بيان العارفين“ (فارسي) جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو. ان سبب ڪري سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايت تقريباً پنج سؤ سالن کان اڳ تائين وڃي پهچي ٿي. انکانسواءِ ملفوظات ۾ سنڌ جي بنيادي شاعريءَ جي پهرين صوفي شاعر قاضي قادن جا به ڪجھ بيت منظر تي عام آيا، جنهن سان سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن جو ڏهين صديءَ هجري ۾ تحريري ثبوت مليو. ”ابيات سنڌي“ ۾ نقشبندي مڪتبي فڪر جي هڪ نهايت معتبر ۽ اعليٰ دعوت ڏيندڙ خواجه محمد زمان جي شاعري آهي جيڪو شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو همعصر هو ۽ سلوڪ جي رستي جو هڪ روشن ستارو هئو. ڊاڪٽر دائودپوٽي انهن بيتن کي شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي عربي تحرير ڪيل مان نهايت سخت محنت سان مرتب ڪيو ۽ ۱۹۳۹ع ۾ شرح سان گڏ ان کي شايع ڪيو. هي ابيات تصوف جي اعليٰ روايتن جا ذميواري قبول ڪندڙ آهن ۽ سنڌي بنيادي شاعريءَ ۾ انهن کي خاص مقام هاصل آهي.

۱۹۴۰ع ۾ ڊاڪٽر صاحب بمبئي يونيورسٽيءَ جي نصاب جي طور تي ”سنڌي نثر ۽ نظم جي چونڊ“ مرتب ڪيو، جيڪو انجي ادبي تحقيقي ۽ صحتمند فڪر جي شاهدي ڏئي ٿو. نصابي ڪتابن جي سلسلي ۾ ۱۹۴۴ع ۾ سنڌي نظم ۽ ۱۹۴۸ع ۾ ”چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم“ (ٽن حصن ۾) شايع ٿيو.

ملازمت پوري ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادبي سوسائٽيءَ کي نئين سرتيار ڪيو جنهن کي هن ۱۹۵۱- ۱۹۵۰ع ۾ قائم ڪيو هو. هن ئي سوسائٽيء جي انتظام هيٺ هن ڪي پراڻا سنڌي ڪتاب ٻيهر شايع ڪيا، جن ۾ ”گل خندان“ به شامل هو. اسان ڄاڻون ٿا ته هيءُ اردو جو مشهور ڪتاب آهي. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ”آتم ڪهاڻي“ ۾ لکيو آهي ته مولود ۽ معجزن سان گڏ مونکي ڪافيون ۽ ڪهاڻيون ٻڌڻ جو گهڻو شوق هو. شروعاتي اسڪول جي دور ۾ ئي گل خندان، اميرحمزو، ممتاز دمساز، الف ليليٰ، چار درويش، گل بڪاولي ۽ خورشيد جهڙا ڪتاب پڙهي چڪو هئو. هي هلندڙ صديءَ جي پهرين ڏهي جي ڳالھ آهي، هن هڪ مثال مان جتي هي ڳالھ ثابت ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ اردو جو رواج پراڻو آهي اتي هي حڪم به چٽو آهي ته ڊاڪٽر دائود پوٽو اردوءَ جو دشمن نه هو. جيئن ته ”مولوي عبدالحق، پير حسام الدين خط و ڪتابت“ ۾ جيڪا ”قومي زبان“ جي خاص نمبر ۱۹۶۴ع ۾ شايع ٿي آهي. مولوي صاحب تاثر ڏيڻ جي بي ڍنگي ڪوشش ڪئي آهي. الله ٽنهي مرحومن کي پنهنجي رحمتن سان نوازي ۽ جنت نصيب ڪري. ۱۹۵۷ع ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي سنڌي ادبي سوسائٽيءَ جي انتظام هيٺ ”ڪلام گرهوڙي“ شايع ڪيو جيڪو ”حقيقت محمدي“ جي تشريح ۾ تصوف جو بي مثال ڪتاب آهي. انڪري ڊاڪٽر صاحب مصر مان خاص ٽائپ به ٺهرائي هئي. ڊاڪٽر صاحب عربي مخطوطي مان انهن شعرن کي نقل ڪيو آهي ۽ اصلاح ۽ مرتب ڪرڻ ۾ پنهنجي ايماني جوش ۽ ادبي صلاحتين جو مظاهرو ڪيو آهي.

