; سنڌي شخصيتون: لعل بخش جوڻيجو - ماما رمضان ساريو

27 June, 2017

لعل بخش جوڻيجو - ماما رمضان ساريو

لعل بخش جوڻيجو
سندس ساروڻيون
ماما رمضان ساريو
لعل بخش جوڻيجو 19 جون 1955ع ۾ هاري مزدور غلام رسول جوڻيجو جي گهر ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ دڙا ۾ ڪئي، ويهن سالن جي عمر ۾ سماجي ڪم ڪرڻ ۾ سڀني دوستن کان اڳڀرو رهيو، لعل بخش جوڻيجو وطن دوست ليڊر فيڊريشن ۾ سدائين رهندو آيو، هر ڪنهن دوست جي خواهش هوندي هئي ته جنرل سيڪريٽري جو عهدو ڪامريڊ کي ڏيو جو محنت ڪندڙ آهي، باڊهه شهر جي مختلف ڳوٺن ۾ وڃي غريب هاري مزدورن جي نياڻين لاءِ ڏاج فارم ڀرائي انهن بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪئي.


ڪنهن هاري مزدور سان پوليس جي زيادتي خلاف اٿي پوندو هيو ۽ ساٿ ڏيڻ لاءِ سڀئي دوست اڳواڻ باڊهه شهر جا سياسي سماجي هاري، مزدور سڀئي گڏجي اٿي پوندا هئا، ڪهڙو به مسئلو هجي ته انهيءَ وقت حل ٿي ويندو هيو، ماما لعل بخش جوڻيجو انتهائي غريب سچو ۽ ايماندار ماڻهو هيو، هر ڪنهن ڏکايل انسان جي مدد ڪندڙ هيو، جيڪڏهن ڪنهن آفيسر سان جائز مسئلي تي ڦڏو فساد ٿيو ته انهي کان ڪنهن طريقي سان ڪم وٺي ويندو هيو، نه ته انهي وقت احتجاج ڪندو هيو، ڀلي ڪيتري به طاقت رکندڙ ماڻهو هجي انهيءَ اڳيان ڪڏهن به نه جهڪيو.
2005 ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ باڊهه جي يوسي ۽ ٻهراڙي جي ڳوٺن مان عوام ووٽ سان ڪائونسلر چونڊجي آيو، جنهن کان پوءِ لعل بخش جوڻيجو تي هتان جي عوام جون ذميوارون وڌي ويون ۽ عوام جا بار پنهنجي ڪلهن تي کنيا، بغير ڪنهن لالچ لوڀ جي مختلف ڳوٺن جي عوام لاءِ رات ڏينهن محنت ڪئي، هن وقت به ماڻهو اکين مان لڙڪ هاري ٻڌائين ٿا ته ڪامريڊ اسان غريبن لاءِ ڇپر ڇانو هيو، هر ڏکئي وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏيندڙ ساٿي هيو، هن وقت اسان انتهائي ڏک صدمي ۾ اچي ويا آهيون، ڪامريڊ جو خال ڀرجڻ تمام ڏکيو آهي، ماما صدرالدين مسڻ جيڪو ننڍپڻ کان ماما لعل بخش جوڻيجو جو ويجهو دوست آهي انهيءَ روئيندي ٻڌايو ته اسان جو ساٿي انتهائي سچو انسان هيو، هر ڪنهن ڏکايل انسان جي مدد ساٿ ڏيڻ وارو هيو، ساٿي هن وقت اسان کان جدا ٿي ويو آهي، ڪنهن کي ساٿي ڪري ڀاڪر پائي ملون، اسان پنهنجي قائد ساٿي کي اڪيلو نه ڇڏيو، ڪنهن به غريب سان زيادتي ٿيندي هئي ته احتجاجن ۾ گڏ  هئاسون، اسان جو ساٿي ڪافي ڀيرا جيلن ۾ ويو پر ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيو، هو هاري مزدورن جو سچو عاشق هيو.