پنهنجي ڪهاڻي:

هيءَ آتم ڪهاڻي سوانح عمري ڊاڪٽر صاحب جي ٻارائپ کان وٺي بي.اي پاس ڪرڻ تائين جي حالات تي مشتمل آهي. اصل ۾ ڊاڪٽر صاحب ماهوار ”نئين زندگي“ ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي قسطوار لکي هئي، جيڪا سندن وفات کانپوءِ ڪتابي صورت ۾ سنڌي ادبي سوسائٽي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۱۹۵۹ع ۾ شايع ڪئي.

سنڌي ادب ۾ آتم ڪهاڻي تي نهايت گهٽ توجھ ڏنو ويو آهي. دائودپوٽي صاحب هن ڪتاب ۾ ڄڻ پنهنجو اعمال نامو پيش ڪيو آهي. هن پنهنجي سوانح حيات ۾ آزادي هند جي شروعاتي تحريڪ، پهرين عالمي جنگ، خلافت تحريڪ وغيره جو مختصر ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي ڪري ان ۾ وڌيڪ سرهائي پيدا ٿي ويئي آهي. مواد ۽ ترتيب جي خوبي کانسواءِ بيان ڪرڻ جو طريقو به معياري آهي، سنڌي ۽ فارسي شعرن جي موزون استعمال لکت ۾ عجيب قسم جي تازگي ۽ چاشني ميٺاج پيدا ڪيو آهي. زبان جي سادگيءَ جي باوجود ان ۾ غضب جي دل کي موهڻ واري روانگي آهي جيڪڏهن هيءَ سوانح حيات مڪمل هجي هان ته برطانوي دور ۾ مسلمانن جي تعليم جي تاريخ، صوبي سنڌ ۾ جدوجهد آزادي جون حالتون ۽ لساني، ادبي ۽ ثقافتي تحريڪن جو تفصيل قلمبند ٿي وڃي هان.

مضمون ۽ مقالا:

ماهوار ”سنڌو“ ”نئين زندگي“ ۽ روزانه ”الوحيد“ ۾ سندن مضمون، مقالا ۽ تنقيدون شايع ٿيون. پاڻ مشرقي اوڀر جي لسانيت خاص ڪري عربي ۽ فارسيءءَ جو ماهر هئڻ سان گڏ انگريزي ۽ سنڌيءَ جا اعليٰ اديب ۽ مضمون نويس هئا. جرمني، فرينچ، سنسڪرت، ترڪي ۽ روسي زبانون به لکي پڙهي سگهندا هئا. سندن چاليھ سنڌي مقالن جو مجموعو جنهن ۾ گهڻائي مقالا شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي باري ۾ آهن ۽ يارنهن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب بابت آهن. ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز حيدرآباد طرفان ۱۹۷۸ع ۾ شايع ڪيا ويا آهن.

ڊاڪٽر صاحب جا ڪجھ ڪتاب مسودن جي صورت ۾ آهن، جنهن ۾ ”شاھ جو رسالو“، ابن سينا جي تصنيف ”ڪتاب النجات“ جو سنڌي ترجمو، ابن خلدون جي تاريخ جي ”مقدمه“ جو اڻپورو انگريزي ۽ مڪمل سنڌي ترجمون ۽ ”ميين عيسيٰ جو ڪلام“ خاص آهن.

سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري جي لاءِ آزاديءَ کان اڳ سنڌ حڪومت هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي هئي، جيڪا آزاديءَ کانپوءِ سنڌي ادبي بورڊ جي نالي سان نئين چارٽر، توسيعي پروگرام ۽ گهڻي سرڪاري مالي امداد سان اڄ تائين اشاعت، ادب جي سرگرمين ۾ مشغول آهي. انهن ڏينهن ۾ ادارن جي قائم ڪرڻ ۽ مضبوطي جٽاء ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي اهم ڪردار ادا ڪيو. انکانسواء هن ۵۷- ۱۹۵۶ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ جي ادارت جا فرائض به سنڀاليا هئا.

سياسي بيداري ۾ ادب جو سرگرم ڪردار رهيو آهي، ادب به انهن تحريڪن کان متاثر ٿيو. ۱۹۳۹ع ۾ سنگهٽن تحريڪ جي اثر هيٺ برطانوي هندستان ۾ اردو، هندي تنازعي شدت اختيار ڪئي ته سنڌي ۾ به اردو جي تائيد ۾ زوردار تحريڪ شروع ٿي. آڪٽوبر ۱۹۳۸ع ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي اجلاس ۾ اردوءَ جي حمايت ۾ قرارداد منظور ٿي ۽ ائين تحريڪ پاڪستان حوالي سان سنڌي ۽ اردو جا گڏيل رابطا وڌيڪ مضبوط ٿي ويا.

ان ئي تحريڪ جي اثر هيٺ سنڌ ۾ عربي رسم الخط ۽ زيرن زبرن جي استعمال تي هندن مخالفت جو طوفان مچايو. ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ڪتاب ”ابيات سنڌي“ تي هندو اديبن ۽ اخبارن اعتراض ڪيا. هندو اعتراض ڪندڙن ۾ ڄيٺمل پرسرام، رام پنجواڻي، ٽي ايل پنواني، ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ لعلچند امرڏنومل اڳيان اڳيان هئا.

ڊاڪٽر دائود پوٽي سنڌي زبان جي عربي رسم الخط جي تحفظ جي تحريڪ ۾ سرگرميءَ سان حصو ورتو ڇو ته هي سنڌي مسلمانن جي قومي تشخص جي نشانين مان هئي ۽ انجي ختم ٿي وڃڻ سان يا انکي سنسڪرت حرفن جي ملاوت يا رسم الخط جي تبديليءَ سان اسان جو قديم ادب جيڪو اڪثر ديني معاملن جي وضاحت تي مشتمل هو. فائديمند نه پيو رهي سگهي. ايندڙ نسلن جي لاء ان جي حيثيت فقط تبرڪ يا آثار قديمه جهڙي رهجي وڃي. جيئن ته هڪ طرف برطانوي هندستان جي ٻين صوبن هندي، اردو لساني تنازعي ۾ سرگرميءَ سان حصو وٺي اردو جي حفاظت ڪئي ته سنڌ ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڪوششن سان علامه اسدالله ٽکڙائي، حڪيم مولوي فتح محمد سيوهاڻي، مولانا حاجي دين محمد وفائي، حڪيم مولوي حاجي عبدالڪريم چشتيءَ عربي/ فارسي حرفن جي املا (ٻوليءَ جو رسم الخط) ۽ عربي رسم الخط جي مخالفت ۾ پيش ڪيا ويا، اعتراضن جي خاموش ٿيندڙ ۽ مدلل جواب ڏنا ۽ آخرڪار هي طوفان ٿمجي ويو. ان فقري ۾ سنڌي روزانه ”الوحيد“ ۽ اردو روزنامه ”حيات“ ڪراچي اثرائتو ڪردار ادا ڪيو.

مجلس تاريخ سنڌ:

آزاديءَ کانپوءِ سنڌ مان هندن جي لڏي وڃڻ جي ڪري سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي (مجلس تاريخ سنڌ) جون سرگرميون جهڪيون ٿي ويون هيون. ڊاڪٽر صاحب مجلس کي نئين سر زنده ڪيو ۽ تاريخي ليڪچرن جو انتظام ڪيو، پر پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي قائم ٿيڻ جي ڪري هڪ ئي شهر ۾ قومي مجلس تاريخ جي مقابلي ۾ صوبائي مجلس تاريخ سڏڪا ڀريندي هميشه جي لاءِ دفن ٿي ويئي. پوءِ به ڊاڪٽر دائود پوٽو تاريخ سنڌ جي تحقيق ۽ اشاعت جي سلسلي ۾ جيڪو ڪم سرانجام ڏنو هو انجو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.