پيپلز پارٽي پينل جي طرفان 2005 بلدياتي اليڪشن ۾ چونڊيل مختلف ضلعي لاڙڪاڻي جي يوسيز جا اميدوار سڀئي منورعباسي جي هائوس محله وليد، شهر لاڙڪاڻي ۾ رهيل هئاسين، صبح جو اخبار ۾ تصويرن سان نيوز آئي ته وطن دوست ليبر فيڊريشن جو اڳواڻ ڪامريڊ لعل بخش جوڻيجو ضلعي لاڙڪاڻي اتحاد ۾ اعلان ڪيو آهي، مام لعل بخش جوڻيجو ڳاڙهو ٿي ويو، انهيءَ وقت منور عباسي کي چيائين ته منهنجي ترديد ڪرايو، مان اوهان سان آهيان، ووٽ شهيدن جي امانت آهي، اسين جمهوريت خاطر ووٽ پيپلز پارٽي کي سدائين ڪندا رهيا آهيون، انهي ڏينهن تي شام جو مختلف نيوز چينلن جا نمائندا آيا جن جي اڳيان ماما لعل بخش جوڻيجو ڳالهايو، ٻئي ڏينهن تي مختلف اخبارن ۽ چينلن تي نيوز آئي ته انتهائي خوشي ۾ اچي ويو، اسان يوسي بگي جا 4 دوست، باڊهه شهر جا 2 دوست، جن ۾ ماما لعل بخش جوڻيجو ڳوٺ لڌاڻي، ماما محمود سومرو شهر باڊهه، ماما ڪامريڊ ٺارو خان ماڇي ڳوٺ ٻلهڙيجي، سڪندر علي عرف خان مشور، ڳوٺ حاجي مشوري، الطاف سومرو ڳوٺ حاجي لعل بخش شيخ ۽ آئون سڀئي دوست عباسي هائوس تي گڏ هئاسون، 20 سيپٽمبر 2005 تي رات جو ٻارهين وڳي بلو لائين ڪوچ نڪتي، اوچتو ماما خان محمد سانگهرو ڪوچ ۾ چڙهي آيو هر هڪ ميمبر کي 15 سئو روڪ خرچي ڏني جڏهن مون وٽ پهتو مان کيس جواب ڏنو ته مان پئسا نه وٺندس، ماما لعل بخش جوڻيجو مون سان گڏ ويٺو هيو، انهيءَ به پئسا وٺڻ کان کتو جواب ڏنو، ماما خان محمد سانگهرو منور عباسي کي ٻڌايو ته ڪوچ ۾ باقي ٻه ماڻهو رهيل آهن جيڪي مون کان خرچي نه ٿا وٺن بعد ۾ اسان ڏانهن منور عباسي  دوستن سميت ڪوچ ۾ چڙهي آيو، هٿ جوڙي چيائين بابا هي اوهان جي خرچي آهي مون کان پنهنجي هٿن سان وٺو، اسان کي ڏک نه ڏيو، بعد ۾ اسان ٻنهي دوستن خرچي ورتي، 21 سيپٽمبر تي منجهند جو ملتان شهر ۾ پهتاسين ڪوچ ۾ هر ڪو ئي دوست ٿڪل هيو، سڀئي آرام ۾ اچي ويا. 15 ڏينهن پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ رهياسين جنهن ۾ ملتان، راولپندي، ڪوهه مري ، اسلام آباد جو دورو ڪيو.
منهنجو ماما لعل بخش جوڻيجو سان واسطو گهڻو رهيو، مان جڏهن به مريض علاج واسطي ڪراچي جي مختلف اسپتالن ڏانهن کڻي ويندو هيس جڏهن مريض صحتمند ٿيڻ کان پوءِ منهنجي ڳوٺ ڏانهن واپسي ٿيندي هئي ته اسان خوشحال خٽڪ ٽرين جو سفر ڪندا آهيون، سهولت حوالي سان باڊهه اسٽيشن تي صبح 7 وڳي لهندا هئاسين، اتي اڳئي ٽرين جي انتظار ۾ ماما لعل بخش جوڻيجو لارڪاڻو جي وڃڻ لاءِ تيار بيٺو هوندو هو، مان پنهنجن سڀني مريضن کي ٽرين مان لاهي سامان وغيره ڏئي انهن کان اجازت وٺي ٻئي دوست ٽرين ۾ ڪچهري ڪندي ڪلاڪ جي اندر سفر ڪندي لاڙڪاڻو اسٽيشن تي لهي پوندا هئاسين، ڪنهن ننڍڙي هوٽل تي ويهي چانهه بسڪيٽ کائي هر ڪوئي پنهنجي ڪم سانگي سان هليو ويندو هيو.

ڪامريڊ لعل بخش جوڻيجو ڳلي جي تڪليف سبب جناح اسپتال ڪراچي ۾ داخل هيو جيڪو 23-2-2017 جمعي جي ڏينهن فوت ٿي ويو آهي. منهنجون دعائون آهن ته سندس جي دوستن عزيزن ڀائرن ۽ اولاد کي ماما لعل بخش جوڻيجو جو پيغام کني انهي جي وٽ تي هلي هتان جي غريب عوام لاءِ خدمت جاري رکن.

No comments:

راءِ ڏيندا