سنڌ جي تاريخ جي ماخذن جي سلسلي ۾ ڪو به معتبر ڪتاب شايع نه ٿيو ۽ جيڪي ڪتاب مختلف ادارن طرفان شايع ٿيا اهي حڪايتن ۽ روايتن تي مشتمل هئا. يا انهن ۾ شوق مزو اڻلڀ هئو. عربن جي حملي کان اڳ جون حالتون تمام ٿوريون مختلف ڪتابن ۾ کنڊڙيل هيون. داڪٽر دائود پوٽي ان اهم ڪم ڏانهن توجہ ڏنو. اڪبر جي دور جي هڪ امير، مير محمد معصوم شاھ بکري جي فارسي تاليف ”تاريخ سنڌ“ جيڪا عرصي کان موجود نه هئي. ڊاڪٽر صاحب ان جو هڪ نئون ايڊيشن ۱۹۳۸ع ۾ شايع ڪرايو ۽ پنهنجي طرفان تمهيد، حاشي، تعليقات، استدرڪات (سمجهاڻيون) ۽ فهرست جو واڌارو ڪيو، جيڪو نهايت محنت طلب ۽ تاريخي بصيرت (ڏاهپ) جو ڪم هئو. ان تاريخ سنڌ بابت هڪ ٻئي فارسي ڪتاب ”فتح نامه سنڌ“ عرف ”چچ نامو“ کي به اهڙي طرح نظرثاني کانپوءِ ۱۹۳۹ع ۾ شايع ڪيو.

ڪتاب جي متن جي صحت جي سلسلي ۾ هن پٽنه ۽ ڪلڪتي جو سفر ڪيو. مولانا ابوالڪلام آزاد هي ڪتاب ڏسي، ڊاڪٽر دائودپوٽي جي علمي لياقت ۽ تاريخي تحقيق ۾ مهارت جو داد ڏنو هو.

لاهور ۾ رهائش دوران ڊاڪٽر صاحب ادبي محفلن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو عربي ۽ فارسيءَ ۾ پنهنجي عالمانه تقريرن سان دانشورن ۾ اعليٰ مقام پيدا ڪيو. سندن دوستن جي حلقي ۾ مولوي محمد شفيع، مولانا غلام رسول مهر، مولانا عبدالمجيد سالڪ، شمس العلماء احسان الله خان، تاجور نجيب آبادي جهڙا مشهور علماء هئا. علامه تاجور سان ته دائود پوٽي صاحب جون ڊگهيون ڪچهريون رهيون ڇو ته ٻئي عربي تعليم جي واڌاري جا جوشيلا مبلغ هئا.

اسلامي زندگيءَ جو خاڪو قرآن مجيد ۾ گڏ ڪيل آهي، جيڪو عربي زبان ۾ آهي. هن سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ عربي زبان جي واڌاري جو خاص بندوبست ڪيو، سنڌ جي ناظم منتظم تعليم جي حيثيت سان اعليٰ ثانوي جماعتن ۾ عربيءَ کي لازمي مضمون جي طور تي رائج ڪيو. عربي يونيورسٽيءَ جي قائم ڪرڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي جيڪا لاڀائتي ته نه ٿي سگهي، پر هاڻي به جامعه عربيه هاءءِ اسڪول حيدرآباد جي صورت ۾ هن جدوجهد جا آثار اڃا آهن.

۱۹۵۵ع ۾ ڊاڪٽر صاحب پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ حج جو فرض ادا ڪيو. انکانسواء هن دمشق، بيروت، يروشلم ۽ مصر جو سفر ڪيو. واپسيءَ تي بغداد، ڪربلا، نجف ۽ بحرين ۾ به ترسيو.

ڊاڪٽر دائود پوٽي پنهنجي پياري عمر جا ۶۲ سال علمي ادبي ڪاوشن ۾ گذاريا. پاڻ سنڌي ادب جي اڪابرن مان هئا ۽ سندن علمي فضيلت ۽ ادبي عظمت ٻاهرين ملڪن ۾ به مڃي ويئي انکانسواءِ پاڻ اسلامي علمن ۽ فنن جي سلسلي ۾ به مضبوط نقش ۽ يادگار ڇڏيا آهن.

پاڻ ۱۰- جمادالاول ۱۳۷۸ھ مطابق ۲۲ نومبر ۱۹۵۸ع تي وفات ڪئي ۽ ڀٽ شاھ تي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي پيرن ۾ سندن آرام گاھ ٺهي.

ضميمو الف- علامه دائود پوٽي جون تصنيفون:

شايع ٿيل ڪتاب:

۱. طيبات سعدي، متن، تعليقات ۽ انگريزي ترجمون ۱۹۲۳ع.

۲.   شاھ جو رسالو، پروفيسر گربخشاڻي سان گڏ (ٽن جلدن ۾) ۳۱- ۱۹۲۳ع.

۳.   مرشدالمبتدي، حصو پهريون ۽ ٻيو ۳۱- ۱۹۲۹ع.

۴.   سرها گل، تمهيد، ترجمو ۽ تعليقات (سنڌي) ۱۹۳۲ع.

۵.   مجموعه النشروالنظم- (عربي) ۱۹۳۲ع.

۶.   روائع بوستان منتخبات، تمهيد، تعليقات سان گڏ ترجمون. ۱۹۳۴ع

۷.   عيار دانش ابوالفضل ۱۹۳۴ع

۸. سياست نامه نظام الملڪ اشاعت جي تاريخ ناهي

۹.   نفحات حافظ، منتخبات تمهيد سوڌو. اشاعت جي تاريخ ناهي.

۱۰.  منهاج العاشقين. ۱۹۳۴ع.

۱۱.   عربي شاعريءَ جو فارسي شاعري تي اثر. (انگريزي) ۱۹۳۴ع.

۱۲.  چونڊ نثر ۽ فارسي نظم- (بمبئي يونيورسٽي جي لاءِ ۱۹۳۶ع

۱۳.  بيان العارفين ۱۹۳۷ع.

۱۴.  سروي آف ماس ايجوڪيشن. (انگريزي)  ۱۹۳۷ع.

۱۵.  قطعات ابن يمين، منتخبات، تمهيد، حاشي تعليقات سان گڏ ترجمون. ۱۹۳۸ع.

۱۶.  سفرنامون ناصر خسرو، تمهيد، تعليقات ۽ ترجمون. ۱۹۳۸ع.

۱۷.  روشنائي نامه ۽ ناصر خسرو. ۱۹۳۸ع

۱۸.  تاريخ معصومي (فارسي) تمهيد، حاشي، تعليقات، سمجهاڻيون ۽ فهرست. ۱۹۳۸ع

۱۹.  تاريخ چچ نامو- (فارسي) ۱۹۳۹ع.

۲۰. ابيات سنڌي (شرح سان گڏ) ۱۹۳۹ع

۲۱.  سنڌي نثر و نظم جي چونڊ- (بمبئي يونيورسٽيءَ جي لاءِ ۱۹۴۰ع

۲۲. سنڌي نظم. ۱۹۴۴ع.

۲۳. چونڊ سنڌي نثر ونظم ۱۹۴۸ع.

۲۴. مدارج قرآئت العربيه. (ٽن جلدن ۾) ۱۹۵۰ع

۲۵. حمزه الاصفحاني جي تاريخ جي هڪ باب جو ترجمو (انگريزي) اشاعت جي تاريخ ناهي.

۲۶. آغاز فارسي. (چئن جلدن ۾) ۱۹۵۱ع

۲۷. دروس العربيه (چئن جلدن ۾) ۱۹۵۳ع.

۲۸. ڪلام گرهوڙي، تمهيد ۽ تعليقات وغيره ۱۳۷۶ھ ۱۹۵۴ع.

 

(ٽماھي مھراڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو جي شماري ۲/۲۰۲۲ع تان ٿورن سان کنيل)

ڊاڪٽر عمر دائود پوٽي جي ادبي عظمت ۽ پورهيو

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ڊاڪٽر عمر دائود پوٽو ۲۵ مارچ اربع ڏينهن ۱۸۹۶ع مطابق ۹ شوال ۱۳۱۲هه ۾ ضلعي دادو جي تعلقي سيوهڻ جي ڳوٺ ٽلٽيءَ ۾ جنم ورتو، ڊاڪٽر عمر الدين جو والد محمد خان جا وڏا سکيا ستابا هئا پر ڪجهه حالتن جي سبب ڪري مسڪين ٿي ويا، انهيءَ ڪري عمر الدين جو ننڍ پڻ تمام ڪمسپرسيءَ واري ماحول ۾ گذريو پر هن باهمت نينگر ڪڏهن به همت نه هاري. ۱۹۰۳ع کان ۱۹۱۰ع تائين ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ۱۹۱۷ع ۾ سنڌ مدرسة الاسلام مان مئٽرڪ ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيائين، بي اي ۾ فرسٽ ڪلاس ڊي جي ڪاليج مان کنيائين ۽ ايم اي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي کين يونيورسٽيءَ مان “چانسلر ميڊل” عطا ٿيو. ۱۹۲۴ع ۾ هندوستان حڪومت کين ڪئمبرج يونيورسٽي انگلينڊ ۾ اسڪالرشپ تي موڪليو، جتان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪندڙ سنڌ جو هيءُ پهريون سنڌي هو. سندن ڊاڪٽريٽ جو موضوع آهي، “عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر”. هن انتهائي غريب پر بي انتها ذهين ٻار ننڍپڻ کان ئي تعليم جي ميدان ۾ اسڪالرشپون حاصل ڪيون ۽ پنهنجي تعليمي خرچ جي پورائي لاءِ کٽون واڻيائين، تغاريون کنيائين، فارغ وقت ۾ شاگردن کي ٽيوشن ڏنائين. دائود پوٽي صاحب کي عربي، فارسي، انگريزي ۽ سنڌي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو، پاڻ ٻولين جي لاءِ جوڙيل، “بورڊ آف اسٽيڊيز” جو ميمبر هو. ٻاهران پڙهي اچڻ کان پوءِ سنڌ مدرسة الاسلام جو پرنسپال مقرر ٿيو. ۱۹۳۰ع کان ۱۹۴۱ع تائين اسماعيل ڪاليج بمبئيءَ ۾ عربيءَ جو پروفيسر رهيو، ۱۹۳۹ع ۾ تعليم کاتي کين، ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪٽر سنڌ جي اهم عهدي لاءِ چونڊيو، جتي پاڻ يارنهن سال رهيو ۽ سنڌ جي تعليمي حالتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪيتريون ئي عملي ڪوششون ورتائين. پرائمري تعليم کي سنڌ ۾ لازمي مقرر ڪيائين. ۱۹۵۰ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ٿيو ۽ پنج سال هن اهم عهدي جون ذميداريون ايمانداريءَ سان سنڀاليائين. ۱۹۵۵ع ۾ علامه صاحب جن اولهه پاڪستان پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر جي حيثيت سان پنهنجون خدمتون هڪ سال سرانجام ڏنيون ۽ ۱۹۵۶ع ۾ پينشن ورتائين. ۲۲ نومبر ۱۹۵۸ع تي هن مشهور و معروف تعليم دان ۽ محقق جي وفات ٿي. سندن وصيت مطابق کين ڀٽ ڌڻيءَ جي روضي وٽ دفنايو ويو.

ڊاڪٽر دائود پوٽي کي ۱۹۴۰ع ۾ شمس العلماءَ جي لقب سان نوازيو ويو. هيءُ اعزاز سندن بي بها علمي و ادبي خدمتن جي طور کين عطا ٿيو، کين سنڌ جو چوٿون شمس العماءَ شمار ڪيو وڃي ٿو. پاڻ مهراڻ رسالي جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. سنڌي ادبي بورڊ لاءِ سندن ڪيل خدمتون نه وسارڻ جوڳيون آهن، انهيءَ کانسواءِ سنڌي ادبي سوسائٽي جو ميمبر رهيو، ايران ۽ مصر جي ثقافتي انجمنن ۽ يونيورسٽين جو اعزازي ميمبر رهيو. ڊاڪٽر دائود پوٽي جون سنڌي علم و ادب جي ترقيءَ ۽ ترويج لاءِ ورتل ڪوششون مقدم آهن.

هن ڪئين ڪتاب تصنيف ۽ تاليف ڪيا، جيڪي فارسي، عربي، انگريزي ۽ سنڌيءَ ۾ آهن. سنڌي ڪتابن ۾ “سُرها گل”، “سنڌي نظم ۽ نثر جو انتخاب”، “سنڌي نظم”، “تاريخ معصومي”، “بيان العارفين”، “ابيات سنڌي”، “ڪلام گرهوڙي”، “مضمون ۽ مقالا” “شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام”، “چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم (ٻه ڀاڱا) “منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي”، منهاج العاشقين” ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. سندن لکيل مضمونن ۽ مقالن جو معيار بلند آهي، اهي مضمون ۽ مقالا، الوحيد، نئين زندگي، مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ وقت به وقت ڇپجندا رهندا هئا، جن مان ڪي جمع ڪري ڪتاب، “مضمون ۽ مقالا” ۾ شايع ڪيا ويا آهن، طرز تحرير فارسي ۽ عربيءَ جي مقولن، شعرن ۽ سهڻن لفظن سان سينگاريل آهن. تاريخ ۽ سنڌ جي مشاهيرن جي سوانح ۽ ڪلام جي ترتيب و تحقيق جي ميدان ۾ هن عالم پاڻ ملهايو، عربي شاعريءَ تي فارسيءَ جو اثر علامه صاحب جي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز شُسته انگريزيءَ ۾ هڪ مشڪل موضوع تي آهي، جنهن جي صرف موضوع مان ئي علامه صاحب جي شاعريءَ ۽ ٻولين جي دسترس جي ڄاڻ پوي ٿي، هن مقالي جو هڪ باب علامه صاحب جي ڪتاب مضمون ۽ مقالا جي آخر ۾ ڏنل آهي.  لطيفيات ۾ دائود پوٽي صاحب گهڻو ڪم ڪيو پاڻ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي ۾ ساڻن گڏ هو، جنهن جو اعتراف ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ به ڪيو آهي.

ڊاڪٽر صاحب جن جي گربخشاڻي صاحب سان معاون هئڻ ۽ پوءِ ڌار ٿيڻ ۽ اهو دعويٰ ڪرڻ ته اهو رسالو پاڻ مرتب ڪيو اٿن، تي ڪئين متضاد رايا پڻ آهن. پر اها حقيقت آهي ته دائود پوٽي صاحب لطيف شناسيءَ تي دل سان ڪم ڪيو آهي. سندن لکيل مقالا ۽ مضمون جيڪي وقت به وقت مختلف مخزنن ۾ ڇپيا هئا، اهڙن مقالن ۾، “انسان ڪامل شاهه لطيف جي نظر ۾”، “شاهه جو صوفياڻو شعر”، “شاهه ۽ رومي”، “شاهه جي تصوير”، “ڀٽ تي ڀيرو”، “شاهه کان اڳ جا شاعر”، “سنڌي شاعري سنڌي شعر”، “سنڌي ادب جي تاريخ”، “ادبي ذوق”، “شيخ عبدالرحيم گرهوڙي”، “بيڪس سنڌ جو مشهور شاعر”، “شاهه ڪريم شريعت ۽ طريقت جو روشن ستارو”، “قاصي قاضن”، “خواجه زمان”، “آخوند لطف الله”، “عيدالفطر”، “حج عورت ۽ اسلام”، “برٽن صاحب جي سنڌي”، “سنڌي ادب تي نظر”، “سنڌ جون اڳوڻيون روايتون ۽ علم ادب”، “بارانِ رحمت” ۽ ٻيا آهن. جن کي پڙهي سندن علميت جو متعرف ٿيڻو پوي ٿو.

دائود پوٽي صاحب جو ڪتاب مضمون ۽ مقالا، سندن شريڪ حيات خانم خديجه دائود پوٽو ترتيب ڏنو، ۱۹۷۵ع ۾ شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز شايع ڪرايو، جنهن ۾ ڪل چاليهارو ليک آهن، جن ۾ شاهه لطيف جي فن جي باري ۾ آيل ليکن ۾ “شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو احوال”، “شاهه جي عظمت”، “شاهه جي صوفياڻي شاعري”، “تقدير تدبير جو مسئلو”، شاهه ۽ “روميءَ جي ڀيٽ”، “وحدت الوجود”، “شاهه جي نظر ۾ انسان جو تصور” آهن، هيءَ هڪ عمدي تصنيف آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۴ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي ولادت جي تاريخ بابت وضاحت

خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي/سيوهڻ



روزانه ڪاوش ۲۲ مئي ۲۰۱۳ع ۾ محترم ذوالقرنين شاهه جو هائيڊ پارڪ ۾ هڪ خط بعنوان، ”ولادت جي تاريخ بابت دُرستگي“ ڇپيو آهي، جنهن ۾ هن ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي ولادت ۽ وفات جي تاريخ بابت دُرستگي ڪئي آهي. ان لاءِ عرض ته، مان پنهنجي لکيل ڪتاب ”سيوهڻ صدين کان“ جي تياريءَ لاءِ هڪ مضمون، ”علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، صفحو ۳۸۸“ لکي ٽلٽي وڃي استاد ڊاڪٽر محمد اشرف منصور دائود پوٽي (علامه جو گهَرو فرد، عمر اٽڪل هڪ سئو سال) کان تصديق ڪرائي، پاڻ لکيائين ته، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو بن حاجي محمد بن ميان عبدالمطلب، پهرين جون ۱۸۹۷ع/۱۳۱۳ هه ۾ سيوهڻ تعلقي جي ٽلٽي ڳوٺ ۾ ڄائو، سندس ولادت جي تاريخ سرڪاري دفتر موجب، داخلا ۲۵ مارچ ۱۸۹۶ع/۱۳۱۲ هه ٿيل آهي، اهو ساڳيو مضمون مون محترم عبدالڪريم دائود پوٽي (حال ڊائريڪٽر جنرل) کان پڻ تصديق ڪرايو، جنهن پڻ ٻڌايو ته علامه صاحب جي جنم جي اصل تاريخ ۱ جون ۱۸۹۷ع/۱۳۱۳ هه آهي، جڏهن ته دفتري داخلا ۾ ولادت ۲۵ مارچ ۱۸۹۶ع/۱۳۱۲ هه ڄاڻائي وئي، ان ڪري سندس ڄم تاريخ ۾ اختلاف آهي، محققن ۽ ليکڪن ٻنهي تاريخن کي حوالي هيٺ آندو آهي، وفات جي تاريخ تي ڪو اختلاف ڪونهي، سندس وفات جي تاريخ ۲۲ نومبر ۱۹۵۸ع/۱۳۷۸هه آهي. ۲۲ مئي ۲۰۱۳ع واري ڪاوش مئگزين ۾ شوڪت چاچڙ، پروفيسر امينه خميساڻي جي احوال ۾ علامه دائود پوٽي، علامه آءِ ءِ قاضي ۽ امينه خميساڻي جي پيدائش جو اباڻو هنڌ ’پاٽ‘ لکيو آهي، ان لاءِ وضاحت ڪجي ٿي ته، علامه دائود پوٽي جو جنم هنڌ پاٽ نه بلڪ ٽلٽي آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا